بهرحال سائين جويي صاحب جي باري ۾ مذڪوره انڪشاف
بعد مون سائين جويي جن کي ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندڙ
هڪ ماضيءَ جي پراڻي فنڪار محمد رمضان ڀٽيءَ سان
ملايو، جنهن جا رڪارڊ ان دور ۾ ڪافي مشهور هئا، جن
مان هڪ مزاحيه رڪارڊ ”نه مار منهنجي ڪڪڙ کي،
حرامزادي تون“! ۽ ان جو پٺيون پاسو، جيڪو اڄڪلهه
سنڌ جي سينڌ، راڳ جي راڻي مئڊم عابده پروين پڻ
سهڻي انداز ۾ ڀيرويءَ ۾ ڳايو آهي، جنهن جا ٻول
هئا: ”رمزن ساڻ غلام ڪيو ٿئي ، يار اسان کي، دوست
اسان کي“! سائين جويو صاحب، ان فنڪار سان ملي ڏاڍو
متاٿر ٿيو ۽ پوءِ هڪ نه ٻئي ڏينهن رهاڻ رهندي هئي.
هڪ ڏينهن جويي صاحب جي من ۾ الائي ڇا سُجهي آئي!
مون کان پڇا ڪيائين ته ”هن پيرسن فنڪار جو ذريعو
معاش ڪهڙو آهي؟“ تنهن تي مون کين ٻڌايو ته ”سائين
هن غريب جو هونئن ته ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو
ڪونهي، البت چوندا آهن ته ’اڃا آهين ڪلجڳ ۾
ڪاپڙي!“ قاضي صاحبان هر مهيني کيس گذاري لاءِ ڪجهه
نه ڪجهه مالي سهڪار ڪندا رهندا آهن. منهنجي ان
ڳالهه تي سائين جويو صاحب ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو.
ٻئي ڏينهن سائين جويو صاحب بيٺڪ تي ڪو نه آيو.
جڏهن ته اچڻ جو واعدو ڪيو هئائون. مان سندن اچڻ
کان اڳ ۾ ئي خانصاحب محمد رمضان ڀٽيءَ وٽ سندن غير
موجودگيءَ ۾ سندن ئي موضوع کنيو ويٺو هوس، ته
اوچتو ئي اوچتو ٻه اجنبي وارد ٿيا ۽ پهرين اسان جا
چهرا تڪي پڇڻ لڳا، ”اوهان مان خانصاحب محمد رمضان
ڀٽي ڪهڙو آهي؟“ مون فوري طور خانصاحب ڏانهن اشارو
ڪري چيو ”هيءُ آهي!“
”اسان روزنامه ’هلال پاڪستان‘ ڪراچيءَ طرفان سائين
محمد ابراهيم جويي صاحب جي حڪم جي تعميل لاءِ هتي
موڪليا ويا آهيون ۽ اسان کي خانصاحب جو انٽرويو
ڪرڻو آهي.“ ائين چئي، سائين مهدي شاهه، جيڪو ان
وقت ’هلال پاڪستان‘ جو چيف بيورو هو، پنهنجو تعارف
ڪرائڻ کان پوءِ قلم ۽ ڪاغذ ڪڍي خانصاحب کان
انٽرويو وٺڻ لڳو ۽ ساڻس گڏ آيل فوٽو گرافر جي
ڪئميرا حرڪت ۾ اچي وئي. ٻئي ڏينهن ’هلال پاڪستان‘
خانصاحب جي مختلف رنگين پوزن سان منظر عام تي اچي
وئي. خانصاحب خوشيءَ ۾ ئي نه پيو ماپي. سندن هٿ
فوري طور تي سائين محمد ابراهيم جويي جي حق ۾
لاشعوري طور تي اڀ طرف کڄي ويا ۽ منهنجي موجودگيءَ
۾ دعا لاءِ هي لفظ نڪتا:
”اي منهنجا پالڻهار! جويي صاحب کي درازي عمر ۽
تندرستي عطا فرماءِ، هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به
بيمار نه ٿئي! آمين ثم آمين!“
ان زماني ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ خان
جتوئي صاحب هو (جيڪو جويي صاحب جو شاگرد هو).
سائين جويي صاحب، ان مسڪين فنڪار جي زندگيءَ ۾
انقلاب آڻي ڇڏيو. کيس هر مهيني، جتوئي صاحب جي حڪم
تي وظيفو مقرر ٿي ملڻ لڳو.
اها هئي منهنجي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي
خداترسي ۽ انسان دوستي، جنهن جو مون حقير کي تصور
به ڪو نه هو ته جويو صاحب ايڏو مهان ماڻهو به ٿي
سگهي ٿو.
وري هڪ ٻيو واقعو، جنهن جو منهنجي ذات سان گهرو
تعلق آهي: ٿيو هيئن جو، جڏهن سائين، بورڊ جو نئون
چيئرمين ٿي آيو، ته پڇا ڪيائين ته ”اڄڪلهه پروف
ريڊنگ جا فرائض ڪير ٿو انجام ڏئي؟“ سندن ان سوال
تي کين ٻڌايو ويو ته ”اڳوڻي پروف ريڊر ميان ولي
محمد طاهر زادي جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ في الحال
فقير شهمير چانڊيي کان ڪم ورتو ٿو وڃي“. پاڻ شايد
ان ڳالهه تي مطمئن نه ٿيا. پر جڏهن مهنجي ان
سلسلي ۾ ڪارڪردگي ۽ دلچسپي ڏٺائون، ته پاڻ هڪ
ميٽنگ سڏائي، ان ۾ ’پروف ريڊنگ سيل‘ قائم ڪرڻ جو
اعلان ڪيائون ۽ پروف ريڊنگ سيل جو انچارج مون کي
مقرر ڪيائون. ان ميٽنگ ۾ هي شخصيتون شريڪ ٿيون:
سائين غلام رباني آگرو، اعزازي سيڪريٽري، جناب
نفيس احمد ’ناشاد‘ ايڊيٽر سه ماهي مهراڻ، آفيس
سپرنٽينڊنٽ جناب علي نواز ڀٽي صاحب، محمد رفيق
جمالي ۽ محترمه ثمينه ميمڻ صاحبه (جنهن کي منهنجو
اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو هو). منهنجي انچارج ٿيڻ تي
محترمه ثمينه اعتراضٰ ورايو ته ”مان بي، اي آهيان،
هڪ فائنل پاس ماڻهوءَ جي هٿ هيٺ ڪم نه ڪنديس.“
تنهن تي سائين جويي صاحب اهو چئي کيس مطمئن ڪري
ڇڏيو ته ”لنڊن جهڙي نامياري شهر ۾ نامياريءَ اخبار
’لنڊن ٽائيمس‘ ۾، وڏي ۾ وڏي پگهار فقط تجربيڪار
پروف ريڊر کي ڏني وڃي ٿي. فقير تجربي ۾ اوهان جي
تعليم کان وڏو آهي!“
پروف ريڊنگ جو ڪم نهايت زور شور سان هلي رهيو هو.
ان دوران سندن هڪ ڪتاب بعنوان ”خط: ٻن اديبن
جا“ پڻ زير طباعت هو، جنهن جا پروف پڻ مان
پڙهندو هئس. پروف پڙهڻ دوران ڪٿي ڪٿي ڪا غلطي
ڏسندو هوس ته کين آگاهه ڪندو هوس ۽ پاڻ مُرڪي، ان
غلطيءَ جو اعتراف ڪندا هئا جڏهن ڪتاب ڇپجي منظر
عام تي آيو، ته پاڻ مئنيجر پريس کي سڏائي پڇا
ڪيائون ته ”فقير جي اک جي آپريشن ٿيل آهي. توهان
حساب ڪري پروف ريڊنگ جا هي پئسا کيس گهر رسائي
اچو.“ منهنجي وهم گمان ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته
ڪو جويي صاحب جو ڪتاب، جنهن جا مان پروف پڙهي رهيو
آهيان، ان جو معاوضو به مون کي ملندو ! پر جس
آهي، ان مهان ماڻهوءَ کي، جنهن ڪڏهن به امانت ۾
خيانت نه ڪئي، حالانڪه سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين
هو، چاهي ها ته پنهنجو ڪتاب مفت ۾ ڇپائي، ان جي
رائلٽي به بورڊ کان وصول ڪري ها، جيئن ماضيءَ ۾
ٿيندو رهيو آهي، پر سلام آهي ان عظمت واري شخصيت
کي!
بهرحال سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي گهڻ
پهلو شخصيت تي گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو، جو هڪ ضخيم
ڪتاب جي صورت به وٺي سگهي ٿو، پر ڪنهن ڏاهي جي
بقول:
اڪ نقطي وچ، گل مُڪدي اي!
پڙهندڙ، سائينءَ جي حياتيءَ مان گهڻو ڪجهه لاڀ
حاصل ڪري سگهن ٿا. هونئن به انسانُ انسان مان ئي
عبرت حاصل ڪري ٿو. سندن نجي زندگيءَ جو حال اهو
آهي ته گهر ۾ ويٺي کين اڃ لڳندي آهي ته پاڻ ئي مٽ
ڏانهن ڊوڙ پائيندا آهن. اهو منهنجو ذاتي مشاهدو
آهي تنهائيءَ ۾ سندن دوست هڪ ڪتاب جو مطالعو ۽ ٻئي
موسيقي هوندي آهي: موسيقي به اهڙي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل
رنگ ڀريل هوندو آهي، حالانڪه هن جديد دور ۾، ۽
اسان وٽ، موسيقيءَ کي اهڙيءَ موڙ تي آندو ويو آهي،
جتي ڪلاسيڪل رنگ جي خوشبوءَ به ناهي رهي ۽ نه ئي
انڊلٽ!
سائين جويو صاحب حياتيءَ جي پنجاسي بهارن ۾ پير
پائي چڪو آهي.
دعا آهي ته ههڙي سدا بهار شخصيت، هزار سالن جون
امر بهارون ماڻي...... ۽ دعا آهي ته شل بقول لطيف
سائين:
جيسين جيئاريم، تيسين هادي رکجانِ حفظ ۾،
محتاجي مخلوق جي، شل قادرَ مَ ڪاريم،
عربي ’عبداللطيف‘ کي، هڪ ويل مَ وساريم،
پرڪش پياريم، ڀري جام جنت مان!
حافظ محمد بخش خاصخيلي
سائين محمد ابراهيم جويو
ويهين صديءَ جو عظيم انسان، سنڌ جو نشان، سنڌ
ڌرتيءَ جو سقراط حڪيم، سائين محمد ابراهيم ، اڄ
ايڪيهين صديءَ ۾ به ويٺو وِرهه وَنڊي ۽ سنڌ جي
اتهاس تان ڪوڙ جي ڌُوڙ ڇَنڊي.
مون پنهنجي پوريءَ ڄاڻ واريءَ ڄمار اندر سنڌ
ڌرتيءَ جا جيڪي به عظيم فرزند ڏٺا، اهي سڀ سنڌ جا
محسن انسان ۽ اسان لاءِ رهبر آهن، ۽ هئا. اهڙن
ٻاجهارن ماڻهن مان، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب
هڪ جدا جڳت جو جوڳي آهي. هن جي جڳت جو انداز نرالو
آهي.
جَکرو جَس کرو، ٻيا مڙيئي مِير،
مِٽي اِن خمير، اصل هُئي ايتري
(شاهه)
هر صدي، پنهنجي وقت ۾، هر قوم ۾، ڪي مجدد پيدا
ڪندي آهي ، ۽ اهي مجدد ارتقائي فلسفي موجب نه رڳو
مذهبي مسلڪ ۾ نواڻ پيدا ڪندا آهن، پر اهڙن رهبرن
منجهان ڪي مفڪر وري پنهنجي ڌرتيءَ جو فڪر پيش ڪندا
آهن، ۽ ڌرتيءَ جو تشخص ۽ ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي
سڃاڻپ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا امين هوندا آهن. جن
پنهنجي ڌرتي جي ذَري ذَري جي رکوالي ڪئي ۽ ديس
واسين کي مُلڪي محبت جو دَرس ڏئي ڌرتي جي قدامت
واري ساک کي بچايو. جديد دور اندر جڏهن ڌرتي توڙي
ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن تي ٻاهرينءَ هَچا قابض ٿيڻ
جي ڪوشش ڪئي، ته انهن خارجي اَثرن کان بچاءَ لاءَ
به ڪي رهبر ۽ مجدد ايندا رهيا آهن، جن رهبرن مان
ڪن شاعريءَ ۾ ۽ ڪن نَثر جي تاريخ ۽ جاگرافي جي
قومي سڃاڻپ پئي ڪرائي آهي.
سنڌ جي صوفي بزرگن خصوصاً لطيف، سچل، ساميءَ ۽ ٻين
ڪيترن عظيم انسانن، وطن جي محبت جو شاعريءَ ۾ درس
ڏنو ته ٻئي پاسي نثر ۾ به سنڌ جي عالمن تمام گهڻي
جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ ڪرائي. اهڙن عالمن
منجهان سائين محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي، جيڪو
پيرسن هوندي به ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ وارو پيغام
اڄ به ويٺو وَرجائي، ۽ اسان کي ويٺو اُتساهي. جويي
صاحب جيڪي ڪجهه لکيو آهي، پوءِ اهو ترجمو هجي يا
تاليف، پر سندس سموري لکيت ۾ آخر اَحياءُ وڃي سنڌ
جي سڃاڻپ ۽ سونهن ٿيندو. ٻيا ڪتاب ڇڏي رڳو ’شاهه
سچل ۽ ساميءَ‘ ڪتاب ۾ سنڌ جو جيڪو اتهاس لکيو اٿس،
اهو اسان توڙي ايندڙ نسل لاءِ هڪ مجددانه پيغام
آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ته
گويا روزازل کان آهي. کيس 53 سال اڳ واري هن جُڳ ۾
ڏٺم، اُن زماني ۾ سنڌ جي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن خارجي
ماڻهن جي انڪار وطن واري فلسفي جو اثر وٺي، هن
معصوم دل ماڻهوءَ کي ڪافي. ڪميونسٽ ۽ دهريو ٿي
سڏيو. اهو ئي سبب هو، جو مون چاهيو ته اهڙي ڪافر
سان مان پاڻ ملي ڪو نتيجو ڪڍان، پر هن پهرينءَ
ملاقات ۾ خود مون کي رسمي مسلمانيءَ کان مُنڪر
بڻائي ڇڏيو. ڪُلي طور اعليٰ انسان جي. ايم سيد،
حيدر بخش جتوئي،. قاضي فيض محمد، غلام محمد گرامي
۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان پوءِ سمجهيم ته جويو به
ساڳي تسبيح جو اهم مڻيو آهي. جيئن لڪيءَ جو جبل
اڏول آهي، تيئن ”آباد“ ڳوٺ لڳ لڪي جي وَٽِ ۾ پيدا
ٿيندڙ جويو صاحب به اڏول آهي، اها خوبي به ڌرتي جي
آهي، جو جويي جي مٽي جو پنوڙو، اولهه جي لڪي جبل،
اُتر جي منڇر ڍنڍ، اوڀر جي سنڌو درياهه ۽ ڏکڻ جي
سنوت واري زمين ۽ انهيءَ سڄي پٽي جي وچ واري زمين
رني ڪوٽ کان سَنَ تائين ۽ سَنَ کان دولهه دريا خان
جي اباڻي زمين منجهان کنيو ويو: جنهن جي خمير ۾
جبل، ڍنڍ، درياهه، ٻيلي ۽ سنوت واري زمين جو اثر
سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو جويو سائين سنڌ جي
طبعي ڀاڱن يعني سري، لاڙ، ريگستان، ڪوهستان توڙي
وچولي وارن علائقن جو پهريدار ۽ رکوالو آهي.
هونئن ته جويي صاحب بابت گهڻيون يادون آهن، پر هڪ
ڳُڻ جي به ڳالهه ڪريان ته هڪ لڱا مون کي گهرائي
فرمايائون ته هڪ تنظيم ’سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ‘
وارن پاڪستان جي، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي صوبن
جو جاگرافيائي ۽ تاريخي اتهاس لکرايو آهي. ان ڪري
سنڌ جو اتهاس به مختصرا هڪ سئو صفحن جو لکجي ۽
اردوءَ ۾ لکڻ کپي؛ سو لکي ڏي، پر وقت ٿورو آهي.
ڏهن ڏينهن ۾، مون سندس حڪم قبول ڪري، سنڌ جو
تاريخي تّذڪرو لکيو، جيڪو پاس ٿيو. ۽ هڪ ڏينهن ان
ڪتابڙي جو معاوضو ڏهه هزار روپيا مون کي اچي مليو،
۽ ڪتابڙو ڇپجي ويو. جيتوڻيڪ ان ۾ هنن گهڻي ڦيرڦار
ڪري ڇڏي، پر ٿورو يا گهڻو سنڌ جو ذڪر ته اچي ويو.
اها سنڌ سان محبت ۽ اهو سنڌي لاءِ پيار جو وڏو
ثبوت آهي. منهنجي نظر ۾ سائين محمد ابراهيم جويو
صاحب پاڻ کان ننڍيءَ عمر وارن پدرانه شفقت جو
اهڃاڻ ۽ اتساهيندڙ انسان آهي. منهنجي کيس دعا آهي
ته سدا خوش آباد هجي:
جکرا جيئو شال، آن ڪنين مَدو مَ سڻان،
جيئن تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا!
(شاهه)
ڊاڪٽر محمد علي’مانجهي‘
جنهن ڏس ڏنا ڏاهپ جا
دنيا جي هر قوم، ملڪ ۽ علائقي ۾ سدائين ڪي
غيرمعمولي انسان پيدا ٿيندا آيا آهن، جن اُتي جي
ملڪ ۽ قوم تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن ۽ انهن ملڪن ۽
قومن جون ڪايائون تبديل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. هر
قوم ۾ اهڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جي
نالي وٺڻ سان ئي انهن قومن جا فخر مان ڳاٽ اوچا
ٿيندا رهيا آهن ۽ قوم جي هر فرد جي دل ۾ سندن
مهانتا جا احساس اُڀرندا رهيا آهن. هر قوم ۾ اهڙا
سرجڻهار، سچا ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي قوم
جي تهذيب ۽ تمدن جي اوسر ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. هنن
وقت جي رفتار کان به اڳتي وڌي پنهنجا هٿ وڌايا
آهن. ۽ قوم جي بقا، سلامتي، سرهائيءَ ۽ سکيائيءَ
لاءِ ته پاڻ پتوڙيو آهي، پر قوم جي انساني ذهن جي
ارتقا جي اوسر لاءِ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائيءَ وسيلي
وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. انهن قومن جي شعور ارتقا جي
ڏاڪن تي، فردن کي چيچ مان جهلي مٿي چاڙهيو آهي.
هنن قوم ۽ ڌرتيءَ جي خوشحالي، امن، آجپي ۽ ٻوليءَ
جي بقا ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندي پنهنجون ڄمارون
ارپي ڇڏيون آهن.
اهڙن ئي ڏاهن مان سنڌ ملڪ جو ڏاهو سائين ابراهيم
جويو به هڪ آهي، جنهن جو نالو وٺڻ سان ئي فخر مان
اسان جا ڳاٽ اوچا ٿي وڃن ٿا. جنهن سنڌ ملڪ جي
سلامتيءَ، بقا، آجپي ۽ سنڌي قوم جي خوشحاليءَ ۽
ذهني ارتقا لاءِ لڳ ڀڳ هڪ صدي جاکوڙيندي گهاريو
آهي. هو اُنهيءَ عرصي ۾ نه ٿڪو ۽ ٽُٽو آهي ۽ نه
ڪڏهن مايوس ٿيو آهي، پر هميشه اُميدن جا انبار کڻي
اڳتي وڌيو آهي.
کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(ڀٽائي)
جويو صاحب، سنڌ ملڪ جو اهو عظيم ڏاهو آهي، جنهن جو
سنڌي قوم جي ذهني ارتقا ۾ هڪ حصو رهيو آهي، جنهن
کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. هن لڳ ڀڳ هڪ صدي
سنڌ جي نئين نسل جي شعور جي واڌاري لاءِ هر ممڪن
ڪوشش ڪئي آهي. هن سمورا لاڳاپا لاهي، پنهنجي ملڪ ۽
قوم لاءِ فڪر ۽ ذڪر ڪيو ۽ جاکوڙيو آهي.
سنڌ ملڪ ڪيترن سالن کان وڏيءَ اٿل پٿل جو شڪار
رهيو آهي: سنڌ جا ماڻهو گهڻن دردن، عذابن، ايذائن،
مونجهارن ۽ مصيبتن مان گذرندا رهيا آهن؛ زماني وڏا
ڦيرا کائي هتي جي سٻاجهن ماڻهن کي گهايو آهي. اهڙي
اوکي وقت ۾ محمد ابراهيم جويو پنهنجي قوم کي هڪ
رهبر ۽ ڏاهي جي حيثيت سان ڏاهپ جا ڏس ڏيندو رهيو
آهي. اهم وقت ورهاڱي کان اڳ جو هجي يا ورهاڱي وارو
وڍ ڏيندڙ هجي. ورهاڱي کان پوءِ وارو وڇوڙي جو وقت
هجي يا پاڻ سنڀالڻ وارو سمو هجي. اهو وقت ون يونٽ
جي قيام جو هجي يا پنهنجي ديس ۾ پنهنجي ٻوليءَ سان
ويڌن جو هجي. اهو وقت سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ذهنن کي
زوال ڏانهن ڌڪيندڙ ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق جو
هجي يا سدا سائي ۽ سرهي سنڌوءَ کي سڪائڻ لاءِ سٽون
سٽڻ جو هجي. اهو وقت پنهنجن شهر ۾ نڌڻڪائيءَ جو
هُجي يا پنهنجي ٻوليءَ جي بقا جو هجي. محمد
ابراهيم جويو، هر ڏکيءَ مهل ۽ مشڪل موقعي تي نه
رڳو هر ظالم سان مهاڏو اٽڪائيندي تحرير ۽ تقرير
کان ڪم وٺندي، محاذ سنڀاليندو رهيو آهي، پر سنڌي
ماڻهن جي اگهائيءَ جو وڏو ويڄ بڻيو آهي ۽ سنڌ جي
ڦٽن تي پها رکندو رهيو آهي. تاريخ تي نظر ڦيرائڻ
سان معلوم ٿيندو ته جويي صاحب پنهنجي سڄي حياتيءَ
جو پل پل اعليٰ مقصد سان گذاريو آهي. اهو مقصد سنڌ
جي سلامتي، خوشحالي، آجپي، آجائيءَ ۽ ارتقا جا
ڏاڪا طئي ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي.
سائين جويو صاحب انهن عظيم ڏاهن مان آهي، جن کي
قومن تي ايندڙ ڏکين گهڙين جي گهڻو اڳ ۾ خبر پئجي
ويندي آهي. کيس پنهنجي قوم سان ايڏو ته گهرو لڳاءُ
آهي، جو هوُ ٿيڻيءَ کي اڳ ۾ ئي پروڙي ٿو وٺي ته
هاڻي يا سڀاڻي ڇا ڇا ٿيڻ وارو آهي؛ ڇا ڪاڻ ته ڪن
وقت جي هر وار کي بنهه گهرائيءَ سان ڏٺو آهي ۽ هو
هڪ دور انديش رهنما آهي. اهوئي سبب آهي، جو ورهاڱي
کان به اڳ جڏهن هُن ايندڙ ڏکئي وقت کي محسوس ڪري
ورتو هو ته پاڻ نه رڳو تقريرون ڪري قوم کي آگاهه
ڪيو هئائون، پر تعليمي ميدان ۾ به نوجوانن کي
اتساهيندو رهيو…انهيءَ کان پوءِ ورهاڱي واري وقت
به گهڻو ڪجهه محسوس ڪيو. جڏهن اڃا ماڻهو رُڃ پويان
ڊوڙي رهيا هئا، تڏهن هن دورانديش ۽ دانءَ ۽ شخص،
“Save Sindh, Save the continent”
نالي ڪتاب لکي، ڌرتيءَ جو فرض ادا ڪيو. هيءُ اهو
سرجڻهار آهي،جنهن رڳو ڪاڳر ڪارا ڪري، مضمون تخليق
نه ڪيا آهن، پر هن سنڌي قوم جي هر نئين نسل جا ذهن
تخليق ڪيا آهن: هن انسانيت جا اعليٰ گڻ سوچيا آهن؛
هن ڪيترن ئي نسلن تي پنهنجي سچن، سگهارن ۽ صبح جي
سج جهڙن روشن اثرن جي ڇاپ ڇڏي آهي، انهن
سياستدانن، عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽
تعليمدانن مان ڪهڙن ڪهڙن جا نانءَ کڻجن، جن جويي
صاحب جو اثر قبوليو آهي: ايتري قدر جو سنڌ ملڪ جي
وڏي شاعر شيخ اياز تي به سندس تمام گهڻو اثر رهيو؛
جنهن جو ذڪر شيخ اياز خود هن ريت ڪيو آهي
ته”ابراهيم سان منهنجي پهرين ملاقات حشوءَ کان به
اڳ سال 1944ع ۾ پنهنجي دوست جمال صديقي ڪرائي
هئي، جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ بي.اي ۾ پڙهندو هوس. ان
وقت ابراهيم سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو ۽ بندر روڊ تي
سعيد منزل جي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ابراهيم مون کي
پهريون ٿنڪرس لائبريريءَ جا ڪتاب
Martrydom of Man
وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، جيڪي مون نهايت
دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. انهن مان هڪ ڪتاب
‘Illusion of National Character’
جو مون تي گهرو اثر ٿيو.… مان هن کي پنهنجا نظم
ٻڌائيندو هوس، پر هن کي انهن ۾ حد کان وڌيڪ فارسي
لفظ پسند نه ايندا هئا. ’او باغي او راج دروهي‘ ۾
ڪم آندل ٻولي ابراهيم جويي جي صحبت جو اثر هئي.
ابراهيم سان جڏهن مان گهرو ٿيو هوس. تڏهن هن مون
کي ايم. اين. راءِ جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا.
انهن مان ٻه ٽي ڪتاب مون اڳ ئي پڙهيا هئا. ابراهيم
مون کي ڀارت جي هفتيوار اخبار آزاد هندستان جا
شمارا به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. ابراهيم جويي مون
لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا. پراڻي
دنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي ڍير ٿي پيا هئا ۽
مون لاءِ ماضي جي هر زنجير کي ڇني اڳتي وڌڻ لاءِ
دڳ کلي پيو هو. منهنجي ۽ هن جي دوستي، روميءَ ۽
شمس تبريز واري هئي، جنهن روميءَ جي ڪتابن تي
نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي وئي هُئي“
(ساهيوال جيل جي ڊائري، نيو فيلڊس پبليڪيشن،
1992ع، ص 174)
اهي ئي اثر هُئا، جن اياز جي ڏات کي لال گلال ڪيو:
جنهن لاءِ شيخ اياز خود چوي ٿو ته:”ٽي شخص آهن، جن
منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي ۽ جي مان انهن
سان نه ملان ها ته مان، مان نه هُجان ها، اُهي
آهن:حَشو، سوڀو ۽ ابراهيم. انهن سان منهنجي عقيدت
۽ محبت ائين رهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان
رهي هُئي.“ (ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون، نيوفيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع، ص 67)
هتي منهنجو مقصد اهو بنهه ناهي ته ڪو اياز کي شاعر
ڪيو ئي ابراهيم جويي آهي، جيئن ڪن دانشورن هام
هنئي آهي ته هنن اياز کي ڊسڪور ڪيو هو: پر ايترو
ضرور آهي ته اياز تي اهي اثر جويي صاحب جا ئي
هُئا، جو هن پنهنجي شاعريءَ جو رُخ قوم ۽ سنڌ طرف
موڙيو. تڏهن ئي ته شيخ اياز لکي ٿو ته
:
جويو
ڪرست ڪرانتڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي . تو ته
هُن جي اڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون،
تڏهن ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس، هن جي آڏاڻي
۾ اُڻيل آهي. اهو، اُهو آدجڳاري الوپ ماڻهو آهي.
جو نئو ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي، گم ٿي ويندو
آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهرير جي برف
نه آهي، جهنم جي آڳ آهي ۽ جڏهن اُن جا شعلا تيز ٿي
وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کُلي پون ٿا.“
(خط انٽرويو تقريرون، ڀاڱو ٻيو، 1991، ص 377)
سائين ابراهيم جويو، جيڪو تعليمي ماهر، عالم،
فلسفي، برک اديب، اعليٰ پائي جو نقاد، ٻوليءَ جو
ماهر ۽ دانشور آهي، مختلف شاهڪار ڪتابن جي بهترين
مترجم جي حيثيت سان به ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهي.
سندس طبزاد لکڻين توڙي ترجمن جي وڏي اهميت آهي، ڇا
ڪاڻ ته هن دنيا جا چونڊ ڪتاب ترجمو ڪري نه رڳو
سنڌي ادب ۽ علم جي خدمت ڪئي آهي، پر هي اهڙيءَ ريت
گهڻي وقت کان سنڌ جي نئين نسل جي تربيت ۽ رهبري به
ڪندو رهيو آهي. ترجمي جي دنيا ۾ هن نه رڳو ڪتابن
جي بهترين ۽ معياري چونڊ ڪئي، پر ترجمي جي فن کي
ايترو ته مٿاهين معيار تي پهچايو، جو سندس ترجما
اصلوڪا شاهڪار لڳن ٿا. سندس ترجمن ۾ اسٽيفن زويگ
جو ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘ جارج پوليزر جو ’فلسفي جو
ابتدائي ڪورس’، اليگزينڊر جو ڪتاب ’فرينچ انقلاب‘،
پائلو فراري جو ڪتاب ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘
اينڊ بلائٽن جو ’ٻارن جو مسيح‘، برٽالٽ بريخت جو
ڪتاب ’گليلو‘، هارڊ موئر جو ڪتاب ’وحشي جيوت جا
نشان‘ ۽ جي.ايم. محڪريءَ جو ’محڪريءَ جا مضمون‘، ۽
ٻيا علم ،ادب جا ڪيترائي شاهڪار شامل آهن.
علمي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ فڪري بلنديءَ جي جهلڪ سندس لکيل
۽ ترجمو ڪيل سوين مضمونن ۽ ڪتابن سان گڏوگڏ
مختلف ڪتابن تي لکيل سندس مهاڳن تنقيدي نوٽن ۽
تقريرن مان به پسي سگهجي ٿي. ’شاهه سچل سامي‘ ڪتاب
پڻ نه رڳو بهتر قسم جي تحقيق آهي، پر انهيءَ ڪتاب
۾ جويي صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي دور ۽ شاعري
کي هڪ سگهاري ۽ درست رخ کان سمجهايو آهي.
سنڌ جي تاريخ جي بدترين دور، اسيءَ واري ڏهاڪي جي
شروع ۾ جڏهن آءُ پهريون ڀيرو ساڻس ملڻ ويس ته وٽس
وڃي ڏٺم ته هو ڪتابن سان سٿيل ڪمري ۾ ويٺل جنهن
پلنگ تي ليٽيل هو، اُتي به ڪيئي ڪتاب ۽ ڪاغذ وغيره
پکڙيل هئا. مختصر تعارف کان پوءِ مون کان سوال
ڪيائين ته ”ڇا توهان اُستاد آهيو؟“
وراڻيم ”جي سائين!“
پڇيائين ته ”توهان منهنجا ترجما وغيره ڪري پڙهيا
آهن؟“
چيم: ”ها سائين! مون توهان جي ڪتابن مان ڪلاسيڪي
نوعيت جو روسو جو ڪتاب ’ايميلي عرف تعليم‘ پڙهيو
آهي، جنهن ۾ نه رڳو تعليمي لحاظ سان پر انسان ۽
قومي لحاط سان به ڪي اهم ڳالهيون آهن. انهيءَ ڪتاب
پڙهڻ سان اخوت، رواداري ۽انساني مساوات جهڙا فڪر
پيدا ٿين ٿا. پليو ٽاريچ جو ڪتاب ’ٻارن جي تعليم‘،
هاورڊ موئر جو شاهڪار ڪتاب ’وحشي جيوت جا نشان‘،
مذهبي جنونيت جي داستان تي مشتمل ’فڪر جي آزادي‘،
شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي جهالت
۽ علم دشمني، ناشناسائي، بي قدريءَ سان ڀريل ڪتاب
’گليلو‘، ’عورتا زاد‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ ۽
تازو ترجمو ٿي آيل ڪتاب ’علم تدريس مظلومن
لاءِ‘پڙهيا آهن.“
منهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي جويو صاحب تمام گهڻو خوش
ٿيو. پوءِ هو ڪيتريءَ دير تائين مون سان ڪچهري
ڪندو رهندو رهيو. مون کي اڄ به سندس اهي ڳالهيون
ياد ۽ ذهن تي نقش آهن. اهي ڳالهيون ۽ هدايتون
منهنجي من ۾ هميشه لاءِ رهڻيون آهن. هن اُنهيءَ
ڏينهن تي ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهايو. هر موضوع،
رُخ، مضون وغيره ئي سندس واضح ۽ چٽو موقف هو ۽
آهي. هو مضمون ۽ شين کي جيئن ڏسي، سمجهي ۽ محسوس
ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ وٽس هڪ نظر پڻ آهي.
جويو صاحب ٻين علمي، ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين ۽
خدمتن کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو
ته انهيءَ دوران سنڌي ادبي بورڊ کي بنهه بلندين تي
پهچايائين. انهيءَ دور ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپيا،
جيڪي اسان جي تاريخ جا اهم ماخذ آهن. ان وقت 1953ع
کان 1954ع تائين سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به
بورڊ جي آفيس ۾ ئي ٿينديون هيون. هونءَ به سنڌي
ادبي سنگت ۾ جويي صاحب جو گهڻو ڪردار رهيو آهي.
جويي صاحب ادبي بورڊ واري دور ۾ ’ٽماهي مهراڻ‘ کي
به اعليٰ معيار تائين پهچايو. انهيءَ دور ۾ شايع
ٿيل مهراڻ جا رسالا اڄ به ڏسبا ته معلوم ٿيندو ته
هن مهراڻ کي ڪهڙا نه معياري رنگ ڏنا هئا.
سائين جويي صاحب هڪ استاد جي حيثيت سان سڄي
زندگيءَ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي
گذرايو آهي. هن جا هزارين شاگرد انهيءَ ڳالهه جا
شاهد آهن ته هن درس دوران رڳو نصاب ئي نه پڙهايو
آهي، پر ان سان گڏوگڏ ساڃاهه ۽ شعور جا سبق به
سيکاري، نسلن جي ذهنن ۾ صبح جي سج جي سهڻن ڪرڻن
جهڙي سوچ، ترقي پسندانه ساڃاهه، شعور ۽ روشن
خياليءَ جا ٻج ڇٽيا آهن، هن نه رڳو ڪلاس ۾ پڙهندڙ
شاگردن کي پڙهايو آهي، پر اُٿندي ويهندي پڻ قوم جي
گهڻن فردن جي تربيب ڪئي آهي.اسان اها ڳالهه بيڌڙڪ
چئي سگهون ٿا ته هي نه رڳو ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن
جو استاد رهيو آهي، پر سڄي قوم جو استاد ۽ رهبر
رهيو آهي.
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ عاشق، سڀني ڳالهين سان
گڏ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سڄي ڄمار جاکوڙيندو رهيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ورهاڱي واري دور کان وٺي ڪيترائي
مضمون لکندو ۽ تقريرون ڪندو، پنهنجي ٻوليءَ جو
دفاع ڪندو، ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جاکوڙيندو ۽
سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو حقيقي مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوشش
ڪندو رهيو آهي.
وقت تي گهري سان نظر ڦيري ڏسبو ته انهن پنڌن تي
هلندي ڪيترائي ماڻهو ٿڪجي ويهي رهيا آهن، يا مختلف
سببن جي ڪري ڊهي پيا آهن ۽ ڪيترائي ته انهن واٽن
تي هلندي پنهنجي منزل مقصود تان ئي ٿڙي ويا ، پر
سائين جويي صاحب جي اها وڏائي آهي ته هو ڪڏهن به
نه ٿڪو آهي نه ڊٺو آهي، نه ڀڳو آهي ۽ نه ئي پنهنجي
نصب العين تان ڪو ذور به ٿڙيو آهي. هر مشڪل ۽
مصيبت ۾ هُن جي وک اڳتي وڌندي رهي آهي ۽ واٽ تي
هلندي پنهنجو رت ٻاري، واٽ کي روشن ۽ پرنور ڪندو
رهيو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جويو صاحب سنڌي قوم
لاءِ هڪ مثالي رهبر آهي.
ڪنهن جي ڪنهن جي روپ مان، ڪوري
ڪاليداس،
آندي آهه شڪنتلا، جنهن ۾ سندس سواس،
هر ڪنهن ناريءَ آس، آءُ به شل اهڙي ٿيان.
(اياز)
شال اسان کي سندس واٽ تي هلڻ جي سگهه ملي.
سنگرام
هڪ آدرشي انسان جو جنم ڏينهن
[محمد ابراهيم جويي صاحب جي جنم ڏينهن
جي حوالي سان خاص تحرير]
اڄ 13 آگسٽ جو ڏينهن آهي. هونئن ته ڪئليندر ۾ هر
روز تاريخون مٽبيون رهنديون آهن، اڄ 13 آگسٽ آهي،
سڀاڻي 14 آگسٽ ۽ پرينهن 15 آگسٽ، پر هر تاريخ، هر
ڏينهن جي پنهنجي پنهنجي جدا جدا اهميت ۽ افاديت
آهي. اِهو سلسلو ائين اڳتي هلندو رهي ٿو. ڏينهن
هفتن ۾، هفتا مهينن ۾، مهينا سالن ۾، سال صدين ۾،
۽ صديون جُڳن ۾ بدلجنديون رهنديون آهن. هيءَ
ڪائنات ۽ ان ۾ موجود سڀئي شيون، لقاءَ، مظهر،
حياتيءَ جا انيڪ روپ ۽ حياتيءَ ۾ وري اشرف
المخلوقات جو شرف ماڻيندڙ حضرت انسان، مطلب ته
ڪائنات جو هر وجود ارتقائي ڏاڪا طئي ڪندو رهي ٿو ۽
ائين هيءُ سنسار پنهنجيءَ رمز ۾ روان دوان رهي ٿو،
گلشن جو ڪاروبار ڪڏهن به رُڪجي نه ٿو.
پر، تنهن هوندي به، انساني تاريخ ۽ قومن جي تاريخ
۾، ڪي اهڙا به ڏينهن ايندا آهن، جيڪي صدين تي ڀاري
هوندا آهن ۽ قومن جي ڪاياپلٽ جو ڪارڻ بڻجندا آهن.
دنيا جون زندهه قومون پنهنجن محسنن جو قدر ڪرڻ
ڄاڻن ٿيون ۽ اهڙيون قدر شناس ۽ وقت جون نبض شناس
قومون، پنهنجي انهن، ظل، ظلمت ۽ غلاميءَ جهڙين
لعنتن کان پنهنجي سوجهيءَ وسيلي نجات ڏياريندڙن ۽
سندن روشن مستقبل جون ڏياٽيون روشن ڪندڙ قومي هيرن
جي قدرشناسي ڪندي، دنيا جي آزاد ۽ باوقار قومن ۾
پنهنجو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري هلنديون آهن .
سنڌ پنهنجي ڪلچر جي حوالي سان اڳ ئي ماٺيڻو سماج
رهيو آهي، ٻيو ته بيشمار سببن ڪري هيءَ ڌرتي دُنيا
۾ رونما ٿيندڙ اڻ ڳڻين مثبت تبديلين ۽ شعور فڪري
تحريڪن ۽ انقلابن کان صدين تائين الڳ ٿلڳ، ڪٽيل ۽
ويڳاڻي رهي آهي. هڪ طرف اُن ۾ رائج سماجي ۽ سياسي
نظام نهايت ئي مدي خارج ۽ فرسوده هئا، ته ٻئي طرف
اُها دنيا ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪندڙ جديد سائنسي
شعور جي پاڇي کان به پري رهي. اهڙي پسمنظر ۾ سنڌ
جي هڪ غريب گهر ۾، محمد ابراهيم جويي جهڙي همه گير
شخص جي حامل ڏاهي ۽ اهل فڪر ماڻهو جو جنم وٺڻ، سنڌ
لاءِ سچ پچ به ته ڪنهن وڏي بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه
هو.
ڪنهن به سماج، قوم يا ملڪ ۾ عظيم انسان روز روز
پيدا ڪونه ٿيندا آهن، پر جڏهن به اُهي پيدا ٿين
ٿا، تڏهن اُهي اُن سماج، قوم يا ملڪ جي نئين جنم
جا ساکي ۽ سبب بڻجي پيدا ٿين ٿا، محمد ابراهيم
جويو اهڙن ئي عظيم آدرشي انسانن منجهان هڪ آهي. هن
شخص جي ڪردار ۽ عمل مان اِها ڳالهه رز روشن جيان
عيان ٿئي ٿي ته هن ماڻهوءَ سنڌ جي وجود، بقا ۽ همه
گيري اوسر لاءِ بيشمار، لازوال ۽ لاثاني خدمتون
سرانجام ڏنيون آهن.
13 آگسٽ 1915ع تي هاڻوڪي دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندر
هن ٻالڪ بابت، جيڪو اڍائي ورهين جي معصوم ۽ نردوش
عمر ۾ پيءُ جهڙيءَ ٻاجهاريءَ هستيءَ جي شفقت کان
محرم ٿي ويو ۽ جنهن کي ستت ئي پوءِ جيجل ماءُ جي
مامتا کان به محروم ڪيو ويو، اهڙي غريب الحال، بي
واهي ۽ ننڌڻڪي ٻالڪ بابت ڪنهن ڄاتو ٿي ته هيءُ
نينگر سڀاڻ وڏو ٿي، سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي،
شعوري توڙي فڪري تحريڪن جو سرموڙ سرواڻ ٿيندو.
سندس پرورش ڪهڙي ماحول ۾ ٿي ۽ عظمت جي هن پَدَ
پرائڻ واسطي هن ڪهڙا رنڊا روڙيا، محترم جويو صاحب
اهڙن سوالن جا جواب ڪجهه هن ريت ڏئي ٿو:
”پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪجهه (سال دير سان داخل
ٿيس ۽ پوءِ پڙهندي پڙهندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب، چار
سال کن عمر جا ضايع ڪيم. ننڍپڻ ۾، ۽ پڻ پڙهائيءَ ۾
گهرو ماحول پورهئي جو، غربت جو ۽ ڪجهه مذهبي نوعيت
جو مليو. اسڪولي ماحول پڻ مذهبي رنگ جو هو. سنڌ
مدرسة السلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ
چئن سالن جي وٿيءَ سان ڊي. جي. ڪاليج مان بي. اي
پاس ڪري نڪتس.“
ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي محترم محمد ابراهيم
جويو صاحب سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾، پهرئين ڏينهن ساڻس
پيش آيل واقعو ٻڌائيندي چوي ٿو: ”داخلا ملڻ کان
پوءِ آءُ پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلاس م وڃي ويٺس.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ فقه پڙهائيندڙ هڪ استاد اسان
جي ڪلاس ۾ آيو، ۽ اچڻ شرط فرمايائين ”جن ڇوڪرن فقه
ڪتاب نه آندو هجي سي مٿي بئنچ تي چڙهي بيهن.، آءُ
جيئن ته نئون ۽ پهريون ڀيرو آيو هئس، ان ڪري مون
وٽ ڪتاب اصل ڪين هئا، سو آءُ به ٻين ڪن ڇوڪرن
وانگر پنهنجيءَ بئنچ تي مٿي چڙهي بيٺس. استاد صاحب
بنا پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي اچي اتي بيٺل ڇوڪرن مٿان لٺين
جو وسڪارو لاتو. جڏهن منهنجو وارو آيو ته ڄڻ ڪا
شامت اچي ڪڙڪي! استاد صاحب نه ڪئي هم، نه ڪئي تم
اصل لٺين جو زيپٽ لائي ڏنائين ۽ آءُ به ٻين ٻارن
وانگر رڙيون ۽ دانهون ڪري، ماٺ ٿي ويس. ايتري ۾
رسيس ٿي، سڀئي ٻار پنهنجن پنهنجن ڪلاسن مان نڪري
ٻاهر پنهنجن سنگتين ساٿين سان کيڏڻ ڪڏڻ ۽ گپ شپ
ڪرڻ لڳا، پر آءُ پنهنجي منهن ورانڊي ۾ هڪ پاسي ڪنڊ
۾ بيهي اڪيلو روئي رهيو هوس. ان وقت اتي منهنجو
ڪوئي سنگتي ساٿي به ڪونه هو، جيڪو مون کي ڪا
دلداري ڏئي. منهنجا سڏڪا ۽ لڙڪ هجن، جي بس ٿيڻ جو
نالو ئي نه پيا وٺن. ڪجهه وقت کان پوءِ رسيس ختم
ٿي ۽ سڀئي ڇوڪرا پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ڏانهن وڃڻ
لڳا، پر آءُ ساڳئي هنڌ سڏڪا ڀري روئي رهيو هوس.
منهنجو من وياڪل هو. ايتري ۾ علامه دائود پوٽو
صاحب، جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي جو پرنسپال هو،
_(اسان جي تر ۾ ته سندس وڏي هاڪ هئي ڇاڪاڻ جو سندس
ڳوٺ به اسان جي ڳوٺ کان ٿوروئي فاصلي تي هو ۽ اسان
جي تر ۾ هيءُ پڙهي ڪنهن وڏي منصب تي پهتل پهريون
فرد هو) سو اتان لانگهائو ٿيو ۽ مون کي پنهنجي
ڪلاس ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنائين. پر پوءِ به مون کي
روئندو ڏسي، ان جو ڪارڻ پڇيائين، جنهن تي مون سڄي
ڳالهه ڪري ٻڌايس. ان دوران هن مون کان منهنجي ڳوٺ
بابت پڇيو . پوءِ مون پنهنجيءَ آفيس ۾ وٺي ويو ۽
پنهنجي ميز جي خاني مان هڪ عدد ڪاپي ان فقه جي
ڪتاب جي ڪڍي مون کي ڏنائين، ۽ پوءِ تمام گهڻي پيار
مان ڳراٽڙي پائيندي، ڏاڍي پنهنجائپ واري انداز سان
سمجهائيندي چيائين: ”جيڪڏهن تون ائين ئي پڙهڻ بنا،
واپس پنهنجي ڳوٺ هليو ويندين، ته پوءِ وڏو ماڻهو
ڪيئن ٿي سگهندين؟ ٻيو ته تنهنجي ڳوٺ جا ٻار به
توتي کلندا ۽ چٿرون ڪندا ته تون پڙهائيءَ کان
نٽائي ڀڄي آيو آهين، ۽ تنهنجا مائٽ به جن توکي هتي
پڙهي وڏي ماڻهو ٿيڻ لاءِ موڪليو آهي، سي به توتي
ڪاوڙبا. تون مون سان واعدو ڪر ته دل لڳائي ۽ محنت
ڪري پڙهندين ۽ واپس ڀڄي ڪونه ويندين.“ سندس انهن
ڳالهين نه فقط منهنجي دل کي ڌيرج ڏنو پر ڏاڍو گهرو
اثر به ڪيو، ۽ آءُ ساڻس اهو واعدو ڪري پڙهڻ لاءِ
ويٺس ته محنت ڪري پڙهندس، ۽ هڪ ڏينهن وڏو ماڻهو
ٿيندس.“
پنهنجيءَ سانڀر وارن ڏينهن واري سماجي زندگيءَ
بابت محترم جويو صاحب چوي ٿو: ”انهن ڏينهن ۾ اسان
جي گهرن اسڪولن ۽ اعليٰ تعليمي درسگاهن ۾ ٻاهر جي
سڄي ڄمار ۾ ننڍيءَ ٽهيءَ کي ادب ۽ فضيلت جي ڳالهين
۽ زندگيءَ لاءِ مانائتي ۽ گنڀير رويي رکڻ ڏانهن
زياده مائل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي؛ ڇو ته سڄي
تڏهوڪي سماجي زندگي، پنهنجي ئي نوع سان، پر هڪ طرح
جي وزن، ضابطي ۽ انتظام تي بيٺل هئي ۽ هلندي ٿي
رهي، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي پنهنجي ذاتي آزارن ۽ جهمڳٽن
۾ ايڏي غلطاني ۽ انساني آسپاس کان ايڏي بي تعلقي
يا بيزاري ڪانه هئي.“
ڪراچيءَ ۾ تعليم پرائڻ دوران، کيس ڪهڙن ماڻهن جي
صحبت ملي تنهن بابت محترم جويو صاحب ماضيءَ جي
جهروڪن ۾ جهاتيون پائيندي ۽ ياد ڪندي چوي ٿو:
سال 1934 ۾ جڏهن مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل
ٿيس، تڏهن ڪاليج کان اٽڪل ٽن ميلن جي فاصلي تي
سولجر بازار جي ايراضيءَ ۾ تازو تعمير ٿيل مسلم
ڪالونيءَ ۾ قبله محترم سائين جي. ايم. سيد جي
بنگلي، ”حيدر منزل“ ۾ رهائش نصيب ٿيم، جتان چارئي
سال، اڪثر پيرين پنڌ ڪاليج ايندو ويندو هوس. بندر
روڊ تي ، هاڻوڪي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي بلڪل
سامهون ٿيا سافيڪل سوسائٽيءَ جي بلڊنگ هئي (جيڪا
اڃا به آهي) جتان لنگهندي انهن جي هفتيوار ليڪچرن
۽ ٻين سماجي ۽ ثقافتي تقريبن بابت اڪثر ڳاڙهي ڪپڙي
جي بئنر تي وڏن اکرن ۾ لکيل اعلان پڙهندو هوس ۽
پوءِ سعيو ڪري اهي وڃي ڏسندو ۽ ٻڌندو هوس.
” انهن ڏينهن ۾ خاص طرح ٿياسافيءَ جي تعليم ۽
تحريڪ جو پڙهيل حلقن ۾ ڪافي چؤٻول هو. سو آءٌ قبله
محترم سائين جي. ايم. سيد ۽ ٻين بزرگن، جمشيد
نسروانجي، غلام علي چاڳلا، دادا ڄيٺمل پرسرام،
حاتم علوي، دادا ڪيولرام شهاڻي، ديوان سام
جئسنگهاڻي، سائين اين. بي. ڀُٽاڻي، ساڌو ٽي ايل
وسواڻي ۽ ٻين اهڙن درويش صفت انسانن جي صحبت مان
سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح فيضياب ۽ انهن مثالي ڪردارن
کان متاثر ٿيس.“
نصابي ، غير نصابي ۽ علمي ۽ ادبي سرگرمين بابت
ڳالهه ڪندي، پنهنجي حافظي تي زور ڏيندي، محترم
جويو صاحب چوڻ لڳو:
”اسلامي مدرسن ۾ اسان جي حالت ائين هوندي هئي، ڄڻ
معصومن کي واڙي ڇڏجي. سبقن وٺڻ ۽ ياد ڪرڻ راندين
ڪرڻ ۽ نمازن جي پڙهڻ يا انهن کان نٽائڻ ۾ اسين
پورا هوندا هئاسون. مئٽرڪ جي ٻن درجن ۾ سو اسان کي
انگلينڊ جي تاريخ مان هائوس آف ڪامنس ۽ هائوس آف
لارڊس، پارليامينٽ بمقابله آپيشاهي شهري حقن ۽
ذميدارين، ۽ فرانس سان انگلينڊ جي لڙاين ۽ انهن جي
سببن ۽ انهن ۾ انگريز قوم ۽ ان جي قومي سورمن جي
وطن دوستيءَ ۽ جان نثاريءَ جي مثالن جي ڄاڻ ملندي
ٿي رهي. البت ڪاليج ۾ پير رکڻ کان پوءِ اخبارن ۽
رسالن جي پڙهڻ، انگريزيءَ جي باغي شاعرن، شلي،
ڪيٽس، بائرن وغيره جي اتهاسڪ نظمن جي مطالعي،
سماجي اهميت جي انگريزي ڊرامن لارڊ مارلي جي
on compromise
(مصلحت بابت) جهڙن سياسي تعليم جي فڪر انگيز
ڪتابن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا مليا. سال 1938ع ۾
بي. اي. ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري نوڪريءَ بدران پنهنجي
مادر علميءَ سنڌ مدرسي ۾ استاد ٿيس، اتي استادن
جي لائبرريءَ مان خاص طرح وليم ڊريپر جو ڪتاب ٻن
جلدن ۾
History of the intellectual Development of
Europe
( يورپ جي ذهني فروغ جي تاريخ) ۽ جين جئڪسن روسو
جي آپ بيتي
Confessions
(مقبوليتون) ڇهن جلدن ۾ پڙهيم. ٻن سالن کان پوءِ
بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ وڃڻ ٿيو ۽ اتي ڪاليج
لئبرريءَ مان ٿامس ڪارلائل جو ڪتاب
The French revolution
(فرينچ انقلاب) ائبٽ جو
napoleon bonaparte
جادوناٿ سرڪار جو
Aurangzeb Alamgir
چئن جلدن ۾ پڙهيم تن ڏينهن ۾ يورپ ۾ ٻي مهاڀاري
لڙائي شروع ٿي چڪي هئي ۽ ان بابت ايم. اين راءِ جا
لکيل مضمون، خاص طور تي سندس انگريزي هفتيوار
رسالي
Independent India
۾ پڙهيم۽ ائين سندس قائم ڪيل ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ
پارٽيءَ جي سوچ ۽ پروگرام سان روشناس ٿيس. سال
1941ع ۾ واپس سنڌ ۾ ان پارٽيءَ جي ڪراچي تنظيم ۽
سندس تازي جاري ٿيل پندرهن روزه مئگزين
Karachi calling
سان وابسته ٿيس ۽ۡ ان سلسلي ۾ راءِ جا تقريباً سڀ
ڪتاب جيئن
Historical role of islam
(اسلام جو تاريخي ڪارنامو)
Scientific Politics
سائنسي سياست
From Savagery to Civilization
(وحشانيت مان انسانيت ڏانهن) ۽ ٻيا پڙهيم. سياست
جي ان تعلق سان سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي
ڪارگذاريءَ سنڌ جي سياست تي سوچڻ ۽ ان کي سمجهڻ
لڳس. ٿنڪرس لائبرريءَ جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪياسين.
انهن ئي ڏينهن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام جي ڏس تي
ٿياسافيڪل
سوسائٽيءَ جي ڪائونٽر تان ائني بيسنت جي جوان
عمريءَ جي ليڪچرن تي مشتمل
History of the Great French Revolution From the
stand point of the people
(عظيم فرينچ انقلاب جي تاريخ _ عام ماڻهن جي نقطه
نظر کان) ۽ ڪامريڊ برڪت علي آزاد جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيل، پرنس ڪروپاتڪن جو ڪتابڙو نوجوانن ڏانهن
۽ ٻيا به ڪيئي ان نوعيت جا ۽ ڪميونسٽ مئنيفيسٽو
(پڌرنامو) سميت سال 1917ع جي سوويت انقلاب جا ننڍا
وڏا ڪتاب هٿ آيم، جيڪي مون من جي وڏي هڪ ترنگ ۽
جولان ۾ پڙهيا ۽ وري وري پڙهيا، جن ۾ ٻن ڪتابن
هينري جارج جيprogress
and poveity
(ترقي ۽ غربت) ۽ ڪروپاتڪن جي ٻئي ڪتاب
Mutual aid
(باهمي معاون) جو مون تي خاص اثر ٿيو.
”جون 1947ع ۾ مون سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن
هڪ کليل خط لکيو _ انگريزيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾_ جو
اخبارن ۾ ڇپيو، ۽ اهو پترن ۽ ڪتابڙن جي صورت ۾ عام
ورهايو ويو، ۽ اهي 26 جون تي پاڻ کڻي اسيمبليءَ جي
دروازي تي بيهي، هڪ هڪ ميمبر کي هٿ ۾ ڏنم ، ڇو ته
ان ڏينهن هو پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ سان سنڌ
جي شموليت جو فيصلو ڪري رهيا هئا. اسيمبليءَ جا ان
وقت جا مسلم ليگي ميمبر سڀ سيد ، مير، پير ۽ وڏيرا
هئا ۽ وڏيءَ ڌانڌليءَ سان اڪثريت ۾ چونڊجي آيا
هئا. هڪ به انهن ۾ عام ماڻهن مان نه هو. منهنجي ان
خط ۾ کانئن طلب ڪيل هئي ته سنڌ لاءِ انهيءَ شموليت
جي فائدي ۾ پنهنجي فيصلي سان گڏوگڏ، پاڪستان جي
آئين ۾ ٻين شرطن ۽ ضمانتن سان گڏ، هو مارچ 1940ع
واري پاڪستان ريزوليوشن ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي
آئين ۾ خصوصي طور بيان ڪيل اغراض و مقاصد مطابق
سنڌي قوم لاءِ پاڪستان جي هڪ برابر جي شريڪ قوم
طور
Sovereignty & Autonomy
(اختياري مالڪ) جي درجي ۽ حيثيت جو واضح لفظن ۾
شرط رکن ! ان کان اڳ منهنجو انگريزي ڪتاب
Save sidh, save the continent
(سنڌ بچايو براعظم بچايو) به شايع ٿي چڪو هو، جنهن
جي سزا طور آءُ پنهنجي مادر علميءَ جي ملازمت کان
علحده ڪيو ويو هوس.
”ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي ميونسپل هاءِ
اسڪول،ٺٽي جي هيڊ ماستري ملي ۽ ترت ئي پوءِ جڏهن
اُهو اسڪول سنڌ گورنمينٽ جي تحويل ۾ آيو، ته
منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ فارمين ۾
استاد طور ٿي. 1951ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان منهنجي
بدلي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور ڪراچيءَ
ٿي، جتي مون کي سيد هاشم رضا، سيڪريٽري تعليم،
حڪومت سنڌ، جي ماتحت ڪم ڪرڻو ٿي پيو، سنڌي ادبي
بورڊ جا ميمبر توڙي منهنجا سرڪاري بالادست، هاشم
رضا سميت، منهنجي ڪم مان پوريءَ ريت خوش هئا. ان
وقت تائين اسين بورڊ جي پرنٽنگ پريس ۽ بورڊ جو بُڪ
اسٽال حيدرآباد ۾ قائم ڪري چڪا هئاسين، بورڊ جا
ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا هئا. بورڊ جون تصنيف، تاليف
۽ ترجمي جو رٿائون ٺهي راس ٿي چڪيون هيون ۽ تعميل
لاءِ تياريون هيون. آءُ پنهنجي آڏو سڄو اُهو ڪم
ائين وڌندي ڏسي گد گد ٿي رهيو هوس ۽ اُن کي پنهنجي
زندگيءَ جو ڪارج خاص
(Mission)
ٿي سمجهيم.“
هيءَ هئي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي رام
ڪهاڻي، جيڪا سندس پنهنجي زباني ٻڌيسون. هاڻي سندس
زندگيءَ جي ٻين پهلوئن جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش
ڪنداسون.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ذاتي ڪردار ۾،
پنهنجي نجي زندگيءَ ۾ انتهائي ملنسار، کلڻو،
مِلڻو، پريتوان، سُشيل ۽ سنتوش، محبتي ۽ مٺو ماڻهو
آهي. ساڻس ملڻ لاءِ جڏهن به وڃبو ته مان مريادا
پرائي موٽبو. هيءُ سدورو، نيارو ۽ اوچو انسان هر
وقت ۽ سدائين ٻهڪندڙ چهري سان اوهان جو سواگت
ڪندو. توهين جڏهن به ساڻس ملندا ته هڪ ڳالهه
ضرورنوٽ ڪندؤ ته جويو صاحب اُنهن ملاقاتن ۾ ڪڏهن
به پنهنجيءَ ذات جو ذڪر نه ڪندو ۽ نه ئي پاڻ
پڏائيندو، بلڪه هميشه علم ۽ ادب جي ڳالهه ڪندو.
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪندو،انهن جي ڏکن
ڏاکڙن، اُهنجن ايذائن، سک سلامتيءَ، ترقيءَ ۽
خوشحالي جي ڳالهه ڪندو، هڪ استاد ۽ نهايت ئي حليم،
ٻاجهاري ۽ سچي پچي هڏڏوکيءَ وانگر، پنهنجي مٺي ۽
ڌيمي انداز ۾ نهايت ئي پريم ۽ پاٻوهه وچان اوهان
تي پنهنجون محبتون نڇاور ڪندو، اوهان جي رهنمائي
ڪندو، اوهان کي سمجهاڻيون ڏيندو، علم ۽ ادب جي
ترقيءَ واسطي اوهان کي پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ واسطي
اُتساهيندو. جيڪي دوست سائينءَ جا محبتي رهيا آهن،
سي اها ڳالهه ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا.
محترم محمد ابراهيم جويو صاحب خودپسنديءَ،
وڏائيءَ،
شخصي تشهيربازيءَ يا موقعي پرستيءَ جهڙين انساني
ڪمزورين کان
|