سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :31

اهڙيءَ طرح جويي صاحب هڪ طرف غزل واري ايراني ماحول تي نه رڳو تنقيد ڪئي، پر اُن سان گڏ هن سنڌي شاعرن کي هڪ نئون رستو به ڏسيو؛ ته ٻئي طرف نج مقامي ”ڪافي“ ۾ آيل تصوراتي ۽ غير حقيقي لاڙي تي به اصلاحي تنقيد ڪندي، نيئن راهن جو ڏس ڏنو:

”سنڌي جي شعري ادب ۽ ”ڪافيءَ“ جو هڪٻئي سان جسم ۽ جان جو ڳانڍاپو آهي. اڄڪلهه ته خود شهري اديبن ۽ شهري پڙهندڙن وٽ به ڪافيءَ جي مقبوليت عام ٿيندي پئي وڃي. ڪافيءَ ۾اها عام دلچسپي اسان جي ادب لاءِ نيڪ فال ثابت ٿي سگهي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ هڪ نئين سجاڳي ۽ نئون تحرڪ پيدا ٿيو آهي ته ان جي شروعات هميشہ سندس اصل کي اجاگر ڪرڻ سان ٿي آهي. ڪافي انساني عشق ۽ محبت جي امنگن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي… پر اسان جي ڪافي اڃا تائين انهيءَ ئي پراڻي ڍنگ ۾ ”مجازي“ ۽”حقيقي“ عشق جي تمثيل ۾ گم آهي- ساڳيا خيال، ساڳيا

لفظ ڦريو گهريو پيا سامهو اچن، وقت جي تقاضا اها آهي ته اسان جا ڪافي گو شاعر به پراڻن پيچرن کي ڇڏي، نيون راهون سُوجهين، پراڻن موضوعن سان گڏوگڏ نوان موضوع به قبول ڪري سگهن ٿا، ڪافيءَ لاءِ

نئين شاعراڻي ماحو تجويز ڪرڻ سان اسان جا ڪافي گو شاعر سنڌي زبان جي ادب تي هڪ عظيم احسان ڪري سگهن ٿا.“

           ان دور ۾ مخدوم طالب الموليٰ ڪافيءَ جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ محفلون ۽ مشاعرا ڪري رهيو هو، جنهن ڪري ڪافيءَ جي صنف ۾ شاعرن جي دلچسپي وڌي رهي هئي. جنهن کي نظر ۾ رکندي، جويي صاحب خوشيءَ اظهار سان، ڪافيءَ جي نفس مضمون ۽ فڪر ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪئي.

جويي صاحب جي  ان عملي ۽ فڪري بحث ۽ محنت جو نتيجو اهو نڪتو ته جديد سنڌي شاعرن غزل کي مقامي رنگ ۽ نئين فڪر ۽ انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو ته ٻئي طرف نج سنڌي شعري صنفن-بيت، وائي، ڪافيءَ کي به وڏي هٿي ملي. شيخ اياز، نارائڻ شيام، نياز همايوني، طالب الموليٰ، بردي سنڌي، شمشير الحيدري، تنوير عباسيءَ ۽استاد بخاريءَ کان وٺي نئين دور جي نون شاعرن تائين اهو سلسلو جاري آهي ۽ سنڌي شاعري نئين رنگ ۽ آهنگ سان سگهاري روپ ۾ موجود آهي.

ٻين کان ڪم وٺڻ جي صلاحيت:

محمد ابراهيم جويي جي اها هڪ وڏي خاصيت رهي ته هو نه رڳو  نون ليکڪن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي دلچسپي پيدا ڪندو هو ، پر همعصر ۽ سينيئر ليکڪن کان به مهراڻ لاءِ مواد لکائڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. مهراڻ 1956ع جي پرچن ۾ جمال ابڙي ۽ ٻين جا خط ان ڳالهه جا شاهد آهن، سياست ۽ ادب جي شهسوار سائين جي. ايم. سيد پنهنجي هڪ مضمون ”بديخاني جا ڏينهن“ ۾ ان جو اعتراف هن ريت ڪيو آهي:

”محبي محمد ابراهيم ترغيب ڏياري ته ’مهراڻ‘ ۾ ڪو مضمون لکان، جنهن ۾ تُرنگ (جيل) جا تازا تجربا بيان ڪيل هجن. مراڻ ادبي رسالو، ادبي بورڊ نيم سرڪاري جماعت، مضمون گهرندڙ خود سرڪاري سروس جو ماڻهو! لازمي طرح ان سندس اِن گُهر جو اهو مطلب نه هو ته مضمون ۾ ڪا سياسي جهلڪ هجي. ٻئي طرف جي. ايم. سيد جي ساري زندگي، سياست جي جهولن کان جُهريل، ادب ۽ غلم جهڙين نعمتن کان دور-خود سندس جيل ۾ وڃڻ به سياست جي ڪري ٿيو-اهڙي حالت ۾ مون کان اهڙي طلب ڪرڻ ائين هو، جيئن شاهه صاحب فرماي ٿو:

مون کي موُن پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.

نيٺ دل جهلي، بي ادبيءَ جي دنيا کان ادب جي ميدان ۾ پير پاتو اٿم.“

صحتمند ادبي تنقيد جا بنياد:

جويي صاحب ’مهراڻ‘ رستي اها به ڪوشش ڪئي ته ’تنقيد‘ جا ڪي صحتمند بنياد پئجي سگهن، ڇو ته جويي صاحب جي راءِ ۾؛ ”ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب ۽ علمي سرمايو تيسين مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي، جيسين ان ۾ تنقيد جي موضوع تي ڪارآمد مواد موجود نه هوندو آهي… نهايت افوس جو مقام آهي، جو اسان وٽ  جيڪي تحقيقي مضمون پيش ٿين ٿا، انهن ۾ به تنقيد جو پهلو بنهه غائب ٿو رهي… ’تنقيد‘ جا به ڪي مقرر اصول آهن، قط ڪنهن چيز کي ساراهڻ يا نندڻ کي تنقيد نه سڏبو آهي. ڪنهن به ادب پاري کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي آزمائڻ وقت، ذاتيات کي اڳ رکي، اُن جي فني خوبين ۽ خامين جي اجاگر ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو. هر ادبي چيز جي پسمنظر ۾ ڪي ذهني ۽ نظرياتي، سماجي ۽ معاشرتي، نفسياتي ۽ خارجي محرڪات هوندا آهن: جيسين انهن محرڪات تي روشني نه پوندي، تيسين ان کي تنقيد نه چئي سگهبو. تنقيد هڪ پاڪيزه موضوع آهي، جنهن لاءِ محنت، علمي ديانتداري ۽ اصولن جي پابندي اهم چيزون آهن.“

هو تنقيد جي ضرورت جي پيش نظر لکندڙن کي گذارش ڪري ٿو ته: ”اڄ جڏهن سنڌي قوم پنهنجي علمي ۽ ادبي سرمائي کي سهيڙڻ ۽ سينگارڻ لاءِ قدم کنيو آهي، تڏهن اسان جي اديبن ۽ محققن کي گذارش آهي ته هو ادب جي هن ضروري حصي کي هٿ ۾ کڻن- ۽ تنقيدي مضون لکي سنڌي ادب جي هن خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن.“

’مهراڻ‘ رسالي جو معيار:

مهراڻ  رسالي جي مواد ۽گيٽ اپ جي حوالي سان جويي صاحب جي هميشہ اها ڪوشش رهي ته سنڌيءَ جي هن رسالي کي عالمي معيار جي رسالن جي برابر آندو وڃي: ۽ هُو ان معيار برقرار رکڻ ۾ ڪيامياب پڻ ويو. هتي آءُ هند جي ٻن مقتدار اديبن جا ان ڏس ۾ خيال پيش ڪرڻ ضرور ٿو سمجهان، جن ’مهراڻ‘ ۾ خط لکي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو:

•”اوهان صاحبن کي لک لک مبارڪون هجن، جو اوهان ’مهراڻ‘ جو معيار ايڏو بلند رکيو آهي. اڳ آءُ اردو رسالن جي تي ريسون ڪندو هوس، ۽ اُن تي به رشڪ ايندو هو ته ڪڏهن اسان جي سنڌڙيءَ ۾ ڪو شاندار رسالو نڪرندو! اڄ مهراڻ کي ڏسي ڦوليو نه ٿو سمايان! سنڌي ته ڇا، اردو رسالن کان به مهراڻ جو ڳاٽ اوچو آهي.“

        •”مهراڻ مخزن جي ڇپائي، سٺائي، بيهڪ ۽ نمونو، اعليٰ مضمونن جي چونڊ، صورتخطيءَ جي باريڪ جاچ وغيره ظاهر ڪن ٿا  ته ’مهراڻ‘ جا بانيڪار نهايت گهڻيءَ محنت ۽ سخت جفاڪشيءَ کان ڪم وٺن  ٿا.“

ورهاڱي بعد جويي صاحب (قابل ماڻهن جي کيپ سرحد پار هلي وڃڻ واري صورتحال ۾) ’مهراڻ‘ رسالي کي نئين رنگ ڍنگ سان آڻڻ لاءِ نه رڳو پاڻ محنت ڪئي، پر پڙهندڙ توڙي لکندڙ جي ڪوماڻل جذبن ۾ نئون روح ڦوڪڻ وارا پُرمقصد اداريا لکي، مايوسيءَ واري ماحول کي اميد ڀرئي آواز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي. هن نه رڳو مايوسي دور ڪندڙ ۽ نت نئون جذبو پيدا ڪندڙ ادريا لکيا، پر اها به ڪوشش ڪئي ته نئون پيش ٿيندڙ ادب رڳو تفريحي نه پر تعميري ۽ بامقصد به هجي، ته جيئن قومي تعمير وارو دڳ وٺي روشن مستقبل جي جدوجهد ۽ جاکوڙ وارو سفر شروع ڪري سگهجي. پاڻ لکن ٿا:

”ادب واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽ پيسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آهي، پر اُن جو اصلي ثمر ان ڪنهن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ مخصوص آهي. ادب ذريعي انسانن جي ذهنن کي اڇو اجرو ۽ صاف ڪري سگهجي ٿو؛ کين صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ڪري سگهجي ٿو؛ سندن دلين ۾ هن عيبدار دنيا کي بدلائي، نئين سر ٺاهڻ جا جذبا ۽ امنگ، همتون ۽ ارادا پيدا ڪري سگهجن ٿا، منجهن علم جو احترام، سچ لاءِ محبت ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙڻ لاءِ گهربل جمالياتي حسن، ۽ انسان ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽ احساس پيدا ڪري سگهجن ٿا.“ ان ريت هند ۽سنڌ جي اديبن جي دلين ۾ علم و ادب جي اوسر لاءِ نت نئين حرارت ۽ جذبو پيدا ٿيو، جنهن جو انداز

هيٺين راين مان لڳائي سگهجي ٿو:

      •’مهراڻ‘ جون جيڪي اشاعتون عوام جي اڳيان اچي چڪيون آهن، تن جي مطالعي بعد سنڌي ادب جي هر چاهيندڙ پنهنجي دل ۾ هڪ نئين حرارت ۽ نئون ولولو محسوس ڪيو آهي… سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ’مهراڻ‘ جنهن نئين ۽ ٻهڪندڙ دور جو آغاز ڪيو آهي، سو اڳتي هلي يقيناً اسان جي ادبي ورثي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو.“

 

        •” ’مهراڻ‘ سنڌي سماج لاءِ ڇا آهي- اهو ويچاريندي، مون کي ڏينهن گذري ويا آهن: آءُ پنهنجي دماغ ۾ اُسريل هر تشبيهه کي ريٽي، ڪنهن ٻيءَ سٺي تشبيهه جي تلاش ۾ مگن ٿي ويندو آهيان.

باک ڦٽيءَ ويل، ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي محيط عمارت پوئتان، اُسرندڙ سج جو پهريون ڪرڻو منهنجي دريءَ مان ليئو پائي، منهنجي ڪن ۾ هلڪي سرگوشي ڪندو آهي: ڄڻ چوندو آهي ”اُٿ گهڻو سُتين، صبح ٿيو ٿي، اُٿ!“ …دل چوي ٿي ’مهراڻ‘ کي  انهي پهريٺي تروري سان تشبيهه ڏيان، جيئن منهنجي مختصر ذاتي زندگيءَ ۾ سج جو اهو پهريون ترورو هزار معنائون ٿو رکي، تيئن ’مهراڻ‘ به سنڌي سماج زندگيءَ ۾ هزار معنائون رکندو هوندو.“

•”اوهين جنهن محنت ۽ اورچائيءَ سان ’مهراڻ‘ رسالو ڪڍو ٿا انهيءَ لاءِ اوهان کي کيرون هجن، ڇو ته ’مهراڻ‘ نه فقط اسان وڏن پَريَن کي پسند آهي، پر اسان جا ٻار به اها مخزن چکي، چاهه ۽ چوڄ مان پڙهڻ ٿا.“

        مهراڻ خلاف واويلا:

         جويي صاحب ’مهراڻ‘ رستي اها شعوري ڪوشش ڪئي ته ورهاڱي بعد پيدا ٿيل ذهني انتشار ۽ مايوسيءَ واري ماحول ۾ سنڌ ۾ نئين جنم وٺندڙ قومي هلچل جا بنياد پنهنجي ٻوليءَ، ڪلچر، مقامي مفادن، خاص نفسياتي ساخت ۽ سنڌ جي روح- صحتمند صوفياڻي فڪر تي رکيا وڃن. ان ڏس ۾ هن جتي جمال ابڙي، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽيءَ، ۽ اياز قادريءَ جهڙن روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪهاڻيڪارن کي اڳتي آندو، اتي شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، نارائڻ شيام، هري دلگير، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي ۽ ٻين ڪيترن جديد ۽ قومي سوچ رکندڙ شاعرن جي فڪر کي عوام تائين پهچايو. جويي صاحب جي اها حڪمت عملي ڪن محدود سوچ جي مالڪن کي پسند نه آئي ۽ انهن ٻڙڌول مچائي ڏنو. ان گروهه جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ ڪري رهيو هو، جنهن مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ترقي پسند سوچ خلاف لکڻ ۽ ان کي نام نهاد جمهوريت ۽ اسلامي روايتن تي حملو قرار ڏيڻ شروع ڪيو. مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد خلاف نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ’ادا‘ ۾، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي هڪ پرورده سرور علي ’سرور‘ حيدرآباديءَ، ”مهراڻ جو ترقي پسند ادب“ عنوان سان هڪ تنقيدي سلسلو شروع ڪيو. هن ’مهراڻ‘، بهار 1955ع  ۾ شيخ عبدالله قادر بخش جي هڪ طويل آزاد نظم“ –اوهان ڪڏهن خيال به ڪيو آهي!“ کي تنقيدي نشانو بنائيندي لکيو:

”(مذڪوره) آزاد نظم جي عنوان سان، غير اسلامي تهذيب سان تعلق رکندڙ ادب کي، نمايان حيثِيت ۾ شايع ڪيو ويو آهي حالانڪ آزاد نظم کي سنڌي ادب ۾ ڪا به حيثيت حاصل نه آهي. سنڌي ادبي تاريخ جي ورق گرداني ڪري وڃو، اوهان کي ڪٿي به آزاد نظم جهڙي جنس نظر نه ايندي…انهيءَ شيءَ کي بلئڪ مارڪيٽ مان، اردو تاجرن جي ذريعي خريد ڪري، سنڌ سڳوريءَ ۾ آندو ويو آهي!“ سرور علي ”سرور“

حيدرآباديءَ کي سنڌ جي بزرگ اديب مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ،  اُن زماني ۾ ڀرپور جواب ڏيندي لکيو: ”مهراڻ جي ترقي پسند ادب… رسالي مهراڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ ڪتابن… تي تنقيد بلڪل بيهودي ۽ حاسدانه نموني سان لکي وئي آهي.“ خود محمد ابراهيم جويي پڻ اونهاري 1955ع واري ’مهراڻ‘ جي ’گذارش‘ ۾ ان بابت لکيو آهي ته:

”اسان جي مهربان ۽ مشفق پڙهندڙن ۾ ڪي دوست اهڙا به آهن، جن کي اسان ۾ خامين، ڪوتاهين، اوڻاين ۽ عيبن کان سواءِ ٻيو ڪي به نظر ڪونه ٿو اچي. ايتريقدر جو هو اسان جي ناچيز خدمتن متعلق پنهنجي هڪ ظرفي راءِ ۽ فيصلي تي نه فقط نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، پر پنهنجي جذباتي ۽ انتهاپسندي اختلافن کي شايع ڪرڻ کان به نه گٿا… سنجيده طبقو ڪڏهن به هنن جي انهيءَ انتهاپسنديءَ کي سٺيءَ نظر سان نه ڏسندو.“

هڪ طرف ’مهراڻ‘ خلاف واويلا ڪئي پئي وئي ته ٻئي طرف ’مهراڻ‘ جا قدردان به موجود هئا، جن جويي صاحب جي هردم همت افزائي پئي ڪئي. ان ڏس ۾ حفيظ شيخ، جهامنداس ڀاٽيا، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين جا خط (’مهراڻ‘-سرءُ 1955ع ۾) پڙهي سگهجن ٿا. انهن همت افزائيءَ وارن خطن سان گڏ مخالف قوتن ’مهراڻ‘ جي مواد خلاف گندي زبان ۽ نازيبا لهجو اختيار ڪيو، جنهن موڙ تي جويي صاحب کي هيئن لکڻ تي مجبور ڪيو ته: ” ڪي اسان جا پڙهندڙ اهڙا پڻ آهن، جن کي اسان ۾ نه رڳو ڪابه چڱائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، پر محض عيب ۽ اُوڻايون ئي هوُ اسان ۾ لهن ٿا. سي اهڙيون ۽ ايتريون جو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي .مرم ۽ ماڻهپي واري ٻوليءَ ئي مرڳو هو ڀلجيو ٿا ويهن، ايتريقدر جو سندن اجوڳ ۽ اڻانگا لفظ پڙهي ڪري، دل ۾ اهو ئي ايندو آهي ته اتي جو اُتي سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڪو

ڳالهاءُ ڏئي وٺجين! پر فوراً من کي سرچائي وٺبو آهي ته جيڪڏهن ههڙي منورتيءَ وارا حضرات اسان ۾ ڪا ”چڱائي“ ڪانه ٿا ڏسن، ته اُن جي معنيٰ ته اها ٿي، ته سچ پچ اسان ڪي نهايت چڱيون چيزون پيش ڪري رهيا آهيون.“

’مهراڻ‘ جي مخالفت ۾ هڪ ئي قسم جو راڳ ڳاتو پئي ويو ته ’مهراڻ‘ هڪ ئي مڪتبئه فڪر وارن جو پرچو آهي: پر جويي صاحب جي ادارت ۾ نڪتل پرچن تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته ان ۾ جتي شيخ حفيظ، بشير موريائي، ع.ق. شيخ، اياز قادري، ابن حيات پنهور، رشيد آخوند، سراج، غلام رباني آگرو ۽ پير حسام الدين راشدي نظر اچن ٿا، ته اتي علامه آءِ آءَ قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عبدالڪريم سنديلو، عبدالحسين شاهه موسوي، ميران محمد شاهه جا نالا پڻ ملن ٿا. شاعريءَ ۾ جتي شيخ اياز، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي وغيره جا نالا ملن ٿا ته ساڳئي وقت شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کان پوءِ منٺار فقير، خوش خير محمد، طالب الموليٰ، عارف الموليٰ،  ڊاڪٽر محمد ابراهيم  خليل، عبدالحليم جوش، سليم ڳاڙهوي، محمد خان غني، حافظ احسن چنا، علي محمد مجروح، احمد خان آصف، حافظ شاهه حسيني ۽ خواجه غلام احمد بيدم به نظر اچن ٿا. شعر وادب جي هر صنف مهراڻ ۾ شايع ڪئي وئي. بيت، وائي، ڪافي، مداحون، قصيدا، صوفيانه ڪلام، عشقيه شاعري، لوڪ گيت وغيره شايع ڪيا ويا ته غزل، نظم، آزاد نظم به ڇپيا ويا. مختلف سماجي، تعليمي، نفسياتي مسئلن تي افسانا، ناٽڪ، تاريخ، سائنس، سوانح ۽ علم ادب جي موضوعن تي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا، مضمون، مطلب هر قسم جو مواد شايع ڪيو ويو. پوءِ به ان مواد واري ’مهراڻ‘ کي جويي صاحب جي لفظن ۾ ”هڪ ئي مڪتبه فڪر خيال جو ترجمان“ ۽ ”هڪ ئي وڙ جو دڪان“ سمجهندڙ، ”ممڪن آهي ته پاڻ جنهن وڙ“ جا وڻجارا هئا، تنهن جي خريد فروخت ’مهراڻ‘ ۾ ٿيندي نه ڏسي، ان خيال جا ٿيا هئا.“

جويي صاحب جي ڪارڪردگيءَ تي ڪجهه ماڻهو ڪاوڙيل اڳ ئي هئا، ويتر 19 اپريل 1956ع تي لاڙڪاڻي ۾ ’ڏهين ادبي ڪانفرنس‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ قدامت بابت پڙهيل صدارتي خطبي جي ’مهراڻ‘ ۾ اشاعت کان پوءِ هڪ نئين علمي بحث جي شروعات ٿي؛ جيڪا پڻ محمد ابراهيم جويي جي مخالفت لاءِ هڪ وڏو بنياد بنائي وئي. جويي صاحب جي مخالفت جا بنيادي نقطا هيٺيان قرار ڏنا ويا:

1. ملڪ جي مختلف شين سان ”ڌرتي ماتا“ واري تصور هيٺ عقيدت پيدا ڪرائي وڃي ٿي، جيڪا بت پرستيءَ برابر آهي.

2.’سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ‘ جي نالي ۾ اسلامي جمهوريت پاڪستان جي مخالفت ڪئ ٿي وڃي (ان لاءِ جواز جويي صاحب جي هن قسم جي جملن کي  بنيايو ويو ته: ”اسلامي جمهوريه پاڪستان جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾-يعني اُن جي آئين ۾-جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اُتي  اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، سج جي وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄائي ڪري سگهن ٿا. ’گذارش‘-مهراڻ-1-1952ع)

3. ڪافي نوازيءَ ۾ غزل جي مخالفت ڪئي ٿي وڃي.

4.  پراڻي ۽ نئين ادب جي نالي ۾ اختلاف پيدا ڪري ترقي پسنديءَ جي حمايت ڪئي ٿي وڃي.

         مهراڻ کان موڪلاڻي:

جويي صاحب پاران ’مهراڻ‘ رسالي ۾ آندل معياري نواڻ ۽ ان کي عالمي ادب جي مقابلي ۾ پيش ٿيندڙ ادب واري راويت، سنڌ جي هڪ ”حلقهء ادب“ کي پسند نه هئي ۽ اُهي اهڙي تبديليءَ جا مخالف ٿي بيٺا. خاص ڪري ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ ۽ حيثيت واري بحث دوران ’خواه مخواه مذهب ۽ پاڪستان کي وچ ۾ آڻي، جويي صاحب خلاف صف بندي ڪئي وئي.اهڙو مسئلو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارورباري ڪميٽِيءَ ۾ به ڪنهن ميمبر پاران آندو ويو،؛ پر اڪثريت جويي صاحب جي حق ۾ هئي: باوجود اُن جي جويي صاحب پاڻ رٿ ڏني ته جيڪڏهن سندس ڪري ’مهراڻ‘ تي ڪو اثر پوي ٿو ته هُو صرف بورڊ جو سيڪريٽري ئي ٿي ڪم ڪندو ۽ ’مهراڻ‘ جي ادارت ڀلي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪئي وڃي. اهڙِيءَ رٿ تي جويي صاحب کان ’مهراڻ‘ جي ادارت واپس ورتي وئي، ۽ ’مهراڻ‘ جي ادارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير حسام الدين راشديءَ قبول ڪئي. ان فيصلي کان پوءِ، جويي صاحب پنهنجي ادارت هيٺ نڪرندڙ ’مهراڻ‘ جي آخري پرچي جي گذارش ۾؛ ‎مهراڻ جا نوان ايڊيٽر‘ عنوان هيٺ لکيو:

”مهراڻ جي پڙهندڙن ۽ اديبن صاحبن کي اهو ٻڌي نهايت خوشي ٿيندي ته هن نئين سال کان محترم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ۽ محترم پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جن ’مهراڻ‘ جي ادارت جا فرض سنڀالڻ قبول ڪيا آهن، ’مهراڻ‘ جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوش بختي ٿيندي، جو کيس سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ سنڌ جي هنن ٻن مايه ناز اديبن ۽ عالمن پنهنجون گرانقدر خدمتون پيش ڪيون آهن. اسان کي پورو پورو يقين آهي ته بورڊ جو هيءُ علمي ۽ ادبي رسالو سنڌ جي ادبي ۽  علمي تقاضائن کي آئيندي پڻ بهتر کان بهتر نموني ۾ پورو ڪندو رهندو.“

اهڙيءَ ريت جويي صاحب ’مهراڻ‘ کي الوداع چئي، پاڻ کي رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ واري عهدي تائين محدود ڪري ڇڏيو.

پر، سندس ادارت ڇڏڻ سبب، جيڪو خال پيدا ٿيڻ جو خطرو هو، ان جي شدت محسوس ڪندي، مولانا غلام محمد گراميءَ (جيڪو ڪنهن وقت هڪ خاص عرصي لاءِ ’جويي‘ صاحب جي خيالن جو مخالف به رهيو هو). سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمئن سائين جي.ايم. سيد کي خط لکيو ته:

       ”جناب جويي صاحب جي ايڊيٽريءَ واري دور ۾ رسالي جو معيار ۽ فڪري قدر ٻيو هو… هن شخص جون علمي، فڪري ۽ ذهني صلاحيتون اهڙيون بالغ، ڪامل، صاف ۽ شسته آهن، جي هڪ جينيس ۽ عبقري شخصيت ۾ ٿين ٿيون. سندس مطالعو ۽ منطق ۽استدالي قوت قابل رشڪ آهي. اهڙي بيمثال اديب ۽ صاف فڪر شخص جي هٿان ’مهراڻ‘ جو کسجڻ هن دور جي ٽريجڊي آهي… مان بنا ڪنهن تذبذب ۽ رک رکاءَ جي عرض ٿو ڪريان ته جويي صاحب جهري فرد کي اسان نه سڃاتو آهي ۽ نه سندس قدر ڄاتو آهي. اها به اسان جي سنڌي ادب جي محرومي آهي. هن شخص جي بالغ النظريءَ لاءِ ’مهراڻ‘ يا ”بورڊ“ جو نظام شاهد آهي، مگر افسوس اهو آهي ته چند بدباطن ۽ حيثيت جي غوغا آرائي ۽ خبث باطنيءَ جو شڪار ٿي ويو ٿو ڏسجي. چند غير محتاط، جذباتي ۽ حاسد قسم جي ماڻهن وٺي مقالا لکيا ۽ اخبارن ۾ هنگامو مچايو. ان کان متاثر ٿي ڪري،’مهراڻ‘ جو نظام بدلائي، پنهنجي شڪست ۽ عدم استقامت جو ثبوت ڏنو ويو آهي. انهن ماڻهن تنقيدون ڪيون، جي نه ته اديب هئا ۽ نه مخلص هئا، اهي ماڻهو مون کي معلوم آهن. اهي ذاتي مخاصمت جي ڪري، جويي صاحب جي خلاف ٿيا. جويي صاحب جي تبديل ٿيڻ کان پوءِ چپ ٿي ويا. اگر انهن ۾ اصلاح جو مخلصانه جذبو هجي ها، ته اڄ تائين ’ادب‘ جي خدمت ڪندا اچن ها. هنن جو مطمع نظر فقط جويو صاحب هو. لهاذا ان جي هٽائڻ کان پوءِ خوش رهيا.“

جويي صاحب کان پوءِ ادارت جا فرض ڊاڪٽر دائود پُوٽِي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي رهيا. انهن تي بورڊ پاران اڳ ئي ٻيون ذميواريون مقرر ٿيل هيون، جن جي پورائي پڻ ضروري هئي. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي، گرامي صاحب، سيد صاحب کي وڌيڪ لکيو ته ”منهنجي ناچيز راءِ آهي ته ’مهراڻ‘ درباره جويي صاحب جي حوالي ڪيو وڃي. ان جي صحتمند ۽ زندگي بخش ترتيب ۽خدمات کان ادب کي استفاذي  جو ذريعو ڪري ڏجي ۽ ڊاڪٽر (دائودپوٽي) صاحب کي عرض ڪجي ته ’شاهه جو رسالو‘مرون… اهو ڪم پنهنجي جاءِ تي وڏو محنت طلب ۽ فني آهي. کين ’مهراڻ‘ جي جهنجهٽ مان ذرا پاسيرو ڪيو وڃي ته چڱو… باقي رسالو جويي صاحب کي ڏجي. سندس شهرت ۽عظمت تصنيفات ۾ آهي ۽ نه ادارت ۾، ادارت لاءِ جويي صاحب کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه مناسب ماڻهو نظر نه ٿو اچي، مان به في نفسہ ڪم ڪرڻ جهڙو نه آهيان، جيسين تائين جويي صاحب جهڙو تجربيڪار ۽ پخته ڪار اديب ايڊِيٽر نه هوندو. مان اُن جو البته معاون ٿي سگهان ٿو، جيئن اڳ سال کن هوس.“

جويو صاحب، مهراڻ جو ٻيهر ايڊيٽر ڪونه ٿيو، پر پنهنجي آخري ’گذارش‘ ۾ هن پڙهندڙن کي جيڪا اپيل ڪئي هئي ته  ’هميشه وانگر رسالي کي پنهنجو رسالو سمجهي، ان سان پنهنجو دلي تعاون ڪندا“- ان جي اثر سبب پڙهندڙن جي دلچسپي برقرار رهي، ٻئي طرف گرامي صاحب ٻيهر (’شاعر‘ رسالي جي ادارت ڇڏي) مهراڻ ۾ واپس اچي ذميواريون سنڀاليون ۽ جويي صاحب جو ساڻس مڪمل سهڪار رهيو.

ڪنهن به اداري کي بهتر رخ ۾ هلائڻ واري عمل ۾ اداري جي سيڪريٽريءَ جو بنيادي ڪردار رهي ٿو. اهڙيءَ طرح وقت تي معياري قسم جو رسالو ڪڍڻ پڻ جويي صاحب جي فرضن ۾ شامل هو، جڏهن ته ادارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير صاحب جي فرضن ۾ شامل هو ، جڏهن ته ادارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ پير صاحب جي حوالي هئي ، جيئن ته ڊاڪٽر صاحب ٻين جوابدارين ۾ مصروف هو ۽ پير حسام الدين راشديءَ جو جويي صاحب تي مڪمل ڀروسو هو، ان ڪري عملي طرح مهراڻ جي  مواد ڇنڊڇاڻ ۽ ترتيب ۽ تصحيح وارو ڪم وري به جويو صاحب ڪندو رهيو ۽ سمورو ڪم ڪري، ڊاڪٽر صاحب کي ڏيکاري ڇڏيندو هو. اهو سلسلو به صرف هڪ سال (1957ع) تائين هليو. ان دوران جويي صاحب، غلام محمد گرامي صاحب کي (جيڪو ٽريننگ ڪاليج جي ملازمت واري وقت جو سندس دوست ۽ هم خيال هو ، پر ڪجهه وقت لاءِ سندن خيالن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا هئا: پر پوءِ جويي صاحب جي پنهنجائپ واري رويي سبب هن وري مهراڻ ۾ واپس اچڻ قبولي ورتو) ’مهراڻ‘ جي ادارت لاءِ تيار ڪري ورتو، نتيجي طور 1957ع کان پوءِ ’مهراڻ‘ جي ادارت گرامي صاحب جي حوالي ٿي وئي ۽ ’مهراڻ‘ پنهنجو ساڳيو اعليٰ معيار ۽ مرتبو قائم رکيو ۽ جويي صاحب جو هر طرح ساڻس مڪمل سهڪار رهيو.

بهرحال رسالو ’مهراڻ‘ ۽ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جويي صاحب جي لازاول محنتن جو ثمر آهن، جن تي سنڌي قوم کي همشه فخر رهندو.

نصير مرزا

هو نقش پا-مان خاڪ پاڪ

آءُ ڀائنيان ته، محمد ابراهيم جويو صاحب، سنڌ جو هڪ رشي ۽ آدرشي انسان آهي.

۽ هيڏانهن آئون!؟

پنهنجيءَ ٺاهيل يُوٽوپيا ۾ رهندڙ، بي خيال ۽ بي ڌيان: ’شاعر‘ ۽ ’نثرنگار‘!

يعني هوُ مفڪر، آءُ بي فڪر، هُو منظم، آءُ ڇڙوڇڙ، هُو استاد، آءُ بي استاد. سوچ ۽ عمل ۾ هوُ بيباڪ، آءُ روماني ۽ غمناڪ، هوُ صاحب حال ۽ آءُ مُنڌل ۽ بيحال. هوُ قلم ڪار، غير معمولي، آءُ ليکڪ معمولي، هوُ عالم، آءُ بي علم: هوُ باخبر، آءُ بي خبر: هوُ نقشِ پا، آءُ خاڪِ پا!

اِجهو اهڙي ’مهان انسان‘ سان، منهنجي مُحبت به رهي آهي ۽ صحبت به‘!

ڪيترائي ادبي سفر به، مون هُن سان گڏجي ڪيا آهن، ۽ ڪيترين ئي ميِٽنگن ۾، مون کي هُن سان گڏ اُٿڻ ويهڻ جو موقعو به ميسر ٿيو آهي. ( ۽ اِهي منهنجا ڀاڳ.)

جويو صاحب ڏسڻ ۾ نفيس انسان ۽ سڀاو ۾ بظاهر نرم… گهٽ  ڳالهائڻ ۽گهڻو ٻُڌڻ وارو…پر ڪنهن اختلافي مسئلي تي ڳالهائڻ وقت خبر پوندي آهي، ته جنهن مامري بابت هوُ دل ۾ ’راءِ‘ قائم ڪري چُڪو آهي، ان بابت ساڻس اختلاف رکڻ، سولو ڪم ڪونهي.

ڪيترين ئي ميٽنگن ۾، چاهيندو به آهيان ته، ساڻس اختلاف ڪريان، پر همٿ ئي نه ڪري سگهندو آهيان. هُن جي دهشت مون تي ايتري ته آهي، جو هُن جي آڏو چَپَ، گهٽ ئي چوري سگهندو آهيان.

ڪڏهن همٿ ڪري ڳالهائيندو آهيان ته لڳندو اٿم: شايد غلط پيو ڳالهايان.

ننڍي وڏي کي، عاقل جاهل کي غور  سان ٻُڌڻ جويي صاحب جي ’عادت‘ آهي. هُن سان جيڪو به، ۽ جيترو به ڳالهائيندو آهي، اُن کي هوُ ڌيان سان ٻُڌندو رهندوآهي. وچ وچ ۾، گفتگوءَ جي دوران، ڪنهن ڪنهن وقت، مُرڪ سان موٽ ڀي پيو ڏيندو آهي.

ڊگهي گفتوءَ ڪرڻ دوران، هوُ جڏهن وچ وچ ۾ خاص ڪري منهنجي ڳالهه ٻولهه دوران مُرڪي موٽ ڏيندو اٿم، تڏهن لڳندو اٿم، هوُ منهنجي ’بي عقليءَ‘ تي پيو Smile ڏئي.

حاضر دور جي آءُ ڪيترن ئي هاڪارن ليکڪن ۽ دانشورن کي ذاتي طرح سان سڃاڻان. اسٽيج تي بيهي ڳالهائيندا آهن، ته لڳندو اٿم رڳو ڳالهائين پيا، سوچين ڪونه پيا. اُن جي اُبتڙ…باوجود ان جي، جو جويو صاحب اَسي cross ڪري چُڪو آهي، اسٽيج تي يا روبرو ڳالهه ڪرڻ وقت، هُن جو موقف واضح، لهجو چٽو ۽ مقصد to the point  هوندو آهي.

غالباً جويو صاحب اٺاسي ورهين جو ٿي چُڪو آهي، پر اٺاسي ورهيه ته، هُن جي جنم کي ٿيا آهن يا هن جي جسم تي ايترا سورج لٿا چڙهيا آهن. هُن جو روح، هُن جي همٿ، هن جا جذبا… اڄ به جوان آهن.

هنُ سان گڏ يا هُن جي آسپاس پيدا ٿيل وڻ، برابر ته، پوڙها ٿي، جُهڪي پورا ٿي چُڪا هوندا، پر جنهن ڌرتيءَ تي هُن جنم ورتو آهي، اُن جي cause (مقصد) ۽ خوشحاليءَ ڀريي خواب جي ساڀيا جي حاصلات تائين، هي شخص: محمد ابراهيم جويو، جنهن جو نالو آهي، ’نه جهُڪڻو آهي ۽ نه مرڻو!‘

    جنهن لاءِ هي ’سنڌ‘…سندس هي جنم ڀومي…’ڪاشي‘ به آهي، ته ’مٿرا‘ به…دين به، ڌرم به، عشق به، ته ايمان به…

اسان جو لطيف، جي سنڌ آهي ته شيخ اياز، وري اُن سنڌ جي ’جند‘ آهي، ۽ اِنهن ٻنهي سان محبت جو سبق، جويي صاحب ئي اسان کي ڏنو آهي.

ڪو مڃي يا نه…! اِهو هتي آءُ ٿو چوان… ته قليج جي ’نثر‘، اياز جي ’شعر‘ ۽ جويي صاحب جي ’فڪر‘ کي، چند گهڙين جي لاءِ سنڌي ادب کان ڌار ڪري ڏسو…

’چئو طرف رڳو ڪاريءَ وارا ڪک اڏامندي نظرايندا.‘

نٿو ڄاڻان…لطيف سرڪار ڪهڙيءَ عظيم شخصيت جي ’شبيهه مبارڪ‘ ڏسڻ وقت هيءَ امر سِٽ چپن ۾ چئي هوندي…آءُ ته بهرحال جويي صاحب لاءِ ئي هتي آُها لکندس:

’مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي!‘

ڊگهي عبادت ۽ سجده ريزيءَ جو نشان، عبادت گذار جي پيشانيءَ تي چٽو نظر ايندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي،ادب-نراڙ تي، روشن خياليءَ ۽ جويي صاحب جي فڪري رياضت جي ’ڇاپ‘ ڪنهن کي ڏسڻي هجي، ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان پوءِ لکجندڙ سنڌي ادب کي هوُ مُلاحظه ڪري سگهي ٿو.

سنڌي مرثيي جو محترم شاعر مير حسن علي خان فرمائيندو هو:

آءُ عبادت ڪندو آهيان: ڇهه وقت!

پنج وقت، ڌڻي تعاليٰ جي ۽ ڇهين وقت: ’اهل بيت اظهار جي‘.

’سنڌ دوست‘ محمد ابراهيم جويي صاحب جي عبادت جا ڇهه ئي وقت، ’سنڌ پرستيءَ‘ لاءِ وقف آهن. گويا، هن لاءِ

اِها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ،

چوي ڇابه ڪو شيخ يا برهمن.

 

انهيءَ لاءِ بنواسُ ڀوڳيون پيا،

اِنهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.

(اياز)

سنڌ کي ڪعبو ۽ ڪاشي ڄاڻندڙ جويو صاحب، هن ملڪ ۾ انقلابي سوچ رکندڙ کاٻي ڌر جو دانشور ليکبو آهي. ۽ ان حوالي سان،پنهنجي فڪري تحريرن ذريعي، هن سدائين لال گُلال شعلن تي ئي پئي پير رکيا آهن.

ايوب آمريت خلاف احتجاج، ون يونٽ مخالفت، ايم. آر. ڊي جي حمايت… ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ۽ اهڙن سڀني  زمانن ۾، جويي صاحب سدائين’اناالحق‘ جو نعرو پئي بلند ڪيو آهي ۽ سدائين شعلن ۾ ئي پئي هٿ وڌا آهن. موٽ ۾ هن جي فڪري۽نظرياتي مخالفن، سدائين هُن لاءَ آڙاهه به پئي تيار ڪرايا هوندا، پر جويي صاحب اهڙن آڙاهن مان سدائين گل و گلزار ٿي پئي لنگهي ويو هوندو. اِهو ٻيو ڪجهه هجي يا نه! حضرت ابراهيم جي نالي پويان، سندس نالي محمد ابراهيم هجڻ ۾ ضرور پوشيده آهي.

سوچيان ٿو ته، حيران ٿو ٿيان…1978ع ۾ اڃا ڪو مون کي سڃاڻندو به ڪونه هو ۽ آءُ هڪڙو نوجوان ڇوڪرو ۽ اُڀرندڙ شاعر هئس، ۽ ڪابه ذاتي واقفيت نه هجڻ جي باوجود، جويي صاحب مون تي وڏا وڙ ڪري ڇڏيا، ۽ اهڙا ٿورا ڪري ڇڏيا، جيڪي ڳائي سگهان ٿو، البت لاهي ڪڏهن نٿو سگهان.

-۽ اها ڳالهه جيڪا هتي ڪرڻ چاهيان ٿو، 1978ع جي آهي، جنهن وقت شيخ اياز صاحبُ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾’صحافت‘ جو شعبو نئون نئون کُليو هو. پنهنجي محترم سائينءَ نثار حسينيءَ جي صلاح سان، مون به اُن ۾ داخلا وٺڻ  ٿي چاهي، ۽ آءُ جيڪو سدا جو سُست، اڄ نه سڀاڻي جو مريض… جنهن ڏينهن، يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ اُتي پهتس، ته، خبر پئي، ايڊميشن فنشڊ، هاڻي ڇا ڪريان!؟

لامحاله شيخ اياز جي بهترين دوست،محمد ابراهيم جويي صاحب جو در وڃي کڙڪايم.

جويي صاحب، نه فقط S.E.II گڏجي مون سان هليو، پر بنا ليٽ فيءَ جي داخلا به وٺي ڏنائين، ۽ اڄ هي اِن ئي ايم، اي جو نتيجو آهي، جو مون کي ’صحافت‘ جي شعبي وارن، نه فقط فرسٽ پوزيشن ڏني، پر بعد ۾ اِن ئي ڊگريءَ آڌار، ريڊيو ۾ آءُ پروڊيوسر ٿيس ۽ هن وقت پروگرام مئنيجر بڻيو ويٺو آهيان.

محمد ابراهيم جويي صاحب، ۽ برٽيندرسل سان گڏ، اردو دنيا جو منفرد دانشور ڪرار حسين صاحب (جيڪو پنهنجيءَ ذات ۾ ڪنهن وقت خاڪسار، ڪنهن وقت ڪميونسٽ، ڪنهن وقت صوفي ۽ شيعو رهيو) منهنجا آئيڊيل پئي رهيا آهن، جويي صاحب جو آئيڊيل ايم. اين راءِ آهي. پروفيسر ڪرار صاحب چوندو هيو: ’هڪ انتها ڪميونسٽ آهي ۽ ٻي انتها صوفي، ۽ آءُ اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.‘

محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي مسلڪ ۾clear آهي، ۽ ڳالهه صاف آهي ته، هوُ صوفي منش دانشور ڪونهي. ها! سنڌ جي ڪنِ انقلابي صوفين لاءِ مون هُن جي دل ۽ تحريرن ۾، نرم گوشو البته ضرور ڏٺو آهي. جويو صاحب، سنڌ پرست، قوم پرست ۽ ادب ۾ روشن خيال فڪر جو علمبردار آهي، جنهن وٽ فڪر ۽قلم جي اهميت ’علم واري‘ آهي، جويو صاحب رڳو خواب ڏيکاريندو رهبر ڪونهي، آجپي ۽ خواب جي تعبير لاءِ جدوجهد، هن جو مسلڪ آهي.

نٿو ڀانئيان ته، هُن حڪمت عملي جوڙڻ بنا، ڪڏهن ڪو ڪم ڪيو هوندو.ادبي بورڊ… سائين جي ايم سيد جو خواب هو ۽ وقت گواهه آهي ته، ان خواب کي ساڀيا ڏيندڙ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اُڏيندڙ، صرف ۽ صرف محمد ابراهيم جويو آهي.

پنهنجن پراون جا ڏنل ڏک، هُن کي ضرور جهوريندا هوندا، پر ڀانئيان ٿو ته، کيس ڪجهه نه هوندو ته: ’فقط ڪو داغ ندامت‘!

سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، تعليم ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ، هڪ واضح ۽ چٽ مؤقف رکڻ سبب جويو صاحب، خاص طرح سان، ڪن باغي نوجوان ڪالم نگارن جي تنقيد جو نشانو به رهندو پيو اچي.

-۽ ڀائنيان ٿو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي چنبي ۾ اچي، ’پاڻ کي‘ ناراض نسل سمجهندڙن ۾، شخصيت جي احترام، ڪمٽمينٽ جي اهميت ۽ رهبرن کي آئيڊيالائيز ڪرڻ جو ادراڪ رهيو  ئي ڪونهي!

پراڻي ۽ ’ماسٽر مائنڊ‘ نسل وٽ، سنڌ جي مستقبل جي لاءِ،ڪهڙا ’تحفظات‘ آهن، ڪهڙيون ڳڻتيون ۽ اونا آهن. نئون نسل، نه اُن کان آگاهه ٿيڻ چاهي ٿو ۽ نه ان جو قائل بنجڻ چاهي ٿو.

پرنٽ ميڊيا، خاص ڪري سنڌي پريس اڄڪلهه ’اکر وڪڻندڙ‘انڊسٽري بنجندي پيئي وڃِ. جڏهن ته محمد ابراهيم جويي ۽ سندس همعصر ٽهيءَ جا چار سڄڻ، اکر جي حُرمت، اهميت ۽ پرنٽنگ پريس کي قوم، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي محافظ طور، نه فقط هٿيار طور استعمال پئي ڪيو آهي، پر اڃا به ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل آهي.

جويي صاحب جو خيال آهي، ته سماج ۾ اديب جو هڪ رول لازمي آهي ۽ جي هي سماج جسم آهي ته ادب کي اُن جو روح هجڻ گهرجي.

جويي صاحب جون تحريرون بلاشبه روح جي رڙ وانگر آهن. هُن جي سوچ انقلابي، پر اظهار مفڪرانه، ڪنهن استاد ۽ سونهين وارو آهي. هلڪي هلڪي ٻارڻ کي جهڙو’تاءُ‘ هوندو آهي، جويي صاحب جي نثري اسلوب کي، اهڙوئي تاثر آهي.

جويي صاحب کي ڌڻي تعاليٰ وڏي حياتي ڏئي. پر گوتم چيو هو: اِها ڪيڏي نه وڏي ٽرئجڊي آهي ته آخرڪار اسان کي مرڻو به آهي.“

ڇا هن وقت محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙو ڪو ٻيو مخلص سنڌي برزگ، مفڪر ۽ دانشور سنڌ ۾ موجود آهي؟

جواب آهي ته: ’نه‘

جويو صاحب پنهنجي انداز جو هن وقت سنڌ ۾ اڪيلو دانشور آهي، ۽ برابر ته هن جا فڪري شاگرد هن جي آسپاس موجود آهن،  پر جويي صاحب جهڙي خُوءِ ۽ خوشبوءِ انهن ۾ ڪٿي!؟ ڪو زمانو هو جو…سائين جي.ايم. سيد، حيدربخش جتوئي، غلام مصطفيٰ شاهه، پير حسام الدين شاهه راشدي، شيخ اياز…۽ محمد ابراهيم جويو صاحب انهن سڀني جي ’سونهن سٽاو‘ ۾، پنهنجي هڪ ڌار روشنيءَ سان مرڪيو پيو مرڪندو هو.

پر هاڻي، حاضر دور ۾، ڪڏهن ڪڏهن جويي صاحب کي ڏسي، لڳندو اٿم: هوُ ‘Isolate’ آهي، اڪيلو بنجي ويو آهي. پر باوجود اِن جي، مون هن عظيم انسان کي نااُميد ڪڏهن به ناهي ڏٺو.

شمشير الحيدريءَ جي پهرئين شعري مجموعي ’لاٽ‘ تي تبصرو ڪندي. هُن 1961ع ۾ لکيو هو:

اُهو وقت پري ڪونهي، جڏهن اسان جي آدب جو سج!                پنهنجي سموري آب ۽ تاب جاهه ۽ جلال

    سان اڀري مٿي ايندو.

۽ شيخ اياز صاحب هن جي اهڙي ئي ’پُراُميد‘ آواز سان، آواز ملائيندي اجهو هيٺين جيڪا امر سٽ لکي هئي:

اهڙو ڏينهن به ايندو…

جويي صاحب جي فڪري جدوجهد ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ ڪيل جاکوڙ جي پس منظر ۾، انهن ٻنهي مهان انسانن جي اهڙن پراُميد آوازن سان اسان جو آواز به اڄ، شامل سمجهڻ گهرجي ته:

اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي.

اهڙو ڏينهن به ايندو!

محمد علي ڏيپلائي

ڏيپلائي صاحب ۽ جويي صاحب جي دوستي

محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويو، سنڌ جا ٻه برک اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن ۽ٻنهي جا سنڌي ادب  تي گهرا ۽ دور رس اثر رهيا آهن، ڏيپلائي صاحب ۽ جويي صاحب جي اڻ ڏٺي دوستيءَ جي ابتدا 1947ع ۾ ٿي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڏيپلائي صاحب ”احياءِ ملت اسلاميہ“ جو هڪ اڻٿڪ ڪارڪن هو، هن جي لکڻين مان پتو پوي ٿو ته سن 43/1942ع ڌاري هوُ مولانا ابوالا عليٰ مودوديءَ جي لکڻين ۽ سندس ”حڪومت الاهيہ“ جي تصور کان گهڻو متاثر هو ۽ هن 1948ع تائين نه رڳو هفتيوار ”عبرت“ ۾ مولانا جي ڪيترن ليڪچرن ۽ مضمونن جا ترجما شايع ڪيا ، پر مولانا جي ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا.

1947ع ڌاري محترم محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرست الاسلام ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ پڙهائيندو هو ۽ پنهنجي ان معلميءَ واري وقت ۾، هن پنهنجو مشهور ڪتاب ”سنڌ بچايو-کنڊ بچايو“ (Save Sindh Save the continent) لکي ڇپايو. سنڌ مدرسة اسلام جي بورڊ آف گورنرس جي چيئرمين پير الاهي بخش، بنا ڪنهن نوٽيس جي، جويي صاحب کي مٿئين ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ واقعي تي ڏيپلائي صاحب، جويي صاحب سان بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي، هڪ ديانتدار صحافيءَ ۽ پبلشر جي حيثيت ۾، هفتيوار ”عبرت“ جي 11 جولاءِ 1947ع واري اشاعت ۾ ’چهنڊڙيون‘ عنوان سان، پنهنجي رد عمل جو اظهار هن ريت ڪيو:

”آنريبل پير الاهي بخش صاحب فرمائي ٿو:

”آخر اسين به انسان آهيون.“

پير صاحب جن تواضع مان پاڻ کي ”انسان“ سڏين ٿا، نه ته  پاڻ خواه سندن ساٿي ته انسان کان گهڻو مٿي يعني ”سرڪار“ آهن.

وٺو سائين، پير الاهي بخش صاحب جهڙن ’انسانن‘ جي حڪومت ۾ ’انسانيت‘ اهڙي ٿي هلي، جو محمد ابراهيم جويي نالي هڪ ماستر، هڪ ڪتاب نالي ’سنڌ بچايو‘ ڪڍيو ته کيس ڊسمس ڪيو ويو! نه نوٽس، نه تاڪيد، نه هدايت نه دڙڪو، بس يڪدم ”نِڪل جائو!“

ڪهڙا نه عقلمند آهن هي ’انسان‘ سڏائيندڙ، هو سمجهن ٿا ته اهڙي زبردست لکندڙ، جنهن جي ڪتاب سندن دلين ۾ ناسور وجهي ڇڏيا آهن، تنهن کي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ خسيس ماستريءَ جيترو روزگار به هٿ ڪو نه ايندو!“

جويي صاحب سان ڏيپلائي صاحب جي پهرين ملاقات سن 1948ع ڌاري حيدر بخش جتوئي صاحب جي رهائش گاهه تي ٿي، ۽ اُها دائمي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. جيڪا ڏيپلائي صاحب جي آخري پساهن (7 فيبروري 1981ع) تائين هلي.

ڏيپلائي صاحب 1948ع ۾ جماعت اسلاميءَ کان عليحدگي اختيار ڪئي، ۽ 1949ع وارو سال سندس لفظن ۾ فڪري لحاظ کان سندس لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيو. هن ميجر آفتاب جو ڪتاب ’جديد معلومات سائنس‘  ۽ گورڪيءَ جو ناول ’ماءُ‘ پڙهيا، جن هن جي خيالن ۾ وڏو ڦيرو آندو. جويي صاحب جي صحبت ۽ سندس ڪتابن جي مطالعي، 1958ع جي آخر ڌاري حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ شاهي قلعي لاهور ۾ رهڻ دوران حيدر بخش جتوئي، سوڀي گيانچنداڻيءَ، فيض احمد فيض، مرزا ابراهيم، دادا فيروزالدين منصور، دادا امير حيدر، اجمل خان خٽڪ ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن جي ملاقاتن ۽ صحبتن هن کي ترقي پسند ادب جي واٽ تي آندو ۽ آخري پساهن تائين ترقي پسند سوچ ۽ ’سنڌيت‘ سان سندس پيچ پُختا رهيا.(·)

يوسف سنڌي

محمد ابراهيم جويو: سنڌ ادب جو محسن

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ روشن خياليءَ ۽ ترقيءَ پسند فڪر جي ڦهلاءَ ۽ واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، ڏاهن ۽ دانشورن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، تن ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جو نالو سرفهرست ليکيو ويندو.

محمد ابراهيم جويي جي ذاتي زندگيءَ ۽ تعليمي ميدان ۾ جدوجهد بابت ڪافي لکيو ويو آهي، ان ڪري ان بابت لکڻ ورجاءُ ٿيندو.

جويي صاحب، عمر جو هڪ طويل عرصو تعليم ڏيڻ ۾ گذاريو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۽ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ هڪ اُستاد، هيڊ ماستر ۽ پرنسپال طور جويي صاحب جيڪي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جي شاهدي مذڪوره ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد، اتان جا اُستاد ۽ اتي جا ماڻهو ڏئي سگهن ٿا. پاڻ تعليم کاتي ۾ رجسٽرار اگزئمنيشن، انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور ڊويزن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سيڪريٽري ۽ ميمبر طور مختلف عهدن تي تعليمدان رهيا آهن، پر سندن  سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي حوالي سان خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن.

’سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ کي نئين تشڪيل ڏئي، جڏهن ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان سڏيو ويو ته محمد ابراهيم جويي صاحب کي 1951ع ۾ اُن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1961ع تائين رهي، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي خدمت ڪيائين. ٻيو ڀيرو کين 1963ع ۾، اضافي ذميداريءَ طور سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري بنايو ويو، ۽ اڳتي هلي ٽيون ڀيرو 1997 ۾ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا اعزازي چيئرمئن پڻ رهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ واري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ، لغت، ادب، تاريخ ۽ لوڪ ادب بابت ’ڇپجندڙ اڪثر ڪتاب سندس نظر مان نڪرڻ کان پوءِ ئي ڇپجڻ جي لائق سمجهيا ويندا هئا. بورڊ جا ڪيترا ڪتاب. جيڪي ڪيترن مترجمن وٽان غير معياري ترجمو ٿي ايندا هئا، جويو صاحب انهن جي ترجمن کي سڌاري اهڙو ته معياري بڻائيندو هو، جو اُهي ڪتاب نئين سر ترجمو ٿيل ڀاسندا هئا، پر هن ڪڏهن به پنهنجي ان بي لوث پورهيي کي ڪئش نه ڪرايو. سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ لاءِ جويي صاحب رات ڏينهن سخت محنت ڪئي.

جويي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي لفظن ۾ ”هڪ مشنريءَ طور ڪم ڪيو“. خاص ڪري ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽري سنڀالڻ ۽ ”گل ڦل“ جي ادارت ڪرڻ ۽ اداريا لکڻ جويي صاحب جو اتم ڪارنامو آهن. جويي صاحب ’مهراڻ‘ رستي جديد سنڌي ادب جي اڏي آبياري ڪئي. 56-1955ع جي ’مهراڻ‘ رسالن جا لکيل سندس ايڊيٽوريل خاص ڪري- ’آزادي‘، ’ون يونٽ‘، ’اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ‘، ’ٻولي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا‘، ’ٻولين جي ڏي وٺ‘، ’نج سنڌي لفظ‘، ’ادب جي درگاهه‘، ’انسانيت‘ وغيره پنهنجو مٽ پاڻ آهن: جن جي مطالعي مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته هن ڪهڙيءَ سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري ۽ اها عملي طور ڪري به ڏيکاري.

’مهراڻ‘ جي انهن اٺن اشاعتن ۾ شامل اديبن ۽ ادب دوستن جي خطن ۾ هڪ پيغام ڏنل آهي. ’مهراڻ‘ جي ادارين، ان ۾ شايع ٿيل خطن ۽ ٻئي مواد مان پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏيءَ نه اُتانهينءَ تي کڻي ويو هو.

اُن ئي زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار/ ڪهاڻيڪار طور اُڀريو: رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو شيخ اياز جي شاعري بلوغت کي پهتي.

جويي صاحب جي زرخيز ذهن جي پيداوار ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ ۽ اُن طرفان ڇپايل ادب آهي. 1973ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن جي زرخيز ذهن ’سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي‘ جي رٿا تي سوچيو ۽ عمل ڪيو، ۽ هڪ ٻارهن نقاطي پروگرام جوڙي، سوسائٽي رجسٽر ڪرائي، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪيو. ان جي پڌرماني ۾ سوسائٽيءَ جي مقصدن جي وضاحت ڪندي جويو صاحب لکي ٿو: ”ٺلهو سرڪار تي ڀاڙڻ بدران اسين پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرون ٿا. اسين اڀرا آهيون، اسين هيڪلا آهيون، اسين خالي هٿين آهيون، پر اُن جو اسان کي ڪو خيال ڪونهي. اسين ڪنهن سان وڙهڻ نه ٿا گهرون. اسين ڪنهن به ٻوليءَ يا اُن کي مليل يا اُن جي حاصل ڪيل ڪنهن درجي جا انڪاري يا مخالف نه آهيون. اسين فقط پاڻ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. اڳتي وڌندڙ ادب، وطن دوست ادب آهي، جنهن ۾ رهندڙ انسان اُمن ۽ خير ۾ رهن ۽ خوش رهن. اڳتي وڌندڙ ادب، مذهب دوست ادب آهي، جنهن مذهب جي معنيٰ انسان شناس فڪر ۽ انسان دوست پسند عمل آهي. اڳتي وڌندڙ ادب، انهيءَ ڪري، سڀ کان وڌيڪ انسان دوست ادب آهي، جيڪو انسان، جي انسانيت کي اڳتي وڌائي ٿو ۽ ماڻهوءَ مان مرونئپو ڪڍي، اُن ۾ ماڻهپو اڀاري ٿو. اهڙي ادب کي اسين ترقي پسند سڏيون ٿا. اسان جي خيال ۾ جيڪو ادب انهيءَ معنيٰ ۾ ترقي پسند آهي، سو ئي ادب آهي . ٻي حالت ۾ اهو ادب، ادب ئي نه آهي: چاهي اُن تي عقيدتمنديءَ، ايمان ۽ نعريبازيءَ جا ڪيترا به غلاف چڙهيل ۽ گُل جڙيل ڇو نه هجن.“

جويي صاحب ’سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي ‘ پلئٽفارمر تان ڪيترائي اهم ۽ ناياب ڪتاب، معياري گيٽ اپ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن:

سنڌ ۾ جويي صاحب جو ڪردار ۽ حيثيت، جامي چانڊيي جي لفظن ۾ :هڪ ’فڪري استاد ۽ سونهين‘ واري رهي آهي. هن اُتم انسان، سنڌ جي بقا ۽ وجود جي همه گير اوسر لاءِ ڪيتريون ئي شاندار ۽ اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هي غير معمولي ڪردار رکندڙ شخص، حقيقي معنيٰ ۾ ’قومي سرواڻ‘ هئڻ جي باوجود سدائين پسمنظر ۾، ڪارڪن ئي ٿي رهيو.

جويو صاحب، پنهنجي تخليقيءَ ۽ طبعزاد مضمونن ۽ ڪتابن کان سواءِ دنيا جي ادب مان چونڊ ۽ بيحد ڪارائتا ڪتاب ۽ مضمون، وقت به وقت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي جهولي مالا مال ڪندو رهيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت ۽ افاديت بابت خود جويو صاحب لکي ٿو: ”ترجمن جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل، ۽ يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ جديد مّذهب دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ٻه ڌارائون ئي اُن جي مهذب  بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيه سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ، نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“

سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، دانشور ۽ ڏاها، جويي صاحب کي پنهنجو ’ادبي استاد ۽ سونهون‘ تسليم ڪن ٿا، اُنهن ۾ شيخ اياز، سراج، رسول بخش پليجو، علي احمد بروهي ۽ عبدالغفور الستيءَ جا نالا اهم آهن. هونئن به جويو صاحب سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ ترقي پسند فڪر جي ٻاريل مشعل ۽ انهيءَ ۾ ادا ڪيل سرواڻيءَ واري ڪردار سبب سڀني روشن خيال فڪر رکندڙن جو ’استاد ئي ته آهي‘(·)

آزاد انور ڪانڌڙو

محمد ابراهيم جويو

اسان جي سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾ اهڙا ته عظيم انسان پيدا ڪيا آهن. جن غريب هوندي به پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجيءَ ڏات ۽ ڏانوَ سان هن ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو آهي، ۽ پنهنجي سڄي عمر قلم جو پورهيو ڪري سنڌي علم ۽ ادب جي تمام گهڻي ۽ اڻ وسرندڙ خدمت ڪئي آهي. انهن شخصيتن مان سائين محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي.

هي اسان جو مانوارو ليکڪ، اديب، شاعر، دانشور، مترجم ۽ مضمون نگار، 13 آگسٽ 1915ع تي ڳوٺ ’آباد‘ تيرٿ لڪي، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين هاري محمد خان جويي جي گهر ۾ ڄائو ۽ پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان هن اوچي پد ۽ مقام تي پهتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ 1928ع ۾ سن ويو، جتي سندس ملاقات محترم سائين جي. ايم . سيد صاحب سان ٿي. جي. ايم سيد. صاحب، جويي صاحب جهڙي ذهين ۽ محنتي شاگرد جون صلاحيتون ڏسي، کيس پنهنجيءَ قُربت ۾ رکيو. اهڙيءَ طرح 1931ع ۾ سن مان تعليم مڪمل ڪري، هو سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ويو. علم حاصل ڪرڻ خاطر کيس ڪشالا ڪاٽيندي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ايس ٽي ڪاليج بمبئيءَ وڃڻو پيو، ۽ ائين ئي بي. اي ۽ بي ٽي جون ڊگريون حاصل ڪري استاد مقرر ٿيو. محنت ڪرڻ ڪري تعليم کاتي ۾ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي فائز رهيو ۽ علم جي روشني عام ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هڪ ماهر تعليمدان هئڻ سان گڏ پاڻ علم ۽ ادب ۾ انفرادي حيثيت رکن ٿا. ان کان علاوه ڪتاب اڄ به سنڌي ادب ۾ انفرادي حيثيت رکن ٿا. ان کان علاوه نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ لکيل سندس مضمون اڄ به سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيل آهن. پاڻ 1980ع ۾ حضَرت عيسيٰ عليه السلام جي زندگي بابت ٻارڙن کي ڪامياب زندگيءَ جا اصول سيکارڻ خاطر هڪ ڪتاب، ’ٻارن جو مسيح‘ جو دلپذير ترجمو ڪيائين. ان کان سواءِ ’گليلو، ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘، ’تاريخ پاڪستان‘، ’ايميلي عرف تعليم‘، ’وحشي جيوت جا نشان‘، ’شاهه سچل سامي‘، ’فڪر جي آزادي‘، ’ماڻهوءَ جا ڀاڳ‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، ’علم تدريس:مظلومن لاءِ‘، ’محڪري جا مضمون‘ به سندس مشهور ترجمو ٿيل ۽ طبعزاد ڪتاب آهن. ان کان سواءِ پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور علمي ادبي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ڪتابن جي ڪافي اشاعتي ادارن جو نگران ۽ اڳواڻ رهيو آهي. هڪ ادارو حيدرآباد ۾ ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو به جويي صاحب قائم ڪيو آهي. جويو صاحب اسان کي سجاڳيءَ جو پيغام ڏيندو رهيو آهي. اڄ به پنهنجي هٿ ۾ علم ۽ ادب جي روشن لاٽ کنيو ، اسان کي علم جي روشن واٽ ڏسيندو، اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان کي گهرجي ته سندس ٻاريل شمع مان روشني پکيڙي، پنهنجي سنڌ واسين کي اونداهيءَ کان پاسي رکي، کين علم ۽ ادب جي هن روشن واٽ تي هلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.

ٻارن لاءِ جويي صاحب جو چوڻ آهي ته ’ٻار اسان جي مستقبل جا معمار ۽ سرواڻ آهن. آئيندي جو علم سندن هٿن ۾ هوندو، انهيءَ لاءِ سندن ذهني تربيت لاءِ کين صحتمند ادب مهيا ڪري ڏنو وڃي.‘ابراهيم جويو صاحب نه رڳو هڪ ناميارو عالم، اديب، شاعر، ليکڪ، مترجم ۽ دانشور آهي، پر هڪ پيارو ۽ محنتي ماڻهو به آهي. جنهن به شخص سان پهريون دفعو ملندو آهي ته اهو شخص سندس قرب ۾ قيد ٿي ويندو آهي. اسان جي دعا آهي ته هيءُ 76 سالن جو نوجوان ذهن وارو جهونو، جُڳ جُڳ جيئي ۽ نئين نسل جي اڳواڻي ڪندو رهي.

معشوق ڌاريجو

سنڌ جو ڏاهو: محمد ابراهيم جويو

 ڏاها شخص قومن جي بقا ۽ سلامتيءَ جو اهڃاڻ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڏاهپ، عقل، تقرير ۽ تحرير وسيلي، پنهنجي قوم جي ٻوليءَ، تهذيب ۽ ڪلچر جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن. هنن جو هر عمل ڌرتيءَ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وقف هوندو آهي. اهڙا ڏاها انسان، ڪنهن به قوم جو عظيم سرمايو هوندا آهن، جن جو نانءُ وٺڻ سان ئي انهن قومن جا ڳاٽ فخر وچان اوچا ٿي ويندا آهن. انهن ڏاهن ۽ مدبر ماڻهن جي سڄيءَ سوچ ۽ لوچ جو محور ۽ مرڪز، امن، آشتي، سکر، سونهن، سچ ۽ سلامتي هوندو آهي.

سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو ڏاهو شخص آهي، جنهن جي شخصيت جي قدامت ٿر ۽ ڪارونجهر جيان بلند ۽ بالا آهي، جنهن جي ڏاهپ جي تاريخ موهن جي دڙي جي تاريخ جي ساٿياڻي ۽ سهيوگي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو عاشق آهي، جنهن جي نيڻن جي ماڻڪين ۾ مون هميشه ڪنهن خوبصورت عورت جي تصوير بجاءِ سنڌ جو بادل نما ڀريلُ ۽ وڻندڙ نقش جرڪندي ڏٺو آهي.

منهنجي پياري دوست ۽ نوجوان شاعر رکيل مورائيءَ چواڻي ته ’سائين محمد ابراهيم جويو بڙ جي گهاٽي ڇانوَ آهي، ڇايه دار ۽ قداوار وڻ جيڏي شخصيت، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب لاءِ ڇپر ۽ ڇانءُ آهي.

سائين محمد ابراهيم جويي جي شخصيت سنڌي ماڻهن  لاءِ هڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي، جنهن يونيورسٽي ۾ علم، ادب، تاريخ، شاعري، صحافت ۽ فن مصوريءَ سميت سمورا شعبا ۽ علم موجود آهن.


(10)  گذارش ، مهراڻ ، سرءُ 1955ع،ص -4

(11)  ’چونڊ ادبي مضمون‘-جي.ايم. سيد 1974ع، ص-113

(12)  گذارش مهراڻ، 2-1956ع

(13)  ايضا

(14)  هري دلگير، پڙهندڙن جا پيغام ــ مهراڻ، 2-1955ع، ص 237

(15)  موتيرام سونيجي، بمبئي،ايضاً

(16)  1 گذارش، مهراڻ، بهار 1955ع ص 3-4.

(17)  ڪامريڊ غلام محمد لغاري، بئڪ ڪور سماهي مهراڻ، سرءُ 1955ع.

(18)  شيخ حفيظ، پڙهندڙن جا پيغام: مهراڻ، بهار 1955ع، ص – 252.

(19)  ڪلياڻ آڏواڻي، پڙهندڙن جا پيغام: مهراڻ، 3-1956ع، ص-240.

  (20) ماهوار ’ادا‘ سيپٽمبر 1955ع، ص-23.

(21)  حوالو ” ادب ڪي نام پر “ ؛ قاسم پٿر؛ ص 101 .

(22)  گذارش: مهراڻ، 2-1956ع، ص – 1-2

(23)  گذارش: مهراڻ 4-1956ع، ص 4

(24)  ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘،ڇاپو پهريون، 1977ع، ص-447

(25)  ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘، ڇاپو پهريون، 1977ع،ص،-448

(·)  13 آگسٽ تي جويو صاحب 88 سال پورا ڪري ، 89 سال ۾ پير پائي چڪو آهي . (ت.ج)

(·)  ڪتاب، ترتيب ۽ پيسٽنگ جي آخري مرحلن ۾ هئڻ ڪري، محمد علي ڏيپلائيءَ جي مضمون جو اختصار ڪرڻو پيو آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڏيپلائي صاحب جي خيالن جي روشنيءَ ۾ ڪئي وئي آهي. (ت –ج)

(·)  محترم يوسف سنڌيءُ جي مضمون مان، جويي صاحب جي بايوڊيٽا وارو حصو مختصر ڪيو ويو آهي. ڇو ته اهو ٻين ليکڪن جي مضمونن سبب ورجاءَ ٿئي ها.(ت.ج)

(·)  روزاني سنڌ نيوز جي ’ٻارن جي صفحي‘ ۾ ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ سلسلي ۾ ٻارڙن لاءِ لکيل مضمون: 8 آڪٽوبر 1991ع.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org