”اوهين چوندا ته ’مفيد ۽ ڪارائتا ته پوليس وارا،
جاسوس ۽ ڦاهين ڏيڻ تي مقرر ڪيل جلاد به آهن! بلڪل
صحيح ، پر انهن شخصن جا ڪم ۽ فائدا محض سندن حڪومت
جي وجود ’مقدس‘ سان وابسته آهن؛ ۽ جيڪا حڪومت
پوليس وارن، جاسوسن ۽ جلادن جي لاتعداد لشڪرن کان
سواءِ پنهنجو وجود محفوظ ۽ سلامت نٿي سمجهي، اها
حڪومت خود هڪ بيسود ۽ بيڪار چيز آهي.
”هيءُ هڪڙو سوال بار بار سندن زبان تي تري ايندو
ته هي جي پاڻ کي وڏو ۽ ٻين کي ننڍو سمجهن ٿا، هي
جي پاڻ جهڙن لاتعداد انسانن کان پنهنجا هٿ پير
چمارائين ٿا ۽ پنهنجي پوڄا ۽ پرستش ڪرائين ٿا، هي
جي پاڻ کي آقا ۽ ٻين کي پنهنجو غلام ڪري سمجهن ٿا-
آخر هنن ۾ اها ڪهڙي خاص امتيازي خصوصيت آهي، جنهن
جي آڌار تي هي ايترو اڀمان ۽ ايتري وڏائي ٿا ڪن، ۽
انسانيت جي ايڏي وڏي هتڪ ۽ بيعزتي ڪرڻ جي همت ۽
جرئت ٿا رکن؟ ڇا، هي سڀ فقط انهيءَ ڪري آهي، جو هو
پاڻ شاهوڪار ۽ طاقتور آهن ۽ ٻيا مفلس ۽ ڪمزور؟
”’ايميلي‘ هڪ جفاڪش ۽ محنتي، قانع ۽ صابر، مستقل
مزاج ۽ باهمت نوجوان آهي. سندس تخيل جي قوت اڃا
خاموش آهي، تنهنڪري آئيندي جي ڪشالن ۽ خطرن جو کيس
ڪو به اجايو گهڻو انديشو ۽ خيال ڪونهي. تنهن هوندي
به هو زندگيءَ جي لازمي خطرن ۽ مصيبتن جي سامهون
پنهنجي همت جو سندرو ڇوڙي، بددل ٿي، پنهنجي آڻ ۽
شڪست قبول ڪري، هٿ تي هٿ رکي، مٿو جهلي ويهي رهڻ
کان بالاتر آهي: نااميديءَ ۽ خوف جا ڀوت ڪڏهن به
هن جي ويجهو ڪين ٿا اچن.
”انسان جي خواهش جو سرچشمو جتان ٻيون سندس سموريون
خواهشون ڦٽن ۽ اڀرن ٿيون، فقط هڪ خواهش آهي، جيڪا
ڄمڻ کان مرڻ تائين منجهس موجود آهي- ۽ اها آهي
سندس ’پنهنجي پاڻ لاءِ محبت‘. انسان جي هيءَ خواهش
منجهس هڪ نهايت قديم ۽ بطور هڪ اهم ترين جبلت جي،
ڄائي ڄم کان وٺي موجود آهي. ’پنهنجي پاڻ سان محبت‘
هميشه هڪ نيڪ خواهش آهي، ۽ هميشه نظام فطرت جي
عين مطابق آهي.
”زندهه رهڻ لاءِ انسانن کي جڏهن باهمي احتياج جي
صورت پيش آئي، تڏهن فوراً کين باهمي تعاون يا
هڪٻئي سان سهڪار جي ضرورت پڻ محسوس ٿي؛ هن باهمي
تعاون جي ضرورت سبب ئي بني نوع انسان سماجي نظام ۾
پاڻ کي منظم ڪيو؛ ۽ اهڙيءَ طرح سياسيات، اقتصاديات
۽ اخلاقيات جا هي مختلف فلسفا ۽ نطريا- يا دنيا جا
هي مختلف ڌرم ۽ مذهب- پنهنجي پنهنجي وقت ۽ ماحول
جي ضرورتن۽ تقاضائن مطابق انسان جي سماجي زندگيءَ
کي خوشحال ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ مختلف وقتن تي وجود
۾ آيا.
”سماجي زندگيءَ ۾ هڪ انسان کي کڻي ڪهڙو به مرتبو ۽
ڪهڙو به مقام حاصل هجي، پر بهرحال هو هڪ انسان
آهي، ۽ ان حيثيت ۾ هو ٻين سڀني انسانن جي برابر
آهي. انسان هر صورت ۾ هر حال ۾ ساڳيا آهن- جنهن
مقام تي ۽ جنهن طبقي ۾ گهڻي ۾ گهڻا انسان شامل
هوندا اهوئي مقام ۽ طبقو سڀ کان زياده محبت ۽ عزت
جي لائق آهي.“
-ايميلي’: مصنف جَي. جي. روسو، مترجم: محمد
ابراهيم جويو 1950ع:
هن ڪتاب، منهنجي فڪر ۽ شعور ۾ گهڻو ۽ تمام گهڻو
اضافو ڪيو ۽ مترجم لاءِ محبت پڻ.
-”هڪڙي ڀيري هڪڙا نوجوان زال مڙس، جن هن سان ڪا
ٺڳي ڪئي هئي ۽ هن کي ڦريو هو، وٽس آيا ۽ گوڏن ڀر
جهڪي، کانئس معافي وٺڻ لڳا. والٽيئر پاڻ هنن جي
اڳيان گوڏن تي جهڪي، هنن کي اٿاري، مٿي ڪيو ۽ کين
پنهنجي طرفان معافيءَ جي خاطري ڏيندي چيائين ته
’انسان کي جهڪڻو آهي، ته فقط خدا جي اڳيان جهڪڻ
گهرجي ۽ ڪنهن کان معافي گهرڻ بدران پنهنجي نفس کي
گناهه کان روڪڻ گهرجي‘.
”والٽيئر سڄا سارا 84 سال جيئندو رهيو- نه رڳو
جيئندو رهيو، پر سڄو وقت ڳهندو رهيو. وڙهندو رهيو،
لکندو رهيو ۽ پاڻ تي ۽ سڄيءَ دنيا تي کلندو، چرچا
۽ مسخريون به ڪندو رهيو. هو اڪثر ڪانه ڪا بيماري
ساڻ کنيو گهمندو هو. ايتري قدر جو، هڪ موقعي تي هن
کي چوڻو پيو ته ’اسي سالن کان وڌيڪ ڏينهن مون رڳو
مرڻ ۾ ورتا آهن!‘ هو چوندو هو ’جيڪڏهن ڪو خودڪشي
ڪرڻ نه ٿو گهري ته هن کي سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪندو
رهڻ گهرجي. منهنجو ڌنڌو آهي ته جو ڪجهه سوچيان سو
لکان!‘ پنهنجي هڪڙي دوست کي ڇينڀيندي، جيڪو کيس
توبهه تائب ٿيڻ لاءِ چئي رهيو هو، چيائين، ’جيڪڏهن
تون پاڻ سوريءَ تي چڙهڻ نٿو گهرين ته ڪم از ڪم ٻين
کي ته ان کان نه روڪ!‘
” ’ادب ان ماڻهوءَ جو ئي پيشو ٿي سگهي ٿو، جيڪو
معاشري لاءِ بيڪار ۽ مائٽن تي بار هجي ۽ جنهن کي
زندگيءَ ۾ بک وگهي مرڻو هجي!...‘“ شايد فرانس ۾،
اسان جي اڄوڪي سنڌ وانگر، ان زماني ۾ ادب جي ڪجهه
اها ڪيفيت ۽ اديبن جو ڪجهه اهو ئي حال هوندو هو!
”ڪيڏي نه وڌيڪ سمجهداريءَ جي ڳالهه ٿئي ها، جيڪڏهن
اصطبل ۾ بيٺل گهوڙن کان اڳ، دربار ۾ ويٺل اڌ گڏهه
ڪڍي ڇڏي ها!
”اسان جا پادري ائين نه آهن، جيئن سادو عوام انهن
کي سمجهي ٿو؛ انهن جو علم بس ايترو آهي، جيترو
اسان جو انهن ۾ ويساهه آهي.
”اچو ته پنهنجي پاڻ تي اعتبار رکون، سڀڪجهه پنهنجي
اکين سان پاڻ ڏسون؛ اکيون اسان لاءِ غيب دان آهن ۽
اسان لاءِ واعظ...........آهن‘.“
-’ڪئنڊيڊ‘- والٽيئر، مترجم: محمد ابراهيم جويو،
جون 1977ع:
ان ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ، مون محترم ابراهيم جويي
صاحب کي سمجهيو.
-”منهنجا ڪافي ڪي پيارا دوست آهن، جن جو خيال آهي
ته آءُ هي ڪتاب، جيڪي ترجمو ڪريان ٿو، اهو وقت جو
زيان آهي. آءُ انهن سان انهيءَ خيال ۾ متفق نه
آهيان، ۽ ان لاءِ مون وٽ پختا دليل آهن.
”پهرين ڳالهه ته طبعزاد يا اصلوڪو (original)
خيال، جيڪڏهن فڪري دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءِ آهي به،
ته اُهي جڏهن به ۽ جنهن کي به من ۾ ايندا آهن،
تڏهن هو اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ڪري
ڇڏيندو آهي. ٻيو نه، ته ڪنهن نه ڪنهن دوست يا
دوستن سان ڳالهين ٻولهين ۾ ۽ بحث مباحثي ۾ اُهي
ٻڌائي ڇڏيندو آهي، بلڪ ائين انهن کي ٻڌائي، خوشي
محسوس ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪي ٻڌائڻ جهڙا يا ظاهر ڪرڻ
جهڙا اصلوڪا خيال ڪنهن جي من ۾ اچن ٿا ۽ هو اهي نه
ٿو ظاهر ڪري، ته اهو ماڻهو ذهني طور سنئون سڌو يا
صحتمند نه چئي سگهبو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جا خيال
ڪيتري قدر ٻڌڻ ٻڌائڻ جهڙا ٿي به سگهن ٿا، ان جو
جواب پڌرو پيو آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن کي چوڻ ته
پنهنجا ”اصلوڪا“ خيال دنيا کي ٻڌاءِ، زباني يا
لکيت ۾ يا ڪنهن ٻئي اظهاري وسيلي سان آءُ سمجهان
ٿو ته اِن جي ڪنهن صورت ۾ ڪا ضرورت ئي ڪٿي پيش اچڻ
نه کپي.
”ٻيو ته جيڪڏهن شوق يا گهرج اصلوڪن خيالن جي ئي
آهي، ته اهي ته ترجمي ۾ به موجود هوندا آهن-
منهنجا، يعني الف جا، اصلوڪا خيال نه، ته ڪتاب جي
اصل مصنف جا. هروڀرو ڪنهن کي ڪنهن خاص ماڻهوءَ جا
اصلوڪا خيال ٻڌڻ ڇو گهرجن! خيال ڪنهن جا آهن، ان
جو ويچار ڪرڻو ڪونهي. پر خيال ڪهڙا آهن- اصل ڳالهه
ڳولڻ جي، سمجهڻ جي ۽ سوچڻ جي اها آهي.
”ٽين ڳالهه ته خيال ڪڏهن به ڪو اصلي يا نقلي ڪو نه
ٿيندو آهي- خيال صرف صحيح يا غلط ٿيندو آهي، فائدي
وارو يا نقصانڪار ٿيندو آهي، عملي يا غير عملي
ٿيندو آهي- سڀ کان وڌيڪ، قبولڻ جهڙو يا نه قبولڻ
جهڙو ٿيندو آهي. ۽ ڪهڙو خيال قبولبو يا ڪيتري قدر
قبولبو، ان جو مدار وري ذهن ۾ اڳ موجود خيال يا
خيالن تي رهي ٿو. انهيءَ ڪري جيترا گهڻا چڱا ۽
چوکا خيال ذهن ۾ هوندا، ايتري ماڻهوءَ جي صحيح يا
غلط خيال جي پرک تيز ٿيندي، ۽ هو قبولڻ جهڙا وڌ ۾
وڌ خيال قبوليندو ۽ ائين پنهنجي ذهن کي تيز کان
تيز تر ۽ سجاڳ رکي سگهندو.
”خيال ’پنهنجو‘ يا ’پرائو‘ به ڪو نه ٿيندو آهي.
فقط اُهي، جن کي ڪا ڳالهه لڪائڻي يا مڙهڻي هوندي
آهي، اُهي ’پراون‘ خيالن کان يعني، اڄڪلهه، خاص
ڪري مغربي خيالن کان، مادي خيالن کان، خود ’عقلي‘
خيالن کان، جهليندا ۽ روڪيندا آهن- حالانڪ جن
خيالن جي قبولائڻ يا ’پنهنجي‘ ڪرڻ لاءِ اهو سڄو
اهتمام هو پاڻ ڪندا آهن، خود اهي خيال به هنن جا
پراوا هوندا آهن. ٻيءَ ڪنهن ٻولي جا، ٻئي ڪنهن
پاسي جا، ٻئي ڪنهن ماحول ۽ پراڻي ڪنهن وقت جا.
”چوٿين ڳالهه ته ڪو به ٻڌل يا پڙهيل خيال پنهنجي
ٻوليءَ يا پنهنجي لفظن ۾ جيئن جو تيئن، يعني جيئن
اهو اصل هو تيئن، ظاهر نٿو ڪري سگهجي: ذهن ۾ اڳ
موجود خيالُ ان کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ ان تي
پنهنجو ڪو خاص رنگ يا ان جو ڪو پاڇو ضرور وجهي ٿو.
اِها انساني فطرت آهي ته ڪو به ڪم هو ڪري ٿو، اُن
تي ويچار به ڪندو هلي ٿو. يعني ان ۾ هو پنهنجو ذهن
وجھي ٿو، اُن کي هو پسند ڪندو يا نه پسند ڪندو ۽
ان جي تور تڪ به ڪندو هلي ٿو. ۽ ائين ئي هو پنهنجي
ڪم کي سوڌي سنواري ۽ سهڻو بنائي سگهي ٿو. حسن جي
تخليق ائين ئي ٿئي ٿي ۽ انهيءَ ڪري ڪو به فنڪار
پنهنجيءَ ڪنهن تخليق کي ڪامل به نه سمجهندو آهي، ۽
سدائين هڪ کان وڌيڪ ٻيءَ کي بهتر بنائڻ چاهيندو
آهي ۽ اڪثر بنائي به سگهندو آهي. ساڳيءَ طرح هڪ
ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ خيالن کي آڻڻ سان انهن ۾
هڪ قسم جي نواڻ، ترجمي جي چاشني، به اچي وڃي ٿي.
اهو ئي سبب آهي، جو خود اصل ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڪتاب کي
پڙهڻ وارا ان جي ترجمي کي به پڙهڻ چاهيندا آهن، ۽
ان مان انهن کي هڪ جدا لطف حاصل ٿيندو آهي. اسين
شاهه جا شعر انگريزيءَ ۾ يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ به
شوق سان پڙهندا آهيون. عمر خيام جي رباعين کي اصل
ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وارا به اُن جي فزجيرالڊ واري
انگريزي ترجمي کي وري وري پيا پڙهندا ۽ ان مان
سواد وٺندا آهن. انهيءَ خيال کان ڪي ڪي ترجما به،
پنهنجيءَ جڳهه تي، ٻوليءَ، فڪر ۽ جذبي جي ادبي،
فني ۽ تخليقي پيشڪش جي حيثيت وٺي بيهندا آهن- ان
جو مثال جڳ مشهور انگريزي ٻوليءَ جو بائيبل آهي،
جيڪو انگريزي ادب جو متفقه طور هڪ بهترين نمونو
سمجهيو ۽ قبوليو ويو آهي.
”چون ٿا ته زمانو گول ڦرندو ٿو رهي، تاريخ پاڻ کي
دهرائي ٿي- پر زماني جو اهو گول ڦيرو هڪ ئي ليڪي
تي ڪو نه ٿو ڦري، ۽ نه تاريخ پاڻ کي جيئن جو تيئن
ٿي دهرائي. زماني جو ڦيرو ڪڏهن وڏي گول ۾ ڪڏهن
ننڍي گول ۾ ۽ سدائين نئين مُحور ۽ نئينءَ زمين تي
عمل ۾ ايندو رهي ٿو ۽ هميشه اُن جي مجموعي رواني ۽
رخ اڳتي ۽ اڳتي هوندو آهي، ۽ تاريخ، جي پاڻ کي
دهرائي به ٿي ته سدائين نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان-
ڇو ته حالتن ۾ جمود ۽ ماٺ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي ۽
متحرڪ ۽ بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انساني ذهن
کي رستا ۽ حل به بدليل ۽ نوان سوچڻا ۽ استعمال
ڪرڻا پون ٿا.“
-پهريان ٻه اکر: محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب: ’فڪر
جي آزادي‘ جا
”پر سٺ سالن کان پوءِ ٻيهر زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ
لاءِ ڪنهن غير معمولي سگهه جي ضرورت آهي. جيڪا ڪا
سگهه مون ۾ آهي، سا اڳي ئي ڊگهن سالن جي خانه
بدوشيءَ ۾ ڏيئي وٺي، ساڻي ٿي پيئي آهي. انهيءَ ڪري
چڱو ائين ٿو سمجهان ته مهلائتو ۽ بيٺي ئي زندگيءَ
کان موڪلاڻي ڪجي.- زندگي جنهن ۾ ذهني ڪم خالص ترين
مسرت، ۽ شخصي آزادي ڌرتيءَ تي مون لاءِ اعليٰ نيڪي
۽ جنت جو سک هو.
”آءُ پنهنجن دوستن کي سلام ڪريان ٿو. شال هو ئي
طويل رات کان پوءِ ڪا پرهه ڏسي سگهن، آءُ تڪڙو ۽
بي صبر، پهرين اڳتي هلان ٿو. پيٽرو پولس
22-2-1942ع.“
’فڪر جي آزادي‘ ڪتاب جو مصنف، اسٽيفن
زويگ(1881-1942ع)، مترجم: محمد ابراهيم جويو.
-”ڪنهن به نظريي ۽ ان جي ڪنهن به خودپسند ۽ خود
فريب آمر جو سچ ۽ واحد سچ تاريخ جي ڪنهن به دور ۾
گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو آهي. هيءَ ڪائنات ڇا
آهي، ان باري ۾ ڪو ماڻهو ڪهڙي به راءِ رکي، ان
لاءِ هن جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪو زور يا دٻاءُ
اچڻ نه گهرجي. ماڻهوءَ جي ضمير تي اختيار هلائڻ جو
ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي ڪو حق ڪونهي.
”انسان آزاد ۽ مساوي حيثيت ۾ ڄاوا آهن، ۽ هنن کي
حق آهي ته سواءِ ڪنهن خوف ۽ دٻاءُ جي پنهنجا
پنهنجا خيال ظاهر ڪن ۽ پنهنجي پنهنجي ايمان تي
رهن.
”فڪر ڪندڙ ۽ سوچيندڙ ماڻهن جون دليون، پوءِ به
هيءَ ڳالهه ڳڻي، پُر اميد ۽ مطمئن رهن ٿيون ته
اسان جي هن قديم، نامڪمل ۽ ڦرندڙ گهرندڙ دنيا جي
تاريخ ۾ جنهن شيءِ ههڙا اڳواڻيءَ ۽ فرمانبرداريءَ
جا معجزا عمل ۾ پئي آندا آهن، اها وري به خيال ۽
فڪر جي قوت ئي آهي.
”هر انسان جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ جو حق آهي، ان جي
هوا ۾ ساهه کڻڻ جو حق آهي، ۽ مري وڃـڻ کان پوءِ ان
جي وجود سان ملي هڪ ٿي وڃڻ جو حق آهي.“
-اسٽيفن زويگ: ’فڪر جي آزادي‘ : مترجم: محمد
ابراهيم جويو. جون 1977ع:
هن ڪتاب جي وري وري اڀياس، مون کي محترم ابراهيم
جويي جو ذهني دوست ۽ ويجهو دوست، ننڍڙو دوست
بڻايو.
-”مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جون
زندگيون منهنجي لاءِ گهڻي وقت کان انساني عظمت جا
يگانا مثال رهيون آهن. اهي انساني پيار ۽ انساني
ڪهل جا مبلغ هئا. هنن اسان کي هر جيوَ جي عزت جو
سبق ڏنو.
” ۽ اڄ اسان کي- جيئن بني نوع انسان کي- ان جي
تمام ڊگهيءَ، لکن سالن جي زندگيءَ ۾، هميشه، سڀ
کان وڌيڪ انهن ٽن شين جي ضرورت آهي، يعني پيار،
ڪهل ۽ زندگيءَ جي احترام جي......... زندگيءَ جو
حق، زندگيءَ جو موقعو ۽ زندگيءَ جي خوشي- هر ڪنهن
کي گهرجن، پر ٻئي ڪنهن پاڻ جهڙي فرد، گروهه يا قوم
جي مجبوريءَ يا محروميءَ جي قيمت تي نه.
”مسيح اهڙن غرضڪار ۽ مفادپسندن کي غير قومن جا
امير ۽ سردار سڏيندي، پنهنجن ساٿين کي انهن جي
مثال کان پري رهڻ لاءِ ٿي چيو ته’ اهي انهن تي
حڪومت ڪندا آهن ۽ انهن تي اختيار هلائيندا
آهن...... پر اوهان مان ڪنهن کي ائين ٿيڻو ڪونهي.
بلڪ جيڪو اوهان ۾ اڳواڻ ٿيڻ چاهي، اهو سڀني جو
ٻانهو بڻجي. ڇاڪاڻ ته ابن آدم به انهيءَ لاءِ نه
آيو آهي ته خدمت وٺي، پر انهيءَ لاءِ آيو آهي ته
خدمت ڪري، ۽ پنهنجي جان گهڻن لاءِ قربان ڪري.‘
”انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر هلندو ئي آيو آهي ۽
نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ اها آهي. انسان
مجموعي طور، پنهنجي انساني تهذيب جي جنهن منزل تي
اڄ پهتل آهي......... ۽ ڏاڪو ڏاڪو چڙهي پهتو آهي ۽
ائين هو آهستي آهستي پر پڪ ئي پڪ پنهنجي ’آسماني
بادشاهت‘ جي آدرش ڏانهن وڌي رهيو آهي.
”تحقيق هو هڪڙو حيرتناڪ ۽ بي مثل ماڻهو هو- خدا
جي آڏو ۽ سڀني ماڻهن جي آڏو قول ۽ فعل ۾ هڪ عظيم
انسان. هن کي مذهبي پيشوائن ۽ حاڪمن ڏوهي ڪري صليب
تي چاڙهي شهيد ڪري ڇڏيو. پر هن لاءِ پنهنجي مقصد ۽
پنهنجي ڪمال کي پهچڻ واسطي اُهي تڪليفون ۽ ڏک سهڻ
ضروري هئا.“
’ٻارن جو مسيح‘، پيش لفظ، مترجم: محمد ابراهيم
جويو . ليکڪ اينڊ بلائٽن، 1980ع:
”مون کي جڏهن هن ڪتاب
The Children’s Life of Christ
جي لکڻ لاءِ چيو ويو، تڏهن مون اِن ڪم کي پنهنجو
اعزاز سمجهي هٿ ۾ کنيو منهنجي سڀني ڪتابن ۾- پوءِ
انهن ۾ جانورن جون ڳالهيون هجن يا پَرين جون، سرڪس
جي دنيا جون ۽ حادثاتي يا جانبازيءَ جون يا اسڪولي
زندگيءَ جون ڳالهيون هجن- پر انهن سڀني ۾ بنيادي
زور هميشه پيار ۽ همدرديءَ قياس ۽ ڪهل، عدل ۽
انصاف تي آيل آهي.“
’ٻارن جو مسيح‘ ليکڪ: مادام اينڊ بلائٽن، مترجم:
محمد ابراهيم جويو 1943ع:
-”اسان لاءِ تو وٽ ڪا جاءِ آهي؟“ يوسف پڇيو. ”
منهنجي گهر واري اهنجي آهي ۽ ڏاڍي ٿڪل آهي. اسين
گهڻا ڏينهن سفر ڪندا رهيا آهيون“
”منهنجي سراءِ ته ڀرجي وئي آهي“ سراءِ جي مالڪ
چيو.
”ڪا جاءِ ڪانهي!“ يوسف گهڻو نراس ٿي چيو، ”پر مان
پنهنجي گهر واريءَ لاءِ پوءِ ڇا ڪريان؟ مون کي هن
لاءِ ضرور ڪا جاءِ کپي. ڏس ڪيڏي نه هوءَ ٿڪل ۽
ماندي پئي ڏسجي!“
” آءُ لاچار آهيان“. سراءِ جي مالڪ چيو.
”توهين ڀلا واڙي ۾ آرام ڪندا؟“ هن هڪدم پڇيو، ”مون
وٽ سراءِ جي پٺيان، ٽڪريءَ جي پاسي ۾ هڪڙو غارآهي،
جتي منهنجا ڍڳا بيهندا آهن، جيڪڏهن اوهين پلال تي
سمهڻ چاهيو ۽ ڍورن جي ڇَٽ اوهان کي ڏکي نه لڳي، ته
اُتي اوهان لاءِ جاءِ ٿيندي. آءِ تنهنجي گهر
واريءَ لاءِ واڙي ۾ هڪڙو ٺاڻ صفا ڪرائي سگهندس ۽
اتي هن لاءِ ڪجهه تازو صاف پلال به وڇارائي سگهبو.
”هائو، يوسف، آءُ اتي ليٽي پونديس“، مريم چيو.
”وڌيڪ اڄ رات آءُ هلي نٿي سگهين“.
سراءِ جي مالڪ پنهنجي هڪڙي خادم کي سڏيو ۽ گهڻي
دير ڪانه لڳي، جو غار ۾ واڙي جو هڪڙو پاسو صاف به
ٿي ويو ۽ اتي نئون پلال به وڇائجي ويو. مريم غار ۾
اندر لنگهي ويئي ۽ دل ۾ سراءِ جي مالڪ جا ٿورا
محسوس ڪندي، اتي ليٽي پيئي.
يوسف ڏاڍي پريم ۽ پاٻوهه سان هن جي ٽهل ڪئي. هن جي
پيڻ لاءِ هو گرم کير وٺي آيو......... ۽ ان رات،
بيت لحم ۾، ان ننڍڙي ٻالڪَ بادشاهه جو واڙي ۾ جنم
ٿيو. مريم جي ٻانهن ۾ ننڍڙي نازڪ ٻالڪ تي لالٽين
جي ٽمڪندڙ روشنيءَ جا سيتل ڪرڻا پئجي رهيا هئا.
”هيءُ ننڍڙو خدا جو ٻالڪُ اسان وٽ آيو آهي،“ مريم
چيو: - ’ڪتاب ٻارن جو مسيح‘ صفحا 46-47-48- مان
ڪي ٽڪرا مترجم: محمد ابراهيم جويو. 1980ع.
-”شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي سماج
جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب
هو، ۽ هنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو هو- ٻڌيءَ
۽ ايڪتا جو، سچ ۽ نيڪيءَ جو، سونهن ۽ پاڻ ارپڻ جو
۽ انهن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻهوءَ جي شيوا
۽ پيار جو، انساني تهذيب جي عروج ۽ پنهنجي حصي جي
فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقي جي
جدوجهد ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.
”شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ
شاعر هئا. هنن کي ان جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر
هئي. هنن ان جي امنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو
علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ باعزت
سماج ٿي رهڻو هو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم
ٿيڻو هو. ان کي دوئيءَ بدران وحدت جي ضرورت هئي ان
۾ پنهنجي اجتماعي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو هو. ان
جي فرد ۽ گروهه جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان
ٿيڻ سکڻو هو، يعني ان جي سڀني انفرادي غرضن کي
گهٽجي هڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي هئي- ته
جيئن گهڻي ۾ گهڻا مفاد ۽ گهڻي ۾ گهڻيون خودپسنديون
ان ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين، ۽ نيٺ پنهنجو وجود ان
۾ گم ڪري ڇڏين. ان جي بهتر شهرين ۾ فرض جو احساس
جاڳڻو هو، جنهن کي وطن دوستي يا قوم لاءِ قربانيءَ
جو جذبو چئبو آهي. ۽ جيڪو هر باشعور قوم ۾ هڪ نسلي
خوبيءَ طور موجود هوندو آهي.
”سنڌي سماج ۾ نئين انسان جي تعمير ٿيڻي آهي- اوچي
پد واري انسان جي، جنهن جا آدرش اوچا هجن، ويچار
اوچا هجن ۽ عمل به اهڙا اوچا هجن؛ جيڪو محبت،
مروت، رواداري، صبر، حوصلي، همت، ايثار ۽
اورچائيءَ جو مالڪ هجي؛ جيڪو پَراپڪاري، امن پسند،
خير ڪندڙ ۽ خير گهرندڙ هجي، جيڪو محب وطن هجي، فرض
شناس هجي ۽ پنهنجي آزاد، ڪشاده دل ۽ باعزت سماج ۾
آزاد، پر خلوص ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو لائق هجي.
”شاهه، سچل ۽ ساميءَ پنهنجي وطن عزيز ۾ اهڙو هڪ
سماج ٺاهڻ گهريو ٿي ۽ ان ۾ اهڙي هڪ اعليٰ انسان جي
تربيت ڪرڻ گهري ٿي.“
’شاهه- سچل-سامي‘ 1689-1850ع، هڪ مطالعو از
ابراهيم جويو، 1978ع:
چين جو هڪ جڳ مشهور عالم، اديب ۽ ڏاهو، لن يو تانگ
، چوي ٿو ته ’لکت هر هڪ مصنف جي فطرت ۽ ڪردار جو
آئينو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته هڪ
عظيم قلمڪار جي تحرير ۾ ۽ هڪ عظيم فنڪار جي تصوير
۾ انهن جي شخصيت يا روح ڳالهائيندو آهي. اسين جنهن
شيءِ کي شخصيت سڏيون ٿا، سا حقيقت ۾ جذبن، امنگن،
احساس، مشاهدن، تجربن، خواهشن، محبتن يا نفرتن جو
مجموعو آهي. ان مجموعي کي فطرت ماحول، تهذيب ۽
تمدن گهڙين ۽ ٺاهين ٿا.
ساڳئي وقت مان عرض ڪندس ته ڪنهن به عالم، اديب،
مفڪر ۽ محقق جي شخصيت کي، سندس تخليق کي، خيالن جي
بلنديءَ کي ۽ گهرائيءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته
هن صاحب جي ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن جو گهرو ۽ ڳوڙهو
اڀياس ڪيو وڃي: ان مان هر هڪُ پنهنجي ذهن، مطالعي،
مشاهدي ۽ تجربي جيترو حظ، لطف ۽ ٻيو ڪجهه حاصل
ڪندو. مان خالق ۽ تخليق کي هڪ سمجهندو آهيان.
محترم استاد سائين ابراهيم جويي جي سڀني ڪتابن
وغيره جي پڙهڻ کان پوءِ، مان وڏي ادب ۽ احترام سان
جويي صاحب کي پنهنجو سائين، هم خيال ۽ هم سفر
سمجهان ٿو. وڏي ڳالهه اها ڪرڻ چاهيان ٿو ته محترم
ابراهيم جويي صاحب تي ڪنهن به دين ۽ ڌرم، وهم ۽
گمان جو ڪو به ڀوت، ديو يا ديوتا سوار نه آهي ۽
نڪي سائينءَ ڪنهن زر ۽ ذات جي ديويءَ جي چرنن تي
سيس نوايو آهي.
مطلب ته محترم جويو صاحب رحم جو پوٽو، صبر ۽ تحمل
جو ڏهٽو، نيڪيءَ جو اولاد ۽ حسن، پيار جي خاندان
سان تعلق رکي ٿو.
Yet learning here a name, I trust,
That will not perish in the dust.
Robert Southey
’ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي‘
(شاهه)
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
جويو: هڪ ٻَهڳُڻي شخصيت
تعارف:
سائين محمد ابراهيم جويو المعروف ’جويو‘ سنڌ جو
سپوت، ساهه سيبائيندڙ شخصيت جو مالڪ، لاکيڻو
للهنگ، ڳُڻن جو ڳهير(A
myriad of qualities)
ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. سندس گهڻ
پاسائين شخصيت کي لفظن ۾ سمائڻ منهنجي لاءِ هڪ
مشڪل ڪم کان گهٽ نه آهي.
جويو صاحب هاٺي ڪاٺي ۽ جسماني جوڙجڪ ۾ سهڻو، سپڪ،
سدا ملوڪ، خوش خلق، نيڪ سيرت، ڪردار جو صاحب پرڪشش
شخصيت جو مالڪ ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي.
اسان جو هي دادلو دانشور، ڪامل استاد، سٺو منتظم،
اهل قلم، اهل فڪر، اهل نظر ۽ اهل دل آهي. علمي،
ادبي ۽ ثقافتي حلقن ۾ ’جويي‘ جي نالي سان معروف ۽
مقبول آهي. لفظ ’جويي‘ مان لازمي طرح مراد ’محمد
ابراهيم جويو‘ آهي. سندس علمي ۽ ادبي عظمت آڏو،
سگهارن جا ڪنڌ تعظيم وچان جهُڪيو وڃن. جويي صاحب
سان بنده جي واقفيت 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي هڪ
هم پيشه بزرگ دوست الحاج خدا بخش ڪمالاڻي (ساڪن
موري) جي معرفت ٿي. ڪمالاڻي مرحوم پاڻ به هڪ قابل
استاد ۽ شهر موري جو ذهين ترين انسان طور مشهور
آهي، جنهن جي تعريف سندس شاگرد رشيد، مزاح نگار
علي احمد بروهي صاحب پڻ ڪندو آهي.
جويي صاحب سان ٿيل پهرين ملاقات ۽ سندس قربن واري
ڪچهريءَ ۾ ڏاڍو لطف آيو ۽ پوءِ ساڻس ملاقاتون
ٿينديون رهيون، جيڪي اڄ سوڌو جاري ساري رهنديون
اچن. آءُ اعتراف ڪندي چوندس ته ههڙا اعليٰ انسان
روز روز ناهن ڄمندا، توڻي جو ڀاڳين جا ڀاڻ خالي
ٿيڻا ناهن.
جويو صاحب وڏي عمر هوندي به اڃا جوپ جوان
(Old man on young shoulders)
لڳو پيو آهي. الله پاڪ کيس اڃا به وڏي ڄمار ڏئي!
پروفائيل:
جويي صاحب جي شانائتي شخصيت ۾ شامل، گهڻين سارين
خصلتن (Traits
of character)
مان ڪي امتيازي خوبيون مختصر هن طرح يڪ جاءِ ڪيون
ويون آهن:
استاد/ معلم (Teacher):
هڪ استاد جي حيثيت ۾، جويو صاحب پڙهائڻ جو هڪ خاص
۽ انوکو ڍنگ رکي ٿو. سندس سيکارڻ جو انداز دلنشين
۽ اثرائتو آهي. پڙهائڻ وقت ڪلاس ۾ چپڙا چپ (
Pin drop silence)
ڇانيل هوندي آهي ۽ شاگرد همه تن گوش يعني محو يا
’پنڊ پاهڻ‘ (spell-bound)
ٿي ويل هوندا آهن، ۽ جڏهن پيرڊ پوري ٿيڻ تي گهنڊ
جو ٺڪاءُ ٿيندو آهي ته ڇرڪ ڀرجي ويندا آهن. اهوئي
سندس پڙهائڻ واري طريقي جو ڪمال آهي. هونئن به
باڪمال استاد، ڪتاب کي شاگرد جي شخصيت سان ڳنڍي،
تدريسي عمل جو جادو پکيڙي ڇڏيندا آهن.
جويو صاحب، تعليم جي جديد لاڙن (Modren
tendencies)
جو حامي هجڻ جي ناتي، پڙهائيءَ وقت ’ڏنڊي جي
استعمال کي يعني جسماني سزا کي پسند ناهي ڪندو.
سندس راءِ آهي ته استاد پنهنجي صحتمند روش ۽ شفقتن
سان ٻارن جون دليون موهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تعليم
جو مرڪز شاگرد ئي آهي. جويو صاحب هڪ آدرشي استاد
آهي ۽ ٻارن جي نفسيات (Child
Phychology)
جو ڄاڻو ۽ ماهر آهي. سوين شاگردن وٽانئس فيض پرايو
آهي. جيتوڻيڪ جويو صاحب منهنجو استاد ناهي رهيو،
پر تڏهن به آءُ کيس پنهنجو استاد سمجهندو آهيان ۽
سندن احترام ڪندو آهيان. پڙهڻ پڙهائڻ جي حوالي سان
مون گهڻيون ساريون ڳالهيون کانئس سکي ورتيون آهن.
منتظم:
جويو صاحب هڪ اعليٰ منتظم آهي. کيس انتظام هلائڻ
جو عمدو سليقو (knack)
عطا ٿيل آهي. پاڻ سرڪاري تعليم کاتي يا ادبي ۽
ثقافتي اداري جي سربراهه جي حيثيت ۾، ڪنهن به غير
ضروري مداخلت کي برداشت ناهي ڪندو. ادارن ۾، خاص
ڪري تعليمي ادارن ۾ سياسي وڏاڪن ۽ وڏيرن جي ڪنهن
به مداخلت يا اثر کي قبول ناهي ڪندو. رشوت جي نالي
کان نفرت ڪندو آهي. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي
رشوت ۾ ملوث ناهي رهيو ۽ پاڻ هميشه غلط ڳالهين ۽
بدعتن (جوا، شراب وغيره) کان پاڻ کي محفوظ رکندو
آيو آهي. اهڙي الزام هڻڻ جي ڪنهن کي به ڪڏهن به
جرئت ئي ناهي ٿي ۽ نه ٿيندي.
زيردستن جي بدعنوانين ۽ ڪرتوتن (mis
deeds)
تي سخت گرفت ڪري، کين وڪڙ ۾ آڻي، محسوس ڪرائي، هٿ
ڍرا ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن به ناراضگيءَ کي دشمنيءَ
۾ تبديل ناهي ڪندو. پاڻ اعتدال پسند آهي. سندس
عقيدو آهي ته دوستيءَ يا دشمنيءَ (جڏهن ته هن دشمن
پيدا ئي ناهن ڪيان) جو به هڪ معيار هئڻ گهرجي. پاڻ
دشمنيءَ جو قائل ئي ناهي رهيو. سندس ڪردار تاديبي
نه، پر اصلاحي رهيو آهي.
شخصيت:
جويو صاحب شريف النفس، خوش اخلاق ۽ نيڪ سيرت (High
moral character)
جو مالڪ آهي. سندس شخصيت ۾ جادو سمايل آهي. سندس
گفتگو جو انداز موهيندڙ آهي. مخاطب کي پنهنجي
ڳالهه مڃرائڻ جو انوکو ڍنگ ۽ سگهه رکي ٿو. پنهنجي
گفتگوءَ ۾ شائسته هوندو آهي ۽ سندس تقرير مُدلل
(دليلن سان سنواريل) هوندي آهي. پنهنجي وزندار
دليلن سان ٻين کي هڪدم پنهنجو بنايو ڇڏي ۽ پنهنجي
نقطئه نظر جو قائل ڪيو ڇڏي.
برداشت /سهپ (Forbearance):
برداشت ۽ تحمل انسان جي اعليٰ خاصيتن مان هڪ وڏو
گڻ آهي. سهڻ جي سگهه، بردباريءَ مان جنم وٺندي
آهي. جويو صاحب ڪمال جي حد تائين، سهپ جي خصلت سان
نوازيل آهي. سندس قوت برداشت ۽ تحمل جو هڪ مثال
پيش ڪجي ٿو: |