مون جويي صاحب کي ’مستقبل شناس‘ انهيءَ ڪري سڏيو
آهي، جو هي سڄاڻ بزرگ به سنڌ جي نئين نسل لاءِ ڪا
سوچ رکي ٿو. اسان جا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته جڏهن علامه
آءِ، آءِ قاضي صاحب جهڙو جڳ مشهور مفڪر، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿي آيو. تڏهن
علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نون شعبن قائم ڪرڻ
کان سواءِ سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ به هڪ شعبي قائم
ڪرڻ جو پختو ارادو رکي آيو هو. سنڌي شعبو،
ايڊيوڪيشن واري شعبي سان گڏ رکيو ويو ۽ عالي جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعليم ۽ سنڌي شعبي جو صدر
مقرر ٿيو. علامه صاحب جن سنڌي شعبي ۾ ايم.اي جي
پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ رٿا ٺاهڻ جي تجويز ڏني.
علامه صاحب جن فرمايو ته” سنڌي ٻولي ۽ ادب کي
عالمي ادب سان مالا مال ڪرڻ لاءِ مناسب هيئن ٿيندو
ته عالمي شهرت رکندڙ ڪتابن کي، سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو وڃي. اُن لاءِ بهتر هيئن ٿي سگهي ٿو ته ايم.
اي فائنل سنڌيءَ جي شاگردن کي يا ته سنڌي ادب جي
ڪنهن به مضمون تي تحقيق ڪرڻ لاءِ عنوان ڏنو وڃي يا
ايم. اي فائنل جي شاگردن کي تحقيق جي بدران ڪو
عالمي شهرت رکندڙ ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي“.
سنڌي شعبي جا پراڻا شاگرد ۽ سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو
ڄاڻن ٿا ته انهيءَ رٿا تحت تمام گهڻا ڪتاب ترجما
ڪيا ويا، جن مان ڪي ته ڇپجي ظاهر ٿيا ۽ ڪي ڪتاب
سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي عوام
جي هٿن تائين پهچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
محترم محمد ابراهيم جويي، سنڌي ادبي بورڊ ۾،
سيڪريٽري مقرر ٿي اچڻ کان پوءِ، سنڌي زبان کي
عالمي ادب سان ڀرڻ لاءِ علامه صاحب جن جي خواب کي
عملي جامو پهرائڻ لاءِ انهيءَ رٿا تي ڪم جي شروعات
ڪئي. هن صاحب عالمي ادب جي مشهور ڪتابن مان ڪن جو
ترجمو ڪرائڻ شروع ڪيو. ڪي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين،
جن نئين نسل جي ذهن تي انقلابي اثر ڇڏيا. جويي
صاحب جي وقت ۾ جيڪي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا ۽ عوام جي
هٿن تائين پهتا، اُنهن مان ڪي هي آهن:
’وحشي جيوت جا نشان‘، ’مئڪسم گورڪيءَ جو ننڍپڻ‘
(جلد پهريون)، ’مئڪسم گورڪي ؛ تربيت‘ (جلد ٻيو)،
’جادو ۽ سائنس‘ (ٽي ڀاڱا)، ’ڇوٽڪارو‘، ’رياست ۽
آزادي‘ ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘، ’آمريڪا جو سياسي
سرشتو‘، ’اقتصادي ترقيءَ جا رستا‘، ’مقدمه ابن
خلدون‘، ’اقتصادي انصاف‘، ’دنيا جا عظيم افسانا‘
(ٻه ڀاڱا)، ’سنڌو ماٿر جي سڀيتا‘ وغيره.
اهڙيءَ طرح ادب جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جا لکيل
ناول، ڊراما، مضمون، شاعري ۽ مرزا صاحب جي سوانح
حيات کان سواءِ پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب
’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘، سائين جي.ايم.سيد جن جو
ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ کان سواءِ فارسي زبان ۾
لکيل سنڌ جون تاريخون ۽ سنڌي شاعريءَ تي بيشمار
ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين.
هن ڏاهي، سنڌي ادبي بورڊ مان ننڍيءَ مدت
(short term)
۽ ڊگهيءَ مدت
(Long trem)
واريون رٿائون، منظور ڪرائي، انهن تي عملي قدم
کنيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان به رٿائون
ٺاهيون. اُنهن ۾ ’سنڌي لوڪ ادب‘ جي رٿا ۽ ’جامع
سنڌي لغات‘ واري رٿا قابل ذڪر
آهن. اهڙيءَ
طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ پير حسام الدين راشدي صاحب
سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ رٿا ٺاهي،
بورڊ کان منظور ڪرائي انهن مان ايڇ.ٽي لئمبرڪ صاحب
جا سنڌ جي تاريخ متعلق ڪتاب، ڊاڪٽر غلام رسول مهر
کان ڪلهوڙن جي دور تي ٻه جلد، مولائي شيدائيءَ کان
’جنت السند‘، ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ کان ’حيات
النبي‘ ، ’تن ۽ تندرستي‘، ’جنرل سائنس‘ ۽ ’نفسيات‘
جهڙا ڪتاب تيار ڪرائي شايع ڪرايا ويا.
ترجمي واري اسڪيم لاءِ جويي صاحب سومار علي سومار،
سليم خواجه، فيض محمد سومري ۽ غلام رضا ڀٽي کان
سواءِ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي پنهنجي ساٿ ۾ شامل
ڪيو. وڏي ڳالهه هيءَ ته مترجم حضرات، وڏي محنت ڪري
ترجمو ٿيل مسودو، جويي صاحب جي حوالي ڪندا هئا، پر
ايڊيٽر جي حيثيت ۾، هر ڪتاب جي نوڪ پلڪ ٺيڪ ڪرڻ،
ٻوليءَ جي املا، بيهڪ جي نشانين، اسلوب ۽ عبارت کي
سنوارڻ، ۽ آسان عام فهم ٻولي ڪم آڻڻ جي سلسلي ۾،
جويي صاحب جي محنت قابل داد هئي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ مرزا قليچ
بيگ وڏو ڪمال ڪيو هو. سندس سڀني ڪتابن کي ادبي
بورڊ شايع ڪري، عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچايو.
ٻارن ۾ ادبي شوق کي وڌائڻ لاءِ جويي صاحب پنهنجيءَ
نگرانيءَ ۾ ’گل ڦل‘ رسالو شروع ڪيو.
مون کي به جويي صاحب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي سعادت
حاصل رهي آهي. مون کي سڀ کان پهريون موقعو جنرل
ايوب خان جي مارشل لا واري زماني ۾، ’شريف ڪميشن‘
طرفان پڌري ڪيل تعليمي پاليسيءَ واري زماني ۾ ٿيو.
اُن پاليسيءَ ۾ شريف ڪميشن، پنهنجيءَ رپورٽ ۾،
سنڌي ٻوليءَ جي ذريعي تعليم واري حيثيت ختم ڪرڻ جي
سفارش ڪئي هئي. اُنهيءَ فيصلي تي سنڌ ۾ باهه
ٻري وئي. سنڌ جي اديبن، شاعرن، سڄاڻ ماڻهن، شاگردن
گڏجي، ’سنڌي زبان سوسائٽي‘ ٺاهي. مرحوم
مخدوم امير احمد کي، اُن سوسائٽيءَ جو صدر چونڊيو
ويو ۽ مرحوم مقبول ڀٽي اُن سوسائٽيءَ جو جنرل
سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڪجهه هفتن کان پوءِ نوجوانن،
مرحوم مقبول ڀٽيءَ جي جاءِ تي مون کي جنرل
سيڪريٽري مقرر ڪرايو. انهيءَ سوسائٽيءَ، ايوب خان
واريءَ ريجيم
(Regime)
کي لوڏي وڌو. هن سوسائٽيءَ هڪ ميمورنڊم تيار
ڪرايو. پس پرده ڪم ڪندڙ ۽ اسان جي رهنمائي ڪندڙ
جويو صاحب هو. بهرحال ايوب خان 13 آڪٽوبر 1962ع
واري حڪم نامي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي حيثيت
بحال ڪئي.
جويي صاحب سان ٻيو دفعو گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو تڏهن
مليو، جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ
يونيورسٽيءَ جو پهريون دفعو وائيس چانسلر مقرر
ٿيو. شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي ٽائيپ
رائيٽر ۽ سنڌي شارٽ هئنڊ ڪتاب ٺهرائڻ جو اعلان
ڪيو. اهو سڄو ڪم سنڌالاجيءَ جي حوالي ٿيو. مرحوم
سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين محمد ابراهيم جويو
۽ سنڌالاجيءَ جي نمائندي جي حيثيت ۾ مون اُن
ڪميٽيءَ جي انهن پروجيڪٽن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
سنڌالاجيءَ جي ڪارڪنن ۾ امداد حسيني، نياڻي سحر
امداد ۽ ٻيا شامل هئا. جنهن طرح سان جويي صاحب
اسان سان ڏينهن رات گڏ ويهي ٽائيپ رائيٽر جي ماهر
’تمنائي صاحب‘ سان بحث مباحثا ڪري، ڪي بورڊ تيار
ڪرايو، ۽ اُن سلسلي ۾ اسان جي جيڪا رهنمائي ڪئي،
تنهن لاءِ ڪتاب لکجي سگهي ٿو.
جويي صاحب سان ٽيون دفعو گڏجي ڪم ڪرڻ جي مون کي
سعادت تڏهن ملي، جڏهن سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ، وفاقي وزارت
تعليم جي سفارش تي سنڌي ۽ اُردو زبان لاءِ بنيادي
اُردو يا بنيادي سنڌي لغتون ٺهرائڻ شروع ڪيون.
بنيادي سنڌي لغت لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي وئي هئي،
اُن ۾ ميمبر هي هئا:
سائين حسام الدين شاهه راشدي ڪنوينر
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
ميمبر
محترم محمد ابراهيم جويو
ميمبر
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ميمبر
ڊاڪٽر صالح محمد شاهه ميمبر/سيڪريٽري
جويي صاحب ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو واضح ڪيو ته
هتي ’بنيادي‘ لفظ مان مراد
BASIC
آهي ۽ اهو لفظ هيٺين لفظن جو مخفف آهي:
B
مان مراد آهي برٽش
A
مان مراد آهي آمريڪن
S
مان مراد آهي سائنٽيفڪ
I
مان مراد آهي انٽرنيشنل
C
مان مراد آهي ڪرسپانڊس
لهٰذا ’بنيادي‘ لفظ
‘BASIC’
لفظ جو اصلوڪو مفهوم واضح نٿو ڪري، انهي ڪري اسان
کي سنڌيءَ جي جيڪا بنيادي لغت ٺاهڻي آهي، سا
انگريزيءَ لفظ
‘BASIC’
کي سامهون رکي ٺاهڻ گهرجي. انهيءَ آڌار تي اسان جي
ڪميٽيءَ جيڪا لغت ٺاهي، اُن جو مقدمو پڙهڻ گهرجي ۽
ان ٺاهيل لغت تي فخر ڪري سگهجي ٿو: اها ٻي ڳالهه
آهي ته ماڻهن اها لغت ڪڏهن کولي ڏٺي به نه آهي.
مون کي جويي صاحب سان ڊگهي عرصي تائين گڏجي ڪم ڪرڻ
جو موقعو ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ‘ ۾ مليو.
1997ع ۾ اسين ٻئي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر جليل،
ڊاڪٽر فهميده حسين، عبدالقادر جوڻيجو، ۽ ٻيا
اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر مقرر ٿياسين.
محترم حميد سنڌي، تڏهن اٿارٽيءَ جو چيئرمئن هو.
جويي صاحب، تنوير عباسيءَ ۽ مون فِنانس ڪميٽيءَ تي
۽ اسان سان گڏ محترم امر جليل، محترم عبدالقادر
جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين پبليڪيشن ڪميٽيءَ تي
ميمبر رهي، حميد صاحب سان هر قسم جو ساٿ ڏنو.
21 جولاءِ 1998ع تي حميد صاحب اٿارٽيءَ جي چيئرمئن
جي چارج منهنجي حوالي ڪئي. بورڊ آف گورنرس ساڳيو
رهيو. خوشقسمتيءَ سان اُن وقت، تاج جويي جهڙو تيز
ذهن ڄاڻو ماڻهو، اٿارٽيءَ جي سيڪريٽريءَ طور ڪم
ڪري رهيو هو.
منهنجي وقت ۾ جويي صاحب جي حيثيت منهنجي لاءِ فقط
هڪ ميمبر واري ڪانه هئي، پر منهنجي نظر ۾ هو
اٿارٽيءَ لاءِ هڪ صلاحڪار يا مستقل [ڪُل وقتي]
ميمبر جي حيثيت سان رکندو هو . هن ڏاهي انسان ،
جهڙيءَ طرح ۽ جنهن محبت سان منهنجي هر وقت مدد
ڪئي، ۽ وقت بوقت سٺيون صلاحون ڏنيون، اداري ۾ قائم
ڪيل تحقيقي مرڪز ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا لاءِ
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهبري ڪئي ۽ اداري ۾ تعليمي ۽
تحقيقي رٿابندي ڪميٽيءَ، درسي ڪتابن تي نظرثاني
ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ مذاڪرن، سيمينارن، ورڪشاپن
۽ شاهه لطيف ٽه روزه قومي ڪانفرنس ڪوٺائڻ کان
سواءِ اداري لاءِ ننڍي مدت
(Short Term)
۽ ڊگهيءَ مدت
(long term)
وارين رٿائن ٺاهڻ ۾ پنهنجي تجربي جي بنياد تي جيڪي
صلاحون ڏنيون ۽ منهنجو ساٿ ڏنو، تنهن لاءِ آءُ
ڪهڙن لفظن ۾ سندن ٿورا مڃيان، اسان اٿارٽيءَ ۾
رهي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ هڪ ٽيم طور ڪم ڪيو.
سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي
پهرئين دور ۾، ڪنهن ڳالهه تي اسان ۾ [مون ۾ ۽ جويي
صاحب ۾] اڻبڻت ٿي پئي. اها اڻبڻت منهنجي 1983ع ۾
اسلام آباد ۾ اوپن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر
مقرر ٿي وڃڻ کان پوءِ به 1993ع تائين قائم رهي.
1993ع ۾ جڏهن آءُ سنڌيونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر
مقرر ٿيس، تڏهن مون پاڻ وڃي، جويي صاحب سان
يونيورسٽيءَ جي باري ۾ مشورا ڪيا. اسان ٻنهي جو
گهرو دوست مرحوم محمد عمر ميمڻ هو. ميمڻ صاحب جي
ڪري ئي اسان ٻنهي جي وچ ۾ پيل ويڇا ختم ٿيا.
ڪن ادارن جا ڀلا ڀاڳ هوندا آهن، جڏهن ڪي ذهين ۽
ساڳيءَ سوچ رکندڙ ماڻهو، هڪ ئي وقت اُن اداري ۾
اچي گڏ ٿيندا آهن. اهي ئي ماڻهو گڏجي اُهو ادارو
ٺاهيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو مقصد پنهنجي ملڪ ۽
پنهنجي ٻوليءَ کي ادب سان سينگارڻ جي ڪوشش هوندي
آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي اها خوشقسمتي چئجي، جو هڪ
ئي وقت بورڊ ۾ سنڌ جا مڻيا اچي گڏ ٿيا هئا. جن
پنهنجي ذهني ڪاوشن سان بورڊ کي بين الاقوامي ادارو
بڻائي ڇڏيو. بورڊ لاءِ ٻيو هڪ سڻائو وقت اهڙو به
هو، جنهن ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
بورڊ جو چيئرمين هو . محمد ابراهيم جويو بورڊ جو
سيڪريٽري هو. اُن زماني ۾ بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
جا ميمر هي هئا: (1) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو، (2) سائين حسام الدين شاهه راشدي، (3)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، (4)وائيس چانسلر سنڌ
يونيورسٽي (5) رجسٽرار سنڌ يورنيورسٽي. اُهي سڀ
ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي مستقبل جا معمار
رهيا آهن.
محمد ابراهيم جويو صاحب بنيادي طرح اُستاد آهي.
هن پنهنجي انهيءَ پيغمبرانه شعبي جي وسيلي ڪيترائي
اهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي دراصل موجوده وقت جا
سنڌي زبان ۽ ادب جا چوٽيءَ جا ليکڪ ۽ عالم آهن.
پنهنجي دعويٰ ۾ آءُ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿو سمجهان ته
شيخ اياز کي ’اياز‘بنائڻ وارو به سائين محمد
ابراهيم جويو آهي. اهڙيءَ طرح محترم رسول بخش
پليجو، ع.ق، شيخ، سراج ميمڻ، غلام رباني آگرو، ابن
حيات پنهور، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، شمشيرالحيدري،
مراد علي مرزا، حميد سنڌي، جمال رند ۽ تاج جويي جي
ٺاهڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو اهم حصو آهي.
جويي صاحب تي لکڻ لاءِ سندس شهپارن، ’مهراڻ‘ رسالي
۾ سندس لکيل ايڊيٽوريلن، تبصرن، توڙي تحقيقي
مقالن، اخباري ڪالمن، مضمونن ۽ خطن کي وري وري
پڙهڻو پوندو. منهنجي ذهن تي محترم سراج جي ڪتاب ’سنڌي
ٻولي‘ ۾ جويي صاحب جو لکيل پيش لفظ؛ محترم
رسول بخش پليجي جي ڪتاب ’سندي ذات هنجن‘ جو
مهاڳ؛’شاهه سچل ۽ سامي‘ ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن
۾ سندس لکيل مهاڳ: محترم عبدالقادر جوڻيجو کي
سندس طرفان لکيل خط؛ ’عبرت‘ اخبار ۾ سندس ڇپيل
مضمون ۽ مقالا؛ سنڌي
ٻوليءَ جي سلسلي ۾ هلايل تحريڪ وقت، سليم احمد جي
نالي سان انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ سندس لکيل مضمون ۽
شيخ اياز صاحب جي ڪتابن جا پيش لفظ ۽ مهاڳ،سنڌ
۽سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس فڪر انگيز مواد سان ڀريل
آهن، جن کي وري وري پڙهڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ون يونٽ واري تحريڪ يا سنڌ
لاءِ اها ڪهڙي تحريڪ آهي، جنهن کان جويي صاحب کي
ڌار ڪري سگهبو. بدقسمت آهن اهي ماڻهو، جن کي ههڙي
سدا بهار شخصيت لاءِ ڪا به عزت ڪانهي. اُنهن کي
اعتراض اهي آهن ته هي ماڻهو هاڻ به ادارن جا
سربراهه بڻيا ويٺا آهن. اهڙن بدقسمت ماڻهن کان آءُ
پڇان ٿو ته ڊاڪٽر دانيءَ کي هر حڪومت اڃا تائين
ڇڏي نٿي. عظيم شاعر احمد فراز هن وقت به نيشنل بڪ
فاؤنڊيشن جو صدر آهي.هر حڪومت احمد فراز صاحب کي
وڏو مانُ ڏيندي آهي. ڪشور ناهيد، هن وقت به اداره
ثقافت پاڪستان جي سربراهه آهي ۽ هر حڪومت هن خاتون
کي اکين ۾ ويهاريندي آهي. ڊاڪٽر رضي الدين صديقي
سؤ سالن جي عمر ۾ به، وفاقي حڪومت جو صلاحڪار رهيو
۽ ٻه سال اڳ وفات ڪئي اٿس. جميل جالبي ۽ جميل
الدين عالي، هن وقت به سرڪار جا نورِ نظر آهن.
پنجاب يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر
رفيق، وڏيءَ عمر کي پهچڻ جي باوجود پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ وڏي اداري جو ڊائريڪٽر آهي.
ڊاڪٽر زوار حسين زيدي، پنجهتر سالن جي عمر کي پهچڻ
جي باوجود قائداعظم پيپرز واري مرڪز جو ڊائريڪٽر
آهي. احمد نديم قاسمي ۽ ڊاڪٽر وحيد قريشي هن وقت
ادارن جا سربراهه ٿيو ويٺا آهن. انهن تي ڪنهن کي
به اعتراض ناهي.
محترم غلام رباني آگري، پنهنجي ڪتاب ’جهڙا گل گلاب
جا‘ ۾ جويي صاحب جي ڪردار جي عڪاسي، شاهه ڪريم جي
هن بيت سان ڪئي آهي:
پاڻياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري،
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
جويي صاحب سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي خدمت
سڄڻن جي سيوا خاطر ڪئي آهي. هن اُن سيوا لاءِ ڪا
به اُجرت، ڪا به قيمت ڪانه ورتي آهي، هن سنڌ سان
پريم هجڻ جي ڪري سڄي زندگي پورهيو ڪيو آهي، جيڪو
روپين ڪمائڻ خاطر نه آهي. جويي صاحب جي پورهيي
مان سڄڻ جي سڪ ۽ پيار ظاهر آهي.
وري به شڪر آهي جو هاڻي ڪن جوانن جون اکيون کليون
آهن. اُنهن سنڌ جي خدمت گذارن جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو
آهي. انهن مڻيادار مردن، جويي صاحب جهڙي سدا بهار
شخص کي املهه ماڻڪ ۽ موتي سمجهي، کيس جيءَ ۾ جاءِ
ڏني آهي ۽ سندس قدر ڪيو آهي، جنهن جو هو ورهين
کان حقدار آهي.
جويو صاحب ايڏيءَ وڏيءَ عمر کي پهچڻ جي باوجود اڄ
به گهڻي محنت ٿو ڪري. هو حقيقت ۾ هڪ ماڻهو نه، پر
هڪ ادارو آهي. اها گواهي شايد سندس مخالف به ڏين.
هن مٺڙي ماڻهوءَ پنهنجي هڙان ۽ وڙان امڙ سنڌڙيءَ
جي وڏي خدمت ڪئي آهي. اُن خدمت جي عيوض هُن نه ڪا
اُجرت ورتي آهي ۽ نه ئي ڪو
TA
۽
DA
وصول ڪيو اٿس. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽي، سنڌالاجي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، شيخ
اياز فائونڊيشن ۽ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾ سندس
خدمتون اعزازي خدمتون رهيون آهن.
مون 87 سالن جي هن عالم کي، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت
ڪرڻ لاءِ هڪ نوجوان وانگر ڪم ڪندي ڏٺو آهي. جويو
صاحب سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي
سلسلي ۾ هر گز پوڙهو ڪونه ٿيو آهي. هو جوانن کان
به جوان آهي. مون ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي
مرڪزي دفتر ۾ کيس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪم ڪندي ڏٺو
آهي. الله تعاليٰ هن کي وڏي سگهه ڏني آهي. هوُ
سنڌي ويا ڪرڻ، سنڌي لغت، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي ادب جي ارتقا تي گهري نظر رکندڙ وڏو
نقاد آهي.
نوجوانن کي آءُ مشورو ڏيندس ته هو هن سدا بهار
عالم جي قدمن ۾ ويهي، هن کان سکڻ جي ڪوشش ڪن.
کانئس سندن تجربن جي باري ۾ پڇن. هن کان پڇن ته
ڪوهاٽ جهڙي پهاڙي علائقي ۾ رهندڙ سخت گير پٺاڻن وٽ
هن پاڻ ڪيئن مقبول بڻايو هو؟ هن بزرگ کان پڇن ته
هڪ مسڪين هاري جي گهر ۾ ڄمڻ جي باوجود هوُ ايڏو
اديب، نقاد ۽ دانشور ڪيئن بڻيو؟ هن سائين جي ايم
سيد، غلام مصطفيٰ شاهه، سيد حسام الدين شاهه
راشدي، غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر بلوچ، شيخ اياز،
رسول بخش پليجي، علي احمد بروهي، شمشير الحيدريءَ
، تنوير عباسيءَ، آغا سليم، غلام نبي مغل، ع.ق.
شيخ، سرائي اُميد علي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ
جي نظرن ۾ پنهنجو اعليٰ مقام ڪيئن قائم ڪيو؟ هن ڇا
ڇا لکيو آهي ۽ ايترو سڀ ڪجهه هن ڪيئن لکيو آهي ۽
ڪيڏيءَ مهل لکيو آهي؟
اسان جا هي بزرگ ماڻڪ موتي آهن. اُنهن جو قدر
ڪريو. اُنهن جي علميت جو قدر سڃاڻو ته جيئن جڏهن
اوهين وڏا ٿيو ته اوهان جي وقت جا جوان، اوهان جو
به قدر ڪن .
اعجاز الحق قدوسي
محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌي ادبي بورڊ
1952ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيو. [سنڌ حڪومت جي] تعليم
کاتي مان بورڊ لاءِ جويي صاحب جون خدمتون حاصل
ڪيون ويون. هي صاحب جسم جو ڏٻرو، مگر ذهانت جو
مجسمو آهي. دفتري ڪم ڪار جو ماهر، ديانتدار اهڙو،
جو سندس ديانت تي سندس مخالفن به، جيستائين مون کي
ڄاڻ آهي، ڪڏهن شڪ ناهي ڪيو. پاڻ سنڌي آهي، پر
اردوءَ تي پڻ مڪمل مهارت رکي ٿو. آءُ ڏهه سالن
تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم رهيس، مگر مون ڪڏهن
به کيس ڪاوڙيل نه ڏٺو. انگريزيءَ ۾ بي.اي آهي، پر
ڊرافٽنگ ۽ نوٽنگ جو وسيع تجربو رکي ٿو.
جوش [مليح آبادي] صاحب جڏهن [پاڪستان جي] مرڪزي
حڪومت ۾ [اردو] لغت جي اسڪيم پيش ڪئي هئي، تڏهن ان
جو مسودو جويي صاحب ئي مرتب ڪيو هو.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ منهنجو ۽ جويي صاحب جو ڏهن سالن
تائين ساٿ رهيو، مگر هڪ ڏينهن به هن مون کي اهو
محسوس نه ڪرايو ته پاڻ منهنجو آفيسر آهي ۽ آءُ
سندس ماتحت آهيان. پاڻ هميشه آفيسريءَ ۽ ماتحتيءَ
وارن لاڳاپن کان هٽي، قومي اِسپرٽ سان ڪم ڪرڻ لاءِ
اُتساهيندو رهيو.
هڪڙي ڏينهن مون کي چيائين ته ’جنهن مهل تنهنجي دل
چئي تون اچ ۽ جڏهن چاهين وڃي سگهين ٿو، منهنجي
طرفان توتي اهڙي ڪا به پابندي ڪانهي. آءُ چاهيان
ٿو ته ڪم قومي اسپرٽ (جذبي) سان ڪريو‘. مون سندس
اها ڳالهه/نصيحت سدائين لاءِ ساهه ۾ سانڍي ڇڏي، ۽
مون پنهنجي ملازمت واري سموري عرصي دوران قومي
اِسپرٽ واري جذبي کي رهنما اصول بڻايو. مون سدائين
کيس پنهنجي ماتحتن لاءِ غير معمولي شريف انسان طور
ڏٺو.
سندس هيءَ صفت خاص طور ذڪر جوڳي آهي ته بورڊ جي
پنهنجي ماتحتن جي غلطين کي پنهنجي سِر تي کڻندو
هو. سندس هيءُ ٻيو ڳڻ پڻ ڳائڻ لائق آهي ته جيڪڏهن
سندس پگهار اڳ ۾ اچي ويندو هو ۽ ڪنهن سبب سندس
ماتحتن جو پگهار وقت سرِ نه آيو ته پاڻ پنهنجو
سمورو پگهار ملازمن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، ۽ نهايت
پيار ۽ ٻاجهه ڀرئي انداز ۾ چوندو هو ته ’اوهان هي
پگهار کڻي وڃو. اوهان کي ضرورت هوندي، آءُ پگهار
سڀاڻي به کڻي سگهان ٿو.‘ پاڻ نهايت شريف انسان
آهي، ليڪن ماتحتن جي ترقيءَ جي ڏس ۾ نهايت ڪفايت
شعار آهي. شايد سندس انتهائي ديانتداريءَ واري
رويي کيس ان فياضانه روش کان محروم بڻايو آهي.
بهرحال، آءُ تقريباً ٻارنهن سال سنڌي ادبي بورڊ
جي’شعبه تاريخ‘ سان لاڳاپيل رهيس ۽ سندس شرافت جا
نقش منهنجي من اندر نهايت گهرا ٿيندا رهيا. توڙي
جو ڪن ڳالهين ۾ مون کي اڄ به جويي صاحب سان اختلاف
آهن، مگر اختلافي مسئلن جي اها وڇوٽي ڪڏهن به
احترام انسانيت جي راهه ۾ رنڊڪ نه بڻي.
جويو صاحب تعليم کاتي مان آيو هو. پاڻ جڏهن واپس
تعليم کاتي موٽيو ته ان کان پوءِ سيد شاهه محمد
شاهه سندس جاءِ تي آيو.
سراج الحق ميمڻ:
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو ڪم وڌيو، تڏهن ان جي عملي
۾ اضافو ڪيو ويو ۽ هڪ قلم- ڌڻيءَ کي جويو صاحب
حيدرآباد مان وٺي آيو. خبر پئي ته ان جو نالو سراج
الحق ميمڻ آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ
سيڪريٽري بڻجي آيو آهي.مون کيس صاف سُٿري ۽ چڱي
چٽي قومي زبان ۾ ڳالهائيندي ٻڌو. سندس تخليقي ذهن
۽ ڏاهپ کي ڏسي مون کي ان ڳالهه جو شديد احساس ۽
پڻ افسوس به ٿيو ته پاڪستاني ٻولين مان مون هڪ به
ٻولي ناهي سکي، توڙي جو هر هڪ پاڪستاني ٻولي اسان
کي پياري آهي. هر ٻولي اسان کي هڪٻئي ڏانهن ويجهو
آڻي ٿي.
اسين هڪٻئي کي ويجها ٿيندا وياسين، ايستائين جو
مون کي خبر پئي ته هن ’سنڌي ٻولي‘ نالي هڪ ڪتاب
پڻ لکيو آهي.
ڪليات عطا ٺٽويءَ جي مقدمي (مهاڳ) جي ترجمي جو
مسئلو پيدا ٿيو، جيڪو اردو زبان ۾ هو ۽ جنهن کي
راشد برهانپوريءَ ايڊٽ ڪيو هو. ان وسيع علمي ۽
تاريخي مقدمي (مهاڳ) جي ترجمي جو ڪم سنڌيءَ ۾ سندس
حوالي ڪيو ويو سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو هن نهايت سرل،
سهنجي ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڪيو. ليڪن هي صاحب صفا ڪو
کرو سِڪو ثابت ٿيو ۽ انڪم ٽئڪس کاتي ۾ انڪم ٽئڪس
آفيسر بڻجي روانو ٿي ويو ۽ ائين اها جاءِ خالي ٿي
وئي ۽
’آگي سجاده نشينِ قيس هوا ميري بعد‘
سنڌي ادبي بورڊ جو ٻيو اسسٽنٽ سيڪريٽري غلام رباني
آگرو بڻيو.
غلام رباني آگرو:
جڏهن سراج الحق ميمڻ انڪم ٽئڪس آفيسر بڻجي انڪم
ٽئڪس کاتي ۾ هليو ويو، تڏهن جويو صاحب هڪ ٻئي
نوجوان کي وٺي آيو، جيڪو به نسلي طور سنڌي هو ۽
سنڌي ادب جي پهرئين جوڙ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ئي ليکيو
ويندو هو. تاريخ ۽ ادب تي سندس وڏي نظر هئي. ٿورن
ئي ڏينهن ۾ اسان سڀني سان رلي ملي ويو،
منهنجا ڇهه- ست سال ساڻس گڏ سٺا گذريا، ايستائين
جو ان دوران سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد منتقل ٿي
ويو.
غلام رباني ترقي ڪندي ڪندي پرو وائيس چانسلر سنڌ
يونيورسٽيءَ جي جاءِ حاصل ڪئي. شيخ اياز جي دؤر ۾
گهڻو وقت هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر
رهيو. جڏهن اها پوسٽ ختم ڪئي وئي، تڏهن هن کي سنڌي
ادبي بورڊ ۾ واپس سيڪريٽريءَ طور گهرايو ويو.
توڙي جو سنڌي ادبي بورڊ کان ڌار ٿي پندرهن سال
گذري چڪا آهن، ليڪن غلام رباني آگري جي طور طريقن
۾ ڪو به فرق ناهي آيو. هاڻي به هو جڏهن ملندو آهي
يا آءُ ڪڏهن حيدرآباد ويندو آهيان ته ڪلاڪن جا
ڪلاڪ گذريل دؤر متعلق ڪچهري ٿيندي آهي. آڌرڀاءَ ۾
ڪا به ڪسر ناهي ڇڏيندو. اهي به ڪي ڏينهن هئا،
جڏهن اسان جويي صاحب وٽ ٽيم ورڪ جي حيثِيت ۾ ڪم
ڪندا هئاسين.
شاهه محمد شاهه:
جويي صاحب کان پوءِ شاهه محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري بڻيو. سيد شاهه محمد شاهه پڻ نهايت
شريف انسان آهي. سندس سيڪريٽري هئڻ واري دور ۾،
ٿوري ئي وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سول
لائينس منتقل ٿيو. مون پنهنجين حالتن سبب حيدرآباد
وڃڻ نٿي گهريو. ڇو ته هتي (ڪراچيءَ ۾) پڻ هڪڙي
شاخ رکڻ ضروري هئي، جنهنڪري شاهه محمد شاهه
ڪراچيءَ ۾ هڪ شاخ قائم ڪري، مون کي ان جو انچارج
بڻايو. ليڪن آءُ تقريباً ٻارهن سالن جي ملازمت
کانپوءِ انجمن ترقي اردو، ڏانهن هليو ويس. سبب اهو
هو ته انجمن ترقي اردو مون کي پگهار گهڻو ٿي ڏنو.
ليڪن آءُ سنڌي ادبي بورڊ جي دوستن جو انتهائي
ٿورائتو آهيان، جن مون کي ڪڏهن به انهن ٻارنهن
سالن دوران اهو محسوس نه ڪرايو ته آءُ ڪو ڌاريو
آهيان. اهي مون سان سدائين تمام گهڻيءَ عزت ۽
احترام سان پيش ايندا هئا، بلڪ سندن محبت منهنجي
من ۾ سنڌ جي محبت کي پختو ڪيو؛ توڙي جو مون کي
پوري پاڪستان سان محبت آهي.ڇو جو اهو منهنجو وطن
آهي، پر سنڌ صوبو مون کي سڀ کان گهڻو پيارو آهي،
ڇو جو ٽيهه سال آءُ سندس فضائن ۾ پليو ۽ نپنو
آهيان. پياري وطن سان منهنجي محبت جو اندازو اُن
مان لڳايو، جو مون ان جي ثقافت ۽ تاريخ کي ڇنڊيو
ڦوڪيو آهي. مون سندس تاريخ جي آبياري ڪئي آهي،
’تاريخ سنڌ‘ ٽن جلدن ۾ لکيم. روحاني ۽ ثقافتي
زندگيءَ لاءِ ’تذکره صوفيائي سنڌهه‘ لکيم. ٻارڙن
لاءِ عام فهم ۽ سليس ٻوليءَ ۾ ’سنڌ ڪي تاريخي
ڪهانيان‘ لکيم. مطلب ته سنڌ صوبي جي ثقافت ۽ تاريخ
لاءِ مون پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو.
اهو سمورو شعور ۽ ساڃاهه، مون کي سنڌي ادبي بورڊ
بخشيا. آءُ هن اداري جو ٿورائتو آهيان، جو منهنجي
ذهني تربيت ان ئي اداري ۾ ٿي. مون لاءِ شهرت ۽ عزت
جا دروازا انهيءَ اداري ۾ ئي کليا.
اولاد بابت منهنجو تعليمي منصوبو:
آءُ اهو لکڻ به نٿو وساريان ته 1951ع ۾ پاڪستان
اچڻ کان پوءِ مون پنهنجي اولاد لاءِ تعليمي منصوبو
جوڙيو هو ته ڀل ڇوڪريون تعليم ۾ پوئتي رهجي وڃن،
پر آءُ پنهنجي وڏي پٽ سليم اختر قدوسيءَ کي
انجنيئر ضرور بڻائيندس؛ تنهنڪري مون کيس [ڪراچيءَ
جي] حيدرآباد ڪالونيءَ جي اسڪول ۾ مئٽرڪ لاءِ داخل
ڪرايو. مئٽرڪ کان پوءِ مون کيس ايف.اي لاءِ ڪاليج
۾ داخل ڪرايو ٻن سالن کان پوءِ هن ايف.اي. پاس
ڪئي. هاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا جو مرحلو آيو .
ان دور ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ شينهن جي
وات مان گرهه کسڻ جي برابر هو. آءُ حيران هيس ته
اهو مرحلو ڪيئن طئي ٿيندو؟ ڪاليج جي انتظاميه سنڌ
جي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جي طالبو هئي ۽ مون وٽ اهو
نه هو. آءُ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت کي هڪ ڏڍُ
سمجهيو ويٺو هئس ۽ انهيءَ آسري داخلا جي اميد هيم.
آخر هڪڙي ڏينهن منهنجي دوست سيد حسام الدين
راشديءَ مون کان پڇيو ته ’اڄڪلهه اوهان مون کي
پريشان لڳو ٿا، ان جو سبب ڇا آهي؟‘ مون سڄي حقيقت
کيس ٻڌائي . چوڻ لڳو ته ’توهان جي اها مشڪل جي.
ايم. سيد حل ڪري سگهي ٿو. توهان ان سان ملو.‘ آءُ
جي.ايم. سيد سان مليس. ان وقت پاڻ بورڊ جو ميمبر
هو. مون کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو. ان وقت راماڻي
صاحب انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپل هو. جي. ايم. سيد
جي سفارش سان منهنجو اهو مسئلو حل ٿي ويو ۽ سليم
اختر قدوسيءَ کي انجنيئرنگ ۾ داخلا ملي وئي.
ان حوالي سان جي.ايم. سيد منهنجو محسن آهي، توڙي
جو مون کي سندس نظرين سان سخت اختلاف آهي، ليڪن
سندس ذات اڄ به مون لاءِ ڪشش رکي ٿي.
’انجمن ترقي اردوءَ سان تعلق ۽ ان جا يار دوست:
سنڌي ادبي بورڊ مان آءُ رڳو ان ڪري ’انجمن ترقي
اردو‘ ڏانهن منتقل ٿيو هئس، جو ’انجمن ترقي اردو‘
جو منهنجو پگهار ساڍا ٽي سؤ رپيا ماهوار هو ۽ سنڌي
ادبي بورڊ ۾ مون کي ٻه سؤ روپيا ماهوار ملندا
هئا؛ مگر جيڪا عزت ۽ احترام سنڌي ادبي بورڊ جا
دوست ڏيندا هئا، سچ ته اها عزت ۽ مانُ مرتبو، مون
کي ڪٿي به نه ملي سگهيو. معاشي ترقي مون کي ’
انجمن ترقي اردو‘ ڏانهن وٺي وئي، آءُ تقريباً ڇهه
مهينا انجمن ترقي اردوءَ ۾ رهيس، پر قبول ٿو ڪريان
ته:
وان سي نکل که پهر نه فراغت هوئي نصيب،
آسودگيءَ جان جو تري انجمن مين تهي!
تاج صحرائي
محترم استاد سائين ابراهيم جويو
منهنجو ضمير چوي ٿو ته هزارين، لکين ۽ ڪروڙين
واڌايون انهن کي پيش ڪريان، جن اڄ ايڪيهين صديءَ
جي عظيم انسان ۽ ڏاهي محترم سائين ابراهيم جويي تي
ڪتاب تيار ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. کيرون لهڻيون
انهن مانوارن ليکڪن ۽ اديبن، جن جا مضمون ۽ مقالا
هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
-”پنهنجي حقير ذهن ۽ تصور جي هيءَ اڌاري ورتل
پونجي وابسته ٿو ڪريان، انهيءَ معصوم محبوبه جي
پاڪيزه دلنواز ياد سان، جيڪا منهنجي رفيقه حيات
هئي، جنهن پنهنجو ثمر حيات منهنجي حوالي ڪري، مون
سان حياتيءَ جي رفاقت جا ڌاڳا ڇنا ۽ مون سان هميشه
جون موڪلاڻيون ڪيون!
” هڪڙي ڀيري جڏهن مون کيس ’ايميلي‘ جا پهريان ورق
پڙهي ٻڌايا ۽ سمجهايا، تڏهن پاڻ هڪ نفيس ۽ دلگداز
آواز ۾ چيائين: ’هي جو هاڻي منهنجي ساهه سان گڏ
ٻيو ساهه مون وٽ آهي، سو جڏهن منهنجي ساهه کان الڳ
پنهنجي منهن ساهه کڻڻ جهڙو ٿيندو، تڏهن هن کي ڏسان
ته تون ڪهڙو پختو ۽ قابلڪار ٿو بنائين.
’اڳي چوندي هيس ته شل منهنجي عمر به توکي ملي، پر
هاڻي چوان ٿي ته شل تنهنجي حياتي به هن کي نصيب
ٿئي! شل هيءُ اسان جو روشن تارو، جو هاڻي اڀرڻ
وارو آهي، دنيا جي آسمان تي هميشه هميشه چمڪندو
رهي!...... بس اهي ئي سموريون آهن منهنجي دل جون
باقي اميدون!‘
”ڪٿي آهي اهو سماج، ڪٿي آهي اهو انصاف ۽ اها
آزادي، جنهن ۾ ههڙي ساهه صدقي ڪندڙ مهربان ماءُ
جون اهي محبت ڀريون معصوم اميدون پوريون ٿي سگهن.“
(م. ا. ج)
-انتساب، ’ايميلي عرف تعليم‘، 1950، مصنفُ
جي. جي. روسو. ان ڪتاب رستي 1950ع ڌاري
منهنجي محمد ابراهيم جويي سان ملاقات ٿي.
-”فطرت جي ميدان ۾ انسان سڀئي هڪجهڙا آهن ۽
انسانيت جو پيشو سڀني لاءِ ساڳيو آهي..... اها ڪا
وڏي ڳالهه ڪانهي ته منهنجو شاگرد فوج ۾ سپاهي،
ديول ۽ پادري يا هڪ قانون دان وڪيل بڻجڻو آهي؛
ڇاڪاڻ ته سندس والدين هن لاءِ ڪو خاص ڌنڌو پسند
ڪن، ان کان اڳ ئي قدرت کانئس انسان بنجڻ جي تقاضا
ڪئي آهي تنهنڪري آءُ ته کيس زندگيءَ جو هنر ئي
سيکارڻ پسند ڪندس. اسان جي سموري پڙهڻ پڙهائڻ جو
واحد مقصد آهي ’انسان ۽ سندس ’ماحول‘.
”زندگي دم جو يا ساهه جو نالو نه آهي: زندگي نالو
آهي عمل جو؛ انسان جي حواسن، انسان جي دماغ ۽
انسان جي سمورين فطري صلاحيتن جي استعمال جو. اهو
انسان حقيقي آزاديءَ جو مالڪ آهي، جيڪو خواهش فقط
اها ٿو ڪري، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هو پاڻ ۾ سگهه ٿو
ساري سگهي، ۽ اهڙيءَ طرح جيئن چاهي تيئن ٿو ڪري.
هيءُ منهنجو بنيادي اصول آهي.
”منهنجي خيال ۾ زراعت جو هنر انسان جي سڀني هنرن ۾
جيڪڏهن هڪ طرف جهوني ۾ جهونو ته ٻئي طرف سڀ کان
زياده فضيلت، عزت ۽ شرافت وارو هنر آهي’اتم کيتي‘.
”پنهنجي اوچي مقام تان ٻه قدم ’رنج فرمائي، ٿورو
هيٺ لهي، هڪ پورهيت انسان جي حيثيت قبول ڪريو ۽
اختيار ڪريو؛ خاطري رکو ته ائين ڪرڻ سان ئي پنهنجي
موجوده مقام کان ٻه قدم اوچي حيثيت اوهان کي حاصل
ٿي سگهي ٿي.
|