سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :30

سنڌ ۾ ’آتش نمرود‘ جو تاءُ، اڄ به اوج تي آهي. خُدا شل ان آتش نمرود ۾ جلندڙ سنڌ ۽ اُن جي ابراهيم جي حياتيءَ ۾ ئي اُن آڙاهه کي ٺاري ۽ ’گلزار ابراهيمي‘ ڪري. آمين!

مقصود گل

محمد ابراهيم جويو

اسان جي سهڻي سنڌڙي ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جو ڏيهه آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪيئي اهڙا قلم ڌڻي پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي ڏات ۽ ڏيا سان پنهنجي جوُءِ کي جرڪايو آهي. اڄ مان اوهان کي اهڙي علم ۽ ادب جي ڀنڊار سان ڪچهري ڪرائيندس، جنهن پنهنجي سڄي حياتي قلم جو پورهيو ڪري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت پئي ڪئي آهي. اهو مانوارو سائين ابراهيم جويو آهي، جنهن جي زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن جي باري ۾ اوهان کي ٿوري معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

اسان جو هي جڳ مشهور ڏاهو، 13 آگسٽ 1915ع ۾ ڳوٺ آباد، تيرٿ لڪي، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ هاريءَ محمد خان جويي جي گهر ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ آباد ۽ تيرٿ لڪيءَ ۾ حاصل ڪيائين.

سائين ابراهيم جا والدين ٻهراڙيءَ جا رهاڪو ۽ هارپي جو پيشو ڪندڙ مسڪين ماڻهو هئا، پر هن ننڍڙي ٻارڙي جي ذهن ۾، ننڍي هوندي کان ئي علم سان چاهه فطري طور تي موجود هو. سندس وڏن به هن ٻارڙي جي شوق ۾ ڪا رڪاوٽ نه وڌي ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر، سندس هر ممڪن مدد ڪري کيس پڙهڻ لاءِ راهه هموار ڪري ڏني.

شروعاتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ محمد ابراهيم جويو انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1927ع ۾ سن آيو. هن ذهين ۽ محنتي شاگرد جو صلاحيتون، سائين جي ايم سيد پرکي ورتيون ۽کيس پنهنجي خاص قرب ۾ رکيو. اهڙيءَ طرح کيس سيد جي سڪ ۽ صحبت مان کوڙ سارا محبت ۽ مقصد جا موتي مليا. 1931ع ۾ سن مان تعليم مڪمل ڪري پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پهتو  ۽ اهڙيءَ طرح کيس تعليم جي تلاش ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ايس. ٽي. ڪاليج بمبيءَ وڃڻو پيو.

بي. اي ۽ بي. ٽي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ سائين ابراهيم جويو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي پيشي سان واڳجي ويو ۽ استاد بڻجي علم جي روشني عام ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. اهڙيءَ طرح پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جي سهاري هي تعليمي ماهر، تعليم کاتي جي اعليٰ عهدن تي وڃي پهتو. بلند مرتبو ماڻڻ کان پوءِ به سندس سادگي ۽ خلوص ۾ ڪو فرق نه آيو ۽ هو هميشه ننڍن توڙي وڏن سان خوش خلقي ۽محبت سان پيش ايندو رهيو.

اسان جو هي عالم ۽ اديب، تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ، ادب جي ميدان ۾ به پاڻ موکيندو رهيو. سندس قلم جي نوڪ مان نڪتل ڪيئي تعليمي ۽ ادبي ڪتاب اڄ به سنڌي ادب ۾ هن اعليٰ اديب ۽ تعليمي ماهر جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن جي سند طور موجود آهن. اسان جي هن ڏاهي نئين نسل کي شعوري سجاڳيءَ جا سبق ڏئي، ذهني روشني پکيڙڻ لاءِ خوب جاکوڙ ڪئي آهي ٻارن ۽ نوجوان نسل لاءِ لکيل سندس بي شمار مضمون ۽ مقالا موجود آهن. ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل سندس ڪتاب ’ٻارن جو مسيح‘ 1980ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ جي ٻاراڻي زندگيءَ جي حوالي سان ٻارن کي ڪامياب زندگيءَ جا اصول سمجهايل آهن.

هن سچي قلمڪار جو قلم هر وقت ۽ هر دور ۾ سچ  جو آواز بلند ڪندو رهيو آهي. اسان جو هي ترقي پسند اديب، پنهنجي لکڻين ذريعي هميشه سنڌي قوم جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مسئلن جو چٽائيءَ سان اظهار ڪندو رهيو آهي.

سندس لکيل ڪتابن مان ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘، ’ايملي عرف تعليم‘،’وحشي جيوت جا نشان‘،’گليلو‘،’فڪري جي آزادي‘،’شاهه، سچل سامي‘،’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘،’ٻارن جو مسيح‘،’ فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘،’علم تدريس مظلومن لاءِ‘، ’محڪريءَ جا مضمون‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو بي بها سرمايو آهن.

سائين محمد ابراهيم سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ادبي سالي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري طرفان شايع ٿيندو آهي، انهيءَ جو باني ايڊيٽر ۽ بورڊ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو آهي، انهيءَ کان سواءِ هفتيوار ’هدايت‘ رسالي جو به ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي رهيو آهي.

جويو صاحب ، سنڌي ڪتابن جي هڪ اشاعتي اداري جو نگران ۽ اڳواڻ به آهي، اهو ادارو ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، جي نالي سان حيدرآباد ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ هن اداري طرفان شايع ٿيل نثر ۽ نظم جا ڪتاب سنڌي ادب ۾ چڱو واڌارو ڪري چڪا آهن.

اسان جو هي جڳ مشهور ڏاهو نه صرف عالم، اديب، ليکڪ، مترجم ۽ دانشور آهي، پر هڪ مٺڙو ۽ محبتي ماڻهو به آهي: جيڪو به هن هردل عزيز ماڻهوءَ سان هڪ ڀيرو ملندو، سو سندس قرب ۾ ڪڙجي ويندو آهي.

هي هڪ اڻ ٿَڪڻو انسان آهي، جيڪو پنجهتر سالن جي پيچري تي پير پائي چڪو آهي، مگر سندس جاکوڙ جو جذبو جوان آهي، هو اڄ به نوجوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي منزل طرف پوري رفتار سان هلندو پنهنجي ايندڙ نسل کي گس  جو ڏس ڏيندو هلي ٿو.

سندس چوڻ آهي ته :

”ٻار اسان جي مستقبل جا اڳواڻ ۽ سرواڻ آهن . آئيندي جو علم سندس هٿن ۾ هوندو . انهيءَ ڪري سندن ذهني تربيت لاءِ کين صحتمند ادب مهيا ڪري ڏنو وڃي“

اسان جو هي بزرگ اديب ۽ علم جو اڳواڻ پنهنجي هٿ ۾ روشنيءَ جي جرڪندڙ مشعل کنيو، اسان کي روشن منزل ۽ اجري مستقبل جو ڏس ڏسيندو هلي ٿو. اسان کي گهرجي ته سندس ٻاريل مشعل کان ڏيا لاٽ وٺي روشنيءَ مان روشني پکيڙي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي اونداهين کان آجپو ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.

اسان جي تمنا آهي ته اسان جو جوان جذبن وارو هي پنجهتر سالن جو پوڙهو ڏاهو جڳ جڳ جيئي ۽ نئين نسل جي ادبي اڳواڻي ڪندو رهي.

[سلسلو ’اسان جا  ليکڪ‘، عوامي آواز، 8 مارچ 1991ع]

عاصم آخوند

سنڌي سماج جي اوسر ۾ جويي جو ڪردار

انساني تاريخ جي ارتقا جي سلسلي ۾ هڪڙا سماج ٻين سماجن کي پنهنجو مطيع ۽ غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ۽ اسين اهڙي سماجي ڍانچي کي، جنهن ۾ هڪڙا سماج ٻين سماجن جا غلام ٿي پوندا آهن، شهنشاهيت يا سامراجيت جي اصطلاح ذريعي انساني ذهنن کي ان راڄ جي نوعيت کان آگاهه ڪندا آهيون. هڪ سماج ٻئي سماجي کي پنهنجو ٻانهو تڏهن ئي بنائي سگهندو آهي، جڏهن دنيا جي گولي تي موجود ڌار ڌار سماجن جي ارتقا جي سلسلي جي ڏاڪن ۾ فرق ٿئي ٿو. هڪڙا  ارتقا يا اؤسر جي اڳئين ڏاڪي تي هوندا آهن ۽ ٻيا پوئتي رهجي ويندا آهن. پر اهي پوئتي پيل، مطيع، ٻانها سماج اُن سامراجي سماج جي مثبت پاسن ۽ رخن کي قبولي پاڻ اُسريل سماجن جي برابر ۽ آزاد ٿيڻ جو جُهدُ ڪندا آهن ۽ان وقت سامراجي سماج مرندڙ، رجعت پسند ۽ پوئتي پيل ملڪ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ائين ئي هر سامراج جو موت آيو آهي. انگريز شهنشاهيت به ائين ڊٺي ۽ آمريڪا سامراج به پنهنجي پڄاڻيءَ تي ائين ئي پهچندو.

پر پوئتي پيل ملڪن جي اها به بدقسمتي رهي آهي ته انهن ئي ملڪن ۾ ارتقا مخالف، ترقيءَ ڏانهن نه وٺي ويندڙ خيالن ۽ مفادن جا والي ۽ وارث به موجود هوندا آهن، جيڪي پنهنجي مفادن کي سامراج سان ساڳيائيءَ ۽ هيڪڙائي ۾ پسن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته اِهي طبقا وري پاڻ جهڙن ٻين کي مطيع ڪريو ويٺا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح آزاديءَ جي پروانن کي ساڳئي وقت ٻه جهد ڪرڻا پوندا آهن. هڪ پاسي هو اهو جُهد پنهنجي ذات سان، پاڻ سان، پنهنجي ڪٽنب سان، پنهنجي ئي سماج ۾ موجود خيالن سان ۽ غلاميءَ جي پنهنجي ئي ملڪ ۾ موجود صورت وڏيرا شاهيءَ ۽ سرمائيداريءَ سان ڪندا رهن ٿا؛ ٻئي پاسي سامراج ۽ اُن جي ساٿارين سان لڳاتار لڙائي لڙهندا رهندا آهن- ۽ ها، آزاديءَ جي ڪا ٽين واٽ ممڪن به ناهي ۽ ائين ئي چين ۾، ويٽنام ۾ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيو.

انهيءَ آزاديءَ، آجپي ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انيڪ انقلاب پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ اُهي پنهنجي جيون کي ان جُهد ۾ ارپي ڇڏيندا آهن، جديد انساني دؤر جو ڪمال اِهو آهي، ته هن دؤر ۾ اهڙا ته فرد ۽ شخص پيدا ٿي پيا، جيڪي ڪنهن به آسماني دعويٰ کان سواءِ انسانن لاءِ رهنما رهبر بنجي پيا. انسان لاءِ انسان جو ئي آدرش انساني سماج جي ارتقا ۾ هڪ مٿانهين ۽ اوچي وک آهي.

اهڙيءَ ئي طرح اهو جُهدُ اسان جي سنڌ اسان جي ماتر ڀومي به ڪندي آئي آهي ۽ اُنهيءَ جُهد ۽ لڙائيءَ ۾ اسان جي سنڌ ۾ ڪيترن ئي انيڪ پروانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙو هڪ آزاديءَ جو جيالو ۽ سرسيتائي محمدابراهيم جويو آهي.

جارجي پليخانوف پنهنجي هڪ مضمون ”تاريخ ۾ فرد جو ڪردار“ ۾ لکيو آهي. ”هڪ اعليٰ انسان ان ڪري اعليٰ نه آهي، ته هُن جون ڪي ذاتي صفتون ۽ خاصيتون تاريخي واقعن کي ڪا انفرادي حيِثيت بخشينديون آهن،  پر ان ڪري جو اها اعليٰ شخصيت اُن سڀني گڻن جي مالڪ هوندي آهي، جيڪي هن کي پنهنجي دؤر جي اعليٰ آدرشن ۽ عام ضرورتن جي خدمت جي اهل بڻائينديون آهن- ۽سچ پچ ته محمد ابراهيم جويي ۾ اهي سڀ صفتون موجود آهن، جن جي ڪري هو سنڌواسين ۽ سنڌ- آدرش جي خدمت ڪري سگهيو ۽ ان ۾ ئي هُن جي  عظمت آهي.

انگريز سامراج جي راڄ جو دؤر هو ۽ اُن جي غلاميءَ جا پاسدار اسان تي راڄ ڪري رهيا هئا. هڪ پاسي انگريز سامراج اسان جي جسم کي ڄؤر وانگر چهٽيل هو ۽ ٻئي پاسي وڏيرن، سيٺين ۽سرمائيدارن جي هندو-مسلمان نفاق واري سياست جا ماريل عام ماڻهو هئا. هر رخ کان اسان جي آزاديءَ ۽ آجپي جي لڙائيءَ ۾ رنڊڪون وڌيون پئي ويون. اُن ئي وقت هن سرسيتائي ۽ ڪامريڊ ساٿي محمد ابراهيم جويي سنڌ واسين کي چيو: ’سنڌ بچايو! ننڍو کنڊ بچايو! وڏيرن کان، سرمائيدارن کان ۽ اُنهن جي نفاق جي سياست کان.“ شل اسين هن انقلابيءَ کي اوڻيهه سئو  ستيتاليهن کان اڳ ”ها“ ڪريون ها ته سچ پچ ته اڄ اسان جي ۽ سڄي کند جي تقدير ئي ڪا ٻي هجي ها!

سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ واسين کي اهڙا ڪتاب ۽ مضمون ڏنا آهن، جيڪي سندن سوچڻ جي روايتي ۽ وهمي انداز کي تبديل ڪن ٿا، غلاميءَ جو شعور ڏين ٿا ۽ آجپي، خوشحاليءَ ۽ آزاديءَ جا خواب ڏيکارين ٿا ۽ ڳيچ ڳارائين ٿا:

اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها،

ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ.

جن آزاديءَ جا گيت چيا،

سا آزادي ڪٿ نيندي آ،

سا آزادي ڪيئن ايندي آ!

محمد ابراهيم جويي هر دائري ۾، هر کيتر ۾ لڙائي لڙي آهي. هڪ پاسي هُن سنڌ واسين کي جديد علمن ۽ فڪرن سان متعارف ڪرايو ۽ هُن وهم پرستي، ملائيت، پيري مريديءَ ۽ انهن جي آقا ۽ سرپرست وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي حقيقت واضح ڪئي ۽ ٻئي پاسي اوڻيهه سئو ستيتاليهن کان پوءِ ٺاهيل ڪوڙي ۽ عوام راڄ جي خلاف وڙهڻ، لڙڻ ۽مرڻ جو ساهس ڏنو.

سنڌ جي مٿان ون يونٽ جو راڄ هو ۽ جڏهن هر پاسي، هر طرف نراسائي ۽ نااُميديءَ جا هوڪا ڏنا پئي ويا ته اسان جي پنهنجي ٻولي، سنڌي ٻولي مري  رهي هئي، تڏهن هن مجاهد چيو پئي ته ’همت نه هاريو، اسان جي مٿان ڪيترائي تاريخي دؤر آيا، پر اسان جي ٻولي، سنڌي ٻولي نه مرندي، هر بار هر ڀيري نئون روپ وٺي سدا جيئندي ۽ جياپي  جو جهد لڙندي رهندي. رڳو اُميد رکو ۽ ويڙهه ڪريو.‘

مجاهد اُهي نه آهن، جيڪي ڏورانهن ڏيسن ۾ بي مقصد هنبوڇيون هڻندا وتن، حقيقي مجاهد اُهي آهن، جيڪي پنهنجي ديس واسين کي، پنهنجي ساٿين کي انقلاب ۽آزاديءَ جو آدرش سيکارين- ۽ محمد ابراهيم جويو ان  آدرش تي پورو  لهي ٿو اچي. ان ئي معنيٰ ۾ هوسنڌ جي پورهيتن ۽ دنيا جي پورهيتن جو عظيم مجاهد آهي.جڏهن اڄ وري سنڌي ٻوليءَ تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ اڄ ٻولڙيا دانشور اُنهن حملن ۾ ساٿاري ٿي بيٺا آهن، تڏهن به هي اڙٻنگ مرد، سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ پروميٿيس جو روپ وٺي بيٺو آهي.

اڄ جي دؤر ۾ اسان کي عام مترجم ۽ اُهي جيڪي بامقصد ترجمو ڪن ٿا، تن ۾ واضح ۽  چٽو فرق ڪرڻو پوندو، محمد ابراهيم جويو، رڳو مترجم ناهي، پر هو ترجمي لاءِ انتخاب ڪنهن مقصد خاطر، انقلابي آدرش خاطر ڪندو رهيو آهي- جڏهن ته اڄ  هر ڪتاب، ان سمجهه کان سواءِ ته اهو عوام لاءِ ڪيترو ڪارگر آهي، ترجمو ڪيو وڃي ٿو. ان ئي نتيجي ۾ سنڌ جي عوام جي سوچ به اڳتي نٿي اُسري. محمد ابراهيم جويي جا ترجمو ڪيل ڪتاب،

’وحشي جيوت جا نشان‘،’فرينچ انقلاب‘،’علم تدريس مظلومن لاءِ‘،’گليلو‘،’فڪر جي آزدي‘ ۽ ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جا شهپارا آهن.

يونان جي فڪري تاريخ ۾ مختلف دؤر گذريا ۽ هر دؤر يونان جي علم ۽ ڏاهپ کي اڳتي ئي نيندو رهيو. يونان جي علم ۽ ادب  جو هڪ دؤر فن جو، شعر جو ۽ ڊرامن جو رهيو آهي، پر اُن ئي دؤر جي ڪک ۾ هڪ ٻيو دؤر جنم وٺي رهيو هو، سو هو فلسفي جو ۽ سائنس جو. بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌ جي ادب تي، شعر جو، اُڌمي جو ۽ جذبي جو اثر رهيو آهي. پر سنڌ ۾ فلسفي جو، سائنس جو دؤر اڃا پورو پچي راس نه ٿيو آهي، ان علمي ۽ فڪري دؤر جي نئين سنڌ ۾ پيڙهه جو پٿر سائين محمد ابراهيم جويي رکيو، جيئن جرمن فلسفي ڪانٽ، لاطيني ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ موجود فلسفي کي جرمن ٻوليءَ جو روپ ڏنو، تيئن ئي سائين محمد ابراهيم جويي انيڪ سائنسي ۽ علمي فلسفن ۽ فڪرن کي انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جو روپ ڏنو ۽ هر عام ماڻهوءَ جي سمجهه لائق بنايو- ۽ اِهو سنڌي ٻوليءَ ۾ انقلاب هو.

ليون ٽراٽسڪيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ’1917ع جي سوشلسٽ انقلاب جو نوي سيڪڙو ته رڳو لينن جي ذهن جي پيداوار هو ۽ باقي رڳو ڏهه سيڪڙو اسان ٻين سڀني بالشويڪن جو‘ بلڪل اهڙي طرح انهيءَ سوشلزم جي نظام جي ڊهڻ وقت جڏهن هر پاسي ۽ هر طرف انساني برابريءَ جي آدرش جي ناڪاميءَ تي بغل پئي وڳا، تڏهن به سڄيءَ سنڌ ۾ سوشلزم سان وابستگيءَ ۽ سرسيتائيءَ جي پختگيءَ جي سلسلي ۾ نوي سيڪڙو ڪردار ته سائين محمد ابراهيم جويي جو هو.

سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي مختلف کيترن ۾ انيڪ شاگردن جو استاد آهي ۽ سندس ذاتي رويو اهڙو آهي، جو سدائين سڀني کي همٿائيندو رهيو آهي. آءُ به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهيان. منهنجي سڄي ذهني اوسر، حيدرآباد کان وٺي ماسڪو تائين ۽ وري  حيدرآباد ڏانهن واپسيءَ تائين، سائين محمد ابراهيم جويي جي مرهون منت آهي.

سائين محمد ابراهيم جويو، سدائين سنڌ واسين جي دلين ۾ جيئندو ۽ جاڳندو رهندو ۽ اُنهن سڀني لاءِ جيڪي نئين سنڌ جا داعي آهن، سدا حيات رهنما رهندو.

آزاد قاضي

محمد ابراهيم جويو ۽ ’مهراڻ‘ رسالو

سنڌ جي مايه ناز عالم ۽ ’ٽه ماهي مهراڻ‘ جي سالن تائين ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ اديب، مولانا غلام محمد گراميءَ، محمد ابراهيم جويي جي علمي ۽ صحافتي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته:

”جويو صاهب طباعت ۽ ايڊيٽنگ جي جديد ۽ قديم فن ۽ پريس معاملات جو وڏو ڄاڻو آهي… پاڻ ’مهراڻ‘ جي نئين دور ۾ ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي، ۽ ’مهراڻ‘، سندس فني ۽ معياري حسن نگاهه جو زنده يادگار آهي.“

محمد ابراهيم جويو، رسالي ٽه ماهي مهراڻ جو 1955 ۽ 1956 وارا ٻه سال ايڊيٽر رهيو. ان کان ’سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ (جو نئين تشڪيل موجب 1951ع کان پوءِ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ سڏيو ويو) پاران مارچ 1946ع کان ’مهراڻ‘ نالي سان هڪ ماهوار پرچو شورع ڪيو هو، جيڪو ڊبل ڪرائون جي چند صفحن تي مشتمل هو.1947ع ۾ ’مهراڻ‘ ڪرائون سائيز ۾ شروع ٿيو، جنهن جو پهريون پرچو 40 ۽ ٽيون پرچو 48 صفحن جو نڪتو، 47-1946ع واري ان دور ۾ ’مهراڻ‘ رسالي جو هڪ ايڊيٽوريل بورڊ هوندو هو، جنهن ۾ سيڪريٽري عثمان علي انصاريءَ کان سواءِ مولانا دين محمد وفاقي (چيف ايڊيٽر)، لالچند امرڏنو مل جڳتاڻي (مئنيجنگ ايڊيٽر) ۽ هرومل سدارنگاڻي (ايڊيٽر ’مهراڻ‘ طور) ڪم ڪندا هئا.

1947ع جي برصغير واري ورهاڱي، ’مهراڻ‘ جي اشاعت ۾ ناغو وجهي ڇڏيو. ۽ 1948ع ۾ صرف هڪ پرچو جنوريءَ کان جون تائين نڪتو. 1949ع ۾ ’مهراڻ‘ جي اشاعت لاءِ نئين ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمئن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ايڊيٽر خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ آغا تاج محمد کي ڪاميٽيءَ طور مقرر ڪيو ويو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ادارت ۾ 1950ع تائين مهراڻ جا جملي ٻه خاص پرچا ”لطيف سالگرهه نمبر 1949ع ۽ 1950ع“ نڪتا،  رسالو ڊبل ڪرائون ، 32 صفحن تي مشتمل هو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي سالگرهن /ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مواد ڏنو ويو هو.(·)

1950ع کان پوءِ ’مهراڻ‘ جي اشاعت ۾ ٻيهر ناغو پيو، جيڪو ڊسمبر 1954ع تائين هليو . هڪ ڀيرو وري جنوري 1955ع کان”مهراڻ“ ٽه ماهي پرچي جي صورت ۾ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هي ’مهراڻ‘ جو نئون دور شمار ٿئي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ جي نئين جوڙجڪ هيٺ جڏهن سائين محمد ابراهيم جويي  کي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ته ’مهراڻ‘ رسالي جي ادارت پڻ سندس حصي ۾ آئي.

برصغير جي ورهاڱي واري واقعي ۽ تازو اولهه پاڪستان ۾ لاڳو ٿيل ونيونٽ سبب سنڌ لاءِ مستقبل ۾ متوقع خطرن ۽ نقصانن کان جويو صاحب پوريءَ طرح باخبر هو؛ جنهن جو ذڪر هن ادبي ۽ علامتي ٻوليءَ  سان ’مهراڻ‘ جي بهار- 1955ع واري پرچي ۾ ”آزادي“ عنوان واري ”گذارش“ ۾ ڪندي لکيو ته: ”چوڻي آهي ته ”مينهن وسندا، ته چڪون به ضرور ٿينديون“، تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني  رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهري طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهيءَ سيلاب ۾، ڪي لٽجي ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر  ته بنهه ختم ٿي، لڙهي  هليون وينديون، ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون پنکڙيون، چونڊڻ، چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!

پر چڪن سان گڏ، نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾ سپون، بيابانن ۾ کاڻل تتل واري جا دڙا، ۽ بستين ۾ ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته انهيءَ آب حيات مان پنهنجو اُڃون لاهي، حياتيءَ جو ثمر حاصل ڪندا آهن.“

جويي صاحب جي مٿينءَ ’خواهش‘ وانگر سنڌ جي ٻين ڪيترن محب وطن ماڻهن/ اديبن جي به اها خواهش هئي ته ’آزاديءَ جي نعري‘ ۽ نالي ۾ هتي جيڪي ڪجهه ٿي گذريو آهي، ان کي ’تاريخ جو هڪ طوفان‘ تصور ڪندي، نت نئين عزم ۽ ولولي سان اڳتي هلجي: پر جن قوتن ورهاڱي مان به سبق حاصل نه ڪيو، تن اڳتي هلي سنڌ ۽ پاڪستان جي الهندي حصي ۾ شامل ٻين صوبن جي وچورن تي ’ون يونٽ‘ جي روپ ۾ هڪ وڏو وار ڪيو، جنهن جو پڻ جويي صاحب ساڳيءَ ’گذارش‘ ۾ ’ونيونٽ‘ عنوان هيٺ هن ريت ذڪر ڪيو آهي:

”آزادي جي وسڪاري کان پوءِ، اڄ وري اسان جي ملڪ ۾ ٻيهر آسمان آگميو آهي،  کنوڻيون کڙيون آهن، ۽ ڀريل بادل بنهه برسڻ وارا ئي آهن. مغربي پاڪستان يعني بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جي هڪ ’وحدت‘ قائم ٿي رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾، سنڌُ جا ڌنار پنهوار، هاري ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ”ڀيڄ، مولا !ڀيڄ“ به پيا ڪندا آهن، ته وڄن جا چمڪاٽ ۽ گوڙين جا ٽڙڪاٽ ٻڌي، پنهنجن ٽمندڙ ٽوئن ۽ جُهرندڙ جهوپڙين ۾، خوف وچان،  ڀنل پکيئڙن وانگر، مٿڙا لڪايو، ”الله صمد، الله صمد“ به ويٺا پڙهندا آهن! سنڌ ۾ ’ون يونٽ‘ جي مخالفن توڙي حمايتن جي به اها ساڳي حالت آهي. چوڌاري، دلين ۾ اُهي اڊڪا ٿي بيٺا آهن ته هاڻي، اسان جي ادب، اسان جي ثقافت، ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو.“

ورهاڱي ۽ ون يونٽ، وڏن طوفانن کي سنڌ تي نازل ڪيو هو، نتيجي طور سنڌ جو مخصوص تهذيبي ۽ رواداريءَ وارو ماحول بگڙي چڪو هو. جويي صاحب سنڌ جي ان خاص تهذيبي رواداريءَ واري ماحول کي واپس ڪرڻ ۽ ان ماحول کي بدلائڻ وارين استحصالي ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ لاءِ مهراڻ جي صفحن کي اثرائتي اوزار طور ڪتب آندو. ان جي هڪ جهلڪ مهراڻ 3-1956ع واري پرچي ۾ ”انسانيت“ عنوان هيٺ سندس ”گذارش“ مان نظر اچي ٿي:

”انسان ۽ انسانيت جي وچ ۾ فرق صرف حق، انصاف ۽نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز ٿي سگهي ٿو. رنگ نسل، مذهب، قوم ۽ اهڙيون ٻيون سڃاڻپ جون صفتون، قدرت طرفان، حسن، سگهه ۽ صحت جون عنايتون، زندگيءَ ۾ پنهنجي محض حاصل ڪيل علم، دولت ۽ عزت ۽ اقبال جون نعمتون- انهن مان ڪا به چيز، بذات خود، هڪڙي ماڻهوءَ کي

ٻئي ماڻهوءَ تي حقيقي فوقيت ڪانه ٿي بخشي. پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهي سڀ چيزون چڱيون ئي آهن، پر انهن مان ڪنهن هڪ جي بنياد تي

پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ اعليٰ سمجهڻ ۽ ان ابليسي عادت جي اثر هيٺ ٻين کي نفرت ۽ ٻيائيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ- فقط ان ڪري، جو هو ڪنهن ٻئي نسل، ڪنهن ٻئي مذهب يا ڪنهن ٻيءَ قوم سان واسطو ٿا رکن… اهو آهي ماڻهپي واري انهيءَ ليڪي کي ڄاڻي ٻجهي لتاڙڻ، جنهن کي انسانيت، پنهنجي سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ جُڳن جي اڻ ڳڻين ڪشٽن ڪڍڻ کان پوءِ مس مس هاڻي وڃي قائم ڪيو آهي. نظرياتي طور، اڄ ڪو به اهڙو مهذب انسان ڪونهي، جيڪو انسانيت جي انهيءَ ڪسوٽيءَ کان انڪاري هجي.“

غلام رباني آگري جي لفظن ۾ محمد ابراهيم جويي جو ”خاص ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ادب کي ’نئين سوچ‘ عطا ڪئي.“ اُن’نئين سوچ‘ کي عام ڪرڻ لاءِ هونئن ته جويي صاحب  ڪتابن ۽ ڪتابچن/ پمفليٽن کي لکڻ سان شروعات ڪئي هئي، پر ’مهراڻ‘ رسالي جي ادارت واري سونهري موقعي مان فائدو وٺندي، هن ’مهراڻ‘ کي سنڌ دوست ترقي پسند ادب جو ترجمو ڪري ڪتب آندو.

جويي صاحب، مهراڻ جي ادارت دوران هيٺين بنيادي ڳالهين طرف خاص ڌيان ڌنو:

(1) عوامي امنگن ۽ مسئلن جي ترجمان ادب ڏيڻ سان گڏ ٻوليءَ جي اصلاح ۽سڌارو-  جويي صاحب اها ڪوشش ورتي ته صحيح، صاف سٿري ۽ نج ٻولي، جيڪا  عربي، فارسي وغيره لفظن جي ملاوت کان آجي ۽ گرامر جي غلطين کان پاڪ هجي. ان کي استعمال ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ جويي صاحب ڪجهه خاص نقطن تي توجهه ڏئي ڪم جو بنياد وڌو- جهُڙوڪ: ٻوليءَ جي اصليت ۽ مفهوم سمجهڻ؛ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي بنيادن جو ذڪر ڪرڻ: سنڌي ريڊيو اسٽيشن  قائم ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار پيدا ڪرڻ؛ ٻولين جي وچ ۾ لفظن جي مٽا سٽا ۽ ڏي وٺ واري فطري عمل جي اهميت کي سمجهڻ؛ لکت واري ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ معقول ۽ مناسب لفظن جي چونڊ ۽ نج سنڌي لفظن جو استعمال وغيره .

(2) ونيونٽ لاڳو ٿيڻ ڪري الهندي پاڪستان جي سمورن صوبن- خاص ڪري سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ٿيڻ خلاف قلمي ۽ عملي ڪوشش: ان ڏس ۾ جويي صاحب ’مهراڻ‘-بهار 1955ع جي پرچي ۾ ’ونيونٽ‘ عنوان سان ايڊيٽيوريل ذريعي، ’ٻوليءَ جي بقا‘ واري مورچي تان جدوجهد جي شروعات ڪئي؛ ۽ سنڌي ماڻهن مان مايوسي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

جڏهن ’سنڌي ٻوليءَ‘ بابت اهو بحث شروع ٿيو ته ڇا سنڌي ٻولي جديد دنيا سان گڏ هلي سگهندي، جڏهن ته  اها محدود ٻولي آهي ۽ ان ۾ سائنسي لفظن جي کوٽ آهي، وغيره-‘ تڏهن ان اهم معاملي کي محسوس ڪندي، جويي صاحب ’مهراڻ‘- سرءُ 1955ع جي ’گذارش‘ ۾ ”ٻولين جي ڏي وٺ“ عنوان هيٺ لکيو ته:

”اسان جا لکندڙ هتي هي سوال اُٿاري سگهن ٿا ته ”ڇا، اسان جي  سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ذخيرو موجود آهي، جو اسان  جي مڙني ادبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي ٿي سگهي؟“ جواب ۾ عرض آهي ته ان ڳالهه جو دارومدار ضرورتن جي مخصوص نوعيت تي آهي: خالص ادبي ضرورتن يعني شعر و شاعري، افسانه نويسي ۽ تنقيد وغيره لاءِ، ۽ پڻ ٻين انيڪ علمي ضرورتن جي پورائي لاءِ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به لفظن جو ايترو ئي ذخيرو موجود آهي، جيترو دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾- فرق رڳو هيءُ آهي ته هنن ۾ خالص علمي اصطلاحن جو انداز نسبتاً زياده آهي. علمي اصطلاح انهن ٻولين ۾ ڪي اصل کان موجود ڪونه هئا: جيئن اهي ٻوليون جدا جدا علمن جي جديد ترقي يافته  صورتن سان روشناس ٿينديون ويون، ۽ جيئن جيئن سندن سماجي پس منظر، جاگيرداري دور مان نڪري صنعتي دور ڏانهن وڌندو ويو، تيئن تيئن وايومنڊل جي نين نين ضرورتن سارو انهن ٻولين ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح پڻ داخل ٿيندا ويا. ٻين ٻولين وانگر اسان جي ٻوليءَ به آئينده اهي نوان علمي  لفظ ۽ اصلطلاح ڪجهه پنهنجو پان مان پيدا ڪري،  ڪجهه ٻين ٻولين کان گهري، هٿ ڪري سگهي ٿي. سڀيئي ٻوليون اهڙي قسم جي ڏي وٺ هميشه پيون ڪن. ان کان سواءِ سندن سامهون ٻيو ڪو چارو به ڪونهي، تنهنڪري، جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ به وقت سر ٻين ٻولين کان ڪي لفظ هٿ ڪيا ته ان ۾  ڪو به اهم ڪونهي – خود کانئس به ته ٻين ٻولين ڪيترائي لفظ کنيا آهن!“

جويي صاحب، ’ٻوليءَ جي بچاءُ‘ واري جدوجهد دوران اُنهن  ماڻهن جو به مقابلو ڪيو، جن سنڌيءَ ۾ مروج ٻين ٻولين  جي لفظن جي استعمال تي ٺٺوليون ڪيون. ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ”نج سنڌي لفظ“ عنوان واري گذارش ۾ جويي صاحب لکيو ته: ”نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ڪرڻ جي صلاح ٻڌي، ڪن دوستن کي چرچو سمجهي ايندو آهي، ۽ ويٺا تاڙيندا آهن ته صلاح ڏيندڙ حضرت ڪٿي ڪو ڌارينءَ ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻي ته ڪو مزو لڳي! مطلب هي هرگز نه آهي ته سمورا ڌاريا لفظ ٻوليءَ مان چونڊي چپوٽي، هڪ هڪ ڪري، ٻاهر ڦٽا ڪري ڇڏجن! دنيا جي ڪا به ٻولي جيڪڏهن اهڙيءَ ريت  پنهنجي ’اصل نسل‘ ۽ ’خالص خاندان‘ جي رڃ پٺيان ڊوڙندي ته آخر ۾ سواءِ سڃاڻپ کان ئي نڪري وڃڻ  يا بنهه ختم ٿي وڃڻ جي، اُن لاءِ ٻيو ڪو مستقبل ئي نه رهندو! تنهنڪري، سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا جيڪي لفظ داخل ٿي چڪا آهن، نه فقط اُهي جيئن جو تين ان ۾ هميشه موجود رهندا، پر آئيندي پڻ اسان جي ٻولي اهڙيءَ ريت ڌارين ٻولين سان لفظن، اصطلاحن ۽ بيان ۽ فڪر جي طريقي جي ڏي وٺ ڪندي ئي رهندي. ٻوليءَ جي ’نج‘ استعمال مان…مراد فقط هيءُ ته هڪڙو پنهنجي هوندي سوندي ٻين جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو وڃي: ۽ ٻيو ته جڏهن ضرورت آهر ڌارين کان امداد حاصل ڪئي وڃي، تڏهن ان امداد سان گڏ ڌارين جي غلاميءَ جا ڳٽ پنهنجي ڳچي ۾ نه وڌا وڃن. ٻولين جو اصول آهي ته ڌارين ٻولين جا لفظ هو هميشه پنهنجن شرطن تي پاڻ وٽ قبول ڪنديون آهن…هر ڪا ٻولي…ان لفظ جو استعمال پنهنجي قاعدي قانون موجب ڪندي آهي. صورتخطيءَ ۾، اُچار ۾، لهجي ۾، گرامر جي صورت ۾ ان لفظ تي حڪومت نئينءَ، ٻوليءَ جي هلندي آهي.“

جويي صاحب جي ’ٻوليءَ جي بچاءَ جي جدوجهد جو اعتراف‘ سنڌ- پار رهندڙ ڪلياڻ ڪئمپ، (بمبئيءَ) ما هڪ عام سنڌي پڙهندڙ هن ريت ڪيو آهي:

”بس منهنجي به من جي اول اها  ساڳي حالت هئي، اهي شڪ شبها دل ۾ ايندا هئم ته ڇا ٿيندو اسان جي اتهاس جو – ڇا ٿيندو ٻوليءَ جو؟… پر جڏهن…’مهراڻ‘ جي پهرئين ئي صفحي جي پئرا پڙهيم ته ملي ويم جواب-”پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي.“

’مهراڻ‘ به هڪ اهو قاصد آهي، جو اسان کي پنهنجو پيغام ٿو پهچائي ته’اي سنڌيو! ڇو ٿا گهٻرايو، جيستائين سنڌ ماتا زنده آهي.

تيستائين هن جو ٻچو ٻچو سنڌي ٻوليءَ جو باغُ، بهارُ ڪندو“

     جويي صاحب، مهراڻ جي نئين دور ۾، مهراڻ جي مواد کي پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ، مختلف ڀاڱن ۾ ورهائي پيش ڪرڻ سان رسالي کي معياري بنايو، جنهن ۾ قديم ۽ جديد شاعري ، افسانا، علمي ۽ تنقيدي مضمون، تحقيقي مقالا، تبصرا،  ترجما ۽ ادبي خط ڏيڻ سان گڏ نون لکندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ ادب جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ-’هڪ ڏينهن جي ڳالهه‘ ۽ ’سنڌي نثر جا مثالي ٽڪرا‘ عنوان سان نوان سلسلا به شروع ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت جويي صاحب ’مهراڻ‘ کي عوام جي امنگن جي ترجمان ۽ زندگي بخش ادب پيش ڪرڻ جو ذريعو بنائڻ لاءِ اُن جي ترتيب ۽ سٽاءَ ۾ بنيادي تبديليون آنديون. پڙهندڙن ۾ شعوري واڌ ۽ ادب لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ جويي صاحب ’مهراڻ‘ ۾ سنڌ جي نظارن جون تصويرون ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پڙهندڙن کي سڏ ڏنو ته: ”اسين پڙهندڙن، اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ نئين گذارش ڪريون ٿا، جيڪڏهن هنن وٽ اسان جي سنڌڙيءَ جي جدا جدا شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين، درياءَ، واهن، ٻيلن ۽ ٻنين جي نظارن جا فوٽا موجود هجن ته مهرباني  ڪري ’مهراڻ‘ ۾ ڇپجڻ لاءِ اماڻي ڏين… ته اسان سندن شڪريي سان ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪنداسين… انهيءَ مان، اسان جي پياري سنڌڙيءَ جي سونهن ڀرين نظارن کي ڏسي نه رڳو هر سنڌيءَ جون اکڙيون ٺرنديون ۽ دل کي فرحت ملندي، پر هنن کي پنهنجي وطن مبارڪ جي جدا جدا هنڌن متعلق معلومات به حاصل ٿيندي.“

جويي صاحب جو ان مان ٻٽو مقصد هو ، هڪ طرف پڙهندڙن ۾ جمالياتي حس پيدا ڪرڻ ، ٻئي طرف ون يونٽ جي ڪوٽ ۾ جڪڙيل وطن ”سنڌ“ لاءِ بي انتها محبت پيدا ڪرڻ .

 جويي صاحب،  ’مهراڻ‘ رسالي ذريعي نون لکندڙن جي لکڻ ۽پڙهڻ ۾ همت افزائي ڪرڻ لاءِ نون نون عنوانن (’هڪ ڏينهن جي ڳالهه‘، ’مثالي نثر جي ٽڪرا‘ وغيره) هيٺ مواد لکرائڻ ۽ادبي لکڻين جي چٽا ڀيٽي ڪرائڻ ۽ انعام ڏيارڻ جا طريقا اختيار ڪيا. ’هڪ ڏينهن جي ڳالهه‘ جي شروعات خود جويي صاحب ڪراچيءَ ۾ پاڻ سان پيش آيل هڪ ڏينهن جي اکين ڏٺي واقعي جي ذڪر سان ڪئي، ۽ پوءِ ان ڏس ۾ غلام محمد گراميءَ، سراج ميمڻ ۽ ٻين لکيڪن پڻ اهڙو مواد لکيو. ان کان سواءِ ’بهترين ادب‘ لکڻ تي انعام ڏيڻ جي رٿ، جويي صاحب بورڊ جي اسٽئنڊنگ ڪمپنيءَ کان منظور ڪرائي؛ جنهن هيٺ بهترين ناولن، افسانن، ناٽڪن وغيره تي انعام ڏياريا ويا. اهڙي طرح پڙهندڙن کي بهترين ’مثالي نثر جي ٽڪرن‘ موڪلڻ تي پڻ انعام ڏنا ويا. ان طريقي، هر مهيني رسالي لاءِ پڙهندڙن ۽ ليکڪن وٽان معياري قسم جو مواد ملڻ لڳو. ان نموني هن پڙهندڙن ۾ هلڪن ۽ مختصر مضمونن سان گڏ آهستي آهستي ’طويل ۽ خشڪ مضمون‘ پڙهڻ جي لاڳيتي عادت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ مهراڻ 1956ع جي ٻئين پرچي جي ’گذارش‘ پڙهڻ جوڳي آهي.

’مهراڻ‘ ذريعي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ:

سنڌ ۾ فارسيءَ ۽ اردوءَ جي اثر هيٺ گل و بلبل، ساقي ۽ شراب وغيره جي غزل واري شاعري رائج هئي، جنهن ۾ خيالي پُلائن ۽ زباني چسڪن خاطر لفظي رنگينيءَ تي زور هوندو هو. جويي صاحب، ايراني اثر واري ’غزل‘ تي سخت تنقيد ڪندي، سنڌي شاعريءَ کي نج سنڌي ماحول مهيا ڪرڻ واري تبديلي آڻڻ لاءِ ’مهراڻ‘ ۾ قلم کنيو. هو لکي ٿو ته:

”اسان جي شعري ادب ۾ ’غزل‘ جو هجڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي؛ پر غزل، جنهن ماحول جي ترجماني ٿو ڪري، اهو ماحول اسان جي سنڌ ۾ ڪونهي… غزل، عشق و محبت جي هڪ خاص ماحول جي نشاني آهي. اهو ماحول ايران ۽ هندستان جي بادشاهن ۽ جاگيردارن  جي درٻارين ۽ انهن سان لاڳاپيل دنيا ۾ ئي موجود هوندو هو. اسان جي سڳوري سنڌ ۾ نه آهن اُهي جام ۽ ساقيءَ جا خرافات، جن ۾ سهڻيون نينگريون ۽ ڳڀرو نينگر شاعرن کي جام ڀري ”ساقيءَ“ جا فرض ادا ڪن؛ نه اهي بلبليون آهن، جي گلن جي چؤگرد پنهنجا پَرَ ڇاڻينديون وتن؛ نه  آهن اُهي صنوبر جا وڻ، جن سان محبوب جي قد کي تشبيهه ڏجي؛ نه اهي ”بتخانا“ آهن، جتي سلامي ڀرڻ ۽ ڪوُرنشون ڪرڻ لاءِ شاعر وڃي حاضري ڀرين…

”…هن ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي ته ”غزل“ جي صنف اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ نهايت پائيدار جڳهه والاري بيٺي آهي، ائين ته ”گيت“ به ته اسان جي زبان جو ڪونهي! اسان جي شعري ادب ۾ اصل ته رڳو بيت، ڏور، وائيون ۽ ڪافيون ئي آهن، انهيءَ ڪري، ٻين صنفن کي ڌڪاري ڇڏڻ به ڪو صحيح قدم نه آهي…پر اهو ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ئي رنگ ۾ رڱي ڇڏجي، غزل، عشقيه شاعريءَ جو هڪ اهم جزو آهي. عشق ته هڪ پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبو آهي؛ ۽ اسين به عشق جي رنگينين ۽ دلچسپين کي محسوس ڪريون ٿا؛ اسان ۾ به اُهي پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبا موجود آهن؛ پر انهن جذبن جي ترجماني سنڌي ماحول اندر ئي ٺهي ٿي… انهيءَ ڪري، غزل کي اسين سنڌي جامو پهرايون ته پوءِ غزل به اسان جي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو ٿيندو- پر، جيڪڏهن اسين پنهنجا اُمنگ ۽ جذبا ڌارئين ماحول ۾ بيان ڪنداسين؛ ساقي، جام، بلبل، نرگس ۽ لاله، عنقا ۽ ڪوه قاف، ختن ۽ زلف پيچان جي پڃرن ۾ پنهنجي عشق ۽ محبت کي بند ڪنداسين، ته اُهو غزل ته ڪونه ٿيندو؛ البت ”گونزل“ ضرور ٿيندو… انهيءَ ڪري اسان جي شاعرن کي گهرجي ته هوُ پنهنجي ئي نظارن ۽ پنهنجي ماحول ۾ پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ غزل خواني ڪن… نوان خيال ۽ فڪر غزل جي معرفت پيش ڪن. ٻوليءَ جي لحاظ کان به غزل جي انهن ڌارين بندشن کان اسان جي شاعرن کي پرهيز ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ کي سنوارڻ جي بجاءِ بگاڙين ٿيون، مثلاً اضافت ۽ واوعطفيءَ جون بيجا ترڪيبون، نوُن غني جو اجايو استعمال، ۽ خود پنهنجي ٻوليءَ جي ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ حرفن کي ساڪن ڪري لکڻ، ۽ لفظن جي نحوي صورتن کي بدلائي، خود سڌن سنون لفظن کي به ڇڪي تاڻي غزل جي وزنن ۾ پورو بيهارڻ-… اسان جي غزلگوُ شاعرن کي التجا آهي ته هو انهن سمورين ڳالهين کان سنڌي ادب کي بچائين ۽ اهڙي طرح خالص سنڌي غزل جي نئين صنف سان پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن“(9)


(1)  گذارش،ٽماهي مهراڻ‘، حيدرآباد، 1961ع،

(·)  هرومل سدارنگارڻي، ايديٽوريل بورڊ جو ميمبر هو، نه ايڊيٽر: اهڙو ثبوت مون وٽ موجود مهراڻ، مئي-جون-جولاءِ 1946ع جي پرچي مان ملي ٿو .(ت.ج)

(·)  1949ع کان 1950ع تائين مهراڻ جي ٻن پرچن واري ڳالهه مونجهاري واري لڳي ٿي؛ ڇوته جويو صاحب جڏهن جنوري 1955ع ۾ ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر هو ته هن پهرئين پرچي جي گذارش، بعنوان؛ ’مهراڻ-پهريون دور، ۽ هاڻي‘ ۾ اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي؛ بلڪ هن واضح لکيو آهي ته ”مهراڻ، مارچ 1946ع ۾ جاري ٿيو، ۽ 1946ع ۽ 1947ع وارا ٻه سال باقاعدي شايع ٿيندو رهيو، اتان جو 1948ع ۾، جنوري کان جون تائين گڏيل پرچو نڪتو، اهو پرچو گويا ’مهراڻ‘  جي پهرئين دور جي پڄاڻي ثابت ٿيو،  ۽ اڄ تائين مهراڻ وري نه نڪتو.“ (ت.ج)

(2)  گذارش، مهراڻ ـــ بهار 1955ع، ص ـــ 1

(3)  گذارش-مهراڻ 3-1956ع ص-1

(4)  ”جهڙا گل گلاب جا“، حصو ٻيو، 1991ع ص-613

(5)  گذارش، مهراڻ، حيدرآباد ، سرءُ 1955ع، ص-3.

(6)  گذارش ، مهراڻ، ،حيدرآباد.،سرءُ1955ع،ص3 -

(7)  ’پڙهندڙن جا پيغام‘-هريرام جي جڳت، ڪلياڻ ڪئمپ-3، بمبئي-مهراڻ، اونهارو  1955ع،

 

(8)  گذارش، ”مهراڻ“ اونهارو 1955ع، ص 6

(9)  گذارش، مهراڻ، سرءُ 1955ع، ص- 4

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org