سنڌي ٻولي، انگريزن جي فتح وقت به هندستان اپکنڊ
جي سڀني عوامي ٻولين مان ، پنهنجي تحريري دولت ۾
وڌيڪ شاهوڪار هئي- جيئن 1830ع ۾ رچرڊ برٽن
پنهنجي ڪتاب ۾ اُن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي .
اڄ، تحقيق، اسان جا ليکڪ ۽ ڪافي ڪي سماجي-سياسي
ڪارڪن، اسان جي ويجهين پاڙيسري ٻولين جي ڀيٽ ۾،
اسان جي مادري ٻوليءَ جي اُنهيءَ نسبتي افضليت کي
بحال رکڻ، ۽ پڻ اُن کي جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي علمن
جي ذريعي جي ٻوليءَ طور، دنيا جي ترقي يافته جديد
ٻولين جي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اُن ۾
پوري ڪاميابي اسان جي سچيءَ پچيءَ سڀ پاسائينءَ
اندروني خودمختيار سياسي صورتحال تي مدار رکي ٿي ۽
ممڪن ٿي سگهي ٿي. جديد ماڻهن جي جديد ٻوليءَ طور
سنڌي ٻوليءَ کي اِن پد تي پهچڻ ۽ پنهنجي ڪامل
سڦلتا ماڻڻ لاءِ- جيڪا اُن جو حق آهي ۽ اُن جي
لازمي منزل به اُنهن موافق ۽ مددگار سياسي حالات
جي پيدا ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو.
پرڪاش:
سنڌي ليکڪن جون اڄ ڪهڙيون ذميداريون آهن؟
جويو:
ليکڪن جون ذميداريون هميشه سندن ذهن ۾ جيڪي مقصد
موجود هوندا آهن، اُنهن پٽاندر هونديون آهن. جيترو
مقصد اوچو ۽ وڏو، اوتري ذميداري اوچي ۽ وڏي. هڪ
تابع ۽ ڪاڻياري سماج جي اديبن جي هڪ ۽ فقط هڪ ئي
ذميداري ٿي سگهي ٿي- پنهنجن پڙهندڙن جا ارادا
جاڳائڻ ۽ بلند ڪرڻ- بديءَ سان اُن جي هر شڪل ۽
صورت ۾ وڙهڻ ۽ مقابلي ڪرڻ جا ارادا- ته جيئن هو
پاڻ کي آزاد محسوس ڪن ۽ سڀ پنهنجا بند ۽ نيئر ٽوڙي
آجا ٿين- نام نهاد روحاني نيئر سڀ کان پهرين-
جيڪي اُنهن کي جڪڙيو ۽ ڊپ ۾ ٻوساٽيو بيٺا آهن، نه
ڪجهه چئي سگهن ٿا، نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا، رڳو
پنهنجي مرضيءَ سان مري به نٿا سگهن. اديبن کي
هميشه ڪثير هيڻن ۽ تابعدارن کي اٿارڻ ۽ اتساهڻ
گهرجي، ته اُهي هِڪمنا ۽ يڪمشت ٿيڻ ۽ ظلم جي
ديوارن تي پلٽجي پوڻ لاءِ پاڻ کي لائق ۽ مضبوط
محسوس ڪن- مرڻ لاءِ يا اُنهن جي دروازن کي ٽوڙڻ
لاءِ، ته جيئن آزاديءَ جو ساهه کڻن ۽ عزت سان جي
سگهن، پنهنجن شرطن تي ۽ پنهنجي پوري حق مطابق.اديب
هميشه نجات ڏياريندڙ، ماڻهوءَ جي روح جي زنجيرن کي
ٽوريندڙ، هوندو آهي، ته جيئن ماڻهو پاڻ سڃاڻي ۽
پنهنجي وٿ محسوس ڪري ۽ اُها ماڻي، ۽ رڳو هڪ
استعمال ۾ اچڻ ۽ اڇلائڻ جي شيءِ ٿي نه رهي، پر
پاڻ پنهنجي وجود جو ڌڻي ٿي زنده رهي ۽ مري ته به
هڪ آزاد هستيءَ جيان مري، اديب اِئين فردن جو ۽ پڻ
قوم جو جيئاريندڙ ۽ بچائيندڙ آهي، اُنهن جي روحن
جو مسيح آهي. جيڪو اديب ڪوبه مقصد اِن کان گهٽ
درجي جو پنهنجي اڳيان رکي ٿو، اُهو اديب نه آهي،
اديب ٿي نٿو سگهي، طاقت جا، بيٺل طاقت جا، ڪي
گماشتا ۽ تليباز به آهن ، ۽ پاڻ کي اديب سڏين ٿا-
پر اُهي شيطان جا جُٽ آهن، طاقت جي شيطان جا، طاقت
جيڪا ماڻهن جا روح ڪنبائي ٿي، هرکائي ٿي ۽ ٺڳي ٿي-
فردن جا توري قومن جا- ۽ اُنهن کي فرمانبردار
بڻائي ٿي، غلاميءَ تي هيرائي ٿي، ۽ کين مڃائي ٿي
ته غلامي به هڪ سُک آهي، هڪ نعمت آهي. اديب
ماٺاريل ۽ خوشدل روحن جو آرام ڦٽائيندڙ ۽ اُنهن کي
جهنجهوڙيندڙ آهي. سنڌي اديب کي به ، پنهنجين
موجوده حالتن ۾، اهڙو روحن جو آرام ڦٽائيندڙ ۽
جهنجهوڙيندڙ ٿيڻ گهرجي، ۽ اُنهن کي ڌونڌاڙي پاڻ
کان باخبر ڪرڻو ۽ بديءَ سان ويڙهائڻو آهي- ته جيئن
اُهي ٻڌي ۾ پنهنجي سگهه محسوس ڪن ۽ گڏجي پنهنجي
بيوسيءَ، خود قياسيءَ ۽ تابعداريءَ جي حالت کان
جند ڇڏائي سگهن- باندي روحن جي نجات اِنهيءَ کي
چئبو آهي.
پرڪاش: سنڌ جي سماج سنڌي اديب جي سڏ جي پوري موٽ
ڏني آهي؟
جويو: اديب هميشه ڪنهن لفظ، ڪنهن جملي، ڪنهن ڪتاب
جي ئي ڳولا ۾ هوندو آهي، جيڪو هڪڙو ئي هن جي چؤڦير
حقيقت کي هن جي بهترين پسند جي صورت ۾ بدلائي ڇڏي.
هيءَ اديب جي سگهه به آهي ۽ دردناڪي يا هڪ
دُرگهٽنا به – سگهه اِنهيءَ معنيٰ ۾ ته هيءُ سندس
اڌمو کيس پنهنجي ڪنهن بهترين تخليق جي ڳولا ۾
جُتيل رکي ٿو، ۽ دردناڪي هن معنيٰ ۾ ته، نه ڪنهن
خدا نه ڪنهن جادوگر هئڻ جي ڪري، هو هر ڀيري پوري
اهڙي ڪنهن تز لفظ، پوري ڪنهن اهڙي تز جملي يا پوري
ڪنهن اهڙي تز ڪتاب جي دريافت ۾ ناڪام رهي ٿو، جيڪو
هن لاءِ اهڙو معجزو يا اهڙي ڪرامت پيدا ڪري سگهي
يا اهڙي ڪا حرفت يا چلتو عمل ۾ آڻي سگهي.
هن جا پڙهندڙ، انهيءَ ڪري، پوريءَ ريت عمل لاءِ
متحرڪ نٿا ٿين. اِئين جيئن هو پنهنجي دل ۾ چاهي ٿو
ته هو ٿين. هن جي پڙهندڙن وٽان هن جي لکيت يا
تخليق جي موٽ هميشه سندس اُميدن کان گهٽ رهي ٿي.
انهيءَ ڪري ادب ماڻهن تي فورن يا ڇپٽي وڄائڻ سان
اثر نٿو ڪري، پر اُنهن مان هڪ هڪ تي، ٿورو ٿورو، ۽
تمام ڍرو ۽ آهستي آهستي عمل ڪري ٿو، هن ڪرشمي کي
سماج تي ساهت جو ’جمع ٿيندڙ‘ يا ’باچتو‘اثر چئجي
ٿو- اِئين جيئن ڦڙيءَ ڦريءَ تلاءُ ٿيندو آهي يا
ڦڙي ڦڙي جي مٿان ٽمڻ سان پٿر جي ڪا ڇپ ڀرُندي
آهي. ۽ ڀُرڻ تي ايندي آهي ته هڪدم ڀري به پوندي
آهي.
هن نقطي نگاهه کان، ۽ ساهتي پيداوار جي گهڻائيءَ
توڙي سٺائيءَ جي ناڪافي هجڻ کي خيال ۾ رکندي، ۽
ٻيو ته جُڳن کان ٺهيل ۽ پئجي پئجي سخت ٿي ويل
سماجڪ-سڀيتڪ تهن کي جو ڀڇڻو ۽ هٽائڻو ٿو پوي،
انهيءَ ڪري سوچجي ٿو ته اسان جي شاعرن ۽ اديبن جي
تخليقن جي جيڪا موٽ اسان جي سماج ڏني آهي، سا ڪافي
خاطر خواهه آهي- ڇا ڪاڻ ته سنڌ ۾ سماج اڄ اهو
ساڳيو نه آهي، جهڙو، ائين کڻي چئجي ته، اڌ صدي يا
ڪو ويهارو کڻ سال اڳ هو، ۽ اها سڀني کي ڄاڻ آهي ته
هن بهتريءَ ۽ سنڌي سماج جي خود ذهني اُفق جي ڪجهه
ڦيري اچڻ ۾، سنڌي اديبن ڪافي پنهنجو حصو، ۽ ڪافي
نمايان حصو، ادا ڪيو آهي،
پرڪاش : سنڌي اديبن پنهنجون ذميداريون پوريون
ڪيون آهن؟
جويو: سنڌي اديب به، سڄيءَ دنيا جي اديبن
وانگر،الڳ الڳ خيالن ۽ ارادن جا آهن، ۽ ڪشادي
ليکي، هنن تي به ترقي پسندن ۽ رجعت پرستن جا پتا
چنبڙائي سگهجن ٿا. هنن ٻنهي ڌرين جا سنڌي اديب
پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن- ترقي
پسند، باغي، تڙيل ۽ اڻ قبوليل اديب، ترقيءَ جي
راهه کي سنئين ۽ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن؛
۽ رجعت پرست، بيٺل طاقت ۽ قائم نظام جا جي حضور ۽
انهيءَ ڪري نه رڳو قبوليل پر طاقت جا پيارا ۽ ساهه
سيباڻا اديب ترقيءَ جي رستي تي ڪنڊا اڇلائيندا ۽
اُن جي آڏو کڏن کوٽڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
هن عمل ۾ ترقي پسندن جو انعام فقط اُنهن جا ڏک ۽
سختيون رهيا آهن، ڇا ڪاڻ ته اُهي راهه وٺي ويندڙ
آهن- کاهوڙي آهن _ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل، هٿ
رهڙيل، پير ڦٽيل ۽ رت ٿيل، راهه تي ڪٿي ڪنهن
ڇانوري ۾ يا ڪنهن گهر جي در تي مشڪل ڪڏهن سڏيل ۽
ويهاريل- هو هلندا رهيا آهن، اڳتي ۽ اڳتي، پٺيان
ايندڙن لاءِ رستو ٺاهيندا ۽ سنواريندا، ته جيئن
سندن سماج ڪنهن بهتر ۽ وڌيڪ سکئي ستابي ۽ سوڀياوان
مستقبل تي رسي سگهي. رجعت پرستن، پنهنجي سر، فقط
منصب ۽ آسودگيءَ جي تڙڪن تي سيڪ پئي ورتا آهن.
فائدا ماڻيندا ۽ اڻ ڄاڻ ۽ شورائتيون شابسون کٽندي-
سندن منزل طاقت ۽ دولت جا ايوان ئي پئي رهيا آهن،
جتي ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اُپجي ۽ فقط بدي ۽
بدڪاري ئي اُسري ٿي ۽ ڦولارجي ٿي.
عمل جي عظمت، مقصد جي تصور ۽ راهه جي ڏاڍاين ۽
خطرن تي مدار رکي ٿي. اهڙيءَ طرح، آزاديءَ کان
پوءِ جي سنڌي ادب جي ميدان ۾ فقط ترقي پسند اديب
ئي آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جي هزارن پنهنجن بيخوف
همراهه بردار اديبن وانگر، پنهنجي غريب ۽ ڏتڙيل
سنڌي سماج کي اٿارڻ ۽ اڳتي ڪرڻ جي ڏس ۾ پنهنجون
ذميداريون پوريون ڪندو رهيو آهي- ته جيئن اُن جي
چائنٺ تي به، دنيا جي ٻين قومن وانگر، هڪ روشن تر
۽ وڌيڪ ڪو پر بهار ۽ خوشحال مستقبل اچي ڪڏهن بيهي
۽ آواز ڏئي، جيڪو زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۽ ماڻڻ اُن جو به
حق آهي.
پرڪاش: اوهان پنهنجي ڪتاب ’شاهه-سچل-ساميءَ‘ ۾
ٻڌايو آهي ته سنڌ جا ماڻهو قبيلن ۾ ورهايل هئا، ۽
مذهب به اُنهن کي ڌار ڪيو هو: ڇا، اِهي حالتون اڃا
به موجود آهن؟ قومي ايڪو اسين ڪيئن پيدا ڪري سگهون
ٿا؟
جويو: قومي ايڪي ڏانهن نيندڙ راهه، اسان جي عظيم
رهبر سائين جي-ايم-سيد اسان کي پنهنجي انگريزي
ڪتابچي
‘National Unity-A Plea For Sanity’
(”قومي ايڪو- هڪ ڏاهپ ڀري صلاح“) ۾ ڏسي آهي،جيڪو
ميسرس سيد ائنڊ سيد، ڪراچيءَ، وارن شايع ڪيو آهي.
هن مسئلي ۾ جيڪي دلچسپي رکن ٿا، اُنهن کي ضرور
اُهو ڪتابچو پڙهڻ کپي، سمجهڻ کپي، ۽ جو ڪجهه اُن ۾
ڏسيو ويو آهي اُن تي هلڻ کپي.
هڪ سماج کي، خاص طرح هڪ تابع ۽ ڪاڻياري سماج کي،
ورهائڻ ۽ ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جا اسباب سدائين موجود
رهندا. مذهبي ۽ قبائلي فرقن کان سواءِ اسان ۾
ٻوليءَ جا فرق به اِن وچ ۾ وڌيڪ اچي پيدا ٿيا آهن
۽ اسان جي وڌيڪ مشڪلاتن جا سبب بڻيا آهن. پر هي سڀ
فرق اڄ پنهنجي اُها تکاڻ وڃائي چڪا آهن ۽ اُها
پنهنجي اڳوڻي سختي به اُنهن ۾ ڪانه رهي آهي.هر
حالت ۾ ۽ هميشه، اقتدار ئي هوندو آهي، جيڪو سماج ۾
قومي ايڪي يا ڇڙوڇڙائيءَ لاءِ ذميدار هوندو آهي.
سماج ۾، خاص طرح ڪنهن هيڻي ۽ تابع سماج ۾، ايڪو يا
اتحاد مشترڪ مقصد لاءِ جدوجهد ڪندي ئي پيدا ڪري
سگهجي ٿو. ماڻهن کي ڪو موقعو ملي، جو هو ڪو مشترڪ
مقصد دريافت ڪن ۽ اُن جي حصول لاءِ جدوجهد جي ڪا
تياري يا تنظيم ڪن، تابع ۽ ڪاڻياري سماج ۾ ماڻهن
کي اهڙي موقعي کان محروم رکڻ ئي اقتدار جي، پاڻ کي
مضبوط ڪرڻ ۽ سدا قائم رکڻ جي حڪمت عملي هوندي آهي.
قبائلي، مذهبي، لساني ۽ پڻ طبقاتي فرق ۽ ويڇا
اقتدار جي هٿ ۾ فقط ڪي ذريعا ئي هوندا آهن، جيڪي
اُهو ڪم اڻيندو، وڌائيندو ۽ تيز ڪندو رهندو
آهي-اِنهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اُهو موقعو ملي ئي
نه سگهي.
پر آقائن جي هٿ ۾ پنهنجي هن ظالمانه کيل لاءِ جيڪو
’لٺ ۽ چٺ‘ جو آزمايل هٿيار هوندو آهي، سندن طرفان
اُن جي ڀرپور ۽ ماهرانه استعمال جي باوجود، اُهو
سماج جنهن جي تقدير’گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ‘ هجي، ان
لاءِ پنهنجو مشترڪ مقصد ۽ ان جي حصول لاءِ جدوجهد
جو رستو دريافت ڪري وٺڻ هڪ عين ممڪن به آهي ۽ ائين
هو آخرڪار ڪري به وٺي ٿو. اسان جو سماج تحقيق هڪ
اهڙو سماج آهي، ۽ ايترن سارن تفاوتن ۽ ويڇن هوندي
به اسين ايڪو قائم ڪري ان کي مضبوط بڻائي سگهون
ٿا- پر ائين رڳو بحث مباحثن ۽ ڳالهين ٻولهين سان
نه ، پر فقط جدوجهد جي رستي سان ئي ڪري سگهون ٿا.
اسان کي مڪمل يا مثالي ايڪي جي سوداءَ ۾ رهڻ نه
گهرجي _ ڇاڪاڻ ته اهڙو ايڪو ڪٿي به ۽ ڪنهن لاءِ به
حاصل ڪرڻ بهرحال ممڪن ڪونهي . هڪ تابع ۽ ڪاڻياري
سماج ۾ ڪارائتي ۽ ڪم ڪڍائو ايڪي جو حقيقت پسندانه
۽ عملي رستو هيءُ آهي ته ڳالهه ٻولهه جي رستي ايڪو
۽ اُن تي عمل، وڌيڪ ڳالهه ٻولهه، وڌيڪ ايڪو ۽ وڌيڪ
اُن تي عمل، ۽ ائين ڳالهه ٻولهه-ايڪي-عمل جا، يعني
جدوجهد جا، رستا ۽ دائرا پڌرا ٿيندا ويندا ۽ وڌندا
۽ وسيع ٿيندا رهندا.
پرڪاش: ڪهڙيون سماجي ۽ سياسي تبديليون آهن، جن
بابت اوهين خوش آهيو؟
جويو: سڀ ساز سامان، سک سهوليتون، جيڪي زندگيءَ ۾
آءُ اڄ تائين ماڻيان ٿو، اُهي سڄيءَ دنيا جي
انسانن جي ڪاميابين ۽ حاصلاتن جا نتيجا آهن، جيڪي
ماضيءَ ۾ زندهه هئا، ۽ پڻ منهنجي پنهنجي وطن جي
ماڻهن بلڪه منهنجن پنهنجن ابن ڏاڏن ۽ بزرگن جي
سوچ جا، ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا آهن. اِنهيءَ ڪري
جيڪا ڪجهه اڄ دنيا ۾ انسان ذات هٿان يا منهنجي وطن
۾ هتي يا خود شخصي طور منهنجي پنهنجي هٿان حاصلات
ٿيندي رهي ٿي، جيڪا ايڏيءَ وٿ ۽ ايتري مُلهه جي
آهي، جو اُها انسان جي چڱائيءَ لاءِ مستقبل ۾ قائم
رهي ،اُها مون کي خوشي ڏئي ٿي. ۽ آءُ ان تي خوش
ٿيان ٿو. رستا ٺهن ٿا، بئريج جُڙن ٿا ، گهر اڏجن
ٿا، ڪو شعر اُپجي ٿو، ڪا ڪهاڻي يا ناٽڪ لکجي ٿو ۽
پيش ٿو ٿئي، ڪو نيڪ ڪم ٿئي ٿو، ڪو سهڻو راڳ سپجي
ٿو ۽ چوڏس ٻُري ٿو-اهي سڀيئي ڏاڍيون دل کي خوش
ڪندڙ ڳالهيون ۽ من کي وڻندڙ ڪم هر روز بلڪه هر
گهڙيءَ چؤڦير منهنجي جيون ۾ ٿيندا رهن ٿا- ۽ آءُ
انسان جي هن عجيب اُسرندڙ زندگيءَ جي محل جي اِنهن
سڀني ننڍين ننڍين پر سهڻين، وڻندڙ ۽ پائدار سِرن
جي رکڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيان، جنهن محل ۾ منهنجا
ٻار ۽ اُنهن جا ٻار، اڻ ڳڻيا انساني نسل، سدائين
رهندا ۽ ڪم ڪندا، ڪم ڪندا ۽ رهندا…هن سڄيءَ ساري
روئداد تي آءُ ڇو نه خوش ٿيان! هيٺ، هڪ وک يا ٻه
وکون تنهنجي رستي تي اڳيان ڪو پٿر يا ڪو ڪنڊو پيو
آهي ۽ اُهو تون نوڙي کڻي ٿو ۽ اُڇلائي، پاسي ڪري
ڇڏين ٿو- اُهو ممڪن هو ته توکي ئي لڳي پوي ها ۽
تنهنجي پيرن کي ڦٽي وجهي ها!- ۽ جيڪڏهن اهڙا ڪي
پٿر يا ڪنڊا کڻي توکي سچ پچ لڳن به ٿا ۽ تون
زخمجي پوين ٿو ۽ تنهنجن هٿن مان رت به نڪري ٿو ۽
تون ڪري به پوين ٿو، ته به ڇا ٿيو، يا ڇا ٿي
پوندو ؟ ڇا، جيڪي ڪجهه تو ڪيو، يا اهڙيون ٻيون
ڪيئي ڀليون ڳالهيون جيڪي تو سان گڏ ڪيترا ٻيا
تنهنجا راهگير ڀائر ڪندا ٿا رهن، اُنهن تي تون خوش
نه آهين!
تمام گهڻيون اهڙيون ڏاڍيون وڏيون
ڳالهيون-سماجي،سياسي ۽ سڀيتائي-دنيا ۾ اسان جي
پنهنجي وطن ۾، منهنجي پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ٿيون آهن
۽ عمل ۾ آيون آهن. اسان جي پنهنجي ماڻهن کي به
جاڳائڻ. اُنهن کي پائبندين کان آجي ڪرڻ ۽ دنيا جي
ماڻهن کي به جاڳائڻ، اُنهن کي پائبندين کان آجي
ڪرڻ ۽ دنيا جي ماڻهن ۽ قومن جي برابريءَ ۾ اُنهن
کي باعزت ۽ شانائتي مستقبل جي ضمانت ڏيارڻ لاءِ پڻ
هڪڙي وڏي، مخلصانه ۽ ساهه سڌير ڪندڙ ڪوشش هلي رهي
آهي، ۽ آءُ اهڙيءَ سڄيءَ ڪوشش تي خوش آهيان . ۽ سڀ
کان وڌيڪ، ان ڪوشش ۾ جيڪو منهنجو پنهنجو هڪ نماڻو
حصو رهيو آهي. ان تي آءُ خوش آهيان. هِن سڄي
زندگيءَ ۽ اُن جي ڪار ڪرت جي سلسلي ۾، بهرحال، آءُ
جنهن ڪم سان، جنهن ڳالهه سان، جنهن مقصد سان، پاڻ
کي واڳيل سمهجان ٿو ۽ اُن جي مون کي اٿندي ويهندي
اون هجڻ گهرجي- يعني هِن ڌرتيءَ تي، انساني
زندگيءَ جي هِن عاليشان وسيع رٿا ۾ جيڪو ڪجهه
پنهنجي ڀاڱي طور آءُ هِن گهڙيءَ ڪري رهيو آهيان ۽
اُن کان هڪدم پوءِ جيڪي مون کي ضرور ڪرڻو آهي، اُن
سان ئي منهنجي ورونهن ۽ واسطو هجڻ کپي، ۽ اُهو ئي
ڪجهه منهنجي ڪم جو، منهنجي خوشيءَ جو ۽ منهنجي
زندگيءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه نتيجو به.
رڳو بنهه ويجهڙائيءَ وارو،1945ع جو، رسالو
ئي وٺو، جڏهن ٻي عالمي جنگ پوري ٿي رهي هئي- ته لڳ
ڀڳ هڪ سؤ قومون دنيا جي گولي تي اهڙيون هيون، جيڪي
مغربي سامراج جون غلام هيون. اڄ ساڍا ٽي ڏهاڪا
سالن جا مس گذريا آهن، جيڪو عرصو منهنجي پنهنجي
اڪيليءَ زندگيءَ جي اڌ کان ٿورو ئي ڪو مٿي آهي، ته
سڀ اُهي قومون، سواءِ ڪن اڌ ڊزن کن قومن جي آزاد
ٿي چڪيون آهن. ۽ ڏسو ته هيءَ ’سماجي ڀلائيءَ جي
عمل‘ جي ڳالهه جنهن کي ’سوشلزم‘ ٿو چئجي، جيڪا
اڄوڪي ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي حقيقي صورتگريءَ جي
ڳالهه آهي،سا هِن ڌرتيءَ جي غريبن، هيڻن، پائمال
ٿيلن ۽ نماڻن انسانن لاءِ، هڪ بهترين ۽ عاليشان
نعمت جي صورت ۾ ڪيئن نه دنيا ۾ چؤ ڏس وڄ جي تيج ۽
تيزيءَ سان پکڙي رهي آهي! اڄ اڌ کان وڌيڪ انسان جا
ٻالڪ پنهنجي پورهئي جو پورو پورو ۽ پوري انصاف
ڀريو حق ماڻي رهيا آهن ۽ پاڻ جهڙي ڪنهن انسان ڀاءُ
جي ٻانهپ جي ڪاڻ کان آجا آهن. ناخوش هجڻ جي رڳي
هڪڙي ڳالهه آهي-اِها حقيقت ته اهڙي سرهِي ۽ سوڀاري
زندگي ڪٿي ڪٿي انسان جي اولاد کي اڃا ميسر نه آهي
۽ اُنهن حالتن ۾ به ڪاميابيءَ جي احساس ۽ زندگيءَ
جي خوشيءَ ماڻڻ جو جيڪو هڪ ئي رستو سامهون موجود
آهي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو اُهو جدوجهد ٿي سگهي ٿو،
جنهن سان اُهي حالتون بدلجن ۽ اُهڙيءَ سوڀياوان
زندگيءَ جا امڪان ڌرتيءَ جي باقي رهيل منش جاتيءَ
لاءِ به روشن ٿي سگهن . هن ئي صورت ۾ اِتي ئي هر
چڱي ماڻهوءَ جو فرض موجود ڏسجي ٿو ۽ اُن ۾ ئي فقط،
اسان سڀني لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي خوشيءَ ۽ سڪون
جا امڪان ۽ پڻ سڄيءَ زندگيءَ خود اُن جي موجوده
حالتن سان هڪ قسم جي ’ٺاهه‘ جي صورت ۽ اُن جا نشان
موجود ٿي سگهن ٿا- ڇو ته اها زندگي ۽ اُن جون اِهي
حالتون ئي اسان کي سڏين ٿيون ۽ دعوت ڏين ٿيون ته
اُنهن سان جتجي وڃون ۽ اُنهن تي قابض ٿي، اُنهن کي
بدلايون ۽ پنهنجي ئي فائدي لاءِ بهتر صورت ۾
آڻيون.
پرڪاش: هڪ آدرشي ڊاڪٽر لاءِ اوهان جو ڪهڙو تصور
آهي- ماڻهن جي خيال کان جن جي هو دوا درمل ڪري ٿو؟
جويو: سڀ کان پهرين، هڪ آدرشي ڊاڪٽر، هڪ قابل
ڊاڪٽر آهي، جيڪو پنهنجي پيشي جو ڄاڻو آهي، ۽ اُن
سان محبت اٿس. جڏهن آءُ چوان ٿو ته هو پنهنجي پيشي
جو ڄاڻو آهي، ته منهنجو مطلب آهي ته هو نه رڳو اُن
جو ماهر آهي ۽ اُن جي هر ڪاريگريءَ ۽ هر گُر کان
واقف آهي، پر اُن جو هو ڪارج ۽ مقصد به ڄاڻي ٿو. ۽
جڏهن آءُ چوان ٿو ته اُن سان هن جي محبت آهي ته
منهنجو مطلب آهي ته هن جي اُن سان محبت رڳو پئسن
جي ڪري نه آهي، جيڪي هو اُن ذريعي ڪمائي ٿو، پر
تنهن کان وڌيڪ جيڪا اُن مان هن کي خوشي ملي ٿي،
اُنهيءَ ڪري. ۽ جيترو وڌيڪ سٺي نموني هو پنهنجو
ڌنڌو ڪندو ۽ جيترو وڌيڪ هو اُن سان واڳيل هوندو ۽
من لائي اُهو ڌنڌو ڪندو، اوتري وڌيڪ اُن مان هن کي
خوشي حاصل ٿيندي-’ڊوڙ جي شرط جو ڦل خود ڊوڙڻ ۾ آهي
۽ نه اُنهيءَ انعام ۾ جيڪو اُن مان ملي ٿو.‘
هيءَ ڳالهه سڀني پيشن ۽ زندگيءَ جي سڀني ڌنڌن ۽
ڪمن سان لاڳو آهي- بلڪه سڄيءَ زندگيءَ جي حالت ۾
اِها ڳالهه ائين آهي، جيڪا سڄي جي سڄي هنرمنديءَ
سان ۽ ڦلدائڪ نموني گذارڻي آهي: هنر ۽ ڦل جي هتي
معنيٰ آهي اُهو هنر، جنهن جي بهتر کان بهتر ٿيڻ جي
ڪا حد ڪانهي، ۽ ڦل اُهو جيڪو من کي شانت ڪري ۽
جنهن سان ماڻهو جو اندر خوش ٿئي.
ڊاڪٽر بُت جي سنڀال ڪري ٿو ۽ اُن کي درست رکن لاءِ
ذميدار آهي، بلڪل ائين جيئن استاد ماڻهوءَ جي
درستيءَ (روح جي صحت) لاءِ ذميدار آهي. ۽ درست بت
۾ درست من ئي جيڪو پيدا ڪرڻ ضروري آهي، انسان ۽
انساني سماج لاءِ ته اُهي نهال ۽ سچ، سونهن ۽
چڱائيءَ جي اوچي کان اوچي ۽ اتم کان اتم پد تائين
پهچن، اِنهيءَ طرح ڊاڪٽر ”گويا ڌرتيءَ تي سرڳ ٺاهڻ
جي ڪم ۾ شريڪ رهي ٿو، اُتي ’خدا‘ جون اِهي صفتون-
سچ، سونهن ۽ چڱائيءَ (سروم ، ستيم ۽ سندرم ) جون _
قائم هجن ، ۽ اهو سچ پچ ته انسان جو ’خدائي‘
(آدرشي) رول آهي، جيڪو هن کي هتي ڌرتيءَ تي ادا
ڪرڻو آهي، ۽ اهو ماڻهوءَ جو اوچي کان اوچو شان ۽
هُن جِي ڀلان ڀل ۾ ڪاميابي سمجڻ گهرجي، جو فطرت
کان هن کي جيڪو زندگيءَ جي هڪ ننڍڙيءَ گهڙيءَ جو
درلڀ کان درلڀ وجهه ۽ ايڏي هڪ عجيب کان عجيب ۽
خيال ئي ۾ نه اچڻ جهڙي اتفاق سان مليو آهي، اُن ۾
اهڙو هڪ انمول رول هو ادا ڪري سگهي. هڪ آدرشي
داڪٽر اُهو هڪ ماڻهو آهي، جنهن کي زندگيءَ ۾ اهڙي
’خدائي‘ مقصد جي ادائگيءَ جو فرض سپرد ڪيو ويو آهي
۽ پنهنجي سِر به هو پنهنجي اُن پيشي کي اُنهيءَ
مقصد تي رسڻ جو ۽ اُن جي ادائگيءَ جو هڪ ذريعو
سمجهي ٿو. اِنهيءَ ڪري هن کي پنهنجي پيشي سان عشق
رکڻو آهي- اهڙو جهڙو زندگيءَ جي ٻيءَ ڪنهن به
ڳالهه سان نه- اُن سان پنهنجو سڄو وجود هڪ ڪري
ڇڏڻ سان، اُن عشق لاءِ هو لڳاتار پنهنجي پيشي کي
وڌ کان وڌ ڄاڻڻ ۽ بهتر کان بهتر ادا ڪرڻ جي ڪوشش ۾
مصروف رهي ٿو.
پرڪاش: شاگردن لاءِ اوهان جي ڪا صلاح، ڪو نياپو؟
جويو: شاگردن لاءِ منهنجي صلاح ۽ منهنجو نياپو
جيڪڏهن ڪنهن وٿ جو ٿي سگهي ٿو ته اِهو آهي ته ’چڱا
ٿيو، اوچا بڻجو، ڪنهن کان نه ڊڄو- زندگيءَ جي منزل
پوري ڌيان ۽ تورتڪ سان چونڊي سامهون رکو ۽ اُن سان
سچا رهو. ڇا ڪاڻ ته، جيئن لينن چيو آهي، ”ماڻهوءَ
جي پياري کان پياري ملڪيت زندگي آهي، ۽ جيئن ته
اُها هن کي ماڻڻ لاءِ رڳو هڪ ئي ڀيرو ملي ٿي. اُها
هن کي اِئين گذارڻ کپي، جو بي مقصد سالن جي گذري
وڃڻ جو هن کي ڪو ايذاءُ ڏيندڙ ارمان محسوس ڪرڻو نه
پوي؛ ائين گذارڻ کپي، جو ڪنهن بزدل ۽ خسيس ماضيءَ
جي شرمندگيءَ جا ڏنڀ هن کي سهڻا نه پون؛ اِئين
گذارڻ کپي، جو مرڻ مهل هو چئي سگهي ته ’سڄي منهنجي
زندگي، سموري منهنجي طاقت دنيا ۾ بهتر مقصد لاءِ
ڪم آئي- بني نوع انسان لاءِ آزاديءَ جي جنگ ۾
وڙهندي.“
(انگريزيءَ ۾ ڏنل هِن پنهنجي انٽرويو جو سنڌيءَ ۾
ترجمو به جويي صاحب پاڻ ڪيو- پرڪاش)
نصير مرزا
هڪ دور سان رهاڻ
محمد ابراهيم جويي صاحب سان ڪچهري
س: اوهان جي نظر ۾ ادب، خاص طور سنڌي ادب، جو ڪهڙو
ڪارج آهي؟
ج: جيڪڏهن ڪنهن به ادب کي، ڪو ڪارج ناهي ته آءُ ان
کي ادب مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. البته ادب جي جيڪا
فني خصوصيت ۽ تقاضا آهي، اها پنهنجي جاءِ تي اهميت
رکي ٿي ۽ هڪ اديب لاءِ اهو ضروري به آهي ته هو ان
جو پورو خيال رکي ۽ اُن جي پوري تڪميل ڪري. باقي
جيڪي ڪجهه به اديب، ادب جي معرفت، چوي ٿو، اهو
يقيناُ با مقصد آهي. اديب سمجهي ٿو ته جيڪي ڪجهه
هن چيو آهي، اُن کي هن جا، پڙهندڙ سمجهندا، ۽ ائين
هن جي ڳالهه ٻين تائين رسندي. اديب اُن لاءِ ئي ته
لکي ٿو. ان ڪري ادب جو ڪارج بهرحال موجود رهي ٿو،
جنهن کي ”سماجي ڪارج“ به چئجي ٿو. دراصل انسانن ۾
انفرادي توڙي اجتماعي طرح گهڻيون ڪمزوريون آهن.
اصلاح لاءِ جيڪڏهن انهن ڪمزورين جي نشاندهي جذباتي
نوع ۾ هجي، نصيحتن واري انداز يا واعظ وانگر، اهي
ادب جي پيشڪش جا هڪڙا رخ آهن، پوءِ چاهي اهڙو ڪو
رخ شاعريءَ جي صنف ۾ اختيار ڪيو ويو هجي، يا نثر
۾. خود مختلف صنفن کي پنهنجي لکت واريءَ طرز طور
دفعن ۾ ورهايو ويو آهي، پوءِ انهن رخن کي رومانوي
چئو، اصلاحي چئو، اخلاقي چئو، يا تاريخي چئو. اهي
سڀ ’علمي‘ ڄاڻ جا مختلف ذريعا ۽ انداز آهن، جن کي
استعمال ڪري اديب پنهنجي ڳالهه پڙهندڙن تائين
پهچائي ٿو. اصل ۾ ادب ان کي ئي چئجي ٿو، جيڪي
لکندڙ، قلم ذريعي، يا خود زباني طور ماڻهن تائين
پهچائڻ گهري ٿو. سو ان ڪري اديب جي ادب جو ڪارج
ضروري ٿئي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ هو چوي ڇو، لکي ڇو؟ ۽
ان طرح سنڌي اديب وٽ، سنڌي ادب وسيلي، سنڌي پڙهندڙ
يا ٻڌندڙ قدردانن کي سڌيءَ طرح ۽ پڻ ٻيءَ ڪنهن
ٻوليءَ جي پڙهندڙن کي ان جي ترجمي وسيلي گهڻو ڪجهه
ڏيڻ لاءِ مواد موجود آهي.
س: توهين جڏهن ادب جي تشريح يا وضاحت ڪريو ٿا، ته
شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ ڪلاسيڪيءَ کان جديد ادب
تائين جو سمورو دور توهان جي سامهون آهي. اوهين ڇا
چوندؤ ته اهو سڀ سنڌي سماج لاءِ ڪيتريءَ حد تائين
ڪارگر ثابت ٿي سگهيو آهي؟
ج: جڏهن سنڌي تربيت ۽ تعليم جي تاريخ، اڻ لکيل يا
لکيل ادب جي حوالي سان، اسان تائين يعني سنڌي
ماڻهن تائين پهتي آهي، تڏهن کان ان سلسلي ۾ سماج
جي ڪهڙي ڪيفيت ۽ صورتحال رهي آهي. ان بابت ئي چئي
سگهبو ته ان صورتحال جو خيال سنڌي اديبن ڪيو يا نه
ڪيو. اهو ڏسڻ ضروري آهي ته اها تاريخ جي ڪهڙي
نمايان صورتحال هئي، جيڪا ڪنهن سنڌي ڏاهي ماڻهوءَ،
مفڪر يا حساس
ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ضرور آئي هوندي، ۽ ان جو نوٽيس
ورتو ويو هوندو. جڏهن ان سوال کي ذهن ۾ رکبو ته
پوءِ ئي چئي سگهبو، نه ته اُن دور جي ليکڪن،
اديبن- پوءِ اُهي شاعر هئا، سگهڙ هئا يا نثر نويس
هئا- تن پنهنجو فرض نڀايو، يا جيڪا ڳالهه انهن ڪرڻ
گهري ٿي، سا واقعي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سماج جي
فائدي، اصلاح، خدمت ۽ جاڳرتا ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري
سگهي يا نه. مطلب ته پهرين ان سلسلي جي مرحلي
واريءَ صورتحال کي واضح هجڻ گهرجي.
س: مان پنهنجي سوال کي آسان ڪريان ٿو. لطيف کان
وٺي اياز تائينءَ جي شاعريءَ جو سنڌي سماج تي جيڪو
اثر آهي، ڇا اُن ڪي مثبت تبديليون ۽ انقلابي رويا
پيدا ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ۽ هاڻ سماج ۾
جيڪي تبديليون آيون آهن، ڇا انهن ۾ اسان جي انهن
ٻن شاعرن ، جيڪي سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ جو
اهم اثاثو آهن، تن جو ڪو حصو آهي؟
ج: ظاهر آهي، هنن ڪوشش ڪئي هئي، پوءِ اها ڪيتري
قدر ڪاميابي پائي سگهي، اها جدا ڳالهه آهي. ماڻهو
هنن جي ڳالهه کان ڪيترو متاثر ٿيا يا انهن جي اثر
سان ڪيترو ذهن يا ڪيترا ذهن جُڙيا، سا ڌار ڳالهه
آهي. پر هنن ڪوشش ضرور ڪئي. ان کان پوءِ اهو سمجهڻ
گهرجي ته سنڌ جو ڪهڙو مامرو يا مسئلو سندن سامهون
هو، جنهن ڪري هنن کي ڪجهه چوڻ جي ضرورت محسوس ٿي
هئي. اديب کي جيستائين پنهنجي سماج جي ڪنهن نه
ڪنهن مسئلي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت درپيش نٿي
اچي، تيستائين هن جي دل ۾ ڪجهه چوڻ يا لکڻ جو امنگ
يا اڌمو جاڳندو ئي ڪونه. ان خيال کان جيڪڏهن اوهين
سمجهڻ چاهيو ته ڪجهه تفصيل ۾ وڃي سگهجي ٿو.
سنڌ هڪ وطن آهي ۽ جاگرافيائي طور جيتوڻيڪ ان جون
حدون بدليون سدليون آهن، پر تاريخ ۾ سنڌ’وطن‘ڪري
شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ان جي وڏي ۾ وڏي
خصوصيت اها آهي ته ان سنڌ ۾، سنڌ وطن ۾، سنڌي
ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اڪثريت آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ
ماڻهو ڪيئن اچي هڪ ئي جاگرافيائي حد اندر جمع ٿيا.
اهو ته تاريخ جو هڪڙو وڏو معجزو يا ڪارنامو يا
ڪاوش چئجي يا تاريخ جو نتيجو. تاريخ مان خبر پوي
ٿي ته ڪي صديون گذريون، ڪي هزار سال گذريا، جنهن
بعد اهو هڪڙو لقاءُ يا فنامنا پيدا ٿي، جو
جاگرافيءَ جي هڪڙي خطي يا علائقي اندر هڪ ٻولي
ڳالهائڻ وارن جي اڪثريت پيدا ٿي وئي. ان ڪرشمي جي
اوسر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙ ماڻهن، اڳواڻن ۽
اديبن ڪيتري ڪاوش ڪئي، جو ان معجزي نماءَ کي حقيقت
جو روپ مليو! سوچجي ٿو ته انهن ’گفتار جي غازين‘ ۽
’ڪردار جي سوڀياوان سورهين‘ لاءِ عقيدت طور سر
جهڪائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مولانا روميءَ
پنهنجي شهره آفاق مثنويءَ ۾ (جنهن لاءِ ’هست قرآن
در زبان پهلوي‘ چيو ويو آهي) حضرت موسيٰ کي الله
جي طرفان تاريخ جي ان يا اهڙي ڪرشمن بابت، جي
آفاقي لفظن ۾ سمجهايو، سي اسان جي سمجهڻ لاءِ به
آهن: فرمايائين:
هر ڪسي را سيرتي بنهاده ام
هر ڪسي را اصطلاحي داده ام
(هر ماڻهوءَ کي هر قوم کي، هڪ سيرت هڪ تهذيب، هڪ
سڀيتا بخشي اٿم، هر ماڻهوءَ کي هر قوم کي، ان
سيرت، اُن تهذيب، اُن سڀيتا، جي زبان ڏني اٿم)
هنديان را اصطلاح هند مدح
سنديان را اصطلاح سند مدح
(هندي ماڻهن کي سندن هندي زبان مبارڪ! سنڌي ماڻهن
کي سندن سنڌي زبان مبارڪ!)
مولانا روميءَ هيءَ ڳالهه تيرهين صدي عيسويءَ ۾
ڪئي ۽ سچ ته اها اسان سنڌي ڳالهائيندڙن، اسان
سنڌي ماڻهن، لاءِ هڪ وڏي بشارت آهي. تاريخ جي جڳان
جڳ تپسيا ۽ ڪاوش جي نتيجي ۾، اڻ ڳڻين اسان جي
پيڙهين ۽ ڪوششن ۽ ڪمائين جي طفيل مليل هيءَ اسان
جي سڃاڻپ آهي، جنهن کي قائم رکڻ، وڌائڻ ۽ سڦل
بنائڻ جا مامرا اسان جو ذمو آهي، جن کي سمجهڻو
آهي، سلجهائڻو ۽ وڌيڪ ڦلدائڪ بنائڻو آهي.
اسين جڏهن پنهنجي ويجهيءَ تاريخ کي اٿلايون ٿا ته
اسان جو وڏي ۾ وڏو مامرو يا مسئلو، جيڪو اسان کي
نظر اچي ٿو، سو اهو ته ٻه مذهبي حجتون اسان وٽ گڏ
ٿيون- هڪڙي اسلام جي ۽ تنهن کان اڳ ٻڌ ڌرم جي. قبل
از تاريخ جا جيڪي مسئلا آهن، موهن جي دڙي جي
حوالي سان، يا اڄ تائين جي طبقاتي ناهمواريءَ جا،
اُنهن کي في الحال هڪ پاسي رکي، ٻن مذهبي نيتين يا
تهذيبن جي پاڻ ۾ گڏجي گذاري ڪرڻ جي حوالي سان جيڪا
ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ڪهڙيءَ ريت ۽ رهت سان انهن
جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو يا تطابق پيدا ٿئي ۽ اُهي يڪمشت
ٿي رهن- اهو مسئلو جيئن اڳي تيئن اڄ به اسان لاءِ
اهم آهي. سنڌي ماڻهن جو، سنڌي قوم جو، گڏجي يڪشمت
۽ يڪجهت ٿي، امن، سلامتيءَ ۽ خير سان گذارو ٿئي،
اسان جي سڀني ذهين اڳواڻن جي اها ئي ڪوشش رهي آهي،
پوءِ اهي ڪهڙيءَ به سطح تي ڪم ڪندڙ هجن. گهڻو
ڪري، شروعات ۾ توڙي هاڻي به جيڪي شاعر آهن، اديب
آهن، اهي ان ڪوشش کي منصبي فرض سمجهندي به ادا
ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پوري جذبي ۽ محويت سان ادا
ڪن ٿا. ان کي سماجي تعليم ۽ تربيت جو غير رسمي
سرشتو به چئبو آهي، ۽ اهو نئين نسل لاءِ مائٽن
طرفان به ادا ٿئي ٿو. ان طرح عام سکيا ڏيندڙن کي
سگهڙ چئو، ڏاها چئو، چڱا مڙس يا پير مرد چئو- نيڪ
عورتون، ڏاهيون ۽ گهر جون پوڙهيون به پنهنجي گذري
ويل مٽن مائٽن ۽ نسلن جون ڳالهيون ياد ڪن ٿيون ۽
ٻڌائينديون اچن ٿيون. جڳن کان ائين ٿيندو آيو آهي.
لوڪ ادب جي ترويج ائين ٿي ٿئي، جيڪو ادب گهڻي قدر
اڄ به لکجڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ٻوليءَ جو لکڻ ۾ اچڻ
پوءِ جو تاريخي عمل آهي. جيئن ئي ٻولي لکجڻ ۾ آئي
۽ ان وسيلي جيڪا ڳالهه ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ
پيش ٿي، ان کي انگريزيءَ ۾ لٽريچر
(Literature)
چئون ٿا. لٽريچر لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’لکيل ادب‘.
اسين جڏهن’ادب‘ چئون ٿا، ان ۾ لوڪ ادب ۽ تحريري
(لکيل) ادب ٻئي اچي وڃن ٿا. ماڻهن کي گڏجي رهڻ،
قرب سان ۽ ڏک سک ۾ شراڪت سان رهڻ، جا مسئلا درپيش
آهن. اسين جيڪي سنڌ ۾ رهون ٿا ۽ پو کڻي اسان کي
شعوري طور گهڙي ۽ هر پل ان جو ڪو احساس نه به هجي
ته اسان جي ٻولي هڪ آهي، اسين هڪ قوم آهيون، اسان
جو وطن هڪ آهي، وغيره وغيره؛ پر ايامن کان اسين
هڪٻئي سان ڏک سک ونڊيندا آيا آهيون. هڪٻئي کي
سڃاڻون ٿا، گڏجي سکون ۽ سيکاريون ٿا، رسُون پرچون
ٿا. هن سڄيءَ ڏي وٺ ۽ رهت سهت ۾ اسان جي غير رسمي
تعليم ۽ تربيت جو ئي هٿ رهيو آهي. ائين ئي اسان جو
لطيف آهي يا کائنس اڳ وارا جيڪي سگهڙ، شاعر، استاد
آهن. پوءِ اهي تيرهين صديءَ جا هجن، چوڏهين صديءَ
جا هجن يا پندرهين صديءَ جا، يا پوءِ جا، ۽ هاڻوڪا
شيخ اياز ۽ ٻيا ڪيئي : انهن پنهنجي سنڌي سماج ۽
وطن جي، سنڌي قوم جي انهيءَ مامري، انهيءَ مسئلي
کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ ان جي حل لاءِ جيڪو حب وطن،
انسان دوستيءَ، رواداريءَ ۽ سهپ، خود شناسيءَ ۽
خود ياوريءَ جي تدريس ۽ تلقين جو رستو اختيار ڪيو،
تنهن جو اسين اڄ ڦل پيا ماڻيون ۽ ان تي جيتري قدر
اسين اڄ به عمل پيرا آهيون يا نه آهيون، اُن
پنهنجي اعمال نامي جي توشي آهر ئي اسين پنهنجي
انفرادي ۽ اجتماعي عزت ۽ وجود جي بقا ۽ فلاح جي
سلسلي ۾ مطمئن ٿيڻ ۽ هجڻ جو حق رکي سگهون ٿا.
س: محمد ابراهيم جويي جي حيثيت ظاهر آهي ته هڪ
دانشور جي آهي. ان حوالي سان اسين ٿورو توهان جي
ماضيءَ ڏانهن هلڻ چاهيون ٿا ته توهان جنهن ڳوٺ ۾
جنم ورتو، ان جون ڪي ساروڻيون، ڪا مسجد، ڪي ميدان،
دوست يا حال ڀائي، جن جو توهان جي تربيت ۾ حصو
هجي!
ج: آءُ ڄائو هئس 1915ع ۾، آگسٽ جو مهينو هو، 22
مارچ جي تاريخ لکيل آهي، پر منهنجي جنم جي
اصلي تاريخ 12 آگسٽ آهي. سيوهڻ کان 16 ميل
لڪي تيرٿ (هاڻوڪي لڪي شاهه صدر) کان 3 ميل
ڏکڻ تي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي اڏيل ڳوٺ ’آباد‘ ۾
منهنو جنم ٿيو
اتي مختلف ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. لُنڊن جا25-
30 گهر، لغاري، دُنبڙ، ٺيٻاٺي ۽ ٻيا ڪنڀر، موچي،
واڍا، اتي رهندا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ پڪو ٺهيل
پرائمري اسڪول به هوندو هو. هندن جا ٻه ٽي گهر به
هئا. هڪ ڪنڀرن جو گهر ۽ هڪ موچيءَ جو گهر به، ۽ ٻه
واڍن جا. هڪ منهنجي ناني جو ۽ ٻيو منهنجي وڏي مامي
جو به هوندا هئا. ان طرح دُنبڙن جا ٻه ٽي گهر ۽
موچين جو هڪ گهر پڻ اسان جوين جي پاڙي جي بنهه
ٻاهران لوڙهو لوڙهي سان هوندا هئا. ڳوٺ جي ماڻهن
جو عام ڌنڌو زراعت هوندو هو. اسين ٻار، ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون، انهن مان ڪنهن کي ’نانو‘ چوندا هئاسون،
ڪنهن کي ڏاڏو، ۽ ٻين پاڻان وڏن کي به ڪنهن نه ڪنهن
مائٽاڻي نالي سان ئي سڏيندا هئاسين. ڪنڀر، موچيءَ
۽ واڍن جي دڪانن تي ( جن کي اسين ”دکُاڻ“ چوندا
هئاسين) ڪچهريون ٿينديون هيون. پاڙن جي چڱن مڙس
جون اوطاقون به هونديون هيون، جتي به ڪچهريون
ٿينديون هيون. لابارن کان پوءِ ديرن تي به، جن کي
’کرا‘ به سڏيندا هئاسين. مندن يعني فصلن جي لهڻ تي
ماڻهن جون ڪچهريون ٿينديون هيون. آءُ ناني بادل
واڍي وٽ، ناني حاجي موچيءَ ۽ ناني سليمان ڪنڀر جي
دکُڻن تي اڪثر وڃي ويهي رهندو هئس. ڏينهن جي پوئين
پهر اسڪول جون باضابطي رانديون، چانڊوڪين ۽ ڳوٺ
کان ٻاهر ميدان تي ۽ درياءَ ۾ اونهاري جي موسم ۾
خاص طرح وهنجندي اسين ڊڄندي ڊڄندي، ماٺي ۽ تانگهي
پاڻيءَ ۾ رانديون رهندا هئاسون. ڪچهرين ۾ اسان جا
وڏا ويهندا هئا ته سندن اوڀاريون لهواريون
ڳالهيون، کل ڀوڳ، چرچا گهٻا، ڪهاڻيون قصا، حال
احوال ٿيندا هئا، ڪن ڏيو پيا ٻڌندا هئاسون. ڪاريگر
پنهنجو ڌنڌو پيا ڪندا هئا، اسين ويٺا انهن کي
ڏسندا هئاسون. وڏن کان اسين ننڍا ائين انيڪ سبق
پيا سکندا هئاسين. اسڪول ۾ اسان جو جيڪو استاد
هوندو هو، جنهن وٽ منهنجي ڏاڏيءَ آڻي مون کي داخل
ڪرايو هو، سو اسان لاءِ تمام وڏو ماڻهو هو ۽ اسين
هن کان ڊڄندا هئاسين ۽ کيس عزت به ڏيندا هئاسين.
هو اسان کي ڀائيندو هو . مون هن تي چاليهه
پنجيتاليهه صفحن جو مضمون ’سائين ٽيڪن مل منهنجو
پهريون استاد ‘ جي عنوان سان لکيو آهي، جيڪو ’گل
ڦل‘ ٻارن جي رسالي ۾ به آيل آهي. مون پنهنجي ڳوٺ
جي اسڪول ۾ پنج درجا سنڌي پڙهيا، پنج ئي سال اسان
جو استاد سائين ٽيڪن مل ئي اسان وٽ رهيو هو. پوءِ
اسان جي ڳوٺ کي درياءَ پاتو. درياءُ اسان کان ميل
کن اڀرندي پاسي هو. پر پوءِ اهو پنهنجو رخ
مٽائيندي، پائيندو پائيندو، اسان جي ڳوٺ کي به
پائي ويو ۽ اسڪول به پائجي ويو. پوءِ اسين روز ٽي
ميل پنڌ ڪري لڪيءَ پڙهڻ ويندا هئاسين. اتي مون
ڇهون درجو پڙهيو. اسان جو استاد محمد صالح ٻگهيو
منڇر ڍنڍ تي ٻڌل ڳوٺ ’شاهه حسن‘ جو ويٺل هو، ۽
پورا ارڙهن سال لڪيءَ جي اسڪول جو هيڊماستر رهيو
هو. ان دور ۾ اسان جي اسڪولن جا استاد صاحب ائين
ويجها پر ’پرديسي‘ به هوندا هئا، ۽ هر هر بدلي به
ڪانه ٿيندي هين. سالن جا سال هڪ ئي اسڪول ۾ رهي،
ڳوٺ وارن سان گهر گهر جا ڄڻ ڀاتي ٿي ويندا
هئا،پنهنجو فرض عبادت وانگر نڀائيندا هئا ۽ ماڻهن
جو دليون جيتي، وڏو مان مرتبو پائيندا هئا. ستين
درجي ۾ آيس، تنهن کان پوءِ اڳتي منهنجي زندگيءَ کي
نئون رخ مليو، جو ڳوٺ ڇڏي، لڪي ڇڏي، ڏهه ڪوهه پري
سن جي شهر ۾ پڙهڻ ويس. انهيءَ زماني ۾ اسڪول ۽ ڳوٺ
۾ بنهه ويجها ۽ اٽوٽ سماجي ناتا رهندا هئا. منهنجا
مٽ مائٽ سڀ کيتي ڪندا هئا. سواءِ منهنجي ناني ۽
وڏي مامي جي. انهن سان اسين ننڍا وڃي ڪم ۾ شامل
ٿيندا هئاسين. ڪڏهن مال چاربو هو، ڪڏهن وڏڙن لاءِ
هرن تي ماني کڻي وڃبي هئي. ڪڏهن پاڻيءَ جا گهڙا
کڻي وٽن پهچائبا هئا. ڪتيءَ جي فصل ۾ جوئريون
پچنديون هيون. مائٽن سان چڙهي پيهن تي وڃي ويهندا
هئاسين، ڏسندا هئاسين ته ڳوڙها ڪيئن ٿا ٺاهين،
کانڀاڻي ڪيئن ٿي لڳي، ڪيئن ٿي ٺڪاءَ جي مند ۾
درياءُ تي نار چڙهندا هئا. سياري ۾ درياءُ لهندو
هو ته ’نار‘وهندو هو. وقتي ٻه نار، هيٺيون ۽ مٿيون
هڪڙو پاڻي مٿي ڇڏيندو هو ٻيو اتان ڪڍي کيتي ۾
موڪليندو هو، ان هو، اٺ هو ته هڪڙو، ڍڳا هئا ته
جوڙو، نار ۾ جوٽبا هئا. گاڌيون هڪلبيون هيون. پاڙڇ
مان نيسر ۾، نيسر مان اڏن ۾ اڏن مان ٻنيءَ جي
ٻارن ۾ پاڻي ويندو هو. پاڻي ڇوڙبو هو. آوانڌا
کولبا هئا ۽ آوانڌا ٻڌبا هئا. انهيءَ ريت اباڻي
ڌنڌن جي اسان اسڪولي ٻارن کي تربيت ملندي هئي.
پورهئي جي عظمت جو قدر ۽ احترام اسين ائين سکندا
هئاسين.
|