۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو آءُ پيڙهي-
وڇوٽيءَ جي ڌپاري فلسفي کان ڪڪ ٿي وٽس پهتو هوس،
خيال هوم ته ساڻس وڏي ڪچهري ٿيندي، پر ائين نه
ٿي سگهيو هو- هو ڏاڍو ڳنڀير، ڳوُڙهو ۽ ٻاجهارو
هو- هن جي ڏات ۽ ڏاهپ، ماڻهوءَ کي موهڻ سان گڏ
پنڊ پاهڻ به ڪري ڇڏينديون هيون، ۽ اهو ئي ڪارڻ
هو، جو ساڻس ڪچهري نه ٿي سگهي هئي.
گذريل ڳچ عرصي کان مان هن جي ڪچهرين ۾ ويندو
رهيو آهيان. هن کي پوريءَ ريت سمجهيو به اٿم. هن
جي قرب،پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جي ڀاونائن جي پاڇي ۾
ويهڻ جي آسيس پڻ ماڻي چڪو آهيان- ۽ سندس ڏات ۽
ڏاهپ وارا بول ٻڌا اٿم. پر سچ پڇو آءُ پوري هڪ
مهيني کان لفظن جي روپ نگر ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان ته
مان ڪي جملن جون اهڙيون مالهائون ملن، جيڪي سمنڊ
جيڏي اُٿاهه ڏاهپ رکندڙ، هن ڀلي انسان جي نذر
ڪري سگهان، ۽ ڪو اهڙو حوالو به نٿو سُجهي، جو
ساڻس پنهنجي نسبت جي سڃاڻ ڪرائي سگهان.
شعور جي وهڪري کان آجي هڪ تاريخي تمثيل:
افلانطون جنهن اڪيدميءَ ۾ اميرن جي ٻارن کي
پاڙهيندو هو، اتي کيس اهڙي نينگر جي ضرورت پئي،
جيڪو نه رڳو ٻارن کي پاڻي پياري سگهي، پر سنهو
سُڪو ڪم ڪري سگهي.
افلاطون جڏهن پارن کي پاڙهيندو هو، ان نينگر کي
ڪلاس روم ۾ بيهڻ جو اُمر نه هوندو هو. ڇوڪراٽ
ڪلاس روم جي بند دروازي جي ٻاهرين ڏاڪڻين تي
ويهندو هو، پر نينگر جو سمورو ڌيان-گيان اندر
هوندو هو.
پڙهائيءَ جي ڳچ حصي ۾ پوري ٿيڻ کان پوءِ،
افلاطون، پنهنجن شاگردن کي، علم جي اهميت تي،
پنهنجن خيالن پيش ڪرڻ جي نينڊ ڏني. اُن گڏجاڻيءَ
۾ اڄ جيان شهر جا مک ماڻهو ۽ ٻارن جا امير مٽ
مائٽ پڻ موجود هئا.
اميرن جي ٻالڪ، واري واري سان آيا ۽ ڏڪندڙ ٽنگن
۽ ڪنبندڙ آواز ۾ ٻه ٽي ٻول ٻولي ويندا رهيا.
پنهنجن شاگردن جي اها حالت ڏسي، افلاطون ششدر
ٿيو ۽ کيس وهم وڪوڙي ويا ته شايد علم ۽ ڏاهپ ۾
ڪا کوٽ آهي.
اڪيڊميءَ ۾ ڪم ڪندڙ ٻالڪُ، افلاطون جي پريشانيءَ
تي پريشان ٿي ويو.
”سائين، جيڪڏهن موڪل ملي ته آءُ به ڳالهايان!“
افلاطون، نينگر ڏانهن اچرج ۽ ڪاوڙ ۾ ڏٺو:
”مون تو کي هڪ حرف به نه پڙهايو آهي، توکي
ڳالهائڻ جي ڪيئن ٿي موڪل ڏئي سگهجي؟“
”سائين، مون اوهان جا سمورا سبق ٻُڌا آهن. فرق
رڳو اهو آهي ته مون اوهان جون تقريرون ۽ درس،
دروازي جي ٻاهران ڏاڪڻين تي ٻُڌا آهن.“ ٻالڪ
وراڻيو.
افلاطون، جيڪو پنهنجن امير ساگردن جي علم جي
چاهه نه هئڻ ڪري، مايوس ٿي چڪو هو، سو چيائين:
”مان هن نينگر جي علم، ادارڪ ۽ تقرير جي فن جي
ڪنهن به ريت ساک نه ٿو ڏيئي سگهان، پر جيئن هن
چيو آهي ته هن منهنجون سموريون تقريرون، سبق ۽
درس ٻُڌا آهن، ۽ شايد هن کي پڪ به آهي، ان ڪري
مان هن نينگر کي، اوهان آڏو مقرر ڪيل اسم تي
ڳالهائڻ جي موڪل ڏيان ٿو“.
نينگر ادب ۽ اعتماد سان اُٿيو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
علم جي فضيلت تي، پختگيءَ ۽ دانائيءَ سان
ڳالهائيندو رهيو. هن جي لهجي ۾ افلاطون جو رنگ
جهلڪي رهيو هو.
ٻالڪ، افلاطون سميت، سڀني کي موهي ڇڏيو. بعد ۾
افلاطون ويٺل ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو:
”…منهنجي پڙهائڻ جي ڍنگ ۽ منهنجي ڄاڻ ۾ ڪائي
گهٽتائي ناهي، ڏوهه شاگردن جو آهي، جن منهنجي
درس کي نه سمجهيو، نه پروڙيو؛ پر هن ٻالڪ جي
گفتگو انهن گهڻن کي ظاهر ڪري ٿي، جن سان هن اهو
ڪجهه حاصل ڪري ورتو، جيڪو مون ٻين شاگردن کي ڏيڻ
ٿي چاهيو“.
گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي افلاطون نينگر کان پڇيو:
”ڇا، تون مون کان وڌيڪ پڙهڻ ٿو چاهين؟“
”سائين منهنجي خوش بختي ٿيندي…“ نينگر وراڻيو.
اهو ٻالڪ ارسطو هو.
اسان جي افلاطون اسان وٽ موجود آهي. يونان جي
افلاطون هڪ ارسطو پيدا ڪيو، پر اسان جو افلاطون
هڪ پيڙهي تيار ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل آهي. اهڙي
پيڙهي، جيڪا مظلوم، ڏتڙيل ۽ دکي انسانيت لاءِ
ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجي.
[سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ جي گڏجاڻيءَ، 31 ڊسمبر
1981ع تي پڙهيل]
ولي رام ولڀ
جويو- من موهيو!
(1)
پنهنجين يادگيرين کي ڏوڪڙن وانگر ڳڻ
مون ماهوار ’گل ڦل‘ (ڊسمبر 1979ع) ۾ سائين محمد
ابراهيم جويي صاحب جو لکيل خاڪو
’سائين ٽيڪن مل‘
پڙهيو. هوُ جويي صاحب جو پهريون اُستاد هو. سندس
زندگيءَ ۾ جن شخصيتن جو ساڻس واسطو پيو ۽ مٿن
اثر انداز ٿيون، ۽ ڪنهن طرح انهن جي بيان مان
پڙهندڙن لاءِ اُن وقت جو وايومنڊل چٽو ٿي بيهي
ٿو، انهن مان جويي صاحب جو لکيل اُهو خاڪو پڻ هڪ
آهي. هيءُ خاڪو جويي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي
يادگيرين جي آڌار تي لکيو آهي ته اڄ جي دور جي
هلندڙ منظر جو فلئش بئڪ آهي، جنهن جو تعلق
ماضيءَ ۽ حال سان جُڙيل آهي.
جويو صاحب پنهنجيءَ ڄمار جي لحاظ کان مُني صديءَ
جي لڳ ڀڳ هوندو. سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ۽
تجربا بي مثال آهن. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند قوميت
جي رجحانن ۽ ادبي لاڙن ۾ ترقي پسنديءَ جي ڇاپ
سندس مؤثر محنت جو نتيجو آهي. هيل تائين پاڻ
جيڪا هڙان وڙان سنڌي ادب جي آبياري ڪئي اٿن،
انهيءَ جي پسمنظر کي جانچڻ لاءِ سندس اهي ۽ اهڙي
ٻيا آتم. ڪٿائي مضمون ۽ خاڪا نهايت ڪارائتا ٿي
سگهن ٿا.
سنڌي ادب جي حوالي سان انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو وهم ۽
گمان به ناهي ته جويو صاحب هڪ دؤر يا عهد جو
نالو آهي. پاڻ جن اڻانگن رستن تان هلي، جنهن هنڌ
تي اڄ بيٺو آهي، اهو سمورو سفر هڪ تاريخ آهي،
سنڌ جي تاريخ آهي، سنڌي ادب جي تاريخ آهي .سنڌي
جي مظلوم ۽ مظلوميت مان اُسري اُڀرندڙ طبقي جي
تاريخ آهي. جنهن جي تصوير سندس خاڪن مان جهلڪي
ٿي، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ وڏو سرمايو آهي.
’ريڊرس ڊائجسٽ‘ ۾، ڪارل سينڊ برگ جو قول پڙهيو
هئم،
“Count reminiscences like money”
(پنهنجين يادگيرين کي ڏوڪڙن وانگر ڳڻ‘). انهيءَ
قول موجب، جويي صاحب پنهنجين قيمتي ۽ مٺين
يادگيرين کي قلمبند ڪري نه رڳو پاڻ انهيءَ زماني
کي پنهنجي اکين آڏو وري محسوس ڪري آنند ماڻيو
هوندو، پر پڙهندڙن کي پڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ليئو
پائڻ جو موقعو ڏنو اٿس. هن خاڪي ۾ هڪ شخصيت جي
حوال سان اُن دؤر جي تصويرڪشي ڪئي وئي آهي، جنهن
جي پسمنظر ۾ اسان کي جويي صاحب جو ڳوٺ ’آباد‘
پسڻ ۾ اچي ٿو. ’آباد‘ جيڪو اڄ شايد آباد ناهي،
اکين آڏو ناهي، پر ائين ٿو لڳي، ڄڻ اها سنڌ جي
ڪنهن به ڳوٺ جي وارتا هجي. اُن وقت ڳوٺاڻي
زندگي ڪيئن هئي، ڳوٺاڻو سماج ڪيئن روان دوان هو،
رشتا ڪيڏا گهرا هئا، چوڌاري ڦهليل مٽ مائٽ ۽
والدين ڪهڙي سماجي ۽ معاشي حالتن مان لنگهي رهيا
هئا، سندن سادگي ۽ خلوص، پنهنجي اولاد جي پالنا
۽ اڻ وقت جي اسڪولي ويومنڊل ۾ ٻارج جي سکيا لاءِ
اُستاد جي سلوڪ ۽ ڪردار جو ڪهڙو اثر ٿئي ٿو- اُن
جو احوال نهايت وڻندڙ ۽ دلچسپ پيرائي ۾ ڪيو ويو
آهي. جويي صاحب، جنهن داخليت ۽ خارجيت جي گاڏڙ
ڪيفيت ۾ اهو خاڪو لکيو آهي، اهو سندس اسٽائيل جو
عمدو مثال آهي. ڳوٺاڻو زرعي سماج ننڍپڻ ۾ ذهني
اوسر تي ڪهڙيءَ ريت اثرانداز ٿئي ٿو، اسڪول ۾
استاد جو عملي ڪردار ڪهڙي ريت ڀؤ نفسياتي نُڪتن
جي اُپٽار هن خاڪي ۾ ملي ٿي.
سندس انهيءَ خاڪي ۾ ڏکڻ هندستان جي وڏي ناول
نگار آر. ڪي نارائڻ جي ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ گهر تائين
پکڙيل زندگيءَ بابت سندس لکيل آتم ڪٿا
‘Swami and friends’
جي جهلڪ ملي ٿي، جيڪو انگريزي مشنري اسڪول جي
مذهب ڪٽرپڻي ۽ سختيءَ جي پسمنظر ۾ ٻارن جي
ننڍڙين اڻپورين خواهشن جي باري ۾ لکيل آهي: جڏهن
ته هيءُ خاڪو محبت ۽ ڀائيچاري جو مثال پيش ڪري
ٿو، جيڪو اسان جي سنڌ جو خاصو آهي. ڪيڏو نه چڱو
ٿئي، جو جويي صاحب پنهنجي اتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ
قلم کڻي ۽ سنڌ جي سموري صورت اسان کي ڏسڻ لاءِ
ڏني.
[15 جنوري 1980-اڻ ڇپيل]
(2)
محمد ابراهيم جويو- هڪ اعليٰ آدرشي مترجم
هونئن ته پائلو فريري
(Paulo Freire)
جو نالو اسان وٽ سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ ايڏو
عام، ڄاتل سڃاتل ۽ هرواسي نه هو، پر آمريڪي کنڊ
۾ جڏهن سندس فڪري ۽ نظرين کي اهيمت ملڻ لڳي ۽
قومي ترقيءَ جي مجموعي جدوجهد لاءِ سندس پيغام
جو پڙاڏو ڏورانهن ملڪن تائين پهتو، تڏهن جس هجي
اسان جي عالم، دانشور ۽ علم تدريس سان زندگيءَ
ڀر جو ساٿ نڀائيندڙ، محمد ابراهيم جويي صاحب کي،
جنهن وقت جي ضرورت کي پروڙيندي، پنهنجي علمي
حاصلات کي ’ايملي‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘،
’ٻارن جو مسيح‘ ، ’وحشي جيوت جا نشان‘ ۽ ٻين
ڪتابن ۽ مضمونن جا ترجما ڪرڻ سان گڏ، ’پائلو
فريري‘ جي اسپيني زبان ۾ لکيل سندس مشهور تصنيف
‘Pedagogy of Oppressed’
جو سنڌي ۾ ترجمو ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ عنوان
سان، 1984 ۾ شايع ڪرائي، نه رڳو انهيءَ موضوع جي
مواد ۾ واڌارو ڪيو، پر سنڌي سماج جي سوچ کي نئون
سج پڻ ڏيکاريو.
’علم تدريس مظلومن لاءِ‘
عنوان مان چٽو آهي ته اهو ڪتاب سماجي طور تي
ڏُتڙيل، پوئتي پيل ۽ ڏاڍ ڏمر جو نشان بڻيل ماڻهن
کي پڙهائڻ جي علم بابت آهي؛ تنهن ڪري پرماريت جي
هٿ ٺوڪين هٿين جي شناخت ڪري، اُهي اُپاءُ ۽ عمل
ڏسيا اٿس، جيڪي کين غربت ۽ مظلوميت جي ’موجود
سدا موجود‘
(Status- quo)
جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍي، شعور جي روشن فضا جو
گروپ روپ پسائيندا.
منهنجي خيال ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اهم ڪتاب، عام
پڙهندڙ جي نظر کان گُسي پڙهڻ کان رهجي ويندا
آهن. منهنجي بدقسمتي آهي، جو ’پائلو فريري‘
جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ’علم تدريس، مظلومن
لاءِ‘ مون کان ڪنهن طرح پڙهڻ کان رهجي ويو هو،
پر هاڻي جڏهن سندس آتم ڪٿائي ڪتاب پڙهيم ۽ مٿس
تبصرو لکڻو پيو ته 1984 جو ڇپيل اهو ڪتاب هٿ ڪري
پڙهيم ته دنگ رهجي ويس ۽ محمد ابراهيم جويي صاحب
جي سنڌي سماج تي انهيءَ ترجمي جي احسان لاءِ
سندس وڏائيءَ جو قدرڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس.
(3)
جويو-من موهيو!
سائين محمد ابراهيم جويي جو نالو سنڌي ٻولي، ادب
۽ سماج لاءِ هڪ سُکاڻيءَ مثل آهي، جنهن جي تدبر
۽ ڏاهپ ڀرئي اشاري کان سواءِ ٻيڙي صحيح رُخ ۾
کارو کيڙي نه سگهندي آهي. سندس نالو
‘Save Sindh, Save continent (1947)
لکڻ ۽ روسو جي ’ايميلي عرف تعليم‘ جي سنڌي
ترجمي (1949ع) جي صورت ۾ گذريل صديءَ جي چاليهن
واري ڏهاڪي جي پوئين حصي دوران سنڌ جي سياست،
تعليم ۽ ادب جي اُفق تي اُڀريو، جنهن ڪري سنڌ جي
پس منظر ۾ نون لاڙن جي پيڙهه پوڻ لاءِ ذهن هموار
ٿيا، ترقي پسند سوچ ۽ شعور کي سمجهڻ ۾ سولائي
ٿي؛ سنڌ هڪ
Entity
طور مٿي اُڀري آئي؛تضادن مان پيدا ٿيل گس ۽
سيمائون طئه ٿيون؛ ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽
قربانيون ڏيڻ جي جذبي کي جلا ملي. اهي سمورا
پهلو آهن ۽ اهي سموريون جويي صاحب جون سڃاڻپون
آهن، انهيءَ ڪري آءُ اهو چوندس ته جويو صاحب خود
۾ سنڌ آهي.
اڄ جڏهن جويي صاحب پنهنجي ڄمار جا ستاسي ورهيه
پورا ڪري اٺاسيءَ ۾ قدم ڌريو آهي ته اچو ته هيءَ
دعا ڪريون ته پاڻ گهٽ ۾ گهٽ صديءَ جا باقي سال
پورا ڪري ۽ ڪيترائي رهيل ڪم ۽ اڌورا ڪتاب مُڪمل
ڪري، اسان کي پنهنجو احسانمند ڪري. پاڻ پنهنجي
زندگيءَ ۾ ٽماهي مهراڻ (1955 کان وٺي) جا
ايڊيٽوريل ۽ شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لڳڻ کان
سواءِ ڪيترائي ترقي پسند فڪر ۽ انساني قدرن تي
ٻڌل ڪتاب ترجمو ڪري، علمي ۽ ادبي ڪارناما
سرانجام ڏنا اٿس. هُن سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري ۽ چيئرمئن جي حيثيت کان سواءِ ٻين
ڪيترن ئي ڇپائيءَ جي ادارن، تعليمي مرڪزن، سماجي
۽ سياسي تنظيمن جي فڪر ۽ شعور کي عام ڪرڻ لا ءِ
پاڻ پتوڙيو آهي، جن جو ورڻن ڪرڻ لاءِ وقت ۽ دفتر
درڪار ٿيندا. ڪاش، تاج جويي جهرو ڪو اورچ ۽ اڻٿڪ
جاکوڙي اديب کيس نصيب ٿئي، جو انهن سڀني ڪمن ۽
ڪارنامن
کي سهيڙي ۽ سيبتي انداز سان ڇپيل صورت ۾ عوام
آڏو پيش ڪري، ۽ ماڻهو بي اختيار چون ته ’اڃا ڪي
آهين، ڪلجُڳ ۾ ڪاپڙي‘!
ڪجهه ڏينهن اڳ، جويي صاحب مون کي پنهنجن ۽ هڪ
ٻئي اُستاد غلام علي چنا جي خطن جو مجموعو
”خط ٻن استادن جا“(2002) مهرباني ڪري سوکڙي
طور ڏنو. مون اهو ڪتاب هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو
ڪيو ۽ بروقت جيڪو تاثر ورتم، اُهو هيءُ هو ته
جويي صاحب جي پنهنجي دوست جي 86 خطن جي چنا جي
شخصيت ۽ سماجي پسمنظر جي ته خبر پوي ٿي، پر پاڻ
پنهنجي شخصيت سميت هزارين پردن پويان لڪل محسوس
ٿئي ٿو. هونئن به جويو صاحب ذاتي طور پنهنجو
شخصي انٽرويو ڏيڻ يا سوانحي خاڪي يا سوانح حيات
لکڻ جي فائدي ۾ نه رهيو آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي
معاملن ۾ اصل ڪم کي اهيمت ڏئي، پاڻ پوئتي رهڻ ۾
خوشي اطمينان محسوس ڪندو آهي. سندس ڪيترائي
مضمون ۽ ڪتاب پنهنجي نالي ڏين بدران ٻين جي، يا
فرضي نالن سان شايع ٿيل آهن. ان جو ڪارڻ شايد
اهو هجي ته ملڪ جي سياسي ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ هڪ
سرڪاري ملازم جي حيِثيت ۾، نالي جي قرباني ڏئي،
اصل ڪم کي اهميت ڏجي. نالي ۾ ڇا رکيو آهي! هتي
مون کي سائينءَ جي هڪ مڃيل مترجم جي حيثيت بابت
پڻ ٻڌائڻو آهي ته مترجم ڀلي خود ڪيڏي به مرتبي
جو هجي، هوُ همِيشه پسمنظر ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.
پاڻ مارڻ، پاڻ کي فنان ڪرڻ يا پنهنجي نفي ڪرڻ جو
فلسفو انهيءَ ڳالهه مان سمجهي سگهجي ٿو.
گهٽ ۾ گهٽ هڪ عام مترجم جي حيثيت سان آءُ ائين
سمجهان ٿو.
ٿورا ڏينهن ٿيا ته جويي صاحب، سوڀي
گيانچنداڻيءَ جي مان ۾ ڪوٺايل هڪ ميڙاڪي م
چيو هو ته پاڻ زندگيءَ کي ڪنهن مقرر ٽائيم ٽيبل
مطابق گذارڻ، نيم ۽ عادتن جا نڪي عادي ۽ نه ئي
قائل آهن. اها ڳالهه هن الائي ڪهڙي
context
(مفهوم) ۾ چئي هئي، پر آءُ ته اهو چوندس ته سندس
زندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل، ڪم ۽ رڳو ڪم جي فريم
کان ٻاهر آهي ئي ڪونه. اهو ڪم، چاهي ادب جي
آبياريءَ جو هجي، تعليمي ڏس ۾ سُڌاري جو هجي،
سماجي سُڌار ۽ سنوار جو هجي، يا وري سياسي منظر
کي سُڌاري بيهارڻ جو هجي- اُهي ۽ انهن سان
لاڳاپيل ٻيا سمورا ڪم، سندس روزمرهه جي زندگيءَ
جي ايجنڊا طور رٿيل هوندا آهن.
سنڌ جي سينڌ، سنوار سندس زندگيءَ جو مشن آهي.
کيس اڳو انهيءَ فريم ورڪ ۾ پسي سگهجي ٿو. اُڻ
کان ٻاهر يعني ’آئوٽ آف فوڪس‘، سندس شخصيت جو
تصور ڪري ئي نٿو سگهجي. جيئن هو ٻوليءَ جي گرامر
۽ بيهڪ جي نشانيءَ کان سواءِ هجڻ کي، ٻوليءَ جي
بگاڙ سان جوڙي ٿو، تيئن هوُ پنهنجيءَ شخصي
زندگيءَ کي پڻ هڪ آهنگ ۽ ردم تي هلائڻ جو عادي
آهي. ستاسي ورهين جو هيءُ سنت، طبيعت جو مالڪ،
اڄ به هميشه وانگر ڪلين شيو ۽ اڇا ۽ استري ٿيل
ڪپڙا پائڻ ۾ فرحت محسوس ڪري ٿو. سندس ڪنن کان خط
ورتل وار، ايڏا ته سمٽريڪل ڪٽيل هوندا آهن، جو
جيڪر ائين چئجي ته هو پنهنجو پاڻ کي ائين ئي
پڌرو ڪرڻ گُهري ٿو، جيئن شروع کان ڪندو ٿو اچي.
ايڏي مستقل مزاجي، هڪ عرصي کان ساڳي هلندي اچي،
ان مان سندس زندگيءَ کي ڏسڻ جي
Vision
(نقطهء نظر) جو اندازو ٿئي ٿو. هوُ اڄ به پيرين
پيدل هلڻ پسند ڪري ٿو. هوُ چاهي سرڪاري منصت تي
هجي يا پنهنجي ڪم ڪار ۽ سماجي اُٿ ويهه ۾ هجي،
سندس رويو ڪنهن گهر جي وڏڙي وانگر ڏاهپ ڀريو ۽
نصيحت آميز رهيو آهي. عام زندگيءَ ۾ سادگي پسند
هئڻ سان گڏ، هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشيءَ ڀريل
تسڪين واري احساس سان هيءُ شخص، کاڌي پيتي ۾
هلڪو کاڌو، خصوصي طور تي ڀاڄيون کائڻ کي ترجيع
ڏئي ٿو. مون کي ياد آهي ته ڏهه ٻارهن ورهيه اڳ،
جڏهن آءُ ’شمس چئمبرس‘ جي فلئٽ ۾ رهندو هوس ته
هڪ ڀيري سائين منهنجي گهر آيو. منجهند جو وقت
هو، ماني کائڻ جو چيم ته انڪار ڪيائين. ائين کيس
بنا کائڻ پيئڻ جي ڇڏڻ مون کي نه آئڙيو، سو گهر
۾ پيل موسميون/مالٽا کائڻ لاءِ پيش ڪيم. پاڻ
چاقو کڻي، موسمين جي ٻاهرين کل اهڙي ته نفاست ۽
هنرمنديءَ سان ڪپيائين، جو آءُ سمجهان ٿو ته
اُها هر ڪنهن جي وس ۽ ذوق جي ڳالهه ناهي.
آءُ اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڪجهه ڏينهن ٿيا ته
هڪ ڏينهن صبح جو آءُ ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر
ويس. وٽس ڪجهه مهمان ويٺل هئا. انهن کان
موڪلائيندي، مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي اچي ويهڻ
جو چيائين. سندس ڪُرسيءَ جي اڳيان پيل ٽيبل تي
ڊبل روٽيءَ جا به سلائيس ۽ چانهه جو ڪوپ رکيو
هو، جيڪي شايد موڪلائي ويل مهمانن جي اچڻ وقت
سندس نوڪر نيرن ڪرڻ لاءِ رکي ويو هو ۽ منهنجي
اچڻ تائين ٿڌا ٿي ويا هئا. پاڻ ئي چيائين ته
مهمان ڪنهن ذاتي ڪم سان آيا هئا. مون کيس پهرين
نيرن کائڻ لاءِ چيو، پر پاڻ چيائين ته ٿڌا ٿي
ويا آهن، پوءِ گهرائي کائيندس. مون سوچيو ته هو
ڪيتري قدر نه پنهنجن ملڻ وارن کي اهميت ڏئي ملي
ٿو، جو نيرن ڪرڻ جو به نٿو سوچي. هاڻي ته سائين
منهنجي وڃڻ کان پوءِ ئي نيرن ڪندو. آءُ سندس
آخلاق، نهٺائي ۽ حجاب جو هيءُ عالم ڏسي، پاڻ کي
ڪُمهلو آيل ڄاڻي، من ئي من ۾ پشيمان ٿيڻ لڳس. پر
مون کي پورو وقت ڏنائين، ڪچهري ڪيائين ۽ لحظي
لاءِ اهو تاثر به نه ڏنائين ته مون سچ پچ صبح جو
سوير وٽس اچي، سندس ٽائيم ٽيبل ڪو ڊسٽرب ڪيو هو.
سندس ڪمرو، جيڪو هڪ ئي وقت لونگ روم، اسٽڊي روم
۽ بيڊ روم آهي، منجهس هر طرف، هر هنڌ ۽ هر ڪنڊ ۾
ڪتاب پکڙيل پيا آهن. ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتاب توڙي جو
ترتيب ۾ رکيل آهن، پر هاڻي عرصي کان ٻيهر سنواري
۽ ڇنڊي رکيل نه هئڻ ڪري ڦاٽل ۽ پُراڻا هجن جي
چُغلي هڻن ٿا. ڪُرسيون، صوفا ۽ ٽيبل، ايتري قدر
جو فرش به ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيو پيو آهي، ۽
سندس سگنل بيڊ جو اڌ کان وڌيڪ حصو به ڪتابن،
رسالن ۽ اخبارن سان والاريو پيو آهي.ڪاش، سندس
ڪتاب ۽ ٻيو سامان سنواري سجائي رکڻ سان گڏ، سندس
هر دم خيال رکڻ وارو ڪو هجي ته جيئن هو ٻئي هر
مسئلي کان آجو ٿي ، رڳو پنهنجي لکڻ جو ڪم ڪري
سگهي.
هونئن ته سندس ڪمري جو اهو منظر هڪ عرصي کان هڪ
هنڌ بيٺو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سائين پنهنجي پاڻ
کي انهيءَ ماحول ۾ ڪمفرٽيبل محسوس ڪندو هجي. مون
کي لڳي ٿو ته پاڻ ڪتابن جي سنگت جو عادي ٿي ويو
آهي، جو ڪتاب سان گڏ گهاري، پاڻ به هڪ اهڙو ڪتاب
ٿي ويو آهي، جنهن کي جڏهن به ۽ جتي به کولبو ته
علم، دانش ۽ ڏاهپ جا نُڪتا هٿ ايندا، بشرطيڪ کيس
کولجي. سندس فيض ۽ سخا هر ڪنهن لاءِ، هر هنڌ ۽
هر وقت، هيڪاندا ۽ هڪيا آهن.
منهنجي دعا آهي ته سائينءَ جو ساٿ اسان سڀني سان
سدا سلامت رهي، جو گهٽ ۾ گهٽ اسين اهو اهو چئي
سگهون ته اسان جويي صاحب جي دور ۾ جيئرا هئاسين
۽ ساڻس ٻه چار گهڙيون گهاري سُڪارتيون ڪيون هيون
سين.
آخر ۾ موقعي جي مناسبت ۽ حسب حال پنهنجو هيءُ
نظم، ’ڪتاب‘ سندس نذر ڪريان ٿو:
ڪتاب