محمد ابراهيم جويو
تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي
پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم
ٿو آڻي، سا هن جي ماءُ جي ٻولي آهي.
اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو
مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي ۽
مڃي وڃي ٿي.
اُن کان پوءِ به ، دنيا جي آزاد ۽ مهذب انساني
معاشرن ۾ هر هنڌ،۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين،
تعليم جي نه فقط مؤثر، پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان
آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي وئي آهي ۽
استعمال ٿيندي آئي آهي.
فقط ٻاهران آيل مذهب ۽ ٻاهر جا فاتح ۽حاڪم ئي
مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اها حيثيت ۽
اِهو حق ۽ اُن جي اِها لياقت قبولڻ کان انڪاري
رهيا آهن ۽ انڪار ڪن ٿا- ۽اُن ۾ هر طرح اُنهن جا
بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود هجن ٿا.
غير مادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا
سدائين متعلقه مادري زبان وارين ’تعليمي‘ قومن يا
معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رهيا آهن- اقتصادي،
سياسي ۽ سماجي طور-سڌاسنوان ۽ ظاهر ظهور يا اڻ سڌي
۽ اڻ لکائتي نموني.
اهڙن زيردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏهن تعليم لاءِ
ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالهه ڪجي ٿي، ته تعليم جي سڄي
سماجي مانڊاڻ يا سماجي سٽاءَ
(Mechanism)
کي نه، پر فقط اُن جي رسمي پهلوءَ کي خيال ۾ رکي
پوءِ اُها ڳالهه ٿي ڪجي- ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن،
يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيلويزنن، ۽
ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذهبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي
اهڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه ۽
انهن کان بلڪل دور رهي ڪري، ماڻهن جو باقي سڄو
پنهنجو وقت پنهنجي مادري زبان جي سماجي فضا ۾ ئي
رهڻ ٿئي ٿو- ۽ اُهو سڄو وقت ۽، لساني طور ان سڄي
پنهنجائپ جي فضا سان تعلق دوران، کيس پنهنجي مادري
زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذهني تعليم ملندي رهي ٿي.
بالادست ۽ استحصالي مفاد کي دراصل اها عين فطري ۽
قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آهي، ڇو ته اُن ۾ هو
زيردست معاشري يا قوم کي پنهنجي گرفت مان انيڪ
نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو- يا ڪم از ڪم، محڪوم قوم
جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ هو پاڻ کي ڪمزور
ٿو محسوس ڪري، ۽ انهيءَ ڪري اُن محاذ تي هو پاڻ کي
ڪٿي به موجود نٿو ڏسي، ۽ اِنهيءَ ڪري بي اطمينان،
ناخوش بلڪه غصي ۾ ڀريل رهي ٿو. ۽ پنهنجي اِها بي
اطميناني، ناخوشي ۽ ڪاوڙ پوءِ هو ائين ظاهر ڪندو
آهي، جو هو تابع معاشري يا قوم جي زبان جي استعمال
۽ اثر کي بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽ هر طرح
گهٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُن ڪوشش ۾
پهريون نشان اُن جي اڳيان اِهو هوندو آهي ته ڪنهن
طرح زيردست معاشري جي ٻوليءَ کي رسمي تعليم جي
ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو وڃي-ريجهه
راز ۽ ماٺ ميٺ ۾ نه ته زوران زوريءَ ۽ حڪما حڪميءَ
به، بلڪه ٻنهي طريقن جي گڏيل ڪاريگريءَ ۽
ڪارستانيءَ وسيلي.
رسمي تعليم جي ميدان يا سرشتي ۾، ٻوليءَ جي حيثيت
يا اهميت جي ڳالهه ٿي ڪجي، ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي
ٽن ڪارجن کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو: (1) تدريس جي
ذريعي(Medium
of teaching)
جو ڪارج- ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ؛(2)
تدريس جي هڪ مضمون
(A subject of teaching)
جو ڪارج؛ ۽ (3) اڻ-اکرائي
(ILLITERACY)جي
خاتمي جي لاءِ ذريعي جو ڪارج.
تدريس جي هڪ مضمون طور ڪنهن ٻوليءَ جي تعليم کي
اُن حد تائين ۽ ان نوع جي ئي اهميت ملندي، جيتري ۽
جهڙي اهميت اُن کي تدريس جي ذريعي طور سڄي تعليم
جي سرشتي ۾ مليل هوندي. جيڪڏهن تدريس جي ذريعي جو
ڪارج اُن کي ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليمي درجي
تائين ادا ڪرڻو آهي، ته خود اُن جي پنهنجي تدريس
يا سکيا جو اهتمام (هڪ مضمون جي صورت ۾) اُن ئي
معيار يا درجي جو ۽ اُن ئي سطح مطابق ڪرڻو
پوندو-جيئن انگريزن جي دور ۾، اسان وٽ، خاص طرح
انگلش ميڊيم تعليم جي متوازي سرشتي ۾، موجود هوندو
هو؛ يعني سڄي سٽاءَ ۾، سڄو زور، ابتدا کان اعليٰ
سطح تائين، انگريزيءَ جي پڙهائيءَ تي؛ ۽ ڪا ٻوليءَ
ثانوي طور پاڙهڻ ۾ ايندي هئي ته اُها به فرينچ،
لئٽن، جرمن وغيره- نه سنڌي، نه اردو، ۽ نه وري
محڪوم رعايا جي ٻي ڪا ٻولي. دنيا ڄاڻي ٿي ته
اُنهيءَ خاص ۽ متوازي انگلش ميڊيم سرشتي تعليم جا
پڙهيل امير نسل جا، يا ائين انگريزي سامراج جي
عملداري سرشتي جا هتي اسان وٽ معتبر ۽ معتمد ستُون
يا ٿنڀا هوندا هئا، ۽ اُهي عام رعايا جي ڪا ٻولي
پڙهندا يا سکندا به هئا ته اُها به فقط پنهنجي
عملداريءَ جي ڏينهن ۾، ۽ سا به رڳو پنهنجن آقائن
جي مفاد ۾ پنهنجي عملداريءَ جي فرضن ۽ ذميدارين جي
ڪامياب ادائگيءَ لاءِ انگريز سامراج، ملڪ جي سڄيءَ
سياست کي لڳ ڀڳ اُهڙن ئي انگريزي پڙهيل ’دانشورن‘
هٿان آخر تائين پنهنجي ضابطي ۾ رکيو، ۽ پوءِ جنهن
حال ۾ ۽ جنهن صورت ۾ اسان جي هيءَ دنيا هو ڇڏي
ويا، اُها اڄ به گهڻي قدر سندن ئي پنهنجي عالمي
مفاد جو رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو بيٺي آهي. تدريس جي
هڪ مضمون طور ٻوليءَ جي تعليم، ٻين ڳالهين کان
علاوه، ماڻهوءَ ۾ تخليقي ۽ اظهاري صلاحيتن کي
وڌائي ٿي ۽ اُن حد تائين هن جي من ۾ خود پنهنجي
لاءِ اُن ٻوليءَ جي ’معاشري‘ لاءِ عزت ۽ قدر جو
جذبو اُڀاري ٿي ۽ پختو ڪري ٿي-۽ جيڪڏهن اُها ٻولي
ڪنهن پر ماڻهوءَ جي پنهنجي مادري ٻولي نه آهي ته،
رد عمل طور، هن جي من ۾ پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽
ان جي وسيع ۽ عام معاشري لاءِ، جيڪو هن جو پنهنجو
اصل معاشرو آهي، بنهه ڌڪار نه، ته به هتڪ، ٺٺول ۽
لاغرضائيءَ جا رخ اڪثر اُڀرن ٿا؛ ۽ ان سان گڏ
جيڪڏهن هن کي سندس ذاتي ۽ طبقاتي مفاد به اُن طرح،
يعني اُن ڌارين ۽ ٻوليءَ جي معرفت، سڌا ٿيندي
ڏيکارين ڏين، ته پوءِ ته هو پنهنجي ٻوليءَ ۽
پنهنجي جنمي ۽ اصلي معاشري کان پوري بيگانگي
اختيار ڪرڻ ۽ انهن جي مفادن جي زبان کي نه رڳو
خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ بلڪ انهن کي پنهنجن هٿن
سان پاڻ قربان ڪرڻ کان به ڪين گسندو. انهيءَ ڪري
ئي مهذب ۽ آزاد معاشرا پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ خود
پنهنجي مادري زبان جي تعليم لاءِ بلڪل بنيادي ۽
مرڪزي حيثيت مقرر ڪندا آهن ۽ اُن تعليم کي ان
سرشتي جي اعليٰ کان اعليٰ سطح تائين خصوصي اهميت
ڏيندا آهن.
اڻ اکرائيءَ جي خاتمي لاءِ، يعني اڻ پڙهيل بالغن،
مردن ۽ عورتن جي تعليم لاءِ، ماءُ جي ٻوليءَ کي
اڄ، پوري پوري تجربي کان پوءِ، دنيا ۾، پست کان
پست معاشرن لاءِ به، واحد، سستي ۾ سستو ۽ آسان ۾
آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آهي.
ساڳيءَ ريت ، ابتدائي تعليم لاءِ پڻ، عالمي پئماني
تي، ۽ سماجي ۽ انساني مفادن جي سڀني حلقن ۾ پوءِ
اهي سياسي نوع جا هجن ، مذهبي نوع جا هجن ، يا
تهذيبي نوع جا هجن - اتفاق راءِ سان، مادري زبان
کي ئي واحد، سستي ۾ سستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو
تسليم ڪيو ويو آهي.
بالغن جي تعليم توڙي ابتدائي تعليم لاءِ ڪا مادري
زبان ذريعي جو ڪم ڏئي سگهي، ان لاءِ سڀ کان اول جا
ضروري ڳالهه، بطور شرط جي مڃي وئي آهي، اُها آهي
اُن زبان جي رسم الخط يا لپيءَ جي موجودگي. ٻيو ان
سان لاڳاپيل، ضمني شرط اُن لاءِ اهو ضروري مڃيل
آهي ته، اُن لپيءَ ۾ لکيل پڙهائيءَ جو اڳ تيار
ٿيل مواد موجود هجي، ۽ ٽيون ته وڌيڪ پڙهڻ، ۽
پڙهائي کي جاري رکڻ لاءِ شايع ٿيل ۽ شايع ٿيندڙ
مواد به ڪافي ڪنهن انداز ۾ موجود هجي، ۽ چوٿون ته
پڙهائيءَ لاءِ تعليمي طور لائق ۽ پڻ تربيت پاتل
استاد به موجود هجن، هنن ڳالهين سان گڏ، مالي
وسيلا، پڙهائيءَ لاءِ عام گهرج جون شيون آهن ۽
ڪنهن خاص زبان جي پڙهائيءَ لاءِ ئي فقط لازم نه
هونديون آهن. انهيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اُن عام
ضرورت جي ساز سامان سان گڏ ڪنهن خاص زبان جي تدريس
لاءِ جن ڳالهين جي خصوصي ضرورت آهي- يعني لپيءَ
جي، ڪتابن جي ۽ استاد جي- تن جو فورن (يعني ڪنهن
مقرر ڪيل،خاص مدت ۾) موجود ڪرڻ اهڙو ڪو مشڪل مسئلو
ڪونهي، جيڪو وقت جي حڪومت حل نه ڪري سگهي: بشرطيڪ
اُها اُن مسئلي کي، پنهنجي هڪ فرض منصبيءَ طور حل
ڪرڻ گهري، ۽ ان لاءِ عالمي طور مڃيل ۽ آزمايل اصول
اختيار ڪري ۽ طريقا عمل ۾ آڻي. دنيا ۾، خاص طرح
ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، جڏهن سوين ملڪ مغربي
سامراجيت جي بيٺڪي اشڪنجي مان آزاد ٿي، خودمختيار
۽ مستقل وطن جو درجو حاصل ڪري چڪا آهن- مثلن
آفريڪا جي ’اونداهي‘ کنڊ جا ڪيترا ملڪ- تن جي
ڪوڙئين بلڪه سوين مادري زبانن جي تعليم لاءِ ان
قسم جا اهتمام ڪيا ويا آهن، ۽ اُتي اڄ بالغن جي
پڙهائيءَ لاءِ، ۽ پڻ ٻارن جي ابتدائي تعليم ۽ درجي
بدرجي اعليٰ تعليم لاءِ اتان جون اُهي مادري
زبانون، تدريس جي ذريعي طور ۽ پڻ تدريس جي مضمون
طور، استعمال ٿي رهيون آهن.
اِن سلسلي ۾، يعني مادري زبان جي انهيءَ تعليمي
ڪردار
(Educational Role)
جي حمايت ۾، جيڪو مادري زبانن جو فطري ۽ اصولي
ڪردار آهي، عالمي پيماني تي، پهريون ڀيرو 1951ع ۾
، ”يونيسڪو“(UNESCO)
جي ماهرن جي ميٽنگ ۾، هڪ زوردار ۽ پُر اعتماد
آواز ٿيو. اُن ميٽنگ جي ڪارروائي ءَ جي رپورٽ پوءِ
1953ع ۾ سڄيءَ دنيا جي قومن جي عام اطلاع طور پڌري
ٿي، جنهن ۾ هڪ مطلق ڪُليي طور، اِهو رايو ظاهر ڪيو
ويو ته ”تعليم جو عمل، بهترين قسم جو. ماءُ جي
ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آهي…شاگردن کي پنهنجي اسڪولي
تعليم ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گهرجي… ۽ ان
جو استعمال تعليم جي ممڪن کان ممڪن مٿاهين درجي
تائين وڌائبو رهجي.“
ان کان پوءِ هيءُ رايو، هيلتائين ڪيئي ڀيرا، دنيا
۾ ماهرن ۽ تعليم دانن جي قومي ۽ ٻين بين الاقوامي
اجلاسن ۾ وري وري پئي اعلانيو ويو آهي. مثلن
”انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ آفريڪي ٻولين جو تعليم ۾
استعمال“ بابت ڪوٺايل يونيسڪو جي هڪ خصوصي ڪانفرنس
۾، هيءُ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”جيڪو ٻار پنهنجي
ٻوليءَ جي ماحول ۾ رهي ٿو. تنهن لاءِ بهترين صورت
هيءَ آهي ته هن کي سندس مادري زبان ۾ تعليم ڏني
وڃي“، ۽ ٻيو ته ٻارن کي جيتري به زياده ۾
زياده ٿي سگهي اوتري مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي
(ڏسجي:
”آفريڪي ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم جو
مسئلو“، ازبي-ڊبليو-ٽفن، ص ص 73-78، آڪسفورڊ
يونيورسٽي پريس، لندن، 1968ع).
ان کان پوءِ 1972ع ۾ يونيسڪو جي ماهرن جي مشاورتي
ڪاميٽيءَ جو ”ٻوليءَ جي تعليم بابت سرڪاري
پاليسيءَ جي تربيت ۾ لسانيات ۽ سماجي
لسانيات جو دخل ۽ ڪردار،“ جي موضوع تي مذاڪراتي
جلسو ٿيو؛ جنهن ۾”يونيسڪو“ جي 1953ع واريءَ رپورٽ
سان نئين سر اتفاق ظاهر ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ”
خود اهڙين حالتن ۾،
جڏهن ڪنهن مادري زبان جا ڳالهائيندڙ ايتري تعداد
۾ موجود نه هجن، جو اُن ۾ تعليمي مواد جي
ڪتابي اشاعت ڪنهن وڏي پيماني تي مناسب لڳي، ڪم از
ڪم شروعاتي انگن اکرن جي سکيا، بهرحال، انهن حالتن
۾ به، مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مفيد ٿيندي“ (ڏسجي،
”ٻولي سکيا جي عمل ۽ پاليسيءَ ۾ لسانيات ۽ سماجي
لسانيات جو ڪردار“، ص 11، يونيسڪو“، پئرس،1972ع
”اقوام متحده جي ”يونيسڪو“ تنظيم طرفان تعليمي
اصول ۽ عمل بابت اِهي اظهار ۽ اعلانيه رايا، اِن
مسئلي تي عالمي فتويٰ جو درجو رکن ٿا، جن جي
تسليميءَ کان انڪار ۽ تعميل کان گريز فقط اُهي
حلقا ڪن ٿا، جي پنهنجي استحصالي بالادست ۽ حاڪميت
کي قائم رکڻ چاهيندا آهن، يا اُهي جيڪي پنهنجي
زيردست حيثيت يا غلامانه صورتحال تي راضي هوندا
آهن يا پاڻ اُن تي مطمئن رهن ٿا.“
(سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن، ميرپورخاص، جي لطيف
يادگار مجلس، مورخه
19-11-1981ع، جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾
پڙهيل تقرير)
محمد ابراهيم جويو
سنڌي ساهت جو آئيندو
سنڌي ساهت جو آئيندو سنڌي ٻوليءَ سان ڳنڍيل آهي، ۽
سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي سماج سان ۽ سنڌي سماج جو اُن
جي ماڻهن، اُن جي اڳواڻن ۽ اُنهن جي مقصد ۽ اُن
مقصد لاءِ سندن جدوجهد سان ڳنڍيل آهي.
سوال آهي ته سنڌي سماج آهي به؟
ڪي حلقا اُن جو جواب انڪار ۾ ڏين ٿا ۽ چون ٿا،
”بحر آهي جنهن ۾ ڦڙن جي حيثيت ڪانهي- فرد، گروهه ۽
سماج، اُنهن جا مفاد، ٻوليون ، تهذيب اُن ۾ گم ٿيو
وڃن،. پر عملن اُهي ساڳيا حلقا ڦڙا ته ڦڙا، سڄي
بحر کي، لوڪ ڪهاڻي ۾ گدڙ وانگر ڏوڪ ڏوڪان ڪري، پي
وڃڻ ڄاهين ٿا-لوڪ ڪهاڻيءَ ۾ گدڙ ٻه ڪچا ٻير کاڌا
هئا، ٻه پڪا ٻير کاڌا هئا، ڇيڻن چونڊيندڙ ڇوڪري
کاڌي هئي، ۽ ٻڪرين چاريندڙ ٻڪرار، ڳئن جو ڳئوار،
مينهن جو ميهار، ۽ اُٺن جو اُوٺار کائي، اڄ لڳڻ
تي، اچي بيٺو هو درياءَ تي-چي:’درياءُ به
کائيندس!“
سو ڏوڪ ڏوڪان ڪندي، پيٽ ڦوڪجي پيو هوس ۽ نيٺ ڦاٽي
پيو هوس- ۽ پوءِ ان مان ٻه ڪچا ٻه پڪا ٻير به نڪري
آيا هئا، ڇيڻن چونڊيندڙ ڇوڪري، ٻڪرين سوڌو ٻڪرار،
ڳئن سوڌو ڳنوار، مينهن سوڌو ميهار ۽ اُٺن سوڌو
اُوٺار سڀ نڪري آيا هئا، ۽ وڏي ڳالهه ته درياءَ جو
پاڻي به گڙ گڙ ڪندو موٽي درياءَ ۾ وڃي پيو هو…سو،
’ڦڙن ۽ درياءَ‘ جي ڳالهه ته آهي، پر فرد فرد آهن،
گروهه گروهه آهن، ۽ ٻوليون، تهذيب ۽ سماج به آهن،
۽ ائين، حقيقتون نيٺ حقيقتون آهن. ڪنهن جي انڪار
ڪرڻ سان، يا ڪنهن جي کائي وڃڻ سان، اُهي هرگز گم
نٿيون ٿين.
سو، سنڌي سماج جي وجود جي حقيقت به آهي. پر پڇي
سگهجي ٿو ته اُهو اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ منزل
تي موجود آهي، ڇو ته هِن سوال جي جواب تي مدارُ
آهي؛ مقصد جي مقرر ٿيڻ جو، جيڪو سنڌي سماج جا
ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ پنهنجي جدوجهد لاءِ آڏو رکي
سگهن ٿا-جنهن لاءِ، ۽ جنهن جي روشنيءَ ۾ هنن کي
پنهنجي ساهت جو آئيندو سوچڻو ۽ ٺاهڻو آهي. سنڌي
سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي. جنهن منزل تي
اُهو اڄ بيٺل آهي، اُن کي ’ڪرندڙ وڏيرپ، يڪ طرفي
يا يڪ پيري شاهورڪار شاهي، بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي
منزل‘ چئي سگهجي ٿو. ڪرندڙ وڏيرپ انهيءَ ڪري، جو
سنڌي سماج جي انهيءَ ڏاڪي کي ٻُڍاپي جو سُرو کائي
چڪو آهي؛ يڪ پيري شاهوڪار شاهي، انهيءَ ڪري جو
اُهو اُن جو ڏاڪو هڪ پير تي بيٺل آهي، يعني’شهر‘
جي پير تي جنهن جو سنڌي سماج جي باقي جنم سان
سماجياتي يا حياتياتي سنگُ خير ڪو آهي؛ اُن جي
بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي ڏاڪن جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ ملڪي ۽
غير ملڪي سياست ۾ اُلجهڻ، اِنهي ڪري اُها اِتي ڍڪي
ڀلي. ۽ هونئن به، واڻڪيءَ ٻوليءَ ۾، اُها ’جاهر
جهوُر ۽ پڌري‘ پيئي آهي. بهرحال، سنڌي سماج هڪ
پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي- علمي ۽ ذهني طور
خصوصن- ۽ ادب جي آئيندي تي ويچار ڪرڻ لاءِ اسان
لاءِ اِها ڳالهه ڪافي آهي.
هاڻي، سوال اُٿي ٿو ته ڪو ماڻهو يا ڪو سماج ائين
پوئتي پوي ٿو ۽ غلام بڻجي ٿو، اُن ۾ اُن جو پوئتي
پوڻ ان جي غلامي جو سبب آهي يا ان جي غلامي ان جي
پوئتي پوڻ جو سبب بڻجي ٿي؟ دراصل پوئتي پوڻ توڙي
غلامي، مطلقاً ۽ پنهنجي سِر يا پنهنجي ذات ۾، ڪي
سڃاڻپ ۾ ايندڙ ڪيفيتون يا حالتون نه آهن: اُنهن جي
سڃاڻپ هر صورت ۾ ڪنهن لاڳاپي، ڀيٽ يا حوالي جي
نقطن سان ٿئي ٿي. مثلن، ڪا بيٺل شيءِ هونئن ته هڪ
هنڌ بيٺل ئي آهي. پر ٻيءَ ڪنهن اڳتي وڌندڙ شيءِ جي
نقطي کان اُها نه فقط پوئتي پيل پر پوئتي کان
پوئتي پوندڙ شيءِ سمجهبي. غلامي به ائين آهي. ڪو
به جاندار، ماڻهو يا سماج، مطلقن ۽ پنهنجي ذات ۾،
غلام ڪونهي- اُهو غلام آهي ۽ اُن جي غلامي سڃاڻبي
فقط ٻئي ڪنهن جاندار، ماڻهوءَ يا سماج جي حوالي
سان، جيڪو اُن کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ اڳڀرو ۽ اُن تي
آڪرو يا غالب آهي. انهيءَ طرح، پوئتي پوڻ ۽ غلامي
دراصل هڪ ئي حالات جا ٻه نالا آهن.
روزانه انگريزي اخبار ’ڊيلي نيوز‘ جي آڪٽوبر
1981،28ع جي اشاعت ۾ ڊاڪٽر جي. ايم محڪريءَ جو
ڪالم، بعنوانWhen
a wrong horse backs you”
“
پڙهيم (اوهان مان به ڪن پڙهيو هوندو)، جنهن ۾
پوئتي پوڻ ۽ غلاميءَ جي حالت جي اشتراڪ جي اِها
ڳالهه سادي ۽ پُرلطف انداز ۾، پر ڏاڍي صاف ۽ کولي
ٻڌايل هئي، ۽ ان کي مون’ گهوڙي جي شرط ماڻهوءَ تي‘
يا ’ جڏهن گهوڙو ماڻهوءَ تي شرط ٿو رکي‘ جو عنوان
ڏيئي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو اوهان کي پنهنجي
ڳالهه کي چٽي ڪرڻ خاطر چئي ٿو ٻڌايان:
”خبرن ۾ اِها ڪا خبر وڏي ڪانهي ته توهان غلط گهوڙي
تي شرط رکي.
اهڙيون ڳالهيون پراڻيون ڳالهيون آهن.
اڪثر، اڪثر، اسين غلط گهوڙن تي شرطون رکندا
آهيون-ڇو ته ڏسڻ ۾ اُهي غلط گهوڙا لڳندا ئي نه
آهن.
توهان کي اهڙو ماڻهو ڪو سُجهي، جيڪو ڪنهن گهوڙي
کي غلط گهوڙو سمجهي به، اُن تي شرط رکي؟
نه، توهان کي اهڙو ماڻهو ڪونه سجهندو.
جي گهوڙن جي نسل جو ڪو پارکو به اسان کي ٻڌائيندو
ته جنهن گهوڙي تي اسين شرط ٿا رکون، اُهو غلط
گهوڙو آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو گهوڙو به
بلڪل صحيح گهوڙو لڳندو. تڏهن ئي ته اسين اُن تي
شرط رکون ٿا، ۽ پوءِ پڇتايون ٿا. انودي کڏ ۾ ڪري
ٿا پئون ۽ اهي نتيجا ڏسون ٿا جيڪي اسان جي اولاد
جي اولاد کي ڀوڳڻا پون ٿا-ايندڙ جُڳن تائين.
ڪڏهن ته اسان جي شرط وارو گهوڙو پاڻ ئي اسان کي
ٻڌائي ۽ چتائي ڇڏيندو آهي- پوريءَ سچائي ۽ ڏاڍايءَ
صفائيءَ سان.
اُهو ڄڻ اسان کي اول ئي چئي ڇڏيندو آهي ته ’مون تي
شرط رکندا ته کڏ ۾ ڪرندا!!‘
پر ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن جي پٻين تي، جن جي کٽڻ جو
مدار ئي اوهان جي هارائڻ تي هوندو آهي، اوهين ٻئي
ڪنهن ڏاهي جي صلاح ٻڌندائي ڪونه آهيو.
-۽ ڇا ڪاڻ ته اُهو فيصلو وري به اوهان جو پنهنجو
ئي فيصلو هوندو آهي،اوهين ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن کي
ڪو ڏوهه به ڪونه ڏيئي سگهندا آهيو، جن ڪنهن طرح
اوهان کي غلط گهوڙي جو ڏس ڏيئي، پڪ ڪري ڇڏي هئي ته
اوهين اُن تي ئي شرط ٻڌندا. اوهين پوءِ اهڙا ته
مُنهن جا پڪا ٿي ويندا آهيو، جو اوهان ۾ اُها همت
به نه رهندي آهي، جو کڻي چئو ته ’افسوس آهي، اسان
غلط گهوڙي تي شرط هنئي‘ پر، اوهين ائين چئو به
کڻي، ته به اُن مان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي‘
ٻيا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، جن ڪنهن طرح اوهان کان ائين
غلط گهوڙي تي شرط هڻائي، اُهي ته اوهان کي اُلو
بڻائي، سڀ کٽي ويا؛ ۽ اوهين اُتي ئي وات ڦاڙيو،
سڄيءَ دنيا لاءِ سبق بڻيا بيٺا رهيا! ۽ اُهو سڀ
رڳو اِنهيءَ ڪري ٿيو، جو اوهان غلط گهوڙي تي شرط
ٻڌي ۽ سچ پچ ته صحيح گهوڙي سان زيادتي ڪيوَ، جو
اُن تي شرط نه ٻڌؤ.
بس، سنئين سڌي منطقي ڳالهه اِها آهي.
پر اُن کان به وڏو آزار اوهان لاءِ تڏهن اُٿندو
آهي، جڏهن غلط گهوڙو اوهان لاءِ فيصلو ڪندو آهي ته
اُن تي اوهين نه پر اوهان تي اُهو شرط رکي!
”ڪهڙي نالائق توکي چيو ته تون اسان تي شرط رک!“
”مون، پاڻ“
”پر گهوڙا هوندا آهن ته اُنهن تي شرطون رکجن، ۽
هيءَ ڳالهه اُن جي بلڪل ابتڙ!“
”هائو، هتي سڀ ڳالهه ابتڙ آهي.“
”پر، ته به ٻڌاءِ ته سهي، تنهنجا ارادا ڪهڙا آهن؟“
”ٻين گهوڙن جي ارادن کان ابتڙ.“
”اُن جي معنيٰ؟“
”اُن جي معنيٰ اِها ته آئون اوهان تي شرط رکان-
پوئتي هلڻ جي شرط!“
”پوئتي هلڻ جي شرط؟“
”هائو پوئتي هلڻ جي-پوئتي کان پوئتي هلڻ جي.“
”تون ڏاڍو ڪو عجيب گهوڙو ٿو لڳين!“
”اُهو ته آئون آهيان، سو ته آئون آهيان، ۽ توهان
کي به ته پوئتي هلڻ جو شوق آهي نه؟“
”پر به، ڇاجي ڪري تون اسان تي اِها شرط ٿو رکين؟“
”ڇاجي ڪري؟ اول ته اوهان پاڻ ئي غلط گهوڙي تي شرط
رکي هئي نه؟
”ڪهڙي گهوڙي تي؟ ان جو نالو ڇا هو؟“
۽
”اُن جو نالو اوهين ڄاڻو ٿا- ’نفرت‘!“
”تنهنجو ڀلا نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو آهي ’قسمت‘!“
هاڻي، ڊاڪٽر محڪريءَ پنهنجي هن اٺسٺائيءَ ڳالهه،
يعني فئنٽاسٽڪ اسٽوريءَ ۾ ڪهڙي به معنيٰ يا رمز
رکي هجي، پر اُن جو ڪو ڪارٽون جيڪڏهن تصور ۾ آڻجي،
ته ڏاڍو کِل جهڙو سبق آموز هوند ٿئي. اوهين هڪ
گهڙي اکيون ٻوٽي ، پنهنجي آڏو ريس جي ميدان جو
نقشو آڻي بيهاريو، جتي گهوڙا، تماشبينن جي جاين
کي بينچون بنايو، پوين ٽنگن تي اوڪڙو ويٺا هجن ۽
پنهنجن اڳين سُنبن سان تاڙيون ويٺا وڄائين ۽ ڏند
ڪڍيو پيا کلن، خوش ٿين ۽ هڻڪارون ڪن! ۽ اُنهن جي
سامهون وڏي کُليل ميدان تي ماڻهو آهن، جي پيا
ڊوڙن-پر پوئتي، اڳتي نه! تکا، وڌيڪ تِکا-پوئتي…ڄڻ
پوئتي هنن کي ترت پهچي، ڪا کيپ کٽڻي آهي! آهي نه
کلڻ جهڙي ڳالهه؟
پر کلڻ کان وڌيڪ هيءَ روئڻ جي ڳالهه آهي. ۽، پوئتي
پوڻ ۽ غلاميءَ جي ڳالهه آهي ته اها آهي-۽، جيئن
مٿي چيو ويو، اصل ۾، پوئتي پوڻ ۽ غلامي هڪ شيءِ
آهي.اوهين غور سان ڏسندا ته عالمي ميدان تي، جتي
علم ۽ فڪر جي ڊوڙ هر وقت چالو آهي، اُتي عقل کان ۽
اُن جي روشن ڪيل اڄ جي دنيا کان نفرت تي سوار ٿي،
بلڪه اُن نفرت کي پنهنجي مغز ۾ ويهاري، يعني اُن
کي پنهنجي مغز تي سوار ڪري، نه رڳو پنهنجي قسمت تي
يعني ڪنهن وقت پنهنجي حصي ۾ آيل علم تي خوش ٿي ۽
آڦونڊجي، هڪ هنڌ بيهي رهڻ، پر پوئتي ڪٿي اُن
جي’جوهر گم گشته‘ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، تکو تکو پوئين
پير ڊوڙڻ، ۽ ائين دنيا جي آڏو پاڻ کي تماشو بنائڻ-
هيءَ صورتحال ٻين تيز تيز اڳتي ويندڙ ماڻهن ۽
سماجن جي ڀيٽ ۾ هر طرح پوئتي پوڻ ۽ انهن جي ئي
ماتحت پنهنجي غلاميءَ جي محڪوميءَ جي صورتحال آهي.
سنڌي سماج لاءِ جو اسان مٿي چيو ته اُهو پوئتي پيل
۽ غلام سماج آهي، سو اِنهيءَ معنيٰ ۾-هڪ ڪرندڙ
وڏيرا شاهي، يڪ پير شاهوڪار شاهي، بيٺڪي ۽ نيم
بيٺڪي سماج. هاڻي، اُن جا ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ
پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن
ٿا؟ جيڪڏهن اِهو ئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو،
يعني هڪ نجات ڏيندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول-نجات
ڏيندڙ ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود
اعتماد، پر اُميد ۽ با وقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽
ائين، خود اُن جو پنهنجو آئيندو به اُنهيءَ ئي
انداز ۽ اُنهيءَ معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪه اِهو
سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن
جو ئي فرض آهي ته پنهنجي ادب جي اِنهيءَ علم دوست،
فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رخ کي مستحڪم
ڪن، ۽ ان کي اِنهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين-ڇو ته
اُن جي آئيندي جي راهه اِها آهي، ۽ اُن جو آئيندو
نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي اُنهيءَ ئي منزل سان
ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي.
(ڪراچيءَ ۾ سڏايل سنڌي ساهت ڪانفرنس، 1981ع لاءِ
لکيل)
دبئيءَ جي سنڌين پاران
مان
– پتر
مانوارا سائين محمد ابراهيم جويو صاحب!
اوهين سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي قوم جي انهن فردن مان
آهيو، جن جي سڄي حياتي، وطن، قوم، ٻوليءَ، تعليم ۽
ادبي خدمت ڪندي گذري آهي. اوهان کي سنڌ جي ذري ذري
سان
بي
انتها محبت آهي. سنڌوءَ جو جل اوهان جي رڳ رڳ ۾
روان آهي. سنڌ اوهان جي جيءَ ۽ جان ۾ آهي ۽ سنڌ ئي
اوهان جي روح ۾ رمي رهي آهي. اسين اوهان جي عظمت
کي سلام ڪريون ٿا.
سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي سرواڻيءَ جو سهرو اوهان تي
آهي. نئينءَ سوچ، اِنساني، ڀائيچاري ۽ عالم گيريت
جي اعلي! اُصولن جي ڦهلاءُ ۽ اوهان جي طرفان اهڙن
مُلهن کي اُڀاريندڙ قوتُن جو ساٿ ۽ سنڌي ٻوليءَ،
ادب ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون ۽
سنڌين جي جائز حقن لاءِ بنا لوڀ، لالچ، عهدي،
نانوَ ۽ ناموس جي پُٺڀرائي ۽ آواز اُٿارڻ جي
جُرئتمندي، اِهي سڀ اهڙيون حقيقتون آهن، جن کي ڪو
به سُڄاڻ سنڌي وساري نه سگهندو.
اوهان شاهه سائين جي نقش قدمي ڪندي، ماڳ کان
مٿانهون درجو، تُتيءَ ٿٿيءَ،ڪاههِ ڪانهي ويل
وهڻ‘جي، کي ڏنو آهي. شاهه، سچل، ساميءَ جي ڪلام جو
، سياسي، سماجڪ، تاريخي ۽ اقتصادي پس منظر ۾ ورتل
اوهان جو جائزو، سنڌي ادب جو بي بها سرمايو آهي؛
جنهن سنڌي کوجنا ڪندڙن ۽ نقادن کي نئين راهه
ڏيکاري آهي،
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سيڪريٽري ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جي
سرپرست جي حيثيت ۾ اوهان سنڌي ادب سان وڏا وڙ ڪيا
آهن.اسين ۽ اسان جون ايندڙ پيڙهيون اُن تي جائز
فخر ڪنديون.
اڄ،’سدائين گڏ سنڌي‘ جا ساٿي اوهان لاءِ اپار
عقيدت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ يقين رکون ٿا ته سنڌ،
سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ ادب اڃا به سالن جا سال
اوهان جي محبت ۽ رهبريءَ جو فيض حاصل ڪندا!
’سدائين گڏ سنڌي‘
دبئي
جي
. ايم. سيد
ميان محمد ابراهيم ولد ميان محمد خان جويو
ميان محمد ابراهيم جويو اصل تيرٿ لڪيءَ جي ڀر ۾
ننڍي ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙيءَ جو ويٺل آهي.
جويا قبيلي جا ماڻهو سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ٿورا آهن، پر
پنجاب، راجستان ۽ بهاولپور طرف انهن جو تعداد گهڻو
آهي. هي راجپوتن جي ڪيچي شاخ جي شجري مطابق،
راجپوتن جي 36 ڪٽنبن مان هڪ قبيلو آهن، جيڪي اصل
ڏهين قبيلي جي ويجهو، ستلج واديءَ جي ڀر ۾ رهندا
هئا، جتان لڏي مختلف طرفن ۾ ويا. هنن مان ڪيترا
اڃا گهرن ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا آهن.
محمد ابراهيم جو ڏاڏو، آخوند محبوب ولد محمد
اسماعيل نيڪ، مرد، پرهيزگار، سادو ۽ عابد شخص
هوندو هو. لڪيءَ وارن سيدن جي زمين سنڀاليندو هو.
سيد ميان ولي محمد شاهه جو مٿس پيار هوندو هو.
اُن کي ٻه فرزند ٿيا: (1) ميان محمد خان، ۽ (2)
محمد اسماعيل.ميان محمد خان کي ٻه فرزند ٿيا:
(محمد عيسيٰ، جيڪو ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو، ۽ (2) محمد
ابراهيم.
هن جي جنم جي صحيح تاريخ جو پتو نٿو ملي سگهي.
ڳوٺن ۾ داخلا جو پورو انتظام نه آهي. جيڪڏهن
اسڪولن جي داخلا کي صحيح سمجهيو وڃي ته اُن موجب
سندس ڄم جي تاريخ 12 آگسٽ 1915ع ٿئي ٿي. هي اڃا
ننڍو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، ۽ ٿوري وقت
بعد هن جي والده به گذاري وئي. ان کان پوءِ هي
ڏاڏيءَ جي سنڀال هيٺ رهيو.
ابتدائي تعليم هن ’آباد‘ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي،
جتي فقط چار درجا پاڙهيا ويندا هئا. هن جو پهريون
اُستاد ماستر ٽيڪن مل آراضيءَ (نزد سيوهڻ) وارو
هو، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته هڪ نهايت نيڪ نفس ۽
اُپڪاري شخص هو.ان ماستر صاحب وٽ چار درجا پڙهي،
هو لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اُتي هو ماستر محمد
صالح ٻگهيي، ڇنيءَ (نزد بوبڪ) واري وٽ ٻه درجا
وڌيڪ پڙهيو. اتان ڇهون درجو پاس ڪري، هي 7 اپريل
1927ع تي اچي، سن اسڪول ۾ داخل ٿيو. آخوند ميان
محبوب جو سن جي ويٺل جمعدار محمد اسماعيل
خاصخيليءَ سان دوستاڻو رستو هو، جنهن جي گهر ۾ هي
رهندو هو، ۽ انگريزي. اي.وي اسڪول سن ۾ پڙهندو هو.
سن ۾ هن ماستر فيض محمد ميمڻ وٽ تعليم ورتي، جيڪو
منهنجي پنهنجي انگريزيءَ جي استاد جو ننڍو ڀاءُ
هو، ۽ هڪ بيحد هوشيار ۽ محنتي استاد ڪري ليکيو
ويندو هو. اتان ٽي درجا پاس ڪري 1930ع ڌاري هي
ڪراچيءَ جي مدرسي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو ، سنڌ مدرسي ۾
پڻ کيس نهايت لائق استاد نصيب ٿيا. ڪجهه وقت مدرسي
جو پرنسپال ڊاڪٽر دائود پوٽو هو. سندس نيڪ استادن
مان خاص طرح مولوي ميان عبدالرحيم مگسي، مولوي
قاضي عبدالرزاق، مسٽر نهالچند، مسٽر ٽالڪر، مسٽر
ڀڳت سنگهه، آغا تاج محمد خان پٺاڻ، آغا سليم صفوي،
خان صاحب مريد علي، مشهور ۽ مثالي استاد ٿي گذريا
آهن. سنڌ مدرسي مان 1934ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي.
جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ جن استادن وٽ
پڙهيو، تن جا مبارڪ نالا هي آهن: پرنسيپال ڀُٽاڻي،
ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي، پروفيسر
ٽي. ايم. آڏواڻي، پروفيسر اجواِڻي، پروفيسر اي.
ايل. شيخ، ڊاڪٽر ڊيو آرٽ ۽ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند، جن
مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي علمي، ادبي ۽
تعليمي دنيا جو روشن ستارو ليکيو وڃي ٿو. اُتان
1938ع ڌاري هن بي. اي. جو امتحان پاس ڪيو.
ڪاليج جي تعليم کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۾ ماستريءَ
جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1940ع ۾ بمبئيءَ بي.ٽي. پڙهڻ
ويو، جتان 1941ع ۾ موٽي آيو. سنڌ مدرسي ۾ ڪجهه وقت
نوڪري ڪرڻ بعد، هن هڪ ڪتاب ’سيوِ سنڌ، سيو‘دي
ڪانٽيننٽ‘ انگريزي ۾ لکيو، جنهن تي سنڌ مدرسي جي
پريزيڊنٽ پير ميان الاهي بخش صاحب هن کي نوڪريءَ
مان ڪڍي ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ، هن کي ٺٽي
ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ 1948ع ۾ نوڪري ملي. اهو
اسڪول پوءِ سنڌ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ آندو ۽
اهڙيءَ طرح هيءُ 1949ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل
ٿيو، ۽ بدلي ٿي، حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ آيو.
1951ع ۾ جڏهن آغا غلام نبي خان پٺاڻ جي دور وزارت
۾ ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ نئين سر
منظم ڪيو ويو، ته هن کي گهرائي، اُن جو سيڪريٽري
مقرر ڪيو ويو. جنهن عهدي تي هي فيبروري 1961ع
تائين رهندو آيو. ان عرصي ۾ هن سنڌي زبان ۽ ادب کي
ترقي ڏيارڻ لاءِ نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم
ڪيو. انتظامي ذميدارين کان علاوه بورڊ جي ٺهرائن
کي عملي جامو پهرائڻ، ڇپجندڙ ڪتابن کي نظر مان
ڪڍڻ، ويندي پروفن تپاسڻ جي ڪم تائين هن نظرداري
ڪئي. سنڌي ادب لاءِ هن اهو مشنري جذبو ڏيکاريو
آهي، جهڙو ڊاڪٽر عبدالحق اردو ادب لاءِ ڏيکاريو
هو. پهرين اٺن سالن ۾ بورڊ، جو ڪم ڏيکاريو، اِهڙو
شايد پاڪستان يا هندستان جي ٻئي ڪنهن به اداري
مشڪل ڪيو هوندو. پوءِ جيڪڏهن بورڊ جي ڪم جي رفتار
اڳئين کان گهٽ رهي آهي، ته ان لاءِ ڪيتريون
ڳالهيون جوابدار هيون، جن جي درستي هن جي طاقت کان
ٻاهر هئي-جهڙوڪ: (1) ون يونٽ ٿيڻ ڪري مغربي
پاڪستان طرف بورڊ جي آئين کي بدلائڻ ۽ گرانٽن جو
گهٽجڻ، (2) مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي تشڪيل جو
بدلجڻ، ۽ (3) ڪيترن سنڌي اديبن جو انتقال ڪرڻ.
بورڊ جي ڪم ۾ پوءِ جيڪا ڍرائي آئي، ان ۾ هن جي صرف
هيءَ خامي چئي سگهجي ٿي ته حد کان وڌيڪ ڪم ڪري، هن
پنهنجي صحت کي هڪ طرف نقصان پهچايو، ۽ پاڻ کي حسد
جو نشانو ٻئي طرف بڻايو. 1961ع ۾ بورڊ جون حالتون
سازگار نه
ڏسي، هي وري سرڪاري نوڪريءَ ڏي موٽي ويو. کانئس
پوءِ بورڊ جي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ مختلف صاحبن
ڪوشش ورتي، پر حالتون معمول تي اچي نه سگهيون، ان
ڪري وري بورڊ طرفان حڪومت کي هن جي خدمت ڏيڻ لاءِ
عرض ڪيو ويو، ۽ 1963ع ۾ هن وري اچي چارج ورتي، پر
هن دفعي بورڊ جي ڪم کان سواءِ ٻيو سرڪاري ڪم به
کيس ڪرڻو پيو. هن بورڊ جي ڪم جي سنڀال اعزازي طور
ڪئي.
ادارن کي ترقي وٺائڻ لاءِ چند شخصن جي مشنري جذبي
سان گڏ حالات جو سازگار هئڻ به ضروري آهي. اهو
سوال هن ۽ ٻين سنڌي ادب جي خير خواهن جي طاقت کان
حال مٿي پيو ڏسجي. اميد لاهڻي نه آهي. ممڪن آهي ته
ڪڏهن واءَ سڻاوا لڳن ۽ حالتون درست ٿي وڃن.
منهنجي ساڻس واقفيت سندس سن ۾ پڙهڻ جي وقت کان ٿي.
هي ننڍي هوندي ٿورو ڳالهائڻو، نيڪ طبع، شريف النفس
۽ صالح پئي رهيو آهي. اڪثر ’ٻارن وانگر هي رلڻ کان
پاسي هوندو هو. پڙهڻ تي گهڻو شوق هوندو هوس. سندس
ساري تعليم هن جي محنت، مزدوريءَ ۽ اڻٿڪ ڪوشش جو
نتيجو آهي. مائٽن جي غربت ڪري هن کي پڙهڻ لاءِ
ٿوري مدد ملندي هئي، ان ڪري سموريءَ تعليم جو مدار
مقابلي جي امتحانن ۾ اسڪالرشپن کٽڻ ۽ خانگي
پڙهائيءَ مان پيسي حاصل ڪرڻ تي رهيس. هن درسي
تعليم سان گڏ وڌيڪ علمي مطالعو به جاري رکيو. ساڻس
اڪثر پيو ملڻ ٿيندو هو، ليڪن سندس ذاتي صلاحيت جو
خود مون کي به پتو تڏهين پيو، جڏهن هن ’سيوِ سنڌ،
سيوِ دي ڪانٽيننٽ‘ ڇپائي پڌرو ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ لاءِ جڏهن ڳولا ڪئي
ويئي. ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ هن جا نالا بورڊ جي سامهون
آيا. ڊاڪٽر بلوچ پگهار جي گهٽ هئڻ ڪري نه آيو. آخر
قرء فال وڃي هن تي پيئي. هن اميدن کان وڌيڪ
ڪاميابي ڏيکاري. بورڊ ۾ هن پگهاردار جي حيثيت سان
ڪم نه ڪيو آهي، بلڪه سنڌي زبان جي مشنريءَ ۽ هڪ
قوم پرست سنڌي خادم طور ڪم ڪيو آهي.
UNESCO:
“The use of Vernacular Languages in
Education” Repot of the Unesco Meeting of
Specialists (1951), Monographs on
Fundamental Education VIII, P. 47-8, Paris,
Unesco, 1953.
B.W.Tiffen,
“Language and Education in Common-wealth
Africa” in: Daken J. et al (Eds) “Language
in Education”, PP. 83-84, London Oxford
University Press. 1968.
UNESCO,
“The Role of Linguistics and Sociolingustics
in Language Education and Policy”, P-11
E/D/Ws/286, Paris, Unesco, 1972.
|