سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :28

ڪوهين ڏور ۽ بنهه نيارو آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪ ڀيري اسين سائين جن جي صحبت ۾ ويٺا هئاسون ته اِن دوران ڪنهن مشهور سنڌي رسالي جو هڪ نمائندو، سائين جن سان ملاقات واسطي آيو ۽ دعا سلام کان پوءِ عرض ڪيائين ته ’سائين، اسان جي اداري توهان جي شخصيت بابت هڪ ’خاص نمبر‘ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ توهان اسان جي مدد ڪريو“. سائينءَ جن کيس جواب ڏيندي چيو ته:”ڇا، سنڌ ۾ ٻيا ڪي مسئلا آهن ئي ڪونه، يا اُهي سڀ حل ٿي ويا آهن، جو توهان مون بابت ’خاص نمبر‘ يا ’خاص اشاعت‘ ڪڍڻ ٿا گهرو؟ بابا، آءُ ايترو اهم ناهيان، سنڌ اهم آهي، سنڌي ماڻهو اهم آهن، انهن جا مسئلا اهم آهن. انهن لاءِ ڪم ڪريو، انهن لاءِ جاکوڙ ڪريو، پاڻ پتوڙيو،ماڻهن ۾ هروڀرو شخصيت پرستيءَ وارا رجحان پيدا نه ڪريو. مون بابت ايڊيشن ڪڍڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي.“ اڳيون همراهه خاموش ٻڌندو رهيو. آءُ سندن منهن تڪيندو رهجي ويس. دل ۾ سوچيم ته هڪ طرف ماڻهو آهن، جيڪي شهرت لاءِ سڪن ٿا پيا ۽ سستي ۽ بيجا شهرت حاصل ڪرڻ خاطر الائي ڇا ڇا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ طرف هيءُ ماڻهو آهي، جيڪو انهن ڳالهين کان صفا بي نياز، بلڪل نيارو، ناموريءَ کان لڄارو، جهڙو آهي، جتي آهي، مطمئن پيو گذاري.

سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندن عشق جو عالم اِهو آهي، جيڪو پاڪستان  کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جنم وٺندڙ انيڪ نوع جي مسئلن، جن سبب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي ٿي سگهيا، مٿن ڪي ڪٺن گهڙيون اچي پئي سگهيون، اهڙن مڙني موقعن تي هڪ سچائي پسند هڏ ڏوکيءَ ۽ دانشور طور محمد ابراهيم جويي پنهنجو ڪردار نڀائيندي، سدائين نه فقط جدوجهد ڪئي آهي، بلڪه باطل قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندي، هر محاذ تان جنگ پئي جوٽي آهي. هوُ اهڙن موقعن تي هميشه جدوجهد جي اڳين صفن ۾ نمايان رهيو آهي. جنهن جو تازو مثال ڪالاباغ ڊئم وارو مامرو آهي. محترم جويو صاحب ڪالاباغ ڊيم خلاف هر محاذ ۽ هر فورم تان سنڌي  عوام جي امنگن جو حقيقي ترجمان بنجندي، سنڌ جو ڪيس نهايت ئي برجستائيءَ، بهادريءَ، ۽ ڏاهپ سان وڙهي رهيو آهي. ڌرتيءَ سانcommitment  (واعدي وفائي) جي انتها اِها آهي، جو سراج ميمڻ هڪ هنڌ نيٺ چئي ڏنو ته ”وطن پرستي ابراهيم جو مذهب آهي ۽ مذهبن ۾ ’شرڪ‘ ڪبيرو گناهه آهي“.

سائين ابراهيم جويو صاحب، ڏات جو ڏاتار، ڏات ڌڻي آهي، ۽ علم ادب واسطي هن کاهوڙي ۽ جاکوڙي ماڻهوءَ جي ڪيل تپسيا سبب سرسوتي مٿس مهربان آهي. لفظ ۽ خيال ههڙن ماڻهن جي قلم جي هڪ جُنبش جا محتاج ۽ غلام آهن. هي ماڻهو جيڪڏهن چاهين ته هڪ ڇا، پر انيڪ شَڪُنتلائون ۽ گيتانجليون  تخليق ڪري  سگهن ٿا. اياز ههڙن ئي ماڻهن کي’سرجڻهار صدين جا‘ ڪوٺيو آهي. پليجو صاحب هن ماڻهوءَ کي ’انسان ساز ادارو‘ سڏي ٿو. ههڙي همه گير ۽ گهڻ پاسائين شخصيت تي قلم کڻڻ سچ به ته ساگر کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ، سورج کي ڏيئو ڏيکارڻ مثل آهي. جويي صاحب جهڙي غير معمولي ذهن رکندڙ ماڻهوءَ بابت لکڻ ۽ ساڻس انصاف ڪرڻ انتهائي ڪٺن ڪم ضرور آهي، پر ناممڪن ڪونهي. انهيءَ لاءِ تمام گهڻي قابليت ۽ وڏو ذهن گهرجي. سندس ڪيل علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي  خدمتن تي جيڪڏهن ايمانداراڻي نموني سان تحقيق ڪئي وڃي ته جيڪر سندس هر پهلوءَ تي Ph.D واسطي الڳ الڳ ٿيسز (thesis) لکي سگهجي ٿي. ڏات ۽ ڏاهپ جي ورکا ڪندڙ ههڙا سداچار ۽ سدورا ماڻهو ئي دراصل اسان جو حقيقي قومي سرمايو ۽ بيمثال ورثو آهن، جن تي اسان کي بلڪه پوريءَ قوم ۽ ديس کي  بجاطور تي  ناز آهي.

 جنم ڏينهن جي موقعي جي مناسبت سان سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي آدرشي انسان سان هڪ مضمون ۾ انصاف ڪري سگهڻ گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ناقص العلم ۽گهٽ ٻُڌيءَ واري ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن به طرح ممڪن ڪونهي ، بس هي پيار جو پورهيو آهي، جيڪو هن موقعي تي شرڌانجليءَ طور سندس شيوا ۾ پيش ڪريان ٿو. موقعي جي مناسبت سان اردوءَ جو هيءُ شعر، جيڪو اسان سڀني سنڌ واسين جي دل جو آواز آهي، سائينءَ جن جي خدمت ۾ عرض آهي:

”تم جيئو هزارون سال، سال کي دن هون پچاس هزار“.

[تبصرو]

خط ٻن استادن جا (*)

’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ (حيدرآباد) هڪ اهڙو باوقار علمي ۽ اشاعتي ادارو آهي، جنهن گذريل ٽيهارو کن سالن کان وٺي نهايت خاموشيءَ سان ،فڪري جاڳرتا ۽ سنڌ دوستيءَ جي سنجيده موضوعن تي متعدد معياري ڪتاب شايع ڪري، ادبي دنيا ۾ هڪ وڻندڙ ۽ مانائتو مقام حاصل ڪيو آهي. انهيءَ دلپذير سلسلي جو سهرو، اداري جي باني ۽ روح روان، سائين محمد ابراهيم جويي جي سِر تي سونهي ٿو، جنهن جي مثالي ادبي خدمت کان اهل سنڌ چڱيءَ طرح واقف ۽ مداح آهي.

تازو سهڪاري سنگت’خط ٻن استادن جا‘ عنوان سان هڪ عمدو ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو سهيڙيندر محترم سنگرام آهي.

ڪتاب  ۾ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سندس هڪ دلي دوست- جيڪو پڻ اُستاد آهي- محترم غلام علي چنا – جا خط آهن، جيڪي ٻنهي صاحبن مختلف موقعن تي هڪٻئي ڏانهن لکيا آهن ۽ انهن جو عرصو 1968ع کان وٺي 2001ع تائين واري طويل دؤر تي ڦهليل آهي.

محترم غلام علي چنا پيشي جي لحاظ کان هڪ سينيئر ۽ محترم اُستاد آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت دوران، جويي صاحب سان عقيدتمندانه تعلق پيدا ٿيس، جو اڄ تائين قائم آهي.

محترم جويي صاحب، خط و ڪتابت جي اِن دلچسپ سلسلي

کي، ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ، سنڌي ادب ۾ ”خطن“ جي  خوشگوار روايت کي جلا بخشي آهي.

        ٻنهي محترم استادن جا خط پنهنجي مضمون  آفرينين جي لحاظ سان دل کي ڇهندڙ ته آهن ئي آهن، پر انهيءَ ڪتاب جو پيش لفظ- جيڪو پنهنجيءَ جامعيت کان هڪ چڱو خاصو معياري مضمون پڻ آهي،  پنهنجي ضخامت ۾ اهڙيون ته اڪيچار دلچسپيون ۽ دلبريون رکي ٿو، جو اُن جو مڪمل متن، هتي مهراڻ جي مانوارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ، نهايت ئي مناسب ۽ موزون آهي، پيش لفظ ۾ سهيڙيندڙ ’سنگرام‘ لکي ٿو:

•”پنهنجي پياري، دل گُهرئي دوست کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”يار،آءُ توکي پنهنجو ڀاءُ ٿو سمجهان“! دوست چيس، ”پاڻ ته سُٺا دوست آهيون، پوءِ هيءَ تبديلي ڇولي؟“ هُن وراڻيس، ”دوست هڪ نه ٻيو ملي ويندو آهي، پر ڀاءُ جي نه هوندي ڀاءُ مشڪل ٿو ملي!“ دوست چيس، ”اِئين ته ڀاءُ جو ملڻ مشڪل ئي نه، پر ممڪن به ڪونهي! ٻيو ته ڀائرن ۾ وڏ ننڍائي به ٿئي ٿي! دوستيءَ ۾ ائين نه هوندو آهي. مان ڀانيان ٿو ته دوستيءَ کي تو سمجهيو نه آهي. منهنجي هڪڙي اُستاد لفظ ’دوست‘ کي ڀڃي، اُن جي معنيٰ مون  کي سمجهائي ته دو+ست= ستيه= سچ، معنيٰ ٻن سچن جو ميلُ. ٻن سچاين جو سنگ يا ساٿُ.

سو، جيڪي دوستيءَ جي اِن مفهوم ۽ اُن جي گهرائيءَ کان وقف هوندا آهن ۽ اُن جو قدر ۽ اهميت ڄاڻن ٿا، سي سِرَ جي سَٽ ڏئي به پنهنجي ’سچ جي ساٿ‘ کي قائم رکن ٿا. وقت گذرڻ سان اُن ۾ پختائي ايندي آهي ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ اُن ۾ نکار ايندو آهي، جيئن سون باهه ۾ تپي ڪُندن بنجندو آهي.

ماڻهوءَ مُڪتي پريت ۾، اَجوکي آهي،

سامي! هن سنسار کي جي ڪو ساڃاهي.

مور نه هوُ چاهي، ڀيد پوي ڪو پريت تي.(سامي)

خطن جو هيءُ مجموعو سائين غلام علي چني ۽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي اهڙي ئي هڪ مثالي دوستيءَ جو دلنواز داستان آهي.

مُخلص دوستن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط، سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙا ئي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن. انهن ۾ سندن دؤر جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي  پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڏندڙ هانو لاءِ نرم، ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا آهن. اهڙا خط دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. اُنهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏس پکيڙيندي رهندي آهي.

تحرير جي ايجاد، جڏهن به اُها ٿي ۽ جتي به اُها ٿي، سچ پچ ته انساني ذهن جو هڪ بي مثال ڪرشمو هئي؛ ڇو ته ڪيل گفتگو، ٻُڌل ڳالهيون ۽ قصا وغيره ڪجهه ياد رهن ٿا، ڪجهه وسريو وڃن ٿا ۽ ڪجهه وري وقت گذرڻ سان پنهنجو اصل مفهوم تاثر وڃائي ويهن ٿا. پر تحرير هڪ اهڙو محفوظ خزانو آهي، جنهن کي انسان سالن ۽ صدين تائين سانڍي سگهيو ٿي. ’خط نويسي‘ تحرير جي اُها دل جي اندرئين تهه مان نڪرندڙ صنف آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري، اڄ انشاپردازيءَ جي اوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻيو اٿس.

خط لکڻ لاءِ فقط دل جو اُڌمو ئي ڪافي هوندو آهي، ڪنهن لياقت يا اعليٰ قابليت جو هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي. من اندر ۾ هُرندڙ ڳالهه سادي نموني سان سهڻي کان سهڻي انداز ۾ به لکجي ويندي آهي. بس، دل جي سڪ، تانگهه ۽طلب ئي هوندي آهي، جيڪا قلم کڻي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي. اُن ڪيفيت ۾ لکيل خطُ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ’اڌ ملاقات‘ بڻجي ويندو آهي!

آڳاٽي زماني ۾ جيئن ته تعليم اڃا عام نه هئي، تنهنڪري ماڻهن کي خط لکڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿيندي هئي، پر جيئن چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح خط- لکارين جو هڪ طبقو تن ڏينهن ۾ پيدا ٿيو. اُهي خط لکڻ ۾ ڀڙ ۽ ماهر ماڻهو صبح کان شام تائين ڪن ۾ قلم هڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهمندا وتندا هئا ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو خط لکرائڻو هجي ته کيس اُن جو ڪجهه نه ڪجهه معاوضو يا اُجورو ڏئي کانئس خط لکرائي. ان ريت خط نويسيءَ باقاعدي هڪ پيشي جي شڪل اختيار ڪئي. جيڪو به ماڻهو اِن شعبي ۾ جيتري مهارت رکندڙ هو، تنهن اوتري ئي شهرت ۽ ناڻو ڪمايو ۽ سندس طلب اوتري ئي وڌيڪ ٿيڻ لڳي. نالي وارا لکاري ته بادشاهه جي درٻار تائين به رسائي حاصل ڪري وٺندا هئا ۽ پنهنجي اِن ڏانءُ کي خود ڪئش ڪرائيندا هئا.

خط نويسن يا انشاپردازن پنهنجي علم ۽ هنر جي ڌاڪي ڄمائڻ لاءِ وڏا وڏا ’لقب القاب‘ ۽’خطاب‘ گهڙي ورتا. ڊگهيون ڊگهيون عبارتون، ٺهڪندڙ استعارا، تمثيلون ۽ تشبيهو، من موهيندڙ انداز ۾ لکي، پڙهندڙ جي من کي موهت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. معاملو اِتي وڃي پهتو، جو تحرير جي سادگي، دل جي سچائي ۽ خلوص جي چاشني، خطن مان بنهه موڪلائي وئي. پر  پوءِ جدت پسند ماڻهو ان مصنوعي لفاظيءَ مان بيزار ٿي پيا ۽ نامور اردو ۽ فارسي شاعر، اسدالله خان غالب جهڙن سخن جي سرواڻن ته خط نويسيءَ ۾ ’انداز بيان ئي اور‘ قسم جو اپنايو.

ڊارو ٿي آسبرن پنهنجي هڪ خط ۾ ’آئيڊيل‘ يا مثالي خط جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي: ”منهنجو خيال آهي ته هر قسم جا خط اجائي ڏيکاءُ ۽ فرضي نماءَ کان آجا هئڻ گهرجن، اُهي اجائي پٽاڙ بجاءِ عام گفتگوءَ واري انداز ۾ لکڻ گهرجن. نمائشي ۽ وڏن لقبن ۽ ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو وڃي.“

سائين محمد ابراهيم جويو پڻ ساڳين خيالن جو حامي ٿو ڏسجي. هن ڪتاب ۾ شامل خط نمبر 17 ۾ غلام علي  چني کي لکي ٿو:“… خاص ڳالهه هيءَ مهرباني ڪري دل سان هنڊائج ته خط ۾ مون کي ايترن گهڻن ۽ڊگهن لقبن القابن سان مخاطب ڪرڻ نه مناسب آهي، نه ضروري آهي. سنئون سڌو محترم …يا عزيزم… يا اهڙي قسم جو ڪو ٻيو اڃا ئي سڌو سادو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ڪم آڻڻ ڪافي سمجهڻ گهرجي. اڳئين زماني ۾ جڏهن انشاپردازيءَ ۽ مضمون نويسيءَ ۾ لفظن جي ٽڪساٽ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مطلب ۽ معنيٰ جي مواد تي گهٽ، تڏهن اهڙن طول طويل ’مخاطبات‘ کي، عبارت جي رنگين بياني لاءِ ڪم آندو ويندو هو. هِن زماني ۾ تحرير ۽ مضمون نويسيءَ جي اِها هڪ وڌيڪ خوبي ليکي وڃي ٿي  ته سادا لفظ هجن ۽ سڌيءَ سنئينءَ طرز ۾ ۽ مختصر کان مختصر انداز ۾ پنهنجي مطلب جو بيان ڪيل هجي“.

سچ پچ به ته، خطن رستي ماڻهو پنهنجا من جا اُڌما ۽ اُمنگ، فطري ۽ دلي ڪيفيتون، شخصي تعلق، زندگيءَ جا ڀانت ڀانت مسئلا راز نياز، ڪاوڙ، محبت، بيچيني، سڪ ۽ سوز ، مطلب ته هر قسم جا حال احوال سڌا پاڌا ۽ ساديءَ سوليءَ ٻوليءَ ۾ ڌئي وٺي سگهي ٿو ۽ پاڪ پويتر انساني جذبن جو اظهار ڪري سگهي ٿو.

ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سسرو 43-106 ق.م ، مائيڪل ائنجلو (1475-1564ع)، روسو (1712-1778ع). ورڊ سورٿ (1770-1850ع) ۽ پنهنجيءَ ويجهيءَ سرزمين مان مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161هه)، مرزا غالب (متوفي 1869ع)، جواهر لال نهرو، ابوالڪلام آزاد، سائين جي.ايم.سيد، علامه آءِ آءِ قاضيءَ، شيخ اياز  ۽ ٻين علم، ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن، خط نويسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب اِن صنف ۾ خوب نانءُ پيدا ڪيو  ۽ شُهرت جي بلندين کي ڇهيو.

اِئين، عالمي ادب ۾، ڊرامن، ناولن ۽ ڪهاڻين جيتري بلڪ ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت خطن، ڊائرين، نوٽبڪن ۽ سوانح عمرين کي حاصل آهي، ڇو ته باذوق پڙهندڙن کي افسانوي ڪاوشن جي پڙهڻ کان پوءِ وري به اُنهن جي سرجيندڙ جي شخصيت جي سچي پچي روپ ۽ حقيقي بلندين معلوم ڪرڻ جو اشتياق ٿئي ٿو،  جيو فقط ۽ فقط انهن سوانحي داخلائن، آپ بيتي ڪٿائن ۽ خطن ذريعي معلوم ٿي سگهي ٿو.

سسرو جي لکيل ’دوستن ڏانهن خط‘ جي ٻن جلدن مان اڻڄاتل قديم دور جي دنيا جا احوال ملن ٿا، جن کي پڙهي، ماڻهوءَ جون اکيون ۽ ذهن جون دريون کلي وڃن ٿيون. روسو جي شخصيت جو سچو پچو ۽ مڪمل روپ، سندس علمي ۽ رومانوي مضمونن ۽ ڪتابن کان وڌيڪ، سندس خطن ۾ ملي ٿو. مائيڪل ائنجلو جي خطن جي مجموعي پڙهڻ  سان قاريءَ آڏو سندن فن سان پرخلوص وابستگيءَ ۽ بي انتها قوت وارو  ڪردار اُڀرڻ لڳي ٿو. انگريزيءَ جي خودمست شاعر، لارڊ بائرن جي رڪارڊ مان جيڪڏهن سندس خط ڪڍي ڇڏجن، ته سندس بلند پايه جذبات ۾ ٻڏل شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ باقي بچندو ئي ڇا؟ شيخ اياز جي ڪامل شخصيت جو سچو پچو روپ سندس شعر سان گڏوگڏ سندس خطن جي مجموعي ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾ ملي ٿو، جيڪي هُن سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيا؛ سندس انهن خطن ۾ ڪويءَ جي اُڏام به ملي ٿي سندس آتما جو درشن به ٿئي ٿو، جن جي گهراين مان پوءِ انيڪ گيت نڪري، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا ۽ وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا ويا.

ڪي ماڻهو خطن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خاص مقام ڏيندا آهن. اُهي خطن جي اهميت کان بخوبي واقف هوندا آهن ۽ خط لکڻ وقت اِها ڳالهه ذهن ۾رکي خط لکندا آهن ته اِهي ڪڏهن نه ڪڏهن  ۽ هڪ ڏينهن ضرور ڇپجندا. اُنهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي هو ڪوشش ڪندا آهن ته سندن خطن ۾ ڪا اهڙي هڪ به ڳالهه نه هجي، جيڪا اڳتي هلي سندس شخصيت جي ڪمزوري ثابت ٿئي. دنيا جي اڪثر ليکڪن ان ڳالهه کي خيال ۾ رکندي خط لکيا آهن. چارلس ڊڪنس، خط جي اهميت کان واقف هو، تنهنڪري پنهنجن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي لکيل خطن ۾ ادب بابت ڊگها بحث ڪندو هو. جيتوڻيڪ کيس اها به خبر هئي ته جن ماڻهن کي هو خط لکي ٿو، تن کي ادب ۾ ڪافي دلچسپي نه آهي، پر تنهن هوندي به محض ان ڪري اِهي بحث ڪندو هو ته جيئن اڳتي هلي اُهي ڇپجن.

 شيخ اياز کي ته سائين محمد ابراهيم جويي، خاص اُتساهه ڏياري خط لکرايا ته جيئن اُهي ٽماهي ادبي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ شايع ڪري سگهجن. اهي خط سنڌي ادب ۾ انشاپردازيءَ جو هڪ بي مثال نمونو ثابت ٿيا ۽ بعد ۾ ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ جي نالي سان مجموعي جي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا. اِنهن خطن جي اڀياس مان اها ڳالهه بخوبي واضح ٿئي ٿي ته اياز اُنهن کي لکڻ وقت شعوري طرح ڪيترو نه ’سُچيت‘ هو. کيس پڪ هئي ته اِهي خط ڇپجندا ۽ ڇپجڻ لاءِ ئي هُن لکيا آهن.سندس اِن سچيتائيءَ ۽ ساوڌاڻيءَ ڪري ئي اِهي خط خوبصورت، فنائتا ۽ معلومات افزا ٿي  ويا آهن. اِهي خط نه صرف گُل آهن، پر هڪ مالها ۾ پويل به آهن. ياد رهي ته ’اياز‘ جي خطن جي اِن مجموعي ۾ شامل 22 خطن مان 21 خط اُنهن ئي ڏينهن ۾ ’مهراڻ‘ ۾ ڇپجي ۽ شهرت ماڻي چُڪا هئا.

اِن طرح، خط ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جهڙوڪ والدين جا اولاد ڏانهن لکيل خط، جيئن نهروءَ جا پنهنجيءَ ڌيءَ اندرا ڏانهن ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جا بينظير ڏانهن لکيل خط؛  سياسي نوعيت جا  خط، جيئن مهاتما گانڌيءَ جا خط، جناح- گانڌي خط و ڪتابت؛ سائين جي ايم سيد ڏانهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن جا لکيل خط؛ علمي ۽ ادبي نوعيت جا خط، جيئن سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن سير ۽ سفر بابت لکيل  سيخ اياز جي خطن جو ڇپيل مجموعو ۽ ٻيا سندن هڪ ٻئي ڏانهن لکيل  ڪيئي اڻ ڇپيل  اهڙا خط يا جيئن سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن جو مجموعو؛ عشق ۽ محبت بابت خط، جيئن ڪافڪا جا پنهنجي محبوبه ملينيا ڏانهن لکيل ۽ آسڪروائلڊ جي خطن جو مجموعو ”گلاب  جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چَپَ؛ زالن ۽ مڙسن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط، جيئن واجد علي شاهه اختر ڏانهن سندس بيگمات جا لکيل خط؛ هم مشرب دوستن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط؛ جيئن محمد امين کوسي جا سائين جي. ايم سيد ڏانهن لکيل خط ۽ غيررسمي، نجي خط؛ ڪاروباري خط سرڪاري لکپڙهه وغيره  وغيره.

سنڌي ٻوليءَ ۾ خطن جي صنف تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي. اُن جا گهڻا  ئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. بهر حال، هن وقت تائين جيڪي مشهور خطن جا مجموعا اسان وٽ ڇپيا آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

1-’رهاڻ‘- ميران محمد شاهه جي  سائين جي . ايم سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو.

2- ’ساهڙ جا سينگار‘- علام آءِ آءِ. قاضيءَ جي سائين جي. ايم سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو.

3- ’خط ۽ مضمون‘- پير علي محمد راشديءَ جي سائين جي. ايم. سيد  ڏانهن لکيل خطن جو مجمو.

4- ’اڄ پڻ چِڪيم چاڪ‘- سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل مختلف دوستن جي لکيل خطن جو مجموعو.

5- ’جي ڪاڪ ڪوريا ڪاپڙي‘- سائين محمد ابراهيم جويي ڏانهن شيخ اياز جي لکيل خطن جو مجموعو.

6- ’واڄٽ ويراڳين جا‘- ڀاڱو پهريون۽ ٻيو – سائين جي. ايم. سيد. ڏانهن محمد امين کوسي جي لکيل خطن جو مجموعو.

7- ’ڪجهه خط‘- سائين جي. ايم سيد ڏانهن سياستدانن، قومي ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيدارن جي لکيل خطن جو مجموعو.

8- ’سير ۽ سفر‘- پروفيسر غلام مصطفيٰ  شاهه جي خطن جو مجموعو.

9- ’خط- ٻن اديبن جا‘- عبدالقادر جوڻيجي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جي خطن جو مجموعو.

10- مهاتما گانڌيءَ جا خط.

11- جواهر لعل نهروءَ جا اِندرا ڏانهن لکيل خط.

12- ذوالفقار علي ُڀُٽي جا بيَنظير ڏانهن لکيل خط.

13- ’اڌ ملاقات‘- طارق اشرف جي خطن جو مجموعو.

14-’جيءُ منهنجو جن سين‘- حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي صاحب جا ”سهيڙيل سنيها‘.

سنڌي ادب ۾ خطن جي اشاعت جي حوالي سان سائين محمد ابراهيم  جويي  صاحب جون سر انجام ڏنل خدمتون سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون . هن صاحب ادب جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. ويجهي دور ۾ خط نويسيءَ جي صِنف تي سنڌ ۾ جيترو به ڪم ٿيو آهي، تنهن ۾ سندن ڪليدي ۽ بنيادي ڪردار آهي، هن وقت تائين  سنڌيءَ ۾ خطن جا جيڪي به مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن مان ڪيترن مجموعن کي سهيڙڻ، تربيت ڏيڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ سندن ڪاوشن محنتن جو ڪافي عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي اديبن  جي سهڪاري سنگت پاران ڇپايل خطن جي مجموعن، جهڙوڪ:’سير۽ سفر‘،’رهاڻ‘،’خط‘،’ساهڙ جا سينگار‘،’اڄ پڻ چِڪيم چاڪ‘، ’ڪُجهه خطَ‘،’واڄٽ ويراڳين جا‘ ٻن جلدن ۾‘، ’خط- ٻن اديبن جا‘، وغيره  وغيره جي ڇپائيءَ جو سَهرو سائين جويي  صاحب جن جي سِرَ تي آهي، ائين سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ هن صِنف ۾ به سائين جويي صاحب جن پنهنجو پاڻ موکيو آهي. زير نظر مجموعي ’خط – ٻن اُستادن جا‘ کان علاوه ’خط دوستن جا‘ جي عنوان سان ٻن جلدن ۾ مجموعا  وٽن تياريءَ هيٺ آهن، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز، جمال صديقيءَ، محمد عثمان ڏيپلائي، ع. ق. شيخ، يار محمد ابن حيات پنهور ۽ ٻين ساٿين  ۽ دوستن جا سائينءَ جن ڏانهن لکيل خط شامل آهن.

خطن جو هيءُ مجموعو، سندن ۽ غلام علي چني صاحب جي هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. سندن رفاقت ۽ دوستي جيڪب آباد ۾ٿي، جتي سائين جويي صاحب کي بدلي ڪري اسڪول ۾ هيد ماستر طور رکيو ويو هو. اهو سال 1968ع  جو دؤر هو ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ ۾ زورن تي هئي، جنهن ۾ سنڌي اديبن  ڀرپور  حصو ورتو. علمي ۽ ادبي محاذ تان ون يونٽ خلاف هلايل اُنهي هلچل ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو ڪردار ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ۽ اُن جي ئي پاداش ۾ کين سنڌ جي ٻئي ڇيڙي تي موڪليو ويو هو، جتان پوءِ ٿوري ئي وقفي  کان پوءِ ’چوويهن ڪلاڪن ۾ “‘، ’اڄ جو اڄ‘ جي تنبيهه سان پاڪستان جي ٻئي ڇيڙي، پشاور ۽ ڪوهاٽِ، اُماڻيو ويو هو! اُنهن ڏينهن ۾  مٿن آيل ڪَٺڻ گهڙين  جو اندازو سندَن هن ۽ ٻيءَ تحرير مان پاڻ لڳائي سگهجي ٿو. ’خط ٻن اديبن جا‘ ۾ سائين عبدالقادر جوڻيجي ڏانهن پاڻ لکن ٿا:”....... منهنجي بدلي، اوچتو ئي اوچتو، پشاور ڪئي اٿن..... هو نئن به  گهڻي ۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان ڪڍندا- ٻيو ڇا ڪندا. نوڪريءَ مان لاهڻ بعد ٻيو ڪو قدم هو کڻن ته به کڻي سگهن ٿا. اُن لاءِ به پاڻ تيار آهيون.... جلا وطني آهي، سا ڪنهن ريت گذارڻي  آهي...... دل کي خوشي ۽ خاطري هن ڳالهه جي آهي ته ڪا ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هيءُ ڪُجهه سَهڻو ٿو پوي..... ۽ اِها تحقيق اهڙي آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.....“

غلام علي چنو، جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ نئون نئون فارسيءَ جو استاد مقرر ٿي آيو هو ۽ اُتي  سندس ڏيٺ ويٺ سائين جويي صاحب سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. سندن دوستيءَ جو ناتو خطن رستي پختو ٿيو ۽ قائم رهيو.۽ اڄ ڏينهن تائين  قائم آهي- زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، پختيءَ  دوستيءَ جو ناتو! خطن جو هيءُ مجموعو  سندن اُنهيءَ دوستيءَ جي دَين  آهي. هن مجموعي  ۾ ڪُل 112 خط شامل آهن، جيڪي پاڻ سال 1968ع کان 1999ع  تائين واري عرصي دوران هڪ ٻئي کي لکيائون. 31 سالن  جي ان طويل عرصي دوران الائي ته ڪيترو پاڻي پُل  هيٺان گذري چُڪو هوندو، پر هِنن  دوستن   جي رشڪ جوڳي دوستي وقت گذرڻ سان  وڌَيڪ  پڪي ٿيندي آئي  آهي ۽ اُن ۾ نکار ۽ پختگي  آئي آهي.

هن مجموعي ۾ شامل خط نمبر ٽئين مان، جيڪو غلام علي چني، سائين جويي صاحب  جن کي جيڪب آباد مان لکيو هو، اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندن دل هڪ ٻئي کان ڪيئن نه ڌڙڪندي هئي. پنهنجي دلي اُڌمن جو بي ساختگيءَ سان اظهار ڪندي. انهيءَ خط ۾ غلام علي لکي ٿو،،،،” توهان جو خط پهتو، مٿان ئي  توهان جا اکر ڏسي، از خود اندازو لڳايم ته خط توهان کان آيل آهي! وري جدهن پنو ڪڍي پڙهڻ لڳم، تڏهن خبر نه آهي ته ڇو منهنجي  دل ڌڪ ڌڪ  ڪري رهي هئي ۽ خوشيءَ سببان چپن تان مُرڪ بند نه پئي ٿي...... هڪ طرف  دل خوش هئي ته ٻئي طرف کان خوشيءَ سببان اکين مان  خوشيءَ جا ڳوڙها وهي رهيا  هئا..... خوشيءَ کان سواءِ،  مان اُن وقت، جو فخر محسوس ڪري رهيو هوس، اُن جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي......“

ساڳيءَ طرح سائين جويو صاحب، غلام عليءَ ڏانهن لکيل خط 27 ۾ پنهنجي نبار دل جي  نبار ڳالهه ڪهڙي نه خوبصورت دل کي ڇُهندڙ انداز ۾ لکي آهي! قربائتن دوستن لاءِ  ۽ سندن  دل جي اُڪير جو اندازو اِن خط مان لڳائي سگهجي ٿو- ”.... اوهان جا خط پڙهڻ سان جيڪا دل کي خوشي پئي محسوس ٿي اٿم، اُها منهنجي دل ئي ڄاڻي ٿي، آءُ هي به ڄاڻان ٿو ته ٻين کي به اهڙن قرب ڀرين خطن ۽ پيغامن ملڻ سان اوتري ئي خوشي محسوس ٿيندي هوندي. سو جيڪڏهن، ڪم از ڪم موٽ ۾، آءُ ڪنهن دل گهرئي ڀاءُ يا دوست عزيز ڏانهن خط نٿو لکان، ته هن کي ڪيڏو نه اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هوندو ۽ ڪيڏيءَ نه خوشيءَ  کان محروم رهڻو پوندو هوندو! ڀيري ڀيري سان پاڻ کي ڏاڍي ملامت ڪندو اهيان، پر وري وري اُنهيءَ پنهنجي فرض کان غفلت جو گناهه ٿي وڃيم ٿو ۽ ائين سواءِ پنهنجي پاڻ کي لوئڻ ۽ ملامت ڪندي رهڻ جي ٻيو ڪو به رستو ڪفاري ادا ڪرڻ جو مون وٽ  باقي ڪو نه ٿو رهي.....“

مخلص ۽ محبتي دوست هن دنيا ۾ هڪ ٻئي لاءِ قدرت جي عظيم نعمت هوندا آهن، ۽  اهڙي نعمت جيڪڏهن ڪنهن کي ملي ته اُن صورت ۾ سندس دل جي ڪيفيت ڪهڙِي نه نازڪ ۽ پياري لڳي ٿي! سائين جويو صاحب هڪ خط ۾ اُن جو اظهار اجهو هيئن ٿو ڪري: ”..... اوهان جي محبتي توجهه تي آءُ ناز ڪندو آهيان، جيڪو اوهان مون کي ڏيو ٿا. ڪڏهن به ائين نه سمجهندا ته آءُ اِن ڳالهه جو امڪان به ڪو دل ۾ آڻي سگهان ٿو ته  اوهين مون کي رنجائي سگهو يا رنجائڻ  جو سوچي به سگهو ٿا. اوهان جهڙا سچا،  مخلص، نياز ڀريا اُمنگ رکندڙ پيارا ماڻهو مس مس ته دنيا ۾ ڪنهن کي  نصيب سان ملندا آهن.....“

خطن جي هن مجموعي ۾ شامل سڀيئي خط جيتوڻيڪ ذاتي نوعيت جا آهن، جيڪي ڇاپي هيٺ آڻڻ لاءِ لکيل نه هئا. پر پوءِ به انهن ۾ عمومي زندگيءَ جي روزمره واقعن جو ذڪر، اُن وقت جي  ماحول جي عڪاسي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جون جهلڪون، دل کي  ڇُهي وڃڻ جهڙيون ملن ٿيون. خطن جو هيءُ مجموعو هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان جي سماج جي مثبت ۽ منفي لاڙن ۽ رَوينَ کي ڏسي سگهجي ٿو. هنن خطن ۾ سماجي براين، معاشي مسئلن، گهريلو پريشانين کان علاوه نوڪريءَ جا مسئلا، سرڪاري کاتن جون ڪار گذاريون، آفيسرن ۽ عملدارن جون پنهنجي ماتحت ملازمن سان رَوَشون، عقوبتون، مطلب ته ڪيترن ئي تاريڪ لقائن جي عڪاسي ملي ٿي. هنن خطن جا ڪردار اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردا آهن، جن سان هر ذي شعور ماڻهو جو واسطو پوي ٿو. هنن خطن ۾ ذڪر ڪيل مسئلا  ۽ واقعا اسان جي موجوده سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.

غلام علي چنو جيڪو هڪ استاد  آهي، ۽ ڪامياب استاد آهي، سو هنن خطن ۾ هڪ بُردبار، باهمت، دورانديش ۽ مڻيادار مانجهي مُڙس نظر اچي ٿو. هو صاحب انتهائي ناموافق حالتن ۾ به همت، حوصلي، محنت، سچائيءَ، اورچائيءَ ۽ وڏي ولولي ۽ اُمنگ سان اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ مانائتي مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. هُو ڪٿي به پنهنجين ڪوششن مان نا اُميد نٿو ٿئي، بلڪه پوري جوش ۽ جذبي سان پنهنجن نيڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ اُدم ڪري ٿو. هُو مختلف امتحان پاس  ڪندو، اڳتي وڌندو، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو ڪندو ٿو رهي. هُو اولاد جي بهتر مستقبل ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ اُپاءَ وٺي ٿو. اُنهن لاءِ فڪر مند ٿئي ٿو ۽ پاڻ تي عائد سڀني سماجي ذميدارين کي فرض شنائيءَ سان نڀائي ٿو. هُو وقت جي هر چئلينج کي قبولي ٿو ۽ فيصلن ڪُن انداز ۾ اُنهن چئلينجن  کي مُنهن ڏيندي، ناموافق حالتن جو رُخ ڦيري پنهنجي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۾ سوڀارو ٿئي ٿو. هر پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به موزون ۽ مقعول حدف مقرر ڪري ٿو،  لڳ ڀڳ سڀني کي حاصل ڪري ٿو وٺي. اهڙيءَ طرح هُو صاحب زندگيءَ ۾ هڪ باعمل ۽ ڪامياب انسان  ثابت ٿئي ٿو ۽  ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ٿو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي صحبت کي پنهنجي لاءِ وڏي نعمت سمجهي ٿو. سندن صحبت مان گهڻي کان گهڻو لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.  محترم جويو صاحب سندن مَنَ اندرَ ۾ علم ۽ ادب جون ڏياٽيون روشن ڪري ٿو. جن جي روشنين کان فيضاب ٿي، هُو قلم کڻي، لکڻ جي همت ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت غلام علي چنو ’صاحب قلم‘ بنجي ٿو.  هُو صاحب هن وقت  تائين اڌ ڊزن کان مٿي ڪتابَ لکي چڪو آهي، جن مان ٽي عدد ڪتاب انگريزي گرامر جا آهن. سندن وڌيڪ اڌ ڊزن کن ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ٻه ترجمن جا ڪتاب ۽ هڪ سندس پنهنجي آتم ڪٿا شامل آهي. انهيءَ کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن. ائين هنن خطن مان غلام علي چني جي شخصيت جي جيڪا سڃاڻپ ملي ٿي، سا هڪ فرض شناس والد، محبتي ۽  عزت ڪندڙ خاوند، مخلص دوست،  مسلسل جاکوڙيندڙ، جفاڪش، اورچ، باصلاحيت، حوصلي مند  ۽ ڪامياب انسان جي سڃاڻپ آهي.

خطن جي هن مجموعي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب  جن جا ڪُل 36 خط شامل آهن. اُنهن خطن ۾ سندن گهڻ پاسائين شخصيت جي جهلڪ ملي ٿي. هنن خطن ۾ هُو صاحب پنهنجي منفرد  ۽ مخصوص انداز ۾ هڪ مهربان ۽ ٻُڌيوان ڏاهي وانگر پنهنجي هڪ زندهه دل ۽ ڪشاده ذهن نوجوان ساٿيءَ کي ڏاهپ جا  ۽ اُوچي آدرش جا ڏس ڏيندي نظر اچي ٿو. ڪٿي هُو کيس ڪامياب، خوشگوار ۽ سُکي ستابي زندگيءَ گذارڻ جا گُر ڏسي ٿو ته ڪٿي وري ’زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنا جي جذبي ۽ باهمي تعاون‘ جهڙن اعليٰ وصفن کان روشناس ڪرائي ٿو. مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گهيريل انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هُو صاحب سندن اِن ڏِسَ ۾ رهنمائي به ڪري ٿو. هُو نوجوانن جي مستقبل لاءِ فڪر مند به ٿئي ٿو. ته ڪٿي وري استادن کي سندن پنهنجو فرض منصبي ياد ڏياريندي، کين ’پڙهو ۽ پڙهايو، سکو ۽ سيکاريو‘ جهڙا سڌا سادا سونَ جهڙا اصول ڏسي ٿو. هنن خطن  ۾ هُو صاحب، علم ۽ ادب جي  شوق ۽ ذوق کي همٿائي ٿو، ته ون يونت واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي اديبن خلاف رجعت پسند حلقن طرفان هلايل مهم تي ڳڻتي ڪندي نظر اچي ٿو؛ پنهنجي پياري دوستَ شيخ اياز جي گرفتاريءَ واري خبر ٻُڌڻ تي پريشان ٿئي ٿو، ته ’روح رهاڻ‘ رسالي کي در پيش مالي مشڪلاتن ۽ اُن جي مالي اعانت ڪرڻ لاءِ فڪرمند به رهي ٿو، هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي دوست وانگر غلام علي چني جي هر مشڪلات ۽ مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو ته ناراض دوستن کي پرچائيندي به  نطر اچي ٿو. خطن جي مطالعي مان اهم ڳالهه اِها معلوم ٿئي ٿي ته هڏ ماس جو ٺهيل هيءُ صاف دل منشُ پنهنجي ڪنهن پريشانيءَ، ڳڻتيءَ، مُشل يا ڪنهن مسئلي جو ڪٿي به ذڪر نٿو ڪري! حالانڪ هُو به جيڪو مسئلن ۽ پريشانين کان آجو ته هرگز نه هوندو. ٻي ڳالهه ته اُنهن ڏينهن ۾ هُو صاحب، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ سر انجام ڏنل علمي، ادبي خدمتن ۽ ون يونت مخالف ۽ سنڌ دوست سرگرمين سبب سرڪاري عتاب هيٺ هو ۽ کين سرگرمين کان باز رکڻ خاطر ئي ’سنڌ بدر‘ ڪيو ويو هو. اُنهن سڀني ڳالهين مان سائين جويي صاحب جن جي فولادي ارادي ۽ مستقل مزاج شخصيت جي عڪاسي ٿئي ٿي.

محترم محمد ابراهيم جويو هنن خطن وسيلي نه فقط غلام علي چني صاحب بلڪه  علامتي انداز ۾ پوري سنڌي سماج سان مخاطب ڏسجي ٿو. سندن مدبرانه ڳالهيون، اعليٰ انساني  آدرش، سندن شخص جي وڏائيءَ، مڻيا ۽ ڏاهپ جا آئينه دار آهن. هوُ صاحب هنن خطن معرفت غلام علي چني جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم ۽ تدريس، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۽ روزمره  جي زندگيءَ جي معاملن ۾ نهايت ئي هڪ شفيق استاد ۽ قابل رهبر وانگر ائين رهبري ڪندي نظر اچي ٿو. جيئن ’ايميلي عرف تعليم‘ ڪتاب جو خالق ’روسو‘ پنهنجي مثالي مُتعلم ’ايميليءَ ‘ جي تعليم ۽ تربيت ۽ سندس شخصيت جي تعمير لاءِ هر وقت فڪر مند رهندي ڏيکاريل آهي.

خطن جو هيءُ مجموعو پنهنجي انيڪ خوبين  سبب سنڌي ادب ۽ خاص ڪري خط نويسيءَ جي صِنف ۾ هڪ گرانقدر اضافو ثابت ٿيندو. اِها سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي وڏائي ۽ ڪُشاده دلي ئي آهي، جو پاڻ  مهربانن مون جهڙي ناقص العلم ۽ ادبي لحاط کان اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ جو شرف بخشيائون، جنهن کي آئون تحقيق پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهان ٿو.“

هيءُ ڪتاب ’خط- ٻن اُستادن جا‘ ڊيمي سائيز جي 176 صفحن تي مشتمل آهي. عمدي سفيد ڪاعذ تي ڇپيل هن ڪتاب جو گيٽ اَپ دلڪش ۽ جاذب نظر آهي. سرورق جي سادگيءَ، هڪ پُر ڪشش سونهن جي غماز آهي. اُن جي قيمت  60 رپيا مناسب آهي. پيپر بئڪ جي صورت ۾ هيءُ ڪتاب ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘، حيدرآباد شايع ڪيو آهي ۽ سمورن مشهور  ڪتب فروشن وٽ دستياب آهي.

(نفيس احمد ناشاد، ٽماهي مهراڻ.1/2002ع)

غلام علي چنو

منهنجو محسن، منهنجو مشفق

محمد ابراهيم جويو

 

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي

(شاهه)

محمد ابراهيم جويو هڪ  اهڙو ئي انسان آهي، جنهن مان هميشه ’بهار جي بوءِ‘ پئي ايندي آهي. هو هڪ اهڙي باغ جو گل آهي، جيڪو سدائين ٽڙيل رهي ٿو ۽ هميشه سندس ويجهو وڃي واس وٺندڙن کي پنهنجي خوشبوءِ سان واسيندو رهي ٿو. سائين محمد ابراهيم جويي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ جيڪب آباد شهر ۾ ٿي. جڏهن مون کي سي. ٽي(C.T ) جي حيثيت سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾، پرشن ٽيچر جي خالي جاءِ تي، مقرر ڪيو ويو هو، ۽ پاڻ اتي هيڊ ماستريءَ جا فرائض سرانجام ڏئي رهيا هئا.

اسين ٻئي اسڪول ۾ رهندا هئاسون. سائين محمد ابراهيم جويي اسڪول جي مٿئين طبقي ۾ هڪ ڪلاس خالي ڪرايو هو، جتي سندس هنڌ کٽولو ۽ ڪي ڪتاب  وغيره پيل هوندا هئا، ۽ اسڪول ڊيوٽيءَ کانپوءِ اتي آرامي ٿيندا هئا. مان اسڪول جي هيٺئين طبقي ۾ لائبريريءَ واري ڪمري ۾ رهندو هوس، جتي رات جي پهر، وڏيءَ مِيز تي بستري وڇائي سمهندو هوس ۽ ڏينهن جو بسترو ويڙهي سيڙهي، ڪتابن واري ڪٻٽن جي  پٺيان رکي ڇڏيندو هوس.

اسان ٻنهي جو کاڌو تيار ٿيندو هو، جيڪو اسڪول جو پٽيوالو ’منظور‘ تيار ڪندو هو. سائينءَ جي سبزيءَ سان سڪ  سَرسُ هندي هئي، تنهن ڪري مون کي به اڪثر سبزي ئي ورتائڻي پوندي هئي. ڪڏهن ڪريلا، ڪڏهن ڀينڊيون ته ڪڏهن توريون تيار ٿينديون هيون، ڪڏهن گوبي، ڪڏهن گوگڙو ته ڪڏهن موريون منهن ۾ پونديون هيون. هڪ ڏينهن پٽيوالي سان انهن سبزين کي سانده کائڻ کان بيزاريءَ جو مظاهرو ڪندي، گوشت مڇيءَ جي چاڙهڻ جي ڳالهه ڪيم ته سڌو وڃي سائينءَ کي سڻايائين. سائينءَ في الحال دل ۾ رکي، موڪل مهل جيئن ئي مون تي نظر پين ته سڏي فرمايائون، ” مان گوشت  وغيره کائي ڪونه ٿو سگهان، پر جي تنهنجي دل چوي ٿي ته ڀل گوشت گهرائي تيار ڪراءِ. تنهنجي ڪري مان به کڻي ڏکيو سکيو کائيندس. هونئن  به تون الڳ پنهنجي لاءِ گوشت چاڙهائين ته ڀلي. اهو به تنهنجي مرضيءَ  تي آهي.“ ان ڏينهن پاڻ ئي پٽيوالي کي ٻئي ڏينهن لاءِ گوشت آڻڻ جو حڪم ڏنائون ۽ منهنجي دل رکڻ خاطر گوشت ڏکيو سکيو واپرايائون. رات  جي وقت سائينءَ جن اڪثر لاهوري گجر پچرائي کائيندا هئا ۽ مٿان اڌ سير کير پي ڇڏيندا هئا، اهو سڀ ان ڪري هو، جو کين ڏند ڪو نه هئا.

پاڻ جيڪو وقت جيڪب آباد ۾ رهيا، سڀني سان سهڻي سلوڪ ۽ بهترين ورتاءَ سان پيش ايندا هئا. سندن نظر ۾ سڀئي استاد هڪ جهڙا هوندا هئا. ڪنهن جي خوشامد پسند ڪو نه ڪندا هئا. چاپلوس ۽ پائبوس ماڻهن کان نفرت هوندي هينِ ۽ هوندي اٿن، ڪنهن ۾ به ڪا  خامي يا گهٽ وڌائي ڏسندا هئا ته کيس اڪيلائيءَ ۾ نصيحت واري نموني، عاليشان انداز ۾ نرم  لهجي ۾ سمجهائيندا هئا. سندن حق ۽ سچ چوڻ يا سندن ٿورڙي گهڻي ناراضگي ڪنهن کي به بُري محسوس نه ٿيندي هئي، هر هڪ ائين سمجهندو ته ان ۾ ضرور مون لاءِ ڀلو هوندو. هر هڪ ماڻهو پنهنجيءَ جاءِ تي کيس پنهنجو همدرد ۽ هڏ ڏوکي سمجهندو هو. پنهنجي سڄي اسٽاف سان، ڀنگيءَ کان وٺي اسڪول جي فرسٽ اسسٽنٽ (ايف. اي) تائين، گهر جي وڏي جهڙي هلت هلندا هئا. پاڻ جوان کان جوان هئا. اڄ  به ائين ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن.پوڙهي هئڻ جي باوجود به هلڻ چلڻ، گهمڻ ڦرڻ ۾ سڀ کان تڪڙا ۽ تيز.

سائين جن سان جيڪو به اعليٰ توڙي ادنيٰ ملاقات ڪرڻ ايندو هو ته ان سان وڏي جوش خروش ۽ پنهنجائپ وچان مُرڪي ملندا ۽ اٿي مصافحو ڪندا، ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪندا ۽ ’ٿڌي ڪوسيِءَ‘ کان پوءِ آخر ۾ آفيس کان ڏهه قدم اڳڀرو وڃي الوداع ڪري ايندا. اڄ به سندن ساڳيو رويو جاري ۽ ساري آهي. سندن ايامڪاريءَ ۾ جيڪب آباد هاءِ اسڪول جا استاد توڙي شاگرد سڀئي خوشيءَ خوشيءَ سان پنهنجو فرض سر انجام ڏيندا هئا. سندن دور ۾ هر قسم جون رانديون انڊور ۽ آئوٽ ڊور (ٽيبل ٽينس، شطرنج ۽ لُوڊي کان وٺي فوٽ بال، ڪرڪيٽ، والي بال، هاڪي ۽ بيڊمنٽن  وغيره) ٿينديون هيون. تقريباً هر استاد ۽ شاگرد انهن ۾ بهرو وٺندو هو. پاڻ ورزش خاطر بيڊمنٽن راند کيڏندا هئا. انهن ڏينهن  ۾ جيڪب آباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو رونقدار نظارو صبح کان سانجهيءَ تائين ڏسڻ وٽان هوندو هو. مٿين راندين کان علاوه ٻيون ڏيهي رانديون پڻ ڪرائيندا هئا. اسان جي اسڪول ۾ ڪٻٽي راند پڻ ٿيندي هئي. جنهن ۾ ڪڏهن شاگردن جو مقابلو پاڻ ۾، ڪڏهن استادن جو پاڻ ۾ ۽ ڪڏهن وري استادن ۽ شاگردن جي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي لڳندي هئي.

سندن ئي ڏينهن ۾ اسڪول جي طرفان هڪ مخزن جو اِجراءُ ٿيو، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن مضمون، مقالا، ڪهاڻيون، ۽ شعر و شاعري پيش ڪئي. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڌرين ۾ ادبيت جو سَلو ڦُٽو ۽ اڳتي هلي ادب  جا ٻوٽا ۽ وڻ بڻيا.

جيڪب آباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ مون کي ڇهين جماعت کان اٺين جماعت تائين فارسي پڙهائڻي پوندي هئي. مقرر جو فارسي ٽيچر طور ٿيو هوس! مون کي فارسي گهٽ ايندي هئي، بلڪ ائين چوان ٿو ته ايندي ڪا نه  هئي. ان ڪري پاڻ سائين محمد ابراهيم جويو رات جو مون کي سبقَ  سيکاريندا هئا ۽ تياري ڪرائيندا هئا. ڏينهن جو مان  ڪلاس وڃي پڙهائيندو  هئس. اهڙيءَ طرح مون ۾ فارسي سکڻ جو شوق پيدا ٿيو. گرامر جا ڪتاب ورتم، لغات خريد ڪيم، پوءِ باقاعدي پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ”حزب الابرار“ ۾ استاد مير محمد وٽ ’ڪريما‘ کان ’گلستان‘ ۽ ’بوستان‘ تائين پڙهيم ۽ پنهنجي منهن مطالعو پڻ جاري رکيم. سال ڏيڍ کان پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي  صاحب جن کي سرحد صوبي ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي پاڻ پي. ٽي. سي ٽريننگ  ڪاليج ڪوهاٽ جا پرنسپال مقرر ٿيا، ۽ مون کي سي. ٽي. سي جي ڪورس تي سکر اماڻيو ويو.

”اگر  دور هستم دلم  دور نيست.“ اسين ٻئي  هڪ ٻئي کان پري ۽ دوريءَ تي هوندي به هڪ ٻئي کي وساري ۽  فراموش ڪري نه سگهياسين. اسان جا پاڻ ۾ مراسلات هلندا رهيا  ۽ خطن جي ذريعي اڌ ملاقاتون ٿينديون رهيون، خطن مُنجڻ سان گڏ مون ڏانهن سي. ٽيءَ جا نوٽس پڻ ارسال ڪيائون. هر وقت پريم پترن جي ذريعي هدايتون ۽ نصيحتون ڪندا رهيا ۽ اڳتي وڃڻ لاءِ اُڪسائيندا رهيا. مان ڪجهه به نه آهيان پر جيڪو ڪجهه آهيان ۽ جيڪو ڪجهه اچي ٿو، سو سائينءَ جن جي سايي جو نتيجو آهي.

سال 1971ع ۾ سائين جن خيرپور ڊويزن جا انسپيڪٽر آف اسڪولس مقررٿي آيا،مان پنهنجي ڳوٺ چَڪَ کان 60، 70 ميلن جي دوريءِ تي دوداڻڪي مڊل اسڪول ۾ ڪم ڪندو هوس. هڪ ته اهو اسڪول مُنهنجي ڳوٺ کان تمام گهڻو پري هو، ٻيو سواريءَ جي ڏاڍي تنگي هئي. مون کي اڪثر  بجري يا پٿر ڍوئيندر ٽرڪن ذريعي روهڙيءَ ان کان اروڙ وچان دوداڻڪي اسڪول اچڻو پوندو هو، تنهن ڪري ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن پنهنجي بدلي ڪرائڻ خاطر سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن وٽ خيرپور آفيس ويس. پٽيوالو سلطان، در تي بيٺو هو. هن کي جويي صاحب  جن سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيم ۽ چِٽ پڻ لکي ڏنيم. پٽيوالي في الوقت مون کي سائينءَ سان ملاقات ڪرائڻ کان نهڪر ڪئي.  ڇاڪاڻ ته ٻه ماڻهو اڳ ۾ ئي وٽن ويٺا هئا. جيستائين اهي نڪرن، پٽيوالو ڪنهن ڪم سان هيڏي هوڏي ٿيو ته وجهه وٺِي آفيس  ۾  اندر گهڙي ويس. السلام عليڪم چيم، وعليڪم السلام ڪيائون. اٿي بيهي هٿ ملايائون. مان ڏانهن ٿورو اڳتي وڌيم ته ڇِڪي پاڻ ڏانهن ڪيائون، بغل ۾ ڪري ڀاڪر پاتائون. پوءِ منهن ۾ چتائي نِهاريائون ۽ منهنجي سنهڙي ٻانهن تي هٿ ڦيرائي پڇيائون، ”ڇو غلام پٽ! ڳري ويو آهين؟ ابا ڇو؟ “ سندس اهڙي پاٻوهه سان پڇڻ تي منهنجي دل ڀرجي آئي ۽  جهيڻي آواز ۾ چيم، ”سائين پرديس ۾ ڳرنداسين  نه ته ٻيو ڇا ڪنداسين.“ پڇيائين، ”ڇو پرديس ۾ ماني ڪا نه ملندي آهي ڇا؟” وراڻيم، ”پنهنجي ماني پاڻ رڌڻ پچائڻ جي خفي کان ويلن جا ويلا ماني کائڻ ڇڏي ڏيڻي ٿي پوي نه. “ پوءِ پاڻ به ويٺا ۽ مون کي به سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪيائون. خير خيريت ڪيائون، ٻچڙن جي چڱڀلائيءَ لاءِ پڇيائون ۽ هڪدم ساڳئي پٽيوالي سلطان کي سڏي حڪم ڪيائون ته وڃي منهنجي لاءِ چانهه ۽ بسڪٽ  وٺي اچي. هو منهنجي پٺيان به اندر آيو هو. جڏهن مون کي بنا اجازت جي اندر ويندي ڏٺو هئائين! چانهه بسڪيٽ آيا، کاڌم، پوءِ وڌيڪ حال احوال ورتائون، مون کين احوال ڪندي بدليءَ لاءِ عرض ڪيو. پاڻ واعدو ڪيائون. هفتي کن کان پوءِ منهنجي بدلي ٿي. جتي مون پاڻ گهر ڪئي هئي، اتي ئي رکيائون.

وقت گذرندو رهيو، هڪ ڀيري مون کين خط لکيو ته هتي يعني اسان جي ڳوٺ چَڪَ ۾ خاص ڪري منهنجي گهر ۾،جنهن جو منهن اتر طرف آهي، اونهاري ۾ ڏينهن جو گرمي ۽ ڪاڙهو ۽ رات جو مَڇَرن جو مارو ڪيترو آهي ۽ ڪيئن اسان ڏکڻ جي ٿڌڙِي هير جهٽڻ  کان قاصر ۽ محروم آهيون، جنهن ڪري پڙهڻ لکڻ جي شوق پوري ڪرڻ کان  دِقت ۽ دشواري پيش اچي ٿي. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن اَن خط کان متاٿر ٿي چورائي موڪليو ته اچي پکو کڻي وڃ. پوءِ مان ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد ويس ۽ وٽانئن پکو کڻي آيس. ان لاءِ مون کي خود ڪار تي ويهاري، پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ لارين جي اسٽاپ تائين ڇڏڻ آيا ۽ لاريءَ ۾ چاڙهي ويهاري ، پکو رکرائي، هليا ويا . ڪار شيخ اياز کان گهرائي ورتي هئائون، جو کين ڪنهن پاسي وڃڻو هو.

1979ع جي پوين مهينن ۾ مون کي سرڪار طرفان  B.Ed پاس ڪرڻ کان پوءِ، پورن نون سالن جي ڊگهي انتظار بعد ،H.S.T اسڪيل اوارڊ  ڪيو ويو، مان سگهو ئي وڃي ڇيڙي ڪراچيءَ جي اتر طرف گهاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول  ۾ داخلڪار ٿيس. هڪ سال خير جو اتي گذاريم، وڌيڪ خودبخود بدلي ٿي پنهنجي ضلعي ۾ واپس وڃڻ جي اميد نه ڏسي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن ڏانهن هڪ نياز نامو روانو ڪيم، جنهن ۾ کين گذارش ڪيم ته ”مون کي گهاري شهر ۾ گهاريندي هڪ سال ٿي ويو اهي. مون کي گهاري ۾ گهڻي تڪليف آهي. 250 رپين پگهار مان تهائي ڳوٺ وارن کي موڪليان ٿو، باقي هتي خرچ ٿي وڃڻ ٿا، ڳوٺ وارن جوو گذارو به مشڪل سان ٿي رهيو آهي، گهر ۾ اڪيلو مرد به مان ئي آهيان، جيڪو به هتي پرديس ۾ ويٺو آهيان، هتي منهنجي طبيعت مرطوب هوا سبب صحيح ڪا نه ٿي رهي، مهرباني ڪري منهنجي بدليءَ جو ڪو بندوبست ڪندا ته توهان جي نوازش ٿيندي،“ منهنجي خط پهچڻ شرط پاڻ وڃي ان وقت ڊائريڪٽر صاحب سان مليا. دائريڪٽر  صاحب ساڻن چند ڏينهن اندر بدلي ڪري ڇڏڻ جو وچن ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن مون ڏانهن پڻ اهڙو اطلاع خط ذريعي موڪيو ۽ دلجاءِ ڏني ته ’چند ڏينهن اندر تنهنجي بدلي ٿي ويندي، تون مطمئن رهه!‘ واقعي ٿيو به ائين. هڪ هفتي اندر منهنجي بدلي ٿي ۽ آڊر منهنجي اسڪول گهاري ۾ پهتو ۽ ستت ئي بيدخل ٿي اچي سکر پهتس. جنهن کان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن کي پڻ مطلع ڪيم.. منهنجي اطلاع پهچڻ سان ئي سائين جن D,E.O سکر کي فون ذريعي فرمايو ته ”مسٽر غلام عليءَ جو اصل ڳوٺ چَڪَ آهي. تنهن ڪري کيس  پنهنجي ڳوٺ ۾ رکيو وڃي ته مهرباني ٿيندي.“ ٻئي  ڏينهن مان D.E. O سکر کان آڊر وٺي اچي ڳوٺ، چڪ هاءِ اسڪول ۾ داخلڪار ٿيس. مون تي سندن ڪيترا نه ٿورا ۽ احسان آهن ، مون تي ڪيترا نه مشفق ۽ مهربان آهن ، مون کي سندن احسانن مڃڻ لاءِ لفظ ئي ڪونهن. ماڻهن هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي وڃڻ لاءِ سَوَنَ جا سَوَ ڀريا، منهنجي بدلي مفت ۾ ٿي. هڪ ڪوڏي به خرچ نه آئي ۽ بدلي به پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي.

سال 1982ع ۾ ايم. ايڊ جي لاءِ حيدرآباد چونڊجي ويس، پهرئين ڏينهن ئي سامان سڙو وڃي سائين محمد ابراهيم جويي صاهب جن وٽ رکيم. پوءِ اولڊ ڪئمپس يونيورسٽيءَ وڃي داخلا وٺي ميٺارام هاسٽل ۾ ڪمرو هٿ ڪري موٽي سائينءَ وٽ آيس. منجهند جي ماني گڏجي کاڌيسين. اٽڪل چئين بجي کانئن موڪلايم ته چيائون ته ’ترس ته گڏجي ٿا هلون‘ سائينءَ جن جلدي جلدي تيار ٿيا ۽ هلڻ لاءِ چيائون. مون پنهنجي بستري بند ۽ ٿيلهي ۾ هٿ وجهي ٻئي کنيا ته پاڻ سٽ ڏئي ٿيلهو منهنجي هٿ مان کسيائون ۽ پنهنجي سڄي هٿ ۾ پڪڙي کڻي هلڻ لڳا. مون کين گهڻو ئي روڪيو ته هو ائين نه ڪن، مان پاڻ ئي ٻئي شيون کڻي هلندس، جيئن هيستائين کڻي آيو آهيان. پر پاڻ ڪو نه مڙيا ۽ چيائون ته ’مان اڃا ڏاڍو آهيان، تنهنجو هي ٿيلهو  کڻي سگهان ٿو‘. ائين چئي پاڻ کڙو تڙو ٿي، سينو تاڻي  وڏيون ٻرانگهون وجهندا، مون کان اڳ اڳ ۾ هلندا رهيا. آءُ سندن پٺيان  بستري بند ڪلهي تي رکي هلندو رهيس.بس تي چڙهياسون ته ڀاڙي ڏيڻ ۾ به اڳرائي ڪيائون ۽ اچي گاڏي کاتي ۾ لٿاسون. وري ساڳيءَ ريت ٿيلهو سائين جن کنيو ۽ بسترو مون ڪلهي تي، اچي ميٺارام هاسٽل ۾ سهڙياسون. ڪمري ۾ سامان رکيوسين. پوءِ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن مون کان موڪلائي هليا ويا. منهنجي دل تي سندن ٿيلهي کڻي اچڻ جو احساس هو، سوچيم هيڏا وڏا ماڻهو، هيڏا سارا اديب ۽ مفڪر، هيڏي ساري عزت ۽  شهرت جا مالڪ، ملڪان ملڪ مشهور ۽ معروف ماڻهو، مون جهڙي خسيس ۽ ناچيز بندي جو ٿيلهو کڻي، هاسٽل تائين ڇڏي اچڻ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي! اها سندن اعليٰ درجي جي انسانيت ۽ حد  درجي جي حسن اخلاقي ئي چئجي.


(*)  ٽماهي مهراڻ، 1-2002ع تان کنيل،

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org