فيڊل ڪاسٽرر جي دانشورن کي ڪيل خطاب مان چونڊيل
مٿيون ٽڪرو اسان کي تمام گهڻن مسئلن کي سمجهڻ
سلجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، مثلاً: اهو اسان کي ٻڌائي
ٿو ته ترقي پسند فن ۽ ادب ڇا کي چئجي؟ ڪهڙا فنڪار
(اديبن ۽ شاعرن سميت) ترقي پسند فن ۽ ادب تخليق ڪن
ٿا؟ مخصوص علائقي ۽ وقت لاءِ يعني
Particular Individual
جو آفاقي يعني،
General, Universal
سان ڪهڙو ۽ ڪيترو تعلق آهي؟ ماضيءَ جي صحيح تجربي
۽ حال جي تقاضائن جي صحيح پروڙ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ
هر ڪو عمل (فن جي تخليق سميت) مستقبل تي ڪيئن نه
اڻ ٽر نموني اثرانداز ٿئي ٿو، ۽ مستقبل جي نالي ۾
حال کان لاتعلقيءَ وارو رويو ڪيئن نه مستقبل ۽ حال
ٻنهي لاءِ هاڃيڪار آهي، ۽ وڏي ڳالهه هيءَ ته فقط
پنهنجي وقت جي مانهن لاءِ ئي ڪاوش ڪرڻ سان ڪابه
فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي
سگهي، ان پوئينءَ ڳالهه کي اڃا وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ
اسان هي مثال ٿا وٺون.لطيف کي اڍائي سؤ سالن کان
وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، ۽ هيءُ سندس بيت ان کان به
گهڻو اڳ جي هڪ واقعي تي پيش منظر ۾ چيل آهي:
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکَ مَ سمهو،
پسو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.
اڄ نڪي نسلي بنيادن تي جاڙيجن کي جاڳائڻ جي ضرورت
آهي ۽ نه سمن کي سجاڳ ڪرڻ جي اڄ نالي ۾ ڪو به لاکو
لوڙيون ڪونه پيون ڪري ۽ نه ئي وري بلڪل واقعاتي
طور اها صورتحال لطيف جي حياتيءَ وارن ڏينهن ۾
هئي. پر اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته ’جاڙيجن‘ ۽
’سمن‘ جي معنوي وارثن کي جاڳائڻ جي جيتري اڄ ضرورت
آهي، اوتري اڳتي ڪڏهن به ڪانه هئي. ’لاکو‘ اڄ جيڪي
لوڙيون ڪري ٿو، تن جو مثال اڳ جي تاريخ ۾ لڀڻ مشڪل
آهي.لطيف جو اهو بيت ٻيءَ سموري وقتائتي شاعريءَ
سان گڏ تيسين پنهنجو ٺوس سماجي ڪارج پورو ڪندو
رهندو، جيسين انهيءَ صورتحال ۾ ڪا بنيادي تبديلي
نٿي اچي. ان کان پوءِ به هن بيت جي اهميت نه رڳو
قائم رهندي، پر ان کي هڪ فنپاري جي اهميت هجڻ جي
ڪري اجاگر ڪيو ويندو.
ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو اصطلاح هونئن ته ويهين
صديءَ ۾ ئي متعارف ٿيو آهي، پر ترقي پسند ادب ۽ ان
۾ ترقي پسند شاعريءَ جي سرجڻ جو عمل اوترو ئي
پراڻو آهي، جيترو ادب پاڻ. انهيءَ رعايت سان اسان
ترقي پسد شاعريءَ جي وصف ۽ ان جي دائري جي تعين
واري ڪم انهن حوالن سان ڪنداسين، جيڪي اسان جويي
صاحب جي ڪتاب ”شاهه سچل سامي“ تان چونڊيا آهن:
”اسين، جو ڪجهه ٻڌون ٿا، پڙهون ته ۽ جو ڪجهه
سوچيون يا سمجهون ٿا، سو پنهنجي ماحول مطابق ۽
پنهنجن مسئلن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن جي سامهون ڪهڙا
مسئلا آهن- اهم ڳالهه اها آهي. پنهنجي انهن مسئلن
جي ورشنيءَ ۾ ئي هر ڪو ماڻهو ۽ هر ڪو سماج پنهنجي
راهه جو ڏس پڇي ٿو ۽ ڳولي ٿو- پنهنجي تاريخ،
پنهنجي ادب ۽ پنهنجي تهذيب ورثي جي حاصلات مان“.
(صفحو6)‘
لطيف، سچل ۽ ساميءَ بابت اڳتي هلي ڪتاب جي 25 صفحي
تي جيڪي مصنف لکيو آهي، سو پڻ ترقي پسند شاعر جي
وصف کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو:
”هو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لُڇندڙ ۽ سڄي
پنهنجي زندگيءَ هڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ هڪ
ئي آدرش جا فدائي هئا. هنن پنهنجي دور ۽ پنهنجي
دنيا جي اندر جي اصلي امنگ کي سمجيو هو، ان ۾ جيڪا
نئين معنيٰ تڙڦي رهي هئي ۽ جيڪو نئون ساهه سپجي ۽
سانڀجي رهيو هو، اکي هن جاتو هو“.
’پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي دنيا جي اندر جي امنگ کي
سمجهڻ‘ ۽اُن ۾ ترڦندڙ نيئن معنيٰ ۽ ان ۾ سپِچندڙ ۽
سانڀجندڙ نئين ساهه کي ڄاڻائڻ‘ ئي ترقي پسنديءَ جو
تت ۽ جوهر آهي.
شاعرن ۽ فنڪارن بابت هيءُ جيڪا ڳالهه محمد ابراهيم
جويي چئي آهي، سا ترقي پسند شاعرن کي خاص طرح ڌيان
تي رکڻ گهرجي، ڇو ته اها شاعرن ۽ فنڪارن جي ميڙ
مان فقط انهن (ترقي پسند شاعرن) ۾ ئي هجڻ جي وڌ ۾
وڌ توقع ڪئي ويندي آهي.
”پر هو پنهنجي وقت سان ٻٽ هوندا آهن ۽ ان جي اصلي
دک کي ڄاڻندا آهن، ۽ پوءِ پنهنجي ان عميق ۽ انمول
احساس کي هو دائميت ڏيندا آهن ۽ لافاني بنائيندا
آهن، ۽ اهو پوءِ سندن پنهنجي ملڪ، قوم ۽ سماج لاءِ
۽ انهن جي وساطت سان سڄيءَ دنيا لاءِ دائمي
دارونءَ جوڪم ڏيندو آهي.“ (صفحو 26)
’ترقي پسندي‘ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ نسبتي اصطلاح
آهي، اهو مطلق ناهي. هڪڙي شيءَ هڪڙي خاص وقت ۽
جاءِ تي ترقي پسند ٿئي ٿي. ساڳي ڳالهه ۽ ساڳي شيءَ
ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي ۽ هتي، هُتي ۽ هر هنڌ ترقي پسند
هجي، ائين ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، البت ترقي پسنديءَ
جي معنيٰ کي جيڪڏهن آفاقي بنائڻو آهي ۽ ان کي ’پئي
پراڻو ٿيڻ‘ کان بچائڻو آهي ته ان جي خمير ۾ اياز
جي هيءَ سٽ ’اول شال! عاقبن سان اٽڪان ، مان واهر
ٿي وانهيون جي. “ کي لازمي طور شامل ڪرڻو پوندو،
جيڪا جويي صاحب ’ڪي جو ٻيچل ٻوليو‘ جي مهاڳ ۾
حوالي طور ڪم آندي آهي.
ترقي پسنديءَ جي نسبتي
(Relative)
هجڻ جو احساس اسان کي ان وقت تمام گهڻو سبتائي ٿو،
جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ’ون يونٽ ٽوڙي تحريڪ، واري
زماني ۾ مختلف شاعرن اديبن جا پيش ڪيل گهڻا خيال،
اڄ جڏهن جيئن جو تيئن ورجايا وڃن ٿا ته اهي
اهاڻوڪين حالتن سان بنهه نه آئڙندر ٿا لڳن. اهڙن
خيالن کي هاڻي اڪثر اهي قوتون وڌ ۾ وڌ پرچار ڏين
ٿيون، جيڪي يا ته ان وقت بنهه خاموش يا وري دشمن
سان گڏ هيو ۽ انهن کي هاڻي رڳو ان ڪري پکيڙين
ٿيون، جيئن ان کان گهڻو اڳتي وڌي وڌي ڪجهه ڪرڻ
واري دٻاءَ کي روڪي سگهجي- ۽ ان دؤر جا ڪي اديب ۽
شاعر، جڏهن پنهنجن انهن خيالن کان وڌيڪ اڳڀرا خيال
نٿا پيش ڪري سگهن، تڏهن يا ادب مان رٽائر ٿيل هجڻ
جو خاموش تاثر ڏين ٿا يا وري پنهنجي قلم جي اها
تيزي ۽ طراري، جيڪا هنن ڪڏهن اڪثريتي عوام جي حق ۾
استعمال پئي ڪئي هئي، تنهن کي اقليتي حاڪم طبقي جي
حق ۾ نهايت خطرناڪ دولاب ۽ دلبي سان ڪم آڻي،
پنهنجي ڪئيءَ ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيرن جي جتن ۾ رڌل
نظر اچن ٿا.
اڄ اسان ڏسون ٿا ته محمد ابراهيم جويو، جنهن ڪلهه
به ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن، خاص ڪري پنهنجي وقت
جي سڀ کان وڏي ترقي پسند سنڌي شاعر شيخ اياز جي
زبردست پٺڀرائي ڪئي، تنقيد جي مورچي تي انهن جي
دفاع ڪرڻ ۾، رجعت پسنديءَ خلاف انهن جي هر حملي کي
وڌيڪ زوردار بنائڻ ۾ پنهنجي حصي جي جنگ نهايت
جوانمرديءَ سان لڙي، سو پنهنجي قول، توڙي عمل سان
اڄ به ترقي پسند نظر اچي ٿو ۽ اڄ جي ترقي فڪر جو
پاسو جهليو ٿو اچي. ان جي برعڪس، ان دؤر جا ڪافي
ڪي ترقي پسند شاعر ۽ اديب، اڄ ادبي ۽ فڪري ’سنڌن
جي سُور‘ ۾ مبتلا آهن ۽ ذاتي زندگيءَ جي آسائش
واري بيڊروم ۾ پنهنجن گوڏن کي سرنهن جي تيل ۽
سينڌي لوڻ جي مالش ڪرائي رهيا آهن.
محمد ابراهيم جويي نه رڳو ادب ۾ ترقي پسنديءَ جي
وصف ۽ دائري کي، پنهنجين مسلسل لکڻين ۾ چٽو ڪيو
آهي، پر هن سنڌي ترقي پسند شاعريءَ جي فني ۽ فڪري
خوبين کي هڪ وڏي پارکوءَ جي اک سان ڏسي عام اڳيان
نروار ڪيو آهي. ان ما سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو
آهي ته اُهي خوبيون، جن ڏانهن هن پنهنجي تنقيدن ۾
ڌيان ڇڪايو آهي، تن کي پاڻمرادو اُجاگر ٿي بيهڻ
هونئن تمام گهڻو وقت لڳي ها. مثال طور آءُ هتي
جويي صاحب جي ان تنقيد جو حوالو ڏيان ٿو، جيڪا هن
اياز جي ٻن منظور ذرامن ’دودي سومري جو موت‘ ۽
’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ تي ’ڪي ٻيجل ٻوليون‘ جي مهاڳ ۾
ڪئي آهي. هوڏانهن ڊرامن جي علامتي اهميت کي واضح
ڪندي لکي ٿو:
”منظوم ڊارمن ۾ ’دودي سومري جو موت‘ هڪ علامتي
ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به آهن ۽ هاڻڪو به
آهن. هي ڊرامو قومي جدوجهد جي پڌر تي زندگيءَ ۽
موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظهار جو ڊرامو
آهي. هڪ نظريو اهو، جنهن ۾ موت کان ايترو ڊپ ۽
زندگيءَ لاءِ ايترو موهه آهي، جو انسان هر قيمت تي
جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺن گهري ٿو-عزت ۽ ذلت توڙي
ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توري اجتماعي نوع جو،
هن لاءِ ان سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿئي ٿو: ٻيو نظريو
اهو، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽
موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ
لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مرڻو به پوي ته بيڌڙڪ موت
جي مُنهن ۾ هليو وڃي. زندگيءَ جي سهڻين ۽ سٺين شين
کي ٻنهي منورتين وارا ماڻهو چاهين ٿا- پر هڪڙا
انهن شين کي مفت ۾ ائين ماڻڻ گهرن ٿا، جيئن اُهي
آهن يا کيس ميسر ٿين: ٻيا اهي جيڪي پنهنجي جاکوڙ
سان زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻو ۽ سٺو بنائڻ به گهرن ٿا
ته جيئن کين تنها ئي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون ماڻڻ
لاءِ ملي سگهن، ۽ ان جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ کين جيئڻ جو
اهو ئي رس ملي ٿو، جيڪو خود انهن شين جي ماڻڻ مان
کين ملي ٿو“.
ٻئي ڊرامي بابت:
”’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن
۾ پڻ، طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي
ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي. ان
جا ڪردار- ولهار ۽ وينگس ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو- به
ڪي رڳو پراڻي جُڳَ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن.
پڙهڻ سان چوڌاري هر ڪو انهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽
سڃاڻي سگهي ٿو.وينگس کي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا ۽
ولهار کي سنڌ جي سنڌ جي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ، ۽
آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي انهن جي دشمن ڪردارن، مثلاً:
سامراج، جاگيرادر ۽ سرمائيدار، جي صورت چئي سگهجي
ٿو“
فن ۽ فڪر کي هڪ ئي وقت پنهنجيءَ پرک جي پڪڙ ۾
آئيندي، جويو، اياز جي ڪجهه نظمن تي پنهنجي راءِ
هنن لفظن ۾ ڏئي ٿو:
”’هي گيت اڃايل مورن جا’ ۽’رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘
وارا سندس نظم پڙهي، محسوس ٿو ٿئي ته اهي ڪنهن
شيشن محل جي گهڙيل ۽ ماپيل هڪڪرن شيشن وانگر نه
آهن، پر ڄڻ اونداهيءَ ۾ ڪنهن جوالا ڦاٽ کاڌو آهي ۽
ٻرندر اڱرن ۽ ڌاتن چوڌاري پکڙجي هڪ عجيب جهرمر
لائي ڏني آهي. نظمن جي انهيءَ بي ساختگيءَ،
روزانيءَ رنگارنگيءَ ۽ انوکائيءَ ۾، ساڳئي وقت هڪ
گهري، رچي ريٽي ٿيل انقلابي شعور جو اظهار پنهنجي
ڪمال تي پهتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ برصغير
جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اهو يگانو تصور آهي،
جو صدين تائين اسان جي ديس واسين جي روح کي
گرمائيندو رهندو ۽ انقلابي سياست جي هر لاهي ۽
چاڙهي ۾ ان جو ساٿي ۽ سونهون ٿي ڪم ايندو“.
اياز کي خطن لکڻ تي اُڀارڻ (ته جيئن سنڌي ترقي
پسند شاعر جي اندر ۾ سندس پڙهندڙ به جهاتي پائي
سگهن). سنڌس شاعريءَجي صنفن ۽ مواد تي نور نچوئي
معيار ۽ انصاف تي ٻڌل تنقيدون لکڻ، عام ماڻهوءَ ۾
وسيع النظري ۽ سهپ جو مادو پيدا ڪندڙ ۽ عوام جي
گهرجن ۽ وقت جي تقاضائن کان سنڌي اديب، خاص ڪري
شاعر کي واقف ڪندڙ ۽ انهن جي ذهني استعداد ۾ ڀرپور
واڌارو ڪندڙ ڪتاب، ٻين ٻولين مان ترجما ڪري، انهن
تي سٺا مهاڳ لکي، انهن جي اهميت کي جاگر ڪندو رهڻ،
اهي سمورا عمل گڏجي سڏجي محمد ابراهيم جويي کي
سنڌي ترقي پسند ادب، خاص ڪري شاعريءَ جو سرپرست
ثابت ڪن ٿا.
مير محمد پيرزادو
نئين نسل جي شعور ۾
محمد ابراهيم جويي جو ڪردار
ساڃهه، سرت، سمجهه، ڄاڻ ۽
Knowledge
هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. ان ساڃهه جي فرق
سبب انسان، جيڪو حيوان ناطق آهي، سو ٻين حيوانن
کان الڳ ليکيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته
جيڪڏهن ڪنهن انسان ۾ انهيءَ ساڃهه جي کوٽ آهي ته
پوءِ سمجهبو ته ان انسان، باوجود پنهنجي احسن مقام
جي، پاڻ کي زوال پذير ڪندي، ادنيٰ حيواني درجي تي
پهچائي ڇڏيو آهي: ڇو ته انسان فقط ٻن اکين، ٻن
ٻانهن، ٻن ڄنگهن سان گڏ ماس جي لوٿڙي جو نالو نه
آهي: پر اهي ڪي خاص خصلتون آهن، جن جي ڪري هو انهن
سڀني بيان ڪيل وصفن وارو ساهوارو، اعليٰ ۽ مقام
وارو جيءُ ڪونهي. انسانُ، مڙني خصلتن مان ساڃهه،
ڄاڻ، سمجهه ۽ سرت واري خصلت جو صدر مقام آهي ۽
جنهن کان سواءِ ٻيون سڀ خصلتون بيڪار ٿين ٿيون.
سوال ٿو اُٿي ته اها ساڃهه، ڄاڻ، سمجهه، سُرت ۽
شعور ڪٿان ايندو، ته ان لاءِ چيو ويو آهي ته
پاڻهي ايندو هوت، آنءُ به ڪجهه
اڳڀري ٿيان. (شاهه)
يا
پهريان تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهونءَ تي،
ٻول نه وسارج، هو جو ڪيُنه هوت سان،
(شاهه)
يعني اهو پهريون شرط آهي لگن، چاهت، تمنا يا ضرورت
جو احسان، جيڪو پيدا ڪرڻو آهي. ان کان پوءِ مڪمل
حواسن کي ان جي حصول لاءِ هڪيو رکڻو آهي: جنهن مان
اها بصيرت پيدا ٿيندي، جنهن ذريعي اهليت ڪائنات جي
ذري ذري مان ساڃهه، ڄاڻ، سرت، سمجهه ۽ شعور حاصل
ڪري سگهبو.
واٽ وندر جي، وڻ پيا ڏسيندا!
ـــــــــــــــــــــــــــــــ
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڏونگر منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو!
(شاهه)
پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ دنيا درسگاهه ٿي پوندي ۽ روز
مره جا واقعا استاد ٿي پوندا، ۽ انسان انهن منجهان
اها بيمثال ميراث يعني ساڃهه، سمجهه، ڄاڻ يا شعور
پرائي سگهندو، جيڪو کيس ٻيءَ سموريءَ تقويم کان
احسن بنائيندو.
انسان کي پهريون اهم سبق ئي اهو مليل آهي ته ’علم
حاصل ڪر پينگي کان قبر تائين.‘ يا ’ڄاڻ ۽ علم حاصل
ڪر، توڙي توکي ان جي حصول لاءِ چين ولايت ڇو نه
وڃڻو پوي.‘ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ان سان لنءُ لڳائي
محبت ڪرڻي ۽ عشق ڪرڻو ٿو پوي، نه ته ٻيءَ صورت ۾
اها مومل جي ماڙيءَ واري اهڙي ناتر آهي، جيڪا اڌ
واٽ تان پاڻ ڇڏائي، اوڏانهن ويندڙ کي بتال ڪري،
ڀنڀلائي ۽ اوائي توائي ڪري هلي ويندي آهي. فقط ان
ساڃهه سان ڪيل عشق کي ئي اها سورن جي سگهه آهي،
جيڪا ساڃهه کي چاهيندر ڪردار جي شڪتي بنجي، هر
ناتر جي چوٽي پڪڙي، ساڃهه جي مومل جي ماريءَ جا
ڳُجها گس سر ڪرائيندي آهي. جڏهن ڪنهن ڪردار ۾
ساڃهه جي حصول لاءِ (انسان بنجڻ لاءِ) عشق جي
واردات برپا ٿي ويندي آهي، ته پوءِ ان سان
ڪَسِيُنِ
(channels)
۾ وهندڙ پاڻي به ڳالهائيندو آهي، هوا به حال
اوريندي آهي ۽ وڻن جو پن پن به پچارون ڪندو آهي-
جن ذريعي ساڃهه سان عشق ڪندڙ، ساڃهه جي منزل جي
حصول واريءَ واٽ تي ڇُلانگ ڏيندو، ٻرانگهون
ڀريندو، اڳتي ئي اڳتي روان دوان رهندو آهي.
سور هليا هئس ساڻ، تڏهن ڪشالا ڪوهه ڪري وئي!
(زمان شاهه)
ان عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
(شاهه)
هونئن ته اها ساڃهه، قدرت جي نظارن، موسمن جي مٽا
سٽا، پيچرن جي علحدگين ۽ زندگيءَ جي حادثن مان
ڪڏهن به حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر ان جي حصول جو نه
ڪو آهي سنڌو نه ڪو سيڙهو، نه ڪو انت نه ڪو ڇيهه،
نه ڪا شروعات نه ڪا پڄاڻي،:
عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
--
نڪا ابتدا عبد جي، نه ڪا انتها.
--
نابوديءَ نيئي عبد کي اعليٰ ڪيو.
(شاهه)
ٻيو ته ڇا پر هڪ ادنيٰ تخليق ’سُئي‘ آهي، جنهن سان
ڳنڍ ٽوپو ڏنو ۽ ڪپڙا سبيا ويندا آهن، ان جون انيڪ
خوبيون هڪ طرف، پر پوءِ به اها خود هزارين ڪپڙا
سبي سدائين اگهاڙي رهندي آهي- يعني اها پنهنجي
بيجان وجود کي ايتري اهميت نه ڏيندي، ساهوارن
انسانن جي اوگهڙ ڍڪڻ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي: يا
ائين چئجي ته ٻين جي اوگهڙ ڍڪڻ جو باعث بنجندڙ
سُئي، ان عظيم عمل ۾ بي لوث رڌل هئڻ ۾ جيڪا خاصت
رکي ٿي، دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
فقط سُئيءَ جي ان هڪڙيءَ وصف جي ساڃهه حاصل ڪرڻ ۽
شعور پرائڻ لاءِ هيءَ هڪ حياتي ناڪافي ٿو سمجهي ۽
ان وصف جي پيٽ ۾ بادشاهيءَ کي به هيچ ۽ نيچ ٿو
سمجهي:
پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبرَ جي اوصاف کي.
(شاهه)
ان ڄاڻ ۽ علم شعور جي سکيا جو ڪم الله تعاليٰ روز
اول کان پنهنجي باصلاحيت خوبين جي ڀنڊارن ۽ شعور
جي منبعن يعني پيغمبر کان پئي ورتو آهي: جنهن کي
ئي فقط تخليقي ڪم، اعليٰ ۽ افضل عمل ڪوٺيو ويو
آهي- ته چئبو ته انساني خدمت ۽ تخليقي عمل جي
ڪسوٽي به اها ئي ٿي بيهي ته ڪنهن به لوث حيثيت سان
ڪيترو ساڃاهه، ڄاڻ، علم ۽ شعور جو ڦهلاءُ ڪيو ته
ان جي حيثيت آهر ان ڪردار جي حيثيت بيهي، طئه ٿئي
۽ اعلانجي ۽ ان شخص جي ان تخيليقي پورهيئ کي
پيغمبراڻي پيشي طور ڳڻي سگهجي.
زندگيءَ جا رستا ڀلي ڪيترا به پُر پيچ ۽ اونداها
هجن، پر اها زندگي گهاريندڙ انسان اندر پيدائشي
طور هڪ نور جو ڪرڻو ۽ موتي موجود آهي. هو جيڪڏهن
ان نور جي ڪرڻي کي اجاگر ڪري ٿو، ته ان تان وهمن،
وسوسن، سڪن ۽ گمانن جي دز ڌوئي صاف ڪري ٿو ۽ اندر
جي آرسي چٽي رکي ٿو. منجهس ان موتيءَ جو قدر، ماڻ
۽ ماپو ڄاڻي ٿو، جنهن کي ’عرفان‘چئبو آهي- ۽ پوءِ
ان زندگيءَ جي پرپيچ پيچرن جا ور وڪڙ منور ٿيو ٿا
پون، اونداهيون مٽجي روشني ٿيو پون، ڪو به ڳجهه نه
ٿو رهي. ڪائنات جون رمزون هٿ تريءَ جيان چٽيون ٿي
وڃن ٿيون:
موتي منجهه انسان، عالم ڪنان اڳرو،
اُتاهون عرفان، جن ورتو سي وترا.
(سلطان الاولياءُ محمد زمان رح)
اُسِرُ اُڀن ڏانهه، مڇڻ رهين رُڃَ ۾،
جُزي جائز ناهه، ڪُل ريءَ ڪٽڻ ڏينهڙا.
(سلطان الاولياءُ محمد زمان رح)
ان عرفان (سمجهه ، ڄاڻ علم ۽ شعور) کان پوءِ ڄڻ
ته هٿ تريءَ تي ڏيئو رکجي ويو جهي، جنهن کي تيز
تند طوفان به وسائي نٿا سگهن ۽ جنهن سان زندگيءَ
جي پر پيچ اونداهن رستن جو منجهيل سُٽ به سلجهي
پوي ٿو:
ڏور ۾ ڏيئان ڌار، ڏورج ڏيئو هٿ ڪري،
ان اونداهه انڌوڪار، لکن کي لوڙهي نيو.
(شاهه)
اسان جي هن وسيع ڪائنات جي ڦهليل ڪئنواس تي ’سنڌ‘
نالي به هڪ ديس آهي، جنهن جي سينڌ، سنڌو درياهه،
ڀنيا ڪڪاوار ڀڳي ٽوڙهي جا جبل ۽ وُني ۾ موريل ٿر
جا ولهار، ان جي پير جي پايل جا گهنگهرو لڳندا
آهن:
وٺي جيئن مورن، اوڀر ولهارن ۾
(شاهه)
جتي پوريءَ ڪائنات جي مذهبي اوتارن ڪجهه وقت لاءِ
پنهنجا تڪيا پئي ڪيا آهن ۽ عظيم فليسوفن سندن
فلسفن کي پئي سراڻيو آهي؛ جنهن ۾ جين ڌرم کان
اسلام تائين ۽ زردشٽ کان گوتم ٻُڌ تائين پنهنجي
مؤقف جا مير مٽايا آهن ۽ پنهنجي فلسفن کي ڌواضح ۽
شفاف بڻايو آهي؛ جتان جي معصوم انسانن جا مزاج
وحدت الوجدي ڪيفيت ماڻي ويل آهن. جن پنهنجيءَ پوري
تاريخ ۾ ٻين قومن کان ڌوڪا ته پئي کاڌا آهن، پر
اها سندن وصف آهي ته هنن پنهنجيءُ سموري تاريخ ۾
ٻيءُ ڪنهن به قوم کي ڌوڪو نه ڏنو آهي. ان ملڪ، ان
قوم ۽ ان احساساتي وايومنڊل تي اڄ ڏينهن تائين ڇا
ڇا نه رهيو واپريو آهي. جيڪڏهن ان جو تجزيو ڪبو ته
نوان ويد جڙي پوندا، پر اُن جي اِن سموريءَ ڪٿا
مان هڪ اهڙي سنهڙي سيپڪڙي ڪردار محمد ابراهيم
جويي کي مڃتا ڏين، عقيدتون نڇاور ڪرڻ لاءِ چونڊي
کڻجي ٿو، جيڪو هاڙهه جي راتين ۾ ڏکڻ جي هير جي
هلڪن جهوٽن سان هندوري جيان جُهلي پوندو، پر سندس
دين
(contribution)،
تخليقي پورهئي ۽ ساڃهه جي ورهاست واريءَ ڇپ کي سنڌ
اندر ايندڙ ماضي ۽ حال جو ڪوبه طوفان نه چوري
سگهيو آهي ۽ سالن تائين سنڌ اندر ايندڙ انيڪ طوفان
به ان سان ٽڪرائجي ذرا ذرا ٿي ويندا ۽ بيسود جک
ماري نستا ٿي پوندا:
ور ۾ ڪونهي ورُ، ڏيرن ور وڏو ڪيو،
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بَرُ،
آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روهه رتيون ٿئين.
--
جبل ماري جک، آڏو عجيبن کي،
توري لڪن لک، سڀ لنگهنديس سڪ سان.
---*---
سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وَهَه وڃايو پاڻُ، هڻي ڪَنڌُ ڪپن سين.
(شاهه)
محترم محمد ابراهيم جويو،
1915ع ۾ پيدا ٿي، جيئن ئي نوانيءَ جي ڳُريءَ کي
رسيو ته هن پنهنجي مادرِ وطن سنڌ تي انگريز
سامراجي قوم جو مِڪارانه راڄ ڏٺو: جيڪا قوم سنڌ جي
ثقافت، تهذيب ۽ ڪلچر جي بنهه ابتڙ تهذيب، ثقافت ۽
ڪلچر رکندڙ هئي. ان ثقافتي، تهذيبي، ڪلچري ٽڪراءَ
۾ فوقيت فاتح جي تهذيب، ثقافت، تهذيب ۽ ڪلچر کي
رسڻو هئو- جيڪو ڪم انگريز سامراج پنهنجي غليظ ۽
ڪريل ذهنن ذريعي ائين ڪري رهيو هو ته هو ننڍي کنڊ
جي عظيم ويدانتي ۽ وحدت الوجودي فلسفي جي ڪيل
انساني ڀائيچاري ۽ امن- عالم واري پيغام تي پاڻي
ڦيري مسلم هندو فساد برپا ڪري، ’ويڙهايو ۽ راڄ
ڪريو‘ واري غليظ نظريي ۽ ڪريل عمل رستي ننڍي کنڊ
جي امر ۽ عظيم ثقافتي تهذيبي ورثي کي تباهه ڪرڻ جي
پوري پوري ڪوشش ۾ مصروف عمل هو. هن جي ملڪي ۽
رياستي وسيلن جي خرچ سان ۽ سرڪاري ڪارندن جي چالن
سان هتي جي ڀائرن جيان رهندڙ ماڻهن کي هڪٻئي جو
جاني دشمن ۽ رت جو پياسو بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ
محترم جاجي غلام حيدر جروار پنهنجي ڪتاب انساني
زندگيءَ جو مقصد‘ [سنڌي فرينڊس سرڪل، حيدرآباد،
طرفان جنوري 2000ع ۾ ڇپيل جي صفحي 69 تي] لکيو آهي
ته ’پر جيئن ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو شعور ۽ سمجهه ۾
انگريزن جي برابر نه هئا، ان ڪري ئي انگريزن هنن
کي چالاڪيءَ سان هندو مسلم ذهنيت جو شڪار بنائي،
هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪيو ۽ پاڻ ۾ ويڙهائي کين
تباهه ڪيائون، جيڪي صدين کان وٺي هڪٻئي سان ٺهي
ويا هئا ۽ ڀائر بنجي رهيا هئا، تن ۾ نئين سر وير
وجهڻ ۽ وڌائڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويا ۽ هندو ۽
مسلمانن کي اها سمڪ ئي ڪانه پئي ته هو ڪا پنهنجي
ٻيڙي پاڻ ٻوڙي رهيا آهن- ڇو ته هنن کي انساني شعور
کان وانجهيل رکيو ويو هو ۽ سندن غلام ذهنيت سندن
شعوري صلاحيتون ختم ئي ڪري ڇڏيون هيون. صحتمند
شعور ۽ بيمار ذهنيت ۾ فرق ته ٿيندو آهي. اها بيمار
ذهنيت ئي هئي، جنهنڪري منجهن ويڇو پيو ۽ سڳا ڀائر
جدا ٿي ويا.
ان صورتحال جو ٽوڙ اهو ئي مذهب اسلام هو، جنهن کي
ڪجهه مفادپرست سياستدان پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ
استعمال ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي انسان دوست فلسفي جون
ڇسين تشريحون ۽ تاويلون ڪري. ويساهه وسوڙيل اٻوجهه
عوام کي ڌوڪو ڏئي رهيا هئا. ان ڪري اسلام ڇا آهي،
ان جو بين الاقوامي تصرف ۽ اهميت سليس مثالن ۽
مصدق شهادتن سان عوام اڳيان آڻڻي هئي ته جئين اهي
عقيدي جي رَوَ ۾ لڙهي، غلط استعمال نه ٿي وڃن- ان
ڪري اسلام جي روح جي صحيح ساڃاهه ڏئي، غلط روين ۽
لاڙن جو ٽوڙ ڪڍڻو هو: انڪري هن مرد مجاهد 29 ورهين
جي عمر يعني ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪتاب ترجمو
ڪيو، جيڪو انهن سمورين حقيقتن کي کولي سمجهائڻ
لاءِ ڪافي هو. ڪتاب جو نالو هو
“Historical role of Islam:by M.N.Roy”
(اسلام جو تاريخي ڪارنامو: مصنف: ايم. اين راءِ)
ان ڪتاب کي مطالعي هيٺ آڻجي ۽ ان مان فائدو حاصل
ڪجي ها، پر ماحول اهڙو برپا ڪيو ويو هو، جو ماڻهن
کي هندو-مسلم فسادن مان واندڪائي ئي ڪانه ٿي ملي،
جو ڪو ماڻهو اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ پنهنجا ذهن ٺڪاڻي تي
آڻين ته اسين هي ڇا ڪري رهيا آهيون. ٻين لفظن ۾ ته
’پاڻي سِرَ کان مٿي چڙهي چڪو هو‘ ۽ مٿي ڏنل حوالي
وانگر اهو سڀ ڪجهه آخرڪار ٿي چڪو، جيڪو انگريز
سرڪار چاهيو پئي.
محمد ابراهيم جويي صاحب جي نيڪ نيت تخليقي صلاحيتن
کيانسان جي ان بي سُرت عمل ۽ هڪٻئي ڏانهن دشمنيءَ
واري رويي ۽ لاءِي تي رحم اچي رهيو هو ۽ هن ٻي
تخليقي ڪاوش طور 1947ع ۾ ’سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ
بچايو‘
(Save Sindh Save the continent)
ڪتاب منظر تي آندو: جنهن جو مقصد هو ته اوهان
انسانن جيڪو به عمل جنون رستي ڪرڻ چاهيو ۽ ڪري
ڏيکاريو، ان کي ته صحيح سمت درستيءَ سان ازالو
ڪريو! هاڻ ته هن خطي ۾ ’بنياد پرستيءَ‘ جي باهه
وڌيڪ وقت سهڻ جي طاقت ناهي. جيڪڏهن هن ايشيا کند
جي ڏاکڻي حصي جو بچاءُ ۽ بقا ڪرڻو آهي ته ان جو
سارو دارومدار سنڌ جي بچاءُ ۽ بقاءَ ۾ مضمر آهي،
ڇو ته ايشيا جي هن حصي ۾ سنڌ جي اهميت واري
صورتحال
(Strategic Posirtion)
ئي اهڙي آهي. ان وقت جويي صاحب محسوس ڪيو هو ته هن
نئين صورتحال ۾ فقط سنڌ جي ئي ڇوري ٻار واري حالت
ٿيندي ۽ هتان جو من موجي جاگيردار هن ملڪ سنڌ کي
’بخالِ هندوشِ بخشم سمرقند وبخارا را‘ وانگر ڪنهن
جي ڳل جي تِرَ تي به قربان ڪرڻ کان نه مُڙندو.
سائين محمد ابرهيم جويو صاحب پنهنجي پيشي
(profession)
جي حساب سان تعليم سان واڳيل استاد هو ۽ ساڃهه وند
هئڻ جي ناتي به تعليم ۽ ان جي اهميت کان آگاهه هو.
ان ڪري هن پنهنجي انيڪ مضمونن، مهاڳن، تقريرن ۽
پيپرن لکڻ سان تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ
تعليم تي ٽي ڪتاب (1)’ايميلي عرف تعليم‘ (ترجمو)
1950ع، (2) ’ٻارن جي تعليم‘ (ترجمو)1972ع، ۽
(3)’علم تدريس مطلومن لاءِ‘ (ترجمو) 1999ع ڇپائي
پڌرا ڪيا ته جيئن سنڌ جو نئون نسل تعيم جي اهميت،
جديد تقاضائن ۽ علم مان فائدي حاصل ڪرڻ جا گُر
چڱيءَ ريت سمجهي سگهي.
ايتري محنت جي باوجود جڏهن جويي صاحب ڏٺو ته ماڻهن
مان مذهبي بنياد پرستي، غلط ۽ انڌن عقيدن ۽ بي
عمليءَ جا بنياد اڃا ختم نه ٿي سگهيا آهن، ته هن
ان جو ڪارڻ صدين جي وهمن وسوسن ۽ توهم پرستيءَ
واري ماحول کي سمجهندي طئه ڪيو ته اهڙا ڪتاب،
مضمون ۽ ليڪچر پيش ڪجن، جن سان ماڻهن جي وهيمي ۽
عقيدتي سوچ تبديل ٿئي ۽ سائنسي سوچ پيدا ٿئي. ان
لاءِ هن ’وحشي جيوت جا نشان‘ (ترجمو: 1976ع) ۽
’گليلو‘
(ترجمو1977ع) ڪتاب ڏنا ته جيئن ماڻهو عقيدتمنديءَ
جي اوڙاهه مان نڪري علمي دليلن رستي سمجهه حاصل ڪن
۽ سندن سوچ جا زاويا جديد تقاضائن آهر ترتيب وٺن.
ڇو ته جنوني سوچ سان عقل جا دروازا بند ٿيندا آهن
۽جذباتي فيصلا ٿيندا آهن، جيڪي جلد غلط ٿابت ٿي
ويندا آهن.اهڙن فيصلن سبب سنڌي ماڻهن پنهنجا وڃايل
حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ساٿي بنائڻ ۽ وڌائڻ بجاءِ
وڃايا آهن، جنهنڪري انهن جي حقن جي حصول لاءِ
ٿيندڙ پرامن جدوجهد کي ڪچليو ويو آهي ۽ مان ڪو کڙ
تيل به ڪونه نڪتو آهي. ائين سنڌي ماڻهن جي
خوداعتمادي ختم ٿيڻ ۽ منجهن پنهنجي قوت جو غلط
ڪاٿي ڪرڻ جا رجحان وڌيا آهن، ۽ جيئن پوءِ تيئن
سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن جي حصول لاءِ هلندڙ جدوجهد
مان دلچسپي وڃائيندو رهيو آهي. ان اعتماد کي ٽيڪ ۽
سهاري ڏيڻ لاءِ جويي صاحب ’عورتازاد‘ (1983ع)،
’ٻارڙن جو مسيح‘ (ترجمو: 1980ع)، ’هوءَ جا ٽمڪي
باهڙي‘ (1996)، ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘
(1996) ۽ ’ٻولي ادب ۽ تعليم‘ (1998ع) ڪتاب ميدان ۾
آندا ۽ سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي احساس ڪمتريءَ مان
ٻاهر ڪڍڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح هي
ڪتاب سنڌي قوم جي هر فرد لاءِ هڪ رهنما ۽ قطب نما
ڪتاب ثابت ٿيا آهن.
اسان وٽ 1971ع کان 1999ع تائين مختلف نظرين تي بحث
مباحثا عام ٿيندا هئا ۽ انهن جي ورشنيءَ ۾ انقلابي
سياست ۽ ترقي پسند ادب جي تربيت ٿيندي هئي. ان
دوران سنڌي ماڻهو پنهنجيءَ بي سمجهيءَ وچان ڪن
اهڙن نظرين جي دور چڙهي ويا، جن سنڌي قومي وجود جو
چٽو انڪار ٿي ڪيو ته ڪن نظرين جي خوبصورت نعرن
جادوءَ ۾ سنڌي ماڻهن پنهنجي وطن
’سنڌ‘ تهذيب ۽ ڪلچر تان به هٿ ٿي کنيو. ان ڪري
انهيءَ نظرياتي يلغار کي منهن ڏيڻ ۽ سنڌين جي ان
ڌٻڻ مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي صحيح
اصل تصوير ڏيکارڻي هئي ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي
قومي تهذيب ۽ ڪلچر وڃائي نه ويهن:
پرت ڇڏ پرڏيهه جي، ساڻيهه ڪج سنڀال،
لکن جهڙي لال، مڃڻ مفت وڃائين.
(سلطان الاولياءُ محمد زمان رح)
ان لاڙي ۽ رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ محمد ابراهيم
جويي جا ئي ڪتاب ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا: ’فلسفي جو
ابتدائي ڪورس‘ (ترجمو: 1983ع)، فرينچ انقلاب‘
(ترجمو 1990ع) ۽ مُٺ مُٺ موتين جي‘ (1997ع)
وري جڏهن پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار
علي ڀٽي مرحوم کي موت جي سزا ٻڌائي ڦاسي ڏني وئي ۽
سوچن تي پهرا بيهاريا ويا ته اهڙي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي
ماحول ۾ جويي صاحب جو ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘ (ترجمو:
1977ع)ڇپجي آيو ۽ سنڌ جي سڄي علمي ماحول تي ڇائنجي
ويو. هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا ۽ ڏاڍو
پڙهيو ويو. هن ڪتاب ۾ پنهنجي فڪر ۽ ان جي اظهار
لاءِ تڪليفون سهڻ ۽ وس ڪرڻ جي واٽ ڏسيل هئي ۽
ٻُڌايل هو ته سچ آخرڪار سوڀارو ٿيندو، ان ڪري
دلشڪستو ۽ مايوس نه ٿيڻ گهرجي.
محمد ابراهيم جويي صاحب آڏو نظرين جي حيثيت، ديس
جي ڪلچر، تهذيب ۽ روايتن کان مٿڀري نه هئي، پر هن
نظرين کي ديس جي محبت جي تابع سمجيو ٿي، ان ڪري
جڏهن به ڪو نظرياتي بحث ڇڙيو آهي ته هن ان کي ديس
جي محبت جي مطيع ڏيکاريو آهي ۽ انهن جي مقابلي ۾
ديس جي اهميت مسلم ۽ مڃيل ڏيکاري آهي. هن حقيقت کي
هن ڪيترن مضمونن، بحثن مباحثن، تقريرن ۽ ليڪچرن ۾
واضع پئي ڪيو آهي؛ ۽ نيٺ هن مقصد لاءِ به هن اسان
کي ٽي ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي‘، ’هڪ مطالعو‘
(1978ع)، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘
(1980ع) ۽ ’محڪريءَ جا مضمون‘ (ترجمو: 1985ع)
ڏنا، جن مان اسان کي خبر پئي ته هڪ قوم لاءِ جديد
نقطه نگاهه ڇا آهي؛ قوم کي پنهنجي تهذيب، ڪلچر،
ٻولي، جاگرافيائي حدن سان گڏوگڏ هڪ جاندار تاريخي
پسمنظر به ٿيندو آهي، جنهن جي آڌار تي اها بين
الاقوامي تهذيبي ڪردار جي معيار تي پوري لهي، ان
جو هڪ جاندار حصو بنجي ٿي: جتي قوم هڪ بين
الاقواميت جي زنجير ۾ پوئجي وڃي ٿي، ته ساڳئي وقت
پنهنجي قومي حيثيت به بحال رکيو اچي ٿي ۽ ان کي به
ترقي وٺائيندي رهي ٿي ۽ اها ’لکن جهڙي لال‘ به مفت
وڃائجي نٿي وڃي.
اسين جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب جي مٿئين ادبي ۽
تخليقي پورهئي تي مختصر نظر وجهنداسين ته اسان کي
خبر پوندي ته هر مونجهاري واري وقت ۾ ۽ هر ڏکئي
مرحلي تي جويي صاحب جي ذهن اڇل کاڌي آهي ۽ سندس
قلم جنبش ۾ آيو آهي ۽ هُن وقت جي تقاضائن آهر ادب
سرجي، سنڌ جي نوجوان ماڻهن جي رهنمائي پئي ڪئي
آهي. ان مسلسل رهنمائيءَ جي ڪري اهو ٿيو آهي ته اڄ
سنڌ جا فرد وڏي تعداد ۾ سلجهيل سياسي ڪارڪنن،
بهترين اديبن ۽ سماجي سڌارڪن جي صورت ۾ موجود آهن،
جن جهڙا ملڪ گير سطح تي باشعور ماڻهو گهٽ ملندا.
ملڪ ۾ جڏهن ڪميونزم جي سوچ وڌندڙ هئي، تڏهن روسي
ادب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌ ۾ ڌڙا ڌڙ ايندو هو. ان
عرصي جي رپورٽ آهي ته اهو ادب جيترو سنڌ ۾ وڪرو
ٿيو ۽ پڙهيو ويو، اوترو شايد ئي پاڪستان جي ڪنهن
ٻئي صوبي ۾ وڪرو ٿيو ۽ پڙهيو ويو هجي. ترقي پسند
ادب جي تحريڪ ۾ به جيترو سنڌ اڳڀري رهي، اوترو
شايد ئي پاڪستان جو ڪو ٻيو ڀاڱو رهيو هجي. اڄ
سوڌو سنڌي نوجوانن ۾ جيڪو ترقي پسند شعور موجود
آهي، ان ۾ آئون سمجهان ٿو، بلڪ يقيني طرح چوان ٿو
ته جيترو ڪردار محمد ابراهيم جويي جي تخليقي
پورهئي جو حصو ۽ اثر موجود آهي، اوترو شايد ئي
ڪنهن ٻئي جي ادبي پورهئي جو هجي. مون کي تعجب
تڏهن ٿيو، جڏهن مون پڙهيو ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي
صاحب هڪ هنڌ لکيو ته ’مان سنڌ ادب ۾ پي-ايڇ-ڊيءَ
جو شوق رکي، جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب سان ميلس
ته هن مون کي ان ڳالهه لاءِ اتساهيو ته ’سنڌي
ٻوليءَ جي سماجي ڪارج‘ تي ڪو بنيادي ڪم اڄ تائين
نه ٿيو آهي، ان ڪري جيڪڏهن تون همت ڪندين ۽ ان
موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندين ته تنهنجي
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ٿي ويندي‘. سندس همٿائڻ جي
نتيجي ۾ سنڌي ادب کي ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي
ڪارج‘جهڙو بنيادي نوعيت جو عظيم شاهڪار ڪتاب ملي
ويو ۽ اسان کي ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جهڙو اسڪالر به
مليو. ان مان واضح آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ پيدا
ٿيل ساڃهه ۽ شعور جي تاڃي پيٽي ۾ اڪثر تندون هن
ڪاپڙي تخيلقڪار جون آهن. جيئن شيخ اياز پنهنجي نظم
جي هڪ ٻند ۾ چيو آهي ته:
چنڊ ستارؤ ساکي ٿيو،
هن لال لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،
ڪجهه منهنجون رت ڦڙيون آهن،
جي گيت لڳن ٿا، ٻوليءَ ۾.
(شيخ اياز)
بلڪل اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم جويي صاحب جون
تخليقي ڪاوشون، سنڌي نوجوانن جي موجوده شعور ۾
پنهنجا پرتوا ۽ جلوا يا تجليون چٽيءَ طرح پسائي
رهيون آهن. واقعي هن شخص جي لکيل ڪا به سٽ ۽ ڪوبه
لفظ اجايو نه آهي. پر ان آزاديءَ جي رستي تي هڪ
ڊگهو پنڌ ڪيو آهي.
اي چند ستارؤ ساکي ٿيو،
مون جيڪو گيت چيو آهي،
تنهن آزاديءَ جي رستي تي،
هڪ لمبو پنڌ ڪيو آهي.
(شيخ اياز)
اسين جيڪڏهن سنڌ جي اهڙي جوڳيءَ، کاهوڙيءَ ۽ ڪاپڙي
جويي صاحب جي تخليقي پورهئي کي خراج تحسين ڏيڻ
چاهيون ته اسان کيس اڳيان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
رح جي هيٺين بيتن ۾ ڏئي سگهون ٿا:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگ ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
انهن جي چوٽي، پوب ٿيندي پڌري.
---
کاهوڙي کرا، سُوڌي خبر پَکيا،
سوجهي جن ڪيا، مٿي اڱڻ آهرا.
---
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ذياءُ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، اگهه جنهن جي اُبهين
.
(شاهه)
هدايت بلوچ
محمد ابراهيم جويو: انسان ساز شخصيت
زرار پيرزادو به زوراور آهي. انور پيرزادي جو پُٽ
به آهي يعني منهنجي پراڻي ڪميٽڊ ۽ پياري دوست جو
پٽ آهي. پاڻ به سريلو آهي، تڏهن، ڪڏهن ڪڏهن سندس
غيرواجبي حجتون به هلنديون آهن ۽ اهي محبتون به
آهن. هاڻي ڏسو ته ڪٿي علم ادب ۽ تعليم جو آفتاب
سائين محمد ابراهيم جويو، ۽ ڪٿي گاسليٽ تي ٽمڪندڙ
هيءُ مٽيءَ جو ڌيئڙو، هدايت بلوچ!
چه نسبت خاڪ را با عالم پاڪ!
ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا!
گُستاخ اکيان، ڪٿي جا لڙيان!
محمد ابراهيم جويي تي لکي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ لکي، سراج ميڻ لک، شمشيرالحيدري لکي، ايم.
ايڇ پنهور لکي، حميد سنڌي لکي، غلام نبي اگرو يا
انهيءَ حيثيت جا ليکڪ لکن ته انصاف به ٿئي، باقي
هدايت بلوچ جي ڪهڙي حيثيت!
جويو صاحب مون سان جڏهن به ملندو آهي ته وڏي قرب ۽
وڏي پاٻوهه سان ملندو آهي. سندس کِل ۽ مُرڪ مون کي
ڏاڍي موهيندڙ پاسندي آهي، سٺي لڳندي آهي. کيس
ڏسندو آهيان ته لڳندو اٿم هڪ بڙ آهي، جنهن جي ڇانو
سنڌواسين تي آهي. ڪنهن نه ڪنهن طرح مان جويي صاحب
سان لڳ لاڳاپي ۾ رهيو آهيان.
ڪجهه ڏينهن اڳ ادي نورالهديٰ شاهه جي سالگرهه تي
جڏهن ’عوامي آواز‘ اخبار ايڊيشن ڪڍيو هو ته
منهنجو به هڪ مضمون ڇپيو هو، جنهن ۾ مون ’بورڊ
بچايو تحريڪ‘ جو حوالو ڏنو آهي، جنهن جي اڳواڻي ته
ادي نورل وٽ هئي، پر ابراهيم جويي صاحب جو ڪردار
پڻ انهيءَ ۾ اهم هو. انهيءَ تحريڪ ۾ گهڻو تڻو
حيدرآباد جا اديب شامل هئا، پر ڪراچيءَ منجهان مان
گهڻو سرگرم هوس. انهن ملاقاتن ۾ به جويي صاحب سان
ويجهڙائي رهي. وري جڏهن شايد 1993ع يا 1994ع ۾
نئون بورڊ ٺهيو ته ان ۾ عبدالجبار جوڻيجو صاحب
چيئرمئن مقرر ٿيو، باقي ميمبرن ۾ مان به هوس ته
جويو صاحب به هو. اهڙيءَ طرح بورڊ وارا سال گڏ
گذرڻ سبب مان نه فقط سندس علميت جو قائل ٿيس، پر
سندس انتظامي لياقتن کان به گهڻو ئي متاثر ٿيس.
نحيف ۽ نٻل، ليڪن جڏهن به ڪنهن ڪوتاهي يا غلطيءَ
تي ناراض ٿيندو هو ته هڪ الله جي پناهه، سنڌيءَ،
کان سواءِ انگريزيءَ تي به سندس عبور آهي ۽ اڪثر
ڊان
(Dawn)
۾ ’ليٽرس ٽو ايڊيٽر‘ ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ اهم
موضوعن تي سندس انگريزي خط ڇپجندا رهيا آهن.
جويي صاحب، علم پرست به آهي ته قوم پرست به آهي.
هو سيڪيولر به آهي ته وحدت الوجودي صوفي به آهي.
هو رمز شناس آهي، سچو آهي، ڪميٽيڊ آهي ۽ دل جو صاف
آهي.
جويو صاحب تقريباً 1951ع کان ڪنهن نه ڪنهن طرح
سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته رهيو آهي. 1951ع ۾ هو
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اڄ 2002ع آهي.
اڌ صديءَ کان مٿي هن ’مهان‘ اسان جون خدمتون، بورڊ
کي ارپيل آهن. عام طور چيو ويندو آهي ته ڀٽائيءَ
کان پوءِ سنڌ جو سڀ کان عظيم شاعر شيخ اياز، جويي
صاحب جي تربيت جو نتيجو آهي. ڪٿي پڄون، مهانتا به
ڪا مهانتا آهي!
تازو هن سنڌي ادبي بورڊ تان صحت ۽ ٻين مصروفيتن
سبب استعيفا ڏني آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي، مهراڻ، نمبر 1 ۽ 2/2002ع
۾ سندس سهڻي تحرير به ڇپي آهي ۽ سندس استعيفا کان
پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن جيڪو ٺهراءُ پيش
ڪيو آهي، سو به ’مهراڻ‘ جي هن پرچي ۾ ڇپيو آهي.
پڙهندڙ جي دلچسپي لاءِ اهو ٺهراءُ، جيئن جو تيئن
پيش ڪجي ٿو:
مسٽر محمد ابراهيم جويي جي خدمتن جو اعتراف
سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن، ڪراچيءَ ۾، فيڊرل
گورنمينٽ جي قصرناز هائوس جي ڪاميٽي روم ۾، تاريخ
16 مارچ 2002ع تي مسٽر محمد ابراهيم جويي،چيئرمئن
سنڌي ادبي بورڊ طرفان وڏي عمر، ڪمزور صحيت ۽
گهريلو مسئلن جي ڪري ڏنل استعيفا تي هيٺيون ٺهراءُ
پيش ڪيو.
”سن 1951ع ۾، جويي صاحب، سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾،
سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد رکيو هو، پر حقيقت اها
آهي ته پاڻ سنڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح اُن جي ڀلائيءَ
۽ بهبوديءَ لاءِ سڄي عمر پاڻ پتوڙيندو رهيو، هينئر
به پنهنجيءَ وڏي ڄمار، ڪمزور صيحت ۽ ڪن ذاتي
گهريلو مسئلن جي مجبوريءَ ڪري مستعفي ٿيڻ جو ارادو
ظاهر ڪيو اٿن. البت پاڻ خاطري ڏني اٿن ته سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪم ڪار ۾ صلاح مشوري لاءِ هميشه ۽ هر
وقت موجود هوندو. بورڊ سندن شڪريو ادا ڪري ٿو ۽
سندن خدمتن جي مڃتا ۽ تحسين طور هي ٺهراءُ پنهنجي
رڪارڊ تي رکي ٿو. بورڊ جا سمورا ميمبر ۽ محترم
محمد ابراهيم جويي کي وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نظرن
سان ڏسن ٿا. ائين سمجهن ٿا ته توڻي جو پاڻ بورڊ جو
سرڪاري طور چيئرمئن نه به رهي، پر هڪ دوست ۽ هڪ
ساٿيءَ جي حيثيت ۾ هن اداري سان زندگيءَ ڀر سندس
ساٿ رهندو.“
تاجل بيوس
ترقي پسند ادب جو مينار، ابراهيم جويو
ڏيهه، وطن، ملڪ، ديس، ساڻيهه ۽ ٻيا به اهڙا نالا
آهن، جي جنم ڀوميءَ يا اباڻن ماڳن مڪانن لاءِ ڪتب
اچن ٿا. انساني رشتي ۾، ماءُ ۽ پيءُ جو هڪ اهڙو
رشتو آهي، جو پيدائشي يا انساني نسل کي هڪ صديءَ
مان ٻي صديءَ ڏي وٺي وڃڻ ۾ پاڻي ۽ زمين جي
زرخيزيءَ وارو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن. پيءُ ته
پيءُ آهي، پر ماءُ يا عورت جي اعليٰ مقام جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي. چيو ويندو آهي ته ’تنهنجي مادري زبان
ڪهڙي آهي‘؟ ’بهشت، ماءُ جي پيرن هيٺيان آهي‘. ديس
يا ساڻيهه کي ’ماءُ جو ملڪ‘ ڪوٺبو آهي، ۽ قيامت
واري ڏينهن هر ڪنهن کي ’ماءُ جي رشتي‘ سان ئي سڏيو
ويندو.
ڌرتيءَ جي سندرتا بابت آسڪروائيلڊ ليکيو آهي ته
”فطرت منهنجي نگاهه کي تازو ۽ تيز ڪندي آهي.“
عيسوي ستين صديءَ جي مهان ڪوي ڀرتري هريءَ چيو
آهي: ”زندگي جي ٻن وٿن کان سواءِ، سڄو سنسار بي
معنيٰ آهي، اهي وٿون آهن: عورت جو جوڀن ۽ جهنگلن
جا نظارا“.
ڌرتيءَ يا ساڻيهه جي سونهن ۽ اهميت جي سبقن ڏيندڙن
مان مانوارو ابراهيم جويو به هڪ وڏو نالو آهي،
جنهن کي سنڌ جي ادب ۽ ڏاهپ ۾ ’استاد‘ واري
حيثيت حاصل آهي. هي سائين جي.ايم.سيد برڪت علي
آزاد، شيخ اياز، غلام محمد گراميءَ، عبدالڪريم
گدائيءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ نياز همايونيءَ
جي نسلي دور
(Generation era)
سان تعلق رکندڙ آهي، جن مان نياز همايونيءَ کي
ڇڏي، باقي ڇهه وڏا اسان کان جدا ٿي چڪا آهن. ڏڻي،
جويي صاحب کي منهنجي باقي ڄمار به بخشي!
|