سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :29

هن وقت به جڏهن آءُ وٽن ويندو آهيان، ته ڏاڍو پيار ۽ پاٻوهه، قرب ۽ محبت، دلي گهرائپ ۽ پنهنجائپ سان بغلگير ٿي ملندا آهن، موڪلائڻ مهل ٻه وکون اڳڀرو اُڪاريندا آهن. مون مسڪين تي ڪيڏا نه مشفق آهن. سچ پچ ته آءُ سندن ايڏي شفقت جو احسان چُڪائي نٿو  سگهان. صرف هن دعا کان سواءِ ته شال! سندن عمر دراز ٿئي،صحت ۽ تندرستيءَ سان جيئن ۽ مون جهڙن مسڪينن جي ڪم ايندا رهن.

ايم ايڊ دوران مون کي ريسرچ جي هڪ ڪتاب جي ضرورت پئي. اهو ڪتاب سڄي يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ رڳو هڪ هو،  جيڪو به اتان جي استاد وٽ هو. ٻه چار شاگرد کانئس مطالعي لاءِ وٺڻ يا، پر ڪونه ڏيندو هو. مون اها ڳالهه سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن سان ڪئي ته ٻئي ڏينهن پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ اچي ان استاد کان اهو ڪتاب وٺي، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، اچي مون کي ڏنائون، جيڪو اڃا تائين مون وٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪتاب ڏسندو آهيان ته سائين محمد ابراهيم جويي جون ڪيل مهربانيون دل تي تري اينديون آهن ۽ ٿڌو ساهه کڻي کين عمردرازيءَ جون دعائون ڏيندو آهيان. سندن ڪيل احسانن ۽ شفقتن جو بيان ڪهڙو ڪري ڪهڙو ڪريان!

هڪ ڀيري سندن جاءِ تي 41/A صحافي ڪالوني ويس، شام جو وقت هو، پاڻ ڪونه مليا. معلوم ٿيو ته ڪراچيءَ ويل آهن. مان موٽي سڌو ميٺارام هاسٽل آيس. هاسٽل ۾ رات جي ماني کاڌيسون، ته سائين جن اچي نڪتا. منهنجي پڇا ڪيائون، مان ويٺو هوس. هڪدم ڊوڙي اچي ساڻن مليم ۽ چيم، ”سائين هن وقت هيڏانهن ڪيئن نڪري پيا آهيو؟“ وراڻيائين ”ڪراچيءَ کان آيس، ٽيبل تي تنهنجي چٺي پيل ڏيم، چيم متان ڪو ڪم ڪار هجيس، سو هڪدم هيڏانهن هليو آيس. ڪو ڪم ڪار آهي ڇا؟“ چيم ”نه سائين، ڪو به ڪم ڪونه آهي، توهان جي مهرباني، آءُ صرف ان لاءِ آيس، جو توهان ميار ڏيندا آهيو ته نٿو اچين، ان ڪري شاهديءَ طور چٺي ڇڏي آيو هوس، ٻيو مڙئي خير آهي.“ چيائين،  ”چڱو، مون چيو متان ڪو ڪم هجيس، سو هاڻي ئي وڃان ته چڱو.“ ائين چئي، هو مون کان موڪلائي واپس هليا ويا.

هڪ دفعي سندن جاءِ تي ساڻن ڪچهري ڪري رهيو هوس. سندن گهر ۾ ڪنهن هندو دوست جي طرفان ڏياريءَ جي مٺائي آيل هئي. مٺائيءَ ۾ ترن جي لائي، ڏوُنگهي، مڱيرن جي لائي، نمڪ پاره ۽ ڪي ڪچا پاپڙ پڻ هئا. اِها مٺائي پنهنجيءَ ننڍڙي پوٽيءَ، بيبيءَ کي سڏي، گهرائي ورتائون. مٺائي کاڌيسون، ڪجهه بچي پئي. چيائون، ”هيءَ مٺائي کڻي وڃي پنهنجي روم ميٽن کي به کاراءِ، هي پاپڙ (جيڪي اٽڪل پندرنهن کن ٿين ها) به کڻي وڃ، اهي پاپڙ توهان کي سٺو ڪم ڏئي ويندا.“ مان اها مٺائي ۽ پاپڙ کڻي هاسٽل آيس. واقعي پاپڙ سٺو ڪم ڏئي ويا، اسان جو هڪ دوست بيمار ٿي پيو، ڊاڪٽر کيس ماني کائڻ کان روڪيو، پر پاپڙ کائڻ جي اجازت ڏنائينس. اهڙيءَ طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو چوڻ سچو ثابت ٿيو ۽ پاپڙ سٺو ڪم ڏئي ويا.

پاڻ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن ٻه چار ڀيرا مون وٽ ميٺارام هاسٽل آيا، منهنجي خير عافيت پڇڻ ۽ خبر چار لهڻ خاطر، پر ڪڏهن به چانهه ڍُڪ نه پيتائون، مان جڏهن به وٽن ويس ته گهڻو ڪري چانهه پياريندا هئا ۽ ڪو نه ڪو ڪتاب تحفي طور ڏئي ڇڏيندا هئا. اڄ تائين مون سان سندن اها راهه رسم جاري آهي.

سائين جن جيڪي ڪتاب لکيا آهن، تن مان طبع زاد گهٽ، پر ترجما، جيڪي تخليق کان وڌيڪ ڏکيا آهن،گهڻا آهن، سندن ٻنهي قسمن جي ڪتابن مان ئي اسان کي ڪنهن مٿاهينءَ طاقت جي ڏر ۽ ڊپ، خوف ۽ خطري کان آجو رهي، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي ڪم اچڻ جو سبق ملي ٿو،  سونهن ۽ سچ کي زنده رکي، محبت ۽ ڀائيچاري سان پيش اچي، هن جهان کي جنت بنائڻ جو ڏس ملي ٿو. ڪوشش ۽جدوجهد سان منزل مقصود تائين پهچڻ جي سکيا ملي ٿي.

مون گهڻن ئي ننڍن وڏن سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي پڙهيو آهي، پر جڏهن ساڻن ملاقاتون ڪيون اٿم ته هو مون کي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن کان مُڙيل ۽ مختلف نظر آيا آهن ۽ خود پنهنجو پاڻ کان پاسيرا پئي لڳا اٿم. جيڪي ادب پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پڪا ۽ پنهنجو پاڻ سان خواهه ٻين سان سچا ڏٺا اٿم، سي آهن: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين محمد ابراهيم جويو. هڪ مون کي ڪاليج جي ديواريءَ اندر سکيا ڏني ۽ منهنجي ذهن کي ادب سيکاريو ته ٻئي دنيا جي درسگاهه ۾، ڪاليج جي ديواريءَ کان ٻاهر، ادب جي تعليم ڏني ۽ علمي قدم کڻڻ سيکاريو. مون ناچيز بندي تي ٻنهي صاحبن جي نظر ڪرم رهي آهي. مون ڪين جهڙي شخص تي ڀال ڀلايا آهن، پر ٻئي هڪٻئي کان ٻه رتيون سرس. آءُ کين دعائن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏئي به ڇا ٿو سگهان. مان هن چوڻيءَ ۾ ڪا به هٽڪ ۽ هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي حوصلي افزا هدايتن منهنجيءَ دل تي پيل ڳري بوجهه کي پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. سندن پيءُ جهڙي پيار ۽ پاٻوهه منهنجي ڪومايل دل کي شگفته ڪري ڇڏيو آهي. سندن همدرديءَ جي نظرن ۽ مددگاريءَ جي نگاهه مون کي اميد ۽ عزم سان همڪنار ڪري ڇڏيو آهي، سندن محبت ڀريل خطن ۽ تسلي بخش لفظن، منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪيو آهي.

وڏي ڳالهه اها ته انسان جو انسان جي حيثيت ۾، پنهنجي زندگيءَ جو ڇا مقصد هجڻ کپي، اُن جي فرض ۽ ذميدارين جو احساس، ۽ انهن جي ادائگيءَ جو امنگ ۽ اتساهه، ارادو ۽ حوصلو جيترو ڪجهه مون کي حاصل ٿيو، اُهو سائين محمد ابراهيم جويي جي ئي سنگ ۽ صحبت ما مون کي نصيب ٿيو، اُن لاءِ آءُ سندن احسانمند آهيان ۽ کين پنهنجو محسن ۽ مشفق سمجهان ٿو.

غلام علي چنو

ذاتي ڊائريءَ جا ورق

(1)

اڄوڪي اخبار’ڪاوش‘ (حيدرآباد) پڙهي، ڏاڍو افسوس ٿيو، جنهن ۾ طارق عالم ابڙي صاحب لکيو آهي ته ”ظفر ڪاظميءَ دانشورن کي گهٽ گاريون ڏنيون آهن. اهي وڌيڪ گارين جا حقدار آهن…ابراهيم جويي ثنا خوانَ، مِٺو پُٽَ ۽ طوطا پيدا ڪيا آهن.“

طارق عالم صاحب جو اهو چوڻ  بلڪل بي بنياد، بلڪ غلط ۽ ڪروڌ ۾ ٻُڏل بيان آهي. گاريون ڏيڻ هڪ اديب کي ته ڇا، پر هڪ عام ماڻهوءَ کي به نٿيون سوُنهن. اهو اديب يا انسان ئي ڪهڙو، جنهن کي ادب ۽ اخلاق ناهي. انسان کي عظيم فقط اعليٰ اخلاق ۽ادبَ جي ڪري ئي سڏيو وڃي ٿو. چوندا آهن ته ’اخلاق ويو ته هَڙَ ئي وئي“. گاريون ڏيڻ ۽ گارين ڏيڻ لاءِ هُشي ڏيڻ بداخلاقي ۽ بي ادبي آهي. پاڻ طارق صاحب سنڌ جو مشهور معروف ۽ نوجوانن جو پسنديده اديب آَهي. کانئن سندس پڙهندڙن کي اها توقع نه هئي ۽ نه آهي. خبر نه آهي ته ڇو اِئين ڪک پن جيان وهڪري ۾ وهي ويو آهي، جو اهڙا ٻول ٿو ٻولي.

طارق عالم صاحب شايد جويي صاحب جي قريب نه رهيو آهي، جو کيس تجربو ٿئي ها ته جويي صاحب جن ثناخوان، مٺو ۽’طوطا‘ پاليا آهن يا نه.

مان جويي صاحب جن جي قريب رهيو آهيان ۽ سالن جا سال گڏ کاڌو پيتو اٿئون ۽گڏ گهميا ڦريا پڻ آهيون. مان يقين سان چوان ٿو ته جويو صاحب جن خوشامدڙين کي نه ڀائيندا آهن، بلڪ چاپلوس ۽ پائبوس، منافقن ۽ اندر جا ڪارا ڪانءَ ماڻهن سندن ذات کان پاڻ ئي ائين ٽهندا ۽ ڀڄندا آهن، جيئن ڪانءُ ڪمان کان، ته ڪٿي کين سچ جو تير نه لڳي پوي.

جويو صاحب پنهنجي قول ۽ فعل ۾ هميشه سچو رهيو آهي، پاڻ هميشه هر ماڻهوءَ کي همٿائيندا ۽ پيار ۽ پاٻوهه سان هر ڳالهه ٻڌائيندا ۽ سمجهائيندا، اڳتي وڌائيندا رهيا آهن. جويي صاحب جن جي ذات ڪيترن ماڻهن کي دڳ لاتو آهي. هن کين زندگيءَ جو مقصد سمجهايو آهي ، ۽ پاڻ جهڙا با اخلاق ۽ با ادب ، همدرد ۽ هڏڏوکي ۽ سچا اديب پيدا ڪيا آهن. سائين جويو صاحب هميشه پاڻ سچي رهڻ جي تلقين ڪندو رهندو آهي ۽ چوندو رهندو آهي ته جيڪو  ماڻهو پاڻ سان سچو نه آهي، اهو پنهنجيءَ قوم سان ۽ پنهنجي وطن سان به سچو ثابت ٿي ڪين سگهندو.

جويي صاحب جن جهڙو لحاظي ۽ هر هڪ ماڻهوءَ سان هڪ جهڙو ورتاءَ ڪندڙ ۽ هر دلعزيز ماڻهو اڃا تائين مون نه ڏٺو آهي. ڇا هڪ آفيسر جي حيثيت سان، ڇا هڪ عام ماڻهو جي حيثيت سان، پاڻي پيارڻ تي پٽيوالي جو ٿورو مڃيندو آهي. اهوئي سبب آهي، جو ننڍا ۽ وڏا کين پسند ڪندا آهن ۽ کين گهڻو ڀائيندا ۽ پنهنجو وڏو ڪري سمجهندا آهن.

دانشور معنيٰ سياڻو يا ڏاهو ماڻهو. منهنجي خيال ۾ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ تي عاڻد ٿيل فرض سٺي ۽ سهڻي نموني نڀائي ٿو، هر هڪ سان سهڻي سلوڪ سان پيش اچي ٿو، ماڻهن ۾ جاڳرتا ۽ اُتساهه پيدا ڪري ٿو، ماڻهوءَ جي ان هلت کي ئي سندس دانشوري چئي سگهون ٿا ۽ اهڙن ماڻهن کي ئي دانشور سڏي سگهون ٿا، ۽ اهڙا ماڻهو ئي ته قومن جا فخر ٿين ٿا. سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي ئي پاڻ تي عائد ٿيل فرض کي هر مشڪل جو مقابلو ڪري پورو ڪندو رهيو آهي. پاڻ هر ڪنهن ماڻهوءَ سان سهڻو سلوڪ روا رکيو اٿن. ماڻهن ۾ حوصلو پيدا ڪندا رهيا آهن ۽ هر ماڻهوءَ سان چڱايون ڪندا رهيا آهن،

افلاطون چيو آهي ته

‘A philosopher is he, who knowing the heighest good, does good to others.’

طارق عالم جن جو پڇڻ آهي ته ’هُن (ابراهيم جويي) ڪهڙا ڪتاب ڏنا آهن؟ سندن اهو پڇڻ سراسر غلط آهي. ڀلا پاڻ ئي ٻڌائين ته يونان جي سقراط پنهنجيءَ قوم کي ڪيترا ڪتاب ڏنا؟ هن کي ’دانشور‘ ڇو ٿو چيو وڃي؟ ڏاهپ، سياڻپ ۽ دانشوري منهنجي خيال ۾ گهڻن ڪتابن لکڻ واري سان ئي لاڳاپيل نه آهن. منهنجي خيال ۾ اهو ماڻهو، جيڪو پنهنجيءَ عمر جو هر ڏينهن ٻين جي ڀلي ۾ ۽ ٻين سان چڱو هلڻ سان گذاري ٿو. ڪنهن سان حسد ۽ عناد نٿو رکي، هر ڪنهن سان پيار ۽محبت سان پيش اچي ٿو، ٻين کي مشڪلات ۾ مدد ٿو ڪري، ايمانداريءَ ۽محنت سان روزگار ڪمائي پنهنجن ٻچن جي پرورش ڪري ٿو، ڪتابن ۾ اهڙي ئي ماڻهوءَ کي ’دانشور‘ تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙن پورهئي ۽ تلقين ڪرڻ وارن کي ’وقت جا ڏاها‘ چيو وڃي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن تي ئي ملڪ فخر ڪن ٿا. جويو صاحب هر نموني سان ماڻهن جو ڀلو پئي چاهيو آهي ۽سندن سهائتا پئي ڪئي آهي، عملي طرح به ۽ لکت واريءَ صورت ۾ به، جويي صاحب جن نهايت ئي همدرد ۽ هڏڏوکي ماڻهو آهن. هو هر ڪنهن جي مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ ساڻن ساٿ ڏيندا ۽ مدد ڪندا آهن، ڀل ته ڪنهن جو خيال يا نظريو سندن خلاف ئي ڇو نه هجي، پر هو اِن باهمي مددگاريءَ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن.

مون اِئين ڏٺو آهي ته ڪنهن کي پاڻ رٺل ڏسندي سندن دل گوارا نه ڪندي آهي ۽ هلي وڃي، ان کي پرچائيندا آهن. هڪ ڀيري مون کي ٿڌو ساهه ڀري چيائون: ”ماڻهو الائي ڪيئن ٿا دل پڪي ڪري ڇڏين! اسين ته ڪنهن سان ٻه ڏينهن نٿا ڳالهايون ته دل کي چين نٿو اچي!“

طارق عالم صاحب جن جو چوڻ آهي ته’جويي صاحب ثنا خوان، مٺو پُٽَ ۽ طوطا پيدا ڪيا آهن.‘ اصطلاحي طور ’مٺو پُٽَ ۽ طوطا پٽُ’ دل جي پيارن ۽ سڄڻن کي چئبو آهي. هڪ ڳالهه ته جويي جيڪي پنهنجا مٺو پٽ ۽ طوطا پيدا ڪيا آهن، سي پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ بهترين ورتاءَ جي ذريعي، ۽ اُهي سندن ثنا خواني ڪندا رهن ٿا ۽ ڪندا ئي رهندا. ماڻهو برابر مٺو ۽ طوطا پاليندا آهن ۽ اُنهن جي تربيت ڪندا آهن، جيڪي کين دوست دشمن ۽ چور چڪار کان آگاهه ڪندا آهن.اُهي مالڪ جا احسانمند رهندا آهن. اهڙن مٺو پٽن طوطن مان ڪنهن کي به نقصان ڪونه پهچندو آهي، طارق عالم صاحب جن شايد ڪي ”ڪارا تِتِر“ پاليا آهن، جيڪي مالڪ کي ڏوهاري بنائڻ سان گڏ پنهنجيءَ قوم جا به ويري ٿين ٿا. جيڪي ماڻهو ڪارڙا تتر ڌاريندا آهن، انهن کي ٻولڻ به سيکاريندا آهن ۽ جڏهن تتر ٻولڻ سکندو آهي ته مالڪ ان تتر کي کڻي وڃي جهنگ ۾ رکندو آهي ۽ ان جي ذريعي شڪار ڪندو آهي. تتر ڌارڻ يا پالڻ تي پابندي آهي ۽ لائسنس کان سواءِ ڌاري نٿو سگهجي، پر مِٺُن ۽ طوطن ڌارڻ تي ڪا به پابندي نه آهي. طارق صاحب ۽ ڪاظمي صاحب ۽ جويو صاحب وقت جا وڏا اديب آهن. سندن خيالن جي ڏي وٺ جي باري ۾ مون جهڙي گهٽ ڄاڻ ماڻهوءَ جو اُلجهڻ مناسب نٿو لڳي. آءُ نه شاعر آهيان، نه اديب ۽ نه فنڪار. پر ادب دوست هئڻ جي حيثت سان ۽ حساس طبيعت رکڻ سبب منهنجانئن  پاڻ جهڙن ٻين لاءِ اخبارن ۾ يا جلسن ۾ ان قسم جا ويڻ ڏيندي ۽  پاريندي ڏسي دل ٿي ڪرڪي. منهنجو کين عرض آهي ته هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. غلط فهمين کي دور ڪريو، گند ۽ ڪِنُ نه ڦلهوريو، اديب بڻجي بي ادبي نه ڪريو. سائين جويي صاحب کي ته اسان ڪڏهن اخبارن ۾ يا سندن لکڻين ۽ ڪتابن ۾ ائين چوندي يا لکندي ڪونه ڏٺو آهي ۽ نه پڙهيو آهي.

[جمعو، 28 نومبر، 1997]

 (2)

اڄ جي ’الک‘ اخبار ۾ مومن بُلي جو ڪالم ’سنڌ جا ڪامورا‘ پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو. مومن بُلي، محمد ابراهيم جويي صاحب لاءِ لکيو آهي ته:

”بورڊ ۽ تعليم کاتي جي نوڪرين دوران سندن لاءِ اهو مشهور هو ته پاڻ ڄڻ ته ڪنهن کي به ڪو فائدو نه پهچائڻ جو قسم کڻي ڇڏيو هون. جڏهن پاڻ ادبي بورڊ جو چيئرمئن هو ته سيد سردار علي شاهه مرحوم ڏانهن هڪ ماڻهوءَ جي ڪم لاءِ خط لکيو هو، جنهن جا لفظ ڪجهه هن ريت هئا:

’هي ماڻهو جيڪو موڪليان پيو، سو الله جو  ماڻهو آهي، جنهن کي تون نٿو مڃين. پر پوءِ به هن مسڪين جو ڪم ڪندين ته تنهنجي وڏي مهرباني ٿيندي‘.

هن [جويي] سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪري ۽ تعليم کاتي ۾ اسڪولن جي انسپيڪٽر دوران نه ڪنهن سنڌيءَ جو ڪم ڪيو ۽ نه سنڌ جي خدمت ڪئي…“

-مان مومن بُلي صاحب کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته مومن بُلا صاحب! جويي صاحب جن بورڊ ۽ تعليم کاتي جي نوڪريءَ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪم آيا هئا. سندن عادت هوندي آهي ته جيڪڏهن وٽن ڪو ڪم جي لاءِ ڪهي ويندو آهي ته کانئن ڪم ٿي سگهڻ جهڙُوهوندو آهي ته هڪدم پاڻ ئي ڪري ڇڏيندا آهن، نه ته پاڻ ساڻن گڏجي ٻئي وٽ به ويندا آهن ۽ سندن ڪم ٿيڻ ۾ هر طرح مدد ڪندا آهن. نه صرف ايترو، پر پرپٺ به ماڻهن جا ڪم ڪرائي ڇڏيندا آهن. بشرطيڪه ڪم ٿين جوڳو، جائز ۽ حقي هجي. پر ناجائز ۽ ناحقي ڪم نه پاڻ ڪندا آهن، نه ٻئي کي ناجائز ۽ ناحقي ڪم ۾ مدد ڪندا آهن ۽ نه وري ٻئي کان ناجائز ۽ ناحقي ڪم وٺندا آهن. جيتري قدر آءُ کين 31 سالن کان سڃاڻان، سندن زندگيءَ جو اهو اصول رهيو آهي.

باقي رهي ڳالهه مرحوم مغفور سيد سردار علي شاهه جن جي خط مبارڪ جي، ته ان  لاءِ مان ائين چوندس ته سائين سردار علي شاهه جن کي خط ائين لکڻ نه گهربو هو. سندن اهو خط لکڻ جو نمونو  ڪُجسو، رُکو ۽ ٻُسو ٿو لڳي. اهو خط ائين ٿو لڳي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهن:’چاچي به ڪوٺڻ ۽ چهنڊي به پائڻ‘. يا جيئن ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ڏوهٽي نانيءَ کان پاڻي گهرندي چيو: ’ناني ڪاڻي پاڻي ته پيارجان.‘ تنهن تي نانس وراڻيو: ’ابا، اهي افعال اٿئي ته پاڻي به پيتو اٿئي!‘ تنهن مصداق سائين سردار علي شاهه کي اهو لکڻ نه گهربو هو ته ’هي الله جو ماڻهو آهي، جنهن کي نٿو مڃين.‘ اهو به خط لکڻ جو ڪو ڍنگ آهي؟ اهو به ڪو ڪم وٺڻ جو طريقو آهي؟ اها ته سڌي سنئين ٽوڪ ۽ چٿر آهي. هي ته جويو صاحب هئو، پر ڪهڙي ماڻهو جي دل چوندي ته اهڙِي ماڻهوءَ جي اهڙي دل ساڙيندڙ خط کي اکين تي رکي ڪم ڪجي؟ ان کان علاوه ڇا ڪو نالائق ماڻهو الله جو ماڻهو سڏائي ڪم وٺي ته ان جو ناجائز  ۽ ناحقي ڪم به ڪجي؟ چڱا ماڻهو يا ادارا ڪي بي اصولا يا خيراتي ادارا آهن ڇا؟

ڪٿي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم ته مخالفت جا ٽي قسم ٿيندا آهن:(1) حقي مخالفت، جيڪا ناحق خلاف ڪئي وڃي. (2) مخالفت براءِ مخالفت، جيڪا هن طرح آهي ته هڪ ماڻهو ٻئي جو جيئن ته مخالف آهي، تنهنڪري توڙي ٻئي جي ڳالهه چڱي آهي، تڏهن به مخالفت ڪبي! (3) بنان ڪارڻ مخالفت، يعني هروڀرو به مخالفت، پوءِ حقي توڙي ناحقي، بس ائين ئي مخالفت، لُڙ واري مخالفت، تخريبڪاريءَ واري مخالفت، مان سمجهان ٿو ته مومن بُلي صاحب به ڪالم لکي تئين قسم واري مخالفت ڪئي آهي. نه ته ڀلا گذريل ڳالهه دُهرائڻ ۽ ڦوڳ کي ڦلهورڻ مان سندن مطلب ڇا؟ مرحوم سيد سردار علي شاهه جن جي به ائين وڪالت ڪرڻ مان مقصد ڪهڙو؟ چوندا آهن ته گذريءَ کي ياد نه ڪجي،  پوريل مُردي کي نه کوٽجي، پر مومن بُلي صاحب الائي ڇو ائين ڪيو آهي. ٻيو ته مون بُلو صاحب يا ته گذاري ويل  ڪامورن تي ٿو لکي يا رٽائر ٿيل ڪامورن تي! جڏهن ته کيس گهرجي ته موجوده ڪامورن تي تنَقيد ڪري.

محمد ابراهيم جويي صاحب ۾ اهڙي قسم جون خاميون خاصتيون نه آهن، جو ڪنهن جي ڪم نه اچي. جويي صاحب ۾ ته شاهه جي هيٺين شعر واري خاصيت آهي:

ڀلائي آهي، پرين! ڀلائيءَ پنهنجي،

سٻاجها سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،

مانڏي منديون ٿين،  سڄڻ سڄاين ۾ !

جويو صاحب جن بلند اخلاق جا مالڪ آهن. پرائي کي پنهنجو ڪرڻ وارا ماڻهو آهن. ٻين جي مداين کي وساري سڄاين ڪرڻ وارا سڄڻ آهن.

هڪ ڀيري ڪنڌڪوٽ ايليمينٽري ڪاليج وڃڻ ٿيو. اتي پرنسپال لوڌي صاحب جن سان عبدالڪريم ڀيو به ويٺو هو. مان ٻنهي سان مليم. هيڏانهن هواڏنهن جو ڳالهيون ٿيون. وچ ۾ جيڪب آباد هاءِ اسڪول جي هيڊماسترن جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جو به ذڪر خير نڪتو، جو محمد ابراهيم جويو صاحب 68-1967ع ۾ هاءِ اسڪول جوهيڊماستر ٿي رهيو هو. حاجي عبدالڪريم ڀيي ٻڌايو ته جيڪب آباد شهر ۾ هڪ دفعي ڪنهن محفل ۾ منهنجي ملاقات محمد ابراهيم جويي سان ٿي، سٺي نموني سان مليو ۽ شام جي پهر اسڪول ۾ اچي ڪچهري ڪرڻ لاءِ چيائين. مون کيس چيو ته ”مان سيد سردار شاهه جو دوست آهيان، جنهن تي توهان سترهن ڪيس ڪيا آهن“. چيائين ته ”هن جا دوست آهيو ته اسان جا به دوست آهيو. مڙئي خير آهي، ڪڏهن اچو ته گڏجي ڪچهري ڪريون“ سندس اهڙو اشتياق ڀريو اصرار ڏسي، مون ساڻس اسڪول وڃي ڪچهري ڪرڻ جو واعدو ڪيو. هڪ ڏينهن اُن ڪيل واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ شام جو هاءِ اسڪول ۾ ساڻن ڪچهري ڪرڻ ويس. پري کان ڏٺم ته پاڻ هڪ ننڍڙي ٻار کي کڻي پرچائي رهيا هئا. مون سوچيو ٻارن سان ٿا رهن الائي ڪيئن؟ پوءِ ويجهو وڃي ڏٺم، ته ڀنگياڻي ٻهاري پائي رهي هئي، سندس روئندڙ ٻار کي پاڻ کڻي سرچائي ۽ پرچائي رهيا هئا. مان سندن اهو اعليٰ اخلاق ڏسي دنگ رهجي ويس ۽ ان کان پوءِ منهنجي دل ۾ سندن لاءِ حُرمت ۽ محبت پيدا ٿي ۽ پوءِ گهاٽي دوستي ٿي وئي. هڪ دفعي حيدرآباد ۾ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺايائون ته مون کي ياد فرمايائون ۽ وڃي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيم. ڏاڍيون خدمتون  ڪيائون. جويو صاحب جن هڪڙا بهتر انسان آهن. اهڙا ماڻهو دنيا ۾ گھٽ آهن“. ٻيو به ڳالهيون ڪيائين، پر مون کي جلدي هئي، تنهنڪري کانئن موڪلائي اجازت وٺي هليو آيس.

مٿين ڳالهه ڪرڻ مان منهنجو مطلب آهي ته جويي صاحب جن جا مخالف به کين اعليٰ انسان تصور ڪن ٿا ۽ مڃين ٿا ته هو هر ماڻهوءَ جا همدرد ۽ هڏڏوکي آهن. پر مومن بُلي صاحب الائي ڪهڙي خيال کان ڪالم لکيو آهي. شايد سندن مخالفت، تخريبڪاريءَ واري ۽ لُڙ واري مخالفت آهي. پر سندن چوڻ سان ڇا ٿيندو؟

محمد ابراهيم جويو هڪڙو ايماندار ۽ اوچن آدرشن وارو انسان آهي. سڀ کان وڏي خوبي منجهن اها آهي ته هو تمام اوچن ۽ آزاد خيالن وارو آهي ۽ سڀني ذاتين جي ماڻهن کي هڪجهڙيءَ نظر سان ڏسندو آهي. هن سنڌ ۾ اهڙو چڱو نالو ڪڍيو آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لا ءِ جيڪر سڀڪو ريس ڪري . هر ملڪ، هر قوم ۾ اهڙا عظيم ماڻهو پيدا ٿيندا آيا آهن، جن پنهنجن اصولن خاطر عمر ڀر تڪليفون برداشت ڪيون ۽ ڀوڳيون آهن. محمد ابراهيم جويو انهن مان هڪ آهي.

جويي صاحب جن وٽ هر قسم جا ماڻهو ايندا آهن ۽ کيس نينڍ ڏئي ويندا آهن ۽ پاڻ وٽ گهرائيندا آهن. هو هن کي پنهنجو وڏو ڪري سمجهندا آهن. منجهس ڪهڙي مڻيا آهي، جنهن نوجوانن ۽ ودوانن کي پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيو آهي؟ هو وڏو ڏاهو ۽ دانشور آهي. وڏو عالم ۽ فيلسوف آهي ته ساڳئي وقت سڀني سان رلڻو ملڻو به آهي. پر سڀ کان ڌيڪ ڳالهه، جا انهن کي ڏانهن ڇڪيندي آهي، سا آهي سندس نمرتا ۽ لحاظ. هيڏي ڄاڻ جي ساگر هوندي به هو ائين دعويٰ ڪونه ڪندو آهي ته مان وقت جو سياڻو ۽ ڏاهو ماڻهو آهيان ۽  عقل ڪُل آهيان. پر هو ائين ئي چوندو آهي ته ’مان سياڻپ جو سيکڪ آهيان، مان حقيقت جو متلاشي آهيان.‘ سندس ٻيو چوڻ هي آهي ته ’ماڻهو پاڻ سڃاڻي. انسان جي من کي سمجهڻ ئي وڏي ۾ وڏي فيلسوفي آهي.‘

محمد ابراهيم جويي صاحب جي سکيا، سنڌ ۾ انقلاب آندو آهي. هن کي ٺلهي اڊمبر ۽ ڪوڙ کان نفرت آهي. هن جو زور پنهنجي ضمير سان سچي رهڻ تي آهي. هو وقت جو سقراط آهي!

[ڇنڇر: 31 آڪٽوبر 1998ع]

 

زبير سومرو

ابراهيم، سنڌ ۽ آتش نمرود

جديد سنڌي ادب ۾ ٻه ابراهيم آهن: هڪ ابراهيم منشي ۽ ٻيو ابراهيم جويو- هڪ شاعر، ٻيو نثرنگار. اسان جا اِهي ٻئي ابراهيم، پنهنجن پنهنجن محاذن تان سنڌ جي بقا ۽ آجپي لاءِ وقت جي نمرودن سان وڙهندا رهيا آهن.  هي ٻئي ابراهيم آتش نمرود ۾ جلندا به رهيا آهن ۽ لکندا به رهيا آهن.

لڪيءَ جي جابلو واديءَ جو هيءُ ابراهيم، جنهن جو قلم، عباس جي عَلم جيان سدا اوچو رهيو آهي، اُن سدائين قلم جو احترام ڪيو آهي.

شروع شروع ۾ آءُ به اُنهن جذباتي نوجوانن مان هئس، جيڪي جويي صاحب جهڙن سنڌ جي محسنن کي اها اهميت نه ڏيندا آهن، جيڪا هو لهڻن ٿا؛ پر جڏهن کيس پڙهيم، ڏٺم، ساڻس مليس ۽ ڪچهريون ڪيم ته سندن ذهانت (intellect) ۽ عظمت جو قائل ٿي ويس- ۽ پوءِ اياز جي هن شعر جو ايترو ته گرويدو ٿي ويس، جو لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان:

هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو!

ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شورُ اجايو آ، پيارا!

ماضيءَ جي گوناگون تاريخ تان جيڪڏهن دز ڇنڊي ڏسبي ته معلوم ٿيندو ته تاريخ ڪيترن عظيم انسانن سان سخت زيادتي ۽ وڏي ناانصافي ڪئي آهي. اهو هڪ وڏو الميو آهي ته اُهي انسان، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اهڙا ته انقلاب آندا، جن انقلابن، ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ ڪروڙين انسانن جي زندگين تي زبردست اثر ڇڏيا ، تن جو ڪو قدر ڪونه ڪيو ويو آهي. ان جو مثال بلڪل ائين آهي، جيئن جنگين ۾ فتحون بادشاهه سان منسوب ٿينديون آهن، پر حقيقي فاتح اُهي شهيد هوندا آهن. جيڪي وڙهندي وڙهندي ساهه ڏيندا آهن ۽ اڪثر تاريخ جي صفحن ۾ گمنام ٿي ويندا آهن. هر فتح، هر انقلاب ۽ هر ايجاد توڙي دريافت جي ڪاميابيءَ جي عمل ۾ ڪيترن ماڻهن جو حصو (contribution) هوندو آهي، پوءِ انهيءَ جو سڄو ڪريڊٽ صرف ڪن ڳاڻ ڳڻين شخصيتن کي ويندو آهي.

اهو ساڳيو رويو، سنڌ جي ماڻهن سائين ابراهيم جويي سان روا رکيو آهي. هي اُهو سرڪودو شخص آهي، جنهن سنڌ جي فڪري محاذ تان ويڙهاند ڪئي آهي. هوُ سنڌ جي ڪيترن عظيم شخصن، انقلابين ۽ اديبن جي فڪري تربيت ڪندڙ رهيو آهي. شيخ اياز جو مثال ئي ڪافي آهي، جنهن سنڌ ۾ ادبي تغير ۽ انقلاب آندو ۽ سنڌي شاعريءَ کي نئون جنم بخشيو. اياز جي عظمت ۽ شخصيت جي تعمير ۾ جويي صاحب جو وڏو هٿ آهي، جنهن هن کان اردو شاعري ڇڏائي،کيس سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو. جويي صاحب جڏهن شيخ اياز جي شخصيت ۾ ويهين صديءَ جو مهمان شاعر ’اياز‘ ڏٺو، ته هن هڪدم کيس ان حقيقت جي آگاهي ڏني ته

”اياز! تون سنڌيءَ ۾ لک، تون پنهنجي ڏات کي منطقي طور فقط سنڌيءَ ۾  ئي پهچائي سگهين ٿو.“ ان وقت اياز ڏُکارو ٿي کيس وراڻيو هو: ”سنڌيءَ ۾ توکان سواءِ مون کي ڪير سمجهندو؟“ تڏهن جويي صاحب کيس هڪ تاريخي جواب ڏنو هو: سنڌ کي بدلائڻ لاءِ تون ۽ مان ٻه ئي کوڙ آهيون.“

سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ شاهه، سچل ۽ سامي جي ٽمورتي آهي. اهڙيءَ طرح منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن جديد سنڌ جي تعمير ۾ شهيد الهه بخش سومري، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ سائين. جي ايم سيد جي سياسي ٽمورتيءَ کان پوءِ ڪا اهم فڪري ٽمورتي ٺاهبي ته اها ٿيندي: ’حشوءَ، سوڀي ۽ ابراهيم‘ جي ٽمورتي. اهي ٽئي ماڻهو پنهنجي دور جا ‘Living legend’ هئا (جن ما اڄ حشو ڪيولراماڻي زندهه نه آهي)، هنن سنڌ جي فڪري تحريڪ ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو انقلاب نه آندو، پر هڪ جمود کي ضرور ٽوڙيو. انهن ٽنهي ۾ وري ابراهيم جويو پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هي اهڙو ماڻهو آهي، جنهن ادبي، سماجي، فڪري ۽ سياسي جمود کي رجائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ اُن ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ويو آهي، اُنهيءَ جو حتمي فيصلو ايندڙ نسل ۽ سنڌ جي تاريخ ڪندي.

88 سالن جو هي پيرسن، مني صديءَ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ فڪري واقعن، تبديلين ۽ انقلابن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هي اُهو شخص آهي، جنهن انگريزن جي پوئين دور ۾ جنم ورتو ۽ انگريزن خلاف جدوجهد، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي، پاڪستان تحريڪ، پاڪستان جي قيام ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ (بنگلاديش ٺهڻ) جا واقعا اکين سان ڏٺا. ان کان سواءِ پاڪستان جي تاريخ جون آمريتون، بغاوتون، مارشلائون، سياسي قتل، ڦاهيون، نظربنديون ۽ ٻيا هاڃا، سندس ذهن ۾ اڄ به آئيني وانگر چٽا آهن.

اها هڪ حقيقت آهي ته جويو صاحب پنهنجي سياسي فڪر سان هميشه آهنگ ۽ هڪجهڙو رهيو آهي. پاڪستان تحريڪ دوران، هن اڌ صدي کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ ويڌن کي پنهنجي شعور واري عينڪ سان ڏسي رتو هو. هن پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي، جون 1947 ۾، هڪ ڪتاب ‘Save Sindh, save the continent’  لکي، سنڌ واسين کي مستقبل جي خطرن کان  آگاهه ڪيو هو؛ جنهن جي سزا ۾ کيس سنڌ  مدرسة الاسلام مان نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، انهيءَ وارتا کي اڄ 55 سال گذري ويا آهن، پر اڄ به هي جسماني طور جهور ۽ ذهني طور جوان انسانُ، لکيءَ جي جبل جيان ارڏو، پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ مضبوط بيٺو آهي.

’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘ کان وٺي ’فڪر جي آزادي‘ تائين؛ ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ کان وٺي’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘تائين:’مُٺ مٺ موتين جي‘ کان وٺي ’فرينچ انقلاب‘ تائين: ’شاهه سچل ساميءَ‘ کان وٺي ’ٻولي، ادب ۽ تعليم‘ تائين: ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ کان وٺي ’خط ٻن استادن جا‘ تائين؛ ابراهيم جويي جي لکڻين جو اصل محور ۽ مرڪز، سنڌ، حق ۽ سچ ئي رهيو آهي.

جويي صاحب جي سياسي نظريي (school of thought) جو تجزبو ڪجي ٿو ته هو اڄ به ساڳيو ابراهيم جويو نظر اچي ٿو، جيڪو 1947ع ۾ هو. جويي صاحب 1947 کان اڄ تائين، اڌ صديءَ جي سفر ۾ ڪڏهن به پنهنجي سياسي عقيدي ۾ شرڪ نه ڪيو آهي. هوسنڌ جي آجپي ۽ اُن جي هزارن سالن جي تاريخي وجود جو ڪلهه به حامي هو ۽اڄ به حامي آهي. پنهنجي ڪتاب ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘  ۾ هن جيڪي به سياسي اڳڪٿيون ڪيون هيون، اهي اڄ  سچ ثابت ٿي چُڪيون آهن.

جويي صاحب سان ذاتي تعلقات جي حوالي سان مون کي اهو جملو لکندي فخر جو احساس ٿي رهيو آهي ته: ”ابراهيم جويو، زبير سومري جو دوست آهي:“ حالانڪ اسان ٻنهي ۾ نسلن جي وٿي (gap) آهي. منهنجي عمر جي ٽيڻ کان به وڌيڪ ۽ وڏيءَ عمر وارو هيءُ پيرسن، جڏهن به مون سان مليو آهي ته ائين محسوس ٿيو اٿم ڄڻ پنهنجي ڪنهن هم عمر سان ملي رهيو آهي. اسان جون اڪثر ملاقاتون ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جي دفتر ۾ علمي ڪچهرين ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ ٿينديون رهنديون آهن. آءُ جويي صاحب جي علمي ۽ ادبي  قد ڪاٺ ۽ حيثيت کا اڳ ئي واقف هئس، پر سندس شخصي مهانتا ۽ اخلاقي بلنديءَ جي خبر تڏهن پيم، جڏهن هڪ ڀيري سنگت جي هفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ ويٺا هئاسين، جتي جويي صاحب کان سواءِ باقي اڪثر جونيئر نوجوان ڇوڪرا ويٺا هئا. سنگت جي سيڪريٽري سليم چنا چيو ته اڄ صدارت نوجوان ليکڪ زبير سومري کان ڪرايون ٿا. آءُ ٿوريءَ دير لاءِ صفا سُن ٿي ويس ۽ کُتو جواب ڏنم ته ” نه..بابا.. سائين  جويي صاحب جي موجودگيءَ ۾ منهنجي صدارت…نه… ائين نه ٿيندو!“ مون کي گهڻو چيائون، جويي صاحب پاڻ به چيو، پرمون چيو ته ” آءُ اٿي هليو ويندس، پر جويي صاحب جي موجودگيءَ ۾ صدارت نه ڪندس.“ بهرحال، اُن موقعي تي پوءِ ٻئي  ڪنهن دوست کان صدارت ڪرائي وئي.

اهو انسان، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڪاڪي ڀيرومل جهڙن عالمن جو شاگرد رهيو هجي؛ شيخ اياز جهڙي شاعر، سراج جهڙي اديب ۽ رسول بخش پليجي جهڙي مقرر جو اُستاد رهيو هجي، اهڙي انسان جي صلاحيتن ۽ دانشورانه پهچ (Intellectual capacity)  جي ڪٿ (assessment)  لاءِ هڪ وڏي معيار ۽ مطالعي جي ضرورت آهي. جويي صاحب جي لکڻين جي worth  ڇا آهي؟ اهو هڪ اجايو سوال آهي،ڇو ته مولانا روم جي مثنويءَ جي worth سڄو ايران آهي، شاهه جي رسالي جي worth سڄي سنڌ آهي، تيئن جويو به مجسم سنڌ آهي. هونئن به ’ميگهه دوت‘، ’گيتانجلي‘ ۽ ’ديوان غالب‘ جيڪڏهن  فٽپاٿ جر ريڙهن تي پيا هجن ته ان سان ڪاليداس، ٽئگور ۽ غالب جي مهانتا تي ڪو اثر پوندو ڇا؟

جويو صاحب پنهنجي وجود ۾ تڙپ رکي ٿو. هن جي اندر ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ هڪ تڙپ، هڪ حب موجود آهي. جويو پنهنجي مزاج ۾ هڪ تحريڪ (Movement) رکي ٿو. هو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو، ڪجهه طئي ڪري وڃڻ چاهي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ، ٿياسافيلڪل سوسائٽي، سنڌي سرونٽس سوسائٽيءَ، سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، شيخ اياز فائونڊيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرميون سندس مشغلو ‘time pass’ نه آهن. هو ڪنهن رٽائرڊ ڪاموري وانگر باقي زندگي رسمي مطالعي ۽ روايتي مشغلن ۾ لُنڊي سٿڻ پائي، مصلي تي ويهي نه گذاري رهيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org