مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جي باري ۾ جويي صاحب لکيو
آهي:
”سنڌي هتان جي ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. 1961ع
واري“ آدمشماري (اسان کي اِهو به معلوم آهي ته اها
آدمشماري ڪيئن ٿي هئي) موجب صوبي ۾ صرف 15 سيڪڙو
ماڻهو سنڌي نه پر ٻيون ٻوليون ڳالهائين ٿا. اهو
هاڻ هڪ مڃيل اصول ٿي چڪو آهي ته ذريعه تعليم مادري
زبان هئڻ گهرجي. ڇا 85 سيڪڙوصوبي جي آباديءَ کي
علم ۽ ڄاڻ کان صرف ان ڪري پري رکجي، جو ڪجهه ماڻهن
جي جذباتي جنون کي سرد ڪري سگهجي جيڪي چاهين ٿا ته
هڪ ڌاري ٻوليءَ ۾ سڀني کي تعليم ڏني وڃي… هاڻ اهو
وقت اچي چڪو آهي ته تعليم لاءِ زندگيءَ جي بنيادي
اصول کي مڃيو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ وقت جلد يا دير ئي
سهي، اُهو اصول مڃڻ تي مجبور به ڪري ڇڏيندو.“(2)
اپريل 1964ع ۾ سراج جو مشهور ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘
شايع ٿيو، ان ۾ جويي صاحب ديباچو لکيو. هيءُ ليک
پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اعليٰ تحقيقي مقالو آهي،
جنهن کي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته جويو صاحب
لسانيات جي ڏس ۾ ڪيڏي نه ڄاڻ رکي ٿو. سندس هيءُ
علمي مضمون ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي 2/1964 واري
پرچي ۾ به ڇپيو. هن مضمون ۾ جويي صاحب ٻوليءَ جي
قديم فلسفي ۽ ٻولين جي شروعات واري نظريي کي بحث
هيٺ آندو آهي ۽ تقابلي لسانيات جي جديد طريقي
مطابق ٻولين جي تاريخ تي پڻ روشني وڌي آهي. جويو
صاحب لکي ٿو:
”جڏهن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا هڪجهڙائي
سندن لاڳاپي يا سٻنڌ سبب آهي، تڏهن ان جو مطلب
هيءُ ٿئي ٿو ته اهي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽي
ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آهن: مثلاً،
اڄوڪي بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي، ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ
ٻوليءَ مان نڪتل چئي سگجهن ٿيون. پراڻي ڪنهن
هڪڙيءَ اڳاٽي ٻوليءَ مان نڪتل چئي سگهجن ٿيون.
پراڻي زماني ۾ ڪنهن به خاص وقت جي نقطي تي آڱر رکي
ائين نٿو چئي سگهجي ته اجهو هتان نسبتاً اصلوڪي
ٻولي هنن يا هُنن ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾
ورهائجي وئي يا اجهو هن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي
وجود ۾ آئي، يا اجهو هتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع
ٿي.“(3)
جويو صاحب ٻوليءَ جي اهميت جي باري ۾ چوي ٿو:
ڳالهائڻ، هڪ عظيم ۽ انتهائي ڳنڀير حقيقت آهي، جنهن
جي اهميت جو اندازو ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾
پوريءَ ريت لڳائي نٿو سگهجي. ٻولي ئي آهي، جنهن
جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي ۽
قائم رهي ٿو. سَوَن هزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخي
پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقل ۽ علحده صورت
اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ پنهنجي
تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون سندن علحده
ٻوليون.“ (4)
سنڌي ادبي بورڊ پاران 1976ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
بنيادي لغت شايع ٿي، جنهن جي ترتيب ڏيڻ وارا هئا:
پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي،
ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد صالح شاهه بخاري ۽
محمد ابراهيم جويو. هن لغت کي تيار ڪرڻ ۾ جويي
صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو. هن لغت کي پوريءَ ريت ڪم
آڻڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي خاصيتن ۽ بنيادي
لغت جي ڪن مکيه اصولن تي هڪ نوٽ لکي تيار ڪري ڪتاب
۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب جي افاديت ۾
اضافو آيو آهي. دراصل هن ڪتاب ۾ ٽي لغتون شامل
آهن: (1) بنيادي لغت، (2) وڌايل بنيادي لغت، ۽ (3)
ڪاروباري لغت، شامل سنڌي گرامر تي نوٽ البت بلڪل
مختصر لکيو ويو آهي، جيڪو بنيادي ضرورت شايد ئي
پوري ڪري سگهي. (مختصر هئڻ سبب گهڻائي بنيادي
قاعدا ۽ قانون اُن ۾ البت شامل نه ٿي سگهيا. گهٽ ۾
گهٽ واحد ۽ جمع، مونث ۽ مذڪر جا قاعدا ته ڏيڻ
گهرجن ها).
1983ع ۾ اخبار ’اردو‘ ۾ مولانا اشرف علي
ٿانويءَ جي هڪ فتويٰ ڇاپي وئي، جنهن ۾ چيل هو ته
”هن وقت اردوءَ جي حفاظت دين جي حفاظت آهي،
تنهنڪري هيءَ حفاظت حسب استطاعت واجب ۽ فرض آهي ۽
باوجود قدرت رکڻ جي ان ۾ غفلت ڪرڻ گناهه آهي ۽ ان
جو آخر ۾ پڇاڻو ٿيندو!“ هن فتويٰ ڇپجڻ بعد
”سنڌي لئنگئيج-اَئن اپيل فار جسٽس“ انگريزيءَ
۽ سنڌيءَ ۾ پڻ ورهايو ويو. هن اپيل تي سٺ کن سنڌي
عالمن ۽ اديبن جون صحيحون ٿيل هيون. هيءُ اپيل
جاري ڪرڻ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب اهم ڪردار ادا
ڪيو ۽ تمام گهڻي همت افزا ۽ وقتائتي ڪوشش ڪئي. هن
اپيل ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس تمام اثرائتي نموني
پيش ڪيو ويو. گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ سنڌي
ڳالهائيندڙن کي مادري زبان وسيلي تعليم ڏني وڃي؛
ريڊيو ٽي ويءَ تي سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏيندي
مناسب وقت ڏنو وڃي؛ ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ
لاءِ هر طرح جا اپاءُ ڪيا وڃن.
سنڌي ٻوليءَ جي عظمت بيان ڪندي جويي صاحب لکيو
آهي:
”ٻولي، آواز، دانهن ۽ انهن جو جواب، ٻوليءَ جا
لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽
ان لاءِ وڏو آٿت آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان
جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف
(1883-1818ع) جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن
طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ
لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾
ويڙهجي وڃان ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري،
سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿي ۽
مون کي بچائين ٿي. جي تون نه هجين ته پڪ ئي پڪ جو
ڪجهه منهنجي وطن تي وهي واپري رهيو آهي، ان ڏسي کي
آءُ هوند ڊهي بنهه پٽ اچي پوان، پر ڪو ائين آخر
ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان
گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هوندي“. اسين به پنهنجي سنڌي
ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏڍ آهي،
آٿت آهي، اسان جا شڪ ۽ نراسايون، دور ڪري ٿي. ائين
ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ
ڪنهن قوم کي ملي هجي؟“ (5)
”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“
نالي وارو هڪ ڪتابڙو 1985ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪجهه
مضمون محمد ابراهيم جويي جا لکيل هئا ته ڪي ٻين
عالمن جا به هئا، جن کي جويي صاحب ايڊٽ ڪيو هو.
جويو صاحب لکي ٿو:
”سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زندهه انساني معاشرن
وانگر، هڪڙُو اهم ۽ بنيادي حق پنهنجي زبان جي
حفاظت ۽ فروغ آهي، ڇو ته ان تي ئي سندس سڄي سڃاڻپ،
بلڪ پوري وجود ۽ ان جي افاديت جو دارومدار آهي… هن
سڄي عرصي ۾ سنڌي معاشري جي باخبر، ذميوار ۽ حساس
حلقن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليمي ۽ ان
جي تهذيبي ۽آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيش
قدمي ٿيندي رهي ۽ پنهنجي هن بنيادي انساني حق جي
دفاع ۽ بحالي لاءِ گهربل جدوجهد ۾ سنڌي معاشري جي
ڪا به اهڙي اهم شخصيت، ڪوبه ادارو، ڪا به جماعت
ڪانهي، جنهن پنهنجي وس آهر پورو پورو حصو نه ورتو
هجي.“ (6)
”تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي“،
هن عنوان واري مضمون ۾ جويو صاحب لکي ٿو:
”پهرين ٻولي، جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽
ڪم ٿو آڻي، سا هن جي ماءُ جي ٻولي آهي. اوسيتائين
ته تربيت لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو مؤثر، سڀ
کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجهي وڃي ٿي. ان کان
پوءِ به دنيا جي آزاد ۽ مهذب انساني معاشرن ۾ هر
هنڌ ۽ سڄي انساني تاريخ ۾ اڄ تائين تعليم جي نه
فقط مؤثر، پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور
ماءُ جي ٻولي ئي قبولي وئي آهي ۽ استعمال ٿيندي
آئي آهي.
”فقط ٻاهران آيل مذهب ۽ ٻاهر جا فاتح ۽ حاڪم ئي
مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اها حيثيت ۽ اهو
حق ۽ ان جي اها لياقت قبولڻ کان انڪاري رهيا آهن ۽
انڪار ڪن ٿا، ۽ ان ۾ هر طرح انهن جي بالادستي ۽
استحصالي مفاد موجود هجن ٿا.“ (7)
جويي صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سڌاري جو
سدائين وڏو اونو رهيو آهي. هو وقت به وقت ان ڏس ۾
پنهنجن مضمونن ذريعي صحيح، نج ۽ نبار سنڌي لکڻ،
سنڌيءَ کي فارسي ۽ عربيءَ جي بيجا ٽُنب ٽنبان کان
بچائڻ، صحيح جملن لکڻ، گرامر جي غلطين کان پاسي
ڪرڻ جون هدايتون ڪندو رهيو آهي.(8)
سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب، ڏاها ۽ دانشور، جويي صاحب
کي پنهنجو ادبي استاد ۽ گائيڊ تسليم ڪن ٿا، انهن ۾
شيخ اياز، سراج ۽ رسول بخش پليجي جا نالا شامل
آهن. جويو صاحب اهو وطن پرست اديب ۽ مفڪر آهي،
جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ”نظريي جو قرض“
چُڪائي ورتو آهي. جويي صاحب جي ذات وطن دوستيءَ ۽
انسان دوستيءَ جو سنگم آهي.(9)
سراج پنهنجي هڪ مضمون ۾ جويي صاحب لاءِ لکيو آهي:
”هن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي، سو
اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته
حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي جيڪا انسان کي
ملي آهي ، ان کي با مقصد بڻائڻ ئي انسان کي ٻين
ساهوارن کان اتم ۽اعليٰ بڻائي ٿو. اهو مقصد آهي.
پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي
ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي
وٺي وڃجي.“(10)
جويو صاحب سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي رهنمائي ڪندڙ
عالم، ماهر تعليم ۽ ٻوليءَ جو ماهر به آهي. سنڌي
ٻوليءَ، سنڌ جي قومي ٻوليءَ، جي جدوجهد جو
علمبردار آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۽ لغت جي سلسلي ۾
سندن ڪيل خدمتون پڻ بيمثال ۽ يادگار آهن.
حوالا
1.
سليم احمد، ”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“.
2.
Economics of urdu MS. P 26
3.
جويو، محمد ابراهيم، ديباچو، ”سنڌي ٻوليءَ،
سراج،1964ع.ص 15.
4.
جويو، حوالو ساڳيو ڪتاب، ص 16.
5.
جويو، محمد ابراهيم، مهاڳ، ”سندي ذات هنجن“ ليکڪ:
رسول بخش پليجو، 1983ع. ص 2 ۽ 3.
6.
جويو، محمد ابراهيم، ”اسان جي ٻولي، اسان جي
تعليم“، 1975ع، ص 39-37
7.
جويو-حوالو ساڳيو ڪتاب، ص 47.
8.
تاج جويو: پيش لفظ، ڪتاب ”هوءَ جا ٽڪمي باهڙي“،
ليکڪ محمد ابراهيم جويو. 1995ع ص 15.
9.
تاج جويو، حوالو ساڳيو ڪتاب، ص 19-18.
10.
سراج، مضون ”ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو“، ڪتاب ”ادبي
گڏجاڻي“، 1982ع،ص16
حيدر علي لغاري
حقيقت کان مفروضي ڏانهن مسافريءَ جو انوکو انداز
’ابراهيم‘ جي تلاش!
(هڪ’حساس پرستار‘ جو تاثر)
……ڪو پنهنجي قول ۽ عمل سان ڪنهن ڪنهن کي ڪيترو
متاثر ۽ مطمئن ڪري سگهيو آهي، ڪري سگهي ٿو؟ دور
جون سنگين صداقتون ۽ روان حقيقتون پنهنجن غير
معمولي فردن لاءِ بيشڪ اهم آزمائشن جو کورو هجن
ٿيون، جنهن ۾ سڙي پچي راس ٿي، فردَ پنهنجي سيرت ۽
بصيرت جا فيض پنهنجين قومن کي آڇيندا رهيا آهن، ۽
اُهي اُنهن مان فيضياب ٿينديون رهيون آهن. ڪنهن
ڳڻائتي انسان، مخلص ۽ معتبر انسان جي فڪر، ارادي ۽
عمل جي سگهه ۽ ايراضي ڪا لامحدود ۽ همه وصف نٿي
ٿئي، سَهَو ۽ سَقُم نامور ۽ عالي وقار تاريخي
شخصيتن ۾ به موجود رهندا آيا آهن.
اسان جو نوجوان اَهل نظر دوست انساني مزاج ۽ بشر
جي فطرت جون بلنديون ۽ پستيون ڀلي ڀت سمجهي ٿو.
سندس ميزان جي بي انتها ڪشيل ڪمان مان نڪرندڙ تير
پنهنجا گهربل هدف ڀلي ڳولي، پر جيستائين اُهو صحيح
نشاني تائين پهچي، اُن جي سمت جي گراف جا مدو جزر
اهڙي بيدردي سان متعين ڪرڻ تي سندس عقابي نظر ڇو
سندرو ٻڌيو بيٺي آهي؟ دور جي نوجوان جي ناراضگي ۽
فرسٽريشن جون حدون هونئن ته آسانيءَ سان سمجهي ۽
سمجهائي سگهجن ٿيون.
ميرٽ ۽ اهليت جي جوڳي موٽ ۽ منصفانه اُجرت جي غير
موجودگي ۽ ڏسندي وائسندي نالائقن ۽ نام نهاد بلڪ
بدنهاد شخصن جي مقبوليت ۽ پذيرائي هن معاشري لاءِ
ٻه طرفو عذاب آهي، جنهن مان الائي ٻيا ڪيترا
معاشرتي ناسور سرجي چُڪا آهن. ان سڄيءَ صورتحال
کان اسان جو اهل فڪر ۽ اهل نظر نوجوان ظاهر آهي ته
ڏاڍو نراس ۽ ناراض آهي. هڪڙي ليکي، اسان سڀ ننڍا
وڏا، نوان پراڻا، سوچيندڙ ۽ لکندڙ وجود، ٿورو گهڻو
اِن صورتحال جا ذميوار به آهيون.
آءَ پنهنجن ڪيترن دوستن ۽ شاگردن کي اِهو چوندو
رهيو آهيان ته جيستائين معاشري ۾ نابرابريءَ ،
ظلم، بربريت، بدعنوانيءَ، بيدردي، ۽ بي شرميءَ جي
گراف ۾ مناسب ڪمي واقع نٿي ٿئي تيستائين اسان جي
سڀني معتبر اڳواڻن، عالمن اديبن، شاعرن، اُستادن ۽
مذهبي پيشوائن جي بصيرت هڪ حدتائين مشڪوڪ سمجهڻ
گهرجي. اهو ڇُهاءَ واقعي هڪ انوکيءَ بيوسيءَ جو
آهي، پيشيماني جو به آهي ۽ ڏاڍو اذيتناڪ ڇُهاءُ
آهي. انهيءَ ڪَربَ کي هر اُهو واجب الاحترام ۽
دردمند رهنما ڀوڳي ٿو، جيڪو پنهنجين ڪيترين اوڻاين
کان بي نياز به ٿئي ٿو. اهو ئي ڪَرب عبيدالله
سنڌي، آءَ، آءَ، قاضي، جي ايم سيد ، حيدر بخش
جتوئي ۽ ٻيا به ڪيترا ڀلارا ڀوڳي چُڪا آهن ۽ اهائي
پيڙا ابراهيم جويو به ڀوڳي رهيو آهي. پر، پوءِ وقت
سر انهن به ڪن مصلحتن کي آڏو رکيو، حڪمت عملين جي
دائري ۾ لچڪ رکي، انهن کان به ڪي سَهوَ ۽ سقم ٿيا،
خاص طور تي سائين جي . ايم . سيد جي سياسي/ سماجي
بصيرت ۽ حڪمت جي رحم ۽ درگذر جو پلئه ايترو وسيع
ٿيو، جو کهڙي ۽ راشدي صاحب پارن وَن يونٽ جهڙي سنڌ
دشمن منصوبي جي فعال معمارن ۽ رکوالن جو ناقابل
معافي جرم به اُن ۾ ڌوپي ويو. ظاهر آهي اهڙا
فيصلا سائينءَ ڪنهن ’ذاتي مفاد‘ جي تسڪين ۽ تحصيل
لاءِ نه ڪيا. جويو صاحب بقول اوهان جي جي. ايم .
سيد جو شاگرد هو ۽ پوءِ وري پنهنجي شاگرد رسول بخش
پليجي ڏانهن مائل ڪيئن ٿيو ۽ هاڻ ابرابر قاضي سان
تعاون ڇو پيو ڪري؟ منهنجا ڀاءَ ، ڪاش! اوهان
ابراهيم جويي واري دائري ۾ رات ڏينهن گزاريندڙ هجو
ها ۽ پنهنجي مقرر ڪيل انهيءَ ’صراط مستقيم‘ واري
بيمثال واٽ جا پيچ و خم ديانتداريءَ سان ماپڻ جي
زحمت ڪريو ها ته اوهان اُهڙي طرز جو بي رحم
سوالنامو ترتيب ڏيڻ وقت ڪو توقف ضرور ڪيو ها ۽ اُن
شخص جي ساريءَ زندگي جي تعليمي، تدريسي، ادبي،
ثقافتي ۽ قومي خدمت ۽ اُها دل افروز پرورش، جا هن
سنڌ جي نوجوان نسل جي ڪئي، ان کي يڪسر ائين پس
انداز ڪرڻ جي فتويٰ صادر نه ڪيو ها. هن شخص پنهنجي
ايتري ساري ڄمار جي ذهني ۽ فڪري پورهيي، پُر خلوص
پورهيي مان ڪهڙا محل اڏيا ۽ ڪروڙ ڪمايا؟ هُو ته
اڃا به ڪارين مني ٽيڪسين جي سواري جي عذاب جو
سزاوار آهي. ٿورو ئي عرصو ٿيو آهي، جو هن پيادل
هلڻ ڇڏيو آهي. هُن جي عياشين ۽ وڏين آسودگين جا،
اوهان ۽ اسان وٽ ڀلا ڪهڙا ثبوت آهن؟ ڇا، هي معاشرو
۽ ماحول هڪڙي صاحب ادراڪ، باذوق ۽ حساس ماڻهوءِ
لاءِ هونئن ئي عذاب کان گهٽ آهي، جو اوهان جويي
صاحب لاءِ قيد ۽ جيل ڀوڳڻ جي ڪسوٽيءَ کي ايڏي
فراخدليءَ سان بيان ڪيو آهي؟ هن وڙائتي ماڻهوءَ
ساري ڄمار سنڌ سنڌ ڪندي، سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي
لاءِ، خاص ڪري پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ، ووڙيندي،
سوچيندي، لُڇندي ۽ اوهان جي چوڻ موجب اکين جون
پنبڻيون اڇيون ڪندي، گذاري آهي. اوهان هڪڙي
دردمند، اهل نظر، سڄاڻ صحافي، جي حيثيت ۾، هيءَ
ڪهڙيءَ طرز جو سوالنامو ترتيب ڏنو آهي؟ ڇا، اُن تي
اوهان ٻيهر ويچاري نٿي سگهيا؟
ڪنهن اداري جي چيئرمين بنجڻ جي آس ۽ اَهڙين ٻين
آسن جا ڪيئي معتبر ۽ مثبت پهلو ٿي سگهن ٿا.اوهان
کي هرڀرو مذموم پاسن جي تلاش ڇو آهي؟ اداري ۾ ڪنهن
بهتر ۽ مثبت تبديلي نه اچي سگهڻ جا به ڪي اهڙا
نوان پراڻا امڪان موجود آهن (جن کان اوهين بي خبر
ناهيو) . اِن سڄي سئو فيصد ۽ سراسر ٻوجهه جو ڳٽ
جويي جي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿا وجهڻ چاهيو؟
پنهنجي ذاتي ۽ ڪٽنب جي ڪن فردن جي محرومين ۽ جائز
گهرجن جو ٿورو گهڻو اونو ڪا اَهڙي وڏي قباحت ته
ناهي، جنهن جي تناظر ۾ هڪڙي ڀلي انسان جا نرمل ڳُڻ
يڪسر درياءَ بُرد ڇڏڻ جا سانباها ڪيا وڃن. اَهڙيون
ڪسوٽيون نه ٺاهيون، جو هيءَ سماج اُنهن فرشتن جي
تلاش ۾ پنهنجا سڀ پيچرا، پنهنجا سڀ گس وڃائي ويهي
رهي. اِها حقيقت ورجائڻ فاضل گُفتو آهي ته ڪو به
شخص تنقيد کان بالاتر ناهي، نامور شخصيتن جي سيرت
جي ڇنڊ ڇاڻ يقينن ٿيڻ گهرجي. مستقبل جي ڪردارن جي
تعمير ۽ توسيع لاءِ اِهو ضِروري آهي. مگر هڪ ڳالهه
ته، اهڙي شخص جي محنت ۽ محبت جو جوهر داءَ تي نه
لڳايو، جيڪو اُن جو سزاوار ناهي. اِهو هڪڙو هاڃو
چئبو، جو عمر جي پڇاڙڪن ڏينهن جي هن مقام تي جو
شخص اسان جي تحسين ۽ تسليءَ جو مستحق آهي، اسان
اُن لاءِ اَهڙي دل آزار نقش و نگار جو تاڃي پيٽو
ٺاهيون؟ ”ايءَ وڙ نه ويڙهيچن جو.“ اوهان جي قلم
کان آءُ شروع کان اوهان جي فهم ۽ عزم جي حسن جو
ترجمان سمجهندو آيو آهيان، اوهان ته منهنجي حساب ۾
اهل درد آهيو، درد وارن جو ظرف ته وسيع ٿيندو آهي.
ڇا، اهو ممڪن ناهي ته اوهان هن حوالي سان پنهنجي
فهم جي نشتر جو از سِر نو جائزو وٺو، ۽ ڪن روشن
حقيقتن جي مهابي ڪجهه ابر آلود گمانن کي پاسيرو
ڪيو، اُنهن جي اُپٽار ان انداز سان ڪرڻ کان پرهيز
ڪريو. مبادا ماڻهن جو نيڪ نيتيءَ ۽ نيڪ عمليءَ جي
ساري منظر نامي تان اعتماد کڄي وڃي! باقي اهڙن
ڪردارن کي وائکو ڪرڻ اسان اوهان سڀني جي واقعتا
اهم ذميواري آهي، جن ڪالهه جي مختصر چڱائيءَ کي اڄ
جي وسيع ڌانڌليءَ لاءِ هڪڙي محفوظ مورچو کڻي
بنايو آهي. اهڙي بداخلاقي ۽ بد ڪرداريءَ جي
اڄڪلهه رسم هلي پئي آهي. ماڻهن اُن جا مدلل جواز
ٺاهي ورتا آهن. خدمت ڪندي ’قوم جا خادم‘ راتو رات
ڪروڙ پتي ٿيو ٿا وڃن. رات ڏينهن اُنهن جا دست و
بازو سندن با هنر عقل و دانش جي سازشن سان امانتن
۾ خيانتن جو مڪئنزم سکي ويا آهن، ۽ ڪمال بي حيائي
سان قومي دولت تي ڌاڙن جي وارو وار آهي. اهي ليکا
ڪير ڪندو ۽ ڪڏهن ڪندو؟ ڪافي دير اڳي ئي ٿي وئي
آهي. ماڻهن جا وڳرَ- ماَرُن جا ولَر، رڳو جيئاپي
جي سادگي فڪر لاءِ عاذُرت آهن! هيءَ ڪهڙي قسم جي
مسلماني آهي؟ ڪهڙي قسم جي انسان دوستي آهي، جنهن
جو ڍنڍورو بس نٿو ٿئي!!
اور سي اور هوئي جاتي هين معيار وفا،
اب جان و دل لي کي کهان جائي کوئي!
ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي
جويو- سنڌي اوويڊس
(Joyo-
Sindhi Ovidius)
پبليس اوويڊس (Publius
Ovidius)
روم جو اهو تخليقڪار ۽ قلمڪار هو، جنهن کي مصلحت
ڪرڻ ئي ڪانه ايندي هئي. هو حڪمرانن سان نه ٺهيو ۽
نه ئي ٺهڻ جي ڪوشش ڪيائين چيو وڃي ٿو ته روم جو
ادب اوويڊس بنا اڌورو آهي. هو جوليس سيزر جي قتل
واري سال ڄائو هو. هن جي پيءَ چاهيو ٿي ته هو وڪيل
نه بنجي ، پر هن کي ادب ۽ علم جو شوق ايڏو ته هو،
جو هو وڪيل نه بنجي سگهيو. هن جي پيءَ هڪ دفعي
اوويڊس کي طعنو هڻندي چيو ته ”...... اهو قلم ڇا
ڪندو ، اها شاعري ڇا ڪندي ؛ جڏهن يونان جي هومر کي
اهو قلم ڪجهه نه ڏئي سگهيو، ته توکي ڇا ڏيندو.“
جڏهن وقت جي حڪمرانن هن تي بغاوت جي الزام هيٺ
جلاوطنيءَ جو حڪم ڪڍيو، ته پوءِ هو رومانيه جي هڪ
اهڙي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو جتي جا ماڻهو نه هن جي زبان
سمجهي سگهندا هئا ۽ نه هو هنن جي ٻولي سمجهي
سگهندو هو. ڏاڍو ڏکيو دور هن قلمڪار، اديب ۽ وڏي
يگاني شاعر جو گذريو. روم جي گهٽين، بازارن، وڻن ۽
هوائن کي ياد ڪندو هو روئيندو هو ۽ اوڇنگارون
ڏيندو هو. سندس هڪ نظم ان تلخ دَور جي ترجماني هن
ريت ڪري ٿو:
انگريزيءَ ۾ ترجمو هن ريت آهي:
“Ah!
When I think of that last Fatal Eve,
When all the joy of Rome I had to leave,
When I call that cruel, cruel hour,
E’en now adown, My cheek
The tear drops pour…..”
(”جڏهن آءُ انهن منحوس گهڙين بابت سوچيان ٿو، جڏهن
آءُ روم جي انهن خوشين بابت سوچيان ٿو.
جيڪي مون کي ڇڏڻيون پيون،
جڏهن آءُ انهن قاتل لمحن کي ياد ڪريان ٿو،
ته منهنجي دل مان آهه نڪري ٿي ۽ لڙڪ کاڏيءُ تائين
ڪري پون ٿا.“)
جڏهن
هن پنهنجي مشهور زمانه
تصنيف ”Metamorphosis“
لکي دنگ ڪئي ته ان ۾ هڪ هنڌ لکيائين ته ’هاڻ ڀلي
موت اچي وڃي، مون کي پرواهه نه آهي، ڇو ته مون کي
هاڻ ڪابه طاقت ختم نه ڪري سگهندي.‘ هن جو مطلب هو
ته قلم جي اوچائيءَ کي موت ختم نٿو ڪري سگهي. ان
نظم جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن ريت آهي:
“Now I have done and lo, this work of mine,
Nor fire, nor sword, nor wrath or joyo divine,
Nor tooth of time,
Shall make to pass away,
Come when you will, grim death,
For now your sway,
Has only power,
To quench my mortal frame,
And end this life,
It cannot touch my fame…”
(هاڻ مون منهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.
هاڻ ڪا به باهه، ڪا به تلوار،
ڪو به ورهسپت ديوتا جو ڏمر،
ڪنهن به وقت جي گهڙيءَ جو ڌند مون کي ماري نٿو
سگهي،
اي موت! تون هاڻ ڀلي اچ،
ڇو ته تنهنجيءَ ئي حڪمرانيءَ جو اڄڪلهه چرچو آهي،
تون منهنجي جسماني بناوت کي ته اُجهائي سگهين ٿو،
منهنجي زندگي ختم ڪري سگهين ٿو،
پر تون منهنجي شهرت ۽ عزت کي ڇُهي به نه سگهندين.
اي موت! تو ۾ اڃا اها طاقت نه آهي.
…طاقت نه آهي…)
جڏهن سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ تي هڪ نظر وجهبي
آهي ته سوچبو آهي ته ڇا اسان وٽ به ڪو اهڙو
’اوويڊس‘ موجود آهي، جيڪو پنهنجي سوچ، علم ۽ عمل ۾
اهڙو ئي هجي، جيڪو اڄ کان ويهه سؤ سال اڳ جهڙي
’اوويڊس‘ جهڙو هجي؟ ته هڪ اهڙو نالو بلڪل موجود
آهي- جنهن جي نالي وٺڻ سان اسان ائين ئي سمجهندا
آهيون ته اسان وٽ ’اوويڊس‘ موجود آهي- اوويڊس کان
پوءِ رومي ادب يتيم ٿي ويو هو، پر اسان اڃا ادبي
طرح يتيم نه ٿيا آهيون، اهڙي فرد جو نالو آهي:
’…محمد ابراهيم جويو…‘، جيڪو دل جي مرض ۾ مبتلا
آهي، پر انهيءَ مرض جو ذڪر هن ڪڏهن به ڪنهن جي
اڳيان شڪايتي انداز ۾ نه رکيو آهي. مون کي ياد آهي
ته جڏهن رسول بخش پليجو صاحب، جيڪو اڃا ڪوٽ لکپت
جيل منتقل نه ٿيو هو ۽ حيدرآباد جيل ۾ ئي هو ۽ هو
شنوائيءَ تي ڪراچيءَ وڃي رهيو هو ته اسان حيدرآباد
ريلوي اسٽيشن تي ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ سنڌ جو هڪ
ٻيو دانشور عبدالرحمان نقاش به ساڻس ملاقات ڪري
رهيو هو ( ياد رهي ته رئوف نظاماڻي، ڊاڪٽر فيروز
احمد ميمڻ، نقاش، انب گوپانگ، عزيز ڪينجهرائي ۽
ٻيا ڪيترائي ذهين ماڻهو عوامي تحريڪ کان ان وقت
الڳ ٿي چڪا هئا). مون کيس ابراهيم جويي صاحب جي
ڪتاب ’ماڻهو جو ڀاڳ‘ بابت تبصري لاءِ چيو ته پليجي
صاحب جواب ڏنو ته ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ جو مهاڳ الهداد
ٻوهيي (هاڻي، هو ويچاري جيڪو وڏو محقق ۽ ذهين هو،
مري چڪو آهي) لکيو آهي، پر انهيءَ جويي صاحب جهڙي
عظيم ادبي قلمڪار سان صحيح انصاف نه ڪيو آهي. مون
کي چوي ها ته مهاڳ لکي ڏيکاريانس ها ته ’مهاڳ‘
ٿيندو ڇا آهي؟“ اسان جويي صاحب کي اها ڳالهه
ٻڌائي ته جويي صاحب چيو ته ’پليجي صاحب جو خيال
اهو ٿي سگهي ٿو، حالانڪ ٻوهيو صاحب به سٺو محقق
آهي. انهيءَ جي همت شڪني نه ڪرڻ گهرجي.‘
ابراهيم جويو، سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ سيڪيولر
جدوجهد جو حصو آهي. ابراهيم جويو نه وڪامجندڙ، نه
خوشامد ڪندڙن جو هڪ نشانبر نشان آهي. تازو جڏهن هن
’ڊان‘ اخبار ۾
‘Dealing with
M.Q.M’
متعلق پنهنجي اردو دان دوست ايم.بي نقوي کي به ست
سُريون ٻڌايون آهن. ان کان پوءِ به جيڪي هن علمي ۽
تحقيقي ڳالهيون چيون آهن، اهي سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌ
آباديءَ جي وچ ۾ هڪ عهدنامي جو بنيادي ڪم ڏئي سگهن
ٿيون. اسان جو نوجوان نسل جڏهن لکندي لکندي ۽ ٿوري
گهڻي نالي نڪرڻ جي ڪري ايڏو ته آپي مان نڪري ٿو
وڃي، جو هو جويي صاحب لاءِ جڏهن طنز لکي ٿو تڏهن
هو اهو نٿو سمجهي ته هو جويي صاحب تي نه، بلڪ سنڌ
جي هڪ اهڙي اداري تي تنقيد ڪري رهيو آهي، جنهن
سنڌي ادب کي لازوال ۽ مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن.
مون کي اهي وڏا ماڻهو، وڏا ذهن، تمام ننڍڙا ۽
ننڍين دلين وارا لڳندا آهن، جيڪي جويي صاحب تي
پنهنجي بيهودي لفاظيءَ (اکرن) جي ٺڪائن جو استعمال
ڪندا آهن، تنقيد الڳ شيءَ آهي، جيڪا خود هڪ وڏي
تحقيق آهي، پر طنز ۽ ٽوڪ بري بلا آهي، جيڪا انسان
کي خود به اندازان ئي اندران کائي ٿي ڇڏي. سنڌ ۾
اتحاد ٺهندا هجن، سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي آباديءَ لاءِ
بنياد ٺهندا هجن، سڌي ٻوليءَ بابت ڪو مسئلو پيدا
ٿيندو هجي، سنڌي حقن جي ڪا جهدوجهد ٿيندي هجي، هن
بيمار ۽ پوڙهي ماڻهوءِ کي سمورن ماڻهن اڳينءَ صف ۾
ڏٺو هوندو.
جويو-سنڌ جو اوويڊس آهي.
جويو- سنڌ جي ادب جو مضبوط ادارو آهي.
جويو- سنڌ جي قومي ادب جو هڪ حصو آهي.
جويي صاحب جهڙن اوويڊسن لاءِ، هڪ ٻئي رومي اديب
لکيو هو ته:
Death is ever bitter and premature to those who
are engaged on some immortal work.
(’موت وڌيڪ سخت ۽ بي وقتو آهي، انهن لاءِ، جيڪي
لازوال ڪم ڪرڻ ۾ مشغول ۽ رڌل آهن.‘)
اسان جي دوستن جو خيال آهي ته حڪومت ’لطيف جي
کوجنا‘ لاءِ پليجي صاحب جهڙي ذهين ماڻهوءَ جو
انتخاب ڪري ، پر جيڪڏهن ’لطيف‘جي ڪم کي ’سياست جي
هڪ رخ‘ کان بچائڻو آهي ته پوءِ پليجي صاحب سان گڏ
محمد ابراهيم جويي صاحب جو نالو به نظر ۾ رکڻ
گهرجي ته جيئن لطيف جي خيال جا سمورا پاسا اسان جي
سامهون اچي سگهن.
[ڪالم:’وڏي رات ننڍو صبح‘، رواني ڪاوش، ڇنڇر، 30
جولاءِ، 1994ع]
(2)
ابراهيم جويو ۽ سنڌ ڊيموڪرئٽڪ پارٽي
بظاهر سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي پارٽيءَ جو اضافو ٿيو
آهي، انهيءَ کي سنڌ جي خوشقسمتي سمجهجي يا اهو
الميو، جو هڪ نئين ’پارٽيءَ‘ جو وجود عمل ۾ آيو
آهي. سنڌ جي سياسي مارڪيٽ ۾ هڪ اهڙو نئون دڪان
کليو آهي، جنهن ۾ گراهڪن جي ڪشش لاءِ ’ابراهيم
جويي‘ صاحب جهڙو وکر پڻ رکيو ويو آهي. هاڻي اچو ته
انهيءَ نئين پارٽيءَ جو جائزو وٺون. ابراهيم جويو
صاحب هميشه سياسي اسڪرين تي هڪ باوقار نموني سان،
پس پرده ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ هي پهريون دفعو آهي،
جو هن، وڏيءَ عمر ۾ اچي باقاعدي هڪ پارٽيءَ جو
عملي طرح ’عهدو‘ سنڀاليو آهي. عهدو سنڀالڻ ڪنهن
فرد لاءِ ائين هوندو آهي ته هو پنهنجي ’خواب‘ جي
تڪميل لاءِ ڄڻ ته هڪ گس ٿو وٺي. پر سنڌ جي سياست ۾
ابراهيم جويي جو قدم سندس عمر جي تقاضا موجب ڪم
ڪري سگهندو يا نه، پر هن عمر ۾ جذبا جوان رکڻ جو
اهو ماڊل هميشه سنڌين کي ياد رهندو. جيتوڻيڪ
’سنڌي‘ ماڻهن جي خوشحالي اوس اچڻي آهي، پوءِ
’والٽيئر‘ جي هنن لفظن موجب، ’اسان هجون يا نه
هجون‘. والٽيئر پنهنجي دوست کي خط ۾ هن ريت چيو
هو:
“Every that I see appears to be throwing
broadcast the seed of revolution, which must
some day inevitably come, but which I shall not
have the pleasure of witnessing…”
”هر شيءَ مان اهو آءُ ڏسي رهيو آهيان ته انقلاب جا
ٻج ضرور ڦٽندا، پر انهيءَ انقلاب جي راحت کي آءُ
ڏسي نه سگهندس.“
ابراهيم جويو صاحب، جيئن ته پاڻ به سنڌ جو
’والٽيئر‘ ئي ليکجي ٿو، تنهن جڏهن اهو محسوس ڪري
ورتو ته سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ضرور تبديلي
ايندي، پوءِ ڀلي هو هجن يا نه. جي ايم سيد جهڙي
ارڏي ۽ اٽل ڪردار جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي نوجوانن
۾ هڪ اٻاڻڪائي ٿي پئي آهي ۽ جيئن ته سنڌ جي موجوده
سياسي اسڪرين تي ڪو به طاقتور ۽ سگهارو ڪردار نه
رهيو آهي، انهيءَ ڪري اها ضرورت محسوس ٿي ته گهڻا
سٺا فرد گڏجي واري واري ۽ حصي پتيءَ جو ڪم ڪن ته
ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو، شايد ابراهيم جويي صاحب،
اها شيءَ هن ’پارٽي‘ ۾ محسوس ڪئي ۽ انهيءَ ڪري هو
ان ۾ هليو ويو. اهو وري الڳ بحث آهي ته جن اميدن
سان ابراهيم جويو هن پارٽيءَ ۾ آيو آهي، اهي
اميدون پوريون ٿين ٿيون يا نه، هڪ دفعي اسين.
جي.ايم. سيد وٽ ويٺا هئاسون ته اتي به فرد ۽
پارٽيءَ جي باري ۾ بحث هليو
پئي. پاڻ مرحوم اعجاز جتوئيءَ کي مخاطب ٿيندي
چيائين ته آءُ نيپولين بوناپارٽ جي هن جملي سان
سهمت آهيان:
“It is better to have an army of rabbits
commanded by lion than an army of lions
commanded by rabbits.”
(اهو بهتر آهي ته ڪوئن جي فوج جي سربراهي شينهن
ڪري، بجاءِ انهيءَ جي ته شينهن جي فوج جي سربراهي
ڪوئا ڪن.)
ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته
اها ڪوئن جي فوج آهي يا شينهن جي، پر ابراهيم جويي
جو ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ’ڪوئي‘ جو نه
رهيو آهي. سنڌ ڊيموڪريئٽڪ پارٽيءَ جو ماضي هن ريت
آهي، جڏهن سنڌي –مهاجر فساد 1988ع کان شروع ٿيا،
تڏهن کان ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن لڏي ويل وچولي
طبقي جي انهن فردن کي ڪجهه بيچيني محسوس ٿي، جيڪي
نوڪرين ۾ آفيسر طبقي ۾ شمار ٿيندا هئا. انهيءَ
مهاجر-سنڌي بيورو ڪرسي تضاد هن گروپ کي جنم ڏنو،
ڇاڪاڻ ته هنن سنڌي مٿئين وچولي طبقي جي بيورو
ڪرئٽن لاءِ ڪنهن سنڌي پارٽيءَ ۾ وڃڻ مناسب نه هو،
ڇاڪاڻ ته انهن بيوورڪرئٽن جي فائيلن ۾ۡ سنڌي
پارٽين جا ليڊر نااهل ۽ پارٽيون ’غير محفوظ‘ هيون،
پر جڏهن بينظير ڀٽو گورنمنٽ اقتدار ۾ آئي ۽ سنڌي
بيوروڪرئٽن کي اقتدار ۾ وڌيڪ شريڪ ٿيڻ جو موقعو
مليو، تيئن ئي سنڌ بيوروڪرئٽ هن گروپ مان فرار ٿي
ويا ۽ هي گروپ خاموش ٿي ويو، هن گروپ ٻه وڏيون
مهمون هلايون: هڪ آدمشماريءَ 1991ع واري ۽ ٻيو
هيومن رائيٽس لاءِ ، جيڪي ٻئي ناڪام ويون .
آدمشماريءَ ۾ ڪم کي هنن جذباتي انداز ۾ کنيو ۽
اسلام آباد ۾ ويٺلن انهيءَ کي
Exploit
ڪري، انهيءَ آدمشماريءَ جي نتيجن کي روڪي ڇڏيو .
هيومن رائيٽس لاءِ اڳيئي هڪ ملڪ گير تنظيم ڪم ڪري
رهي هئي، تنهنڪري باوجود يوسف لغاريءَ جي صتحمند
ڪردار جي، هيءَ ڊيموڪرئٽ گروپ جي ونگ ڪي ڪارآمد
نتيجا ڏئي نه سگهي، ٽيون ڪم جيڪو ظاهر ڏسڻ ۾ ڪونه
پئي آيو، اهو هو ته ڊيموڪرئٽ گروپ هڪ اين. جي او
وانگر ڪم ڪري ۽ سنڌين جي معاشي ترقيءَ لاءِ ڪوششون
وٺي. پر اهو به گاڏو نه هليو.شفيق موسويءَ سميت
ڪيترائي بيوروڪرئٽ هليا ويا ۽ هي گروپ بيهي رهيو.
پر جيئن ته ڪجهه سالن جي سياست سنڌ جي سنڌي شهري
فردن کي سخت مايوس ڪيو آهي ته جيڪي به پارٽيون سنڌ
يا ملڪي ليول تي ڪم ڪن پيون ۽ سنڌ جي اقتداري توڙي
غير اقتداري راند ۾ هو ڄڻ ته اقليت ٿي پيا آهن؛
انهيءَ ڪري سنڌي- شهري- وچولي طبقي پنهنجي انهيءَ
’غيريقينيءَ‘ واري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هڪ فورم
جي سختيءَ سان ضرورت محسوس ڪئي ۽ هي ’فورم‘ انهيءَ
سنڌي وچولي طبقي جي شهري ڪميونيٽيءَ جو ڄڻ ته هڪ
نمائنده فورم ٿي اُڀريو آهي ۽ انهيءَ خلا کي پورو
ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آيو آهي. جيئن ته سنڌي- شهري
وچولي طبقي جا مفاد مهاجر شهريءَ سان تضاد ۾ اچن
ٿا، تنهنڪري اهو تضاد جيڪڏهن دشمنيءَ واري نوعيت ۾
بدلجي ويو. ته پوءِ ’سنڌ‘ ڪڏهن به خوشحال نه ٿي
رهي سگهي، ۽ اُن کي پنجاب جو غلام رهڻو ئي آهي،پر
جيڪڏهن، سنڌ جو شهري-وچولو طبقو ۽ اردو ڳالهائيندڙ
شهري پنهنجا تضاد حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ته پوءِ سنڌ
خوشحاليءَ ڏانهن وڃي سگهي ٿي. سنڌي شهري وچولي
طبقي جي نوعيت سنڌي اڪثريت ۾ اقليت واري آهي ۽
شهرن ۾ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ به اقليت واري آهي،
تنهنڪري ان کي پنهنجي ’حيثيت‘ مطابق ڪردار ادا ڪرڻ
گهرجي. چاهي ته اهو سنڌي قوم جو حصو، ٻهراڙيءَ ۾
وسندڙ اڪثريت ۽ شهر ۾ وسندڙ اردو ڪميونٽيءَ جي وچ
۾ ’پل‘ وارو ڪردار ادا ڪري يا ٻنهي جي وچ ۾ خون جا
درياهه وهائي.
سنڌ ڊيموڪرئٽ پارٽي جيتوڻيڪ دعويٰ سڄيءَ سنڌ قوم
جي نمائندگيءَ جي ڪري رهي آهي، پر حقيقت ۾ اها
سنڌي ڳالهائيندڙ شهري وچولي طبقي جي نمائنده تنظيم
(هڪ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ سنڌي اقليت) آهي،
پر انهيءَ جي هن وقت جي صدر يوسف لغاريءَ جي هيئت
‘Rural Orientation’
واري آهي. بهرحال سنڌ ڊيموڪرئٽ پارٽي هڪ نئون
اضافو آهي، ان ۾ ابراهيم جويي جهڙي فرد جي شموليت
يقيناً في الحال نيڪ شگوني آهي. ان لاءِ في الحال
ته اهوئي چئي سگهجي ٿو، پر جويي صاحب کي گهرجي ته
هو ’اردو ڳالهائيندڙن‘ لاءِ اهو رويو ترڪ ڪري،
جيڪو هو ون يونٽ جي دور کان رکندو پئي آيو ۽ اهو
سنڌ ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ لاءِ به ضروري آهي.
[ڪالم:’ماڻهو ميرا-ماڻهو اُجرا‘، روزاني عبرت،
حيدرآباد، اڱارو 10 مارچ، 1998ع]
محمد حسين ڪاشف
جويو صاحب، منهنجيءَ نظر ۾
سنڌ ڌرتي سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن جو جڏهن به تاريخ
۾ ذڪر ايندو ته محمد ابراهيم جويي صاحب جو نالو
اُن ۾ سرفهرست نظر ايندو. جويو صاحب انهن ڳاڻ ڳڻين
انسانن مان هڪ آهي، جن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان
عشق جي لنءُ لڳل آهي. تاريخ ۾ اهڙا تمام ٿورا
ماڻهو نظر ايندا، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جيئندا
هجن. دنيا جي تاريخ، انقلابي اڳواڻن، دانشورن،
ڏاهن ۽ ملڪ سان محبت رکندڙ ماڻهن سان ڀري پئي آهي،
جن ۾ ڪيئي ناميارا نالا آهن: ماؤزي تنگ چي گئويرا،
فرانزفينن، جمال ناصر، حواري بومدين، نهرو، علامه
اقبال، جميله بوپاشا، ڪمال اتاترڪ وغيره. انهن مان
هر ڏاهي ۽ انقلابيءَ جو پنهنجو ڪردار رهيو آهي، جن
پنهنجي جدوجهد، علم ۽ فڪر سان پنهنجي تاريخ رقم
ڪئي آهي. انهن انسانن جو ذڪر ڪرڻ سان منهنجو مقصد
جويي صاحب سان انهن جي ڀيٽ ڪرڻ نه آهي. مقصد اهو
آهي ته پنهنجي ڏانو ۽ فڪر سان پنهنجي انقلابي ۽
قومي عمل سان جيئن انهن شخصن، پنهنجي تاريخ جا
پيرا ۽ نشان پنهنجي ملڪ، ڌرتيءَ ۽ انساني فڪر جي
تاريخ تي ڇڏيا آهن، اهڙِي ريت جويي صاحب به پنهنجي
استطاعت آهر سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ پنهنجا پيرا
ڇڏيا آهن- جيڪي سندس علمي، فڪري ۽ ذهني سوچ ۽ عمل
جو اسان کي پتو ڏين ٿا ته هي سنهڙو سيبتو شخص
پنهنجي اندر ۾ ڇا ٿو رکي ۽ هن پنهنجي طرفان سنڌ
وارن کي ڇا ڏنو آهي.
جويو صاحب، آئن اسٽائن وانگيان فلسفهء ’نظريه
اضافيت‘، يا برڪلي وانگيان ’نظريه تصوريت‘ جو موجد
نه آهي، بلڪ هو سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
متوالو ۽ عاشق آهي. جويي صاحب تاريخ جي جنهن دور ۾
اک کولي ۽ ان جي حالتن مان جهڙيءَ طرح گذريو انهن
هن حساس، ذهين ۽ سچيت انسان جي دماغ تي ڪيترين ئي
لڪيرن جي رنگ آميزي ڪئي. هڪ سوچيندڙ ۽ فڪر ڪندڙ
فرد جي حيثيت ۾ جويي صاحب، ڏيهي پس منظر ۽ عالمي
تناظر ۾ انهن جو جائزو وٺي پنهنجي لاءِ فڪري راهه
متعين ڪئي. پوءِ اها ڪن کي وڻي ۽ ڪن کي نه وڻي. ڪي
اختلاف تي سندرو ٻڌي بيٺا ۽ ڪي سندس ساٿي بڻيا.
جويو صاحب انهن سڀني عوامل کان پاسي ٿي، پنهنجي
فڪر جي مشعل کڻي هلندو رهيو آهي. صداقت جا معيار
هر دور ۾ پنهنجا رهيا آهن . انهيءَ نظريي کي
پاسيرو رکي ، جويو صاحب سماجي سچائيءَ ۽ انسانيت
جي عالمگير نظريي کي پنهنجي فڪر ۾ ترجيع ڏني ۽ ان
تي ڪاربند رهي پنهنجي سفر کي سڦلي ڪرڻ لاءِ علمي ۽
فڪري ميدان ۾ ڪم ڪيو آهي. ان جي سمجهاڻي ڏيندي،
پاڻ هڪ هنڌ لکن ٿا:
”اسين سنڌ وارا جنهن ڌرتيءَ تي ۽ جنهن سماج ۾ رهون
ٿا، ان ڌرتيءَ ۽ سماج آڏو هڪ مقصد ظاهر ٿئي ٿو،
جيڪو وقت جو سڏ آهي. اُن مقصد جي ۽ اُن جي حاصل
ڪرڻ ۾ جي رنڊڪون ۽ رڪاٽون راهه ۾ اچن ٿيون، انهن
جي سڃاڻپ ڪئي وڃي.“
جويي صاحب پنهنجي انهيءَ مطمع نظر کي پنهنجيءَ
زندگيءَ ۾ خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي فڪري انفراديت
کي قائم رکيو آهي. ادب جي تاريخ ۾ ترقي پسنديءَ جو
دور هجي يا ڪلاسڪيت يا رجعت پسنديءَ جي نظرين جو
چوٻول ۽ چرچو هجي، انهيءَ ادبي ماحول ۾ جويي صاحب
پنهنجي فڪري روين کي روشنيءَ سان لاڳو ڪيو. وٽن
انسانيت، سماجي انصاف ۽ ان لاءِ جدوجهد کي ترجيح
رهي آهي. پوءِ اها ڪهڙي به طبقي وٽ هجي. جويو صاحب
هميشه انهيءَ فڪري رويي جي ڪاميابيءَ ۽ ڦهلاءَ
لاءِ ڪوشان رهيو. خاص طور جويي صاحب جا مختلف
اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ سندس اُن
فڪري رويي جي حامي ڀرين ٿا. جويو صاحب، ارتقائي
حيات ۾ قنوطيت پسنديءَ جو قائل نه رهيو آهي. وٽس
عمل ۽ جاکوڙ کي ترجيع رهي آهي. تهذيبي رويا سندس
آڏو قوم ۽قوميت جي جان آهن. ٻوليءَ کي انهن جي
اظهاري قوت جو ذريعو تصور ڪن ٿا، جيڪا قوم جي
مزاج، ان جي روح ۽ مادي قوت ۽ وسيلن جي نمائنده
آهي. جويو صاحب انهيءَ جو به حامي آهي ته تهذيبي
ارتقا ۾ انسان مادي ۽ روحاني عُسرت کان نجات حاصل
ڪري پنهنجي دلين ۾ گُداز ۽ پنهنجي بصيرت ۾ حق
شناسي ۽ پنهنجي ڪردار ۾ استقامت ۽ وقعت پيدا ڪري،
جنهن سان انسان جي انفرادي حيثيت ٻاهرينءَ توڙي
اندرئين طور تي منصفانه ٿئي ۽ معطر به رهي. جويي
صاحب جي زندگيءَ جي سڄي جدوجهد انهيءَ حاصلات لاءِ
رهي آهي.
منهنجي جويي صاحب سان ڪجهه خط و ڪتاب به رهي.
تحرير ۽ تنقيد جو به سلسلو رهيو. منهنجو استاد به
ٿي رهيو. ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو. انهن
سڀني صورتن ۾ مون جويي صاحب جي شخصيت کي هڪ بهتر ۽
اصول پسند شخص جي حيثيت سان ڏٺو. وڏي ڳالهه ته
پنهنجي فڪر سان وٽن سچائي حددرجي جي آهي. هتي آءُ
سندس علمي ۽ادبي خوبين جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو
سمجهان:
علمي طور جويي صاحب پنهنجي مخصوص طور تحرير ۾ يڪتا
آهي. سندس تحرير انفراديت واري آهي. ڳالهه کي
سمجهائڻ ۽ پنهنجي ماضي الضمير کي ذهن نشين ڪرائڻ ۾
جويي صاحب کي ڪمال حاصل رهيو آهي. سندس تحرير ۾ نه
ڳاٽي ڀڳا عربي ۽ فارسي لفظ ايندا، نه وري هندي
لفظن جو ڪو ورجاءُ نظر ايندو. بجاءِ ان جي سندس
لکڻي نهيايت سليس ۽ سلوڻي هوندي آهي. گرامر
جي لحاظ کان
نهايت پختي ۽ موتين جي داڻن جيان نظر ايندي. ڪٿي
ڪو جهول نظر نه ايندو، ۽ تسلسل ۽ ڳانڍاپي ۾ هر
لفظ، هر جملو نهايت شاندار انداز سان بيان ٿيل
هوندو آهي.
|