سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :1

سٻاجهو ساڃهوندُ

محمد ابراهيم جويو

 ماڻهو هڪ مهانُ

سائين محمد ابراهيم جويي سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ٿي، جڏهن پاڻ بورڊ جا چيئرمين هئا. آءُ ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ جي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت جي کين دعوت ڏيڻ ويو هوس. پهرينءَ ملاقات ۾ ئي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيائين. قرب مان مسڪرائي ڀاڪر پائي مليو ۽ وڏي عزت ۽ مان ڏنائين. مون کي سچو سنڌي، اصلي سنڌي ڳوٺاڻو لڳو. ڪچهريءَ دوران سنڌ، سنڌي ماڻهن، سندن رهڻي ڪهڻيءَ، سنڌ جي تهذيب، ٻوليءَ ۽ تاريخ بابت ڏاڍيون ڪارائتيون ، حڪمت ۽ ڏاهپ واريون ڳالهيون ٻڌايائين.پهرين ملاقات ۾ ئي آءُ سندس سٻاجهي شخصيت، مان ۽ مريادا کا ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ دل گواهي  ڏني ته’سنڌ، سچ پچ هن قسم جي محبتي، بي طمع، سٻاجهن ۽ محب وطن ماڻهن جي دم قدم سان زنده آهي. هنن ماڻهن ۾ نه وڏائي، نه خُوءِ، نه هٺُ، نه ٺٺ ٺانگر، سادا سٻاجها، اندران ٻاهران هڪجهڙا، علم ۽ ڄاڻ جا ڀنڊار،پنهنجي ٻوليءَ تاريخ  ۽ ڌرتيءَ جا عاشق، گهڻگهرا ۽ ڀرجهلائو.‘

ڊاڪٽر بلوچ  صاحب، علامه قاسمي صاحب ۽ جويو صاحب، واقعي سنڌ جا وڏا ماڻهو آهن. هنن جو علمي ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به نه وساريندي، سچ پچ  ته سنڌ جا هي محسن، وڏيءَ عزت ۽ قدردانيءَ جا لائق آهن، زندگيءَ ۾ ئي احترام ۽ قدر جا حقدار آهن.

’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ هن قسم جي املهه ماڻڪ ماڻهن جو قدر ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهيو آهي ۽ اُن فرض جو قرض لاهڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ علامه مصطفيٰ قاسمي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور_ ’ڊاڪٽر بلوچ_ هڪ مثالي عالم‘ (2 ڀاڱا) ۽ ”عالمن جو آفتاب“_ ڪتاب شايع ڪري چُڪي آهي.

هڪ ڏينهن پنهنجي دوست تاج جويو کي چيم ته ’ابراهيم جويي جي گهر وٺي هل ۽ ساڻس ملاقات ڪراءِ!‘تاج ۽ آءُ گڏجي سينٽرل جيل حيدرآباد جي سامهون، صحافي ڪالونيءَ ۾ سائين ابراهيم جويي جي گهر وياسون. ڇا ڏٺم ته سائينءَ جي ڪمري ۾ هزارين ڪتاب پيل هئا. رهائش واري ننڍڙي ڪمري جي ٽن پاسن کان ڪٻٽن ۾ ڪتاب ڀريل هئا، صوفا سيٽ ڪتابن سان سٿيل، جنهن تي هڪ ٻه ماڻهو مس ويهي سگهن. ٽي، ويءَ جي مٿان ڪتاب، پٽ تي ڪتابن جا ٿها، لکڻ واري ٽيبل توڙي ماني کائڻ واري ٽيبل به ڪتابن، سان ڀريل، کٽ، جنهن تي جويو صاحب سمهندو آهي، اُن جو وڏو حصو ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن، فائيلن ۽ ڪاغذن سان ڀريل نظر آيو. کٽ تي اڍائي فوٽن جيتري جاءِ سمهڻ لاءِ مس هوندن، جڏهن ته جيل ۾، قيدين کي کولين ۾ به شايد ان کان ويڪري سمهڻ لاءِ جاءِ مليل هوندي آهي! سڄو ڪمرو علم، تحقيق ۽ ثقافت جو ڀنڊار ۽ روشنيءَ جو مرڪز نظر آيو. مون جيڪو جويو  صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪُرسيءَ تي ويٺل ڏٺو هو، سو گهر ۾ به بلڪل ساڳيو هو،  سنهڙو سيپڪ، قداور، سهڻن نقشن وارو، ڪڻڪ رنگو، عمر جي لحاظ کان وڌيڪ صحتمد، عقل ۽ ڏاهپ جون مکڙيون سندن منهن مان مرڪي رهيون هيون. ساڻس تمام سٺي ڪچهري ٿي. جيءَ ۽ اکين ۾ جايون ڏنائين. دل سان اسان کي به ٻڌائين ۽ پاڻ به ٿوري وقت ۾ تمام گهڻيون ۽ ڪارائيتون ڳالهيون ٻڌايائين.

مون محسوس ڪيو ته هن شخص، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيڏو نه علم پڙهيو آهي! ڪيڏو نه هن قلم سان سهڪار ڪيو آهي. سندس زبان ۽ اکيون سچ جو سنيهو ڏئي رهيون آهن. ڪيڏو نه سچو ۽ کرو انسان آهي هيءُ!

ملاقات دوران ڪيترن وڇڙي ويل دوستن ۽ بزرگن کي ياد ڪري سندس اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ اچي وئي. چيائين ته’همدرد، سچا ۽ سٺا دوست آهستي آهستي ويندا رهن ٿا، سٺن دوستن جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي، علم، عقل ۽ ڏاهپ وارا ماڻهو ٿورا وڃي بچيا آهن . مون ڏٺو ته هن پاڻ کي اڪيلو محسوس پئي ڪيو پر هن اڪيلي ماڻهوءَ ڇا نه پورهيو ڪيو آهي! سنڌ مدرسي کان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد تائين، ڊائريڪٽر اسڪولس کان اُستادن جي تربيتي اسڪول ڪوهاٽ تائين، سنڌ ٽيڪست بڪ بورڊ کان سنڌي ادبي بورڊ تائين، هن شخص جون خدمتون، محنتون، محبتون ۽ ڪاوشون ڪير وساري سگهندو! الائي ڪيترن ادارن جو ٺاهيندڙ رهيو آهي ۽ الائي ڪيترا ذهن هن جي نِگاهه ۽ ڄاڻ سِراڻيا آهن، جن جي شعور ۽ علم، سنڌ کي رڱي ڇڏيو آهي.

آءُ سائين جويي صاحب کي ڪافي پروگرامن ۾ هڪ مقرر، خاص مهمان ۽ صدارت جي ڪُرسيءَ تي ڏسندو رهيو آهيان، پر هن ماڻهوءَ ۾ وڏائي، تڪبر، هٺ ۽ فوقيت نه ڏٺم. ننڍي وڏي سان خوش خلقيءَ، کيڪار، پيار ۽ پنهنجائپ سان ڀاڪر پائي ملندو. کلندو ته ڄڻ موتئي جا گل پيا ٽڙن، ڳالهائيندو، ته ڌيرج سان، سمجهائيندو ته ائين جيئن اولاد يا شاگرد کي سمجهائجي. ڪڏهن به عام صدرن ۽ خاص مهمانن وانگر اڌ مان تقرير ڪري نه اٿندو، پروگرام جي توڙ تائين ويهندو، ۽ جي راڳ هوندو ته رات لڙيءَ تائين به ويٺو هوندو. تانن، پلٽن، مُرڪن ۽ مينڍن تي داد ڏيندو، تاڙيون وڄائيندو، خود به جهونگاريندو، ڪنڌ ۽ هٿن جي لوڏ مان محسوس ٿيندو ته هيءُ ڪلام کيس وڻيو آهي ۽ محسوس ٿيندو ته اجهو ٿو اُٿي وڃي خود به ڳائي. جويو صاحب راڳ جي انگن ۽گُرن کان به واقف آهي ۽ ڪيترن جديد شاعرن_ خاص ڪري شيخ اياز جي شعرن جون ڌنون به جوڙيون اٿس.

مون جويي صاحب کي، اسٽيج تي سادگيءَ، صبر ۽ تحمل جو مجسمو ته ڏٺو پر هر وقت سچ ۽ حق چوندي ٻُڌو آهي، ۽ اُن وقت مون کي ڪُرسي ننڍي ۽ جويو صاحب وڏو لڳندو آهي. جويو صاحب پرگرامن ۾ هميشه وقت تي پُڄندو آهي ۽ مان سوچيندو آهيان ته هنن وڏن ماڻهن وقت جو ڪيڏو نه قدر ڪيو آهي ، پر سندن قدر ڪرڻ لاءِ اڃا وڏي وقت جي درڪار آهي.! ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن گذرن ٿا، پر هن جهوني جوڳيءَ جو سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جهڪو نه ٿو ٿئي. پر وڌندو رهي ٿو. هن جو هر پل سنڌ جي ڀلائيءَ، سنڌ جي آئيندي جي اوني، سنڌ جي مسئلن جي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ گذري ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي ڳالهه ۽ سنڌ جي زمينن جي ڳالهه، سنڌو درياهه ۽ اُن جي پاڻيءَ جو ذڪر ئي هن جو ورد وظيفو آهي، هن جي تن جي تنوار ۽ من جو مامرو آهي. انسان ۽ انسانيت، ڌرتيءَ جي محبت، هن جو ايمان آهي_ ۽ سندس سموريون لکڻيون اِن مقصد جي چوڌاري ڦرنديون رهن ٿيون.

سندس شخصيت جا اهي گڻ ڏسي، سوچيم ته هن عظيم شخص بابت پڻ ڪتاب تيار ڪرائجي؛ پر جويو صاحب تيار نه ٿئي، چئي؛ مُون تي ڪتاب ڪڍي ڇا ڪندا، مُنهنجو ڪو ڪتاب ڀَلَي ڇپايو، جنهن مان ماڻهن کي ڪو لاڀ ملي سگهي. بهرحال، اسان پنهنجي هٺ تي قائم رهياسون. منهنجي دوست تاج جويي الائي ڪيترا ڪتاب،رسالا ۽ اخبارون اٿلائي، جويي صاحب بابت مواد گڏ ڪيو، ڪجهه نئون مواد لکايو ۽ ڪتاب: ’سٻاجهو ساڃهوند‘ تيار ڪري ورتو. جويي صاحب جي زندگيءَ ۽ علمي خدمتن بابت تاج صاحب وڏي محنت ڪري تفصيل تيار ڪيو آهي، جيڪو مستقبل ۾ تحقيقن ڪندڙن جي وڏي مدد ڪندو. اسان جو خيال هو ته جويي صاحب جون ڪجهه چونڊ لکڻيون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪجن ها، پر ڪتاب تمام وڏو ٿي وڃي ها، ان ڪري ڪتاب ۾ سندس صرف ٽي مضمون ۽ ٻه انٽرويو شامل ڪيا اٿؤن. پوءِ به آءُ سمجهان ٿو ته هن ڪتاب مرتب ڪرڻ ۾ تاج جويي انصاف ڪيو آهي. ۽ جويي صاحب جو صحيح چهرو ۽ سندس ادبي، علمي ۽ قومي خدمتن جو تفصيل اسان جي اڳيان پيش ڪري، ڪتاب کي ’يادگار‘ بنايو آهي.

محمد عثمان منگي

سرپرست اعليٰ

سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم

حيدرآباد، سنڌ

1-6-2003

رُکي ماني ۽ ڪم

* ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ جي مهاڳ ۾ هڪ ڳالهه لکي آهي، آءُ چاهيان ٿو ته اُها سڄي جي سڄي، اکر به اکر هتي نقل ڪريان:

”ڏاڪڻيون چڙهي چڙهي، جڏهن ڪمري ۾ بنهه حيدرآباد جي مٿان، تلڪ چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي پهچبو هو.(•) تڏهن هڪڙو شخص سُرخ چهرو ۽ اڇا وار وٺي، اسان کي بي تڪليفيءَ سان کيڪاريندو هو، ۽ پوءِ يڪدم سنجيدو ٿي ويندو هو. هر شخص هن لاءِ هر روز نئون هوندو هو، اُن ڪري پهريائين ته هُو سوچيندو هو ته اڄ هن جو پرابلم(problem)  ڪهڙو هوندو، يا هن سان اڄ ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي، يا اڄ هُو منهنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچي.

چوڻ لڳو:”ماني به تيار آهي، اڳ ۾ تون به ٻه گرهه وجهه، ته پوءِ ٿا ڪريون ڳالهه ٻولهه.“ مان بس ڪري ويهي رهيس. ماني آئي، انتهائي انڪساريءَ سان پاڻ پاڻي  به کڻي آيو، ۽ اسان ان ڏينهن پهريون ڀيرو گڏجي کاڌو. مان گرهه ڀڃي، ٻوڙ مان ٻوڙي کائڻ شروع ڪيو، ۽ هن ’همراهه‘ گرهه ڀڃي، رکو ئي وات ۾ وڌو. ساڳيءَ ريت جڏهن هُن پيو گرهه به وات ۾ وڌو ۽ ٻوڙ کي ڄڻ ڏٺائين به ڪونه، تڏهن مان به چپ چوريا: ” توهان رُکي ماني ٿا کائو

ڇا؟“ ”هائو، پوءِ ڇا ٿي پيو! ڪڻڪ جي رُکي ماني ۽ تازي ۽ اٽو سُٺو ۽ وري اُن کي گهڻو چٻاڙي رُکو ئي کائجي، ته سچ پچ ڏاڍو لطف ٿو اچي. توهان منهنجو خيال ئي نه ڪريو، کائيندا رهو. آءُ به توهان سان ويٺو ٿو کاوان.“ مو ٿوري کٽاڻ به کاڌي ۽ پٽاٽن جا ٻه ٽي ڳترا به کائي ويس. تڏهن چوڻ لڳو: ”مان توهان کي هڪڙي تڪليف ڏيڻ لاءِ به سوچي رهيو آهيان، منهنجون ڪي لکڻيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڇپيل آهن، پر سنگت جو خيال آهي ته اُنهن کي يڪجاءِ ڪري ڇپايان، توهان جو خيال ڇا آهي، ڀاءُ!“ …”ڪم ته چڱو ٿيندو، پر توهان ايترن ڪمن ۾ هٿ ڪيئن ٿا وجهو!“ چوڻ لڳو :انسان جي ڀاڳ جو سوال آهي. آءُ رُکي مانيءَ جو مزو به وٺندو رهيو آهيان ۽ سڄي عُمر اڄ تائين به ڪم ڪندو رهيو آهيان.“

هن هيڏي ساري اقتباس نقل ڪرڻ وقت منهنجي آڏو صرف ٻه شيون ’اهم‘ رهيون آهن: هڪ ”رکي ماني“ ۽ ٻيو ”ڪم“. سائين محمد  ابراهيم جويي جي زندگيءَ تي هڪ نظر وجهجي ٿي ته هيءُ هڪ ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ جنم وٺندڙ، هڪ ”هاريءَ جو پُٽ“ آهي، جنهن هاريءَ وٽ سڄو ڏينهن هر هلائڻ ۽ پورهيو ڪرڻ جي باوجود ٻه ويلا ماني کائڻ جيترو قوت به نه هوندو آهي: اُن هاريءَ لاءِ ڪڻڪ جي تازي ۽ سُٺي اٽي جي پڪل تازي ۽ ڪوسي ”رُکي ماني“ ڪيڏي اهميت رکي ٿي، اُن جو اندازو اُنهن ماڻهن کي ئي ٿي سگهي ٿو، جن اهڙين حالتن ۾ گذاريو آهي. آءُ به هڪ هاريءَ جو پُٽ آهيان، ۽ مون کي خبر آهي ته سُٺي اٽي جي تازي پڪل مانيءَ جي خُوشبوءِ، اسان هارين جي پُٽن لاءِ دُنيا جي هر خوشبوءِ کان وڌيڪ اهيمت رکي ٿي ۽ رُکي تازي مانيءَ جو ساءُ ست رڇين، ڪوفتن ۽ قورمن کان وڌيڪ لذيذ ۽ لطف ڀريو هوندو آهي. رُکي سُڪي کائي”ڪم“ ڪيئن ڪبو، ۽ اُن ”ڪم ۽ پورهيي“ ڪندي دلي سُڪون ڪيئن ملندو آهي، اُن جو به مون کي احساس آهي. جنهن ’مورين جي ٻجن‘ جي چٽڻيءَ سان ۽ سرنهن جي ڳنرن کي لوڻ لڳائي يا ڄانڀي جي پنن سان ماني کاڌي هوندي:جنهن لسيءَ لپ ۾ مرچ وجهي ويلو ٽاريو هوندو يا ’ٿومارو‘ ٺاهي مانيءَ ڳڀو نڙيءَ کان هيٺ لاٿو هوندو ۽ پنهنجو ’ڪم‘ فرض سمجهي پورو ڪيو هوندو، ان کي جيڪا دلي سرهاڻ ڪم مڪمل ٿيڻ تي پهتي هوندي، اُن جو اندازو هر ماڻهو لڳائي نه ٿو سگهي.

 جويو صاحب، رُکي سُکي کائي، ”ڪم“ ڪرڻ وارو سنڌ جو ساڃهه وندا اديب ۽ دانشور آهي، جيڪو ڪالهه هاريءَ جو پُٽ هو ۽ اڄ ادبي دنيا ۾ هيڏي وڏي نالي ڪڍڻ، نئين ۽ سنڌ جي شعور کي پچائي رچائي ريٽي ڪرڻ ۽ جديد سنڌي ادب ۽ اديب کي دڳ لائڻ جي باوجود، پينشن جي پئسن ۽ پروفن ڏسڻ جي مختصر ڪمائيءَ ذريعي، هڪ مختصر سائيز جي ڪمري ۾، هڪ کٽ ۽ ٻن چئن ڪُرسين ۽ هزارين ڪتابن جي ڍڳ جي وچ ۾، هڪ گهڙي به ”ڪم“ کان غافل نه آهي. هي اڇن اُجرن ڪپڙن ۽ سفيد وارن وارو 89 سالن جو پير مرد_ جوان، اڄ هن وهيءَ ۾ به، نه رڳو پاڻ”ڪم“ ڪري ٿو، پڙهي ٿو ڪڙهي ٿو، لکي ٿو، لکائي ٿو، ڳالهائي ٿو، تنقيد ڪري ٿو ۽ هر مسئلي تي پنهنجي راءِ رکي ٿو. سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سينڌ سنوار لاءِ سوچي ٿو، لوچي ٿو، اجتماعي معاملن لاءِ رٿابندي ڪري ٿو، مٺگهرن سان منهن ڏئي ٿو ۽ ويرين سان وڙهي ٿو. هن جون ڪچهريون نوجوانن لاءِ اُتساهه جو ذريعو آهن؛ هن جون تقريرون گمراهه يا راهه ڀٽڪيل نسل لاءِ’واٽ جي لاٽ‘ جو ڪم ڏين ٿيون؛ هن جون لکڻيون ۽ هن جا ڪتاب ذهنن لاءِ سراڻ جو ڪم ڏين ٿا. هي نِمُ، ٻٻر ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙو شخص، اُنهن دانشورن ۽ ڏاهن مان نه آهي، جيڪي پنهنجيءَ ڇانو ۾ ننڍن ٻوٽن کي اُسري وڻ ٿيڻ نه ڏيندا آهن؛ پر هن شخص هميشه’ماڻهو‘ ٺاهيا آهن؛ نون لکندڙن جون لکڻيون سنوراي، کين لکڻ جو ڏانءُ ڏسي، ادب جي شاهراهه تي پهچايو آهي. شيخ اياز، سراج، ڏيپلائي، علي احمد بروهي، رسول بخش پليجو، پروفيسر عمر ميمڻ، الهداد ٻوهيو، شمشير الحيدري ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي ادب جا آفتاب ۽ ماهتاب، سائين محمد ابراهيم جويي کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجو ’اُستاد‘ يا ’سونهون‘ سمجهندا ۽ فخر ڪندا رهيا آهن.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي هڪ ٻئي هنڌ لکيو آهي ته:

”جويو صاحب نثر جو اُستاد ۽ لافاني سنڌي نثر جو خالق آهي. اسان وٽ اها مڃيل حقيقت آهي ته نثر لکڻ ۾ فارم ۽ ٻوليءَ جي خيالن کان، جويو صاحب اُنهن چند عالمن مان آهي، جن کي سند طور قبول ڪري ٿو سگهجي. هو نثر جو ماهر استاد (Technocrat) آهي. هن اسان مان تمام گهڻن کي سنڌي نثر لکڻ ۾ مدد ڪئي آهي.“

اهو ئي سبب آهي، جو مون جڏهن پنهنجي دوست محمد عثمان منگيءَ جي تحريص تي، سائين محمد ابراهيم جويي تي هي ڪتاب ترتيب پئي ڏنو، ته منهنجيءَ حيرت جي حد نه رهي، ته سنڌ جو ڪو ورلي عالم، اديب ۽ دانشور رهيو هوندو، جنهن جويي صاحب جي مڃتا ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيو نه هجي. هن پوڻن ڇهن سون صفحن جي ڪتاب ۾ صرف ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، مير محمد پيرزادي، محمد حسين ڪاشف، پروفيسر اعجاز قريشيءَ، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، زبير سومري، آزاد قاضيءَ، نصير مرزا، محمد ڏيپلائيءَ ۽ يوسف سنڌيءَ جا نوان لکيل مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سائين جي ايم، سيد، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، پروفيسر محمد عمر ميمڻ، علي احمد بروهيءَ، شيخ عبدالرزاق راز، عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجي، غلام رباني آگري، اعجاز الحق قدوسيءَ، تاج صحرائيءَ، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، نبي بخش کوسي، تاج بلوچ، ولي رام ولڀ، فقير محمد لاشاريءَ، عبدالرحمان نقاش، هايت بلوچ، تاجل بيوس، بدر قريشِيءَ، بيدل مسرور، ابن الياس سومري، جامي چانڊيي، ڊاڪٽر هدايت منگيءَ، نور محمد شاهه، محمد امين مگسيءَ، فقير شهمير چانڊيي، سنگرام، غلام علي چني، مقصود گل، عاصم آخوند، انور آزاد ڪانڌڙي، معشوق ڌاريجي، رکيل مورائيءَ، حسن مجتبيٰ، ۽ منهنجا مضمون، مقالا ۽ تاثر، مختلف هنڌن تان ڇپيل صورت ۾ کنيا ويا آهن. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي ءَ جي ڪتابچي ”ادبي گڏجاڻي“ (31 ڊسمبر 1981ع) ۽ ”نئين زندگي: محمد ابراهيم جويو نمبر ”(ڊسمبر 2002ع مان مون کي مواد حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي.

هن تفصيل ڏيڻ مان منهنجي مراد اها آهي ته جنهن به شخص سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي زبان لاءِ سِرسيتائيءَ ۽ سچائيءَ سان پورهيو ڪيو آهي،اُڻ کي ’سنڌ‘ زندگيءَ ۾ ئي موٽ ڏني آهي. محمد ابراهيم جويو ته اهو شخص آهي، جنهن لاءِ وڪٽر هيوگوجا، ولٽيئر لاءِ لکيل لفظ، اُڌارا وٺڻ ضروري سمجهان ٿو. وڪٽر هيوگو والٽيئر لاءِ لکيو هو ته:

”والٽيئر جي نالي وٺڻ سان سڄي جي سڄي ارڙهين صديءَ جي ڪارڪردگي، معنيٰ ۽ مقصد، سامهون اچي وڃن ٿا.“

جويي صاحب لاءِ پڻ ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته:


(•)  (تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي هوٽل جبيس جي مٿان، محمد ابراهيم جويي جي گهر ڏانهن اشارو(ت.ج)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org