1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن آءُ پبلڪ
اسڪول حيدرآباد ۾ باني استاد
(Founder
teacher)
طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هئس. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ پاران سنڌي ٻاراڻو / پهريون ڪتاب شايع ٿيو
هو، جنهن ۾ هيٺيون جملو شامل ٿي ويو هو:
’اڄ ڄڃ آهي‘. ٻارن کي لفظ ’ڄڃ‘ سمجهائڻ لاءِ
انهيءَ جملي سان هڪ عدد ڊرائنگ به ڏنل هئي. اهو
جملو دراصل اردوءَ جي هيٺين جملي جو نقل پئي
لڳو:”آج بارات هي‘.
مون جرئت ڪندي سائين جويي صاحب جو ڌيان ڇڪايو ته
اهو جملو سنڌي زبان جي فطرت ۽ سماج جي خلاف آهي ۽
هڪ ناقص (poor)
۽ بيمار جملو پيو لڳي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙن اوپرن
۽ غير معياري جملن جي ضرورت ناهي ۽ انهيءَ جملي کي
ڪتاب مان خارج ڪيو وڃي. جويي صاحب انهيءَ جو
وقتائتو نوٽيس ورتو ۽ ذاتي دلچسپي وٺي، اهو جملو
ڪتاب مان ڪڍرائي ڇڏيو. انهيءَ جاءِ تي ڪو ٻيو
’وڏاڪ‘ هجي ها ته بغض ۾ اچي، دشمنيءَ تي لهي اچي
ها. واهه! سبحان الله!
جويي صاحب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي شفقتن سان
نوازيو، کين زندهه رهڻ جو حوصلو ڏنو. ڪو وقت اهڙو
به آيو، جو سندس نوازيل مان ڪي، سرڪشي ڪري، سندس
سامهون ٿي بيٺا ۽ جويي صاحب کي ڏکوئي وڌائون، پر
پاڻ ڪڏهن به سندن شڪايت نه ڪيائين ۽ شهنشاهه لطيف
جي چواڻي ’جو وڙ جڙي جن، سو وڙ سيئي ڪن‘، درگذر
ڪري هميشه لاءِ کين معاف ڪري ڇڏيائين.
حقيقت هيءَ آهي ته جويو صاحب ’صوفي ساڃاهه‘ رکندڙ
انسان آهي ۽ سندس نظريي ۾ دل جي صفائي، تن من جي
پاڪائي اولين شرط آهي: جتي دشمنيءَ جو تصور به
ناهي هوندو. جويو صاحب ڪڏهن به ڪنهن سان ڪاريهر
وارو وير ناهي رکندو. هر حال ۾ خوش رهندو آهي.
سندس سدا بهار صحت جو وڏو سبب به اهوئي آهي.
ڪچهريءَ جو ڪوڏيو:
جويو صاحب يارن جو يار، ملڻسار، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو
۽ محفل جو مور آهي. سندس دوستن، مداحن ۽ شاگردن جو
حلقو وسيع آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها
آهي ته ڪڏهن به ڪنهن ڪم ظرف ماڻهوءَ سان جويي صاحب
جي دوستي ناهي ڏٺي وئي ۽ نه ٻُڌي وئي. وٽس محبت جا
ميڙاڪا متل ۽ صحبتين جو رنگ رتل ئي هوندو آهي. کيس
شايد انهيءَ نظريي تي مڪمل يقين آهي ته:
’انهي عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا‘!
ادبي ڪانفرنسون هجن يا ثقافتي شو هجن يا راڳ رنگ
جا پروگرام هجن، جويو صاحب اتي رونق افروز نظر
ايندو آهي. سچ ته پاڻ علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين
جو روح روان آهي.
مثالي شخصيت:
جويو، هڪ جامع صفات شخصيت جو مالڪ ۽ سچ جي ساڃاهه
رکندڙ، صادق دل، صاف گو انسان آهي. ’صاف ڪر سينو،
اندر اسرار ڪافي آ‘ انسانن سان محبت ڪندو آهي. وڏو
انسان دوست آهي. مذهب جي متڀيد اوچ نيچ ، ذات پات
،رنگ نسل جي امتياز کان گهڻو مٿانهون آهي ،
انسانيت جي وسعتن کي پرکي ورتو اٿس. هونئن به
انسانيت جون سرحدون حد بنديءَ ۾ نٿيون اچن.
شخصيت جو جادو:
جويي صاحب جي شخصيت ۾ جادو سمايل آهي ۽ پنهنجي
ڳالهه مڃرائڻ جي سگهه رکي ٿو. سندس گفتگو جو انداز
ئي نرالو آهي. پنهنجي مُدلل (دليلن سان سنواريل)
گفتگو ۽ تقرير وسيلي، مخاطب کي قائل ڪري پنهنجو
بنايو ڇڏي. آءُ ته ائين چوندس ته جيڪو ماڻهو هڪ
دفعو جويي صاحب سان ملي ڪچهري ڪري سندس نيڪ صحبت
مان فيض نه پرائي، تنهن تي به حيف هجي! حيف تنهين
جي حال تي!
مطالعي جو شوق:
جويي صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي مطالعي يعني ڪتابن
پڙهڻ (Book
reading)
جو شوق هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي ’عشق‘ جي حد تائين
وڃي پهتو آهي. وٽس ذاتي شاندار لائبرري آهي، جنهن
۾ مختلف ٻولين ۾، ناميارن ليکڪن جا هزارين ڪتاب،
رسالا، قلمي ڪتاب، مسودا (scripts)
سهيڙل آهن. مطالعي سبب سندس فڪر ۾ اضافو ٿيو آهي.
پاڻ هڪ سُچيت (well-
informed)
۽ سُڄاڻread)
-Wel)
عالم ۽ اديب آهي. لڳي ٿو ته پڙهندو گهڻو ۽ لکندو
نسبتاً گهٽ آهي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا عياشي جويي
صاحب ڪئي آهي ته اها آهي ڪتاب خريد ڪرڻ، پڙهڻ ۽
هنڊائڻ.
جويو صاحب شايد انهيءَ نظريي جو هجي ته دنيا جا
دوست، دنيا جي لاهن چاڙهن سبب منهن مٽائي پاسائتا
ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ’ڪتاب‘ اهڙا ساٿي آهي، جيڪي
هر وقت ۽ هر حال ۾ ساڻ رهي ساٿ نباهين ٿا. ڪنهن
ڏاهي جي چواڻي:
My Never Failing Friends Are They
With Whom I Converse Day by Dauy
سچ آهي به ائين ته ڪتاب سڀ کان سٺا ساٿ نباهيندڙ
ساٿوڙي آهن.
ٽيڪسٽ بوڪ رائيٽر:
جويي صاحب کي، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي اٿاهه تجربي سبب،
درسي ڪتاب لکڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو هڪ خاص ڏانءُ ڍنگ ۽
بيش قيمت آزمودو آهي. پاڻ معياري درسي ڪتاب تيار ڪرڻ
جي وڏي صلاحيت رکي ٿو. هن وقت، سنڌ ۾ ڪو اهڙو
عالم، اديب ۽ ليکڪ ڪو نه سُجهي، جيڪو انهيءَ فن ۾
سندس مقابلو ڪري سگهي.
آءُ 1972ع کان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سان هڪ ليکڪ سند
يافته لکندڙ (commissioned
author)
لکندڙ، مقابلي ۾ لکندڙ (competitive
writer)
ليکڪن جي پئنل (panel
of writers)
۾ شامل حيثيت سان لاڳاپيل رهندو آيو آهيان. ساڻس
گڏجي ڪم پڻ ڪيو اٿم. سچ ته جويي صاحب جي سرواڻيءَ
۽ رهنمائي ۾، درسي ڪتابن لکڻ ۽ تاليف ڪرڻ (editing)
جو فن، مون جويي صاحب کان سکيو آهي.
جويو ۽ سنڌي ادبي بورڊ:
جويو صاحب، پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو، سنڌي
ادبي بورڊ سان لاڳاپيل رهيو آهي. بورڊ کي هڪ
’اداري‘ جي حيثيت ۽ شڪل ڏيڻ ۾ سندس فعال ڪردار
تحسين جوڳو آهي. سندس نگرانيءَ ۾ ڪئين ڪتاب شايع
ٿي چڪا آهن.
هن وقت جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي،
جڏهن بورڊ مالي مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهي. مالي
مسئلن جي صورتحال بورڊ جي ڪارڪردگيءَ تي منفي
اثرات وجهي ڇڏيا آهن ۽ جويو صاحب انهن ڏکين حالتن
کان پريشان آهي، پر پنهنجو حوصلو قائم رکندو اچي،
ڏکيا ڏينهن نيٺ ته ختم ٿيندا. بقول ابراهيم منشي:
گوندر ويندا گذري!!
بورڊ کي ٻيهر اوج تي رسائڻ لاءِ ڏاڍو فڪرمند آهي.
علمي ادبي معيار:
جويو صاحب اهل دل هجڻ سان گڏ هڪ ناميارو اهل قلم ۽
اهل علم آهي. مختلف مضمونن (subjects)
۽ موضوعن (Topics)
تي ٿوڙي وقت ۾ گهڻو لکي ويندو آهي.اصلي لکڻين کان
علاوه هڪ عمدو
ترجمي نگار پڻ آهي. جويو صاحب جڏهن به چاهي، جيترو
به چاهي، ڪنهن به موضوع تي لکي سگهي ٿو. جويو صاحب
’قلم‘ جو ڌڻي آهي!
مون پهريون ڀيرو، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيل ڪتاب ’ايميلي عرف تعليم‘ پڙهيو ته مون کي ڏاڍو
پسند آيو. نظريه تعليم جي حوالي سان هيءُ ڪتاب
استادن لاءِ لاڀائتو مواد مهيا ڪري ٿو. ڪنهن ڪتاب
جو ترجمو ڪرڻ ايڏو مشڪل نه آهي. البت ڪتاب جي
چونڊ ڪرڻ ۽ ان جو معياري ترجمو ڪرڻ زياده اهم آهي.
ترجمي کان علاوه سندس ڪافي ٻيا ڪتاب شايع ٿي چڪا
آهن.
انداز تحرير
(Diction):
جويو صاحب، عالمي معيار جهڙو هڪ وڏو نثر نگار آهي.
سندس طرز ادا ۽ اسلوب بيان
(style)
۾ اُستادانه رنگ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. سندس
محاورو پڪو، جملن جي بيهڪ عمدي، فطري رواني، مشڪل
پسنديءَ کان آجي آهي. جويو صاحب ڌارين، غيرضروري ۽
بيمار محاورن ۽ اصطلاحن کان پاسو ڪندو آهي. سندس
تحرير ۾ فن ۽ فڪر جا روز روشن اهڃاڻ موجود آهن.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون:
جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ
لاءِ گهڻي وقت کان اڻٿڪ ڪوششون وٺندو ۽ پاڻ
پتوڙيندو رهيو آهي. پاڻ تنظيمي صلاحيتون رکي ٿو.
انهن لياقتن کي ڪم آڻيندي، هن هم خيالن،اديبن،
ليکڪن ۽ شاعرن جي تعاون سان’سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت‘حيدرآباد، قائم ڪري ورتي آهي، جتان پراڻا ۽
نوان ڪتاب پهريون يا ٻيو ڀيرو ڇپائي پڌرا ڪيا ويا
آهن. ناياب ڪتابن کي ٻيهر ڇپائيءَ هيٺ آڻي محفوظ
ڪري ڇڏڻ ۾ جويو صاحب گهڻن کان اڳرو آهي.
جويي صاحب جي اها خوبي آهي ته هو صاحب سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ سياست جي حوالي سان
ڪنهن به مشوري يا صلاح کي نظرانداز ناهي ڪندو.
1974ع کان مون ڊي-فل جي مقالي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو. اخبار ’الوحيد‘ جو ’سنڌ آزاد نمبر‘، جيڪو
1936ع ۾ شايع ٿيو هو، سو اڻلڀ ٿي چڪو هو. مون
محسوس ڪيو ته ان نمبر کي تاريخي ريفرنس طور ٻيهر
شايع ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾، جويي صاحب کي خط
لکيم ته ’الوحيد نمبر‘ ٻيهر ڇپائي ، عام ڪيو وڃي.
1979ع ۾ جويي صاحب جي قائم ڪيل ’سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت‘ پاران ’الوحيد سنڌ آزاد نمبر‘ ٻيهر
شايع ڪيو ويو. انهيءَ باري ۾ هڪ ڀيرو وري عرض ڪندس
ته ان کي ٽيهر پڪي جلد ۾ شايع ڪيو وڃي. انهيءَ
لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو گهڻو ڪجهه ڪري
سگهي ٿو.
مڃتا:
جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي جيڪا خدمت
ڪئي آهي، تنهن جو مثال نٿو ملي، انهيءَ سلسلي ۾
سندس ڪارنامن کي مڃتا جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن طرفان، جويي صاحب کي
مڪمل حمايت ۽ سهڪار حاصل رهندو آيو آهي، کيس مداحن
۽ قدردانن وٽان جيڪا پذيرائي مليل آهي، تنهن کان
بيحد مطمئن آهي ۽ اهڙو اظهار علمي، ادبي محفلن ۽
ميڙاڪن ۾ ڪندو رهندو آهي. ڪنهن دانشور جو قول آهي
ته عزت ۽ توقير گهري ناهي وٺبي، پر حڪم هلائي وٺجي
ٿي.
‘Respect is commanded but not demanded’
هونئن ته ڀلئون ڀل جو ڇيهه آهي ئي ڪونه، پر جويو
صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هڪ وڏي حلقي تي ڄڻڪ سندس
راڄ
(Domain)
قائم آهي. اهوئي سبب آهي جو جويي صاحب جي شخصيت
ڪڏهن به تڪراري
(controversial)
نه رهي آهي ۽ هو مختلف طبقن ۽ مڪاتيب فڪر ۾ يڪسان
طور مقبول بنجي چڪو آهي. اهوئي انساني زندگيءَ جو
مقصد ۽ معراج آهي.
نبي بخش کوسو
محمد ابراهيم جويو - هڪ نظر ۾
وڏن جي باري ۾ جاگيردارانه دور جو نظريو اهو ئي
رهيو آهي ته جيڪي وڏا چون، تنهن تي آمنا صدقنا
چئجي. سرمائيدارانه دور وڏن کي هڪ
Commodity
يا جنس سمجهندي، مٿن گهٽجندڙ ڪارجن جو اقتصادي
نظريو لاڳو ڪري ٿو، ۽ سماجوادي نقطي نظر هر
ماڻهوءَ جي باري ۾ اهو آهي ته ان سماجي اوسر ۾
ڪهڙو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، ان کي ڏٺو وڃي.
جيتوڻيڪ اسان وٽ جاگيرداري دور مرڻ وارو آهي، پر
ان هوندي به ان جون باقيات اڃا باقي آهن.
سرمائيداري دور اڃا سنڌ ۾ پاڻ نه مڃائي سگهيو آهي.
البت سماجوادي نظريا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٽهيءَ کان
وٺي سخت پختا ٿي اُڀريا آهن. ان ڪري منهنجي هن
مضمون ۾ جويي صاحب لاءِ جاگيردارانه باقيات موجب
عزت ۽ احترام سان گڏوگڏ سماجوادي نقطه نظر کان ڇنڊ
ڇاڻ پڻ هوندي.
جويي صاحب جو مون سان ذاتي لاڳاپو، سڌو سنئون نه،
پر اڻ سڌيءَ طرح يعني شيخ اياز جي ذريعي رهيو آهي.
ان ڪري مان جويي صاحب جي ذات تي ڪونه ڳالهائيندس،
البت مون کي جويي صاحب جي سياسي سيرت ۽ ادبي ساڃهه
جي ڄاڻ آهي، ان ڪري مٿس ان پس منظر ۾ ئي
ڳالهائيندس.
جويو صاحب، سياسي طور، سڀ کان پهريائين جي.ايم.
سيد کان متاثر نظر ٿو اچي، پر اڳتي هلي جويي صاحب
’حق‘ جي ڳولا ۾ ايم. اين راءِ جي نظرين جو پيچرو
پڻ سنڀاليو. ان ڪري جويو صاحب سياسي طور تي لساني
قوميت ۽ انقلابي انسان دوستيءَ جو اهڃاڻ آهي. ان
سموريءَ سياسي سوچ کيس سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ سدس جاکوڙ ان گاڏڙ سياسي سوچ
جو پرتو آهي. سائين جي.ايم.سيد جو تصوف ۽ ايم. اين
راءِ جو
Redical humanism
هڪٻئي کي تمام ويجها آهن، ان ڪري جويي صاحب کي
انهن ۾ ٽڪراءُ ڪونه ٿو نظر اچي، البت ان ڳالهه
جويي صاحب کي آئيندي جي فڪر سان گڏ ماضيءَ ڏي موٽڻ
پڻ سيکاريو آهي. البت جويي صاحب جا سمورا سورما يا
ته سنڌ جا صوفي لاڪوفي آهن، يا دنيا جا اهي
Heretic،
جن اظهار جي آزاديءَ ۽ انساني سوچ جي اوسر لاءِ ڪم
پئي ڪيو آهي. البت، يا ته جويي صاحب جي سرڪاري
ملازمت جي مجبورين، الائي سندس ماضيءَ جي نظريي
ڪارڻ، جويي صاحب کان اهي سمورا سورما ۽ سوچ وسري
وئي آهي، جن سماج کي پنهنجيءَ ڏات نه، پر لوچ ۽
جدوجهد سان نئين سر جوڙيو آهي.
مون ڊاڪٽر ڪي. ڪي. عزيز جي پاڪستان جي تاريخي
موادن واري ڪتاب ۾، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي
ڪميٽيءَ جي ميمبرن، ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ جي هڪ ڪتاب جو
حوالو لکيل ڏٺو آهي، جنهن جو عنوان آهي
‘Save Punjab, Save th Continent’
۽ ان ڪتاب جو مقصد مذهبي وطنيت بجاءِ لساني وطنيت
جي نظرين کي اڳتي وڌائڻ هو. ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽ
پهريان ماڻهو هئا، جن لساني وطنيت کي فرقي پرستيءَ
جي زهر جو ترياق ڄاڻايو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته
جويو صاحب، پوءِ ئي سهي، ان ترياق جو ان ساڳئي
نقطي نظر سان
‘Save Sindh,Save the continent’
ذريعي پرچارڪ بڻيو. مون کي خبر ناهي ته جويو صاحب
ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ جي ڪتاب کان متاثر ٿيو آهي يا نه،
پر هو ڊاڪٽر اڌيڪاريءَ جي نظريي کان گهڻو متاثر ٿو
ڏسجي، البت سندس نظرين تي ايم. اين. راءِ جي ڇاپ
اڃا سوڌو چٽي پيئي پسجي.
جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو
ڀنڊار بنائڻ آهي. پر مان ڀانيان ٿو ته جويي صاحب
جو ان کان به اتم ڪارنامو’مهراڻ‘ جي ايڊيٽري آهي.
’مهراڻ‘ سرڪاري رسالو هوندي به جنهن کلئي
نموني’سنڌيت‘ جو پرچار ڪندو رهيو، اهو شايد ڪو
رسالو ڪري. البت ان جي ايڊيٽوريلن ۾ سنڌ جي ثقافتي
ورثي تي وڌيڪ ڌيان ٿي ڏنو ويو. جويي صاحب کي
برٽرانڊرسل وانگر بورڊ جي ملازمت مهل ڪافر، زنديق
۽ بداخلاق سڏيو ويو. کيس اهڙن ماڻهن اهي لقب ڏنا،
جيڪي يا ته جاسوسي کاتي لاءِ ڪم ڪندا هئا، يا انهن
جو اهو اخلاق هو ته پنهنجي پيءُ کي گهوڙن جي
طنبيلن ۾ سمهاريندا هئا. ان مخالفت البت جويي
صاحب کي ’روح رهاڻ‘ ۽’سنڌي ادبي سنگت‘ جي روپ ۾
وڏو ساٿ مهيا ڪري ڏنو، ۽ ان جهيڙي سنڌ ۾ نظرياتي
نرواريت
(Ideological Polarisation)
کي جنم ڏنو، ۽ جويو صاحب سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ان
نرواريت جو اهڃاڻ پڻ آهي.
جويي صاحب ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ ذريعي ڪم
ڪري، اهو ايمان پڻ پختو ڪيو آهي ته اديبن جي
اجتماعي ڪوشش، سرڪاري ڪوشش کان وڌيڪ سڦل ٿي سگهي
ٿي.
جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته جويو صاحب تصوف
Radical Humanism
کان وڌيڪ متاثر آهي، ۽ ڇا ڪاڻ ته انهن نظرين ۾
مونجهارو گهڻو آهي، ان ڪري جويو صاحب پڻ ڪڏهن ڪڏهن
سياسي ڪم ۽ پورهئي جي ڀيٽ ۾ لفظن جي ڏات کان متاثر
پئي ٿيو آهي.
مون هڪڙو دفعو سيد سبط حسن کان سندس ڪتابن لکڻ جي
رفتار بابت جڏهن پڇيو هو، ته ان وراڻيو هو ته ”موت
کان اڳ آءُ پنهنجي نظريي جو قرض چڪائڻ ٿو چاهيان“.
مان ڀانيان ٿو ته جويي صاحب تي اها ڳالهه لاڳو ٿي
سگهي ٿي ۽ مان جيڪو رسم دعا جو قائل ناهيان، سو پڻ
جويي صاحب جي وڏيءَ ڄمار لاءِ دعا ٿو پِنان .
تاج بلوچ
سانوري
سانجهه، جرڪندڙ جذبا
”تو هن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ان ڪري تون هن تي
ٻين کان بهتر لکي سگهين ٿو“. دوستن، حجت ۽ قرب مان
ڪوٺ ڏيندي چيو.
چيم، ”اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته مان گذريل ڳچ عرصي کان،
کيس ويجهو رهيو آهيان.“
سوچ جي ٻي ڪڙي:
”پر مون کي اها به ڄاڻ ڪانهي ته منهنجي هن سان
پهرين گڏجاڻي ڪڏهن ٿي هئي ۽ ڪهڙي سڄڻ ساڻس، سڃاڻ
ڪرائي هئي؟“
سوچ جو هڪ سلسلو:
”اين.جي وي. هاءِ اسڪول جي عمارت جي سرونٽ ڪوارٽرن
جي پاسي واري هيٺئين حصي ۾، مون هن کي سندس آفيس ۾
ڪم ڪندي ڏٺو هو“.
هڪ آواز:
”هي اُهو شخص اٿئي، جيڪو پيڙيل ۽ مظلوم قوم جي
ڇوٽڪاري لاءِ هڪ پيڙهي تيار ڪرڻ جي ڏس ۾، جاکوڙ
ڪري رهيو آهي.“
انهن ڏينهن ۾، مان بيٺڪي راڄ جي پوئين ۽ سامراج جي
تازي شوشي، ’پيڙهي-وڇوٽيءَ‘ جي تبليغ ۾ رڌل هوس.
جنهن به شخص جي مٿي ۾ پريا ڏسندو هوس، ته مون کي
اهو ماڻهو پوئتي ڀاڄ کائيندڙ ۽ مدي خارج خيالن جو
لڳندو هو.
هڪ ڀيري منهنجو سندس آفيس واري پاسي ڏانهن وڃڻ ٿيو
هو ۽ سندس آفيس جي ڪاريڊور مان مٽيندي، دل ۾ خيال
آيو هو ته ساڻس گڏجاڻي ڪجي؛ پر مون سندس ڪمري ۾
وڃڻ کان لنوايو هو.
”چئبو ته ساڻس ملڻ کان ڊڄين ٿو؟“ اندر مان هڪ آواز
اُٿيو هو.
مان اندر مان آيل سوالن جي موٽ به نه ڏيئي سگهيو
هوس- ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هڪ ميڙ ٿيو، جنهن
۾ ڪيترائي دوست آيا. هو به انهن ۾ شامل هو.
مانائتو، سڀ کان نرالو، اهم ۽ ٻاجهارو.
”تون صفا ڀوڪ-بصر آهين“. خاموش ۽ ڳنڀير وايومنڊل
۾، اسان جو هڪ ٻيو پيارو ۽ البيلو ساٿي، پوهوُ،
ڪنهن سان اٽڪي پيو هو.
ارڏا، اڙٻنگ، گاريال ۽ ڏاڍا ماٺيڻا ماڻهو، منهنجو
آدرش پئي رهيا آهن؛ اُن ڪري مون به پهرينءَ ئي
گڏجاڻيءَ ۾ پوهوءَ سان اٽڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”اڙي بس ڪر لوفر!“ ۽ پوهوءَ مون کي اُٿڻ ئي نه ڏنو
هو.
”پوهو، ڏاڍائي ڇڏ-دوست تو سان ڪيڏي نه قرب، اخلاق
۽ عقل سان ڳالهائي ٿو ۽ تون کيس گُٿا لفظ ٿو
ڪڍين؟“ هن پنهنجي نور سان ٻرندڙ چهري ۾ گُهنڊ
وجهي، پوهوءَ کي پيار وارو دڙڪو ڏنو هو
-
۽ پوءِ پوهو سمورا ليڪا لتاڙي ويو .
۽ پوءِ هُن سان هر جمعي جي پوياڙيءَ جو نئين سنڌ
اسيمبليءَ جي عمارت يا ميٺارام هاسٽل جي ڪنهن به
سڄڻ جي ڪمري تي گڏجاڻيون ٿينديون رهيون.
هن جي ويجهي اچڻ سان، من جو وايو منڊل، ڳرڻ لڳندو
هو:
’هي اهو شخص اٿئي، جيڪو پيڙيل ۽ مظلوم قوم جي
ڇوٽڪاري لاءِ، هڪ نئين پِيڙهي تيار ڪرڻ جي ڏس ۾
جاکوڙ ڪري رهيو آهي.‘
|