ٻوليءَ ۾ لفظ جي انتخاب، بيان ۽ مفهوم جي ادائگيءَ
لاءِ بيهڪ جي نشانين کي وڏي اهيمت حاصل آهي.
ٻوليءَ جي سينگار لاءِ اهو هڪ اهڙو فن آهي. جنهن ۾
عام طرح ڪن ٿورڙن ماڻهن کي، ڪمال حاصل آهي. جويي
صاحب کي هن فن جو بادشاهه چئجي ته بجا آهي. لکڻ ۾
اسان به پوريون ڪيون آهن، ليڪن هن فن جي ڏانو ۽
ڄاڻ کان ڪماحقہ اسين واقف به نه ٿي سگهيا آهيون.
جويو صاحب هن فن ۾ هر نشانيءَ لاءِ جيڪا ڄاڻ رکن
ٿا، اها بيمثال آهي. ان کان سواءِ ٻٽن لفظن يا
ضمير ۽ حرف جي اضافيت جي لاڳاپي، فعلي ۽ ضميري
پچاڙين وارن لفظن، مضارع ۽ فعل مجهول جي استعمال،
لکڻيءَ ۽ ان جي بيهڪ مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ جويي
صاحب کي جيڪو ڏانءُ آهي، اهو شايد ڪنهن کي هجي.
جويو صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي درسي ڪتابن جي
جائزي واري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو ۽ هن راقم
بحيثيت ميمبر جي اهو ڪم سالن جا سال جويي صاحب جي
نگرانيءَ ۾ ڪيو. اُن ڪم دوران مون محسوس ڪيو ته
جويو صاحب لفظن تي اِملا يعني زير، زبر، پيش وغيره
ڏيڻ جو حامي آهي.جڏهن ان سلسلي ۾ ڳالهه ايندي هئي
ته پاڻ چوندو هو ته اهي املا جون نشانيون ٻوليءَ
جي بڻ بنياد ۽ ان جي صحت جي علامت آهن. ڌارين
ٻولين جي اختلاط وارو عمل، گهڻي قدر ٻوليءَ ۾ بگاڙ
جو عمل آهي. اسان وٽ ڪي صاحب ٻوليءَ جي ان بگاڙ
کي سڌارو تصور ڪن ٿا . انهن کي اها خبر نه آهي ته
ٻوليءَ ۾ لفظن جي ساختيات ڇا آهي ته ان جو
انساني ارتقا ۽ ان جي تهذيب جي روين سان ڪهڙو تعلق
آهي. توهين اڄ جيڪڏهن املا کي ختم ڪندؤ ته وقت
کان پوءِ انهن لفظن جو تصور، بڻ بنياد ۽ صوتي
ڪيفيت ساڳي نه رهندي ۽ سنڌي هڪ اوپري ٻولي ٿي
ويندي. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون بحث هيٺ اينديون
هيون. ارمان اهو آهي ته اها گفتگو، جيڪا جويي
صاحب، امداد حسيني، راقم ۽ محمد فاضل شيخ جي وچ ۾
ٿيندي هئي، اها ٽيپ نه ٿي سگهي. اڄ اهو احساس ٿو
ٿئي ته اسان جي ادارن ٻوليءَ جي صحت ۽ ان جي مختلف
پهلوئن تي ٿيل گفتگوءَ کي رڪارڊ نه ڪيو، جيڪا وڏي
ڄاڻ ۽ مايي واري هوندي هئي.
جويي صاحب عملي طور تي سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو
آهي. ڪيترن ڪتابن جا ترجما ۽ ڪيترن جا مهاڳ لکيا
اٿن. سندن ڪيترو تخليقي مواد پڻ شايع ٿيل آهي،
جيڪو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ وڏي ڄاڻ وارو
آهي.
جويي صاحب جن جي حياتيءَ جو جيڪو وڏو ۽ نه وسرندڙ
ڪارنامو آهي، اهو آهي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندن
سيڪريٽريءَ وارو دور، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم
۽ جديد ادب جي اشاعت، تدريسي ڪتابن جي اشاعت ، لوڪ
ادب ۽ لغت جي اشاعت ، تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب جي
اشاعت وڏي اهميت ڀريا ڪم آهن. جويي صاحب ادبي
بورڊ ۾ رهندي، سنڌي اب کي ايترو ڪجهه ڏنو آهي.
جيڪو نهايت لائق فخر ۽ نه وسرندڙ ڪم آهي.
جويو صاحب مُني صديءَ کان هر دور جي ٽهيءَ جو
سيکاريندڙ ۽ ساٿي رهيو آهي. خبر نه آهي ته هن قد
آور شخصيت ڪيترن ذهنن جي تربيت ڪري، انهن کي ڪنهن
گس تي گامزن ڪيو آهي. فردن جي منفي ۽ مثبت عمل ۽
سوچ لاءِ جويو صاحب جوابدار نه آهي. اهو انهن جو
پنهنجي نتيجي جي اخذ ڪرڻ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ جو
ثمر آهي. هن شخص سنڌي قوميت جي فروغ لاءِ جيڪو ڪم
ڪيو آهي، ان ۾ خبر نه آهي ته ڪيترا چراغ روشن ٿيا
آهن. هڪ آدرشي انسان جي حيثيت ۾ هن شخص ڪڏهن به
پاڻ کي پاڻ پڻي جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو آهي. هن چوڻ ۾
ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جويو صاحب خود هڪ مڪتبه فڪر
جو مالڪ آهي، جنهن جي ڦهلاءَ ۽ تربيت جي ترغيب
لاءِ عملي بساط ۽ ڳالهه ٻولهه جو طريقو اختيار
ڪري، هن جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو سنڌ جي فڪري تاريخ
جو حصو آهي. جويو صاحب پيرانه ساليءَ ۾ به جوان
نظر اچي ٿو. سندن هلت چلت ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ اهو ئي
ساڳيو مهربان ۽ مشفقانه انداز موجود آهي. شايد
انهن وڏڙن جي شفقت ۽ آسيس جو سايو اسان ۽ اوهان ۽
علم ادب جي بساط تي سدائين قائم رهي!
هدايت منگي
ليکڪن جو مهربان ساٿي
اسين ننڍڙي لاڪون جويي صاحب جون لکڻيون پڙهندا پيا
اچون، جن ۾ زندگيءَ لاءِ ڀرپور اتساهه به مليو آهي
ته ان خاموش جدوجهد جو ڏس به، جيڪا هڪ ليکڪ پنهنجي
وايومنڊل ۾ رکي ٿو ۽ حالتن کان متاثر ٿيڻ باوجود
نامناسب حالتن اڳيان جُهڪي نٿو ۽ جاکوڙ کي جاري
رکيو اچي ٿو. مون ذاتي طور جويي صاحب جي لکڻي
پهريون ڀيرو ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ‘ ۾ پڙهي. اهو
شيخ اياز جي ڪتاب جو مقدمو هو ۽ آخري لکڻي پير
حسام الدين راشدي صاحب جي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون‘ جي مقدمي جي شڪل ۾ پڙهيم. ان وچ ۾ جويي صاحب
ڪجهه اصلوڪيون لکڻيون به پڙهڻ لاءِ ڏنيون آهن ته
اڪثر ترجما به ڇپايا اٿائين. ان عرصي دوران هن نه
رڳو سٺا ۽ ٻاجهه ڀريا ڪتاب ماڻهن کي ڏنا آهن، پر
سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت قائم ڪري
باقاعدي ڪتاب ڇپائڻ به لڳو آهي. پر ان وچ ۾ اڄ
تائين، الائي ڇو مون کيس هيکلو ڏٺو آهي، باوجود ان
جي ته سندس چوڌاري اسين، کانئس سکندڙ ۽ سندس
پنهنجو هڪ حلقو ساڻس سندس جاکوڙ ۾ گڏ رهيو آهي.
مون سائين جي هيکلائيءَ جي ڳالهه ساڻس ڪيل هڪ
اڪيلي ملاقات کان پوءِ پنهنجي اندازي مان ڪئي آهي.
اسان جي اها ملاقات شايد 26 يا 27 جون 1981ع تي
حيدرآباد ۾ ٿي هئي ۽سائين وڏي مهرباني ڪري منهنجي
فون ڪرڻ کان پوءِ سيڙجي حيدرآباد ۾، مون سان ’هلال
پاڪستان‘ جي آفيس ۾ ڪچهري ڪرڻ آيو هو. ساڻس ان کان
اڳ به ننڍڙيون ملاقاتون ٿيون هيون، پر ان موقعي تي
جويي صاحب مون کي منهنجي هڪ ٻئي ساٿيءَ سان ٺهي
هلڻ لاءِ ور ور ڪري پارت پئي ڪئي. مون ان وقت اهو
محسوس ڪيو ته هو صاحب لکندڙن مان هر هڪ سان، ۽ وري
سڀني لکندڙن سان، ڪيترو اُنس رکي ٿو ۽ ڪيڏي محبت
ڪري ٿو. اهو وقت منهنجي آجرن پاران مون تي عتاب
وارو وقت هو ۽ مون کي زوريءَ، منهنجيءَ مرضيءَ
خلاف، بلڪ سزا ڏئي، ڪراچيءَ مان حيدرآباد بدلي ڪيو
ويو هو، ۽ گڏو گڏ اها ڪوشش ڪئي وئي هئي ته آءُ
جتي پيٽ گذران ڪريان ٿو، اتي جي ساٿي ڪارڪنن کي
متحد نه ڪري سگهان: ۽ ان وحشي جنون کي رنڊڪ نه
وجهان، جنهن ڪراچيءَ ۾ هڪ اشاعتي اداري ۾ پيٽ قوت
حاصل ڪندڙ سنڌين جي گهٽ ۾ گهٽ 32 ڪٽنبن کي بک ۽
بدحاليءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو هو. مون کي هيءَ ڳالهه
ڪندي افسوس به ٿئي ٿو ته منهنجو اهو رُٺل ساٿي،
جڏهن پنهنجن ٻچن جي پيٽ قوت ٻيهر کسجڻ جي ڀو کان
ڪارڪنن جي تحريڪ کان الڳ ٿي ويو هو، تڏهن اها
تحريڪ رُڪجي ڪانه بيٺي هئي؛ البت اسان ڪجهه
تڪليفون ضرور ڏٺيون هيون. منهنجو خيال آهي ته جويو
صاحب لکندڙ يا لکڻ جو پورهيو ڪندڙ ماڻهن سان جيڪا
محبت رکي ٿو، ان جو ڪاٿو مشڪل آهي، ۽ انسانن کي
اهڙو ئي آٿت کپي ، جيڪو هو ڏيندو رهيو آهي . جويي
صاحب اسان جي ٺاهه جون جيڪي ڪوششون ڪيون آهن ، مون
کي ڪڏهن ڪڏهن بيحد شرمندگيءَ ۾ مبتلا ڪنديون آهن،
ڇا ڪاڻ ته هو صاحب، جن آدرشن لاءِ اسان جو ٺاهه
ضروري سمجهي ٿو، اهي اُتم آهن، پر ٿي سگهي ٿو ته
حالتن جيڪي اوڻايون ۽ رنڊڪون پيدا ڪيون آهن: انهن
کي جويو صاحب درگذر ڪرڻ چاهيندو هجي ۽ اسين ائين
نه چاهيندا هجون. تلخين جي خبر هجڻ جي باوجود سندس
اصرار ته ’ٻه لکندڙ هڪ ٻئي کان ڇو پري هجن؟‘ محمد
ابراهيم جويي صاحب جي ادب ۽ اديبن سان ورتاءُ کي
ظاهر ڪري ٿو.
اسان ماڻهو، جيڪي ڳوٺ ڇڏي ڪراچيءَ ۾ پيٽ گذران به
ڪريون ٿا ۽ ڪنهن جي اڳيان جُهڪون به نه ٿا، سڀ
هتان جي حالتن کان متاثر ضرور ٿيا آهيون؛ پر
منهنجي راءِ آهي ته اهو اثر اسان جي انهن سچاين تي
نه پوڻ کپي، جن کي اسين پورهئي جي شان جي بچاءَ
لاءِ رڳو فرار طور نه بلڪ سچيءَ دل سان جدوجهد جو
روپ ڏئي، سرهو ڪري رهيا آهيون. سنڌيءَ ۾ ٻاجهاري
فڪر جي موضوعن تي ڪتاب آهن ۽ اهي خاص ڪري جويي
صاحب جا لکيل آهن ، پر هڪ ڳالهه آئون شدت سان
محسوس ڪندو آهيان ته صنعتي نوعيت جي زندگيءَ ۾
ڪُچلجندڙ سنڌي پورهيتن کي آٿت ۽ جدوجهد جو اتساهه
ڏيندڙ ادب تي تمام گهٽ ۽ نه جهڙو ڌيان ڏنو پئي ويو
آهي. ان مد ۾ نه تخليقي ادب تي ڌيان ڏنو ويو آهي ۽
نه ترڪيبي نوعيت جي لکتين تي. اسان جي اديبن ان
نوعيت جي ادب جو جيڪو به ۽ جيترو به مطالعو ڪيو
آهي، اهو گهڻو ڪري ان ضرورت کي محسوس نه ڪرائي
سگهيو آهي ته اسان وٽ به پورهئي ۽ ان سان وابسته
جديد قدرن کي سمجهڻ ۽ عام ساڃهه پيدا ڪرڻ لازمي
آهي. سنڌيءَ جا اديب جنهن دور ۾ رهن ٿا، اهو آهي
ئي اهڙو، جيڪو رڳو ٽڪراءُ پيدا ڪري رهيو آهي ۽
ماڻهو ماڻهوءَ کي کائي رهيو آهي. ان مخصوص دور جي
حالتن سان گڏجي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪي ملڪ گير
تنظيمون ناهن ته ان حقيقي کان منهن نٿو موڙي سگهجي
ته جنگ پوءِ به جاري آهي. آءُ ڪنهن ساٿيءَ تي
الزام ڌرڻ نه ٿو چاهيان، پر اهو سچ آهي ته ذات کان
ٻاهر هڪڙو ڏاڍو وسيع جهان آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ
سطح تي ٿيندڙ ڪنهن به صنعتي نوعيت جي جدوجهد ۾ هٿ
ونڊائڻ هڪ ساڃهه ڀري ماڻهو جو فرض آهي، جيئن مون
چيو آهي ته اهڙي معاشرتي ڍانچي اندر ٽڪراءِ اڻ ٽر
آهن ۽ فڪري آهن، پر جيڪڏهن انهن جي نوعيت ۽ پنهنجن
فرضن کي سڃاتو وڃي، ته ان ۾ ڪو عيب ته هونئن ئي
ڪونهي، پر ماڻهوءَ کي ان لاءِ پاڻ کان، ذاتيات کان
۽ ذاتي مفادن کان نڪري اچڻو پوندو ۽ مٿانهون ٿي
سوچڻو پوندو- ۽ تڏهن ئي ڪنهن ننڍڙي جدوجهد، ڪنهن
ننڍڙيءَ جنگ مان نڪري، وڏيءَ، ازلي ۽ جامع سچ لاءِ
وڙهجندڙ ويڙهه ۾ پير پائي سگهبو. ظاهر آهي ته جڏهن
هوُ ٻن رٺل ماڻهن کي لکڻ جو پورهيو ڪندڙ ٻن شخصن
کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سندس
انهن سمورين سچاين کي محسوس به ڪجي ٿو. البت اسين
پنهنجن سرواڻن مان اها به اميد رکون ٿا ته اهي
اسان جي اوڻاين ۾، اسان جي پنهنجي ليکي شروع ڪيل
ڪنهن ننڍڙيءَ جدوجهد، ۾، نه رڳو اسان جي رهنمائي
ڪن، پر اڳڀرو وٺي هلندي، اسان جي نااتفاقين ۽
ننڍڙن اختلافن جي سببن کي به وزن ڏين ۽ انهن ۾ به
بجا مداخلت ڪندي، نه رڳو آٿت پهچائين، پر ٽڪراءَ
دور ڪرڻ ۾ ڏانءَ ۽ ساڃهه ڏيڻ جي مهرباني به ڪن.
اها مهرباني نه، پر سندن فرض آهي.
[سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾، 31 ڊسمبر
1981ع تي پڙهيل]
پروفيسر اعجاز قريشي
سائين محمد ابراهيم جويو
تهڙا چاليها
نه چاليهه،جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
ڪهڙي
ڪاتب ٿو ڪرين، مٿي پنن پيهه،
جي ورق ورائين ويهه، ته به اکر اهوئي هڪڙو!
(شاهه)
ماڻهو دنيا ۾ ڪيترائي وڏا ڪم ڪن ٿا. ڪي ماڻهو وڏا
ليڊر ٿين ٿا. ڪو ڪردار مسيحا جهڙو ٿئي ٿو. اُهي
قومن جا فڪري استاد آهن ۽ پنهنجي عوام کي سچائيءَ
جي واٽ ڏسين ٿا. اُهي پنهنجي ڌرتيءَ سان
وفاداريءَ، ان جي اوسر ۽ جياپي جي جاکوڙ جا روشن
مينار هوندا آهن. اهڙن ئي املهه ماڻهن مان اسان جي
سنڌ جو هڪ استاد، عالم، محقق ۽ سنڌ جو سچو سپوت،
سائين محمد ابراهيم جويو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو کي ڏسڻ سان ننڍي کنڊ جي
مني صديءَ جي تاريخ اڳيان ڦري اچي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ
اڌ صديءَ کان هن سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ پنهنجو
پاڻ کي ارپي، ساڻن سچي هئڻ کي ثابت ڪيو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ توڙي پوءِ، بلڪه اڄ تائين
پنهنجي عوام جا ڏک ۽ سور سندس ڏک ۽ سور رهيا آهن.
پاڻ سنڌ جي سڀني مسئلن تي، چاهي اها سنڌ جي تعليم
هجي، ٻولي هجي، اقتصاديات هجي، سياست هجي، ادب
هجي، يا عام انساني حقن جو بچاءُ هجي، ڀرپور قلم
کڻي، سنڌ جي استادن، شاگردن، دانشورن ۽ سماجي
ڪارڪنن کي تعليم ڏني اٿن ۽ ثابت ڪيو اٿن ته وطن ڇا
ٿيندو آهي، وطن جي عوام جي خدمت ڇا آهي ۽ ان جو حق
ڪيئن ادا ڪبو آهي.
جويي صاحب جو خدمت خلق اُن کي… سان، خاص ڪري علم ۽
ادب جي حوالي سان، لاڳاپو ٻن قسمن جو رهيو آهي،
خدمتگار جي حيثيت ۾ پنهنجي فرض ادائيءَ وسيلي ۽
ادب جي دائري ۾ تخليقڪار ۽ لائق ترجمي نگار
طور،اڪثر ائين چيو ويندو آهي ته ادب ۾ تخليق جو ڪم
ڏکيو ۽ ترجمي جو ڪم سولو آهي. آءُ انهيءَ راءِ جو
آهيان ته ٻئي ڪم پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهن، بلڪ
ادبي ۽ علمي ميدان ۾ مترجم تي ذميواري ڪجهه قدر
وڌيڪ عائد ٿئي ٿي. هن کي اصل ٻوليءَ جي خيالن ۽
اصليت کي به برقرار رکڻو پوي ٿو ۽ جنهن ديس جي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي ٿو، ان ديس جي حالتن، محاورن ۽
مروج ٻوليءَ سان ان کي تُزُ ٺهڪائي به بيهارڻو
پوندو آهي. جويي صاحب سنڌي ادب ۾ ترجمي جي ان ٻه
پاسائين خاصيت ۽ اهميت کي سمجهيو آهي ۽ ان جو حق
ادا ڪيو آهي.
سندس ڪتاب ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جيڪو سندس
ڪيترن ئي مضمونن ۽ ترجمن جو پڻ مجموعو آهي، ان
ڳالهه جي ثابتيءَ طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ سندس جيڪي لکڻيون آيل
آهن، اهي سڀ سنڌ جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ ٻولين جو
مسئلو، صوبائي خودمختياريءَ جو مسئلو، سنڌ جو
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ سان ناانصافيون
۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ بابت آهن. ڪتاب جي
ٻئي ڀاڱي ۾، عام انساني بهتريءَ بابت انساني غير
برابريءَ ۽ انساني رهبريءَ لاءِ ’بامقصد فلسفو‘،
’جمهوريت انسانذات لاءِ‘ ۽ ٻين اهڙن مفيد عنوانن
تي سندس لکيل مضمون ۽ ترجمان ڏنل آهن. ڪتاب جي
ٽئين حصي ۾ سنڌي ادب، سياست، تعليم ۽ اخلاقيات جي
باري ۾ سندن مضمون شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي
چوٿين حصي جي سندس لکڻين ۾ انسانن هٿان انسانن سان
ٿيل زيادتين جي عڪاسي ٿيل آهي. جويي صاحب جو هيءُ
ڪتاب انساني ۽ قومي حقن بابت آهي، جنهن ۾ هو سنڌي
ٻوليءَ ادب، سياست، فلسفي ۽ سماجيات جي مسئلن جي
نشاندهي ڪري ٿو. هو خاص طور 1947ع کان اڄ تائين
سنڌي ۾ جيڪا سياسي جدوجهد جي صورتحال موجود رهي
آهي، ان جو نه صرف اکين ڏٺو شاهد آهي،پر پاڻ ان ۾
شامل به رهيو آهي. آءُ هتي سندس ان ڪتاب ۾ پيش ڪيل
فقط ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘ عنوان واري
هڪ مضمون بابت ڪجهه تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو. ڪنهن
به قوم جي سڃاڻپ ان جي ٻوليءَ، رهڻيءَ ڪهڻي ۽رسم
رواج مان ئي ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان لاءِ بهرحال ان
قوم جي ٻوليءَ، رابطي ۽ ريفرنس جو هڪ بنيادي ڪم
ڏئي ٿي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جنهن قوم جي
ٻولي زندهه آهي، اها قوم به زندهه ۽ وڏي شان واري
ليکي وڃي ٿي . هڪ قلمڪار، قلم هٿ ۾ کڻي ڪجهه لکي
ٿو ته هو پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۽ ادب ۽ اُن جي روح
۽ ضمير جو ترجمان ٿئي ٿو ۽ قوم جا سمورا احساس،
مفاد، مسئلا ۽ قدر قلمبند ڪري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ، تاريخ جي طويل دور ۾، پنهنجي حيثيت
مڃائي چڪي آهي ۽ اڄ تائين هن قديم ننڍي کنڊ جي
سمورين ٻولين ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي، پر افسوس جو
آزاديءَ کان پوءِ هن ٻوليءَ سان ماٽيجي ماءُ وارو
سلوڪ رکيو ويو آهي. قابل احترام استاد سائين محمد
ابراهيم جويي صاحب اِن نهايت ئي اهم موضوع جي
نزاڪت کي سمجهندي، ان جي تاريخي حيثيت، آزاديءَ
کان اڳ واريءَ ۽ هاڻوڪيءَ تي بحث ڪيو آهي ۽
پڙهندڙن آڏو مسئلي جي اهميت جي خيالن کان ۽ ان جي
مطابق سارو عنوان، يعني ’مغربي پاڪستان ۾ ٻولين جي
مسئلي‘
(Problem of Languages in West Pakistan)
بابت پنهنجو هڪ ڀرپور مضمون انگريزيءَ ۾ لکيو، ۽
پڻ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري حقيقتن کي بروقت
کوليو ۽ پڌرو ڪيو.
هيءُ مضمون شروع، اصلي انگريزي صورت ۾، ’ هڪ سنڌي
پبلشر‘ جي نالي سان ڇپيو هو. سائين محمد ابراهيم
جويي سرڪاري نوڪريءَ ۾ هجڻ ڪري پنهنجو نالو ان تي
ڪونه ڏنو ۽ ان جو سنڌي ترجمو به اُن ئي سبب ترت ئي
پوءِ پنهنجي نالي نه ، پر پنهنجي هڪ دوست سليم
احمد سنڌيءَ (سليم خواجي)جي نالي ۾ ڇپايو هئائون.
ترت ئي پوءِ سيد باقر شاهه، جيڪو تنهن زماني ۾
نئشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ
جو ميمبر به هو، تنهن پاڻ کي ’هڪ سنڌي نئشنلسٽ‘
سڏيندي، ڪرينٽ، پبليڪيشن طرفان، جويي صاحب جي
مضمون جو انگريزيءَ ۾
(The language problem in Pakistan)
جي عنوان سان، پنهنجي نقطي نگاهه کان وضاحتي طور،
شايع ڪرايو هو، جيڪو سنڌيءَ ۾ يا پاڪستان جي ڪنهن
ٻيءُ ٻوليءَ ۾ شايع ٿي نه سگهيو هو. جويي صاحب جو
مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپيو، ان جي ئي سزا طور
کيس حيدرآباد مان بدلي ڪري، جيڪب آباد موڪليو ويو
هو، بدلي ٿيڻ ڪنهن به وطن دوست، ايماندار ۽ اصول
پسند آفيسر لاءِ وڏي ڳالهه نه تڏهن هئي ۽ نه هاڻي
ئي آهي. سائين جويي صاحب پڻ ان بدليءَ کي ان ئي
اسپرٽ ۾ ورتو، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه سان واڳيو رهيو.
جيڪب آباد ۾ هڪ سال رهڻ کان پوءِ جويو صاحب وري به
حڪومت جي عتاب هيٺ آيو، ۽ فوراً بنا ڪنهن سبب
ڄاڻائڻ جي، ”اڄ جو اڄ“ جي تنبيهه سان، اوچتو هن جي
بدلي سرحد صوبي ڏانهن ڪئي وئي هئي.
تنهن جو سبب هيءُ هو، جو انهن ئي ڏينهن ۾ پاڪستان
۾ ترقي پسند ۽ قومپرست اديبن پاران ’پاڪستان عوامي
ادبي انجمن‘ جوڙي وئي هئي، جنهن جي جوڙجڪ ۽
پڌرنامي ٺاهڻ ۾ شيخ اياز، گل خان نصير، اجمل خٽڪ،
ڪامريڊ حسام ۽فيض احمد فيض سان گڏ جويي صاحب به ڪم
ڪيو هو، بعد ۾ ان پڌرنامي جا پاڪستان جي سڀني
ٻولين يعني، سنڌي، پشتو، پنجابي، بلوچي ۽ بنگاليءَ
۾ ترجما به ڪيا ويا هئا.
جويي صاحب، اولهه پاڪستان جي ٻولين بابت پنهنجي
مٿي بيان ڪيل انگريزي مضمون ۾، تاريخي حوالا ڏيندي
چيو هو ته سنڌي ٻولي اٺين صديءَ کان باقاعدي لکبي
آئي آهي، ۽ اُن جي موجوده 52 اکرن واري الف-ب، 17
صدي عيسويءَ ڌاري جڙي، 18 صديءَ کان پوءِ اها
ٽائيپ رائٽر تي آئي، تنهن وقت تائين ان جا ڪيترائي
ڇاپخانا قائم ٿيا ۽ اڄ به موجود هئا، جيڪي اخبارن،
رسالن ۽ ڪتابن جي طباعت ۽ اشاعت ۾ ڏينهن رات مصروف
هئا. جڏهن 1951ع ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽي قائم ٿي ته
ان جي قائم ٿيڻ شرط اتان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي
ڏني وئي هئي. اهڙي طرح پاڪستان ٺهڻ جي ٻن ٽن سالن
اندر ڪراچيءَ جي 500 کان وڌ سنڌي پرائمري سنڌي
اسڪولن کي هڪ ڌڪ سان ختم ڪيو ويو هو . 1956ع ۾
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سئنڊيڪيٽ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري
بنان ڪنهن سبب جي سنڌي ٻوليءَ جو، جيڪا ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تسليم ٿيل
هئي، اهو درجو به مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ تفصيل ۾ ويندي، جويي صاحب پنهنجي مضمون ۾
ڄاڻايو هو ته ”1959ع ۾ قومي ڪميشن پنهنجي مشهور
معروف رپورٽ تيار ڪئي، جنهن ۾ سواءِ ڪنهن رک رکاءَ
جي، بنهه کليو کلايو، سفارش ڪئي وئي ته سنڌي
ٻوليءَ کي اهڙيءَ طرح ناڪام بڻايو وڃي، جيئن اها
گهٽجي وڃي پنجين پرائمري ڪلاس تائين تدريسي مضمون
طور رهي، ۽ نوبت ايستائين وڃي پهچي، جو ڳالهائڻ جي
ٻوليءَ طور پڻ سنڌ جي ماڻهن جي سنڌيءَ جي بدران
بدلجي اردو ٿي پوي! بقول ڪميشن رپورٽ جي انهيءَ
نموني آخر ’اردو وڃي ملڪ جي عام مقبول ٻولي
ٿيندي.‘ پاڪستان سرڪار انهيءَ رپورٽ کي جيئن جو
تيئن منطور ڪيو هو ۽ حڪم صادر ڪيو هو ته هڪدم ان
تي عمل ڪيو وڃي. ان فيصلي جي خبر سنڌي ماڻهن کي
پئي، ته ان اُنهن پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ هڪ
زبردست تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جلد ئي اولهه
پاڪستان سرڪار 1962ع ۾ اهو فيصلو ڪيو ته سنڌي ٻولي
جيڪا سون سالن کان سنڌ جي تعليم جو ذريعو آهي،
تنهن کي انٽرميڊئيٽ تعليم تائين قائم رکيو وڃي.
اهڙيءَ طرح جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي زبردست ڌڪ لڳڻ
وارو هو، تنهن مان هوءَ بچي وئي هئي.
پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ سان ناحقيءَ وارو رويو
ايترو ته زورائتو رهيو، جو ڄاتو پئي ويو ته جر کان
پٽي اڇلائي ڇڏڻو هو. ان لاءِ حڪمرانن طرحين طرحين
منظم سازشون تيار ڪيون. اهڙين سازشن مان هڪ سازش
وڏو هاڃو رسايو، ان جي ڳالهه سائين جويي صاحب هن
نموني سان پنهنجي مضمون ۾ شامل ڪئي آهي ته:
”پاڪستان سرڪار تازو سنڌ جي علائقي ۾ ٻه جامع
(comprehensive)
اسڪول کوليا آهن: هڪڙو ميرپورخاص ۾ ۽ ٻيو خيرپور
ميرس ۾، ڇهين، ستين ۽ نائين ڪلاس لاءِ داخلائون
کوليون ويون. خيرپور ميرس واري اسڪول ۾ ذڪر ڪيل ٽن
درجن ۾ ڪل اٺ شاگرد داخل ٿيا . ٻنهي اسڪولن ۾ ڪل
داخل ٿيل شاگرد جن جي مادري ٻولي سنڌي آهي، سي فقط
35 آهن، هر هڪ اسڪول جي سڀني ڪلاسن ۾ شاگردن جو
گڏيل تعداد پندرهن سؤ تائين پهچڻو آهي.“
”هاڻوڪيءَ پنج ساله ترقياتي رٿائن واري عرصي ۾
اولهه پاڪستان جي ٻين علائقن وانگر هن علائقي ۾ به
اهڙا ٻيا اسڪول کلڻا آهن، جن مان ڪي خالص ڇوڪرين
جا به هوندا. اها به ته عجب جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ
لاءِ به اولهه پاڪستان سرڪار اهڙو فيصلو صادر ڪرڻ
فرمايو آهي، پر وڌيڪ عجب ان حقيقت تي آهي، جو مٿي
ذڪر ڪيل ٻنهي جامع اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ
شاگردن جو تعداد بنهه مايوس ڪندڙ داخل ٿي سگهيو
آهي.“
جويي صاحب مضمون ۾ نصاب جي صورتحال تي به لکيو ۽
حڪومت کان سوال ڪيو ته اولهه پاڪستان سرڪار يا
انهن ئي آفيسرن ڪهڙي قانون تحت انهن جامع اسڪولن ۾
تعليم جو ذريعو رڳو اردوءَ کي ڪيو، جڏهن ته سڄي
دنيا لاءِ بين الاقوامي طور هڪڙو فيصلو ٿيل موجود
آهي. اقوام متحده جو پڻ اهو ئي فيصلو آهي. پنهنجي
مضمون ۾ جويي صاحب پاڪستان جي هڪ جج (منصف) جو
بلڪل هڪ غير منصفاڻو نقطي نظر ٻولي جي سلسلي ۾ هن
نموني سان تحرير ڪيو آهي ته:
”هاءِ ڪورٽ جي جج، مسٽر انوارالحق جهڙي روشن دماغ
۽ صاحب فهم هستيءَ به انهيءَ قسم جو بلڪ انهيءَ
کان به وڌيڪ تشويشناڪ رويو اختيار ڪيو آهي. اي پي
پي جو اطلاع آهي ته 15 مارچ 1967ع تي ”مجلس تعمير
و ترقي“ لاهور جي اردو شعبي جي سهاري هيٺ ٿيل هڪ
مجلس مذاڪري کي خطاب ڪندي، هن صاحب چيو ته ”هاڻ
تعليم جي ذريعي جي سوال تي بحث ڪرڻ جي ڪا گنجائش
ئي ڪانهي، جو پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ گرئجوئيٽ
اسڪولن جو تعليمي ذريعو اولهه پاڪستان ۾ اردو ۽
اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي هئڻ گهرجي.“ جيڪي ماڻهو
اولهه پاڪستان ۾ اردو کي واحد سرڪاري زبان جو
مرتبو ڏيڻ جي گهر ٿا ڪن، تن سان آواز ملائيندڙ،
هن صاحب وڌيڪ ظاهر ڪيو آهي ته ”ڪجهه وقت اڳي اولهه
پاڪستان سرڪار اردوءَ کي سرڪاري زبان طور ڪتب آڻڻ
جي موڪل ڏني هئي، پر اهو تجربو ڪامياب نه ٿيو ۽
بند ڪيو ويو. انهيءَ جو سبب اهو نه هو ته اردو
ڪافي ترقي يافته ڪانهي، پر سبب اهو هو جو آفيسن ۾
ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ اردو ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ
گهربل لياقت ڪانه هئي.“ هن ساڳئي وقت چيو: ”جيڪڏهن
قومي اتحاد حاصل ڪرڻو آهي ته (ٻئي) قومي زبانون
(هڪ نه) لازمي طرح نافذ ڪرڻ کپن“.
حقيقت ۾ مسٽر جسٽس انوارالحق کي وڏي ڳڻتي رڳي
پنهنجي دل گهري ٻوليءَ اردوءَ جي آهي، ان کي اولهه
پاڪستان ۾ مڪمل بالادستي ڏيارڻ جي پوري پوري وڪالت
ڪرڻ کان پوءِ ئي هو لاچار علائقائي ٻولين جي وجود
جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هڪڙي ئي جملي ۾ انهن جو سمورو بحث
ختم ڪري ٿو ڇڏي ته ”قومي ٻولين سان گڏ علائقائي
ٻوليون به عام جام ويجهي ٿي سگهن ٿيون.“ |