اڄڪلهه جي ڪيترن نوجوانن وانگر، هن تي حڪمران طبقي
جي ملڪي معاملن سان بي توجهيءَ، مذهب جي نالي جي
غلط استعمال ۽ غريب عوام سان ناانصافين رد عمل
پيدا ڪري، اونهي غور ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو. اهڙيءَ
حالت ۾ اڪثر نوجوان توازن وڃائي، انتهاپسندي
اختيار ڪندا آهن، ليڪن هِن باوجود صفراوي طبيعت جي
اعتدال کي هٿان نه ڇڏيو آهي، ۽ سياسي ۽ اقتصادي
ڳالهين ۾ متوازن نقطه نگاهه قائم رکيو اچي.
بدقسمتيءَ سان برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ ملڪي
معاملن ۾ انتهاپسنديءَ جي زور وٺڻ ڪري، رجعت پسند
۽ ڪٽر فرقي پرست گروهن هن کي ڪميونسٽ پئي سمجهيو
آهي، ته ٻئي طرف انتها پسند اشتراڪي هن کي
’رويزنسٽ‘ سمجهي رهيا آهن.
مون کي ساڻس ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو
آهي، جنهنڪري سندس خوبين سان گڏ خامين مان به واقف
آهيان. خامين کان دنيا ۾ ڪو به خالي نه آهي. هن ۾
به آهن. پر اُن لاءِ هن جي بنيادي طبيعت، ماحول جي
ناسازگاري ۽ سندس مخالفن جي مخالفت جي شدت جوابدار
ٺهرائي سگهجن ٿيون. طبيعت جو صفراوي هئڻ، حد کان
وڌيڪ محنت ڪرڻ، هڪ ئي وقت گهڻن ڪمن کي هٿ ۾ کڻڻ،
تفريح ۽ آرام لاءِ پورو وقت نه بچائڻ، خانگي
زندگيءَ جا مسئلا وغيره سندس طبيعت تي اثر انداز
ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن. پر ان جي باوجود هن جون
خوبيون سندس ڪوتاهين کي سج وانگر ڇُپائي بيٺيون
آهن.
هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن: جن مان ڪي اهم هي آهن:
(1)
سيوِ سنڌ، سيوِ دي ڪانٽيننٽ (انگريزي) (2) ايميلي
عرف تعليم (روسي جي مشهور ڪتاب جي چونڊ حصي جو
ترجمو). ليڪن سندس معيار اِنهن ڪتابن تي پرکڻ بي
انصافي ٿيندي ’مهراڻ‘ جا ڪيترا ايڊيٽوريل ۽ نصاب
جا لکيل ڪتاب سندس قلم جا مرهوِن منت آهن.
هن ٻه شاديون ڪيون. پهرينءَ جي گُذر ڪري وڃڻ بعد
ٻي ڪئي. کيس چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. سندس پٽن جا
نالا هي آهن: (1) منور، (2) مظفر، (3) محبوب، ۽
(4) منصور.
شيخ اياز
جوڳيءَ
جاڳائي، ماري وڌو مامري!
طالب العلميءَ جي دور ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاپڙي
مليا، جن ٽنهي جي باري ۾، مون کي ڀٽائيءَ جي
هيٺين سِٽ ياد ايندي آهي:
جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري!
۽ اُهي هئا- سوڀو گانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حشو
ڪيولراماڻي
(اِهي) ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت
ڪئي آهي ۽ جي مان اُنهن سان نه ملان ها ته مان،
مان نه هُجان ها، ۽ اُهي آهن- حشو، سوڀو ۽
ابراهيم. اِنهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت اِئين
رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي.
اُهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيون جي ليکي
چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.
جويو، ڪرست ۽ ڪرانتڪاريءَ جو ڳُوڙهو ڳانڍاپو آهي.
تو ته هُن جي اڻت ڏٺي آهي، پر جڏهن سنڌڙيءَ لائون
لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس، هُن
جي آڏاڻي ۾ اُڻيل آهي! هُو اُهو آدي جڳادي الوپ
ماڻهو آهي، جو نؤ ورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي،
گُم ٿي ويندو آهي، هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري
زمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آگ آهي، ۽ جڏهن اُن
جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا
کُلي پون ٿا.
ابراهيم
جويي جي طبيعت…حشوءَ جي بلڪل
برعڪس آهي. هوُ سُئيءَ سڳي تائين هر شيءِ جائيتي
رکندو آهي. هن وٽ ڪو به اُجايو پنو نه پيو هوندو
آهي ۽ جيستائين هوُ بيڪار ڪاغظ
ڦاڙي مزي سان ٽُڪريون ٽُڪريون ڪري نه اُڇليندو آهي
۽ ڪارآمد ڪاغذ ڪنهن ڪتاب جي وچ ۾ يا پنهنجي وهاڻي
هيٺان ٺاهي ٺُڪي نه رکندو آهي، تيستائين هن کي چئن
نه ايندو آهي. حشوءَ به ضِد بلڪل ڪونه هو ۽
ابراهيم ۾ ضِد گهڻو آهي. (مان ڀانيان ٿو ته
اِبراهيم تي سائين جي. ايم. سيد جي صحبت جو اثر
ٿيو آهي، جنهن جو ضِد به پنهنجو مثال پاڻ آهي.)
حشوءَ به تذبذب هو، ابراهيم ۾ ڪوئي تذبذب نه آهي.
هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اُصول طئي شده
آهن، جن جي ڦير گهير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب
۽ تسلسل، هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن.
حشو بين الاقوامي ڪميونزم جون ڪمزوريون پاڻ
ٻُڌائيندو هو، ابراهيم اڃا تائين اُهي ٻڌڻ به نه
چاهيندو آهي. (توڙي
جو ايم. اين راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ ۾
رهيو آهي). حشو ته 1948ع جي شروع ۾ هندستان هليو
ويو هو. پر ابراهيم جون مهربانيون اڄ تائين مون
تي مينهن وانگر وسنديون رهيون آهن. پنهنجن ڪمزورين
جي باوجود، ابراهيم حشوءَ کان وڏو ماڻهو آهي. پس
پرده رهي، هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.
حشوءَ ته رڳو سائين جي.ايم.سيد جو هڪ ڪتاب
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو
(Struggle for New Sindh)
،پر ابراهيم، سائينءَ جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ڏينهن
جا ڏينهن نُور نچويو آهي. هن لاءِ هر ترقي پسند
ڪتابُ، هر اُهو ڪتاب، جنهن سان ٻوليءَ ۽ ادب جو
واڌارو ٿئي، هن جو پنهنجو ڪتاب آهي ۽ هن جو جيترو
وس پڳو آهي، هن ليکڪ کي اُنهيءَ ڪتاب سنوارڻ ۾ مدد
ڪئي آهي.
ابراهيم سان مُنهنجي پهرين ملاقات، حشوءَ
کان به اڳ، سال 1944ع ۾ منهنجي دوست جمال صديقيءَ
ڪرائي هُئي، جڏهن مان
ڪراچيءَ ۾ بي. اي ۾ پڙهندو هوس. اُن وقت ابراهيم
سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو ۽ بندر روڊ تي ’سعيد منزل‘
جي هڪ فلئٽ ۾ رهندو هو. ابراهيم مون کي پهريون
ڀيرو ’ٿئنڪرس لئبرري‘
(Thinkers’ Library)
جا ڪتاب-
‘Martyrdrom of Man’
(’انسان جي شهادت‘) وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، جي
مون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُنهن مان هڪ
ڪتاب
‘Illusion of National Charactor’
(’قومي ڪردار جو خبط‘) جو مون تي ايترو گهرو اثر
ٿيو هو، جو ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ ايتري دلچسپيءَ جي
باوجود مان اُن جي
Chauvinistic trends
جي لپيٽ ۾ نه آيو آهيان.
مان ابراهيم کي پنهنجا نظم ٻُڌائيندو هوس، پر هِن
کي اُنهن ۾ حد کان زياده فارسي لفظ پسند نه ايندا
هئا.
1945ع ۾ مان ۽ مُنهنجو دوست عبدالرزاق راز، ڊي.
جي. سنڌ ڪاليج ۾ قائم ڪيل ’سنڌي سرڪل‘ ۾ ويندا
هُياسين، جتي مون پنهنجو نظم ’او باغي، او راج
دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني‘ پڙهيو هو ته ٻُڌندڙ
حيران ٿي ويا هئا. اُهو نظم پوءِ ’لهرون‘ جي نالي
سان سرڪل جي ڪتاب ۾ ڇپيو هو. پروفيسر رام
پنجواڻيءَ اُن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مٺڙي آواز ۾
گهڙي تي ڳايو هو. اُنهيءَ سرڪل ۾ منهنجي نارائڻ
شيام سان واقفيت ٿي هئي.
’او باغي، اوراج دروهي‘ ۾ ڪم آندل ٻولي، ابراهيم
جي صحبت جو اثر هئي. ابرهيم سان جڏهن مان گهرو ٿيو
هوس، تڏهن هن مون کي ايم.اين. راءِ جا ڪتاب پڙهڻ
لاءِ ڏنا هئا. جمال صديقيءَ به اُنهن مان ٻه ٽي
ڪتاب اڳ ئي پڙهيا هئا ۽ ابراهيم سان گڏ ايم. اين.
راءِ جي ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ
(Radical Democratic Party)
جي ميٽنگن ۾ ويندو هو. ابراهيم مون کي پارٽيءَ جي
هفتيوار اخبار
‘Independent India’
(آزاد هندستان‘) جا شمارا به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا.
هڪ ڀيري مان به پارٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ويس.
اِهو سارو وقت منهنجو اِبراهيم جويي سان ميل جول
رهيو،
اهو دور مون لاءِ نشي جو دور هو- جوُانيءَ جو
ڀرپور نشو، نون خيالن سان لهه وچڙ جو نشو، مطالعي
جو نشو، شاعريءَ جو نشو، دوستيءَ جو نشو، مون سوين
ڪتاب پڙهي ڇڏيا.
ابراهيم جويي مُون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي
ڇڏيا هئا. پراڻيءَ دُنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي
ڍير ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي هر زنجير کي
ڇني، اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کُلي پيو هو. منهنجي ۽ هن
جي دوستي، روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي ،جنهن
روميءَ جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته اُنهن ۾ باهه
لڳي وئي هئي.
جڏهن مون سکر ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي ته ڪراچيءَ
وارا ايم. اين. راءِ جا ٻيا پوئلڳ منهنجي زندگيءَ
مان نڪري چڪا هئا، پر ابراهيم سان منهنجا تعلقات
برقرار رهيا هئا. مان جڏهن به سکر مان ڪراچيءَ
ويندو هُيس ته هن سان ضرور ملندو هيس. هڪ ڀيري مان
پنهنجي دوست عبدالرزاق راز سان گڏجي ڪراچيءَ نئين
ڪار خريد ڪرڻ ويو هيس. ڪراچيءَ ۾ راز جي پنهنجي
فلئٽ هئي، جتي هن جو
سالو رهندو
هو. مان ابراهيم جي فلئٽ ۾ وڃي رهيو هيس . اُنهن
ڏينهن ۾ ابراهيم اڃا ٻي شادي ڪانه ڪئي هئي.
ابراهيم جي پهرين زال ٽي. بيءَ ۾ مري وئي هئي.
ابراهيم ڪافي دير تائين رات جو خانگي ٽيوشن ڏيندو
هو ته جيئن هُو زال جي علاج لاءِ ڪافي پيسو بچائي
سگهي، پر هوءَ
بچي نه سگهي هئي. هڪ ڀيري مون کي ابراهيم ٻڌايو هو
ته هُوءَ ايترو ته ڳري وئي هئي، جو هن کي ابراهيم
کٽ تان ٿي اُٿاريو ته هُن کيس چيو هو، ”آهستي ته
اُٿار، منهنجون کنڀڙاٽيون ٿو ڀڃين.“ اهو
’کنڀڙاٽيون‘ لفظ پنهنجي واتان ٻڌي ابراهيم جون
اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون هيون. هن جي موت کان
سال کن پوءِ ابراهيم هن جي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي.
هڪ شام جو مُون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم
ٻُڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن مون هي سٽون
پڙهيون:
يه دنيا، يه آماجگاهِ تمنا،
کهان جا رهي هه
يه رقاصهء روز شب نوکِ خنجر په يوُن ناچتي جا رهي
هه
که جيسي اُسي يه يقين هوگيا هو،
که اب پاؤن چهلني نه هون گي.
تڏهن ابراهيم چيو هو”اياز، توکي مان وري به چوان
ٿو ته توُن پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين.
توُن پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾
پهچائي سگهين ٿو!“
مُون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، ”پر تو کان
سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻُڌڻ وارو ڪير آهي؟“
اُن تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، ”اسان به ڪافي
آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون
ٿا.“
‘Save Sindh Save the Continent’جي
مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو
ثابت ٿيو آهي
*ابراهيم سان پوئينءَ ملاقات کي ڪجهه سال گذري ويا
. هڪ ڀيري روح جي ڳنڍ اوچتو کُلي پئي ۽
مون ڪيئي بيت لکيا، جي ابراهيم کي پوسٽ ڪري
موڪليم. ابراهيم اُن وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري هو. هن اُنهن مان ڪجهه بيت ادبي بورڊ
جي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ، جي پهرئين صفحي تي ڏنا.
اُهي بيت، سنڌيءَ ۾ منهنجي ادبي زندگيءَ جو
نئون جنم هئا.
*… مان ڀانيان ٿو ته مُون اردو شاعري، 1954-1955ع
۾ ڇڏي ڏني ۽ وري سنڌي شاعريءَ ڏانهن موٽي آيس.
ابراهيم صحيح چيو هو ته مان اردوءَ ۾ پنهنجيءَ ڏات
کي منطقي نتيجي تي پهچائي نه ٿو سگهان. اڄ منهنجن
سنڌي شعرن تي هزارن ماڻهن جون دليون ڌڙڪن ٿيون ۽
ايوب خان جي حڪومت
بانورجي پئي آهي اها ڳالهه منهنجي اردو شاعري پيدا
نه ڪري سگهي ها.
*’نيل گنڻهه اور نيم کي پتي‘ 1947ع کان وٺي 1951ع
تائين منهنجي اردو شاعريءَ جو مجموعو هو، جو مون
”بُوئي گل نالهء دل“ جي نالي سان 1952ع ۾ ڇپايو
هو، پر اُهو مارڪيٽ ۾ نه ڏنو هو ۽ دوستن ۾ ورهائي
ڇڏيو هو، ڇو ته اُن جي ڇپائي ۽ جلد سازي شايان شان
نه هئي. اردوءَ ۾ اُها شاعري مون تڏهن ڪئي هئي،
جڏهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي اديب ۽ شاعر تتر بتر ٿي
ويا هئا ۽ سنڌ ۾ مون لاءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽
ابراهيم جويي کان سواءِ ڪوئي اهڙو اديب نه رهيو
هو، جنهن سان مان ڳالهائڻ چاهيان ها.
*هن سال مئي جي مهيني ۾ مان 4 بجي صبح کان 6 بجي
صبح تائين سانده هڪ مهينو شعر لکندو رهيس ۽ پنهنجا
نثر جا ٻه ڪتاب ’آتم ڪهاڻي‘ جو حصو ۽ ’روس جو
سفرنامو‘ وچ ۾ رد ڪري ڇڏيم، ڇو ته شاعري سمنڊ جي
وير وانگر ڪڏهن ڪڏهن چڙهندي آهي ۽ جڏهن لهي ويندي
آهي ته مون کي منهوڙي جي ٺوٺ پهاڙين وانگر ڇڏي
ويندي آهي. مون نه رڳو ڪيترائي نظم لکيا، پر ٿر جي
پسمنظر سان پنج ڇهه سئو بيت لکيا، جن ۾ مون انسان
جي گوناگون جذبات کي سمايو .
اُنهن بيتن ۾ ڀٽائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪوئي
پسمنظر نه آهي ۽ انهن ۾ ورلي ڪوئي اهڙو لفظ ڪم
آندل آهي، جو ڀٽائيءَ يا ٻئي ڪنهن شاعر اڳ ڪم آندو
آهي. مون سوچيو آهي ته ائين سنڌ جي سمنڊ، ڪوهستان،
لاڙ، وچولي، اُتر جي پسمنظر سان ٻيا بيت لکان، جن
۾ هن ڌرتيءَ سان ’من تُو شُدم تُو من شُدي‘ واري
ڪيفيت پيدا ڪيان. مون ڪتاب جو نالو ’اُڪن نيرا
ڦُليا‘ رکيو ۽ اُن جي هڪ ڪاپي ياسمين کي ڏني هئي
ته حيدرآباد پهچڻ سان جويي صاحب کي ڏئي. ابراهيم
جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو
آهي. مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته
چاهيندو آهيان ته اُن تي پهرين نظر سنڌ جي عظيم
دانشور جي پوي، ۽ اُهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو
آهي ته مون کي اُن جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي.منهنجي
اڳئين ڪتاب ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘ ۾ شامل هڪ
نظم ’چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان-
تُون هُئينءَ، جي شرح جنهن خوبصورتيءَ سان هُن ڪئي
آهي، اهڙي ورلي ڪوئي ڪري سگهندو
اُن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته (سنڌي) ادبي بورڊ جي اها
اهميت نه هجي ها، جي ابراهيم اُن ۾ سيڪريٽري نه
هُجي ها. هر انسان ۾ ڪي ڪميون پيشيون آهن… تڏهن به
جي خدا لڳ ڳالهه ڪبي ته ابراهيم جو نئين سنڌ جي
شعور ۾ ڪافي هٿ رهيو آهي.
[جي.ايم مهڪريءَ جي ڪتاب ’مهڪريءَ جا مضمون‘) جو
مترجم جويو صاحب اسي ورهين کان مٿي ٿي چڪو آهي.
منهنجي دعا آهي ته قدرت کيس ڪنهن اتفاقي موت کان
محفوظ رکي ۽ هو پنهنجو نتيجه خيز ڪم ڪندو، بستري
تي وفات پائي]
سوڀو گيانچنداڻي
محمد ابراهيم جويو: گمنام سپاهي
محمد ابراهيم جويو هڪ اديب ، محقق، عالم، دانشور ۽
اڻڄاتل سياسي گرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ
کپندو هو؛ پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه
ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. اڄ دل ٿي چئيمِ ته
اسان سڀ ۽ سنڌ جو سمورو اديب لڏو محمد ابرهيم جويي
جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي ۽ ورتو
ڪجهه به نه آهي.
ايازُ منهنجي شاگرديءَ جي زماني 1944ع کان واقف هو
۽ تڏهن کان وٺي آخر تائين دوست رهياسون. جويي بابت
مون کي ڄاڻ تڏهن پئي، جڏهن پاڪستان ٺهڻ وقت ڪنهن
سبب کيس شايد نوڪريءَ کان سسپينڊ ڪيو ويو هو، جنهن
ڪري سنڌ مدرسي جي شاگردن سندس پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ
تمام وڏي اسٽرائيڪ ڪئي هئي. اخبارن ۾ اُن واقعي جي
باري ۾ وڏي ڏي وٺ هلندي رهي. مان پنهنجي ٽريڊ
يونين جي مصروفيت سبب ڄاڻي نه سگهيس ته مامرو ڇا
هو. گهڻو پوءِ معلوم ٿيو ته اهو بغاغو سندس ڪتاب
`Save Sindh Save the Continent`
(’سنڌ بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو‘) تي ٿيو هو، جنهن
تي حاڪمن کي ناراضگي ٿي هئي. ان ڪتاب جي سرورق تي
سنڌ جو نقشو هو، جنهن جي مٿان هڪڙي ڀلڙ گانءِ جي
تصوير هئي. تصوير ۾ پڳڙيون پاتل واڻيا گانءِ کي
ڏُهي، بالٽيون پاسيريون ڪندا، اوڀر ڏکڻ هندستان
طرف ڀڳا ٿي ويا ته وري هڪ قطار پنجاب جي طريبازن
جي، ڳئونءَ کي ڏُهڻ لاءِ پهچي رهي هئي. اُها خبر
في الوقت ڪانه هئي ته سنڌ جي ’ڪام ڌينو گانءِ‘
(اُها ڳئون، جنهن جو کير ڏُهندي ڪڏهن به نه کُٽندو
آهي) کي ڏهڻ لاءِ اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ کان ڪٽڪ
اچي لهندا.
1952ع ۾ جيل مان نڪرڻ کان پوءِ پتو پيو ته محمد
ابراهيم جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي ويو
هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ محمد ايوب کهڙو، علامه آءِ
آءِ. قاضي، جي.ايم. سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻيا
عالم ۽ اڪابر، صلاحڪار بورڊ جا ميمبر هئا ۽ سندس
مشوري هيٺ دنيا ڀر جي اڍائي سؤ شاهڪارن کي ترجمو
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ادبي بورڊ کي اهو ڪم
پاڪستان گورنمينٽ طرفان سونپيو ويو هو ته سنڌ بابت
لکيل عربي ۽ فارسي ڪتابن کي اصل ٻولين ۽ ترجمي جي
صورت ۾ ڇپيو وڃي. ان لاءِ بجيٽ پاڪستان حڪومت ڏني
هئي. مون کي ياد آهي ته هڪڙي مائڪرو مشين 1954ع
تائين سنڌي ادبي بورڊ جي جاءِ تي کوکن ۾ بند رهي،
ڇو ته ان جي آپريٽر جو خرچُ نه پاڪستان گورنمينٽ
ڏنو هو، نه وري سنڌ گورنمينٽ کي توفيق ٿي هئي. (ان
وقت سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس سابقه پرائمري ٽريننگ
ڪاليج، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۽ موجوده اين. جي. وي
هاءِ اسڪول، جيڪو سعيد منزل لڳ آهي، ان ۾ هئي) ۽
جويو پٽيوالن ۽ چوڪيدارن لاءِ ٺهيل ٻن ڪمرن واري
جاءِ ۾ رهندو هو. 1952ع کان 1954ع تائين سنڌي ادبي
سنگت جون گڏجاڻيون به سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ آفيس ۾
ٿينديون هيون، جي پوءِ اياز قادريءَ جي ڌنيرام
بلڊنگ ۾ ٿيڻ لڳيون ۽ جويو هميشه انهن گڏجاڻين ۾
موجود هوندو هو. سنڌ جا ناميارا اديب، حفيظ شيخ،
سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز قادري ۽
ٻيا ڪيترا انهن گڏجاڻين مان ٺپجي، وڏا عالم ۽ اديب
ٿي نڪتا، ۽ ڪيترن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري،
سنواري، ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪرڻ جو سهرو به ابراهيم
جويي جي سر تي آهي.
1955ع کان وٺي جويي، ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالو شايع ڪرڻ
شروع ڪيو، جنهن جهڙو خوبصورت، غلطين کان بلڪل پاڪ
۽ معياري رسالو، هن وقت تائين ڪڏهن به نه ڇپيو آهي
۽ نه ئي اڳتي ڇپجي سگهندو، ڇو ته جيڪا پروف ريڊنگ
۽ مٿي ماري جويي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪئي،
اهڙي ڪو به نه ڪري سگهندو.
جويي کي ڪجهه وقت لاءِ سندس پاڙ پٽائڻ لاءِ لاهور
۽ ڪوهاٽ (پشاور) بدلي ڪيو ويو هو، پر هو اتي به
سنڌي ڪتابن کي مشرف به اسلام ڪرڻ جي مهم آڏو وڏيءَ
ڍال جو ڪم ڏيندو رهيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ واپس
اچڻ سان وري به هن سنڌي ادب جي واڌاري ۽ توسيع ۾
مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي.
نون لکندڙن ۽ اديبن کي همٿائڻ ۾ سندس اهم ڪردار
رهيو آهي. سائين. جي. ايم. سيد جي سمورين لکڻين کي
بنا غلطيءَ جي ڇپائيءَ ۽ ترتيب جي ڪم ۾ به جويي
وڏو هٿ ونڊايو آهي، ۽ شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ ان تي
جاکوڙ ڪري، اياز کي پنهنجو صحيح مان مرتبو ڏيارڻ ۾
به جويي جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي.
جويي جي سياسي ڪردار کان تمام ٿورا واقف آهن. هو
تمام پڙهيل، مارڪسٽ ۽ سياسي ڄاڻ جو مالڪ آهي ۽ سنڌ
جي وجود لاءِ گمنام سپاهيءَ جو ڪم سرانجام ڏيندو
رهيو آهي.
1953ع واري چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ اندر جيڪي سنڌ جي
وجود، حقن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي برقرار رکڻ لاءِ
شاندار ٺهراءَ، انگريزي زبان ۾ پيش ڪيا ويا، انهن
جو محرڪ ۽ نظرثاني ڪندڙ جي. ايم. سيد، علي محمد
راشدي ۽ عبدالستار پيرزادي سان گڏ محمد ابراهيم
جويو هو. ان کان پوءِ ادبي ۽ سياسي ڪانفرنس لاءِ
گرائونڊ ورڪ ۽ تجويزون ترتيب ڏيڻ جو ڪم به هي
گمنام سپاهي ڪندو رهيو آهي. ڪيترن ليڊر صاحبان کي
جيڪي طراق سان اسٽيجن تي تقريرون ڪندا آهن، اها
خبر ڪانه هوندي آهي ته انهن تقريرن جو ڪچو مال ۽
وقتي تيار ڪيل پڪو مال، جويي صاحب جي دماغ جي
پيداوار آهي.
جويو انتهائي محنتي، پاڻ کي فنان ڪرڻ جي حد تائين
ماٺيڻو ۽ نهٺو ماڻهو آهي. اصولن تي سخت ضدي ۽
هيٺيلو، پر جنهن ۾ وڏائي ۽ پاڻ پڏائڻ جو ذرو به نه
آهي. 87 جي پيٽي ۾ هوندي به هو سنڌي ادب ۽ سياست ۾
هڪ ڊائينيمو جو ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهي.
جويي جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ تمام ٿورا آهن، جن
پاڻ ماري ۽ ٻاري، سنڌيت کي قائم رکيو آهي.
سراج ميمڻ
ڪو ڪو ماڻهو،
موتيءَ داڻو
چچنامي ۾ هڪڙي حڪايت پڙهي هيم ته چچ جڏهن راڄ جون
سرحدون مضبوط ڪرڻ لاءِ نڪتو، تڏهن برهمڻ آباد جي
هڪ ٻوڌي پروهت پنهنجي قلم ذريعي سندس مخالفت شروع
ڪري ڏني. چچ کي سخت ڪاوڙ لڳي، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته
ان پروهت کي جوڳي سيکت ڏيندو. جڏهن پنهنجن سمورن
مخالفن کي ماري مڃائڻ کان واندو ٿيو، تڏهن جلادن
جو هڪ جٿو ساڻ ڪري، پروهت جي مَٺِ ڏانهن روانو
ٿيو. جلادن کي سمجهائي ڇڏيائين ته ”آءُ هن کي
ڳالهين ۾ مصروف رکندي، جڏهن اشارو ڏيان، تڏهن سندس
سسي لاهي ڇڏجو!“ پوءِ مَٺِ ۾ داخل ٿيو، تڏهن
ڏٺائين ته پروهت چيڪي مٽي ڳوهي پنڊا ٺاهي ڳوهيندو
ٿي ويو، ۽ پهڻ جو هڪڙو ٽُڪر، هر پِنڊي تي هڻندو ٿي
ويو. ان پهڻ لڳڻ سان مٽيءَ جي هر چاڻي تي مهاتماٻڌ
جي تشبيهه اُڀري ٿي آئي. جڏهن چچ پنهنجي جٿي سان
ڌوڪيندي اندر آيو، تڏهن پروهت، پنهنجي ڪرِت مان
ڪنڌ مٿي کڻي مٿي ڪين نهاريو . ڪا گهڙي چچُ ششدر
ٿي، هن کي ڏسندو رهيو. سنڌ جي بادشاهه کي پنهنجو
رعب ۽ دٻدٻو وسري ويو. هن جي بدن ۾ ڪنبڻي پئجي
ويئي. ۽ هن هٻڪندي پروهت کي عرض ڪيو ته حڪومت کي
پنهنجي صلاح مشوري سان نوازي، پروهت ڪنڌُ مٿي کڻڻ
بنا ئي جواب ڏنو: ”اي سيلائج جا پٽ، اسان کي دنيا
جي ڪاروبار سان ڪو واسطو نه آهي. جيڪڏهن پنهنجي
عاقبت سنوارڻ چاهين ٿو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن جي
حياتيءَ ۾ ڪو سُک، ڪو سهنج آڻڻ جو جتن ڪر!“ ۽ چچ
سندس آشيرواد وٺي ٻاهر نڪري آيو. ساڻس گڏ هڪ وزير
پڇيس ته ”حضور، اوهان هن جي سسي لاهڻ جو ته اشارو
ڏنو ئي ڪونه؟“ چچ پنهنجي پيشانيءَ تان پگهر اگهندي
چيو: ”هن ڄاڻ جي ديو اڳيان مون کي پنهنجي سِر جي
اچي لڳي هئي: هن جي ڏيا ۽ حشمت منهنجا هوش ئي خطا
ڪري ڇڏيا!
ائين ٿو لڳي ته اُهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهت جُوڻ
مٽائي، هر دور ۾ ابراهيم جويي جهڙا بڻجيو پون.
(اُهو به ڀانيان ٿو ته ابراهيم جويو ڪنهن اڳئين
جنم ۾ پڪ ئي پڪ ڪو ٻوڌي پروهٿ يا شمن هو، هن ۾ ٻڌ
ڌرم جا اهڃاڻ چٽا ۽ پڌرا اڄ به محسوس ڪري سگهجن
ٿا).
هنن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي، سو
اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته
حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي، جيڪا انسان
کي ملي آهي، ان کي بامقصد بنائڻ ئي اسان کي ٻين
ساهوارن کان اتم ۽ اعليٰ بنائي ٿو، ۽ اهو مقصد آهي
پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي
ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي
وٺي وڃجي. ٻڌڌرم جي حوالي سان، اهو ئي هنن جو
نرواڻ آهي.
اڄ جويو هونئن ته بنهه ضعيف، سنهڙو، سپتڙو، ننڍي
قد جو هڪ پريو مڙس آهي، پر جيڪڏهن سندس ڄاڻ ۽ ڪم
جي همه گير پهلوئن کي خيال ۾ آڻجي ته هو هڪ
سگهارو، قدآور ۽ جوان جماڻ ذهن آهي، جنهن جي گهڻ
ڏسي شخصيت جو احاطو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جڏهن
سندس ڦوهه جُواني هئي، تڏهن وري هن جو ذهن، تجربي
۽ مطالعي جي لحاظ کان پيرسن ۽ پريو مڙس هو، جيڪو
پنهنجي هڪ جيڏن ۽ پاڻان ننڍن جي رهبري ڪندو هو.
ناظم حڪمت ، ترڪيءَ جي ڪنهن ڏاهي لاءِ هڪ هنڌ چيو
هو ته ’جڏهن جوانُ هو ته اشاري سان صحيح منزل
ڏانهن رهنمائي ڪندو هو جڏهن پيرسن ٿيو ته هٿ کان
جهلي صحيح منزل تي پهچائي ايندو هو‘. ابراهيم جويي
سان به اها ئي ڪارِ آهي. جڏهن ننڍو نيٽو هو ته
لاتعداد اشارن سان سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي
صحيح منزلن جي نشاندهي ڪندو رهيو. جڏهن پيرسن ٿيو
ته ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ عملي طرح اهو
ڪجهه ڪري ڏيکاريائين، جيڪو خود هڪ منزل جي حيثيت
رکي ٿو. ان کي هيئن سمجهو ته جڏهن اڃا جوانيءَ جو
پُور شروع ڪيو هئائين ته
`Save Sindh, Save the continent`
لکي، اهڃاڻ ۽ پار پتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن
رٽائر ٿيو ته ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ لکي ڏيکاريائين.
هن جي ان ذهني سفر کي سمجهڻ لاءِ ايشيا کان سنڌ جي
جاگرافيءَ ۽ تاريخ کي هڪ ’وطن پرست‘ احساس جي
حوالي سان سمجهڻو پوندو. آءُ جڏهن ’وطن پرست‘ جو
فقرو ڪتب ٿو آڻيان، تڏهن محض هڪ خوبصورت اصطلاح
استعمال ڪونه ٿو ڪريان، پر ان جي اکري معنيٰ ڏانهن
اشارو ٿو ڪريان. ابراهيم لاءِ وطن پرستي، پرستش جي
حد تائين اونهو ۽ روحاني تجربو آهي. ساڳئي وقت اها
حد درجي جي جانبداريءَ جي ’پوزيشن‘ پڻ آهي، جيڪا
اقبال جي وطن کي ’ڪوڙو خدا‘ سڏڻ جي منفي روايت کي
رد ڪري، شاهه جي ’واجهائي وطن کي… ڪج پنوهارن پاس
واري مثبت روايت اختيار ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ آهي. وطن
هن لاءِ پارس به آهي ته ڪسوٽي به. جماليات جو
معيار به اهو ئي آهي ته روحانيت جو حوالو پڻ اهو
ئي آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اتمچنداڻي سنڌ
گهمڻ آئي هئي ، ۽ هڪ شام، ابراهيم ، اياز، رباني ۽
آءُ، سندريءَ ۽ اتم سان گڏجي، ڪلفٽن تي سمنڊ جي
ڪناري گهمڻ آياسون.روحانيت تي بحث ڇڙي پيو، اياز،
تصوف ۽ ويدانيت جي روايت سان روحانيت جي تعلق تي
ڳالهائي رهيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته ان معنيٰ ۾ هو
پنهنجي روحانيت جو قائل آهي. ابراهيم به سندس
حمايت ڪندي چيو هو ته روحانيت کي هروڀرو تنگ معنيٰ
ڏيڻ نه گهرجي. ان وقت ڪونجن جي هڪ ڊگهي قطار هڪ
ڪڪريءَ وٽان نڪري شفق جي لالاڻ ۾ گم ٿيڻ لڳي.
سندريءَ ان نظاري ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو. واقعي
منظر اهڙو ته دل کي جهوٻو ڏيندڙ هو، جو ڀانيان ٿو
ته اسان سڀني جون دِليون گائون مائون ٿيڻ لڳيون.
سڀ ماٺ ٿي وياسيون. مون ڏٺو ته ابراهيم جويي جون
اکيون لُڙڪن سان ڀرجي آيون، ۽ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو،
’الا، سنڌ جو آسمان ڪيڏو نه سهڻو آهي!‘ ۽ پوءِ
پنهنجي لڙڪن کان پريشان ٿيندي، ڳالهه لنوائڻ لاءِ
ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ’اسان جي روحانيت ته
اِجهو اِها آهي!‘
ابراهيم جويي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، واقفيتون ۽
لاڳاپا، مختلف حيثِيتن ۽ مختلف سطحن جا آهن. هڪڙي
حيثيت ۽ سطح ته اِها آهي، جنهن تي هو هر نئين
لکندڙ کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو آهي، رهبري ۽
رهنمائي ڪندو آهي. 1952ع جو زمانو هو، ۽ آءُ مرحوم
ڏيپلائيءَ صاحب وٽ ملازم هوس، ترجما ڪندو هوس،
پروف پڙهندو هوس ۽ ڪتاب ويپيون ڪندو هوس. اُن ئي
زماني ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘، ’چين ۾ هارين کي
زمين ڪيئن ملي‘ ۽ ’انسان ۽ انسانيت جي تاريخ‘،
ترجما ڪيا هئم، ۽ ڏيپلائي صاحب ڇپايا هئا. جويو
صاحب ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو دوست هو، ۽ اڪثر قرآن
پريس ۾ ايندو هو. منهنجي واقفيت ساڻس اتي ٿي.
ڏيپلائي صاحب مرحوم منهنجا ڪجهه ترجما کيس
ڏيکاريا. ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوءِ جڏهن به ايندو هو
ته ور ور ڪري پڇندو هو ته ’سراج، ڪا نئين شيءِ
ترجمو ڪئي اٿئي؟‘ هي کلڻو جوان، جنهن جي اکين ۾ هڪ
عجيب چمڪ هوندي هئي، مون کان پندرهن ويهه سال وڏو
هو، پر جڏهن مون سان ڳالهائيندو هو ته منهنجي سطح
تي، ۽ هڪ اهڙيءَ پنهنجائپ سان، جيڪا فقط خيالن جي
هم آهنگيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. ان ئي زماني ۾ هن
مون کي پنهنجو ڪتاب
`Save Sindh, Save the continent`
پڙهڻ لاءِ ڏنو. ان ڪتاب منهنجي ذهني ماحول ۾ هڪ
طوفان برپا ڪري ڇڏيو، ۽ مون نڪا ڪئي هم نڪا تم،
هفتي ڏينهن ۾ راتيون جاڳي، اهو ڪتاب ترجمو ڪري،
اصل ڪتاب سان گڏ کيس ڏنم. هُو ڪا گهڙي ته مون کي
عجيب نظرن سان گُهوريندو رهيو. ’چريا، هي ڪتاب ته
ضبط ٿيل آهي!‘ اهو ترجمو اڃا وٽس، ڪن پراڻن ڪاغذن
۾ موجود هوندو. ترجمن تان ڳالهه ياد آئي ته
آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فن ڏاڍي اروج تي
هو. سنڌيءَ جي هر اهم اديب ۽ عالم اهو پئي محسوس
ڪيو آهي ته جيسين سنڌ ۾ اصلوڪو ادب پيدا ٿئي،
تيسين ترجمن ذريعي سنڌيءَ ۾ ٻين زبانن جو بهترين
ادب ۽ علم اُٿلائڻ هڪ ضرورت هجڻ سان گڏ سنڌيءَ جي
مخلص ترين خدمت به آهي. ان ڏس ۾ مرزا قليج بيگ جو
نالو سرفهرست آهي. هن سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ اٿلائي
وڌا. مرزا قليج بيگ جي هم عمر اديبن مان هر ڪنهن،
هڪ قرض سمجهي، ڪونه ڪو ڪتاب ترجمو ڪري سنڌيءَ جي
جهول ۾ وڌو. انگريزي، هندي، بينگالي، اردو، مرهٽي
۽ گجراتيءَ جا بيشمار ڪتاب ان دور ۾ ترجمو ٿيا.
آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن
محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ
به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو
آهي. جو هن جا ترجما اصلوڪيون ۽ طبعزاد تحريرون
ٿيون ڀانئجن، پوءِ اهو تعليم تي ’ايميلي‘ هجي يا
ٻيا تازا ترجما، جن ۾ ’ٻارن جو مسيح‘ ۽ ٻيا اهم
ڪتاب شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي
حيثيت ۾ هن ڏينهن رات ڪوشش ڪري، ادبي بورڊ جي
ترجمن جي اسڪيم کي اڳتي وڌايو. ان اسڪيم ۾ دنيا جي
علم ۽ ادب جا بهترين ڪتاب چونڊيل هئا. جن اديبن ۽
عالمن کي بورڊ طرفان ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو
ٿي ويو، انهن جي پويان ذاتي طرح ابراهيم جويو جنسي
پويان پئجي ٿي ويو. هن جا ذاتي لاڳاپا سڀني عالمن
۽ اديبن سان هئا، ان ڪري هلي وٽن ويندو هو ۽ کين
منٿون ڪندو هو ته ٻيلي، ڏاها ٿيو، ڪتاب ترت ترجمو
ڪري ڏيو ته ڇپايون. رڳو ايستائين محدود نه
جنب
گذاريم جن سين‘، ڀاڱي پهرئين مان ورتل،
1
-
آڪٽوبر 1966ع تي حميد سنڌيءَ کي لکيل خط، ڪتاب
؛ ”خط،انٽرويو، تقريرون“ ڀاڱو 2 ،ص37.
محمد
ابراحيم جويي سائينءَ جا ڪيترا ڪتاب انگريزيءَ
۾ ترجمو ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي اديبن جي ترجمن جي
ٻولي سڌاري آهي . (ت.ج )
”
ساهيوال جيل جي ڊائري “ ص 179
هي
مضمون، ڪامريڊ سوڀي جي ڪالمن جي ڪتاب ”وڏي وٿ
هئام“ تان کنيل آهي، جنهن ۾ مضمون لکڻ وقت
جويي صاحب جي عمر… سال ڄاڻائي وئي هئي، پر هن
وقت جويي صاحب جي عمر 87 سال آهي ۽ اهائي عمر
هتي ڄاڻائي وئي آهي. (ت.ج)
|