سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :13

ڪراچيءَ وارو فرصت جو زمانو غنيمت هو. اڪثر شام جو وقت جويي جي ڪچهريءَ ۾ گذرندو هو. سنڌي ادب جي مختلف مرحلن ۽ انيڪ موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ٻيا به نوجوان، اديب قسم جا دوست وٽس پهچي ويندا هئا، جن جو روزانه وٽس اچڻ معمول هوندو هو. جويي صاحب جي علم ۽ معلومات جو مٿن ڌاڪو هوندو هو. اهي ڄڻ سندن عقيدتمندن جي لڙهيءَ ۾ پوتل هئا.ان زماني ۾ سراج سندس اسسٽنٽ هو. وضعدار نوجوان ۽ نهايت بااخلاق هو. پنهنجيءَ ۾ لڳل هوندو هو. دفتر کان فارغ ٿي ڪاليج ويندو هو، ليڪن پنهنجي فرائض کان بخوبي واقف هو ۽ ماتحتيءَ جو حق بخوبي سرانجام ڏيندو هو، جنهن ڪري اسان جي مشغوليءَ ۾ گهٽ شريڪ ٿيندو هو.

سج لٿي مهل اسان ٽولو ٺاهي اسيمبلي بلڊنگ کان نڪرندا هئاسين. رستي تي بحث مباحثو هلندو هو ۽ ڪنهن هوٽل تي چانهه جي چُسڪيءَ دوران خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. جويي صاحب جي علمي ڪچهري اڪثر معلوماتي محفل بڻجي پوندي هئي. گهڻو ڪري سڀ پوئلڳ هئا، ۽ هو ها ۾ ها ملائيندا هئا ۽ هن جي هر فيصلي جي تائيد ڪندا هئا. هن جي بحث جي هر پهلوءَ ۾ وڏي مقصديت پوشيده هئي. نظريو رکڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. هو ترقي پسند ادب جو دلدادو نظر ايندو هو. مون کي ان وقت سوشلسٽ قسم جو ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هينئر خبر نه آهي ته نئشنلسٽ آهي يا سوشلسٽ يا ڪجهه ٻيو.

تنهن زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت، ’ترقي پسند مصنفين‘ جي انجمن جي جاءِ نشين بڻجي اُڀري هئي. نوجوان طبقو ان ۾ شامل  هو. جويو صاحب انهيءَ طبقي جو سرواڻ هو. سنگت جو سيڪريٽري جنرل اياز قادري هو، جنهن جي سنجيده ۽ نيڪ  طبع مختلف طبعيتن جي نوجوان اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو هو. مان اڪثر ان سنگت جي هفتيوار ڪچهرين ۾ شامل ٿيندو هوس، ٻڌندو هوس ۽ تنقيد ڪندو هوس. خوشگوار ماحول ۾ بحث مباحثو ٿيندو هو. نيڪ نيتيءَ سان تنقيد ڪئي ويندي هئي. تنقيد ۾ جويو، سوڀو، مرحوم احسان بدوي، سرڪي ۽ رباني ڀرپور حصو وٺندا هئا.

جويو هڪ وڏو محنتي ۽ اورچ ماڻهو آهي. هو هڪ فرض شناس استاد آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ هن پنهنجو رت ولوڙيو. جيڪڏهن جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري نه هجي ها ته سنڌ کي شايد سماهي’مهراڻ‘ نه ملي سگهي ها. مهراڻ کي  معياري پرچي بنائڻ ۾ جويي جي ڪوشش جو سندس بدترين مخالفن کي به اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. هن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي خدمت ڪئي آهي. هن ننڍي کي وڏو وڏي کي تمام وڏو، گمنام کي نامور بنائي سنڌين سان روشناس ڪرايو آهي. هو پنهنجي هم مشرب اديبن کي نوازڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر پنهنجي مخالف کي ڪنهن به حالت ۾ بخشڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

1963ع کان پوءِ سنڌي ادب ۾ اختلاف راءِ جي ڪري هو مون سان ناراض ٿي پيو. جويي جي هم خيال حلقي مون کي ٿالهيءَ ڀاڄيءَ تان لاهي ڇڏيو. جويو صاحب ڏاڍو ناراض هو، هو جذباتي ٿي ويندو هو.

ڪيترن سالن کان پوءِ هو مون وٽ آيو. منهنجي ڏوهن جي فهرست پاڻ سان کنيو آيو. مون صفائي پيش ڪئي، پر منهنجا سڀ دليل رد ڪري ڇڏيائين. مان اڌ ڪلاڪ نهايت خاموشيءَ سان سندس ڪاوڙ کي دل سان هنڊائيندو رهيس، هو ٿڪجي پيو. مان به جواب ڪهڙو ڏيان، هتي ته رڳو ناڪار ئي ناڪار هئي. سندس جذبات جي شدت کان لطف اندوز ضرور ٿيس. مون کي ڇڏڻ لاءِ آفيس جي دروازي کان ٻاهر آيو، ڀاڪر پائي موڪلايائين. مون مُرڪي سندس منهن ۾ ڏٺو، دل ۾ گرمي محسوس ڪانه ڪيم، شايد ڀاڪر کان پوءِ به سندس دل ۾ مير رهجي ويو. منهنجي دل به صفا نه هئي. ٽن سالن کن کان پوءِ هو سي. ٽي. امتحان جي سلسلي ۾ منهنجي اسڪول ۾ آيو. مون سندس رسمي طور آجيان ڪئي. منهنجي دل ان وقت بالڪل صاف هئي، پر ڀانيم ته سندس دل ۾ ميرائيءَ جو ڪو کرنڊ باقي رهيل هو.

بعد ۾ مان ساڻس هڪ پارٽيءَ ۾ مليس. هو نهايت خوش اخلاقيءَ سان مليو. سندس سلوڪ نهايت قربائتو نظر آيم، سمجهيم ته شايد هن حقيقت کي سمجهي ورتو آهي، سندس دل تان شڪايت جو سمورو دفتر ميسارجي چڪو هو. هو اڪثر مون سان ملندو آهي. گڏ ويهندا آهيون. هو ساڳيوئي 1952ع وارو جويو آهي، جنهن ۾ مقناطيسي اثر نئينءَ طرح ظاهر ٿيو آهي. سندس مخالف اڪثر چوندا آهن ته هو مِٺي ڇُري آهي ۽ مان چوندو آهيان ته هو مٺڙو ماڻهو آهي وڌيڪ خبر خاوند کي، الله پنهنجي حڪمت پاڻ ٿو ڄاڻي.

(ٽماهي ’مهراڻ‘، 1-1975ع)

عبدالواحد آريسر

سنڌ جي محسنن تي سنگباري نه ڪريو

ڪجهه ڏينهن اڳ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سنڌ جي ممتاز دانشور، اديب ۽ نامور علمي شخصيت محمد ابراهيم جويي جي خلاف هڪ شخص طرفان بُغض ۽ ڪيني تي ٻڌل ٺٺول شايع ڪئي وئي هئي، ۽ اخبار اُن ٺٺول کي وڏي شد ۽ مد سان اُن شخص جي رنگين فوٽوءَ سميت ڪيترين ئي ذيلي سُرخين سان شايع ڪيو هو. مون ڪافي ڏينهن تائين انتظار پئي ڪيو ته سنڌ جي علم، ادب ۽ ڏاهپ جو ڪو گهڻگهرو انهيءَ مسئلي تي لکندو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جويي صاحب جي شاگردن سميت ڪنهن به ادب دوست ماڻهوءَ ان طرف ڌيان نه ڏنو.

جيئن ته اڄوڪو دور ميڊيا جو دور آهي، جنهن جي ذريعي مَڇَر کي شينهن ۽ شينهن کي مَک ۾ تبديل ڪرڻ وارو عمل مشڪل مسئلو نه آهي: اُن طريقي سان اسين سنڌ جي ڏاهپ ۽ علم دوستيءَ کي هيٺ ڪري، جهالت ۽ ڪيني پروريءَ جا رنگين بُت ماڻهن جي پوڄا لاءِ سنڌ جي شاهراهن تي کوڙڻ چاهيون ٿا ته جيئن دليون علم جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ جي بدران سجدن جون سِڪايل پيشانيون رنگين بُتن کي سجدا ڪنديون رهن.

محمد ابراهيم جويو، سرزمين سنڌ جو اُهو ڇٽيهه لکڻو پُٽ آهي، جنهن ڪتابن سان گڏ ادارن کي به جنم ڏنو، پاليو، وڏو ڪيو ۽ تندرست ۽ توانو بنايو آهي. آءُ جڏهن 1958ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو هئس، ان وقت جيڪو ڪتاب، سڀ کان پهرين منهنجي سامهون آيو، اُن جي لکندڙن ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو شامل هو، ۽ جڏهن مون سنڌ جي آزاديءَ جي واٽ ورتي، اُن وقت به منهنجي سامهون محمد ابراهيم جويي جو ڪتاب’سنڌ بچايو، کنڊُ بچايو‘ (Save Sindh, Save the continent) موجود هو. اهو ئي سبب آهي ته هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي مون چيو هو ته: ”هن وقت ڪوبه اديب ۽ شاعر، اسان لاءِ پوپ پال ٿيڻ جي ڪوِشش نه ڪري، ڇو ته اسين پوپن مان بيزار ٿي چڪا آهيون، پر هڪ ماڻهو، جنهن لاءِ اسان جون عقيدتون، محبتون، احترام جون چمپاڪليون ۽ خوابن جون خوبصورتيون وقف ٿيل آهن، جنهن جي هٿ ۾ ورهاڱي کان اڳ هڪ بئنر هو ’سنڌ بچايو، کنڊ بچايو‘ ۽ اڄ به اُن جي هٿ ۾ اُهو ئي بئنر، آب ۽ تاب سان جُهولي رهيو آهي. هن جون سموريون تقريرون، هن جا سڀ مقالا، هن جون سڀ تحريرون، هن جا سڀ مهاڳ، هن جا سڀ خواب ، اڄ ڏينهن تائين اُنهيءَ بئنر جي تشريح ۽ تعبير لاءِ وقف ٿيل آهن:

گو هي هوا تُند و تيز، چراغ اپنا جلا رها هه

وه مردِ قلندر، بخشا جس کو قدرت نه ذوق خدائي.

  - ۽ اهو  ابراهيم  جويي جو ئي ڪمال آهي، جو هن شعوري سطح تي جيڪو قدم پهرئين ڏينهن رکيو، اُن تي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ان سلسلي ۾ هن کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو آهي. ڪيترا ذهني ۽ جسماني عذابن جا درياهه کيس عبور ڪرڻا پيا  آهن ۽ ڪيتريون راتيون، هن اُنهن عذابن کي سهندي، ۽ ڪنهن روشن صبح جي انتظار ۾ اوجاڳا ڪندي ڪاٽيون آهن. اصلي مسئلو اُهو ناهي ته ڪو ماڻهو، ڪهڙي وقت، ڪهڙي چڱي ڳالهه ڪري ٿو، پر مسئلو، اهميت اُن وقت اختيار ڪري ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو سوچيل سمجهيل راءِ قائم ڪري ٿو ۽ ان کي پنهنجو نصب العين قرار ڏئي، ان لاءِ وٽس موجود وسيلن آهر استقامت سان جدوجهد ڪري ٿو. اِهو ئي سبب آهي، جو ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ جي روح روان، مولانا محمودالحسن ديوبنديءَ اِهو چيو هو ته ’استقامت ، ڪرامت کان مٿي آهي‘. ميدان جدوجهد ۾ بيٺل گناهگار بندو، روز ڪرامتون بدلائيندڙ وليءَ کان مٿي آهي ۽ محمد ابراهيم جويو اڄ ڏينهن تائين جنهن مسلڪ تي بيٺو آهي، اُها سندس استقامت، يقيناً وقتي طرح خوش نما جلوا ڏيکاريندڙ تصويرن وارن اوليائن کان هزار ڀيرا بلند آهي. جويي صاحب پنهنجي انهيءَ مسلڪ جي روشني ۾ سنڌ اندر وڏيون تبديليون آنديون آهن. اُهي تبديليون ڪچهرين کان وٺي علم، ادب ۽ فلسلفي تائين پکڙيل آهن. خاص ڪري هن سنڌي ادب جي رفتار ۽ رُخ ۾ جيڪا تبديلي آندي آهي، تنهن ڪري اڄ کڻي ڪوئي ’ڪوتاهه قد‘ نه مڃي، پر سنڌ جي وسيع ميدانن ۽ وسيع ريگستانن ۾ منعقد ٿيندڙ هزارين محفلون ۽ مجلسون، جن ڀونءِ جو ڀاڳ ئي ڦيري ڇڏيو آهي، سي هن ڳالهه جون شاهد آهن ته انهن مجلسن ذريعي ماضيءَ جي مڪروهه ۽ غلاظت ڀرئي رويي جي خلاف جيڪا سهڻي ۽ مهڪار ڀريل هوا گُهلي رهي آهي، سا اُن پيريءَ ۾ نوجوان کان وڌيڪ جذبو رکندڙ شخص محمد ابراهيم جويي جي اڻٿڪ پورهيي جو نتيجو آهي. هڪڙو مشهور مقولو آهي ته:”سوچيو ٿڌي دماغ سان، ارادا گرم دلين سان ڪريو ۽ عمل شفاف هٿن سان ڪريو“ اسان وٽ ادبي ميدان ۾ صرف هيءُ ئي شخص آهي، جنهن انهيءَ مقولي تي عمل ڪيو آهي، ۽ جيڪو  اڄ چئي سگهي ٿو ته: ”دامن نچوڙين تو فرشتي وضو ڪرين‘- ۽ ڪنهن اڄ ڏينهن تائين سنڌ سان پنهنجيءَ وفاداريءَ جي خوشبوءِ کي ڪڏهن به ڌيمو پوڻ نه ڏنو آهي. هن کي انهيءَ راهه ۾ مصيبتن سان گڏ  ڪيتريون لالچون ۽ لوڀ به آڇيا ويا هوندا ۽ هئا، پر هن اُنهن سڀني کي ادا بي نيازيءَ سان نظرانداز ڪري ڇڏيو هوندو؛ ۽ شايد دل ۾ ائين چوندو هجي ته ’جنهن کي شوق هجي سو اچي ۽ اچي مون کي شڪار ڪري ڏسي! جويي صاحب جا ڪيترا همعصر وڪامجي ويا، تبديل ٿي ويا، پنهنجون سجده گاهون بدلائي ڇڏيائون، نون جلون ۽ چمڪيدار نظارن ۾ کوئجي ويا، پر هي ماڻهو لطيف سائينءَ چواڻي: اُتيئي آهين، جتي اوهان ڇڏيو‘- ۽ هو جنهن جذبي، ٻاجهه ۽ خلوص سان هن اڀاڳيءَ ڀونءِ جي نادان ماڻهن کي هدايت جي واٽ ڏسيندي، پنهنجيءَ توانائيءَ، ڏاهپ ۽ ڏات جي پلٽ ڪندو رهيو آهي، اُن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته: ’مضبوط پهاڙ پنهنجي جاءِ ڇڏي سگهن ٿا، پر جن جون دليون لازوال  محبت جي جذبي سان سرشار هونديون آهن، سي لُڏي لمي نه سگهندا آهن‘- ۽ محمد ابراهيم جويو، ائين انهن سِٽن جو مصداق آهي. اُنهيءَ عربي شعر جي مفهوم کي، خليفي نبي بخش ڪجهه هن طرح ادا ڪيو آهي ته: ’ويا اُڏامي ڪک، پڙ تان پاهڻ نه چُري‘. آءُ سمجهان ٿو ته هتي خليفي صاحب جي مُراد محبت جو پاهڻ آهي.

’ڪاوش‘ ۾ ڇپيل انٽرويوءَ ۾، جويي صاحب لاءِ اهو چيو ويو هو ته ”هو دانشور نه آهي“ دانشور لفظ جي لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ شايد ئي انٽرويو ڏيندڙ ۽ وٺندڙ کي معلوم هجي! حقيقت ۾ اسان وٽ ’انٽيليڪچوئل‘ (Intelectual) لفظ جو ترجمو ’دانشور‘ ڪيو ويندو آهي، پر ننڍي کنڊ ۾ ’دانشور‘ لفظ جي تاريخ ڪجهه عجيب و غريب معنيٰ رهي آهي. هونئن به ’دانشور فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ’سمجهو‘ ۽ منهنجي خيال ۾ ’سمجهه‘ جو درجو، ’ڄاڻ‘  کان مٿڀرو آهي: جيئن علم کان ادراڪ مٿانهين شيءِ آهي. اُن ڪري، علم صرف ليڪن، نقطن، دائرن ۽سِٽن جي سڃاڻپ جو نالو آهي، پر اِدراڪ، انهن دائرن، ليِڪن، نُقطن ۽ سٽن ۾ جيڪو مفهوم پيدا ٿئي ٿو، ۽ ان مفهوم جا انساني زندگيءَ ۽ ڪائنات تي جيڪي اثر پون ٿا، تن کي سمجهڻ جو نالو آهي. ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ رائيٽر گوپال متل لکيو آهي ته ”ادب جي ترقي پسند تحريڪ ۾ هڪڙا ته ڪهاڻيڪار هئا، ٻيا شاعر ۽ ٽيان اُهي، جن کي ٻئي شيون لکڻ نه اينديون هيون ۽ ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ چاهيندا هئا، تن کي اسين دانشور جي حيثيت ۾ تحريڪ ۾ شامل ڪندا هئاسون. يعني اهڙو ماڻهو، جنهن  کي ادب جي ڪا صنف نه اچي،  پر هو نظرياتي لاڳاپو رکندڙ هجي“. گوپال متل جو اِهو جملو طنزيه آهي ۽ هن هي اُن وقت لکيو هو. جڏهن هُو ترقي پسند تحريڪ ڇڏي چڪو هو ۽ جماعت اسلاميءَ جو اعزازي ميمبر وڃي بنيو هو. اُن کان پوءِ هر بارُ ڍوئيندڙ ڍڳي کي دانشور سڏيو ويو، يا جيڪو ڇِتڪُتائيءَ واري لٻاڙبازي ڪري، تنهن کي به دانشور چيو ويندو آهي. پر دانشور جي اصطلاحي معنيٰ سياست ۾ الڳ ۽ ادب ۾ الڳ آهي. سياست ۾ ’دانشور سياستدان‘ ان کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو حال جي واقعن مان مستقبل جي واقعن جو اندازو لڳائي يا موجود نظامن ۾ گهُٽيل ماڻهن مان بيزار ٿي، سياسي عمل جي ڪا نئين راهه، نئون رستو ۽ نئون فڪر پيش ڪري منهنجو جيل جو رفيق، استاد ڪنيا لال چوندو آهي ته ”ننڍي کنڊ ۾ دانشور سياستدان صرف مولانا آزاد هو، جنهن مستقبل لاءِ جيڪي به اڳڪٿيون ڪيون، سي گهڻي ڀاڱي درست نڪتيون“. آءُ چوندو آهيان ته جواهر لال نهرو به دانشور سياستدان هو، جنهن ’غير جانبدار‘ تحريڪ جو نه رڳو تصور پيش ڪيو، پر ان کي عملي شڪل ۽ صورت به ڏنائين. اهو تصور نهروءَ کي سائين جي. ايم. سيد سمجهايو هو، جيڪو اقتصاديات سميت سماج جي سڀني پهلوئن تي مبني هو. پر  نهروءَ ان کي صرف سياست تائين محدود رکيو ۽ اقتصاديات سميت سماج جي سڀني پهلوئن تي مبني سيدَ جو تصور اڃا شرمنده تعبير آهي.

ادب ۾ دانشور جي اصطلاحي معنيٰ اِها آهي ته” اُن ماڻهوءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي نئين تخليقي صلاحيت، پنهنجن همعصرن کان ممتاز ۽ سگهه بخشيندڙ هجي“- ۽ سنڌ ۾ اُها تخليقي صلاحيت صرف محمد ابراهيم جويي ۾ ئي آهي. هن جو ڪو به مضمون توهان پڙهو، توهان کي نئون رجحان، نئون خيال ۽ کوجنا جو نئون ميدان ملندو، مثال طور هن هڪ دفعي لکيو ته ”ذلت جي انتها، بغاوت جي ابتدا هوندي آهي ۽ جڏهن به  انتهائي ذلت تي ڪوئي معاشرو، ڪائي قوم ۽ ڪوئي فرد بغاوت جي ابتدا نه ڪري، ته پوءِ ائين سمجهه ۾ اچڻ کپي ته ان معاشري، قوم ۽ فرد جا حِسياتي جُزا ختم ٿي ويا آهن“. پر تاريخ ۾ اهو تمام گهٽ ٿيو آهي.

ٻئي سلسلي ۾ سنڌ جو هي ثمردار علمي وڻُ، علم جا ميوا ورهائيندي لکي ٿو ته ”دنيا ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن، جن لاءِ مرڻ ۾ ماڻهو دليل ۽ منطق نه پڇندو آهي: هڪ مذهب ۽ ٻيو آزادي- ۽ جيڪو به ماڻهو آزادي لاءِ دليل پُڇي ٿو، اُن مان پيدائشي حق جي حِس ئي ختم ٿي وئي آهي.“ ڪي ماڻهو چون ٿا ته آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ سِر وڃائڻ. ان تي پيريءَ ۾ نوجوان، سنڌ جي املهه وٿُ جهڙو ماڻهو چوي ٿو ته: ’آخر سِر آهي ڇا لاءِ؟ سر ته آزاديءَ ۽ محبت ڀري سماج لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ آهي، ٻيءَ صورت ۾ اُهو صرف غلاظت، لالچ ۽خوف جو هڪ لوٿڙو وڃي بچندو، جيڪو ڪڏهن جاهه و جلال جي سامهون جهڪندو يا زر ۽ جواهر جي سامهون سجده ريز ٿيندو. سنڌ کي اهڙن سِرن جي ضرورت آهي، جيڪي سجدي لاءِ نه پر شاهه عنايت وانگر ڪٽجڻ لاءِ تيار هجن.‘

دادو ضلعي جي ’آباد‘ نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ غريب مائٽن جي هن ٻارَ لاءِ ڪڏهن ڪنهن اِهو سوچيو به نه هوندو ته سنڌ جي علمي اُفق تي هي نه صرف ’وهائو تارو‘ ٿي اڀرندو، پر چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندو؛ سو تعليم جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”تعليم جا ٻه طريقا آهن؛ هڪ روايتي ۽ ٻيو غير روايتي. روايتي تعليمي طريقي ۾ پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين تعليم اچي وڃي ٿي. ۽ غير روايتي تعليمي طريقن ۾ ماءُ جي هجن کان وٺي ڪچهرين، ميلن ملاکڙن ۽ جرڳن تائين وارا نظام اچن ٿا، ۽ اڄ جي سنڌ ۾ تعليم جا اهي ٻئي طريقا ناڪاره بنجي چڪا آهن. انهن جي اصطلاح سان گڏ اڃا به ڪنهن ٽئين تعليمي طريقي جي ضرورت آهي“. جويو صاحب، اُن ترقي جي تلاش ۾ يقيناً ڪامياب ٿي سگهي ٿو، پر ان جي راهه ۾ وڇون نه رکيا وڃن. افسوس اِهو آهي ته هن هڪ اهڙي ماڻهو کي وڇن کان ڏنگايو پيو وڃي، جيڪو وڏي انتظار کان پوءِ سنڌ کي نصيب ٿيو آهي.

جويي صاحب لاءِ اهو به چيو ويو آهي ته هن رڳو ترجما ڪيا آهن، پر اِهو هن جو سنڌ تي وڏو احسان آهي ته هن اهڙن ڪتابن جا اهڙيءَ سوليءَ سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن، جن جو مفهوم دماغ جون دريون کولي ٿو ۽ دل کي محبوبه جي مُرڪ جهڙي تازگي عطا ڪري ٿو. اُهي ترجما، جويي صاحب جي زبان ۾ طبعزاد لڳن ٿا. جيڪڏهن جويو صاحب اُهي ترجما نه ڪري ها ته مون سميت ڪيترائي ماڻهو يورپ جي روشن دور جي فطري ۽ مادي روشنيءَ کان محروم رهجي وڃن ها. ان سلسلي ۾ آءُ اهو عرض ڪندو هلان ته انهن ترجمن ۾ جيڪا زبان، سنڌ جي سدا بهار اديب استعمال ڪئي آهي، اُن ۾ ڪاورنجهر تي مور جي اُڏام به آهي، ٽلٽيءَ ۾ شهيدن جي وهندڙ رت جي خوشبوءِ به آهي، سيج تي ويٺل سهاڳڻين جي ڌيمي ڌيمي مُرڪ به آهي، ته سند جي جوئر جي کيِرن سنگن جو جوڀن به آهي. ترجمي جي اها طاقت، صرف ابراهيم جويي جي قلم کي ئي حاصل آهي.

چٿر باز ۽ ’ڪوتاهه قد ماڻهوءَ‘ ان سلسلي ‎۾ هڪڙو انڪشاف به ڪيو آهي ته ’سائين جي.ايم.سيد سنڌ ۾ صرف ٽن ماڻهن کي دانشور سمجهندو هو، اهي هئا: جناح، ڀُٽو ۽ راشدي‘. اهو صريحاً ڪوڙ آهي.  سائين جي. ايم. سيد. لفظن جي استعمال جو وڏو ڄاڻو هو. هن اسان جي سامهون ڪيترائي ڀيرا انهن ٽنهي ماڻهن جو ذڪر ’قابل ترين ماڻهن‘ جي حيثيت ۾ ڪيو هو، پر ’دانشور‘ طور نه: ڇو ته جي.ايم. سيد کي خبر هئي ته ”قابل“ ۽ ’دانشور‘ ۾ اهو فرق آهي، جيڪو هڪ مدبر ۽ چالاڪ يا زيرڪ ۾ هوندو آهي. چالاڪُ شخص گهڙيءَ لاءِ سوچيندو آهي ۽ مدبر صدين جو احاطو ڪندو آهي. اسان جي ادب ۾ محمد ابراهيم جويو اهڙو اديب دانشور آهي. جيڪو ماضيءَ ۽ مستقبل جي صدين جي تاريخ تي تجزياتي نظر رکندڙ آهي. اِهو آءُ ان ڪري نه پيو چوان، جو هوُ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي: ڇو ته چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ جڏهن آءُ ساڻس مليس ته حيران ٿي مون کان پڇيائين ته ’آخر مون کي چيئرمين ڪنهن ڪرايو؟ منهنجي اهڙي ڪابه خواهش ڪانه هئي. مون عرض ڪيو ته ’ائين اوهان کي انهن ئي چيئرمين ڪرايو آهي، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ کي عروج تي ڏسڻ گهرن ٿا. اُهي گمنام آهن ۽ گمنام رهڻ ڏيو‘. منهنجي پريشاني اُن وقت وڌي ويندي آهي، جڏهن آءُ ڪمپيوٽر ايج تي سوچيندو آهيان اسان ڪمپيوٽر جي سگهه ته استعمال ڪري وٺنداسين، پر ڇا اسان هن معاشري ۾ جي. ايم. سيد، علامه آءِ، آءِ قاضي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ محمد ابراهيم جويو به ٺاهي سگهنداسين.

آءُ محسوس ڪريان ٿو ته منهنجي هن تحرير کي قصيدو سمجهيو ويندو. ڀلي کڻي اهو قصيدو ئي هجي، ڇو ته آءُ سنڌ جي محسنن جي حُضور ۾ قصيدا پيش ڪندو رهندو آهيان. ليڪن سائين جي.ايم. سيد کان وٺي محمد ابراهيم جويي تائين انهن قصيدن ۾ منهنجي ڪا ذاتي لالچ نه هوندي آهي. ابراهيم جويو سنڌ جو اهو جوڳي آهي، جنهن وٽ ڏيڻ لاءِ علم کان سواءِ ڪجهه نه آهي، ۽ اسين اُنهيءَ علم جا طالبو آهيون، ۽ اسين خواهش ٿا ڪريون ته هوُ جن تڙن تان پاڻي پيِ آيو آهي، تن کي سُڪڻ نه ڏنو وڃي.

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،

پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،

آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارِين ڪڪوريو.

(شاهه)

رسول بخش پليجو

گهڻ - ڄاڻو ۽ گهڻ - گُڻو استاد

انگريزيءَ جا چار شيدائي گڏيم، پهريون هو ٺٽي جو موليڏني عباسي لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول جي پهرئين درجي انگريزيءَ جو ماستر سائين ٺاڪر داس…20-21 سالن جو سهڻو، ڊگهو، سنهو، خوش پوش جوان هو… ننُهن کان چوٽيءَ تائين ماستر هو ۽ سو به انگريزي ٽائيپ…سائين ٺاڪر داس جو خيال اهو ٿي ڏٺو ته هي سمورو جهان خدا تعاليٰ اُن لاءِ خلقيو آهي ته سڀ کان پهرين انگريزي اسپيلون پڪيون ڪيون وڃن، پوءِ ٻيا ڌنڌا ٿين…

…ٻيو هو سنڌ مدرسي جو سائين ناصر حسين پنجابي. منهن تي سدائين سختيءَ جو تهه چڙهيل، هن جي ڪائنات جو مرڪز هو انگريزي گرامر…

…انگريزيءَ جو ٽيون شيدائي نه پر خفتي هو ماستر سوڍا… هي گِرامر جو استاد هو. گجراتي هندو هو… اٿئي ويٺي ته انگريزي گرامر، پر سُتي بستري تي به انگريزي گرامر، گهر ويس ته ڪٻٽ گرامرن سان ڀريا پيا هئا. شل نه ٻُڌي ته ڪو نئون گرامر جو ڪتاب ڪراچيءَ ۾ آيو آهي! هفتي ٻئي، ٽيچرس روم ۾ مرڪندو ايندو: “This is the new book”

…مون لاءِ انگريزيءَ جي اسپيلنگ ۽ گرامر واري پڃري ۾ ماهه ۽ ساهه وجهي انگريزي ادب ۽ شاعريءَ کي لال ڪنوار بنائڻ وارو ماڻهو اڃان به هڪڙو ٻيو هو. [سنڌ] مدرسي ۾ آءُ هاسٽل ۾ رهندو هوس. حسن علي هاسٽل ۾ منهنجي پاسي واري ڪمري ۾ عبدالرئوف رهندو هو. آءُ پنجين ۾ ته هي ڇهين ۾… ڇهين ۾ اچي انگريزي جو شوق لڳس. مون کي ٺٽي هاءِ اسڪول کان وٺي ئي هروڀرو غلط سلط انگريزي ۾ ڳالهائڻ جي ڪري ٽوڪ طور ’پروفيسر‘ ڪوٺيندا هئا. هي مون سان به اچيو انگريزيون ڪري مون تي رعب ويهاري. خبر پئي ته همراهه جو انگريزي ماستر ڪو ’انگريز ٽائيپ‘ آهي. ماستر جون تعريفون ڪريو مٿان ٿيو ڪريو پوي… ماستر صاحب انگريزي پڙهائيندو هوس، سو بيت ٻڌائي ته نثر جا چونڊ ٽڪرا به … آءُ ٽي درجا انگريزي ٺٽي ۾ پڙهي، چوٿين ۾ سنڌ مدرسي ۾ آيو هوس. اچڻ شرط بيمار ٿي پيو هوس. سال جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي آيو هوس. وڏن پاپڙن پٽڻ کان پوءِ اسڪالرشپ وري بحال ٿي ۽ وري داخلا ملي… اسڪالرشپ جي امتحان ۾ ناپاس ٿيو هوس. ڊاڪٽر دائودپوٽي مهرباني ڪري اسڪالرشپ ڏني هئي. بيماريءَ جي ڪري سڄو سال غير حاضر رهيو هوس ۽ سال جي آخر ۾ مدرسي ڏانهن موٽيو هوس…ڇوٿين درجي جو نتيجو نڪتو…آءُ پنجاهه جي ڪلاس ۾ چوئيتاليهون نمبر آيس… سال کان پوءِ وري پنجين جو رزلٽ نڪتو. مون سنڌي ۽ عربي فقہ ڇڏي ٻيا سڀئي پيپر انگريزيءَ ۾ لکيا هئا…نتيجو هر ڪلاس ۾ روبرو اچي ٻڌايائون، هر سبجيڪٽ جو الڳ… حسابن ۾ آءُ شروع ۾ چٽ هوس… حسابن جو رزلٽ نڪتو. ماستر اعلان ڪيو، ”فلاڻا پاس، فلاڻا فيل، رسول بخش علي محمد ڪير آهي؟“ آءُ اٿي بيٺس. ”تون پهريون نمبر آيو آهين حسابن ۾.“ پوءِ سلسلو شروع ٿي ويو، الجبرا: ”رسول بخش منگراڻي ڪير آهي؟،  آئون اُٿي بيٺس. ”تون الجبرا ۾ پهريون نمبر آيو آهين“ انگريزي جنرل ؛ رسول بخش پليجو ڪير آهي ؟ اُٿي بيٺس . تون پهريون نمبر آيو آهين، انگريزي جنرل ۾“ هڪڙي ڇوڪري کان رهيو نه ٿيو، اُٿي چيائين، ”سائين! هن ٽن جدا جدا رسول بخشن جا رزلٽ آهن. هڪڙو منگراڻي، ٻيو علي محمد جو پُٽ ۽ ٽيون پليجو.“ ماستر پُڇيو، ”ڇا ڳالهه آهي؟“ مون چيو”علي محمد منهنجو والد آهي، منگر خان منهنجو ڏاڏو آهي. پليجو منهنجي ذات آهي.“

معلوم ٿيو ته مون سنڌ مدرسي ۾ هڪڙو نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو…سڄي مدرسي جي پنجين درجي جي چئني ڪلاسن (A,B.C,D)   ۾ پهريون نمبر آيو هوس…

پوئين  پيرڊ ۾ پٽوالي اچي چيو، ”رسول بخش پليجي ڇوڪري کي ٽيچرس ڪامن روم ۾ سڏين ٿا.“

”توکي مون سڏايو  آهي“. هڪڙو سنهو، پوري قد جو، سدا ملوڪ ڳورو نوجوان ماستر وڌي آيو. مون کي هٿ کان وٺي خالي ڪرسيءَ جي ڀرسان بيهاريائين. پوءِ ٻين ماسترن ڏانهن مُنهن ڪري سنجيدگيءَ سان چيائين، ”هن ڇوڪري جي انگريزي ٽيڪسٽ جو پيپر مون ڏٺو هو. هڪڙي سوال جو جيڪو جواب هن لکيو آهي، سو اوهان کي پڙهي ٿو ٻڌايان.“ پوءِ هن پڙهي ٻڌايو. اهو سوال هو ته ”هڪڙي انگريزي گهر جي اڏاوت ڪهڙي نموني ٿيندي آهي؟“ مون سٽنگ روم، ڊرائنگ روم، مطالعي جي ڪمري ۽ بورچيخاني بابت ڪتاب ۾ ڏنل احوال ڏيئي، پوءِ لکيو هو ته ”انگريزن جا گهر اهڙا ڪشادا، مضبوط، سهڻا ۽ صاف سٿرا ان ڪري آهن، جو انگريز آزاد قوم آهن. اسان جا گهر سوڙها، ڪمزور، اڀرا سڀرا ۽ گندا ان ڪري آهن، جو اسين هندستاني قوم غلام آهيون. جيسين غلاميءَ مان ڇوٽڪارو نه مليو آهي، تيسين اسان جا گهر اهڙي ئي رهندا. غلاميءَ مان ڇوٽڪارو قربانين بنا نه ملندو.“ ماستر صاحب جڏهن منهنجي جواب جي هيءَ سٽ پڙهي:

“The tree of liberty is watered by the blood of tyrants.” ”آزاديءَ جي وڻ کي ظالمن جي خون جو پاڻي ڏنو ويندو آهي.“ تڏهن سمورن استادن هڪٻئي ڏانهن نهاريو.

پهرئين استاد پوءِ نهايت رسمي نموني مون کي مخاطب ٿي چيو، رسول بخش! پنهنجي ڪلاس ۽ درجي ۾ ههڙي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ خاص ڪري ههڙي عاليشان مضمون لکڻ جي ڪري اسين سنڌ مدرسي جا هي سمورا استاد، توکي اهو اعزاز ٿا ڏيون ته تو شاگرد کي، اسين استادن جي ڪمري ۾ پاڻ سان گڏ ڪرسيءَ تي ويهاريون ٿا!“ مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو. چانهه گهرايائون، گڏجي پيتيسون. ٻين سڀني استادن به مون کي شاباس ڏني، مون کان ڪوبه لفظ ڪونه اُڪلِيو. مون لاءِ خوشيءَ جي شڪرگذاريءَ جي اٿاهه جذبن کي روڪڻ ئي وڏو مسئلو هو. آءُ بُت بنيو ويٺو رهيس. هاسٽل واپس اچي ڪمرو بند ڪري اندران ڪڙو ڏيئي ويهي رهيس. جنهن ڳالهه جو ڊپ هوم سا ٿي، منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي اُٿي هليا!

معلوم ٿيو ته اهو ماستر صاحب، جنهن کي منهنجو مضمون وڻيو هو، سوئي ڇهين درجي کي انگريزي پڙهائيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هو، جنهن جون عبدالرئوف نيڪيون ٿي ڪيون. هاڻ آءُ ڇهين ۾ آيس ۽ عبدالرئوف وارو انگريزي ٽيڪسٽ جو استاد وري منهنجو استاد ٿيو . انگريزي ٽيڪسٽ ۾ رکيل نظمن مان ٻه هيون “The Solitary Reaper` (اڪيلي لاهياري) ۽ ‘And Home they brought her Warrior Dead’ ۽ سندس مئل جوڌي کي گهر کڻي آيا.“ اهي نظم جڏهن جويي صاحب کي پڙهندو، پاڙهيندو ۽ سمجهائيندو ٻڌم ۽ ڏٺم، تڏهن مون کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته سچي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه اثر، ڪيڏي نه قوت، ڪيڏو نه جادو ٿيندو آهي! پوءِ مون کي  سمجهه ۾ اچي ويو ته جڏهن اسين ٻيا شاگرد موڪل مهل اسڪول مان ٿڪي ٽُٽي ۽ بيزار ٿي موٽندا هئاسين تڏهن عبدالرئوف ڪڏهن ڪڏهن وڏي واڪي انگريزي شعر پڙهندو. کلندو. ڪُڏندو ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو ڇو ايندو هو . ڇهين درجي جي اسان واري ڪلاس جو آخري پيرڊ اڪثر انگريزي ٽيڪسٽ جو پيرڊ هوندو هو! هن جهڙو استاد مون اڳ ڪونه ڏٺو هو. ٻيا انگريزي ڄاڻندا هئا، گرامر ڄاڻندا هئا، پر اهي ڳالهيون هن حي حالت ۾ هن جي شخصيت جو نچوڙ نه هيون هو ٻين کان وڌيڪ گهڻ طرفو ، گهڻ ڄاڻو ۽ گهڻ گڻو هو . استاد هجڻ لاءِ  جيڪي خوبيون کپن، سي منجهس حد درجي جون هيون، پر لڳو ٿي ته هن لاءِ رڳو بهترين استاد ٿيڻ ڪافي نه هو. هن جي سوچ جي دنيا اُن کان وڌيڪ ڪشادي، وڌيڪ پراسرار، وڌيڪ دلڪش ۽ نرالي ٿي لڳي. هن جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيون، سي اسان مان ڪنهن جي خواب خيال  ۾ به ڪونه هيون:

ڪاجا آندي ڪيچئين وڻڪاران وائي،

سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وهه ٿي.

(شاهه)

مختلف ٻولين جي گهڻن ناولن پڙهڻ کان پوءِ ننڍيءَ عمر ۾ ئي مون کي ڪتابن سان گڏ، ماڻهن کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿي پيو هو. آهستي آهستي ماڻهن جي بابت اول ڌُڪا ۽ پوءِ ڪِي قدر صحيح اندااز لڳائڻ سکي ويو هوس. مون کي لڳو ته اسان جي ڇهين درجي جي انگريزي ٽيڪسٽ جو ماستر، ماستر کان سواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. خوبصورت جسم ۽ خوبصورت پوشاڪ سان گڏ خوبصورت ڳالهين ۽ سوچن وارو هي ماڻهو، جيڪو رڳو نفيس ۽ نرم دل نه آهي. مون کي لڳو ته سندس اندر ۾ ڪي آهي. جيڪو سندس نرم نفيس علمي ۽ ادبي ڳالهين مان ڪڏهن ڪڏهن باهه وانگر بکندو نظر اچيو وڃي. لطيف جون هي سٽون مون گهڻو پوءِ پڙهيون:

”اندر جنين باهه، سُڌ سڀ ڪا تن کي!“

”اديون عبداللطيف چئي، اندر آڳ اٿئون!“

 

ائين ٿي لڳو ته هي ڪنهن ٻئي پار جو مسافر آهي. اسان کي، سڄي ملڪ کي، دنيا جي سمورن ماڻهن کي اوڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهي. هندو مسلم جهيڙن کان اڳتي: وڏيرن، پيرن، سيدن جي راڄ کان اڳتي: ان وقت جي سياستدانن، سر غلام حسين، جي .ايم. سيد، کهڙي ۽ سر عبدالله هارون، نواب بهادر يار جنگ، جناح، نهروءَ ۽ گانڌيءَ جي دنيا کان اڳتي. مون شعوري طور کانئس وڌ ۾ وڌ سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻين ڳالهين سان گڏ کانئس خوبصورت انگريزي نثر ۽ نظم پڙهڻ ۽ سمجهڻ سکيس. هن کان ئي مون کي اِهو شوق حاصل ٿيو ته ماڻهوءَ کي نه رڳو انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي، پر ان کي هڪڙي ڪارائتي ذهني، فڪري ۽ روحاني اظهار جي وسيلي ۽ پنهنجي اندر ۽ شخصيت ۾ واڌ، بلنديءَ ۽ انقلاب آڻڻ جي قوت جي سرچشمي طور ڪتب آڻي. ان مان خوشي ۽ مزو وٺڻ ۽ ان کي ماڻڻ جو ڏانءُ به اچڻ گهرجي. آءُ سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي غير معمولي ماڻهو ٿي گذريا آهن، انهن  کي پنهنجي مادري ۽ ملڪي ٻوليءَ کان سواءِ ڪانه ڪا عالمي ٻولي جهڙوڪ: لاطيني، سنسڪرت، چيني، عربي، فارسي، انگريزي يا فرينچ وغيره ايندي هئي. اڄ به دنيا جي ماڻهن کان انگريزي، فرينچ، روسي وغيره عالمي ٻوليون کسي وٺجن ته باقي وڃي ٿورا اهڙا ماڻهو بچندا، جيڪي ذهني، فڪري ۽ روحاني جيتامڙا نه هجن. دنيا جي جديد سائنسي ۽ انقلابي سماجي سوچ سان منهنجي واقفيت به جويي صاحب ڪرائي، جنهن جي هدايت هيٺ مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اُن نئين سماجي سوچ مطابق لکيل سياسي لکڻيون انگريزيءَ ۾ پڙهيون. هو مون کي ايم-اين-راءِ جي هفتيوار انگريزي اخبار ‘Redical’ پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. اتان ئي اهو سوچ ۽ عمل جو سفر شروع ٿيو، جنهن آڻي في الحال هتي رسايو آهي.(·)

غلام رباني آگرو

مون سي ڏٺا ماءِ

سنڌي ويهين صديءَ جا ٻه وڏا اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا، ٻيئي غريب گهرن ۾ پيدا ٿيا، ۽ پنهنجيءَ غربت تي ناز ڪيائون، سڄي عمر غريبن جا حمايتي ٿي رهيا ۽ ڪڏهن به اميرن سان نه سودو سليائون، نه وري ڪنهن خان خانان جي پُٽ جي پرواهه ڪيائون. محنت ۽ اورچائيءَ سان اهڙو ته نالو پيدا ڪيائون، جو تاريخ جي صفحن تي مُهر هڻي ڇڏيائون. پهريون ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌ جي آسمان تي اُڀريو ۽ ٻيو ٻئي اڌ ۾. پهرئين جو نالو هو مرزا قليچ بيگ ۽ ٻئي جو نالو آهي محمد ابراهيم جويو.

قدرت مون کي پهرئين جي زيارت نصيب ڪانه ڪئي، پر ٻئي سان زندگيءَ جو وڏو حصو گڏ گذريو. ننڍي هوندي مرزا قليچ بيگ بابت ’قرب قليچ‘ ڪتاب پڙهيو هئم. ان ۾ هڪ هنڌ مرزا صاحب جي زباني لکيل هو ته ”شروعاتي تعليم واري زماني ۾ آسماني گردش سبب اسان جي ڪٽنب جو گذران تمام غريباڻو ٿي ويو هو. بعضي اسڪول ۾ صاف ۽ سٺن ڪپڙن پائي وڃڻ جي ضرورت ٿيندي هئي. ۽ پنهنجو ڪو سٺو پهراڻ يا قميص نه هوندي هئيسون ته والده صاحبه اسان کي ڪوٽن جي هيٺان ڍڪائي اسڪول موڪليندي هئي.“محمد ابراهيم جويي جي ننڍپڻ جي غُربت جون اُن کان به وڌيڪ دلخراش ڳالهيون ٻڌيم.

محمد ابراهيم جويي جي شخصيت ، جتي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ مرزا صاحب سان مشابهه آهي، اُتي ڪن ڳالهين ۾ کانئس سراسر مختلف به آهي. هن مرزا صاحب وانگر چار سؤ ڪتاب ته ڇا، پر شايد چار سؤ مضمون مس لکيا هجن. اُن جي باوجود سنڌي ادب جي عمارت اڏڻ ۾

سندس خدمتون ڪنهن به اعليٰ اديب کان وڌ ناهن ته گهٽ به ناهن. سندس خاص ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ادب کي ’نئين سوچ‘ عطا ڪئي.

مرزا صاحب غير سياسي ماڻهو هو. هر ڪنهن کي دعا ڏيندو هو [درسي ڪتابن لاءِ] ’خداوندا’ سلامت رک اسان جي شاهه پنجم کي‘ جهڙا شعر به لکيائين، محمد ابراهيم جويو، پيدائشي باغي هو. سڄي عمر اِن اصول تي ڪار بند رهيو ته :

جس کهيت سي دهقان کو ميسر نه هو روزي

اُس کهيت که هر خوشئه گندم کو جلادو!

جويو صاحب ’نئين سنڌ‘ جي قيادت لاءِ پيدا ٿيو هو. پير حسام الدين راشديءَ ڳالهيون ڪندي، هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته ’اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ڏنو.‘ مون جويي صاحب کي پهريون ڀيرو، 1954ع ۾،رسالا روڊ تي سرائي اميد علي مرحوم جي دڪان تي ڏٺو، بُت ۾ سنهڙو، ڊگهڙو، ڦُڙت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڀڙ، اکين تي سنهڙي فريم، واري عينڪ، خاڪي رنگ جي سلوار قميص ۾، ڪُرسيءَ تي ويٺو هو. سندس لاءِ اِهو عام مشهور هو ته دين کان بيگانو آهي، جيڪا ڳالهه مون جهڙي تڏهوڪي  ڪاليجي نوجوان لاءِ تجسس جو باعث هئي، سو کيس توجهه سان ڏٺم ۽ سندس ڳالهيون غور سان ٻڌندو رهيس. ڪجهه دير سرائي صاحب سان زماني  جي ڪا ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪري، موڪلائي هليو ويو.

سال کن بعد مان حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ويس ته اُتي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي گڏجاڻين ۾ کيس ٻيهر ڏٺم. اُتي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ، سنڌي افسانن جي چٽا ڀيٽي ڪرائي هئي. منهنجي افساني اتر ڊاهي اُن جا…‘ کي پهريون نمبر مليو.’نئين زندگيءَ‘ جو ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي صاحب روزانو ميٺارام هاسٽل ۾ اچي ديدار ڪرائيندو هو. رسالي ۾ منهنجا ٻه ٽي افسانا ڇاپايائين، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن نوڪريءَ جو آرڊر کڻي هٿ ۾ ڏنائين. کيس ڪا کُڙڪ پئجي وئي هئي ته مون سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کان نابري واري هئي. اهڙيءَ ريت ٻه، پوڻا ٻه ورهيه ماهنامي”نئين زندگيءَ“۾ سائين مولانا صاحب سان گڏ گذاريم.

1955ع ۾ ’مهراڻ‘ رسالو شايع ٿيو ته جويي صاحب، ايڊيٽر جي حيثيت ۾ منجهس منهنجا ٻه ٽي افسانا ڇاپيا، پر ساڻس گهڻي گهري ملاقات سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ميٽنگن ۾ ٿي. جنهن ۾ پهريائين سرگرم ڪارڪن هئس ۽ پوءِ سيڪريٽري ٿيس.

سنڌي ادبي سنگت ۾، جويي صاحب جو وڏو احترام ڪيو ويندو هو. جڏهن هو ڪنهن مسئلي تي راءِ ڏيندو هو ته پوءِ ڪير به اُن مسئلي تي  لب ڪُشائي ڪونه ڪندو هو.

سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند تحريڪ جي علمبردار هئي. ۽ محمد ابراهيم جويو عملي طرح نه سهي، علمي طرح، ان جو پيش امام هو. سو، اسان جهڙا نوجوان ڪاليجي اديب، صفبنديءَ مهل نيت ڪرڻ واسطي دل ۾ ائين چوندا هئا ته ’پُٺيءَ هن امام جي‘

’مهراڻ‘ سنڌ ادب ۾، سنڌي دوست ترقي پسند اديبن جي خيالن جو ترجمان ٿي آيو. ترقي پسند ادبي تحريڪ جي لهر غالباً سنڌ ۾ 1936ع ۽ 1937ع ڌاران پهتي هئي. ان زماني ۾ سنڌ بمبئيءَ جي ون يونٽ مان زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿي هئي. صوبي ۾ ڌرتيءَ سان محبت جي لهر اُڀري هئي. ’الوحيد‘ جو ’آزاد سنڌ نمبر‘ اُن حقيقت تي شاهد آهي. اُن زماني جي سنڌ دوست ۽ ترقي پسند اديبن ۾ محمد امين کوسي، برڪت علي آزاد، حيدربخش جتوئيءَ، حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جا نالا کڻي سگهجن ٿا. حيدربخش جتوئيءَ جو ڪتاب،’ڪمدار جا ڪارناما‘ ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هو سٺي سرڪاري عهدي تي هو، پر ’آزاد سنڌ‘ سان محبت جي ڪري، انگريزن جي نوڪريءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي اُڇلائي ڇڏيائين. حيدربخش جتوئي ۽ ٻين اهڙن سنڌ دوست اديبن، جيڪي سلا پوکيا، سي اڳتي هلي انگوريا ۽ پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ ۾، ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد پيو.

1955ع کان 1960ع تائين، سنڌ جي اُها جدوجهد عيسوي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، سنڌ جي تاريخ جو غالباً  اهم ترين بابُ قرار ڏني ويندي. اُن ۾ سنڌي اديبن هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن سرواڻ محمد ابرهيم جويو هو.

آڪٽوبر  1957ع ۾ جڏهن جويو صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري هو، تڏهن هن [مون لاءِ] مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي سنت کي زنده ڪيو. بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري سراج ميمڻ مرڪزي ملازمت جو امتحان پاس ڪري، انڪم ٽئڪس کاتي ۾ چونڊيو ويو هو، سو بورڊ ۾ اُها جاءِ خالي ٿي پيئي. سنڌ سُڃي ڪانه هئي. ٽي ماڻهو جويي صاحب جي خيال ۾ هئا: عبدالقادر صديقي، (جيڪو پوءِ سنڌ سرڪار جو لا سيڪريٽري ٿيو)؛ بشير مورياڻي ( جيڪو تڏهن ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار هو)، ۽ ٽيون مان.  اُنهيءَ پئنل تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ سندس نظر انتخاب مون تي پئي. پنجين آڪٽوبر تي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جو آرڊر جاري ڪرائي، منهنجي حوالي ڪيائين.

مان نئين زندگيءَ جي آفيس مان مولانا عبدالواحد سنڌيءَ کان رخصت وٺي، سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت ۾ داخل ٿيس، پر سنڌي صاحب سان  قرب ۽ محبت ۾ رتيءَ برابر به ڦيرو ڪونه آيو. ساڳيءَ ريت، بورڊ ۾ ملازمت ڪندي ورهيه وري ويا، پر جويي صاحب  ڪڏهن به زبردستيءَ ۽ بالادستي جو رتيءَ برابر به احساس نه ڏنو. مون کي ساڻس رڳو محبت ڪانه هئي، عقيدت هئي. هڪ دفعي پاڻ بورڊ جي آفيس مان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو. فون جي گهنٽي وڳي. مولوي اعجاز الحق قدوسيءَ جي فون هئي. فون جويي صاحب جي ميز تي رکيل هوندو هو. مولوي صاحب فون تي ڳالهائيندي، جويي صاحب جي ڪُرسيءَ تي ويهي رهيو. جڏهن موٽي پنهنجي ڪُرسيءَ تي آيو ته مون کان رهيو  نه ٿيو، کيس ٽوڪيم ته ’مولوي صاحب! اسان کي انهيءَ ڪرُسيءَ لاءِ وڏو احترام آهي. اوهان کي اُن تي ويهڻ نه کپندو هو‘. مولوي صاحب اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويو.

[هتي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان] 5 آڪٽوبر 1957ع ۾، جڏهن مون سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج ورتي هئي، تڏهن جويو صاحب  `Leadership Exchange`  پروگرام هيٺ، ٽن مهينن جي ثقافتي دوري لاءِ آمريڪا ويل هو. سراج مون کي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج ڏني، ائين چئي، موڪلائي ويو ته ’روزاني نواءِ سنڌ‘ ۽ ڪراچي جي ٻين پريسن ۾، بورڊ جا ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، تن جي پروفن جو خيال رکجانءِ. باقي اهم لکپڙهه جا ڪاغذ جويي صاحب جي واپسيءَ تائين التوا ۾ رکجانءِ‘. جويي صاحب وري آمريڪا مان خط لکي موڪليو، جنهن جو مطلب سراج کي الوداع چوڻ ۽ مون کي مرحبا چوڻ هو…

پير [حسام الدين راشدي] ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اُن زماني ۾ بورڊ جا سڀني کان سرگرم ميمبر هوندا هئا. ٽيون ميمبر، جنهن جو بورڊ ۾ وڏو رتبو هو، سو  هو شمس العلماءَ. ڊاڪٽر دائود پوٽو، هونئن به سڀ ميمبر وڏي نالي وارا هئا: پير علي محمد راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ميران محمد شاهه، آغا بدرالدين دراني، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ شاهه، آپا خورشيد، پر بورڊ جو صحيح  معنيٰ ۾ روح روان، سائين جي ايم سيد هو، جيڪو عهدي جي لحاظ کان نائب صدر هو. صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو. سائين جي. ايم سيد صحيح معنيٰ ۾ جويي صاحب جو سرپرست هو. سو جويو صاحب، بورڊ کي جيئن وڻندو هئس، تيئن هلائيندو هو . سائين ميران محمد شاهه چوندو هو ته  ’جويو ته اسان ميمبرن کي ليکي به ڪو نه ٿو‘. خبر ناهي اِها ڳالهه سائين جي.ايم. سيد، تائين ڪيئن پهتي. پاڻ جواب ۾ چيائين ته ’جويو معنيٰ بورڊ‘.

جويو صاحب  1951ع کان 1961ع تائين ڏهن سالن جو مسلسل عرصو بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. انهن ڏهن سالن ۾ جنهن عشق سان سنڌ جي هن قومي اداري کي ٺاهيائين، تيئن ڪنهن شخص پنهنجي ذاتي گهر کي به ڪونه ٺاهيو هوندو. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ جو بنيادي ڪم بورڊ اُن ئي عرصي ۾ ڪيو.

آڪٽوبر 1957ع کان 1961ع تائين، رات ڏينهن مون جويي صاحب سان هڪ ماتحت نه، پر عقيدت مند جي حيثيت ۾ گڏ ڪم ڪيو. پوريءَ پوريءَ ذميواريءَ سان چوان ٿو ته مون کانئس وڌيڪ پورهيت انسان ڪٿي به ڪونه ڏٺو.

بورڊ 1951ع ۾ قائم ٿيو هو. ان جي شروعاتي ڏهن سالن جي عرصي ۾ بورڊ جو بنياد پڪو پختو ڪرڻ ۾ کانئس وڌيڪ ڪنهن به ڪم ڪونه ڪيو. هو بورڊ جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر هو. رڳو سرڪاري لکپڙهه جو ڪم نيڪال ڪونه ڪندو هو، پر اُن جا علمي ڪم، ايڏيءَ ته اورچائيءَ سان ڪندو هو، جو حيرت لڳندي هئي ته هن شخص ۾ محنت جو ايڏو مادو ڪيئن آهي!

جڏهن پاڻ کهڙي صاحب ۽ ٻين ميمبرن جي ناراضپي سبب بورڊ ڇڏي ويو، تڏهن اسان ايترا پڪا پختا ٿي چُڪا هئاسين، جو بورڊ کي سندس ئي گهڙيل واٽن تي هلايوسون. نه فقط ايترو، بلڪ مون کي آنڌ مانڌ رهي ته ڪيئن به ڪري کيس واپس بورڊ ۾ آڻيان. ٽي چار ورهيه ڏاڍا جتن ڪيم. سيد ميران محمد شاهه منهنجي مدد ڪئي ۽ آخرڪار قدرت منهنجو پورهيو ثاب ڪيو ۽ جويو صاحب بورڊ ۾ موٽي آيو. ان وقت پاڻ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو حيدرآباد ۾ عملدار هو. بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ طور چارج ورتائين.

مون زندگيءَ ۾ محنتي ماڻهو گهڻا ئي ڏٺا، پر جويي صاحب جهڙو ڪونه ڏٺو. بورڊ ۾ جيڪي ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ايندا هئا، تن ۾ ٻوليءَ جون گهڻيون غلطيون هونديون هيون. جويو صاحب انهن تي ڏاڍي محنت ڪندو هو، پر ڪتاب تي پنهنجو نالو ڪونه ڏيندو هو. هڪ ڪتاب ياد ٿو اچيم، نالو هيس ’اقتصادي انصاف‘ جان رسڪن جي ڪتاب ‘Unto this last’ جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو هو. مرحوم غلام رضا ڀُٽي جو ترجمو ڪيل هو. جويي صاحب ترجمي جي اصلاح ضروري سمجهي، سڄي ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ درست ڪئي، بلڪ ائين چئجي ته  جويي صاحب  ان ڪتاب کي شروع کان آخر تائين نئين سر ترجمو ڪيو. اڄ ڪتاب پڙهبو ته محسوس ئي ڪونه ٿيندو ته پاڻ ڪتاب تي ڪا محنت ڪئي اٿس. ساڳي محنت ’سنڌي لوڪ ڪهاڻي‘ جي شروعاتي جلدن تي ڪيائين. سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ست جلد آهن. پهرين ٻن جلدن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ڇو ته پهريان جلد جويي صاحب جا درست ڪيل آهن، پر اُنهن ۾ به [نظرثانيءَ جي حوالي سان] جويي صاحب جو نالو ڪٿي نظر ڪونه ايندو. ان طرح ڪيترن ئي ٻين ڪتابن جا نالا مان ٻڌائي سگهان ٿو، جن کي هن رات ڏينهن نور نچوئي هيري وانگر چمڪايو. رڳو ايترو نه، پر ’نيڪي ڪر، دياءَ ۾ وجهه‘واري اصول تي عمل ڪيائين.

ڪنهن تي احسان ڪري، ان جي مشهوري نه ڪرڻ (بلڪ ان کي لڪائڻ) وڏي ۾ وڏو احسان جو ڪم آهي. قرآن ڪريم جي تعليم آهي ته احسان جو بدلو احسان آهي.

جويي صاحب جي شخصيت گهڻين ئي خوبين جي حامل آهي. ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سنڌ ۾ صحيح سنڌي صورتخطيءَ جو جويي صاحب کان وڌيڪ وڏو ماهر ٻيو ڪونهي. پنڪچوئيشن يعني  بيهڪ جي نشانين، اکرن تي زير ۽ زبر ڏيڻ جو فن مٿس ختم ٿيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ تي سندس قول سَنَد جي حيثيت رکي ٿو. پر انهن ڳالهين ڪري سندس شخصيت بابت، اها راءِ قائم ڪرڻ ته جويو صاحب فقط هڪ وڏو اديب آهي، جويي صاحب سان وڏي ۾ وڏو ظلم ڪرڻ آهي . منهنجي خيال ۾ هو هن دور جي سنڌ جي بلند پايه مشاهيرن مان آهي. ڪيترا اهم بيان ۽ دستاويز، جيڪي سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ جو ڪارڻ بنيا، سي سندس سجاڳ ذهن ۽ سوچ جو نتيجو هئا. ڪيترين اهم ڪميشنن جون رپورٽون، جيڪي وڏن ليڊرن جي نالي ۾ ظاهر ٿيون، سي سندس ئي محنت جو نتيجو هيون، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:

پاڻيهاري سڀڪا، جا سرِگَهڙو ڀري،

ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.

جويي صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي اها ڏٺيم ته سنڌ سان واسطو رکندڙ اجتماعي معاملن ۾ مون ڪڏهن به منجهس ڪا به لچڪ ڪانه ڏٺي. سندس ذهن هميشه صاف هو، مثلاً: جڏهن ون يونٽ ٽُٽو ته سنڌي محب وطن ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا: هڪڙا ڪراچيءَ کي سنڌ سان ملائڻ جي حق ۾ هئا ته ٻيا ڪراچيءَ کي جُدا ڪرائڻ جي فائدي ۾. جويو صاحب اڪيلو شخص هو، جنهن جو ذهن بلڪل صاف هو. چيائين ته’ڪڏهن زنده قومن به پنهنجا شهر پاڻ ڇڏيا آهن. ڇا به ٿي پوي ڪراچي ڪونه ڇڏينداسين‘ اڳتي هلي هر ڪنهن اها ڳالهه قبول ڪئي. هاڻي ڪو به اهڙو سنڌي دانشور ڪونه ملندو، جيڪو ڪراچيءَ کي جدا صُوبو بنائڻ جي حق ۾ هجي.

ڪراچي صوبي جو مثال ته هڪ آهي. اهڙا سوين سوال هوندا، جن ۾ جويي صاحب سنڌي دانشورن جي رهنمائي ڪئي هوندي. سندس سڀ کان سهڻي ڳالهه اِها هئي ته پاڻ اڳتي وڌي ڪڏهن به پنهنجيءَ ذات کي نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيائين. هميشه پاڻ کي نماڻو ۽ پوئتي رکيائين، پر جيستائين قومي غيرت جو سوال هو ته ڪنڌ اوچو رکيائين.

هڪ دفعي ايراني عالمن جو هڪ وفد بورڊ ۾ آيو. پير حسام الدين راشديءَ جي چوڻ تي اسان وفد جي مان ۾ دعوت ڪئي. مرحبائي خطبو جويي صاحب لکيو، پر پڙهڻ لاءِ مون کي چيائين. جڏهن مون کيس چيو ته ”سائين، اوهان ڇو نه ٿا پڙهو؟“ تڏهن چڙ مان چيائين ته ”اڙي، هي ايراني پنهنجا ڪتاب نه کڻي ويا هئا!“

مون ڀانيو ته وفد جا ڪي عالم بورڊ جي لائبرريءَ مان ڪي ڪتاب اُڌارا وٺي ويا هئا، جي موٽايا ڪونه اٿن، سو کيس چيم ته ”ڪهڙا ڪتاب؟ مون کي خبر ئي ڪانهي؟“

چڙِ مان چيائين ته، ”اڙي! نادرشاهه سنڌ جي ڦر لٽ ڪري ڪتاب ڪونه کڻي ويو هو!“

…جويي صاحب سڄي عمر سڪ سان سنڌ جا گهڙا ڀريا. انهيءَ ڏوهه سبب ڪيئي دفعا حاڪمن جي عتاب جو نشانو به بنيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ کيس سنڌ سان محبت ڪرڻ سبب سنڌ مدرسي مان نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ون يونٽ جي زماني ۾ کيس سال ٻن  لاءِ سنڌ مان نيڪالي ڏني وئي. پر اهي سڀ سختيون سندس ايمان کي ڪمزور ڪري ڪونه سگهيون. مان زندگيءَ جو چڱو حصو ساڻس گڏ رهيو آهيان، ان ڪري سندس مزاج کان واقف آهيان. هن پنهنجي خانگي زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن. ميران ٻائيءَ ته زهر سان ڀريل هڪ ئي پيالو پيتو هو، سنڌ جي هن لائق فرزند اهڙا ڪيئي پيالا پيتا هوندا، پر ڪڏهن به هيڻي نه ٻوليائين. سندس همت ۽ جرئت کي سَوَ سلام آهن. پر اِن ڳالهه جو مطلب اِهو نه آهي ته هوُ ڪو ٿلهيءَ کل وارو ماڻهو آهي، سندس سيني ۾ انتهائي نرم ۽ گُداز دل آهي.

هڪ دفعي اسين گڏجي ڀٽ شاهه وياسين. سانجهيءَ جي مهل اُتي پهتاسين. راڳ شروع ٿيو ته اسان به پڙ ۾ پاسو وٺي ويٺاسين. ڀٽائيءَ جي فقيرن صدا بُلند ڪئي:

’آءُ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج!‘

ڀٽائيءَ جي درگاهه، رات جي تاريڪيءَ جا پهريان پاڇا، فقيرن جو ڪارو ويس، دنبوري جي تان ۽ مٿان ڀٽائيءَ جو الهامي ڪلام:

’آءُ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج!‘

محمد ابراهيم جويي جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا.

…سنڌ ۾ جويو صاحب اهڙن ٿورڙن بزرگن ۾ باقي بچيو آهي، جنهن کي سنڌ جي مٽيءَ سان عشق آهي، عشق عجيب نعمت آهي، پر جنهن کي نصيب ٿئي. عشق جي عظمت اها آهي ته الله ۽ رسول جي وچ ۾ به عشق آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي حفاظت ۽ ترقي، سنڌ جي تاريخ جو حب الوطنيءَ جي ذهني لاڙي سان مطالعو ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ ٻيو ته ٺهيو، پر سياسي پلئٽفارم تان جدوجهد ڪرڻ ۾ به جويو صاحب ٻين سان گڏ هوندو، بلڪ بعضي ڪجهه اڳڀرو.

اسلام آباد ۾ پٺاڻ ليڊر اجمل خٽڪُ مون وٽ اڪيڊمي آف ليٽرس ۾ پٺاڻ اديبن ۽ شاعرن جون درخواستون کڻي ايندو  هو. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي مختصر ڪچهري به ٿي ويندي هئي. مون کان پُڇندو هو ته:

”وه کهان هين؟“

مان پڇندو هيومانس ته ”اوهان ڪنهن جو ٿا پُڇو؟“

چوندو هو ته: ”اس کا نام ياد نهين، ليکن وه هيڊماستر تها“.

”هيڊ ماستر!“

هڪ ڀيري مون کي اوچتو خيال آيو ته جويو صاحب ڪنهن زماني ۾[ ون يونٽ سرڪار جي عتاب سبب] جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. سرحد صوبي جي ڪوهاٽ شهر ۾ ماسترن جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال به هو. سو چيومانس ته ”محمد ابراهيم جويو صاحب!“

ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته، ”هان! جويو صاحب!“

ماڻهن جي ڪردار ۽ عمل کي جاچڻ جوچڻ، تڪڻ تورڻ جو آخرين پيمانو تاريخ جا ورق هوندا آهن، جديد دور ۾ سنڌ جي مسئلن تي نگاهه رکڻ، حالتن موجب صحيح رُخ اختيار ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، جڏن ۽ ڏڏن کي ساڻ وٺي هلڻ، هن دور جي اديب ۽ شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. شايد پاڪستان جي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جا اديب پنهنجي عوام سان ائين گڏ سچا رهيا نه آهن، جيئن سنڌي زبان جا اديب، پر سمورن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جون خدمتون هڪ پُڙ ۾ وجهبيون ۽ ٻئي پُڙ ۾ اڪيلي محمد ابراهيم جويي جون خدمتون، ته انصاف جي تارازيءَ ۾ شايد جويي صاحب وارو پڙ وڌيڪ وزندار ثابت ٿيندو.

مرزا قليچ بيگ لاءِ منهنجي بي پناهه محبت ڏسي، هڪ دفعي ڪنهن دوست حسرت سان مون کي چيو هو، ”افسوس آهي ته تو قليچ  ڪونه ڏٺو“.

مون کيس جواب ڏنو هو، ”هائو، پر مون کي خوشي آهي ته مون محمد ابراهيم جويو ڏٺو!“*

 

 ڊاڪٽر غلام علي الانا

سائين محمد ابراهيم جويو هڪ سدا بهار شخصيت

ڪي ماڻهو ’مستقبل شناس‘ ٿين ٿا. جيئن سامونڊي ساحل تي رهندڙ ٻيڙياتا، ناکُئا، ميربحر ۽ ملاح، موسم جي باري ۾ اڳڪٿي ڪري سگهندا آهن؛ جيئن پکي پکڻ، پسون ۽ جانور به، موسم جي تبديليءَ کان اڳ اهڙا اشارا ڏيندا آهن؛ تيئن ڪي اديب، عالم، شاعر ۽ سڄاڻ ماڻهو پنهنجي ملڪي ماحول جي مستقبل جي باري ۾ اڳواٽ ڪا راءِ ڏئي پنهنجي ساٿين  کي سجاڳ رکندا آهن. سنڌ جو هي ڏاهو ۽ سڄاڻ شخص به اهڙن مستقبل شناس ماڻهن مان هڪ آهي. جن دوستن جويي صاحب جو لکيل ڪتاب ‘Save Sindh, Save the continent’ پڙهيو هوندو، اُهي هن سڄاڻ شخص جي، مستقبل شناس هجڻ جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ٻڌائي سگهندا.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جا وڏا اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، تعليم دان ۽ سڄاڻ ماڻهو سنڌ ڇڏي هليا ويا. سنڌ جي ادبي ميدان ۾ ماٺار جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو. نئون نسل مايوس هو، جنهن کي ڪا به راهه نه ٿي سجهي. اهڙي زماني ۾، جويي صاحب ۽ سندس ساٿين سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي کيتر جي ادبي آبياري ڪري، اُن مان جيڪي ادبي گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا، تن هر طرف بهار لڳائي ڇڏي.

اسان ٻنهي جو هڪٻئي سان گهاٽو ۽ گهڻو تعلق ڪونه هوندو هو ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي اوائلي ادبي گڏجاڻين ۾ به اسين هڪٻئي کي وڻندا ڪونه هئاسين. ادبي ميدان ۾ مان اڃا ٻار هوس، گڏجاڻين ۾ جويو صاحب مون کي پسند ڪونه ڪندو هو. آءُ ذهني طرح  ترقي پسند هوندي به مذهب سان دلچسپي رکندو آهيان. اُن زماني ۾ به اسان جا اديب ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، محمد اسماعيل عرساڻي فدا، مرحوم رشيد احمد لاشاري ۽ آغا تاج محمد مون کي گهڻو ڀائيندا هئا، ٻئي طرف سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ڪي ٻيا ترقي پسند اديب ۽ شاعر، مون کي ادبي گڏجاڻين ۾ ڏسي خوش ڪونه ٿيندا هئا. بهرحال اهو سارو احوال، منهنجي زندگيءَ متعلق هڪ باب جي صورت مثل آهي.

محترم محمد ابراهيم جويي جو نالو مون تڏهن کان ٻڌو هو، جڏهن آءُ اڃا ٽنڊي محمد خان ۾ اي.وي اسڪول ۾ پڙهندو هوس. ٽنڊي محمد خان ۾ آءُ مرحوم سيٺ محب علي خواجه جي گهر ۾ سندس اولاد وانگر رهندو هوس. سيٺ صاحب، مون کي منهنجي والد مرحوم جي گذارش تي ٽنڊي ۾ آندو هو. منهنجو والد، جيئن مون ڪافي جاين تي لکيو آهي ته هڪ مسڪين گهورڙيو هو. سيٺ محب عليءَ جي کارين واري مڪان تي، لاباري کان پوءِ جڏهن تور جو ڪانٽو لڳندو هو، تڏهن اهو ذمو منهنجي والد تي رکيل هو. انهيءَ ڪري سيٺ محب علي مون کي پڙهائڻ لاءِ ٽنڊي وٺي آيو.

ٽنڊي ۾، سيٺ محب عليءَ جو ننڍو ڀاءُ سيٺ سلطان علي، ’فدائي‘ مرحوم، ٺٽي ضلعي جي، تعليمي ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. سائين جي.ايم. سيد اُن ڪميٽيءَ جو صدر هوندو هو. سلطان علي مرحوم جي ڪراچيءَ ۾، حيدر منزل تي جويي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. تن ڏينهن ۾ جويو صاحب سنڌ مدرسي ۾ استاد هو. انهن ڏينهن ۾ هن ‘Save Sindh,Save the continent’ ڪتاب لکيو هو. انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ سلطان علي فدائيءَ پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ذهين ڀائٽئي پروفيسر مدد علي خواجه ۽ سندس سالي مرحوم سيٺ صدر الدين سان، اڪثر ڳالهيون ڪندو هو. اُنهن ڪچهرين ۾ سلطان علي مرحوم جي  والده، ڏاڏي سڪينه، جنهن مون کي پٽ ڪري پاليو هو. پاڻ به ويهندي هئي ۽ مون کي به ويهاريندي هئي. هي سڄو گهر قوم پرست هو، انهيءَ ڪري هن گهر ۾ جويي صاحب کي ڏاڍن سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويندو هو.

ان زماني ۾ تحريڪ پاڪستان زورن تي هئي. سنڌ ۾ مسلم ليگ جو چرچو هو. هيءُ سڄو گهر مسلم ليگ جو گهر هوندو هو. اُن زماني ۾ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ ’مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ به ٺهي هئي. هن تنظيم مسلمان شاگردن اندر پاڪستان تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪافي سجاڳي آندي هئي. ٽنڊي ۾ محمد علي خواجه، آءُ، محمد هاشم ميمڻ، قادر بخش ’زيب‘ ڀٽي، فدا حسين سرهيو، حبيب بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان انهيءَ فيڊريشن جا خاص ڪارڪن هئاسين.

تنهن زماني ۾ جويي صاحب جي لکيل ٻئي ڪتاب ’ايميلي عرف تعليم‘ جو پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ ذڪر ٿيڻ لڳو هو. اسان ۾ حبيب بخاري ڪتابن جو شوقين هوندو هو. هو سيٺ سلطان عليءَ جي اوطاق تي اسان سان ويهي ’ايميلي‘ ڪتاب جا صفحن جا صفحا پڙهي ٻڌائيندو هو، ۽ ڏاڍي تعريف به ڪندو هو. مذڪوره ڪتاب وڏي تعليمي ماهر ’روسي‘ جو لکيل هو، جنهن کي جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. اهو ڪتاب پوءِ مون بي. اي ۾ سنڌي لازمي ڪورس ۾ به پڙهيو، ۽ اها خبر پئي ته دنيا جا تعليمي ماهر تعليم جي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکن ٿا.


(·)  رسول بخش پليجي صاحب جي ڪتاب’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘ مان ڪوريل (ت.ج)

(·)  ’قرب قليچ‘، ص 15، پهريون ڇاپو، 1936ع.

(·)  علامه اقبال

*  محترم غلام رباني آگري صاحب جي جويي صاحب بابت لکيل ٻن مضمونن کي ملائي هڪ ڪيل: جيڪي مضمون، ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ جي خاص نمبر ۾ ڇپيا هئا. (ت ج)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org