سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :18

هينئر جڏهن سائين محمد ابراهيم جويي تي لکي رهيو آهيان، تڏهن منهنجي ذهن ۾ گذريل گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڇهن ڏهاڪن جي تاريخ به آهي، جيڪا محترم سائينءَ جي عمل جو ميدان رهي آهي، ۽ جنهن عمل جي حوالي سان اسان جو سائينءَ سان رشتو ڳنڍجي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هن صديءَ [20 صديءَ] به سنڌ لاءِ گذريل ڪيترين صدين وانگر ڏاکڙا آندا، ۽ انهن صدين وانگر ڏاکڙن سان گڏ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، لطيف، سچل ۽ هن صديءَ ۾ محمد ابراهيم جويو به اسان کي پلئه پيو- ۽ مان وري به چوان ٿو ته هن ۾ ڪو واڌءُ ڪونهي. هن راءِ قائم ڪرڻ جو مون وٽ منطق آهي، تفصيلي دليلن سميت، جاڳرتا جي مڙني کيترن ۾، بنا نمود ۽ ڏيکاءَ جي، جويي صاحب جو ونڊايل هٿُ، ۽ ڪم ۾ رڌل هئڻ جو هينئر تائين لاڳيتو اتساههُ، ڊگهي ساهي ۽ جذبو، ان ڳالهه جا دليل آهن. اوندهه ۽ جهالت جي راڪاس تي راتاهي هئڻ وارن جي ڊگهي قطار آهي، پر روشنيءَ جي آسائتن انهن ساٿين منجهان گهڻن کي جُهرندي، ٿڪجندي، ۽ راڪاس سان ڏند ٽيڙي هٿ ملائي ٺاهه ڪندرن کي به ڏٺو اٿئون، پر ۽ جن ماڻهن ذريعي تاريخ جي جدالياتي قانون جي اوسر ۾ ويساهه پختو ٿئي ٿو، انهن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو به شامل آهي. هينئر سجاڳيءَ جي اميد ڏياريندڙ ٺوس شڪل موجود آهي، اها ان صورت ۽ ان عمل منجهان سرجيل آهي، جنهن ۾ جويو صاحب جُنبيل آهي.

رواداريءَ، سهپ، سماجي قُرب ۽ ايڪي جي ٻين پيغامن وانگر محترم جويي صاحب جي ڪيل ڪم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي صدين تائين هلندر اثر تي هڪڙي مضمون يا مقالي ۾ انصاف ڪري نه ٿو سگهجي-اهو يونيورسٽين جي کوجنا وارن شعبن جو ڪم آهي، ڇا ڪاڻ ته جيڪي ماڻهو وک وک تي، وقت ۽ تاريخ کي سمجندا، حق ۽ ناحق جي پرک ڪندا، نهايت چٽائيءَ سان وڌيا يا وڌن پيا، اهي تاريخ ۽ حالتن کان ڪنهن حالت ۾ ڌار ڪونهن، پنهنجي هن مضمون ۾ آءُ سائينءءَ جي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ونڊايل هٿ تي مختصر طرح سان ٻه ٽي ڳالهيون چوندس. سائينءَ جي ڪم جو ڪئنواس فقط انهن ٻن ميدانن تي محدود ڪونهي، پر هتي آءُ

’سياڻپ‘ کان ڪم ٿو وٺان.

ٻوليءَ ۽ ادب تي اچڻ کان اڳ ڪيل ڳالهه جي ذهني رسائيءَ يا ورتاءَ کي پرکڻو پوي ٿو، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن خيالن ۾ رچاءُ ۽ پختگي نه هوندي، ته ٻوليءَ ۾ به اوترو رس نه هوندو. ڀٽائي اُن ڪري ئي عظيم آهي ته هن اعليٰ ٻولي ۾ اعليٰ فڪر پيش ڪيو، جيڪو سنڌ جي مستقبل جي سموري ڏاهي ۽ استاد جو اُٿم گڻ آهي.

محترم سائين محمد ابراهيم جويو، جن تاريخي حالتن ۾ رهي ٿو، تن جي ئي پس منظر ۾ سندس ڳالهه ڪرڻ جي ڏانءَ، سٽاءَ ۽ ٻوليءَ جي ترتيب کي ڏسڻو پوندو. هونئن کوڙ گهمسان ۽ طوفاني زماني ۾ مڪالمي باز ۽ نعري باز ٻوليءَ ڏانهن هجوم جو ڌيان تڪڙو ڇڪجي ويندو آهي، پر ان جو اثر بنهه ٿورين گهڙين تائين رهي ٿو. خليل جبران جي ٻوليءَ جو زور، پڙهندڙ جا پهرينءَ سٽ ترا ڪڍي ڇڏيندو؛ مولويءَ جي زوردار تقرير يا خطبو، سياست دان جي لفاظيءَ جي جادوگري هجوم کي ٻن گهڙين لاءِ پنڊ پاهڻ بنائي ڇڏيندا؛ پر جيئن ئي خمار لٿا ۽ نشو کُٽو، ته وري ساڳي ماني ساڳ سان. انهن ڳالهين ۽ انداز کي دائميت ڪانهي،۽ اهي ڳالهيون هونديون به بنهه عارضي مقصدن ڪاڻ آهن.

دائمي قدر ۽ آدرشن سان لاڳاپيل ماڻهو ڪا ڳالهه ٻڌائڻ ڇاهيندا آهن، جن ۾ هنن جو پنهنجو ڪو مفاد ناهي؛ پر جنهن کي ڳالهه ٻڌائي پئي وڃي، ان لاءِ لاڀ آهي؛ تنهنڪري ڳالهه ٻڌائڻ واري جو سڄو زور ڳالهه جي جوهر ۽ روح کي سمجهائڻ تي هوندو آهي. تاريخ جي ڊگهين ننڊاکڙين گهڙين مان سجاڳ ٿيڻ واريءَ اويل کان هو آگاهه آهن، تنهنڪري کين هروڀرو تڪڙبه ڪانهي. سندن مقصد آهي ته سوير يا دير ڳالهه کي سمجهيو وڃي. اهي ساڳيا گڻ آهن سائين جويي صاحب جي ٻوليءَ ۾، جنهن جي رڳو ڏانءَ کي ڏسي محسوس ٿو ٿئي ته ليکڪ حالتن جي ڇتائيءَ کان ڪيڏو باخبر ۽ اُن ڇتائيءَ خلاف دائمي موٽ کي سنبرائڻ لاءِ ڪيترو سنجيدگيءَ سان سوچي ٿو. سائين جو مضمون ’ٻوليون ۽ سندس سٽاءَ ۽ ڦهلاءُ‘، ان ڳالهه جو شاهد آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي ترتيب، جوڙجڪ ۽ سڌاريل ڏانءَ تي گهڻو زور آهي، ۽ جنهن ذريعي ان ڳالهه کي وڌيڪ سنجيدو، عقل واري پنڌ ڏانهن وٺي ويندڙ، اثرائتو بنائڻو هوندو آهي. محترم سراج ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ان مهاڳ واري مضمون ۾ هڪ هنڌ سائينءَ لکيو آهي: ”ساڳي ٻولي ڳالهائڻ وارا ماڻهو، خاص طرح اُن جي لکيل صورت ۾ اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي، جاگرافيائي طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي سُٻنڌ نه ٿو رهي، تڏهن پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ الڳ الڳ روزمرهه جي ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾، آوازن ۽ اچارن، لفطن جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ معنائن ۾ پڻ اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحدگي ۽ اختلاف اُڀري ٿو. جيترا جيترا اهي ٽولا پنهنجي پنهنجي نئين ماحول ۾، پنهنجو پنهنجو اندروني ۽ باهمي سٻنڌ قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي دور گذارين ٿا، ايتريون ئي صورتون سندن اصلوڪي  ٻوليءَ ۾ اختيار ڪري وٺي ٿي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي ڪا  خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي ڳنڀير حقيقت آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو ثقافتي توڙي سياسي ميدان ۾ پوريءَ ريت لڳائي نه ٿو سگهجي. ٻولي ئي آهي، جنهن بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ٿو، ۽ قائم رهي ٿو“.

هتي ٻوليءَ جي سماجي ۽ قومي ارتقا ۾ هٿ ۽ ان جي ذريعي علميت جي ڦهلاءَ ۽ جماعتي سٻنڌ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ ٻوليءَ سان سڄڻائپ پيش ڪرڻ جي ڏانءَ، ان جي قومي ٻڌيءَ لاءِ محرڪ هئڻ، ۽ ثقافتي حيِثيت مڃرائڻ لاءِ ٻوليءَ جو مان مٿانهو ڪرڻ لاءِ وس ڪرڻ جي اهميت ٻڌائي وئي آهي. اها ڳالهه سائنسي سماجيات جو بنيادي اصول آهي.

ٻوليءَ جي فني ترتيب- اڌ، منو، پورو دم ۽ ٻين نشانين جي سچيتائپ سان ٺاهه ٺوهه ذريعي، مون ذاتي طرح سان جويي صاحب جي ٻوليءَ جو هڪ نهايت اهم ڪارج محسوس ڪيو آهي. ۽ اهو آهي گهڻي ڌيان ڏيڻ جي هير يا عادت جو ٺهڻ. ذهني طرح پٺتي پيل ماڻهن، اهڙن ماڻهن جن جي ڪنن ۽ ذهنن ۾ صدين کان شيهو پگاريو ۽ اوتبو پيو اچي، تن ۾ ڌيان نه ڏبو، گهڻي ۾ گهڻو پڙهبو، ٻُڌبو ۽ سکبو ڪونه، تيسين گڏيل مقصد تي اُسهڻ ۾ رنڊڪون  پونديون اينديون. هتي مو نکي جرمنيءَ جي اديب، هرمن هيس،  جي ناول ’سڌارٿ‘ جو هڪڙو ساڳئي نالي وارو ڪردار ياد پوي ٿو، جنهن درياهه اُڪرندي مهاڻي سان واقفيت ڪئي، ۽ پوءِ کيس پنهنجي جيون جو سربستو احوال ٻڌايو. ان مهاڻي سڌارٿ جي جيون مٿا جنهن ڌيان ۽ يڪسوئيءَ سان ٻڌي، تنهن سڌارٿ کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيو. مهاڻي هن کي پڇڻ تي ٻڌايو هو ته اها عادت هن درياهه وٽان سکي. تڏهن سڌارٿ، جيڪو فلسفي قسم جو ڪردار آهي، پاڻ ۾ اها ٻُڌڻ واري هير وڌائڻ لاءِ تپسيا واسطي درياهه تي ئي رهي پيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيسين ڌيان ڏيڻ جي عادت راس نه ٿي ٿئي، تيسين ذهني بلوغت تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ۽ جيسين ڌيان ڏيڻ ۾ عار سمجهجي ٿو، تيسين آڪڙ، ٽرڙائپ ۽ انائيت جي ماحول مان پلئه پيل اڻ وڻندڙ اثر ختم نه ٿا ٿين. ان ڪري ٻوليءَ ذريعي جيڪڏهن ڌيان ڇڪائڻ واري خصلت پيدا ٿئي ته اها به وڏي ڳالهه آهي. سائين محترم جي ٻوليءَ جو ٻاجهارو ۽ پيار ڀريل ڏانءُ، ان سلسلي ۾ هيڪاري ڪارائتو آهي. سائينءَ جي لکت ۾ جتي به اڌ، منو يا پورو دم اچي ٿو، تڏهن نشانيون چڻ پلاند پلاند کان وٺي سڏين ٿيون ته جيتري ڳالهه ٿي آئي آهي، اها سمجهو ۽ پوءِ اڳتي وڌو. ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ائين ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت اتي پڙهندڙ کي گرامر جي مدي خارج ۽ رٽايل قانونن کان به نجات مليل آهي.

ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ٿئي. سائين سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت مڃرائڻ، جنهن جي معنيٰ قومي وجود مڃرائڻ آهي، تنهن لاءِ عملي طرح سان ڪنهن به محاذ تي پٺتي نه رهيو آهي.

جيستائين ادب جو سوال آهي، ته ان ۾ شروع کان هينئر تائين ادب جي دنيا جا  هڪ کان گهڻا ٽڪراءَ رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ اُهي تضاد وڌيڪ اونداهه جي ساٿارين ۽ ترقي پسندن جي وچ ۾ دوبدو هئو. ان جهيڙي ۾ ترقي پسند اديبن جي ڪردار کي سگهاري ۽ هاڪاري شڪل ڏيئي، ڪُن مان ثابت ڪڍندڙن ۾ وڏي ۾ وڏ هٿ محمد ابراهيم جويي جو رهوي ۽ نتيجي ۾ اوندهه جا ساٿاري ڳوليا نٿا لڀن. جڏهن ته ترقي پسند ساٿين محب وطنيءَ جي مختلف محاذن تي لاڀائتو ڪردار نڀايو. ان کان پوءِ وري به ادب ۽ اديب ۾ سماج جي حفقانن ٽپي پوڻ سبب ۽ اديبن جي مڊل ڪلاس  ۾ شامل ٿيڻ سبب، ان عمل جا ادب جي تخليق تي به اثر ٿيا ۽ اهي به ٻه طرفا.

هڪڙو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪيل قولن تان ڦري ويا؛ ۽ شخصيت جي ڀڃ ڊاهه جي ان کان وڌيڪ ڀوائتي صورت نه هوندي آهي. سماجي تضادن کي انقلابي صورتحال تائين اُڀري اچڻ کان روڪڻ لاءِ، عالمي سامراج جي حڪمت عمليءَ تحت، سڌاري بازيءَ ۽ رعايت يافته ماڻهن جي نفريءَ ۾ واڌارو ڪرڻ واري چالاڪي ڪئي وئي ۽ ان چالاڪيءَ کي نه سمجهندي، ذاتي فائدن ۽ سلامتيءَ کي ترجيع ڏني اديبن جو ڳپل حصو ڇڄي ويو.

ٻيو ته، وري به انهن ئي سماجي حالتن جي رخ جي هڪ ٻيءَ لٺ، اسان جي ڪجهه اديبن کان ذهني سگهه ۽ اتساهه کسي ورتو، جنهنڪري ادبي تخليقن ۾ داخليت وارو لاڙو  وڌڻ لڳو ۽ ادب جي سماجي مقصديت کي ڌڪ رسڻ لڳو.

ان سڄي عرصي ۾ اڄ تائين محمد ابراهيم جويو، جيئن ابتدا کان دائميت ڀريل قدرن جو گونجارو بنيو رهيو هو، تيئن سلسلي کي جاري رکيائين. لکت ۾ توڙي ذاتي مصلحتن تي انهن تضادن ۽ مونجارن جي ڪڪرن کي هٽائڻ لاءِ سر سيتائيءَ سان مصروف رهيو، ۽اديبن جي سموري برادريءَ کي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر هڪ ڪرڻ لاءِ ٻاجهه ڀرئي انداز سان مسئلي جي سنجيدگيءَ کي محسوس ڪندي، اڪيلي سر ئي مصروف رهيو آهي ۽ وک وک تي اديب کي هن کي جي سگهاري ڪردار کان اگاهه ڪندو آيو آهي.

ٻوليءَ ۽ ادب جي حوالي سان پرڏيهي ادب ۽ فلسفي کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ لاءِ، مٿين سڀني ڳالهين کي نڀائيندي، مشغول رهيو آهي. ٽي ايس ايلئٽ جي  مضون ’شاعريءَ جي سماجي ڪارج‘ کان وٺي ’ٻارن جي مسيح‘ تائين هڪ ڊگهو سلسلو آهي، جنهن لازمي طرح سان سجاڳيءَ جهڙا اثر ڇڏيا آهن.

هن سلسلي ۾ جويي صاحب تي اعتراض به ٿيو آهي. وڏو اعتراض آهي ته سائين يورپ جو وچين  زماني جي جاڳائيندڙ ادب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ اهو جيئن جو تيئن هتان جي سماجي صورتحال تي لاڳو نه ٿو ٿئي. ان ساڳئي قسم جو اعتراض ڪياب ’ٻارن جو مسيح‘ تي ’هلال پاڪستان‘ ۾ تبصرو ڪندي، مون پاڻ به ڪيو هو، ۽ هتي ان ئي بنياد تي ٿوريءَ ڦير گهير سان، وري اهو چوندس ته سنڌ جي هاڻوڪي سماجي ۽ معاشي صورتحال، وچئين زماني جي حالتن کان گهڻي مختلف ۽ منجهيل آهي. پر هتان جي حالتن ۾ هڪڙي ڳالهه ضرور آهي ۽ اها هيءَ ته جن ڪتابن جو سائينءَ ترجمو ڪيو، اهي ’فڪر جي آزادي‘ ۾ جيهان ڪالون جي پيدا ڪيل حالتن جهڙيءَ صورتحال سان ٽڪراءُ کائين ٿا،  ۽ اهو ڏاهپ جي ويڙهه جي گهڻو اثرائتو ۽ لاڀائتو عمل آهي. اها ساڳي ڳالهه هن ريت به ڪري سگهجي ٿي ته اسان جو نوجوان سڌي سنئين ٽڪراءَ واري ڪيفيت چاهي ٿو ۽ سائين جويو صاحب ان ٽڪراءَ واري نوبت ۾ نفري وڌائي، ان کي سُچيت ڪري، اهڙي هنڌ آڻي بيهاري ٿو، جتي وقت جي حقيقي گهرج آهي.

ان ۾ شڪ ناهي ته روسو ۽ والٽيئر جاڳرتا جي کيتر ۾ فرانس جي انقلاب جا ٿنڀا مڃيا وڃن ٿا، ۽ گوئٽي جو ’فائوسٽ‘ عقليت کي وڏي هٿي ڏيندڙ آهي، پر فڪري ۽ نظرياتي طرح ڌربنديءَ وارو عمل انهن کان گهڻو اڳڀرو ٿي  ويو. اڳرائپ واري ان پنڌ ۾ ضرورسماج جي پيداواري لاڳاپن سان نظرياتي طرح به گڏوگڏ هلڻو آهي، پر ذهني طرح پٺڀري صورتحال کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سائين محمد ابراهيم جويي جي پاڻ کي جاڳرتا (Renaissance)  واري عرصي تي مرڪوز ڪرڻ جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. باقي اها پڪ اٿئون ته سائين وک وک تي اسان سان گڏ آهي.

[سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ جي گڏجاڻيءَ، 31 ڊسمبر 1981ع تي پڙهيل]

غلام محمد لاکو

سائين محمد ابراهيم جويو: ڪجهه ڳالهيون

محمد ابراهيم جويو اسان جي دور جو هڪ وڏو نالو آهي، خاطري ڪانه اٿم ته پهريون ڀيرو هن کي ڪٿي ڏٺم، پر هيءُ پڪ اٿم ته آءُ سائينءَ جن کي پرائمري پڙهڻ واري زماني کان سڃاڻان. ان جو وڏو سبب هي آهي ته جويي صاحب اڪثر سنڌي نصابي ڪتاب لکيا، جي اسان ابتدائي تعليم دوران پڙهيا هئا.

1970ع واري ڏهاڪي ۾ آءُ جويي صاحب سان صحيح معنيٰ ۾ آشنا ٿيس. ان دور ۾ مون نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب به پڙهڻ شروع ڪيا هئا. منهنجي مطالعي ۾ ايندڙ ڪتابن جو اڪثر تعلق سنڌي ادبي بورڊ  سان هو. بورڊ جا ڪتاب گهڻو ڪري جويي صاحب پاران لکيل مهاڳن ۽ تمهيدن سان ڇپيل هوندا هئا. ڇو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي بور دجو  ڳچ عرصو سيڪريٽري رهيو هو. اهي تمهيدي نوٽ ناشر پاران لکيل  هئا، لڪين اهي مهاڳ بامقصد ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ لکيل نوشتا هئا. صاف، سٿري ٻولي، مقصد جي همه گيريت ۽ وطنيت جي حب سان ڀريل هي مضمون پڙهڻ کان پوءِ، منهنجي دل ۾ محمد ابراهيم جويي لاءِ عزت توڙي احترام جا ڪوٽ اڏجي ويا.

1973 واري دور ۾ جويي صاحب سرڪاري ملازمت کان فارغ ٿي، هڪ ادبي انجمن ٺاهي، ان پاران ڪتاب ڇاپڻ شروع ڪيا هئا. ان انجمن  جي پليٽ فارم تان ڳچ سارا ڪتاب ڇپيا هئا، جي مون وڏي اتساهه سان پڙهيا هئا. اهو ضياءَ جي مارشل لاءِ جو دور هو. سنڌ جي لحاظ کان هي نهيايت  دود ناڪ زمانو هو. گهٽ ۾ ٻوسٽ جو وقت هو. محرومين ۽مايوسين جو عرصو  هو. اهڙي پر آسوب دور ۾ جن سنڌي اديبن، محروم ۽ پيڙيل طبقي کي زندهه رهڻ جو حوصلو ڏياريو، محمد ابراهيم جويو اُن سُرت واريءَ هلچل ۾ پيش پيش هو. اسان وٽ لکندڙن جو هڪ گروپ اهڙو به هو، جن ان مشڪل وقت ۾ ضياالحق جا ساٿاري بنجي، سنڌي عوام کي اونداهه ڏانهن پئي ڌڪيو ۽ جويي صاحب جي ادبي ڪم کي پئي لويو. ليڪن حقيقت هيءُ آهي ته ان دور ۾ جويي صاحب جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب، مون وڏي اتساهه سان پڙهيا، ۽ سندس قلمي پورهيو، ڪجهه ڳالهين ۾، منهنجي مستقبل جي ادبي پورهيي ۾ نهايت مددگار ثابت ٿيو.

مون سال 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي. ڪئي. ورندڙ سال ملازمت جي ڳولا ۾ گذريو. ان دور ۾ ڪجهه مهينا اخبار ’سنڌ نيوز‘ ۾ نوڪري ڪيم. تڏهن مدد علي سنڌي هن اخبار جو ايڊيٽر هو، جنهن مون کي پاڻ وٽ ڪجهه سون روپين اُجرت تي رکيو هو. هڪ ڏينهن  مدد عليءَ مون کي چيو ته ”اڄ تڪڙ ڪري نه وڃجانءِ. ٻنپهرن جو قربان علي بگٽي هت ايندو. گڏجي ماني کائي ۽ ڪچهري به ڪبي. پر بگٽي صاحب گفتگو ڪندي، احتياط ڪرڻ لازمي آهي، ڇو ته هو نه رڳو  ذاتي طرح ڏُکيو ماڻهو آهي، پر ساڄي ڌر جي اديبن جو هڪ مکيه نقاد پڻ آهي، هن جو فڪر ۽ سوچ ترقي پسند لڏي جي خلاف آهي“. اهو ئي دور هو، جڏهن بگٽي مرحوم جا ڪيئي ڪتاب ڇپيا هئا، جن ۾ هن ترقي پسند اديبن ۽ ادب خلاف چڱا ڪات ڪهاڙا کنيا هئا. قربان علي بگٽي آيو ته مدد عليءَ هن سان منهنجو تعارف سنڌ جي نوجوان محقق ۽ تاريخدان طور ڪرايو. گفتگو هلندي، مون بگٽي صاحب کان سوال ڪيو ته ’ڇا هي سچ آهي ته جديد سنڌي ادب جو باني محمد ابراهيم جويو آهي؟“

منهنجي سوال تي بگٽي مرحوم نهايت صاف سٿرو جواب ڏنو. سندس چوڻ هو ته’ محمد ابراهيم جويو تمام وڏو ماڻهو آهي. پاڻ رڳو جديد سنڌي ادب جو ابو ڪونهي، پر هن ڪيترين ئي تحريڪن کي جنم ڏنو آهي. هندو اديبن جي لڏ پلاڻ ڪري پيدا ٿيل خال کي جويي صاحب ان طرح ڀريو، جو هن نت نون لکندڙن جي همت افرائي ڪئي. ون يونٽ ڍاهي سنڌ جو نالو گم ڪيو ويو، ان حوالي سان جويي صاحب، نهايت بصيرت افروز رٿا سان، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي تحريڪن کي وجود ۾ اندو. ان طرح ون يونٽ مخالف آواز اٿيا ۽ اڄ سنڌ جو صوبو بحال ڏسجي ٿو. اڄ اسان جو نوجوان ’سنڌ، سنڌ‘ ڪري ٿو، ان هلچل جو اولين روح روان محمد ابراهيم جويو آهي. ۽ پوءِ ڪو ٻيو ليڊر ٿي سگهي ٿو.‘ بگٽي صاحب وڌيڪ چيو ته ’هو اسان جي لڏي جو نظرياتي مخالف ڀلي هجي، پر موجوده سنڌ ۾  سياسي سجاڳيءَ ۽ قومي جاڳرتا جوسڄو ڪريڊٽ جويي صاحب ڏانهن وڃي ٿو. ان حقيقت کان هن جو ڪٽر مخالف به انڪار نه ڪري سگهندو‘.

بگٽي صاحب جون هي ڳالهيون ٻڌي، مون پهريون ڀيرو جويي صاحب سان ملاقات جو فيصلو ڪيو . هڪ ڏينهن آءُ هن جي رهائشگاهه تي ويس. دعا سلام کان پوءِ مون کي چيائين ته ’ادا، چڱيءَ طرح پنهنجو تعارف ڪراءِ‘. جڏهن مون پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، تڏهن پاڻ مون کي علم ۽ ادب جي اهميت جي باري ۾ ڀرپور ليڪچر ڏنائين. سندن چوڻ هو ته ’علم ۽ تعليم جو پنهنجي قوم کي فائدو ڏي. اهو توتي حق آهي. پر توکي رڳو خدمت ڪرڻي آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪنهن لالچ يا طمع کان سواءِ ڪرڻ کپي. ادبي ڪم ڪندي ته اسان ڪروڙ ڪمايا آهن، ۽ نه توکي هيءُ قوم پڳ ٻڌائيندي. اُجوري جي طلب هُجئي ته پوءِ سوير ئي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪر. لکڻ پڙهڻ کي هينئر ئي ڇڏي ڏي‘

جويي صاحب سان منهنجي پهرينءَ ملاقات کي ٻه مهينا پوءِ، سنڌ جي معتبر ۽ مستند تاريخدان پير حسان الدين راشدي صاحب جي عدالت جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ لڳيون. مون پير صاحب جي اجازت سان سندن اردو ڪتاب ’سنڌ ادب‘ ترجمو ڪري، ’رامي پبليڪيشن‘ دولت پور پاران شايد پئي ڪرايو. جڏهن ڪتاب ڇپجي تيار ٿيو، تڏهن ارادو ڪيم ته پير صاحب جي عيادت به ڪريان ۽ ڇپيل ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون به کين پيش ڪريان، پر راشدي صاحب جي بيماريءَ سبب، ملاقات جا امڪان گهٽ ڏسن ۾ ٿي آِيا. ان معاملي تي مشوري لاءِ آءُ هڪ ڏينهن جويي صاحب صاحب وٽ هليو ويس. مون کي ڏسڻ سان ئي پاڻ چيائين ته ”اڙي يار، تون ڪهڙي جهان ۾ آهين؟ راشدي صاحب توکي ياد ڪري رهيو آهي. تازو سندن هڪ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ڇپيو آهن. اهو ڪتاب حميد آخوند کان وٺ ۽ ان تي هڪ تعارفي تبصرو  لکي، ڪٿي ڇپراءِ. اها پير صاحب جي خواهش آهي.“ جواب ۾ وضاحت ڪيم ته ” خبر پئي آهي ته، پير  صاحب بيماريءَ سبب ملاقات ممڪن ڪانهي. ان صورت ۾ آءُ ڇا ڪريان؟“ پاڻ چيائين ته ”ادا تون ڪراچيءَ وڃ، پير صاحب سان تنهنجي ملاقات بلڪل ٿي سگهندي“. جويي صاحب جي صلاح تي نيٺ آءُ ڪراچيءَ هليو ويس. مختصر ڪوشش سان واقعي راشدي صاحب سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. مون کين سندن اردو ڪتاب ’سنڌي ادب‘ جو سنڌي ترجمو پيش ڪيو. پاڻ نه رڳو خوش ٿيا، پر پنهنجي دستخط سان، پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ به مون کي تحفو ڪري ڏنائون . هن ڪتاب ۾ راشدي مرحوم جا ننڍا وڏا 43 مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن. سنڌ جي مطالعي ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. ان جو مقصد ڀريو مهاڳ، محمد ابراهيم صاحب جو لکيل آهي. 28 ڊسمبر 1981ع تي ٿيل راشدي صاحب سان ”منهنجي هيءَ ملاقات آخري ثابت ٿي. ان ملاقات جو سڄو ڪريڊٽ بهرحال سائين جويي صاحب ڏانهن وڃي ٿو.

سنڌ جي مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي سان، پهرينءَ ملاقات کان پوءِ منهنجي نيازمندي ۽ دعا سلام جو سلسلو قائم رهندو اچي. فيبروري 1982ع ۾ مون کي  تعليم کاتي ۾ ملازمت ملي. آءُ اٽڪل پنج سال سنڌ جي مخلتف ڪاليجن ۾ رهيس. سال 1987ع ۾ ان وقت جي علم دوست وائيس چانسلر ’ جناب مظهر الحق صديقي صاحب (حُسن اتفاق سان صديقي صاحب، هن وقت وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ٿي آيا آهن)، مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڏني. جڏهن جويي صاحب کي اها خبر پئي، تڏهن تمام  گهڻو خوش ٿيو. آءُ ساڻن ملڻ ويس ته مون کي مبارڪباد ڏيندي، وقت کي سڦل ڪرڻ لاءِ ڪي هدايتون به ڏنائين. ان وقت کان وٺي باقاعدي جويي صاحب سان ميل ملاقات ۽ علمي ادبي معاملن تي صلاح مصلحت جو سلسلو هلندو اچي. ان طرح مون کي سندن ويجهو رهڻ، ۽ کيس سمجهڻ توڙي پرکڻ جو چڱو موقعو مليو آهي. گذريل  پندرهن سالن جي عرصي ۾ ڪجهه ڏکين گهڙين ۾، جويو صاحب اڳڀرو ٿي منهنجي ڪم آيو آهي.

علمي ۽ علمي زندگيءَ ۾، مون کي ڪي تلخ تجربا ٿيا آهن. سنڌي ماڻهوءَ جو وڏو دشمن خود سنڌي ماڻهو آهي. سنڌي سماج کي ڪاپاري نقصان خود پنهنجو پاڻ کان پهتو آهي. اسين پنهنجا دشمن وڏيءَ حد تائين پاڻ آهيون. هڪٻئي کي نه سهڻ ۽ برداشت نه ڪرڻ سبب، اڄ اسين وڏيءَ مشڪلات جو شڪار ٿي چڪا آهيون. مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سروس ملي، ته ڪجهه ماڻهن کي هيءَ ڳالهه بنهه نه وڻي. ان دور ۾ جنرل هيٽري شعبي جي موجوده چيئرمين محمد قاسم سومري کي به پاڪستان اسٽنڊي سينٽر ۾ مُقرري ملي. سومري صاحب ان کان اڳ پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت واري قومي اداري ۾ ملازمت ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ رهندي، پاڻ قائداعظم يونيورسٽيءَ مان، سنڌ جي مسلم سياست تي مقالو لکي  ايم.فل جي ڊگري ورتي هئائين . پاڪستان اسٽنڊي سينٽر جي ان وقت جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب، محمد قاسم جي مذڪوره مقالي کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هي مقالو انگريزي زبان ۾ لکيل هو؛ ان ڪري فيصلو ٿيو ته پهريائين محمد ابراهيم چويو ان کي ايڊٽ ڪندو، بعد ۾ ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو. ان ڪم جي تڪميل لاءِ مون تي ذميداري رکي وئي. جويي صاحب منهنجي گذارش کي مانُ ڏيندي، ٿوري عرصي ۾ مقالو ايڊيٽ ڪري ڏنو. آءُ مواد کڻڻ لاءِ سندن خدمت ۾ پهتس. تڏهن پاڻ ٻڌايائين ته اوهان  جي سينٽر جو هڪ استاد مون وٽ آيو هو، جنهن کي مون مقالو ايڊت نه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، پر مون  کيس چيو ته جيتوڻيڪ مقالي جو موضوع، منهنجي دل وٽان ڪونهي، پر  جيئن ته مون کي غلام محمد لاکي ڪم ڪري ڏيڻ لاءِ گذارش ڪئي آهي، ان ڪري مون پنهنجي هڪ دوست جي ڳالهه کي مانُ ڏيندي، سومري صاحب جو مقالو ايڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو مقالو پوءِ  ‘Muslim Politics in Sindh’ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو.

هونئن ته سائين محمد ابراهيم جويو ڳچ موقعن تي منهنجي ڪم آيو آهي، پر هتي آءُ صرف هڪ خاص واقعي جو ذڪر ڪندس. ڪجهه سال اڳ منهنجي پروموشن جو مسئلو هو، ليڪن وقت جو وائيس چانسلر پروموشن بجاءِ اصل منهنجي ڪڍ پئجي ويو. حالانڪ ان صاحب سان منهنجي ڪافي وقت کان  نيازمندي رهندي ٿي آئي. ڪرسي ملڻ سان چڱن ڀلن ماڻهن جا رويا مٽجي ويندا آهن. سو صاحب موصوف ڄڻ ته سڃاڻندو به نه هجي. رو مون سان اها جُٺ نه ٿي، پر هر واقفڪار ۽ يار دوست کي اصل ڳڙي ۾ وجهي ڇڏيائين. مون جڏهن جويي صاحب سان پنهنجي ماجزا بيان ڪئي، تڏهن نه رڳو مون کي آٿت ڏنائين، پر سيد پناهه علي شاهه جي معرفت منهنجي مسئلي حل ڪرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪيائين. ان مامري ۾ سينيٽر حسين شاهه راشدي ۽. ايڇ پنهور پڻ منهنجي واهر لاءِ اڳتي آيا.

سال 1951ع ۾ سنڌ حڪومت سنڌي ادبي بورڊ قائم ڪيو. شروع جي ڳچ سالن ۾ محمد ابراهيم جويو هن اداري جو سيڪريٽري رهيو. ڀيري بورڊ جي مختلف علمي رٿائن (Projects) جو ذڪر نڪتو. تڏهن پاڻ ٻڌايائين ته سنڌ جي جامع تاريخ لکڻ جو خاڪو ڊاڪٽر پوٽي پيش ڪيو هو. پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ جي ماخذن ڇپرائڻ واريءَ رٿ جو خالق هو. لوڪ ادب سهيڙڻ جي اسڪيم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تيار ڪري بورڊ کي ڏني. جڏهن ته مون برٽس دور کان اڳ لکيل سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو پروگرام جوڙي، مفصل خاڪو  بورڊ آڏو پيش ڪيو هو، پر منهنجي رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو. اڄ به بورڊ جي فائيلن ۾ اهو رڪارڊ موجود هوندو. جيڪڏهن ان رٿا تي عمل ٿئي ها ته ان جا ڪيئي فائدا ٿين ها. انهن ڪتابن جو گهڻو تڻو تعلق مذهبيات سان هو، ان ڪري سنڌي زبان جي اسلامي ادب ۾ وسعت اچي ها. ان کان علاوه انهن ڪتابن جي اشاعت سان، صديون اڳ جا لکيل اهي مسودا ناپيد ٿيڻ کان به بچي پون ها. ان طرح سنڌي ادبي تاريخ جي اڀياس ۾ پڻ وسعت پيدا ٿئي ها ۽ وڏي ڳالهه ته جويي صاحب تي مذهب ڌرين جي ڪاوڙ ۾ به شايد ڪجهه گهٽتائي اچي ها!

قديم سنڌي تصنيف ۽ تاليف سان، جويي صاحب جي دلچسپيءَ جو هتي هڪ مثال ڏيڻ مناسب ٿيندو. سال 1990ع ۾ مون کي ڪلهوڙن جي دور جي لکيل هڪ مختصر ڪتاب جي فوٽو ڪاپي، برٽس لئبريريءَ مان هٿ آئي. هي ڪتاب اڻ ڇپيل هو ۽ اسان جي اديبي تاريخ ۾ ان جو ڪو به ذڪر ٿيل نه هو. مون ان کي ايڊٽ ڪري شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن معاملي تي مون محمد ابراهيم  جويي سان صلاح مصلحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن مذڪوره مسودو سندن آڏو رکيم ته پاڻ ان ۾ گهڻي دلچسپي ڏيکاريائين. نه رڳو همت افزائي ڪندي، مشورا ڏنائين، ليڪن ان جي اشاعت جي معاملي ۾ به اڳتي وڌي منهنجي مدد ڪيائين. اهو ڪتاب پوءِ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ”تفسير آية الڪرسي“ جي نالي سان ڇاپي پڌرو ڪيو. اهو ئي موقعو هو جو جويي صاحب قديم سنڌي لکت جي اهميت تي زور ڏيندي، مٿي ذڪر ڪيل پنهنجي منصوبي جي مون سان ڳالهه ڪئي هئي.

محمد ابراهيم جويو، جيتوڻيڪ اسان وٽ باضابطه طور تي مؤرخ ۽ محقق طور نه ٿو سڃاٿو وڃي. پوءِ به هي هڪ اٽل سچائي آهي. ته پاڻ سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو، پارکو ۽ نقاد آهي. هن جو ڪتاب ’شاهه سچل، سامي‘ منهنجي هن راءِ جي تائيد ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي تاريخ کي ڪيترن مِهڻن سان منهن ڏيڻو پيو آهي. ڌارين لکندڙن ان کي مقامي، علائقائي ۽ صوبائي تاريخ سڏيو. جڏهن ته خود پنهنجي تاريخدانن ان کي مذهب ۽ قبائلي تناظر ۾ ڏسڻ ۽ نندڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن جويي صاحب جو موقف چٽو آهي، ته سنڌ جي تاريخ هڪ قوم ۽ وطن جي تاريخ آهي ۽ اها هڪ (compact) تاريخ آهي. هونئن  ته سنڌ لکڻين توڙي ڪچهرين دورانڪ، اسان کي سنڌ جي تاريخ جي باري ۾، هن جي خيالن جي گهڻي پروڙ هئي، پر هن ڏس ۾ وڌيڪ ڄاڻ تڏهن ملي، جڏهن ڪجهه سال اڳ، پاڪستان جي قومي تاريخ ۽ ثقافت واري اداري، ملڪ جي هڪ جامع تاريخ تيار ڪري ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مقصد لاءِ اسلام اباد ۾ ٿيل هڪ ميٽنگ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب کي به مدعو ڪيو ويو هو. اسلام آباد کان موٽڻ کان پوءِ پاڻ مون کي ۽ محمد قاسم سومري کي سڏي، هن رٿا بابت صلاح مصلحت ڪيائين، ۽ سنڌ جي تاريخ جي اهميت کي اجاگر ڪندي، پنهنجي سوچ ويچار کي اسان جي آڏو  رکيائين. ان ريت پاڪستان جي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان، هڪ الڳ رٿا جوري موڪلي ڏنائين. اها جدا ڳالهه آهي ته پاڪستان جي تاريخ جو اهو منصوبو عمل ۾ نه اچي سگهيو ۽ نه وري سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ جويي صاحب واري ڳالهه اڳتي وڌي سگهي.

جڏهن ڳالهه سنڌ جي تاريخ جي نڪتي آهي، تڏهن هن ڏس ۾ جويي صاحب جي دلچسپيءَ توري عمل جو ڪجهه وڌيڪ ذڪر ڪرڻ اجايو نه ٿيندو. ڪلهوڙا خاندان پنهنجي سياسي جدوجهد ۽ پوءِ حڪومتي دور ۾، سابق صوبائي ملتان مان ڪيترن قبيلن کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو.هن ڏس ۾ ”جويو“ قبيلو ذڪر جوڳو آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ هن ذات سان تعلق رکندڙ ڪجهه گهر آهن. جيڪي اڄ به سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا. سکر ۾ ميان آدم شاهه جي مقبري جي ٻارهران ڏکڻ ۾، ڀوري رنگ جي پٿر جي هڪ قبر آهي. هينري ڪزنس لکيو آهي ته هيءَ قبر مستي بن زنده [جندو] جويي جي آهي، جنهن 1658ع (1069هه) ۾ وفات ڪئي [’سنڌ جي قديم آثار‘ص153]. جڏهن ته هن ڪتاب جي سنڌي ڇاپي ۾ ’زندا فقير جويو‘ لکيل آهي. (مترجم عطا محمد ڀنڀرو، ص 269). منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته قبر تي: مستي بن زنده فقير، قوم جويه لکيل آهي(*) جويو، قبيلو ڪلهوڙن کي مرشد تسليم ڪندو هو. ان کان سواءِ ڪلهوڙن صدين بعد متحده سنڌ جي خواب پورو ڪيو ۽ ملڪ جي گهڻي خدمت ڪيائون. اهوئي پس منظر آهي جو اڄ سوڌو جويا، ڪلهوڙن جي تاريخ سان گڏ، سنڌ جي وفاداريءَ ۽ محبت جي جذبي سان سرشار آحن. محمد ابراهيم جويو سنڌي جدبي بورڊ جو سيڪريٽري هو، تڏهن پاڻ  ”تاريخ ڪلهوڙا“ کي وڏي آب تاب سان ڇاپي پڌرو ڪيائين. ڪلهوڙن بابت منقعد ٿيل ڪجهه سيمينارن ۾ به، جويي صاحب جي صلاح ۽ تائيد، هڪ ذڪر جوڳي ڳالهه آهي. ڪلهوڙن، پرڳڻي ملتان مان ڪجهه ٻين قبيلن کي به سنڌ ۾ آندو، ليڪن انهن نه رڳو ڪلهوڙن کي اقتدار کان محروم ڪيو، پر بنهه تازي دور ۾ به انهن قبيلن جي ڪجهه  لکندڙن، پنهنجين لکتن ذريعي سنڌ جي هن سابق حڪمران خاندان جي  غيبت جاري رکي آهي.

منهنجي پنجويهه ساله ادبي زندگيءَ ۾، جتي ڪجهه ٻين اديبن ۽ عالمن جو ڪردار آهي، اُتي جويي صاحب جو به ڪجهه حصو پتي آهي. منهنجي ڪتاب ’سمن جي سلطنت‘ ۾ دريا خان جي حسب نسب تي جيڪو بحث آهي، ان ۾ هن بزرگ دانشور جو گهڻو ڪردار آهي. منهنجا ڪجهه تاريخي مقالا جهروڪ: ’سنڌ سڀا- سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم‘، ’مخدوم بلال جي شهادت جو مسئلو‘، ’ڪراچي شهر جي اوائلي تاريخ‘ ۽ ’سنڌ- قلات لاڳاپا‘ جويي صاحب نهايت دلجمعيءَ سان پڙهيا ۽ دوران گفتگو انهن جي واکاڻ ڪئي. مون سنڌ جي هن مهان ڏاهي جي ادبي مڃتا ۾، پنهنجو ڪتاب ’مطالعو سنڌ جو‘ سندن نالي منسوب ڪيو آهي. هي ڪتاب ناز سنائي 1992ع ۾ ڇپايو هو، جنهن کي تاج جويو الائي ڇو، پير حسام الدين راشدي مرحوم جو ڪتاب سمجهي ويٺو آهي(1)(1)

محمد ابراهيم جويي صاحب جي باري ۾، هن مضمون جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ جي زڪر سان ڪيل آهي. جيئن مٿي ذڪر ٿيو، بورڊ جي جنم کان وٺي، جويي صاحب ڪافي ورهيه ان جو سيڪريٽري رهيو هو. تمام گهٽ اسٽاف ٿوري بجيٽ جي باوجود به، جويي صاحب رات ڏينهن جي محنت سان، ٿوري وقت اندر ان کي وڏي مڃتا ڏياري ۽ دنيا ۾ بورد جي ساک قائم ٿي، ڊسمبر 1996ع ۾ کين بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. پاڻ هن عهدي تي پنج سال فائز رهيو ۽ تازوئي کين 13 جولاءِ 2002ع تي بورڊ جي سربراهيءَ تان فارغ ڪيو ويو آهي. ليڪن ويچار جوڳي ڳالهه هيءَ آهي ته، چيئرمئن محمد ابراهيم جويو پنهنجن هٿن سا ٺاهيل، نپايل ۽ بالغ ڪيل، هن اداري لاءِ هن پيري مفيد ثابت نه ٿيو، حالت هيءَ وڃي ٿي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس خلاف بيان تبصرا ۽ رايا اچڻ شروع ٿيا. بورڊ جي ڪن ملازمن مخالفت ۾ مظاهرو به ڪيو. مون سميت ڪافي دوستن کين اهري بيسود عهدي ڇڏڻ جي به صلاح ڏني. هن ڀيري جويي صاحب جي سڦل نه ٿيڻ جا ڪيئي سبب هئا. حضرت علي رضه کان هڪ ڀيري دوستن پڇيو ته ڇا سبب آهي، جو اڳين خليفن جي دور ۾ خلافت جو انتظام ٺيڪ ٿي هليو ۽ اوهان جي دور ۾ حالتون روز بروز بگڙندويون پيون وڃن. حضرت علي رضه جواب ڏنو ته اڳين دورن ۾ خليفن جا صلاحڪار مون جهڙا اصحاب هئا، جڏهن ته منهنجا صلاحڪار اوهين آهيو! جويي صاحب جي بورڊ جي چيئرمينيءَ واري دور تي ضرور ڪو دوست سان لکندو. آءُ ته رڳو ايترو لکندس شڪر آهي ته سنڌ جو هي مانائتو دانشور، هڪ اهڙي عهدي کان فارغ ٿي چڪو آهي، جتي هر ايندر ڏينهن تي سندن بيداغ ڪردار تي آڱر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وئي. محمد ابراهيم جويو ويهين صديءَ جي سنڌ جو هڪ وڏو ڪردار آهي ۽ پنهنجي ادبي، سياسي ۽ ادارتي پورهيي سبب هو هڪ داستان (legend بنجي چڪو آهي.

عبدالرحمان نقاش

سنڌ ترقي پسند شاعريءَ جو سرپرست

آءُ محمد ابراهيم جويي بابت پنهنجي ڳالهه جي شروعات فيڊل ڪاسٽر جي انهن لفظن سان ڪندس، جيڪي جويي صاحب’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ جي مهاڳ ۾ پنهنجي اٿاريل هڪ نُڪتي جي پٺڀرائيءَ ۾ حوالي طور ڪتب آندا آهن:

”اسين چئون ٿا ته اهڙي ڪي به فنڪار ڪين آهن، جيڪي فقط ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي فن جي تخليق ڪندا هجن. پنهنجي ان راءِ کي رد ڪد کان مٿي نه سمجهندي، اسين اهو يقين رکون ٿا ته جيڪو  به انهيءَ مفروضي تي هلي ٿو، اهو خود فريبيءَ جو شڪار آهي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته جيڪو فنڪار پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ڪاوش ڪري ٿو، تنهن لاءِ اهو امڪان ئي ڪونهي ته هن جي تخليق ايندر نسلن وٽ مقبول ۽ معروف ٿي سگهي- ڇا ڪاڻ ته جڏهن فنڪار ڪا تخليق پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ٺاهي ٿو، پوءِ اهي سندس پنهنجي وقت جا ماڻهو، ان کي سمجهي به سگهن يا نه، تڏهن، بلڪل ان سبب ڪري ئي، اڳتي هلي اها تخليق تاريخي ۽ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهي ٿي. اسين انقلاب ايندر نسلن لاءِ ڪونه آڻي رهي آهيون، اسين انقلاب هن نسل جي ساٿ سان ۽ هن نسل لاءِ آڻي رهيا آهيون- پوءِ اهو ايندڙ نسل لاءِ ڪيتري قدر به کڻي فائدي وارو ٿئي ۽ ڪيتري قدر به کڻي اهو تاريخ جو عظيم واقعو ثابت ٿئي. اسين مستقبل جي ماڻهن لاءِ انقلاب ڪونه آڻي رهيا آهيون. هيءُ انقلاب مستقبل جي ماڻهن لاءِ اهميت رکندو، ڇا ڪاڻ ته اهو اڄ لاءِ ۽ اڄ جي مردن ۽ اڄ جي عورتن لاءِ انقلاب آهي. جيڪڏهن اسين مسقبل جي نسلن لاءِ انقلاب آڻيندا هجون، ته ان حالت ۾ اسان کي هوند ڪير مڃي ۽ ڪير اسان جي پوئتا هلي؟ سچ پچ ته اسين فقط پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ئي ڪاوش ڪريون ٿا، ۽ اسان جي تخليق انهن لاءِ ئي آهي- ۽ ائين ڪرڻ سان ڪا به فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي سگهي.“


(*)  زنده، جنده، جندو جويو. ياد رهي ته مستي بن جندو جويي سان محترم ابراهيم جويي جي ڏهينءَ پيڙهيءَ ۾ نسبت وڃي ملي ٿي. [ت ج]

(1)  ڪنهن تقرير ۾ مون پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي سنڌ  جون‘ مرتب: غلام محمد لاکي جو حوالو ڏيندي، ڀل ۾ لاکي صاحب جي ڪتاب’مطالعو سنڌ جو‘ جو نالو کنيو هو، هتي ان حوالي سان ڳالهه ٿيل آهي. (ت ج)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org