•
”سنڌي ادب ۽
سنڌ جو انساني سماج “
_ عنوان واري انٽرويوءَ ۾ عالمي ادب جي
نسبت ۾ سنڌي ادب جي صورتحال ، سنڌي ليکڪن جي
ذميوارين ، سنڌ جي سماج جي سنڌي اديب ڏانهن رويي ،
دنيا اندر آيل سماجي ۽ سياسي تبديلين بابت ويچار
ونڊيل آهن ۽ هيءُ انٽرويو (انگريزيءَ مان ) ترجمو
ڪيو ويو آهي .
•’سنڌي
صحافت جو نئون دور‘-
هلال پاڪستان اخبار جي ڏهين سالگره جي موقعي تي
جويي صاحب جو لکيل مضون آهي، جنهن ۾ هن اخبار جي
اجراءَ کي سنڌي صحافت جي دنيا ۾ هڪ انقلابي قدم تي
رکيل هو)، اُن جي ٻئي جنم نشات ثانيه (18 صديءَ
جي آخر ۾ آيل 1776ع جي آمريڪي انقلاب ۽ 1789ع جي
فرينچ انقلاب، جن موجب،’حڪمرانيءَ جي سڄي طاقت يا
اختيار، ماڻهن وٽان، عوام وٽان، خلق وٽان ملي ٿو
۽ هي حڪمران فقط ماڻهن جا، عوام جا، خلق جا عارضي
نمائندا آهن) کان وٺي ’عوامي جمهوريت‘ (1917ع جي
روسي انقلاب ) جو سفر بيان ڪري نتيجو ڪڍيو ويو آهي
ته هن وقت دنيا اندر جمهوريت جا ٻه بنيادي تصور
آهن: ’هڪ مغربي. تصور ‘، جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف
آمريڪا ۽ مغربي يورپ جي ملڪن وغيره ۾ رائج آهي، ۽
ٻيو ’مشرقي تصور‘، جيڪو سوويت روس ۽ چين جي رعيتي
راڄ ۽ دنيا جي ٻين س+وشلسٽ ملڪن ۾ رائج آهي. پر
انهن ٻنهي تصورن جي سنگم يا امتزاج
(synthesis)
وسيلي ’وچين راهه، سچي راهه‘
(In Medio Virtus)
ڪڍي سگهجي ٿي. ’جنهن سان آزاديءَ ۽ مساوات ۾ همدمي
۽ مطابق پيدا ٿي سگهي ٿي، ۽ اهوئي واحد وسيلو آهي،
جنهن ذريعي اڄ جي ’عالمي تناءَ‘ جي هڪ مکيه جڙ
کي اکوڙي ڪڍي سگهجي ٿو‘.
•”
امن جي جنگ ، انسان جي بقا لاءِ“-
مضمون، جويي صاحب جو طبعزاد مضمون آهي، جنهن ۾
دنيا جي انسان جي بقا لاءِ امن جي اهميت جو احساس
ڏياريندي، ٻيءَ عالمي جنگ جي محاذ تي استعمال ٿيل
بارود، هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي شهرن اندر لکين
انسانن جي قتل، 1945ع کان 1982ع تائين دنيا اندر
موجود ائٽمي بمن (جن جو تعداد 50 هزار آهي)،
آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي’خودفريب ديوانگي‘،
اعصابي گئس جي استعمال ۽ اُن مان رسيل نقصان،
موتمار ميزائلن جي موجودگيءَ ۾ امن لاءِ اُٿندڙ
آوازن ۽ تحريڪن (جن ۾ مئي 1982ع ۾ روس اندر 110
ملڪن جي مذهبي ڪارڪنن جي’هٿيارن کي روڪڻ ۽ ائٽمي
هٿياربنديءَ جي خاتمي‘ لاءِ سڏايل عالمي امن
ڪانفرنس به شامل آهي) جي حمايت ڪئي آهي، ۽ امن جي
حمايت ۾ جرمن شاعر، جرڊئيشن ۽ ڊينمارڪ جي شاعر
اِفي آهي. ٻِئي مضمون ’انساني غيربرابريءَ جي
ابتدا‘ (جي.جي. روسو) ۾ انسانن جي وچ ۾ فطرتي
يا طبعي ننڍ وڏاين ۽ سياسي يا سماجي غيربرابرين تي
تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته تاريخ
حيات جي ڪهڙيءَ منزل تي انسان، فطرت
(Nature)
طرفان مليل خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي ڇڏي، مصنوعي
۽ خودساخته غلاميءَ جي زنجيرن (سياسي يا سماجي
غيربرابرين) ۾ گرفتار ٿيو آهي. آخر ۾ فرينچ
فلاسافر، ٻه نتيجا ڪڍي ٿو: (1) فطرت جي نظام ۾ ڪا
خاص غيربرابري موجود ڪانه آهي، پر انسانن ۾ موجود
سموري غيربرابري خود انسان جي ذهن جي ارتقا ۽ ذهني
قوتن جي اوسر مان پيدا ٿي، مستحڪم بڻجي، ذاتي
ملڪيت جي سرشتي هيٺ ’حق بجانب‘ بڻجي وئي آهي. (2)
سماجي يا قانوني غيربرابري- جڏهن به فطرت پاران
عائد ٿيل جسماني غيربرابريءَ جي مناسبت کان مٿي
هوندي، تڏهن اُها فطري حق ۽ فطري انصاف جي ورڌ
سمجي ويندي.
• ’ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي خبر آهي‘-ڪتاب،
’گائيڊٽُ فلاسافي‘ جو پهريون باب آهي، جنهن ۾
’ٻاهرينءَ دنيا‘ بابت اسان جي حاصل ڪيل ڄاڻ تي
روشني وجهندي، فلسفيانه انداز ۾ نتيجو ڪڍيو ويو
آهي ته: ’ٻاهرينءَ دُنيا متعلق اسان کي جنهن به
سلسلي ماتحت خبر يا ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، اُنهيءَ
سلسلي ۾ اسان جي ذهن جو زياده دخل آهي يا اسان جي
بدن ۽ حواسن جي عضون جو، - ٻنهي حالتن ۾ هن خيال
کي اسين ڪنهن به طرح نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته
دنيا جون جيڪي به خاصيتون اسين معلوم ڪريون ٿا ،
تقريباً اُنهن سمورين خاصيتن جو انحصار اسان تي
آهي.‘
•’جمهوريت،
انسان ذات لاءِ‘-
برازيل جي مصنف ۽ بين الاقوامي انتظام ۽اقصاديات
جي ماهر
Fonseca Pimental
جي مضمون جو ترجمو آهي، جنهن ۾ جهموريت جي پهرئين
جنم جي تاريخ بيان ڪندي(جنهن موجب اُن جو جنم
يونان ۾ ٿيو، پر اُها محدود جمهوريت هئي، ۽ اُن
اعليٰ جمهوريت جو بنياد غلامن جي پگهر ۽ رت هئا.
پراڻيءَ دُنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي ڍير ٿي
پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي هر زنجير کي ڇني،
اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کُلي پيو هو. منهنجي ۽ هن جي
دوستي، روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي، جنهن روميءَ
جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته اُنهن ۾ آگ لڳي وئي
هئي.“ (ص174)
مُحمد ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو
آهي، ان ۾ شڪ ڪرڻ ڪفر آهي. هن سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي
شاعرن جي ٽمورتي-شاهه، سچل ۽ ساميءَ- جي جنهن
انداز ۾ پنهنجي ڪتاب ’شاهه، سچل، ساميءَ ۾ پرک ڪئي
آهي، ان جو مثال اڄ تائين نه ٿو ملي. جديد شاعريءَ
جي حوالي سان شيخ اياز جي اٺن(8) شعري مجموعن،
خاڪي جويي جي ڪتاب ’آزاد گُهرجي وطن‘ (مارچ،
1973ع)، مختيار ملڪ جي ٻاراڻي شاعري ٽم ٽم
ٽانڊاڻا‘ (24ڊسمبر1979ع)، اياز گل جي شعري مجموعي
’پيلا گُل پلاند ۾ (1980ع)، ابراهيم منشيءَ جي
ڪتاب گوندر ويندا گذري‘ (12- آگسٽ، 1985ع) ۽ نرنجن
دوداڻيءَ جي شعري مجموعي، ’اباڻي اڪير‘ (29
آڪٽوبر، 1985ع) جا مهاڳ ۽ تعارف، جويي صاحب جي
زور قلم ۽ جديد شاعريءَ جي پرک، تنقيد ۽ اڀياس جا
شاهڪار نمونا
(Master Pieces)
آهن. انهن جي مطالعي مان، جويو صاحب سنڌي شاعريءَ
جي تاريخ جي صدين جي سفر تي گهري نظر رکندڙ
’سونهون‘ معلوم ٿئي ٿو. اياز خود جويي صاحب جي اِن
مهانتا جي شاهدي هن ريت ڏئي ٿو.
”ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو آهي.
مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو
آهيان ته اُن تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور
جي پوي ۽ اهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته
مون کي اُن جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي. منهنجي
ڪتاب ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘ ۾ شامل هڪ نظم
’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان-تون
هُئينءَ جي شرح، جنهن خوبصورتيءَ سان هن ڪئي آهي،
اهڙي ورلي ڪو ڪري سگهندو.“
(’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘، ص 60)
شيخ ايازُ، جويي صاحب کي نه رڳو شاعريءَ جو وڏو
پارکو سمجهي ٿو، پر اهو به اعتراف ڪري ٿو ته حشو
ڪيولراماڻيءَ جي سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ محمد
ابراهيم جويي سندس تربيت به ڪئي آهي، ان ڪري، جيون
جي ليکي چوکي وٺڻ جو کين حقدار قرار ڏئي ٿو. اياز
جا اصل لفظ هن ريت آهن:
”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي
آهي ۽ جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه
هُجان ها، ۽ اُهي آهن-حشو، سوڀو ۽ ابراهيم .انهن
سان منهنجي عقيدت ۽ محبت اِئين رهي آهي، جيئن
روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اهي ئي ٽي ماڻهو
آهن، جي مون کان جيون جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار
آهن.“
(’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘، ص 47-48).
انهن ٽن شخصن مان هڪ حشو زنده نه آهي، جڏهن ته
جويو ۽ سوڀو حال حيات آهن، ۽ جن ٻنهي جو اياز سان
ايڏو پيارُ آهي، جيڏو سنڌ ۾ شائد ئي ڪنهن کي هجي!
محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت
فڪري رهي آهي، ۽ ان دوستيءَ جو محور ۽ مُحرڪ، فقط
ئي فقط ’سنڌ‘ رهي آهي، ۽ سنڌ جي حوالي سان سمورو
سنڌي ادب ۽ شاعري بلڪه سنڌ جو ادبي ۽ سماجي شعور
اُن ۾ شامل آهي. محمد ابراهيم جويي جون تعليمي،
علمي ۽ ادبي خدمتون هڪ پاسي، پر سندس ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ ۽ ’ٽماهي مهراڻ‘ جي حوالي سان نئين اديب جي
ذهني تربيت جي ڏس ۾ خدمتون، سنڌ جي تاريخ جو اڻمٽ
حصو آهن. هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ جنهن وطن پرستيءَ ۽
حب الوطنيءَ واري جذبي ۽ هڪ مشنريءَ جي حيثيت ۾ ڪم
ڪيو آهي، ان جا معترف سائين جي. ايم. سيد ، شيخ
اياز، سراج ۽ آريسر کان وٺي اڪثر سياسي دانشور ۽
اديب رهيا آهن:
•”جويي صاحب، بورڊ ۾ پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه
ڪيو آهي، بلڪه سنڌي زبان جي مشنريءَ ۽ هڪ قومپرست
طور ڪم ڪيو آهي.“ (جي.ايم.سيد)
•”1955ع کان 1957ع تائين(سنڌي ادبي بورڊ) جي
اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حثيت ۾ مون هن سان گڏجي، ۽
هن جو زيردست ٿي ڪم ڪيو آهي. ان کان اڳ به سال
بورڊ جي بُڪ اسٽال تي مئنيجر طور رهي، سندس
زيردستي ڪئي اٿم. انهن چئن سالن ۾ مون هن شخص
(ابراهيم جويي) جي بنهه ويجهو رهي، سندس شخصيت جي
مختلف پهلوئن کي ڏٺو ۽ جاچيو آهي. سندس محنتون،
سندس پورهيا ۽ سندس مقصد سان چُهٽي رهڻ جا ڪرشما
ڏٺا اٿم، ۽ نتيجي طور هڪ اهڙو انسان سامهو ڏٺو
اٿم، جيڪو حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي
وطن پرستي هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. ان کي
هيئن سمجهو ته ان وطن پرستيءَ کي هڪ جسم آهي، هڪ
روح آهي، هڪ اخلاق آهي، ۽ جيڪا ساهواري آهي،جنهن
کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.“ (سراج الحق ميمڻ)
• ”اسان جو افلاطون اسان وٽ موجود آهي. يونان جي
افلاطون هڪ ارسطو پيدا ڪيو، پر اسان جو افلاطون
(جويو) هڪ پيڙهي تيار ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رُڌل آهي،
اهڙي پيڙهي، جيڪا مظلوم، ڏُتڙيل ۽ دُکي انسانيت
لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بنجي.“ (تاج بلوچ)
•”جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو، سنڌي ادبي
بورڊ کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار
بنائڻ آهي. پر مان ڀانيان ٿو ته جويي صاحب جو ان
کان به اُتم ڪارنامو ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري آهي.
’مهراڻ‘ سرڪاري رسالو هوندي به جنهن کُلئي نموني
سنڌيت جو پرچار ڪندو رهيو. اُهو شايد ڪو رسالو
ڪري.“
(نبي بخش کوسو)
•” ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته ادبي بوڊ جي اِها اهميت
نه هجي ها، جي ابراهيم ان جو سيڪريٽري نه هجي ها.
هر انسان ۾ ڪي ڪميون پيشيون آهن……تڏهن به خُدا لڳ
ڳالهه ڪبي ته ابراهيم جو ’نئين سنڌ‘ جي شعور ۾
ڪافي هٿ رهيو آهي.“
(شيخ اياز: ’ڪٿي نه ڀڃبوڪ ٿڪ مسافر‘، ڀاڱو پهريون،
ص27) شيخ اياز ۽ جويي صاحب جي ياريءَ جو مُحرڪ ۽
محور، سنڌ ۽ سنڌي ادب (نثر ۽ شاعري)، ۽ سنڌ جي
خوشحالي، آجپي ۽ آباديءَ جو تصور ئي آهي، ۽ ٻنهي
جو نئين سنڌ جي ذهني تعمير ۾ وڏو هٿ رهيو آهي،
سنڌي ٻوليءَ جي تخليق ۽ تعمير جي حوالي سان به ٻئي
هڪجهڙا سُجاڳ ذهن
(conscious)
رهيا آهن. اياز، پنهنجي ٻوليءَ کي ’ڀٽائيءَ جي
وحدت الوجود جي ٻولي‘ سڏيو آهي، ۽ جويي صاحب، اياز
جي شاعريءَ کي ’سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو‘ سڏيو آهي، ۽
سندس چواڻي ”اهڙا ڪرشما، جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا
آهن. “ (ڳالهيون ڪتابن جون‘، ص 8). محمد ابراهيم
جويي جي ٻوليءَ ۾ نئين سنڌ جي ذهني تعمير بابت شيخ
اياز هن ريت رقمطراز آهي:
”هُن نئينءَ سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي. حشوءَ ته
رڳو سائين. جي.ايم. سيد جو هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيو هو
(Struggle for New Sindh)،
پر ابراهيم، سائين جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ڏينهن جا
ڏينهن نوُر نچويو آهي. هن لاءِ هر ترقي پسند ڪتاب
، ’هر اُهو ڪتاب‘، جنهن سان ٻوليءَ ۽ ادب جو
واڌارو ٿئي، هن جو پنهنجو ڪتاب آهي، ۽ هن جو جيترو
وس پُڳو آهي، هِن ليکڪ کي انهيءَ ڪتاب (جي ٻوليءَ)
سنوارڻ ۾ مدد ڪئي آهي.“
(”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“…ص119)
محمد ابراهيم جويي، نئين سنڌ جي تعمير لاءِ ڪهڙو
ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن بابت آءُ پنهنجي ڪا راءِ
ڏيڻ بدران بهتر ٿو سمجهان ته شيخ اياز جي راءِ کي
تاريخ جي رڪارڊ لاءِ هتي درج ڪريان، جيڪا راءِ هن
حميد سنڌيءَ کي هڪ خط لکي، ڏني هئي:
”جويو، ڪرست ۽ ڪرانتڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپوِ آهي.
تو ته هُن جي اُڻت ڏڻي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لانون
لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس، هن جي
آڏاڻي ۾ اڻيل آهي. اُهو، اُهو آدي جڳادي الوپ
ماڻهو آهي، جو نؤ ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي
گُم ٿي ويندو آهي. هن ئي مون سيکاريو ته شاعري
زمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آڳ آهي ۽ جڏهن
شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا
کُلي پون ٿا.“
(’خط، انٽرويو، تقريرون‘: ڀاڱو ٻيو، ص 377)
شيخ اياز، پنهنجي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب، محمد
ابراهيم جويي سان منسوب ڪيا آهن. اُن مان معلوم
ٿيندو ته جويي صاحب سان سندس ڪيتري محبت ۽ اُنسيت
آهي، ۽ هُن وٽ سندس ڪيڏي نه اهميت آهي. پنهنجي
شاعريءَ جي پهرئين ڪتاب، ’ڀُونر ڀري آڪاس‘ جو
انتساب، اياز هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
محمد ابراهيم جويي جي نالي
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بُوءَ بهار جي
(1962ع)
پنهنجي ڪتاب ’اُڪن نيرا ڦُليا‘ جو انتساب،
اياز هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
پنهنجي پياري دوست ۽ عظيم مُحسن،
محمد ابراهيم جويي جي نالي
- شيخ اياز (آڪٽوبر 1988ع)
جويو صاحب، زندگيءَ ۾ هڪڙو دم به سنڌ، سنڌي ادب ۽
سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، ۽ اُن لاءِ هر قسم جي ڪاپي ۽
پورهئي ڪرڻ کان غافل نه رهيو آهي. هن چاندي وارن ۽
اڇن اُجرن ڪپڙن پائيندڙ پيرسن، پر ذهن ۽ دل جي
لحاظ کان جوان ڏاهي ۽ عالم شخص جي آڏو، ’صائب‘ جو
فارسيءَ جو هيءُ شعرُ، واٽ جي لاٽ رهيو آهي:
سُفيد گشتن موُ ترجمان اين سخت است
که سوير آرز جواب گران سفيده دميد
(وارن جو اڇو ٿيڻ اُن ڳالهه کي چتائي ٿو ته
گهري ننڊ مان اکيون پٽ، اڇي باک ڦٽي وئي آهي!)
سچ به اهو آهي ته جويو صاحب اڄ به باک جهڙن
اُجرن جذبن سان سنڌ جي آجپي جي اُجري باک ڦٽڻ جا
سپنا ڏسندو رهي ٿو، ۽ کيس يقين آهي ته اُها بک هڪ
نه هڪ ڏينهن ضرور ڦٽندي.
مددي ڪتابن جي
فهرست
1-
شيخ اياز: ’ڀُونر ڀري آڪاس‘
2-
شيخ اياز: ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘
3-
شيخ اياز: ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘
4-
شيخ اياز: ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘
5-
شيخ اياز: ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘
6-
شيخ اياز: ’ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ (چار ڀاڱا)
7-
شيخ اياز: ’خط، انٽرويو، تقريرون‘ ( ٻه ڀاڱا)
8-
شيخ اياز: ’ اڪن نيرا ڦليا‘
9-
شيخ اياز: ’بوئي گُل ، نالئه دل‘
10-
شيخ اياز: ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘
11-
شيخ اياز: ’لڙيو سج لڪن ۾‘
12-
شيخ اياز: ’راج گهاٽ تي چنڊ‘
13-
شيخ اياز: ’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘
14-
شيخ اياز: ’اڳتي قدم‘
15-
جي.ايم. سيد: ’جنب گذاريم جن سين‘
16-
محمد ابراهيم جويو: ’ڳالهيون ڪتابن جون‘
17-
محمد ابراهيم جويو: ’ٻولي، ادب ۽ تعليم‘
18-
محمد ابراهيم جويو: ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘
19-
عبدالواحد.آريسر: ’سِر جي صدا سُر ۾‘
20-
اياز گل: ’پيلا گُل پلاند ۾‘
21-
خاڪي جويو:’آزاد گهرجي وطن‘
22-
ابراهيم منشي: ’گوندر ويندا گذري.‘
23-
نرنجن دودواڻي: ’اباڻي اڪير،
24-
فقير محمد لاشاري: ’ادبي گڏجاڻي‘، سنڌي ادبي سنگت
ڪراچي
پرڪاش چند
سنڌي ادب
۽ سنڌ جو انساني سماج
(محمد ابراهيم جويي سان ڳالهه ٻولهه)
محمد ابراهيم محمد خان جويو- هر هاريءَ جو پٽ،
ننڍڙي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ جو ويٺل، 13 آگسٽ 1915ع
تي ڄائو، پهرين پنهنجي ڳوٺ’آباد‘ ۾، ان کان پوءِ
ڀرسان لڪيءَ ۽ سن جي شهرن ۾ ، اُن کان پوءِ سنڌ
مدرسي ۽ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، ۽ آخر بمبئيءَ
۾ پڙهيو، ۽ بي،اي، ۽ بي-ٽي پاس ڪيائين. 1938ع
جي اپريل ۾ سنڌ مدرسي، ڪراچيءَ، ۾ ماستر ٿيو، جتي
اٺ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول
جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ اُتان ٽريننگ ڪاليج فارمين،
حيدرآباد ۾ اُستاد ۽ پوءِ 1949ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، جتي 12 سال
نوڪري ڪيائين. اُن کان پوءِ 6 سال ويسٽ
پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ او-ايس-ڊي، ۽ ساڳئي وقت
سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري، ۽ پوءِ جيڪب
آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، گورنمينٽ ٽريننگ
اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال، رجسٽرار اگزمينيشن ۽ ڊپٽي
ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، انسپيڪٽر آف اسڪولس
خيرپور ڊويزن، پهرين سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ٿي، 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين.
ڪيترائي درسي، ادبي ۽ علمي ڪتاب لکيا ۽ ترجما
ڪيائين.
هيءُ انٽرويو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻي، جي
سالياني مخزن ’موهن جو دڙو‘ 78-1979ع ۾،
انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جو ترجمو ڏجي ٿو.
پرڪاش: عالمي ادب جي نسبت ۾ سنڌي ادب جي ڇا
صورتحال آهي؟
جويو: منهنجو اِهو پختو رايو آهي ته سنڌي ٻولي ۽
اُن جو ساهت، دنيا جي ٻولين ۽ اُنهن جي ادبن جي وچ
۾، ڪافي فخر سن پنهنجو ڪنڌ اوچو جهلي سگهن ٿا. ڪن
دائرن ۾، مثلن: لوڪ ادب ۽ شعر جي صنفن ۾ شعر جي
ڪلاسيڪي ۽ پڻ جديد صورتن جي خيالن کان- ۽ بنيادي
سماجڪ سڀيتڪ ڏند ڪٿائن ۽ قصن ۽ داستانن ۾، ۽ پڻ
جديد مختصر افساني جي صنف ۾، سنڌي ساهت ڪافي ڪن
ٻين ادبن کان برتريءَ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. تحقيق
اسين ڪن دائرن ۾ پوئتي پيل آهيون، جيئن، خاص طور
تنقيد ۾، ناول ۽ ناٽڪ جي صنفن ۾-جيڪي خالص ادب جي
بنيادي مواد جا حصا آهن. ۽ پڻ تحقيقي ادب ۽ مضمون
نويسيءَ ، سنڌي ادب ۾ واقعي، نمايان حد تائين،
ماورائي عقيدتمنديءَ، من موج ۽ تقدير مائل جذبو
موجود رهيو آهي.-خاص طرح ماضيءَ جي ساهت ۾ . اسان
جو جديد ادب زياده عقليت جو ترجمان آهي ، ۽
زندگيءَ جي سماجي، ۽ سياسي مسئلن ڏانهن وڌيڪ حقيقت
پسند رويو رکي ٿو.
|