هن مهاڳ ۾ جويي صاحب، مسيح جي ’آسماني بادشاهت‘ جو
قصو دلپذير ۽ افسانوي انداز ۾ بيان ڪندي ٻڌايو آهي
ته: ’هر مظلوم ۽ محڪوم قوم پنهنجي مسيح جي انتظار
۾ هوندي آهي ۽ پنهنجي نجات لاءِ ۽ بهتريءَ لاءِ
اُن جي اُميد سدائين پنهنجي اولاد ۾ هوندي آهي. هر
انساني سماج ۾،نئين نسل ۽ تاريخ جو هيءُ سٻنڌ
لازمي ۽ اٽوٽ ٿئي ٿو. سنڌي سماج جا به پنهنجا مسيح
آهن. سنڌي سماج به ماريل ۽ ڏکويل سماج آهي.سنڌي
سماج سان به خدا جو، تاريخ جو، مستقل واعدو آهي.
سنڌي سماج جي تاريخ آهي- اُن جي سُک ۽ سوڀيا جي
تاريخ ، اُن جي ڏک ۽ ناڪاميءَ جي تاريخ- سنڌي سماج
به پنهنجي تاريخ مان سبق سکي سگهي ٿو ۽ اُتساهه
حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌي سماج جا پيئر ۽ مائرون،
نانا ۽ نانيون، ڏاڏا ۽ ڏاڏيون به پنهنجن دودن ۽
دولهه درياخانن، ڪنهن ميان آدم شاهه، ڪنهن ميان
دين محمد، ڪنهن مخدوم بلاول، ڪنهن صوفي شاهه
عنايت، پنهنجن ڪن هوشن ۽ هيمن، پنهنجن ڪن ڄاتل اڻ
ڄاتل شهيدن، سورمن سرويچن جو انتظار ڪري سگهن
ٿيون…‘
’سنڌ آزاد نمبر‘ جي ٻيهر ڇپائيءَ جي اهميت بيان
ڪندي جويو صاحب لکي ٿو ته: ’هن ۾ اُنهن (سنڌي قوم
جي مسيحن) لاءِ ڪجهه تاريخ آهي ، ڪي خواب آهن ڪي
قومي ادبن جو ڳالهيون ۽ ڪجهه قومي جدوجهد جا شرط ۽
بار آهن‘.
•
’صوبائي خودمختياري ۽ قومي اتحاد‘-عنوان
واري مضمون ۾ دليلن سان قومي مسئلن ۽ ڌار ڌار قومي
وحدتن جي شڪن ۽ شڪايتن جو بيان ڪري ڄاڻايو ويو آهي
ته ملڪ اندر ’صحتمند قومي اتحاد‘ اُن وقت تائين
ناممڪن آهي، جيستائين ’پنجاب‘ جي ’تحڪمانه حيثيت‘
ختم ڪري، پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ چئن جدا جدا ’قومي
وحدتن‘ کي ملڪي فيصلن جي اختيارن ۾ شرڪت ۽ قومي
گهرو وسيلن جي ’منصفانه تقسيم‘ جو حق تسليم ڪري
قومي، وحدتن کي مڪمل ’صوبائي خودمختياري‘ نه ٿي
ڏني وڃي.
•
نظام مساوات- اتحاد ۽ آزاديءَ جو نئون صبح‘-
به ساڳئي تسلسل جو مضمون آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي
موجوده ’سياسي غيريقينيءَ ۽ عدم اطمينان‘ جو وڏو
ڪارڻ، پاڪستان جي ’بنيادي دستاويز ۽ اساسي معاهدي‘
(23 مارچ 1940 واري ٺهراءَ) کان انحراف ۽ روگرداني
قرار ڏنل آهي ۽ ’قومي وحدتن‘ کي وحداني طور جي
آئين، ونيونٽ، اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي پئرٽي،
مضبوط مرڪز (۽ نظام اسلاميءَ جي نفاد جي نعري) هيٺ
گڏ رکڻ جي تجزين کي ناڪام سڏيو ويو آهي. خاص ڪري
سنڌ جي حوالي سان اُڀرندڙ خدشن جو حل-1940ع واري
’پاڪستان ٺهراءَ‘ تي مبني مساويانه نظام ۾ ئي
ڏيکاريو ويو آهي.
•’ويچار‘-
اصل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پارن 31 ڊسمبر 1981ع
تي جويي صاحب سان رچايل رهاڻ ۾، سندس ونڊيل ويچار
آهن، جن ۾ جويي صاحب سنڌ مدرسي جي يادن، ذاتي
زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ پنهنجي ادبي ۽ تعليمي
پورهيي تي روشني وجهڻ سان گڏ سنڌ بابت پنهنجا
خيال، اُمنگ ۽ خواهشون بيان ڪيا آهن- جويي صاحب،
سنڌ کي قديم زماني ۾’جمهوريت جي ماتر ڀومي‘ سڏيندي
اُن جي ’اڄوڪين حالتن ۽ سماج‘ کي، انقلاب فرانس
کان اڳ جي فرينچ سماج ۽ يورپ جي ٻين قومي سماجن
(پولنڊ، اٽليءَ ۽ آئرلئنڊ) سان ڀيٽ ڪئي آهي، ۽ سنڌ
ڌرتيءَ تي ’روشن خياليءَ، احتجاج ۽ جدوجهد‘ وسيلي
هڪ اهڙي ’بهشت‘ قائم ڪرڻ جي امنگ ڏيکاري آهي، جيڪو
’آزاد‘ هجي، جتي’پورهيتن جو لوڪ راڄ‘ هجي، جنهن ۾
اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اُخوت ۽ مساوات-
عمل ۾ هجن.
• ”تدبير
جو سفر“-
جويي صاحب جي، 1984ع ۾ ’سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن‘
جي يارهين سالگره ۽ سالياني انعام تقريب جي موقعي
تي ڪيل تقرير جو عنوان آهي، جنهن ۾ جويي صاحب هن
پڙهيلن/ عالمن جي تنظيم کي ’عوام جي سياست‘ کان
ڌار نه ٿيڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هن ڌرتيءَ تي ’جنت‘
اڏڻ لاءِ سمجهاڻي ڏيندي چيو آهي ته ’اوهين (عالم،
عصري علمن جا ڄاڻو ۽ سنديافته) به جيڪڏهن پنهنجي
ائسوسيئيشن جي ڪارڪردگيءَ ۾ خواص جي سياست تي عمل
پيرا رهندا ته اسان جو حڪمران، عالي مقام طبقو ۽
سندن ’خواصو ڪريسي، جيڪا اوهان کي سياست کان روڪي
ٿي يا ڊيڄاري ٿي، نه رڳو اُن کي خوشيءَ سان برداشت
ڪندي، پر وڌي وڌي اوهان کي همٿائيندي ۽ اوهان جي
اُن عمل کي زور وٺائيندي. هاڻي اهو اوهان جي
پنهنجي فڪر ۽ ارادي تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي سياسي
عمل کي اوهين پنهنجو انساني يا مذهبي ڪارج مڃو ٿا
۽ اختيار ڪريو ٿا-عوامي عمل کي يا خواصي عمل کي،
ڊيموڪريٽڪ عمل يا پليٽوڪرئٽڪ عمل کي، انسان پسند
عمل کي يا دولت پسند کي‘.
•
’سنڌ منهنجي خوابن جي‘- شاهه عبداللطيف
ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ پاران ’ سنڌي معاشرو ۽ سنڌ
سڀاڻي‘ سيمينار ۾ جويي صاحب جي صدارتي تقرير آهي،
جنهن ۾ سنڌ سان هڪ سچي ۽ حلالي پُٽ
(son of soil)
جي وابستگي
(commitment)
قائم رکندي، سنڌ جو هيءَ دانشور، سنڌ جي تاريخن کي
ٽن دورن ۾ ڏسي ٿو-(1) 1843ع تائين جو (قبل از
تاريخ ۽ بعد از تاريخ) دور،(2)1843ع کان 1947ع
تائينءَ
جي
هڪ صديءَ جي غلاميءَ جو دور، ۽ (3) اڄوڪو اڀاڳو
دور- سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ’ڪل-هند بيٺڪي نظام‘سان
جهيڙيندي، 1947ع ۾، هڪ قسم جي ’راڄوڻي فيصلي‘
موجب، جنهن سان ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ حڪومت
برطانيه- ٽنهي ڌرين جو اتفاق هو، پاڪستان ۾ ڪن
’متفقه شرطن‘ (1940ع جي قرادار) موجب ’خود اختيار
۽ خودارادي‘ حيثِيت سان شامل ٿيا هئا، پر اُنهن
شرطن جي پاڪستاني’اقتدار ۽ اختيار جي ’نون نوابن
۽ صاحبلوڪن‘ ڀڃڪڙي ڪئي، ۽ اڄ اسان سنڌي، ان
امڪان جي خوف ۾ ورتل آهيون ته ’اسان جي وجود جو ڇا
ٿيندو؟‘ – ان خوف مان نجات جو رستو، جويو صاحب،
شاهه لطيف جي لفظن ۾:
’سڪين ڪهُ سلام کي، ڪرين ڪهُ نه ڪلام،
ٻيا در تن حرام، ايءَ در جنين ديکيو‘
ڏسي ٿو، ۽ ’ايءُ در‘، انقلاب جو در، جدوجهد جو در
آهي- ڇو ته جويي صاحب کي پڪ آهي ته ’سنڌي سماج،
سڀاڻي جي سنڌ ۾ اُهوئي هوندو، جيڪو اسين پنهنجي دل
۾ پاڻ رٿينداسون ۽ پنهنجن هٿن سان پاڻ اڏينداسون.‘
•ڪتاب جي پهرئين حصي جو آخري اسم’سنڌ، فساد جي
زد ۾‘ روزانه ’هيرالڊ‘ کي ڏنل انٽرويو آهي،
جنهن ۾ هن سنڌ اندر ٿيل فسادن تي روشني وجهندي،
انهن کي پاڪستان سرڪار جي ڪراچي انتظاميه جي 1950ع
۾ کنيل غلط قدمن ۽ پاليسين جو نتيجو قرار ڏنو آهي،
جن هيٺ ڪراچيءَ مان سنڌي اسڪول ختم ڪيا ويا، سنڌ
يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو
ويو ۽ سنڌي زبان ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي. ان کان سواءِ هن اردو سياسي صحافت ۽ مذهبي
سياسي جماعتن (خاص ڪري جماعت اسلاميءَ) جي
پاليسيءَ کي به ان جي بنيادي ڪارڻن ۾ شامل ڪيو
آهي. هن انٽرويوءَ ۾ ’سنڌي مهاجر مسئلي‘ تي تفصيلي
روشني وڌل آهي.
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي پهرئين حصي جا سمورا طبعزاد
(انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ بنيادي طرح لکيل/چيل) مضمون،
تقريرون ۽ انٽرويو، سنڌ جي قومي وجود جي بقا ۽
سلامتيءَ واري امنگ سان واڳيل آهن، جن ۾ سمجهايل
آهي ته ’وطن دوستي ۽ قوم دوستي، اڄ جي جائز ۽
معروف سياست آهي ۽ اُها انسان دوستيءَ جي آڏو
رڪاوٽ نه آهي.‘
•
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾،
ڇهه مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان هڪ کان سواءِ ٻيا
سمورا، دنيا جي ڏاهن ۽ فليسوفن- جان وئن ڊُون
سائوٿ ورٿ، جي. جي. روسو، پروفيسر سي.اي.ايم.جوڊ.
اي فونيسڪا پامينٽل ۽ مارس ڪارن فرٿ جي فلسفيانه
مضمونن جا ترجما آهن، انهن مان پهرئين مضمون
”انسان ۽ سندس دنيا “ ۾ اوائلي انسان، اوائلي
پٿر واري زماني، پراڻي پٿر واري زماني ۽ نئين پٿر
واري زماني تي روشني وجهي، انسان ۽ سندس دنيا جي
اوسر بيان ڪئي وئي يونٽ سرڪار، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي
بدخواهن جي چُرچ تي، مئي، 1964ع ۾ ضبط ڪيو. سندس
ٻئي شعري مجموعي’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ کي اشاعت واري
سال 1963ع کان پنج سال پوءِ 1968ع ۾ ساڳي سرڪار،
ساڳين ماڻهن جي چُغلين تي ضبط ڪيو. اهڙيءَ طرح
اياز جي پهرئين نثري مجموعي، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپري‘ کي پڻ 1968ع ۾ ضبط ڪيو ويو. انهن ٽنهي
ڪتابن مان، نثري مجموعي ’جي ڪا ڪڪوريا ڪاپڙيءَ‘
جو تعارف محمد ابراهيم جويي لکيو هو. جويي صاحب،
اياز جي اُن هڪ نثري ڪتاب کان سواءِ سندس اٺن شعري
مجموعن: ’جل جل مشعل ج جل‘(4 مئي،1967ع)، ’هي گيت
اُڃايل مورن جا‘ (19 فيبروري،1968ع)،’ڪي جو ٻيجل
ٻوليو‘ (21 جولاءِ،1970ع)، ’وڄون وسڻ آئيون‘
(15-آگيسٽ، 1972ع)، ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ (10 فيبروري،
1972ع)، ’لڙيو سِج لڪن ۾‘ (1-فيبروري، 1980ع)،
’راج گهاٽ تي چنڊ‘، (20 نومبر، 1987ع)،’بڙ جي ڇانو
اڳي کان گهاٽي‘ (21 مئي، 1988ع) تي فڪرانگيز مهاڳ
لکيا هئا. جويي صاحب جا هي مهاڳ، ٺلها روايتي مهاڳ
نه آهن، پر اُنهن ۾ جويي صاحب، تنقيد ۽ اڀياس جي
فن کي ڪمال بلندين تي پهچايو آهي. جويو صاحب، سنڌ
جو اهو پهريون جديد عالم ، دانشور ۽ اديب آهي،
جنهن جامي چانڊيي جي لفظن ۾، ’مهاڳ کي باقاعدي هڪ
صنف طور سڃاڻپ ڏني‘ جويي صاحب، اياز جي شاعريءَ کي
هڪ ڏس
(Direction)
۽ واٽ ڏيکاري آهي. جديد شاعريءَ جي نقيد اڀياس جي
حوالي سان جويو صاحب، سچ پچ هڪ ’ٽرينڊ سينٽر‘
(Trend sentter)
آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌ ۾ ’اياز شناسيءَ‘ جو
جويي صاحب کان ڪو وڏو پارکو نه آهي ته اُن ۾ ڪو به
وڌاءُ نه ٿيندو. ان ڳالهه جو اعتراف خود، شيخ
اياز، پنهنجي ڪتاب ’ساهيوال جيل جي ڊائريءَ‘ ۾ به
ڪيو آهي:
”ابراهيم جويي مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي
ڇڏيا هُن ڪيئي بيت لکيا، جي ابراهيم کي پوسٽ ڪري
موڪليائين. ابراهيم جويو اُن وقت ڪراچيءَ ۾، سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو، ۽ هُن اياز جا اُهي
بيت،(1955ع جي) ”ٽماهي مهراڻ“ جي ابتدائي صفحن ۾
شايع ڪيا ۽ اهي بيت، اياز جي ادبي زندگي جو نئون
جنم بڻيا.‘
اياز، اردو شاعري 55-1954ع ڌاري ڇڏي ڏني ۽ سنڌي
شاعريءَ ڏانهن وڏي هڪ ولولي، اُتساهه ۽ جوش جذبي
سان موٽي آيو. هن پنهنجي سنڌي شاعريءَ ڏانهن ان
شانائتي واپسيءَ کي، ساڳئي ڪتاب’ساهيوال جيل جي
ڊائريءَ‘ ۾ بيان ڪيو آهي، ۽ ان ۾ بيان مان اياز جي
من جي سرهائيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو؛
”ابراهيم جويي صحيح چيو هو ته مان اردوءَ ۾ پنهنجي
ڏات کي منطقي نتيجي تي پهچائي نه ٿو سگهان. اڄ
منهنجن سنڌي شعرن تي هزارين ماڻهن جون دليون ڌڙڪن
ٿيون ۽ ايوب جي حڪومت بانورجي پئي آهي. اها ڳالهه
منهنجي اردو شاعري پيدا نه ڪري سگهي ها.‘(ص 181)
واقعي اها حقيقت آهي ته ايوب شاهيءَ جي ون يونٽ
واري دور ۾، اياز جي شاعريءَ ۽ ’بزم صوفياءِ سنڌ‘
جي تحريڪ ٻارڻ ٻاري ڇڏيو هو. ’بزم صوفياءِ سنڌ‘،
قومي جلسن ۽ ’روح رهاڻ‘ جي جشنن دوران مشاعرن ۾،
اياز جي صدارتي تقريرن، ڊگهن نظمن ۽ طويل غزلن
واري شاعريءَ اهو رنگ رچايو هو ، اياز ’سنڌ جو
آواز‘ بنجي پيو. اياز جي نثر ۽ شاعريءَ جي ڪتابن:
’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘(محمد ابراهيم جويي ڏانهن
لکيل شاعر دوست جا خط: 1963ع) ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘
(شاعري: جون 1962ع) ۽ ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (شاعري:
1963ع)، جديد سنڌي ادب (نثر ۽ شاعريءَ) جي ميدان ۾
ڀونچال مچائي ڇڏيو. اياز جي شاعريءَ جي پهرئين
مجموعي، ’ڀؤئر ڀري آڪاس‘ (پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي
انعام يافته) کي سنڌ دشمن ون ۾ وڏو شاعر ڏسي ورتو
هو، ۽ هُن ڄاتو ٿي ته اياز پنهنجيءَ ڏات کي منطقي
نتيجي تي اردوءَ م نه، پر صرف پنهنجي مادري زبان
سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهيو ٿي.
اياز، پنهنجي ڪتاب ’ساهيوال جيل جي ڊائريءَ‘ ۾ ان
حقيقت جو اظهار هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
”هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا،
جي هن کي ڏاڍا پسند آيا. جڏهن مون هي سٽون پڙهيون:
يه دُنيا، يه آماجگاهِ تمنا
کها ن جا رهي هي
يه رقاصهء روز شب نوک خنجر په يون ناچتي جار رهي
هي
که جيسي اُسي يه يقين هو گيا هو،
که اب پاؤن چهلني نه هون گي.
تڏهن ابراهيم چيو هو، ”اياز، توکي مان وري به چوان
ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون
پنهنجيءَ ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾
پهچائي سگهين ٿو؟“
مون ڏک سان ڏسي ابراهيم کي چيو هو ”پر توکان سواءِ
مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟“
ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، ”اسان ٻه ڪافي
آهيون.اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.“
‘Save Sindh Save the continent’جي
مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.
شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي جي ضد آڏو آڻ مڃي ۽
سنڌي شاعري ڪئي ۽ واقعي هنن ٻنهي دوستن جي ادب،
ابراهيم جويي جي نثر ۽ اياز جي شاعريءَ، سنڌ
بدلائي ڇڏي.
اياز، ابراهيم جويي کي پنهنجيءَ سنڌي شاعريءَ جو
مُحرڪ سمجهندي مڃيو آهي ته ’هڪ ڀيري سندس روح جي
ڳنڍ اوچتو کُلي ۽ جي خلاف هو.
ان ئي زماني ۾ يعني 1945ع ڌاري، ڊاڪٽر
گُربخشاڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ’سنڌي ادبي سرڪل‘
جُڙي چڪو هو. شيخ اياز ۽ شيخ راز، ٻئي دوست، سرڪل
جي گڏجاڻين ۾ گڏجي ويندا هئا. ۽ اُتي هڪڙي ڏينهن
اياز پنهنجن نظمُ، ’او باغي او راج دروهي، ڀارت ۾
بلوي جا باني‘ پڙهي، ٻڌندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.
ان ئي سرڪل ۾ شيخ اياز جي نارائڻ شيام سان واقفيت
ٿي هئي ۽ ٻئي جديد سنڌي شاعريءَ جا امام بڻجي،
اڳتي هلي سموري ڪوتا- کيتر تي ڇانئجي ويا. اهو
ادبي سرڪل، اڳتي هلي، ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو روپ
اختيار ڪري ويو. اياز پنهنجن ڪتابن ۾ اها ڳالهه
تسليم ڪئي آهي ته سندس نظم ’اوباغي راج دروهي‘ ۾
ڪم آندل ٻولي، محمد ابراهيم جويي جي صحبت جو اثر
هئي.
ورهاڱي جي وار، اياز جو اندر اڌ ڪري ڇڏيو هو. سندس
سمورا ادبي سنگتي، ورهاڱي جي حالتن جو شڪار ٿي،
ڀارت هليا ويا هئا، ۽ هن اڪيلي، اُداس ۽ اٻاڻڪي
ڪويءَ کي سنڌ ۾ سمجهڻ وارو شخص صرف محمد ابراهيم
جويو وڃي بچيو هو، يا ڪنهن حد تائين سوڀو
گيانچداڻي به سندس اداسائيءَ جو احساس رکندو هو ۽
کيس سمجهندو هو. انهيءَ ئي دور ۾ اياز جو واسطو
’ترقي پسند مصنفين‘ ۽’حلقهء ارباب ذوق‘ جي اردو
شاعرن اديبن سان وڃي جُڙيو، ۽ هن ورهاڱي کان پوءِ،
سندن صحبت ۾، اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، ۽
شاعري به اهڙي، جو اردوءَ جا جُڳادري شاعر به
حيران رهجي ويا. اياز جي ان اردو شاعري جو پهريون
مختصر مجموعو، ’بوئي گل نالئه دل‘ جي نالي سان،
پاڪيٽ سائيز ۾، 1954ع ۾ اردو، زبان جي باڪمال
اديب، پروفيسر آفاق صديقي صاحب ڇپائي پڌرو ڪيو هو.
ابراهيم جويو، اياز جو دوست، اياز جي اردو
شاعريءَ مان خوش نه هو ۽ هن جي دوربين نظرن، اياز
جي روپ ۾ سنڌي زبان جو، وقت جو وڏي ڪاپڙي مليا
هئا، تن مان محمد ابراهيم جويو هڪ هو ۽ ٻه ٻيا
هئا: سوڀو گيانچنداڻي ۽ حشو ڪيولراماڻي؛ ۽ جن ٽنهي
لاءِ شيخ اياز، ڀٽائيءَ جي هيٺين سٽ ڪم آندي آهي:
جوڳيءَ جا ڳائي، ماري وڌو مامري!
ابراهيم جويي سان شيخ اياز جي پهرين ملاقات، سال
1944ع ۾ سندس دوست جمال صديقيءَ معرفت ٿي هئي، ۽
ان وقت اياز، ڪراچيءَ ۾ بي. اي پڙهندڙ هو ، جڏهن
ته محمد ابراهيم جويو، سنڌ مدرسي ۾ ماستر هو. ان
دور ۾ جويي صاحب، شيخ اياز کي ’ٿنڪرس لائبرريءَ‘
جا ڪيترائي اهم ڪتاب پڙهايا هئا، جن ۾
‘Martyrdom of Man’
(انسان جي شهادت‘)
‘Illusion of National Character’
(قومي ڪردار جو خبط‘) ۽ ٻيا ڪتاب شامل هئا. ان کان
سواءِ جويي صاحب کيس’ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ‘ جي
اڳواڻ ايم. اين.راءِ جا ڪتاب پڻ پڙهايا هئا.
اياز ۽ ابراهيم جويي جي دوستيءَ جي، اُن دور ۾
اِجهو ائين ابتدا ٿي. انهيءَ دور ۾ ابراهيم جويي ۽
اياز جو انتهائي ويجهڙائيءَ وارو ميل جول رهيو.
اياز هن دور لاءِ لکيو آهي ته: ”اِهو دور مون لاءِ
نشي جو دور هو. جوانيءَ جو ڀرپور نشو ۽ نون خيالن
سان لهه وچڙ جو نشو، مطالعي جو نشو شاعريءَ جو
نشو، دوستيءَ جو نشو، مون سوين ڪتاب پڙهي ڇڏيا.“
اُن دور ۾ شيخ اياز جي شاعري، آهستي آهستي ادبي
اُفق تي انڊلٺ ريکائن جيان رنگ ڏيکارڻ ۽ پنهنجو
اثر وجهڻ شروع ڪيو هو، ۽ هن نو آموز مگر پختي شاعر
جي شاعريءَ، ان وقت جي چوٽيءَ جي ادبي رسالن ۽
مخزنن ۾ ڇپجي، ڪيترن سينيئر شاعرن کان ڇرڪ ڀرائي
ڇڏيا هئا. اياز ان دور ۾ پنهنجا نوان غزل ۽ نظم،
محمدابراهيم جويي کي ٻُڌائيندو هو، جيڪو سندس
شاعريءَ کي بيحد پسند ڪندو هو، پر سندس شاعريءِ ۾
حد زياده فارسي لفظن جي ڪتب آڻڻ
تاج جويو
آجپي جي اُجري باک جا سپنا ڏسندڙ:
محمد ابراهيم
جويو
جديد سنڌ جي فڪري ۽ ادبي تحريڪ جي حوالي سان،
سائين جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ محمد
ابراهيم جويو ٽي اهڙا شخص آهن، جن جو ڪردار ۽ قدُ،
انتهائي اوچو ۽ بلند نظر اچي ٿو. سائين
جي.ايم.سيد، سنڌ جي هزارين سالن جي سماجي، فڪري ۽
سياسي شعور جو تسلسل هو. ۽ هن اُن تناظر ۾ سنڌ جي
سماجي، سياسي ۽ فڪري رهبري ڪئي. پير حسام الدين
راشديءَ سنڌ جي تاريخ تان صدين جي غلاميءَ جي دز
ڇنڊي، ٻاهرين هاڪارن ۽ سندن درٻاري مورخن جي
سامراجي مقصدن ۽ ٻهروپي رُخ تان پردو هٽائي، سنڌ
جي تاريخ جو سچو ۽ سُندر چهرو ، سنڌواسين کي
ڏيکاريو؛ ۽ ائين قريشي حامد علي خانائيءَ، دادا
سنڌيءَ، پروفيسر عبدالله خان مگسيءَ کان وٺي ڊاڪٽر
غلام محمد لاکي تائين هڪڙن محب وطن تاريخدانن جي
کيپ تيار ٿي، جن سنڌ جي تاريخ جون لڪل ڪُنڊون ۽
گوشا تلاشي، نمايان ۽ نروار ڪيا. جديد سنڌي ادب
(نثر ۽ شاعريءَ) جي حوالي سان نئين سنڌ جي ذهني
تربيت ۾ وري محمد ابراهيم جويي جو وڏو ڪردار رهيو
آهي، جيڪو هڪ دور، هڪ تاريخ ۽ هڪ تحريڪ جي حيثيت
رکي ٿو ، هي سادو، سٻاجهو ۽نرم مزاج شخص، پنهنجي
وابستگيءَ ۽ ڪردار جي لحاظ کان هڪ اهڙي تناور درخت
وانگر آهي، جنهن جي ٿڌڙي ۽ گهاٽي ڇانو هيٺ، ادبي
دنيا جي ڪيترن پکيئڙن نه رڳو پر ساهيا ۽ ساهي پٽي
آهي، پر واٽ جي لاٽ به حاصل ڪئي آهي، ۽ رهنمائي ۽
روشني حاصل ڪري ماڳ تي پهتا آهن. سنڌ جي مهمان
شاعر شيخ اياز کي طالب علميءَ جي زماني ۾ جيڪي ٽي-
۽ ائين اسان جي هن محترم ڏاهي انسان، محمد ابراهيم
جويي جا سڀ طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل مضمون ۽ ويچار اسان
تي واضع ڪن ٿا ته ’سياست، علم ۽ عقل‘ ۽ سڄو ادب،
انسان لاءِ آهن ۽ انسان جو سمورو فڪر ۽ عمل، انسان
جي تعمير ۽ ڀلائيءَ لاءِ آهي‘.
اهڙيءَ طرح جويي صاحب جي سموري فڪري، علمي ۽ ادبي
پورهيي جو تتُ، سندس ئي لفظن ۾ هن طرح بيان ڪري
سگهجي ٿو:
‘علم ۽ادب جي دائري ۾ منهنجي سڄي ڪم ۽ ڪردار جي وٿ
يا ڪارج جي اوهان کي (اسان کي) جيڪڏهن ڪٿ ڪرڻي
آهي، ته اُن سڀ ۾ منهنجي آڏو جيڪو مقصد رهيو آهي،
اُن جي ماڻ ۾ اُها اوهان کي (اسان کي) ڪرڻ گهرجي.
اُن مقصد جو شعور پهريائين هلڪو ۽ فطري طرح جو ۽
پوءِ تجربي ۽ ڄاڻ جي وڌڻ سان جيئن پوءِ تيئن
رچندو، پڪو ۽ پختو ٿيندو ۽ اڄ اُهو پورو راس ٿيل
منهنجي ذهن ۾ موجود آهي- ۽ اُهو آهي’زندگيءَ سان
commitment،
سرسيتائي- سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي
آهي، اُن سان
commitment
ته اُن ۾ پورهيت جو لوڪ راڄ قام ٿئي، جنهن ۾ اُن
جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت ۽ مساوات – عمل
۾ هجن‘.
هيءُ ڪتاب، سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ جي روشن مستقبل
واري دڳ ڏانهن رهنمائي ڪري ۽ سڀاڻي جي سنڌ جو وڄ
ورنو چهرو پسائي سگهي ٿو.
(ڪتاب ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ جو مهاڳ، هڪ ٻن ترميمن
سان )
گانڌيءَ وانگر سياسي طاقت رکندڙ اڳواڻ نه هو- پر
صرف هڪ پادري يعني ’ريڍار‘ هو. عيسائين جو ’عظيم
ريڍار“، حضرت عيسيٰ آهي. ۽ هيءُ حضرت عيسيٰ جو سچو
پيروڪار هو. روميرو جا موت کان اڳ چيل لفظ، تاريخ
۾ عظمت جو دليل آهن:” هڪ ريڍار طور آءُ خدا جو
شڪرگذار آهيان، جو هن مون کي، منهنجي زندگي ٻين
لاءِ وقف ڪرڻ جي همت عطا ڪئي- اُنهن لاءِ جن کي
آءُ پيار ڪريان ٿو ۽ اُنهن لاءِ به جيڪي منهنجي
زندگيءَ گُل ڪرڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيل آهن“.
روميرو جو ڏوهه فقط اهو هو ته هن ’بحيِثيت آرڪ بشپ
جي‘ سندس ٽن سالن جي دور ۾، ديول ۾ هر آچر جي صبح
وارن واعظن ۾ قوم جي دل ۽ ضمير جي آواز جي ڳالهه
ڪئي هئي ۽ نتيجي طور ’ڳوٺن جا هاري‘، هن کي پنهنجو
’آواز‘ ۽ پنهنجو ’مددگار‘ سمجهندا هئا، ۽ هيءُ
’هارين‘ تي ٿيندڙ ’ظلمن‘ خلاف،
’سرڪار‘ وٽ احتجاج ڪندو هو. هن اعلان ڪيو هو ته
’اسين پنهنجن استادن ۽ مزدورن ۽ هارين سان گڏ
پادرين جو خون پيش ڪري سگهون ٿا‘ ۽ اهو به چيو هو
ته ’سماج جي بهتريءَ لاءِ اسين جدوجهد جي ضرورت
کان بخوبي واقف آهيون‘- ۽ اها ڳالهه سرڪاري گماشتن
لاءِ موت هئي ۽ هنن کيس راهه جو ڪنڊو سمجهي هٽائي
ڇڏيو.
•
’شلان جو باندي‘
(The prisoner of Chilon):
لارڊ بائرن، انگريزي زبان جي عظيم شاعر ۽ ’وزن ۽
قافيي جي مملڪتن جي پرشڪوه نيپولئن‘ جي نظم جو
سنڌي زبان ۾ نثري ترجمو آهي، جنهن ۾ شلان جي قلعي
جي قيديءَ بونيوارڊ
(Bonnivard)
جي روح جو آواز آهي، جنهن ملڪ ۾ آزاد جمهوري رياست
(A free Democratic State)
قائم ڪرڻ لاءِ بغاوت ۾ حصو روتو هو. ’تاريڪ
بنديخانن ۾ سدا روشن آزاديءَ‘ جو نقيب هيءُ نظم،
آزاد انسان جي ’جيوت جي مُهر‘ آهي. هيءُ نظم
’بونيوارڊ‘ جي پاڻ سان گڏ قيد ٻن ڀائرن جي محبت جو
گيت ۽ سندس ڏکن ۽ انجام جو نوحو پڻ آهي.
اهو مڃڻ تي آماده ٿيو آهي ته هن جي ڪا راءِ نه آهي
۽ هو سچ پچ به ڪا شيءَ نه ٿو طلبي- هن جي نظر ۾ هر
پسند جي وٿُ، يا قدر لائق شيءَ، بغاوت لاءِ ڪانه
هوندي آهي. پر هر بغاوت ڪنهن پسند جي وٿ يا قدر
لائق شيءَ لاءِ ضرور هوندي آهي، هو پڇاڙيءَ ۾ شڪست
مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، پر ٻيءَ هر قربانيءَ ڏيڻ،
يعني پنهنجي موت لاءِ به تيار آهي- ” پر پنهنجي
آخري ’درود‘ يعني ’آزاديءَ جي گرمائيندڙ ساهه‘ کان
محروم ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. گوڏن ڀر جُهڪي جيئڻ
کان پيرن تي بيهي مرڻ هو بهتر ٿو سمجهي، ، باغي
ڪڏهن به ڪنهن جي ذليل ٿيڻ کي پسند نه ڪندو آهي ۽
نه پاڻ ڪڏهن ذليل ٿيڻ برداشت ڪندو آهي. هو پنهنجي
عزت نفس جي بچاءَ ۾ ۽ پنهنجي وجود جي احترام ڪارڻ
ته هر قسم جي عذاب سهڻ لاءِ- پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي
ساهه جي ٻليدان تائين به- هر دم تيار هوندو آهي،
اهڙيءَ طرح مئڪس شلر، نتشي، ٽرٽيوليان، ايڪارت
وغيره جي فڪري ڄاڻ ذريعي ’بغاوت جي روح جي اُڏام‘
جو جائزو ورتو ويو آهي- ۽ سڄي بغاوت جي فلسفي جو
تت هن هڪ جملي ۾ بيان ڪري ٿو ’آءُ بغاوت ڪريان ٿو،
انهيءَ ڪري اسين زندهه آهيون‘.
•
’غريبن جوريڍار‘-
۾ ليکڪ، جيمس آر. براڪمئن. ايس. جي جو ايلسلواڊور
جي آرڪ بشپ (وڏي پادري) آسڪرو روميرو جي قتل بابت
لکيل مضمون، ترجمو ڪري ڏنو آهي، جنهن کي راڄڌانيءَ
جي هڪ ننڍيءَ ديول ۾ واعظ دوران هڪ قاتل گوليءَ جو
نشانو بنايو هو. هن نيڪدل انسان، ’موت توڙي
زندگيءَ ۾، ظلم کي محبت جي عيوض سان منهن ڏنو‘،
جنهن جي نيڪدليءَ ۽ عوامي مقبوليت جو اهو حال آهي،
جو اڄ (1984ع ۾) به ايلسلواڊور جي ’هارين وٽ رڳو
سندس تصوير جي موجودگي به خطرناڪ حرڪت تصور ڪئي
وڃي ٿي‘، ۽ جنهن جي’خيالن جا انقلابي لاڙا‘ انهن
لاءِ سخت سزائن جو سبب بنجن ٿا!
آسڪرو روميرو مذهبي ماڻهو هوندي به مارٽن لوٿر
ڪنگ ۽ سڏيندي ڄاڻايو آهي ته ’اخبار، ٻوليءَ ۽ اُن
جي وقتائين سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ سڀيتائي ادبن
جو هڪ دستاويز آهي، جيڪو هر روز هزارن ماڻهن جي
هٿن ۾ پهچي ٿو‘ – ان کان سواءِ: ’اخبار، ٻوليءَ جي
اظهاري ممڪنات جي پرک جو ميدان آهي، هر قسم جي
عملي ۽ فني دنيا جو حال احوال اخبار ۾ بيان ٿئي
ٿو‘.
•
ڪتاب ’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘(ڀاڱي
ٻئي) بابت تاثر، جويي صاحب، اياز جي هڪ مصرع سان
شروع ڪيو آهي:
زندگي تلخ آ، هجي ته هجي،
روح ۾ سو ملاحتون رهنديون‘
۽ ٻڌايو آهي ته هن ڪتاب ۾ ملاحتون رکندڙ هڪ ’سائي
ستابي ۽ سجاڳ روح‘ جا حال احوال ۽ ’سورن جون
سربستيون ۽ اميدن ڀريل ڳالهيون‘ آهن. فاضل ليکڪ
اسان کي پنهنجيءَ ’دل جا داستان‘ ٻڌايا آهن، جيڪي
هن ڪوٽ لکپت ۾ هڪ قيديءَ جي حيثيت ۾، هڪ مثالي
قيديءَ جي حيثيت ۾ ويهي قلمبند ڪيا هئا. اهڙيءَ
ريت جويي صاحب ، ڪتاب جي هن سيڪشن ۾ ادب لاءِ علم
۽ عقل ۽ مقصد يا ڪارج جو هئڻ ضروري قرار ڏنو آهي،
ڇو ته اُن کان سواءِ ادب بي روح ۽ بي مقصد ٿي وڇي
ٿو.
ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ چار خوبصورت ترجما
آهن:
•
”هڪڙو ڪو سهڻو ماڻهو“-ڪنهن
گُمنام سنڌي ماڻهوءَ /ليکڪ جو پاٻوهه، پيار ۽
سنيهه سان، ڪنهن هڪڙي ’سهڻي ماڻهوءَ ’سونهري ديس‘
جي هڪ بانڪي بهادر ۽ اُتساهه جي پيڪر، غريبن جي
منصف بابت لکيل خوبصورت ليک جو خوبصورت ۽
اُتساهيندڙ ترجمو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ذهن ۾
ڪيئي روشن مشعلون ٻري پون ٿيون.
•”باغي“
– هڪ اهڙي آدرشي ’باغي انسان، غلام ماڻهوءَ جي
بغاوت جو فلسفو آهي، جنهن جي ’نهڪر‘ ۽ ’انڪار‘ ۾
’تياڳ يا ترڪ‘ شامل نه آهي، جنهن وٽ ’چُپ رهڻ‘ جي
معنيٰ اها آهي ته ’ماڻهو پاڻ هارڊر جا ٻه نظم
ترجمو ڪيا آهن.
ٻئي حصي جو آخري مضمون، ’بامقصد فلسفو‘ جڳ
مشهور ليکڪ ’مارس ڪارن فرٿ‘ جي ڪتاب ’جدلياتي
ماديت‘ جي جلد پهرين ’ماديت ۽ جدلياتي طريقو‘ جو
ترجمو آهي، جنهن ۾ ’ پارٽي فلسفي‘، ’ماديت ۽
تصوريت‘ تي تفصيلي روشني وڌل آهي- ۽ ائين اسان جي
هن ڏاهي انسان، جويي صاحب، اسان کي علم جي اهميت،
علم ذريعي عقل جي واڌ ۽ علم جي جائز فائدن جي ڄاڻ
ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
•ڪتاب جي ٽئين حصي ۾
جويي صاحب جا ٻه انٽرويو، هڪ مضمون ۽ رسول بخش
پليجي جي ڪتاب’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘ ڀاڱي ٻئي بابت
تاثر ڏنل آهن. پهرئين انٽرويوءَ ’ادب، سياست ۽
تعليم‘ ۾ جويي صاحب، ادب جو سماجي ڪارج
ڄاڻيندي ٻڌايو آهي ته ’ ادب سماج کي ان جي
هيڻائيءَ ۽ پائبنديءَ کان نجات جو رستو ڏيکاري
ٿو‘. ان کان پوءِ سنڌي ادب تي اڄوڪي صورتحال
(رسالن تي بندش ۽ سرڪاري ڏمر وِغيره) جي اثرن، اُن
صورتحال ۾ ادب جي ڪردار، ادب ۽ سياست جي لاڳاپي،
سنڌي ٻوليءَ جي حيِثيت، سنڌي اديبن بابت سرڪاري
الزامن، ادب ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي اصلاحن، پاڪستان
جي موجوده تعليمي معيار، نصاب ۾ وقت سر ايندڙ
تبديلين وغيره تي جامع ۽ واضح لفظن ۾ روشني وڌي
آهي.
|