بهرحال ان سلسلي ۾ اولهه پاڪستان جي لساني صورتحال
ان جج صاحب کي غور ۾ آڻڻ گهربي هئي، جا زحمت هن
کان ڪانه پڳي، جو ڪو به علائقو يا صوبو اهڙو ناهي،
جنهن جي ٻولي اردو هجي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي
صوبي جي ٻولي پنجابي ۽ سرائڪي آهي. سنڌ جي سنڌي،
سرحد جي پشتو ۽ بلوچستان جي بلوچي آهي. اردو
ڳالهائيندڙن جو تعداد پاڪستان ۾ ڇڪي تاڻي 6 کان 8
سيڪڙو مس ٿيندو. اهڙيءَ طرح ڇهه يا اٺ سيڪڙو ماڻهن
جي ٻوليءَ جنهن نموني اڊمبر وارا دليل ڏئي پاڪستان
سڄي ۾ نافذ ڪئي وئي آهي، اها سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ
جي حرڪت آهي.
پاڪستان جي سڀني اصلوڪين ٻولين ۾ سنڌي ٻولي وڌ ۾
وڌ ترقي يافته، سڌريل ۽ ادبي ٻولي آهي، جيڪا هن
مهل تائين ڪيترائي ڌڪ ۽ وار بچائي، تيزيءِ سان
اڳتي وڌي رهي آهي، ڪجهه وقت اهڙو به هو، جو اردو
ٻوليءَ کي مذهبي ، اسلامي ۽ قومي ٻوليءَ جا درجا
ڏئي اقليت وارن صوبن کي زوري مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي. انهيءَ حوالي سان جڏهن ون يونٽ ٺاهيو ويو ته
ان ۾ زوري ۽ چالاڪي سان پڻ اردو مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي، سنڌي ماڻهن جي ٻولي تي جڏهن اهڙا وار ٿيا ته
هو پوئتي نه هٽيا، پاڻ ۾ ٻڌي اتحاد ڪري پنهنجي
ٻوليءَ جي حق ۾ ۽ ان کي بچائڻ لاءِ سخت جدوجهد
ڪيائون. جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي اديب، دانشور،
شاعر، شاگرد ۽ استاد اچي وڃن ٿا. انهن ۾ پيش پيش
محترم ابراهيم جويو صاحب هو. سائين جويي صاحب اردو
ٻوليءَ لاءِ جيڪا تجويز ڏني آهي سا هن ريت آهي ته
”اردوءَ لاءِ جيڪا بهترين تجويز ٿي سگهي ٿي، سا
اها آهي ته اردو اولهه پاڪستان ۾ لاڳاپي جي ٻوليءَ
جو ڪم ڏئي. انهيءَ ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري اولهه
پاڪستان جو ڀلو آهي. انهيءَ ڪم کي سرانجام ڏيڻ
لاءَ اردو کي ڪو به ضرور ڪونهي ته هروڀرو ٻين کي
بخيلي ڏيارڻ لاءِ پاڻ کي اولهه پاڪستان جي واحد
قومي زبان سڏائي، يا پرائمري، مڊل ، سيڪنڊري ۽
گرئجوئيٽ اسڪولن ۾ تعليمي ذريعو ٿئي، يا وري اولهه
پاڪستان جي واحد سرڪاري يا عدالتي زبان بڻجي“
بنگالي اوڀر پاڪستان جي واحد قومي زبان آهي ۽ کيس
مٿيان سمورا ڪم به سرانجام ڏيڻا آهن.
مان سمجهان ٿو ته اها يقينن منهنجي خوشنصيبي رهي
آهي، جو مان هڪ ننڍڙي دوست ۽ شاگرد جي حيثيت ۾
جويي صاحب سان ڳچ عرصو گڏ رهيو آهيان. اها هن جي
وڏائي ۽ شفيق طبيعت آهي، جو هو اسان تي پنهنجو
سٻاجهو هٿ رکندو آيو آهي. اهڙيءَ طرح اسان کي اهو
موقعو ملندو رهيو آهي ته کانئس پنهنجي پنهنجي پهچ
آهر سکون. ان لحاظ کان مان پاڻ گواهه رهيو آهيان
ته جويو صاحب سنڌ جي ڪيترن سياسي ڪارڪنن، اديبن،
دانشورن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪندو رهيو آهي. هن
سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي دلين ۾ پنهنجي وطن سان
محبت ۽ اُنسيت جو ٻج پئي پوکيو آهي. اڄ سنڌ ۾ جيڪا
جاڳرتا ۽ شعور آهي، اهو اِن جو لاڀ آهي.
اها اسان لاءِ وڏي بخت ۽ ڀاڳ جي ڳالهه آهي، جو سنڌ
کي پنهنجي تاريخ جي ڏکئي موڙ ۽ ڏاڪي تي جويي صاحب
جهڙي اتم انسان ۽ دانشور جي ڇانو نصيب ٿي آهي. مان
سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جويي صاحب جي موجودگي، اسان
لاءِ هڪ وڏي آٿت ۽ اتساهه جو باعث آهي. تاج جويي
جي لفظن ۾ هو ”سڀاڻي جي سج ورن سنڌ جو سٻاجهو
ڪاتار آهي.“
نور محمد شاهه
ماڻهوءَ جو اسٿان- محمد ابراهيم جويو
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي شخصيت سنڌ
جي قومي محبت ۽ نئين سجاڳيءَ واري ادب لاءِ اداري
جو درجو رکي ٿي، جتان سنڌ جي محب شخصن نئين جاڳرتا
جي مڙني کيترن جي تربيت ۽ سکيا پئي حاصل ڪئي آهي.
سنڌ ۾ جويي صاحب جو پنهنجي فڪر، ڪم ۽ ڪردار جي
لحاظ کان هڪ منفرد ۽ نرالو مقام آهي. سندن علمي،
ادبي قومي ۽ سماجي خدمتن جو ڪاٿو ۽ قدر وڏو ڪم
آهي، جنهن سان ڪو خاص قدرشناس عالم ئي انصاف ڪري
سگهي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ترقي ۽
خوشحالي سندن حياتيءَ جو نصب العين آهي. پاڻ سڀ
ڄمار پنهنجين سمورين صلاحيتن سان علم، ادب، سياست
۽ صحافت جي ميدان تان پنهنجي ڪاز جي محبت ۽ وفا ۾
سر سيتائيءَ سان پُرڪار رهيا آهن. سماجي انصاف ۽
انساني مساوات واسطي معاشرتي وجود جي تبديليءَ
لاءِ پاڻ وڏي ڪنهن انقلاب جا گهورا ۽ آزاديءَ،
اخوت ۽ مساوات جي عالمي توسيعي قدرن جا اَمين آهن.
سنڌ جي صدين جي تهذيب ۽ ثقافت جو ڪو گيڙو ويس ۾
سادو سودو اَٻالو انسان جيڪو خلا ۾ لٽڪيل هو، تنهن
کي اُتان ڌرتيءَ تي آڻي، پنهنجي پيرن ڀر بيهاري،
اُن تي سائنسي ثقافت ۽ تهذيب جو شاندار ويس اوڍي،
اُن کي سر سيتائيءَ واري وفا جي اُمنگ سان سندرتا
جي سفر ۾ عقل جي سدا روشن راهه ڏيارڻ جو ڪم جويي
صاحب جو، سنڌ ۾ پنهنجي منفرد ۽ خاص اهميت جو آهي-
۽ اهڙي نئين انسان جو سنڌ ۾ اڃا تائين جويو صاحب
پاڻ ئي هڪ حسين مثال به آهي. انساني مشاهدي جي
جنهن باڪمال اعتماد سان، بي خوف، دائم سلامت عقل
سان، وهم ۽ سنسي جي داغ کان پاڪ، هرِک جهڙو چٽو
سنڌ ۾ جيئن جويو صاحب آهي، هن نئين دور جي سنڌ ۾
اهڙا سندس جيس ٿورائي هوندا. سندن لکيل ۽ ترجمو
ڪيل ڪتاب جيڪي آهن، جيئن ’وحشي جيوت جا نشان‘،
’فڪر جي آزادي‘، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، ’علم تدريس
مظلومن لاءِ‘، ’فرانسيسي انقلاب‘ ’فلسفي جو
ابتدائي ڪورس‘، ’وغيره، انهن ڪتابن جي رڳو نالن
مان ئي سندن سڄو ڪم ۽ نقطي نگاهه نمايان آهي.
جويي صاحب جو نثر ۾ پنهنجو الڳ مقام آهي، سندن نثر
جو هر حرف جيئرو، جاڳندڙ صبا ۾ ڪنهن ڪوئل وانگي
ٻولي ٿو. هر سٽ، هر پيراگراف خاص سٽاءَ سان، مقصد
۽ مراد واري، ٻوليءَ جو مزاج خالص، سڌو سادو ۽
سٻاجهو، سلامت ۽ بلاغت وارو اهڙو، جنهن ۾ سنڌي
سڀيتا جو اصل روح پنهنجي پوري حسن سان پيو جهلڪي،
گرامر جو بادشاهه، اکرن جو عارف ، خالق ۽ مالڪ.
ٻوليءَ جي اهڙي عرفان سبب کين پنهنجي دور جي
ٻوليءَ ۽ ادب جي هڪ عظيم تصحيح ڪار ۽ معلم جي
حيثيت حاصل آهي. سندن حياتي جي املهه وقت جو وڏو
حصو به ٻوليءَ جي اڻ لکي خدمت ۾ ئي صرف ٿيو آهي.
جي . ايم. سيد، شيخ اياز کان ويندي نئين لکندڙ جي
تحرير کي وڏيءَ تڪليف
ڀريءَ محنت
سان چار چار ڀيرا نظر ڪري، ان جي تصحيح، سينگار ۽
سنوار جو وڏي هيج وارو اڻ لکو، اڻ ڳڻيو ڪم سڄي
ڄمار پئي ڪيو اٿن. جويي صاحب جو پورهئي، ڪم ۽ ڪار
سان عشق خود عشق بڻيل آهي. اهڙيءَ محبت ڀريءَ
محنت سان علم ۽ محبت جو هي موج ڀريو مهراڻ زندگيءَ
جي حسن جي ديويءَ ڏانهن، بيخود ڇوليون اڇليندو ٿو
وهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪهڪشان ۾ هي ستارو نظاري ۾
نروار رهندو.
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب، سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾
وڏيري ۽ پير جي ظلم ۽ رهزنيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ
زرعي سماج ۾ جنم ورتو. سنڌي سماج انهن ٻن وڏن
مانگر مڇن جي وات ۾ زمانن کان پئي رهيو، جن اُن جو
سمورو رت ست چوسي ، ان کي هڪ مرده يا سرد لاش جي
سماج طور پئي رکيو. هڪ جيئري جاڳندي، متحرڪ، وڌندڙ
سڌرندڙ، سماج طور سنڌي سماج نه هو. طبقاتي گهمنڊ
سان، وحشي جبلتن جي بي لغام گهوڙي تي سوار وڏيرا
شاهي، پنهنجي ظالم، جابر ۽ حاڪم فطرت جي تسڪين
واسطي نٻل انسانن کي پنهنجي غلام ۽ تابعدار رعيت
رکي، ان تي راڄ قائم رکڻ لاءِ سماج جي ترقيءَ ۽
تعليم جون سڀ راهون روڪي پئي رکيون. ٻئي پاسي
ملانيت هئي، جنهن پنهنجيءَ ذات جي پوڄا ۽ مال پرست
فطرت جي ڇسيءَ هوس ۽ هٻڇ واسطي ڍونگ ۽ ڊوهه ڪري،
ماڻهن تي ڪيئي خوف، وهم ۽ وسوسا مڙهي، دهشت
ويهاري، علم ۽ عقل ۽ سڌاري کان انهن کي ڪوهين ڏور
رکي، صرف ’حق مرشد‘ جي تنوار ۾ غش پئي رکيو.
اهڙيءَ طرح ملا جي قيد ۾ بند ٿيل علم، ادب ۽ صحافت
تي رجعت پرستي ڄارو ڪري ويٺي هئي.
مرده روايتون، انڌا عقيدا، فرسوده رسم و رواج،
سماج مٿان سينور ڪري ويا هئا. مطلب ته وڏيرا
شاهيءَ ۽ پير شاهيءَ جي ڳنڍ ٽوپ وارو اُهو ڪلچر
سڄي جو سڄو عوام دشمن، رجعت پسند ۽ ارتقا مخالف
جمود وارو هو.
ساڳين ئي سماجي حالتن ۾، يورپ جي پندرهين ۽ سورهين
صديءَ جي سجاڳيءَ واري آزادي پسند ادب، جدوجهد،
فتحيابين ۽ خاص طور تي انقلاب فرانس جي دؤر واري
ادب، جويي صاحب کي گهڻو
متاثر ڪيو ۽ سنڌ ۾ پنهنجي دور واريون حالتون کيس
يورپ جي انهيءَ عرصي وارين سماجي حالتن جهڙيون
محسوس ٿيون: تنهنڪري پاڻ ساڳيو تعبير سنڌي سماج
واسطي پڻ پسند ڪيائون. ان مقصد سان پاڻ تنهن دور
جا ڪتاب ترجمو ڪيائون ۽ پنهنجا ڪيترائي مضمون پڻ
ان سوچ هيٺ لکيا اٿن.
سنڌي ادب جو ٺوس بنياد تڏهن پيو، جڏهن انگريزن
سنڌي صوتخطيءَ جي جديد جوڙجڪ ڪرائي، ان کي تعليمي
ذريعي طور رائج ڪيو ۽ انگريزي توڙي ٻين ٻولين مان
ترجما ڪرائي، سنڌي ادب جو ايوان تعمير ڪرايو. ان
وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ڪامل نه هئڻ ڪري
قديم ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب کانسواءِ سنڌيءَ ۾
ٻيون ڪي به ادبي صنفون ظاهر آهي ته موجود نه هيون:
مثلاً ناول، ناٽڪ افسانو توڙي شاعريءَ جون ڪيئي
صنفون وغيره، اسان وٽ اڪثر ترجمن ذريعي انگريزيءَ
توڙي ٻين ٻولين مان آيون. مطلب ته اظهار جا ڪيئي
نمونا ڪونه هئا، پر انهن ۾ موجود شعور، روايتون ۽
قدر سنڌي ادب جو بنياد ۽ محرڪ بڻيا، جيڪي ظاهر آهي
ته ترقي يافته قومن جي علم، عقل، ماڻهپي ۽ مشاهدي
جي وڏي وٿ هئا، ۽ انهن سنڌي سماج ۽ معاشري کي وحشي
۽ حيواني ريتن ۽ قدرن جي غلاميءَ مان ڪڍي انهيءَ
کي ادب جو معلم، سرواڻ، رهبر ۽ رهنما مڃيو وڃي ٿو.
اڄ سنڌ جو سمورو ادب، سياست ۽ صحافت ترقي مائل،
آزادي پسند روايتن سان پُر ڪنار آهي. دقيانوسي ۽
رجعت پرستيءَ کي لڪڻ لاءِ به جاءِ پناهه ڪانهي.
وڏيرا شاهي ۽ پير شاهيءَ جي قيد جون سنگهرون ٽُٽي
پيون آهن. بهتر آئيندي لاءِ آزاديءَ ۽ انقلاب جي
راهه روشن آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته پڃري جي
باندي پکيءَ مان آزاد هوا ۾ اڏرڻ جو احساس مري ويل
هوندو آهي ۽ پوءِ ڄاري کليل هوندي به پکي سٽ ڏئي
ٻاهر ناهي ويندو ۽ جي نڪرندو به آهي ته پڃري کان
پري ناهي ٿيندو، نڪو ڪو پرواز ئي ڪندو آهي: بس ڪي
ٻه چار پيرڙا کڻي، موٽي اچي پڃري ۾ اندر ٿي ويهندو
آهي. پر هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پوري عالم
انسانيت جو ڪلچر هڪ بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌي سماج به
پوري شوق ۽ هوش اسان ان ۾ شامل ٿي رهيو آهي. هتي
مصيبت وري هيءَ ٿي آهي، جو اُن عالم انسانيت جي
ايڪتا کي استحصالي قوتن انساني چڱائيءَ ۽ معاشرتي
مساوات خلاف عالمي پڃري ۾ پوري رکيو آهي. پوري
دنيا جي سياست، جنهن صورت ۾ پڃري اندر قيد ڪئي وئي
آهي. تنهن جي آزاديءَ متعلق سوچي ماڻهو مايوس ٿي
وڃي ٿو. قيد جو اهو پڃرو پوريءَ دنيا تائين محيط
آهي، تنهنڪري سياست جو پکي بظاهر اڏرندي ته
ڏيکاريو وڃي ٿو، پر دراصل اهو قيد ۾ آهي. قيد نه
صرف سياست جو آهي، پر ملڪن جي جاگرافي، معيشت ۽
تهذيب پڻ غلبي هيٺ ڪئي وئي آهي. فريب ۽ استحصال جو
اهو سڄو شيطاني مانڊاڻ دراصل وڏو هڪ سائنسي آرٽ
آهي: جنهن سياست، ثقافت، تهذيب، تاريخ، جاگرافيءَ
۽ معيشت کي اهڙيءَ طرح غلبي ۾ آندو آهي، جو پاڻ
کان ٻاهر اُن اهڙي ڪابه قوت ڇڏي ناهي، جيڪا سندس
خلاف ڪو پوڻ وجهي سگهي. مايوسي تڏهن ٿي ٿئي، جو
اُن عالمگير شيطاني قيد مان آزاديءَ جي ڪا به صورت
مشڪل نظر پئي اچي. تاريخ کي لغام پاتو ويو آهي،
انهيءَ کي پنهنجي مطلب جي طرف ڏانهن ڪرڻ جي قوت
اختيار ڪئي وئي آهي. قومن، سماجن ۽ ماڻهن جي
نفسيات ۾ ناڪيلي هنئي وئي آهي، ۽ رڇ وانگر ان کي
جاڏي وڻين وٺيو پيا هلن. ليڪن تاريخ ۾ پڪ اٿئون ته
اها پنهنجي ڪک مان نجات جي ڪا صورت ضرور پيدا
ڪندي، ڇو ته ان جو اهو دستور اٽل آهي.
انهيءَ صورتحال اندر اڄ جڏهن سنڌي ماڻهو جمود،
رجعت ۽ وائڙائپ جي واچوڙن جي گهور ۾ آهي، تڏهن
جويو صاحب پنهنجو هڪ ڪتاب، هن روشن اميد جي اهڃاڻ
واري نانءَ سان ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، سنڌي ادب جي
ايوان ۾ اوچو ڪيو آهي، جيڪو رڃ جي ڪاريءَ رات ۾
ڪنهن ڀٽڪيل قافلي کي وسنهن جو ڏس آهي.
سنڌي ادب جي انهيءَ حال جو هڪ سبب ته اڄ جي بين
الاقوامي سياسي صورتحال آهي. ان جو ٻيو سبب هيءُ
آهي ته سنڌي تهذيب جو اهو روح، جيڪو لوڪ داستانن ۽
ڪلاسيڪي شاعريءَ اندر هو، جنهن شاهه لطيف جي
شاعريءَ جي ڪردارن ۾ ڪمال مجسم پيڪر پيدا ڪيو، ادب
شاهه جي اُنهن ڪردارن کي بتدريج منطقي استدلال سان
اڳتي ڪونه وٺي هليو، جنهنڪري سنڌي ادب جا ڪردار
مشرقي ۽ مغربي تهذيب جي چڙوڇڙ اثرن ۾ بي پاڙا
اُسريا؛ تنهنڪري ئي اُهي ڪنهن ڇو هي جي سٽ نه پئي
سهي سگهيا، ۽ اڄ سنڌي ادب جو ايوان گُل به اِنهيءَ
سبب آهي.
اهو تاريخي فرض به هن سنڌ جي فرزند خاموشيءَ سان
پنهنجي ڪنڊ پاسي ويهي ادا ڪيو. پر ان کي سڃاتو نه
ويو ۽ هو اڄ به اڪيلو اڏول بيٺو آهي. اُن کي ڪو به
واءُ ۽ طوفان لوڏي، لمائي، ڪيرائي نه سگهيو آهي.
جنهن ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، نالي سادو لوڪ ادب جو ڪتاب
به لکيو، جنهن ۾ هن سنڌ جا ڀولا ڀالا، وڃايل،
ڀٽڪيل، خلا ۾ لٽڪيل ۽ مئل ڪردار به سڻوپرا،
ماڳائتا، هنڌائتا، پيرائتا ۽ باحيات بڻايا. افسوس
جو سنڌ ۾ هُن جنهن هڪ ماڻهوءَ ۾ سڃاڻپ جي اُميد
ڪئي ۽ جنهن کان ان ڪتاب جو مهاڳ لکرايو، سو به اها
حقيقت سڃاڻي نه سگهيو. اهو ئي قديمي لاش کوٽي ڪلهي
تي کڻي اچي بيٺو، جنهن کي دفن ڪرائي ان جي جاءِ تي
نئون انسان اجاري کيس سڃاڻپ لاءِ ڏنو ويو هو.
يورپ ان سلسلي ۾ پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ پنهنجي
ماضيءَ سان جيڪي قومي فيصلا ڪيا هئا، اُهو جويو
صاحب ئي آهي، جنهن انهن جي اهميت ۽ افاديت کي سنڌي
ادب ۾ آندو، پر افسوس اڄ تائين سنڌي ادب انهيءَ
اَڇ تي به پنهنجا پير کپائي نه سگهيو آهي ۽
اجهڙندو ڪنڊن ۾ پير ڦٽائيندو ٿو رهي. هتي جويي
صاحب جي هن اقتباس جي دور ڪرڻ جي خاص گهرج آهي:
”انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي
پنهنجي آزادي پسند روايتن کان واقف ڪيو. يورپ
تيسين پنهنجي جديد تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽
وڏا قدم کڻي چڪو هو؛ جن اُن جي قومن کي سچ پچ به
ته سرخاب جا پر لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اُهي دنيا جي
قومن ۾ سرخروئيءَ ۽ انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار
هيون. اُهي پنج قدم انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا
قدم به ڪونه هئا، پر واقعي اهي غير معمولي، بلڪه
عصر آفرين قدم هئا، ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين
سر، تاريخ جي ۽ وقت جي، اُها قوت حاصل ٿي چڪي هئي،
جنهن سان ان جا ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي
بدلائي به ۽ قائم به ڪري ٿي سگهيون. ان جا اهي قدم
هي هئا: سجاڳي
(Renaissance 1400-1500)
اصلاح
(Reformation,1500-1600)
صنعتي انقلاب
(Industrial Revolution1600-1700)،
آمريڪا جي جنگ آزادي-1776ع، ۽ فرينچ انقلاب 1789ع،
سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ذهني انقلاب جي تحريڪ
به سڏجي ٿو، تنهن يورپي معاشري جي آڏو انساني فڪر
۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون مسئلو هيءُ هو
ته علم، پنهنجي سرشتي ۽ اوسر ۾، ارضي هو يا
سماويه، ۽ چيو ويو، ته علم ارضي هو-جو ڪجهه به
علم سمايوه ٿي چيو ويو. ان جو منڍ به انساني ذهن
هو، ۽ اندر جي ٻوجهه
(Intuition)
به انسان جي اندر جي ٻوجهه ئي هئي؛ ٻيو مسئلو هو
ته انسان ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هو يا مختيار ۽ چيو
ويو ته مختيار هو-اُنهن جي نوع يا دائري ۾ جا ڪجهه
انسان جي مجبوري هئي، ان کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به
انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به
انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي
معاشري کي جا اخلاقي قوت عطا ڪئي،سا ٻٽي قوت هئي،
۽ اُها هئي انسان شناسي
(Humanism)
۽ فرد شناسيءَ
(Individualism)
جي قوت، ان کان پوءِ، يا اُن سان گڏوگڏ، ’اصلاح‘،
جنهن کي ’مذهبي انقلاب‘ به سڏيو ويو آهي، تنهن وري
يورپ جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي
مذهبي طرز فڪر جا ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو
انسان ۽خدا جي تعلق جو-۽ چيو ويو ته اهو سڌو يا
بلاواسطي هو ۽ نه اڻ سڌو يا بالواسطه؛ ۽ ٻيو هو
نيابت الاهيه ۽ اقتدر الاهيه جي دعوائن جو، جن
لاءِ چيو ويو ته اُهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر
لازم ملزوم بلڪه هم معنيٰ ڳالهيون هيون. پهرئين مسئلي جي حل جي نتيجي طور مذهب سياست
کان الڳ ٿيو ۽ فرد جو واسطو خدا سان براهه راست
موجود سمجهيو ويو، ۽ ٻئي مسئلي جي حل سان ’سلطاني
۽ جمهور‘ جي ڳالهه صاف ٿي-يعني هيءَ ڳالهه ته
حڪومت، جا، بهرحال، انساني ئي رهڻي هئي، ان جو
اقتدار ڪنهن فرد يا ڪن فردن کي انسانن هٿان ئي
منتقل ٿيو ۽ نه خدا کان-ڇو ته نيابت الاهيه
’انسان‘ لاءِ يعنيٰ ’انسانن‘ لاءِ هئي، نه ڪنهن
خاص فرد يا فردن جي ٽولي لاءِ-مطلب ته بادشاهن يا
آمرن جي ’خدائي سندَ‘
(Divine right of kings and Dictators)
يا ’مامور من الله‘
(Appointee of god)
واري دعويٰ ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي
تحريڪ سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنيويت
(Secularism)
۽ جمهوريت
(Democracy)
سان روشناس ٿيون.“
وقت ۽ حالتن جي جبر ۾ انسان پنهنجي مزاج جي گگ پاڻ
مٿان ڳاڙي-ڳاڙي، تاريخ جي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي، پاڻ کان
پنهنجو پاڻ ايئن وڃائي ڇڏيو، جو چوڻ لڳو ته هي ڪو
ٻيو پيو هلي ۽ ڳالهائي، سو سڀ ڪجهه اهو آهي، مان
ته آهيان ئي ڪٿي؟! يا بنهه آهيان ئي ڪونه.
جاڳرتا انسان جي انهيءَ غفلت مان سجاڳي آهي، جنهن
۾ انسان ڪر موڙي اُٿي ٿو ۽ پاڻ تي پيل صدين جي
سودائن، وهمن، وسوسن، روايتن ۽ رسمن جي اها ڌوڙ
زندگيءَ جي سدا روان نديءَ ۾
ڌوئي اڇو اجرو ٿي بيهي چوي ٿو: اجهو مان ئي آهيان،
جيڪو ڳالهايان پيو، مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي
ڪٿي! مان آزاد آهيان، مون کي پنهنجي ارادي جو
اختيار آهي. آءُ پنهنجن عملن جو ذميوار پاڻ آهيان.
چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو تعين منهنجي پنهنجي سک ۽
اهنج ۾ آهي. تنهنجا عمل منهنجي حياتيءَ ۽ هن جڳ کي
سهڻو ۽ سندر بڻائي سگهي ٿو. سماجي مساوات،
معاشرتي انصاف قائم ڪري انساني اخوت پيدا ڪري
سگهجي ٿو. اُهو ئي انسان سنڌي جي گهيرٽ ۾ پيل ادب
۽ ماڻهن جي هٿان بيهي پڪاري بيٺو ته اٿو، اٿو، اي
سنڌ جا لوڪو، جاڳو، جاڳو وهم جي وبا توهان جو وجود
ڳڙڪائي پيئي، اُٿي پنهنجو وجود بچايو ۽ ’هوءَ جا
ٽمڪي باهڙي‘ تنهن روشنيءَ ڏانهن هلو. اها روشني
انساني عقل جي آهي، جتي توهان جي سک ۽ سلامتيءَ جو
سارو سامان رکيل آهي. اهو آواز ڪنهن سڃاتو، ڪنهن
جو آهي؟! اهو آواز سائين محمد ابراهيم جو آهي،
جنهن کي هينئر به پنهنجن لفظن ۾ ٽئگور جي هيءَ دعا
چپن تي آهي:
”جتي ذهن خوف کان خالي هجي،
۽ گردن فخر کان بلند هجي.
۽ جتي عقل جو نرمل چشمو
مرده روايتن جي واريءَ ۾ گم نه ٿي ويو هجي،
……انهيءَ آزادي جي ديس ۾،
او منهنجا رب
شل منهنجو وطن جاڳي اٿي.“
جويي صاحب جي قومي محبت، انساني مشاهدي جي شهادت ۽
عقل سليم جو اهو ثمر آهي، جيڪو انسان کي آجائي،
آبرو، اخوت ۽ خوشحالي ڏئي ٿو: جنهن ۾ ڪنهن ڌرتيءَ
جي هڪ جاگرافيائي ماحول ۾ رهندڙ هم زبان ماڻهو
بطور هڪ قوم جي سڀئي ذميداريون پنهنجي سر تي قبولي
پنهنجي ڪمن ۽ ڪارنامن ذريعي پنهنجي صلاحيتن جي
انفراديت اجاگر ڪن ٿا، ۽ بجاءِ ڪنهن روڳ ۾ پئي
حياتي اوڇي ۽ بي عمل ڪرڻ جي، اُنهيءَ هڪ محويت ۾
مگن رهي، پنهنجي زندگيءَ جي پاڻ تي ڪفايت ڪن ٿا.
ان مقصد لاءِ سنڌ جي قومي محبت جو جويو صاحب ابو
آهي، جنهن جي حياتيءَ جو سڄو پورهيو ايئن سڦل ٿيو
آهي.
سنڌ جويي صاحب جي عالمي روشن نگاهه ۾، سدا موجود
رهي آهي؛ وقت جڏهن به ڪي ڪُن ڪيا، جڏهن به ڪا لڱي
صورتحال پئي نڪتي آهي، پاڻ رهنمائيءَ جو ڏيو هميشه
پئي روشن ڪيو اٿن.
جڏهن 1940ع جي وقت جو طوفان سنڌ کي هن اوڙاهه ۾
اڇلڻ لاءِ اُٿاريو ٿي ويو، اُن وقت جويو صاحب ئي
اهو سنڌي اديب هو، جنهن سنڌ جو اڄوڪو هي دردناڪ
مستقبل اڳواٽ ڏسي ورتو هو. پاڻ راتيون اوجاڳا ڪري،
بروقت پنهنجو عظيم الشان ڪتاب ’سيو سنڌ، سيو دي
ڪانٽيننٽ‘ تصنيف ڪري، سنڌ اسيمبليءَ کي استدعا
ڪيائون. وقت جي آواره واچوڙي جي گهوماٽيءَ ۽ ڌوڙ ۾
ڦاٿل سنڌ اسيمبليءَ، هيءَ صداءِ حق ڪانه ورنائي ۽
نتيجي ۾ 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڪتن جي چڪن
۾ آئي، تڏهن کان ڪتن جي چڪ چڪان مٿس جاري آهي، هاڻ
ڌرتيءَ جي لڱن تان ماس لهي ويو آهي، رڳو رت آهي،
سو وهي رهيو آهي.
جي ان وقت جويي صاحب جي ڳالهه کي سمجهيو وڃي ها ته
سنڌ جو هوند هي حال نه هجي ها. سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽
سنڌي ماڻهن جي ترقي ڏسڻ وٽان هجي ها.
ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ واڳونءَ وات آئي ته ان جي
خلاف جويو صاحب ئي مزاحمتي تحريڪ جو رهنما هو.
اديبن، سياستدانن، صحافين ۽ شاگردن سان پاڻ هر قدم
رهنما رهيو. سندن ڪهڙا ڪم ڳڻائي ڳڻجن‘ مطلب ته
سنڌ جي هر بنيادي مسئلي تي جويو صاحب ساٿ ڌڻي رهيو
آهي. سنڌ تي سندن ڇانو اونهاري جي اُس ۾ گهاٽي بڙ
جهڙي آهي، شال سدا خوش رهن، سلامت رهن.
(ماهوار ’ساڃاهه‘…)
محمد امين مگسي
محمد ابراهيم جويو
محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جي وڏن اديبن ۽
دانشورن مان هڪ آهي. خاص طور تي ادبي کيتر ۾ جيڪي
مشهور ٻه گروهه هئا، انهن مان جويي صاحب کي ترقي
پسند اديبن جو اڳواڻ يا کيس اُن گروهه جو امام
چئجي ته اُن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ يا مبالغو نه
ٿيندو.
جويي صاحب ۾ وڏي خوبي اها آهي ته پاڻ مشرقي قدرن
کي پائمال ٿيڻ نه ڏنو اٿن. سندن ميل جول ۾ يڪسانيت
آهي: وڏو هجي يا ننڍو، غيرب هجي يا امير، جيڪڏهن
ڪو هلي ويندو ته پاڻ ان کي لک عزتون ڏيندو، ان کي
وڏي چاهه ۽ خلوص سان ٻُڌندو ۽ ٻڌائيندو. سندس نظر
۾ هر ماڻهو برابر هوندو آهي. اها هڪجهڙائي ۽
برابري، سندس باڪردار ۽ روشن ضمير هجڻ جو وڏو دليل
آهي. ڪي ماڻهو نظرين جي آڙ ۾ پنهنجي ذاتي غرضن ۽
مقصد جي حاصلات جي ڪوشش ڪندا آهن، پر پاڻ ان ڳالهه
جي برعڪس آهي. سندس ڪردار اعليٰ اخلاق جو امين
آهي، پر سندس فڪر ۽ سوچ، نج ترقي پسند آهي. هن
ترقي پسند فڪر جي ننڍڙي ٻوٽي کي پنهنجيءَ اڻٿڪ
محنت ۽ جدوجهد سان وڏو تناور وڻ بڻايو آهي، جنهن
جي ڇانو اڄ هر ماڻهو حاصل ڪري رهيو آهي. شاگرديءَ
واري زماني ۾ ، حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي پروگرامن يا
فنڪشنن ۾ يا رستي ۾ ايندي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي.
ان ملاقات ۾ پڻ اهڙي ته محبت سان ملندو هو، ڄڻ
منهنجو قريبي دوست هجي. ٻه ٽي منٽ رُڪي حال احوال
اوري، پوءِ روانو ٿيندو هو. ان دوران سندس مُنهن
تي مرڪ ڇانيل هوندي هئي، هو ان ۾ ڪڏهن به پنهنجي
گهٽتائي نه سمجهندو هو. پاڻ کي گهٽ سمجهڻ واري صفت
گهڻو ڪري صوفياءِ ڪرام جي فڪر ۽ فلسفي جي مطالعي
جي ڪري پيدا ٿي اٿس. ڪجهه عرصو اڳ ڪراچيءَ ۾
منهنجي ساڻس ملاقات ’الماس بڪ ڊپو، زيب النساءِ
اسٽريٽ‘ وٽ ٿي. ڪتب خاني جو مالڪ آغا صاحب ايراني
آهي. مان ٻئي ٽئين ڏينهن وٽس ويندو آهيان. پاڻ علم
دوست انسان آهي. جويي صاحب ان ڪتبخاني تي ’ديوان
حافظ‘ فارسيءَ ۾ خريد ٿي ڪيو. پر ڪتبخاني جي مالڪ
اهو ڪتاب کيس تحفي طور پيش ڪيو.اُتي ڪچهري ڪندي،
پاڻ ٻڌايائين ته حافظ، سچل، لطيف ۽ رومي وڏا شاعر
آهن، پر رحمان بابا پڻ پشتو زبان جو وڏو شاعر ۽
انهن جي جوڙ جو هو. چيائين ته جڏهن هو سرحد بدلي
ٿي ويو هو ته اتي پشتو سکي، رحمان بابا کي
پڙهيائين ته هن کي لطيف سرڪار واري خوشبوءِ محسوس
ٿي. ان مان جويي صاحب جي علمي ذوق ۽ تحقيق جي
پروڙ پوي ٿي. شايد انهن صوفياءِ ۽ ڪامل استاد جو
سندس شخصيت تي بيحد اثر آهي، جو پاڻ ڏاڍو ملنسار ۽
محبتي انسان آهي ۽ سندس مزاج ۾ رواداري، محبت،
خلوص ۽ اخلاق موجزن آهن. جويي صاحب سان جيڪي مون
ملاقاتون ڪيون آهن، انهن ۾ مون سندس زندگيءَ جو
نصب العين اهو ڏٺو آهي ته سنڌي قوم کي تنزل مان
ڪڍي ترقيءَ ڏانهن گامزن ڪجي. ان سلسلي ۾ هن ڪڏهن
به مصلحت ۽ منافقت کان ڪم نه ورتو آهي. بنا ڪنهن
رک رکاءَ جي هو اسان کي هر پلئٽفارم تان جدوجهد
ڪندي، نظر اچي ٿو. سندس ڪوشش اها آهي ته قوم کي
بک، بيماري ۽ بيروزگاريءَ جي لعنت مان نجات ملي ۽
قوم، جن استحصالي ٽولن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهي، تن
مان کيس ڇوٽڪارو ڏيارجي. وڏي عمر ۽ پوڙهائپ جي
باوجود هو هڪ استاد وانگر هر هڪ ماڻهوءَ کي
سمجهائيندو رهي ٿو. اها ڳالهه سنڌ ۽ سنڌ واسين سان
سندس محبت جو وڏو دليل آهي، ۽ ان ڳالهه جي تصديق،
سنڌ جي مايئه ناز اديب، دانشور ۽ ٻوليءَ جي پارکو،
جناب سراج الحق ميمڻ صاحب، جناب جويي صاحب سان
1981ع ۾، ملهايل شام ۾ ڪئي آهي. ان ۾ ٻين ڪيترن ئي
اديبن جويي صاحب جي متعلق ڪافي ڪجهه ڳالهايو هو،
جنهن کي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ’ادبي گڏجاڻي‘ جي
نالي سان ڇپايو آهي. ان ۾ جناب سراج الحق صاحب،
جويي صاحب لاءِ رقمطراز آهي ته ”هڪ انگريز وطن
پرست جي ’پئٽرياٽزم‘ لاءِ چيو ويندو آهي ته
’انگلنڊ منهنجو انگلنڊ‘، پر ابراهيم جويي جي وطن
پرستي پنهنجي وطن لاءِ بُري يا ڀلي جي چونڊ به نه
ٿي ڪري. هن کي يقين آهي ته منهنجو وطن سنڌ بُرو ٿي
نه ٿو سگهي. برائيءَ جي اِمڪان جو به تصور نه ٿو
ڪري، ٻيءَ دنيا کي سنڌ جي ڪا بُرائي نظر اچي ته
اهو هنن جي اکين جو ڦير آهي. ”پنهنجي
Prejudice
آهي، نه ته سنڌ ۾ ڪا بُرائي نه آهي. ان کي هيئن به
چئي سگهجي ٿو ته جيئن محبوب کي چنڊ سان مشابهت
ڏجي، پوءِ ڀلي سائنسدانن جي نگاهه ۾ چنڊ تي غارن ۽
جبلن جي ڪري داغ ڇو نه هجن. سنڌ ان وطن پرستيءَ جو
محبوب آهي، جنهن محبوب جي مڪمل حسن هجڻ ۾ ٻه رايا
نه ٿا ٿي سگهن. ان ڪري اٿندي ويهندي، سمهندي
جاڳندي، ان محبوب جو خيال دل ۾ وسندو رهي. اها وطن
پرستي ابراهيم جويي جو مذهب آهي ۽ مذهب ۾ شرڪ
ڪبيرو گناهه آهي.
”پوءِ اُن مذهب جا ڪي ضروري فرض آهن، ڪي سُنتون
آهن، ڪي ارڪان آهن، جن جو محور اهو آهي ته ماڻهو
پاڻ کي ان محبوب جو اهل ثابت ڪري، ۽ ان ۾ اها
اهليت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن ان محبوب جي ذات ۽
صفات لاءِ وحدةالوجود جي فلسفي ۽ فڪر تي عمل ڪندو
رهجي ۽ ’فنا في الوطن‘ جو معراج ماڻجي. ان جي عملي
شڪل اها آهي ته وطن جون روايتون پنهنجون روايتون
بڻجن. وطن جا خدوخال پنهنجا خدوخال بڻجن. وطن جو
اخلاق پنهنجو اخلاق بڻجي. ان معنيٰ ۾ سوچيو ته سنڌ
ڇا آهي؟ سنڌ جي روايت آهي ماڻهپو، ڪنهن کي نه
رنجائڻ، پنهنجي کي پيار ڏيڻ، ڪهن سان نفرت نه ڪرڻ.
اها نهٺائي ۽ خود سپردگي، اهي سموريون خصلتون ۽
وصفون، اوهان کي ابراهيم جويي ۾ ملنديون. انساني
سطح تي هو پنهنجي اولاد جو نهايت پيار ڪندڙ پيءُ
آهي، دوستن جو نهايت پيارو ۽ پيار ڪندڙ دوست آهي.
آءُ نٿو سمجهان ته هن ڪنهن کي، ارادي سان رنجايو
هوندو، نهٺو ايترو جو جبل جي هوندي ترائيءَ جي
ڏيکائيءَ ڏي ٿو. سندس هڪ آمريڪي دوست بارڊي هن
لاءِ چيو
‘Mr Joyo`s Humility is out of this world’.
سندن اها نهٺائي
(humility)
عظمتن جو استعارو آهي. ميوي سان جيڪو وڻ جهڪيل
هوندو آهي، مقصد ڏانهن خود سپردگي ابراهيم جويي جي
اهڙي خصلت آهي، جنهن ۾ مون کي سندس ثاني ٻيو ڪو نه
سُجهي. مٿين ڳالهين مان ابراهيم جويي صاحب جي
عادتن، اطوارن، پسند ناپسند جو اندازو ٿئي ٿو. ان
مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جويي صاحب جي دوستيءَ ۽
دشمنيءَ جو معيار فقط سنڌ آهي. اها ڳالهه هن حقيقت
۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪئي آهي.“
محترم ابراهيم جويي صاحب جي زندگيءَ جو مختصر
وچور هن طرح آهي:
هو هڪ مسڪين هاريءَ جو پٽ، ننڍڙي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ
۾، 12 آگسٽ 1915ع تي ڄائو. پهرين پنهنجي ڳوٺ آباد،
پوءِ لڪيءَ ۽ بعد ۾ سن ۾ سائين جي.ايم.سيد جي ڪوشش
سان قائم ڪيل اسڪول ۾ ٻه درجا پڙهيائين. ۽ اتي
فارسيءَ ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو. ان کان
پوءِ سنڌ مدرسي ۽ ڊي.جي.ڪاليج ڪراچيءَ ۽ آخر
بمبئيءَ ۾ پڙهيو ۽ بي.اي. ۽ بي.ٽي. پاس ڪيائين.
سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ماستر ٿيو، جتي 9 سال نوڪري
ڪيائين. پوءِ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر
ٿيو. اتان ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ استاد،
پوءِ 1949ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، جتي 12
سال نوڪري ڪيائين. ان کان پوءِ 6 سال ويسٽ پاڪستان
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ او. ايس. ڊي ۽ ساڳئي وقت سنڌي
ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري، پوءِ جيڪب آباد
هاءِ اسڪول جو هيڊماستر، گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج
ڪوهاٽ جو پرنسپال، رجسٽرار ايگزمنيشن ۽ ڊپٽي
ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، انسپيڪٽر آف اسڪولس
خيرپور ڊويزن، پهرين سيڪريٽري پوءِ ميمبر سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڪيئي درسي،
ادبي ۽ علمي ڪتاب لکيا اٿس. هن وقت سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت حيدرآباد جو صدر آهي.
اسان جي دعا آهي ته کيس الله تعاليٰ وڏي ڄمار ڏئي
۽ هو وڌيڪ سنڌ جي خدمت ڪري!
فقير شهمير چانڊيو
پيار جو پرچاري ۽ گُني ماڻهو:
سائين محمد ابراهيم جويو
جيستائين مون حقير جو، سنڌ جي هُڳاءَ واري مٽيءَ
مان جنم وٺندڙ هڪ مهان ماڻهوءَ ۽ انسان دوست
سائين، محمد ابراهيم جويي صاحب سان شناسائيءَ جو
تعلق رهيو آهي ته ان باري ۾ فقط ايترو عرض ڪندس ته
اها شناسائي، ساڻن روز ازل کان هئي: جڏهن رب ڪريم،
عالم ارواح کان پڇيو: ”الست بربکم“ (ڇا مان اوهان
جو رب ناهيان؟) مطلب ته انهيءَ روح پرور ميڙ ۾ ئي
شناسائيءَ جو سلسلو شروع ٿيل هو، جيڪو رهندي
حياتيءَ ۾ دائم قائم رهندو اچي.
سائين محترم محمد ابراهيم جويي صاحب سان هونئن ته
ماضيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مختلف موقعن تي مختصر ملاقاتون
ٿينديون رهيون هيون، پر هاڻي خوشقسمتيءَ سان آءُ
خاڪسار ساڻن گڏ ئي گڏ آهيان. اهو هيئن ته آءُ جنهن
جڳ مشهور اداري سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ ادنيٰ ڪارڪن
جي حيثيت ۾ ملازمت، پروف ريڊر طور ڪم ڪريان ٿو،
پاڻ اداري جا چيئرمئن آهن. سندن شفقت ۽پيار جو
والهانه انداز اهوئي ساڳيو رهندو اچي، جيڪو ماضيءَ
۾ هو.
سائينءَ جن جي باري ۾ هڪ خاص ڳالهه اها عرض ڪرڻ ٿو
چاهيان ته سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت
ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي. پاڻ پنهنجي ذات ۾ هڪ
ادارو آهن، نه صرف
اديب ۽ دانشور، مفڪر ۽ محب وطن آهن، بلڪه سنڌي
موسيقيءَ جا پارکو پڻ آهن مون کي ان باري ۾ تڏهن
ڄاڻ پئي، جڏهن محترم حميد سنڌي صاحب بيسنت هال ۾،
ون يونٽ واري دور ۾ ’جشن روح رهاڻ‘ جو اهتمام ڪيو
هو. سائين حميد صاحب سنڌ جي امر شاعر شيخ اياز
صاحب جون ٻه ٽي انقلابي ڌنون ڪمپوز ڪرائڻ لاءِ
محترم نصرالله عباسي مرحوم ۽ سندس ڀاءُ محترم
عنايت الله عباسي صاحب (الله کيس وڏي ڄمار عطا
فرمائي) کي گذارش ڪئي. ان زماني ۾ مان مختلف
فنڪشنن ۾ ڀٽائي سائينءَ جا ڪلام ڳائيندو هوس، جو
هڪ تقريب ۾ محترم عنايت الله صاحب مون کي ٻڌو ۽
ڏاڍو متاثر ٿيو. پوءِ مون کي اهڙي آڇ ڪيائين ته
’اوهان ڪلب ۾ اچو، اتي جيجي زرينه به آهي ۽ چند
ٻارڙا به آهن، جيڪي ڪورس جي انداز ۾ اوهان جو ساٿ
ڏيندا‘ مون محترم عنايت الله صاحب جن جي اها آڇ،
خنده پيشاني سان قبولي. سندن ڪلب تلڪ چاڙهيءَ تي
هڪ فوٽو گرافر جي دڪان مٿان واقع هو. ڏاڪڻ تي
چڙهندي، سازن جا آواز ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا. منهنجو سهڻي
نموني آڌرڀاءُ ڪيو ويو. هيڏانهن
هوڏانهن نظر
ڦيرايم، سڀ واقف چهرا نظر آيم. مگر افسوس اڄ اهي
چهرا هن مانجهاندي جي ماڳ ۾ موجود ناهن، طبلي تي
غلام عباس، هارمونيم تي محمد رمضان (اڄ جي نالي
واري فنڪار امير علي جو پيءُ)، پڪواز تي لالو
مڱڻهار، سرندي تي استاد عبدالله عرف ابو ۽ شهنائي
وڄائڻ وارو استاد بخشڻ ويٺل هئا. جيجي زرينه پڻ
موجود هئي، جنهن ڪنڌ جي لوڏ سان کيڪاريو. چار ٻار،
(جيڪي اڄ جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي پروان چڙهي چڪا آهن ۽
سٺي نموني سُر وکيري رهيا آهن)، انهن سان ميوزڪ
ڊائريڪٽر جي هدايت مطابق ترنم سان شعر جي ٿلهه کي
اچاريم، جنهن جا ٻول هن ريت هئا:
سنڌ ديس جي ڌرتي، توتي پنهنجو سيس نمايان،
مٽي ماٿي لايان!
بعد ۾ مصرع کي ورجائڻو هو، جڏهن ته ڌن راڳ مالڪوس
۾ ترتيب ڏنل هئي. محسوس ڪيم ته ٻارن کي وراڻيءَ ۾
ڪجهه ڏکيائي ٿي رهي آهي. فنڪشن جي انعقاد ۾ اڃا ٻه
ٽي ڏينهن هئا، سو ڪوشش اها هئي ته اسان پنهنجيءَ
پر ۾ مڪمل طرح تيار ٿي وٺون، جيئن اسٽيج تي ڪا
دشواري پيش نه اچي. اهڙيءَ طرح ان ڪورس جي ريهرسل
کان پوءِ ٽيبلو پيش ڪرڻو هو، جيڪو پڻ ترنم ۾
اچارڻو هو: ”ڏيئا ڏيئا، لاٽ اسان.“ ٻارن سٺو ساٿ
ڏنو. ان کان پوءِ فتاح ملڪ صاحب جن جو هڪ غزل،
جنهن جا ٻول گهڻي وقت گذرڻ ڪري مون کي ياد ناهن،
ان تي عبوريت حاصل ڪري، ٻئي ڏينهن تي وري ڪلب اچڻو
هو.
ٻئي ڏينهن جڏهن ڪلب پهتس ته مانواري سائين عنايت
الله عباسي صاحب جن ٻڌايو ته ”ابا فقير! پاڻ واري
ڪالهوڪي مالڪوس واري ڌن، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
سائين جويي صاحب بدلائي ڇڏي آهي، ۽ مون کي به اها
ڏاڍي پسند آئي آهي، هاڻي وري ٻيءَ ڌن ۾ اوهان کي
ڳائڻو پوندو.“ سائين جويي صاحب جي ذڪر مون کي
پهريون ڀيرو ڇرڪائي ڇڏيو ۽ مان حيرانيءَ مان عباسي
صاحب جو چهرو تڪڻ لڳس ۽ لاشعوري طور تي پڇي ويٺس،
”ڇا، جويو صاحب به اهو ذوق رکي ٿو؟“
”اڙي ابا، تو جويي صاحب کي ڇا سمجهيو آهي، هو وڏو
گُني ماڻهو آهي. اهو ئي ته عشق آهيس. خبر اٿئي هو
ڇا چوندو آهي؟ هو چوندو آهي ته دنيا ۾ يا ته ڪنهن
جو ٿي وڃ يا ڪنهن کي پنهنجو بنائي ڇڏ!“ عباسي صاحب
جي ان انڪشاف تي هوريان هوريان، سائين جويي صاحب
جا چيل دوها، جيڪي هو ڀڳت ڪبير جي حوالي سان
ٻڌائيندو هو، ياد اچڻ لڳا:
سادهو ري! اپني من ڪو سادهه ري،
ايڪ من ڪو، دوسري سي بادهه ري!
-۽ ائين لڳو، ڄڻ جويي صاحب، بنا ناڻي مون کي خريد
ڪري ورتو آهي ۽ سچ پڇو ته اها حقيقت به آهي.
جيڪڏهن يقين نه اچيو، ته اوهان صرف جويي صاحب جي
معصوم چهري کي غور سان ڏسندئو، ته کُليل ڪتاب
وانگر، سندس اندر جي عڪاسي ڪندو نظر ايندو. هو
جيترو ٻاهران اُجرو آهي، ايترو اندران پڻ!
بهرحال ڳالهه ٿي ڪئيسون، ان نئينءَ ڌُن جي. ڌن
واقعي ڏاڍي پياري هئي. هيءَ ڌن اُن راڳ ۾ هئي،
جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان کي ڳائڻ جو ڪو
وقت مقرر ناهي هوندو، اها سدا سهاڳڻي راڳڻي آهي،
جنهن جو نالو آهي: ’ڀيروي!‘
آخرڪار خُدا خدا ڪري، اهو ڏينهن به آيو. بيسنت هال
رنگ برنگي بلبن سان سينگاريل هو. خاص طور تي اسٽيج
ڏسڻ وٽان هئي ۽ پوري هال ۾ وڏيون وڏيون نالي
واريون شخصيتون موجود هيون ۽ هال کچاکچ ڀريل هو.
مقالن ۽ تقريري نشستن کان پوءِ راڳ جو وارو آيو.
انائونسر منهنجو نالو کنيو ۽ ان سان گڏوگڏ امر
شاعر شيخ اياز جي شعر جون ٻه سٽون اُچاريون، اهڙي
اظهار تي سڄو هال تاڙين سان گونججي ويو. سدا سهاڳڻ
راڳڻي ’ڀيروي‘ پنهنجي عروج تي، سامعين کي موهيندي،
هال مٿان سڪتو طاري ڪري ڇڏيو. آخرڪار ’ڀيرويءَ‘ جو
سحر، پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. منهنجي واري وٺڻ کان
پوءِ جيجي زرينه پاڻ ملهايو ۽ ڪافي داد حاصل
ڪيائين. سائين جويي صاحب جي ٺاهيل اُها ڌن عوام ۾
ڪافي مقبول ٿي ۽ ڪو وقت مختلف فنڪشنن ۾ ڳائي ويئي
هئي.
|