سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :21

مون هميشه جويي صاحب کي استقلال واري صابر طبيعت ۾ ڏٺو. گهڻو ڪري ڪنهن جي دل آزاريءَ کان پري رهندو آهي ۽ ڪنهن لاءِ به غلط راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪندو آهي. جيڪا راءِ ڏيندو، سا هميشه مطالعي ۽ نفسياتي نگاهه تي ٻڌل هوندي آهي. ڪنهن ادبي جلسي ۾ يا ڪتابي رسم مهورت تي اها ڳالهه ڪندو، جنهن جي کيس خبر هوندي يا مطالعي مان محسوس ڪئي هوندائين. سندس زندگيءَ جو مقصد هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ سچ جي تلاش آهي. بناوٽ ۽ بيوقوفيءَ کان هر قوت دور رهندو آهي. جهيڙو جهٽو ته بنهه ڪو نه ڄاڻي، صلح پسند طبيعت سبب سڀڪو کيس ڀائيندو آهي.

جويي صاحب سان جڏهن به احبابن طرفان گفتگوءَ جي ابتدا ٿيندي آهي ته آخرڪار جويو صاحب ئي ڳالهائيندو رهندو آهي ۽ ٻيا هڪ عبادت گاهه ۾ ويٺل عقيدتمند نظر ايندا آهن. ان وقت جويو  صاحب صحيح معنيٰ ۾ هڪ مشرقي دانشور نظر ايندو آهي، جيڪو پنهنجي ڄاڻپ جي موتين کي بي پرواهيءَ سان پيش ڪندو آهي ۽ اهو خيال نه ڪندو آهي ته اهي موتي سجايا ويا يا اجايا!

جيئن هڪ اديب يا شاعر جا مداح ۽ نقاد هوندا آهن، تيئن جويي صاحب جي مداحن جو تعداد تمام ججهو آهي، نقاد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. هڪ اڌ نقاد ائين لکيو ته ’جويو صاحب ادب ۾ فقط ڪتابن جا ديباچا ۽ ترجما لکڻ تائين محدود آهي. سندس اوريجنل لکڻيون نه هئڻ جي برابر آهن. وڌ ۾ وڌ مهمان خصوصي طور نظر اچي ٿو.‘

بس! مگر جيئن مون ڏٺو ته جويو صاحب وسيع مطالعو رکندڙ ۽ تحقيقي شعور وارو سخن شناس، معتبر اديب ۽ سنڌ جو مرد داناءَ آهي. اهڙا همه گير علميت وارا ڏات ڌڻي تمام ٿورا پيدا ٿيندا آهن. آءُ ذاتي طور گهڻن ئي اهل علم ۽ دانش سان مليو آهيان، پر جويي صاحب وانگر وطن ۽ ٻوليءَ سان محبت جو جذبو ۽ اونو رکندڙ هڏ ڏوکي ۽ خير خواهه مشڪل سان نظر  آيو. هن جي سوچ جو  وڏو حصو فقط سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ صرف ٿيندو آهي. هڪ دفعو ساڻس ملڻ لاءِ ويس، مون سمجهيو ته ڪنهن لائبرريءَ ۾ آيو آهيان! دراصل اها جويي صاحب جي بيٺڪ هئي. مدد علي سنڌي ۽ سوڀو گيانچنداڻي اڳيئي ويٺا هئا. ادب متعلق ننڍي کان ننڍو ڪتابچو پڻ ڪٻٽن ۾ محفوظ رکيل هو. جويي صاحب زندگيءَ جو سفر اهڙي انداز ۾ جاري رکيو آهي، جو سندس قدمن جو آواز به ڪڏهن ٻڌڻ م ڪو نه ايندو آهي، نه هنگامو، نه هُل، بس نسيم سحر جي جهوٽي جهڙو......... پرهه ڦٽيءَ جي مسافر وانگر........ خاموشيءَ ۾ مقصد جي ڌن ۾ هلندو رهي ٿو........ فقط ڪاميابيءَ جو ارادو ۽ يقين ئي هن جي منزل جا ساٿي آهن. نه ڪنهن تمغي جي آرزو، نه ڪنهن ناجائز آفرين جي لفظن جي تمنا . اهڙن انسانن جي ياد هميشه دلين ۾ محفوظ رهندي يا ڪتابن  ۾ قائم رهندي. مان فقط ايتري ڳالهه ڪندس ته جڏهن مستقبل جو مورخ جديد سنڌي ادب  جي تاريخ ۾ رنگ ڀريندو ته ان ۾ جويي صاحب جو رنگ سڀني کان نمايان هوندو. نجي زندگيءَ ۾ جويو صاحب مون کي هڪ مهذب ۽ سليقي مند انسان جي صورت ۾ نظر آيو. کيس انهن ماڻهن ۾ شريڪ هرگز نٿو ڪري سگهجي، جن معاشري جي ڦرندڙ گهرندڙ ۽ نفع بخش ترجيحات مان ذاتي فائدا حاصل ڪيا، بلڪ منهنجي نقطه نگاه ۾ جويي صاحب ماحول جي ناجائز ڪشش کان پاڻ کي هميشه بچائي رکيو. صرف ادب ۽ زبان جي واڌاري لاءِ پاڻ کي سچي خير خواه وانگر مصروف رکيو آهي. جويي صاحب جي شخصيت جو اهو ئي اصل مقام آهي. جنهن تي هن وقت وڏي عزت سان فائز آهي. ڪو به ملندڙ ماڻهو هن وٽان گرم جوشي ۽ قرب حاصل ڪري وڃي ٿو.

منهنجي شناسائي ۽ عقيدت منديءَ کي چاليهه سالن کان مٿي عرصو گذريو آهي. ان وچ ۾ ڪوٽڙيءَ جي پل هيٺان الائي ڪيترو پاڻي لنگهي ويو. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ سان اهڙو اُنس رکندڙ شخص نه ڏٺو. هڪ دفعو شاهه ڀٽائيءَ جي هن بيت کي بار بار پڙهي پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪري رهيو هو. مون اهو بيت پاڻ وٽ نوٽ ڪري رکي ڇڏيو:

اڳي پوءِ مران مر مران مارڳ تي،

مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.

(شاهه)

 دعا آهي ته سنڌ امڙ جو هي سپوت هميشه خوش رهي، سندس حياتيءَ جي شمع آب تاب سان سوين سال روشن رهي. آمين!

(روزاني ’عبرت‘ 6-7 ڊسمبر 1994)

جامي چانڊيو

محمد ابراهيم جويو- جيئن مون ڏٺو

سنڌ تمام گهڻن حوالن سان پنهنجي تاريخ جي هڪ عجيب ۽ پيچيدي دور مان گذري رهي آهي. خارجي حوالي سان ان تي سازشي ۽ بدنيت قوتن جو ايترو دٻاءُ آهي، جو اُها ڄڻ ته فنا ۽ بقا جي ٻه واٽي تي اچي بيٺي آهي. داخلي حوالي سان نه رڳو سنڌي سماج جو  مزاج ۽ فطرت (nature)  تبديل ٿي رهي آهي، پر اها همه گير سماجي، سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ فڪري تبديلين منجهان گذري رهي آهي. هر قوم جي تاريخ ۾ اهڙا دور ضرور اچن ٿا ۽ اهڙن دورن ۾ ڏاها ۽ غير معمولي فرد ئي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم ۽ سماج جي رهنمائي ڪندي کين بحرانن ۾ چئلينجن مان ائين ڪڍي ايندا آهن، جيئن ننڍڙن ٻارڙن کي چيچ مان جهلي صحيح دڳ تي هلائبو آهي. هونئن ته هلندڙ ويهين صدي سموري انساني تاريخ جي اهم ترين صدي آهي. هن صديءَ ۾ ئي ٻه عالمگير جنگيون لڳيون، سوين ننڍيون توڙي وڏيون قومون غلاميءَ جي صدين جي سنگهرن مان آزاد ٿيون. دنيا ۾ انيڪ فڪري انقلاب آيا. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقن سياسي اقتدار جون واڳون سنڀاليون. هن ئي  صديءَ ۾ سرمائيداري نظام آڏو سوشلزم هڪ وڏو چئلينج ٿي آيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيداري نظام گهڻيءَ حد تائين پنهنجو روايتي انسان دشمن رويو تبديل ڪرڻ تي  مجبور ٿيو ۽ دنيا ۾ ’ويلفيئر اسٽيٽ‘ (فلاحي رياست) جو تصور نه رڳو اڀريو، پر ان عملي شڪل به ورتي. هن ئي صديءَ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ  جي شعبن ۾ ايڏا وڏا ۽ غير معمولي انقلاب آيا، جو قدرت به انسان جي تخليق ۽ شعور آڏو هيڻي ٿي پئي آهي. ائين، جي هن صديءَ ۾ آيل تبديلين ۽ انقلابن جي وچور کڻبي ته اها شايد تمام ڊگهي ٿي وڃي.

 سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان به هن صديءَ کي هڪ خاص اهميت آهي. ان سڄي عرصي دوران سنڌ به انيڪ سياسي ۽ سماجي بحرانن مان گذري آهي. ويجهي ماضيءَ جي ان سڄي عرصي ۾ سنڌ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ وڏا قابل، ڄاڻو، بهادر، ڏاها ۽ پاڻ ارپيندڙماڻهو پيدا ڪيا. مولانا عبيدالله سنڌي، علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي . ايم. سيد، الله بخش سومري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، محمد امين کوسي، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ رسول بخش پليجي کان وٺي، شيخ اياز ۽ الهداد ٻوهيي تائين ۽ ويندي موجوده دور تائين اهڙن ماڻهن جي هڪ وڏي ڪهڪشان (Gallaxy) آهي: جن نه رڳو سنڌ کي شعور ڏنو، پر جديد سنڌ جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته مان بنا ڪنهن هٻڪ جي ۽ پنهنجي پوريءَ ذميواريءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته ان سڄي سفر جي سرواڻيءَ ۾ جنهن ٻئي شخص جي به امتيازي شراڪت رهي، ان جو نالو محمد ابراهيم جويو آهي. سنڌ جي نئين نسل کي اڃا پوريءَ طرح معلوم نه آهي ته روايتي معنائن ۾ نه، پر سچ پچ هن اعليٰ انسان سنڌ جي وجود، بقا ۽ همه گير اوسر لاءِ ڪيتريون نه اڻ وسرندڙ ۽ لافاني خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نه، پر اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪي غير معمولي ڪردار رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماٺيڻي، مزاج، طبقاتي پس منظر ۽ حالتن جي جبر سبب حقيقي معنيٰ ۾ قومي اڳواڻ هئڻ جي باوجود سدائين پس منظر ۾ ۽ ڪارڪن ٿي رهندا آهن. اسان جو جويو صاحب به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي. لطيف سائينءَ سچ پچ به اهڙن ماڻهن لاءِ ٿي چيو آهي: ”تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري“- يعني اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون، جڏهن جهالتن ۽ پس ماندگين جا ڌنڌ لهندا ۽ آزاديءَ ، شعور ۽ ڏاهپ جا پورپ پڌرا ٿيندا.

حقيقت اها آهي ته مان پاڻ کي نهايت خوشنصيب سمجهندو آهيان ته مون کي اهڙي ماڻهوءَ جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو پئي مليو آهي. جويو صاحب صرف مون جهڙن دوستن لاءِ ئي نه، پر سڄيءَ سنڌ لاءِ گهاٽي ڇانوَ مثل آهي. هو جديد سنڌ جو فڪري استاد آهي. مختلف شعبن جي حوالي سان الڳ الڳ ڪٿ ڪبي ته يقينا زندگيءَ جي انيڪ شعبن ۾ اسان کي ٻيا به وڏا ڪردار ملندا، پر جامعيت (totality) جي حوالي سان پرک ڪبي ته منهنجي نظر ۾ جويي صاحب جو ڪردار شايد سڀ کان مٿانهون نظر اچي. محمد ابراهيم جويو صحيح معني ۾ سنڌ جو دانشور آهي. اهڙن ماڻهن جي دانش تي سندن دور ۽ قوم کي ضرور فخر ڪرڻ گهرجي. مون کي سخت افسوس ۽ ڏک ٿيندو آهي، جڏهن حليم بروهي، اعجاز منگي ۽ (انعام شيخ، طارق عالم ابڙي ۽ ناز سنائيءَ) جهڙا ليکڪ جويي صاحب جي ڪردار ۽ خدمتن جو اعتراف ڪرڻ ته ٺهيو، پر هتڪ آميز انداز ۾ سندس فڪري استدلال ۽ ڪردار کان انڪار ڪندا آهن. جويو صاحب ته جهڙو آهي تاريخ جي صفحن ۾ ائين ئي رهندو، پر اسان جا اهي دوست ناسمجهيءَ  يا شعوري طرح حقيقت کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مثلا: ڪجهه وقت اڳ، ناز سنائيءَ اهو افسانو گهڙيو ته جويي صاحب ون يونٽ جي حمايت ۾ ايڊيٽوريل لکيا هئا. مون کي حيرت ٿيندي آهي ته ماڻهو نڪ جي پڪائيءَ سان ايڏا وڏا ڪوڙ ڪيئن ٿا هڻي سگهن؟ ون يونٽ جي خلاف سنڌي اديبن جي سموري جدوجهد جي جويي صاحب جو بنيادي ڪردار هو. اها ته بنهه ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي، جنهن باري ۾ ڪو به ماڻهو ايمانداريءَ سان لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو، پر اسان وٽ فقط هوا ۾ لٺين هڻڻ جي روايت عام آهي.

هونئن ته جويي صاحب سڄي زندگي انيڪ شعبن ۾ خدمتون سرانجام پئي ڏنيون آهن، پر هن جو بنيادي ڪردار ٽن شعبن جي  حوالي سان آهي. مان چاهيندس ته انهن تي الڳ الڳ الڳ لکجي ته جيئن هن جو ڪردار پنهنجيءَ پوري هم گيريت سان سامهون اچي سگهي.

جويي صاحب جو فڪري ڪردار: قومن کي هڪڙي نفسيات ته سندن ڪلچر جي حوالي سان ورثي ۾ ملندي آهي، جڏهن ته سندن شعور جي تشڪيل ۽ تعمير انهن جا دانشور ۽ مفڪر ڪندا آهن. اڄ کان پنج سئو سال اڳ تائين يورپ دنيا جو هڪڙو سخت پس مانده خطو هو، پر نشات ثانيه (Renaissance) جي ٻن فڪري تحريڪن يورپ جي تاريخ جون ڌارائون ئي تبديل ڪري ڇڏيون. ان سڄي عمل ۾ سندن دانشورن جو بنيادي ڪردار هو. سنڌ پنهنجي ڪلچر جي حوالي سان اڳ ئي هڪ سانتيڪو (passive) سماج رهيو آهي، ٻيو ته سنڌ صدين کان دنيا کان ڪٽيل ۽ ويڳاڻي رهي آهي، هڪ طرف سماجي ۽ سياسي نظام نهايت فرسوده ۽ ٻيو دنيا جي جديد سائنسي شعور جي پاڇي کان به پري. اهڙي پس منظر ۾ سنڌ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي ۽ اهل فڪر ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻُ سنڌ لاءِ ڪنهن بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه هو. هي ويهين صديءَ جي سنڌ جي شروعاتي ڏهاڪن جي ڳالهه آهي.  انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ آهستي آهستي شروع ٿي رهي هئي، پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سوال اڃا ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو، خود جناح به ڪانگريس جو سرگرم رڪن هو. سنڌ ۾ علم ادب جي شعبن کان وٺي پارلياماني سياست تائين سنڌ ۾ هندن جي بالادستي هئي. مسلمانن جو جاگيردار طبقو نسورو جاهل ۽ ڪوتاهه ذهن هو. سنڌي مسلمانن ۾ وچون طبقو پيدا ئي نه ٿيو هو. اهڙي ماحول ۽ پس منظر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي مدبر شخص جي پيدا ٿيڻ کي مان سچ پچ به هڪ غير معمولي ڳالهه ٿو سمجهان. سنڌ به ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ طرف ڪانگريس هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون ضرور هيون، پر بنيادي طور فڪري  حوالي سان اهي ٻه ڌارائون هيون. هي اهوئي دور آهي، جڏهن روس ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي چڪو هو. دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلزم جون تحريڪون تيز ٿي رهيون هيون. هندستان ۾ علم ادب جي شعبن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز ٿي رهيو هو. فڪري حوالي سان هندستان ۾ ايم . اين. راءِ (M.N.Roy)  جي فڪري لهر ٻه اُڀري رهي هئي. ان سڄي ماحول ۾ ڇاڪاڻ ته راءِ جي فڪري تحريڪ ٻين سمورين تحريڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ترقي پسند، سائنسي شعور رکندڙ، عوام دوست ۽ مظلوم قومن جي حمايت ڪندڙ هئي، ان ڪري جويو صاحب ان ۾ شامل ٿيو. مان سمجهان ٿو ته هو شايد سنڌ جو پهريون ماڻهو هو، جيڪو Royist  ٿيو. جويي صاحب سنڌ جي ان وقت جي باشعور نوجوانن (جيڪي اڄ سنڌ جا وڏا شاعر، اديب، عالم ۽ دانشور آهن) تي پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ ائين سنڌ ۾ هڪ نئين روشن خيال طبقي ۽ روايت جو بنياد وڌو.

اڄ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ علمي، ادبي ۽ فڪري سطح تي جيڪو پختو شعور آهي، ان جي بنياد وجهڻ ۾ محمد ابراهمي جويي جو هٿ هو، رسول بخش پليجو چوندو آهي ته ’جويو صاحب انسان ساز ادارو آهي‘. اها بلڪل حقيقت آهي. شيخ اياز کان وٺي رسول بخش پليجي تائين ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي کان ويندي اسان جهڙن نوجوانن تائين ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن جي فڪري تربيت ۾ بنيادي هٿ جويي صاحب جو نه هجي. جويي صاحب پنهنجي تحريرن ۽ ترجمن ذريعي به سنڌ ۾ هڪ قسم جي فڪري تبديلي آندي آهي.

جويي صاحب جو سياسي ڪردار: جيتوڻيڪ جويو صاحب ڪڏهن به عملي سياست ۾ نه رهيو آهي، پر هڪ دانشور طور هن نه رڳو زندگيءَ ۾ ڀرپور ڪردار پئي ادا ڪيو آهي، پر اڄ تائين بدستور ڪري رهيو آهي. مان ته شايد ائين چوان ته سنڌ ۾ Political Intellegensia جو بنياد وجهندڙ شخصُ محمد ابراهيم جويو آهي. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار متعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اهو واضح ڪيو ته جيڪو سڄاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجي قوم، وطن، عوام ۽ سماج جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم آڻي نه ٿو جاکوري، اهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نه ٿو سگهي.

جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جو سوال شدت سان اڀريو ۽ مسلم حڪمران طبقن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو ته جويو صاحب پهريون مسقبل بين ۽ دور انديش ماڻهو هو، جنهن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن: ڇو ته مسلمانن جي جنهن حڪمران طبقي ان ڏس ۾ سرگرم ڪردار ادا پئي ڪيو، ان جي سياسي تاريخ ۾ مقصد ٻڌائين پيا ته سندن نيتون صاف هيون، جويي صاحب ’ان زماني ۾ ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘(Save Sindh, Save the Continent) نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ تفصيل سان سمجهايو ته سنڌ جي سياستدانن کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جويو صاحب شايد واحد سنڌي دانشور هو، جيڪو ان مسئلي تي ايترو واضع هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي قيام کان فقط ٻه ٽي مهينا پهرين جويي صاحب سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو ۽ کين سمجهايو ته هو پاڪستان سان مشروط الحاق ڪن ۽ پنهنجي شرطن جي منظوريءَ جي بنياد تي ساڻن هڪ لکيل معاهدي طور شريڪ ٿين. جويي صاحب پنهنجي ان خط ۾ اُهي شرط به واضع ڪيا، پر ان زماني ۾ سنڌ جي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن ۾ ايترو شعور ڪٿي هو. ان حوالي سان مان اها حقيقت به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته جويو صاحب اهو کليل خط ڇپرائي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ورهائڻ لاءِ پاڻ کڻي ويو هو، پر اُتي ساڻس هتڪ آميز سلوڪ ڪري کيس اُهي پمفليٽ ورهائڻ به نه ڏنا ويا. جيتوڻيڪ اڄ ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي ۽ اسين اهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن  جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو، پر جويي صاحب جو اهو اڻمٽ ڪردار بهرحال رڪارڊ تي موجود آهي ۽ اهو هميشه رهندو. جڏهن به ڪنهن ايماندار مورخ سنڌ جي ’جديد سياسي تاريخ‘ لکي ته هو ضرور چوندو ته ان دور ۾ محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سنڌ کي مستقبل جي انهن امڪاني خطرن کي آگاهه ڪيو، جن کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ هڪ ڏينهن صحيح ثابت ڪيو. پليجي  صاحب جو ته خير جويو صاحب استاد رهيو آهي، ۽ هو اڪثر محفلن ۾ اهو اقرار ڪندو آهي ته سندس فڪري تربيت ۾ جويي صاحب جو به هٿ رهيو آهي. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۾ لکيو آهي ته حسام الدين راشدي چوندو هو ته ’اسان کي قومي ۽ سياسي شعور جويي صاحب ڏنو‘. ساڳي مڃتا مرحوم ڏيپلائي صاحب جي پڻ لکيل موجود آهي.

پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگيءَ جو سوال هجي، ون يونٽ جو نفاذ هجي يا هر اهو موقعو ۽ issue جڏهن سنڌ ۾ سنڌين کي خطرو درپيش آيو هجي، تڏهن جويو صاحب هڪ دانشور طور سدائين جدوجهد جي اڳين صفن ۾ رهيو آهي. ويندي اڄ تائين جڏهن هو 82 (·) ورهين جو ٿي چڪو آهي، تڏهن جويو صاحب اڄ به فڪري طرح واضح ۽ بلند آهي. هن جي چهري تي اڄ به علم  ۽ شعور جي پختگيءَ ۽ اورچائيءَ جي جذبي سبب اعتماد جا نشان عيان آهن هو اڄ به  هن ضعيف العمريءَ ۾ هر موقعي تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. پنهنجي قوم جي نئين نسل کي اوهام پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ جي فڪر بدران علم ۽ شعور جا سبق ڏئي ٿو، کين بدظن ۽ مايوس ڪرڻ بدران اُتساهه ۽ جدوجهد جون راهون ڏسي ٿو.

         جويي صاحب جو ادبي ۽ علمي ڪردار: سنڌ رڳو هن صديءَ ۾ ئي نه، پر پنهنجيءَ سموريءَ تاريخ ۾ جيڪي چند  وڏا مشاهير ۽ عالم پيدا ڪيا، انهن ۾ جويو صاحب هڪ ممتاز شخصيت آهي، جويو صاحب سچ پچ هڪ نهايت اعليٰ پايي جو عالم آهي. هو رڳو اديب ئي نه، پر ادب جو هڪ وڏو اسڪالر به آهي.

شيخ اياز ڪيترائي دفعا پنهنجي تحريرن ۾ لکي چڪو آهي ته هن جي ادبي ڪئريئر تي جويي صاحب جو وڏو گهرو اثر رهيو آهي. شيخ اياز پهرين شاعري ڪندو هو، پر جويي صاحب ئي هن کي عام سنڌيءَ ۾ قومي ۽ عوامي شاعري ڪرڻ ڏانهن مائل ڪيو. جيتوڻيڪ جويي صاحب هڪ تخليقي اديب جي حيثيت ۾ لکيو گهٽ آهي. پر هن ادبي حوالي سان نوان قدر ۽ لاڙا تخليق ڪيا، هن سنڌي ادب جا رخ متعين ڪيا ۽ اهو ڪو معمولي ڪردار ناهي. جويي صاحب سڄي زندگي هڪ ادبي استاد طور ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. سنڌ جو شايد ئي ڪو وڏو ۽ قابل ذڪر اديب ۽ ليکڪ هجي، جنهن ادبي حوالي سان جويي صاحب جو گهرو اثر  نه قبوليو هجي. جويي صاحب سنڌي ادبيءَ ۽ تخليقي قافلي جي سرواڻي پئي ڪئي آهي. جنهن جي نشندهي هن جا انيڪ ڪتابن تي لکيل عالمانه مهاڳ آهن. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽريءَ طور هو جيترو عرصو به رهيو، هن سنڌي ادب جي لازوال محبت ڪئي، هن مهراڻ رسالي کي هڪ قسم جي ادبي ۽ فڪري تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جويي صاحب ادبي بورڊ کان وٺي، ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ ۽ ’سنڌ فرينڊس سرڪل‘ تائين جيڪي ڪتاب شايع ڪيا، انهن سنڌ جي علمي ۽ ادبي شعور جي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.

         جويو صاحب ادبي تنظيمن ۽ تحريڪن جو به روح روان رهيو آهي: ’سنڌي ادبي انجمن‘، ’عوامي ادبي انجمن‘، ’سنڌي ادبي سنگت‘، ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘، ’بزم صوفياءَ سنڌ‘ ۽ ٻين ڪيترين ادبي تنظيمن ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ جويي صاحب جو بنيادي هٿ ۽ وڏو ڪردار رهيو آهي . مون ذاتي طرح ڏٺو ۽ محسوس پئي ڪيو آهي ته جويو صاحب هميشه ان ڳالهه لاءِ ڪاشان رهيو آهي ته سنڌ ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن جي حوالي سان نوان نوان ادارا ۽ تنظيمون ٺاهجن ۽ انهن کي قومي ڀلائيءَ لاءِ متحرڪ ڪجي. جيئن اردوءَ جي مشهور شاعر راشد لاءِ چوندا آهن ته هو شاعرن جو شاعر هو، تيئن جويي صاحب لاءِ به چئي ٿو سگهجي ته هو اديبن ۽ عالمن جو به استاد رهيو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي کي مان وڏي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو  آهيان، هو منهنجو محترم دوست به هو، هو پاڻ به اعليٰ پايي جو دانشور ماڻهو هو، پر هن هڪ دفعي مون کي هڪ ڪچهريءَ ۾ پنهنجي ادبي زندگيءَ  بابت ٻڌائيندي چيو هو ته ’سندس شخصيت تي وڏي ۾ وڏو اثر محمد ابراهيم جويي جو رهيو آهي.‘ مان پليجي صاحب جي ان راءِ سان بلڪل سهمت آهيان ته ”جويو صاحب هڪ ’انسان ساز ادارو‘ آهي.“

پنهنجي علمي استدلال، فڪري پختگيءَ ۽ هڪ ڪمٽيڊ ‎(Committed) دانشور جي حيثيت کان علاوه مون شخصي حوالي سان به کيس هڪ وڏو انسان ڄاتو آهي. اها راءِ مان پنهنجي ذاتي مشاهدي جي بنياد تي ڏئي رهيو آهيان. تاريخ ۾ اهڙا ڪردار گهٽ رهيا آهن، جيڪي صاحب فڪر  ۽ علم و دانش به هجن ۽ ساڳئي وقت اعليٰ انساني ڪردار جا مالڪ به هجن. دنيا ۾ اعليٰ انساني دماغن ۽ ڏاهن ماڻهن جي کوٽ نه رهي آهي، پر عام طرح ڏٺو ويو آهي ته انهن جو ٻيو انساني خوبين وارو پاسو اڪثر ڪمزور هجي ٿو، پر اسان جو جويو صاحب جيترو ڏاهو ۽ عالم شخص آهي، ايترو ۽ شايد ان کان به وڌيڪ نهايت وضعدار ۽ هڪ بلند ڪردار جو شخصي تشهير بازيءَ ۽ موقعي پرستيءَ ، وڏائيءَ، شخصي تشهير بازيءَ ۽ موقعي پرستيءَ جهڙين ڪمزورين کان آجو رهيو آهي. مون جويي صاحب سان جيترو به وقت گڏ گذاريو آهي، ساڻس به شمار ۽ طويل ڪچهريون ڪيون آهن. مون کي ياد نه آهي ته هن ڪڏهن به اُتي پنهنجي ذات جو ذڪر ڪيو هجي. هميشه سنڌ جي ڳالهه ڪندو ا علم و ادب ۽ پنهنجي قومي تشخص جي جاکور لاءِ اسان ۾ اتساهه ۽ جذبو پيدا ڪندو. جڏهن به اسان سان گڏ هوندو، هڪ استاد ۽ ٻاجهاري انسان وانگر اسان جي تربيت ڪندو، سمجهائيندو، محبتون ورڇيندو ۽ رهنمائي ڪندو. مون ڏٺو آهي ته اسان جي جنهن به محفل ۾ جويو صاحب هوندو آهي ته اسان پاڻ کي سندس تفڪر ۽ ٻاجهه جي گهاٽيءَ ڇانوَ هيٺ محسوس ڪندا آهيون. اڄ جهڙي خود پرست ۽ مفاد پرستيءَ واري دور ۾ اهڙا ماڻهو ڪٿي آهن. سنڌ سان عشق ۽ محبت   جون ڳالهيون ته هرڪو ڪري ٿو، پر مون صحيح معنيٰ ۾ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سنڌ سان عشق ڪندي ڏٺو ته اهو محمد ابراهيم جويو آهي. عشق، ڪجهه وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو نه، پر محسوس ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي جذبي جو نالو آهي، جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ‎ته:

It is something to feell, to give

سنڌ سان عشق جي ڳالهه الائجي ڪيترن ڪئي ۽ هنن ان نالي ۾ ڇا ڇا نه حاصل ڪيو، پر جويي صاحب هڪ ممتا جيان هميشه فقط ڏنو. پنهنجي وقت، زندگي، علم، صلاحيت ۽ دانش کي سنڌ لاءِ ارپيو. هو سنڌ سان ائين بي لوث پيار ڪري ٿو، جيئن ڪا ممتا پنهنجي ٻار سان ڪندي آهي. ان حوالي سان مان هڪ واقعو ٻڌائڻ چاهيندس: ڪجهه عرصو اڳ جي ڳالهه آهي، اسان پليجي صاحب جي گهر ڪچهري ڪري رهيا هئاسون، جنهن ۾ پليجو صاحب، جويو صاحب، ڊاڪٽر صاحب خان چنو، ناز سهتو ۽ مون سميت ڪجهه ٻيا دوست به هئا. جڏهن رات گهڻو لڙي چڪي ۽ محفل متي ته جويي صاحب اسان کي شاهه لطيف جي هڪ وائي ترنم سان ٻڌائڻ شروع ڪئي. ان وائيءَ جي ڌن به جويي صاحب جي پنهنجي ٺاهيل هئي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا ته:


(·)  هي مضمون اڳ جو لکيل آهي، جويي صاحب جي عمر هن وقت 88 سال آهي. (ت ج)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org