سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :20

مان جڏهن ننڍو هوندو هئس، خاص ڪري پنجاهه واري ڏوهاڪي، تڏهن ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿي سعادت حاصل ڪرڻ جا شروعاتي موقعا مليا هئم. ان وقت سڀ کان پهريائين مٿي ذڪر ڪيل سرجڻهار جي تلاش ۾ اکيون گم ٿي وينديون هيون، جن مان ٻه چار وڏڙا ضرور ڏسي وٺبا هئا.  اڳتي هلي ’روح رهاڻ‘، جي سکاڻي حميد سنڌيءَ جي (روح رهاڻ-جشن‘)،  بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي محفلن ۽ لطيف سرڪار ۽ سچل سرمست جي عرص ملهائڻ وارين ادبي ڪانفرنس ۾ به ذڪر ڪيل وڏن نالن جا چڱا خاصا دم ديدار ٿيڻ لڳا هئا.

جي ايم سيد، عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، ابراهيم جويي، تنوير عباسيءَ ۽ بين ادب جي حوالي سان سنڌي کي ’سنڌ امان‘ سڏڻ جا سبق ڏيڻ سان گڏ، سنڌ جي تاريخ ۽ آزاديءَ لاءِ قومن جي جدوجهد ۽ آزاد ۽ سڦلي زندگي گذارڻ جا طور طريقا سمجهايا آهن. اهوئي سبب آهي، جو اسان جو اڄوڪو ادب ، وطن دوستيءَ سان گڏ ادب جي آفاقي ۽ معروضي قدرن سان به مالا مال نظر ٿو اچي.

محمد ابراهيم جويو، ويهن صديءَ جي اوڙاهه کي اُڪري،ايڪيهين صديءَ ۾ پهتو آهي. ويهين صدي، دنيا جي تاريخ ۾ اهم  صدي آهي. هن ئي صديءَ ٻه مهاڀري لڙايون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي آزادي، سرمائيدار نظام جي ڀيٽ ۾ سوشلزم جون اُٿلون ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ آواز ۽ تصوير جي ڪرشمن کان وٺي، ماڻهوءَ کي خلا ۾ اُڏامندي ۽ چنڊ تي لهندي ڏٺو.

دنيا جي هن انقلابي صديءَ ۾، محمد ابراهيم جويي صاحب “Save Sindh,Save the continent” جهڙو ڪتاب لکيو،جيڪا رهنمائي، 1998ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ’ادب ٻولي، تعليم‘ تائين هلندي پئي اچي.

ڄيٺمل پرسرام ۽ ڏيارام گدومل جي معتبر نالن سان، اسان جي سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ اٺ هستيون ادب جي بنيادي ٿنڀن سان ڄاتيون سڃاتيون وڃن ٿيون. جويو صاحب ته ترقي پسند ادب جو مکيه ٿنبو نه پر هڪ مينار آهي.

آخر ۾ نذراني طور جويي صاحب  جي خدمت ۾ هڪ بيت عرض رکان ٿو:

جويو ۽ جهانُ، بهشت برابر ڀانئيان،

سرجيو ’جويو‘ سنڌ مان، مٽيءَ لڌو مان،

جهين آدجڳاد ۾، عشق ٿيو عنوان،

ڏنو جنهن ڏاتار آ، صورت جو سامان،

جنهن جو ديرو دل ۾، عشق ڪيو آسان،

جنهن سمايو ساهه ۾، رام ۽ رحمان،

جنهن وٽ عشق ’اياز‘ جو، ڪعبو ڪوهستان،

’شاهه، سچل، ساميءَ‘ ۾، گاروڙي غلطان،

سوئي جادم جکرو، ڄام سپڙ سلطان،

سما، جوکيا، سومرا، ’فيڪوني‘ فرمان،

ڪعبي، ڪاڇي ۾ ڏٺم، آهي هڪ عنوان،

توڙي سُرَ نه تند سان، بيوس جهڙو ڀان،

توڙي سِرَ ساڃاهه سان، ماڻهو چئي مهان،

جنهن جو اَنُ ايمان، جنهن جو ڪعبو ’ڪل‘ ۾!

 

بدر قريشي

اچي بوءِ بهار جي

 

ڀاڳ واري آهي ڌرتي، جتي گل کِڙندا آهن: اڇا، ڳاڙها، رنگ برنگي گل. گل، جن جي سرهاڻ انسان جي زندگيءَ جي سڀ کان قيمتي ميراث آهي، زندگيءَ جي علامت آهي، زندگيءَ جو سڀ کان سهڻو ۽ من موهيندڙ احساس آهي.

پر ان کان به وڌيڪ ڀاڳوان اها ڌرتي آهي، جنهن تي اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن، جن جي ذهنن ۾ گل کڙندا آهن، ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پيدا ٿيندڙ گل ته مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جا محتاج ٿيندا آهن، موسمن جي رهم و ڪرم تي هوندا آهن. مٽي ڪسي پڪي ٿئي، پاڻي گهٽ وڌ ٿئي يا سرديءَ گرميءَ هئڻ ڪري ڪومائجيو وڃن. وڏي  ڳالهه ته اهي ماڻهن جي هٿ چراند جو شڪار ٿيندا آهن،  ٻوٽن جي ٽارين تي  جوپن ماڻڻ ۽ پنهنجي سرهاڻ هنڌين ماڳين پکيڙڻ کان اڳ ئي پٽجي بازارن ۾ وڪامي ويندا آهن، ڪڏهن ڪنهن مزار تي، ڪنهن موڙَ جا گل، ڪنهن نازڪ ٻانهن جو سينگارُ ته ڪڏهن ڪنهن خوشامد پسند جي ڪوڙيءَ آجيان جو سامان بڻجن.

انسان جي ذهن ۾ کڙندڙ گل نه  مٽيءَ ۽ پاڻي جا محتاج ۽ نه موسمن جا ٻانها، نه شاخن تان پٽجن، نه وڪامن، سندن سُڳنڌ نه ڪنهن الهڙ جوانيءَ جي وارن ۾ اٽڪي، نه ته ڪنهن مزار جي چؤڀتيءَ ۾ باندي ٿئي، ۽ نه ڪنهن خوشامدڙئي جي خوشين جو سامان بڻجي، پر سندن سرهاڻ صبح جو ٿڌين هيرن ۾ شامل ٿي، سدائين پيئي هڪ ماڳ کان ٻي ماڳ ڏي سفر ڪري، هڪ جُوءِ کي واسي، ٻيءَ جوءِ ڏانهن وڌي. اونهاري جي سخت جهولن ۾ شامل ٿي، گرميءَ ۽ ٻوساٽ واري ڪيفيت مٽائي، ماحول ۾ ٿڌاڻ پيدا ڪري، ته ڪڏهن سياري  جي پاري پيل ماحول تي ڇانئجي، برف پگهاري، گرمي پيدا ڪري، اسان جي سنڌ جي ڌرتي ته تاڃي پيٽي پَٽُ آهي. هتي ڌرتي جي مٿاڇري تي بي انداز گُل کڙيل آهن ۽ اهڙا ماڻهو به گهڻا پيدا ٿيا آهن، جن جي ذهنن ۾ سدائين پيا گل کڙن.

ابراهيم جويو به هن ڌرتيءَ تي  پيدا ٿيل اهو ذهن آهي، جنهن ۾ هر روز ۽ هر گهڙيءَ پيا گل ٽڙن، ڳاڙها ڳاڙها…اڇا اڇا…سُرها سرها گل.

سنڌي ادبي دنيا ۾ جويي صاحب جي شخصيت ڄاتل سڃاتل آهي. گذريل چوٿائي صديءَ ۾، سنڌي ادبي ماحول ۾ جيڪو مقام جويي صاحب ماڻيو آهي، اهو ڪن ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿيو آهي. سندس ادبي خدمتن جي ذڪر کان سواءِ جديد سنڌي ادب جي تاريخ اڻپوري رهندي. پاڻ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ شروع ڪرڻ وارن اڳواڻن مان هڪ آهي، جن سڀ کان اڳ ’ادب براءِ زندگيءِ‘ وارو رجحان عام ڪيو. جيستائين تخليقي ادب جو تعلق آهي ته جويو صاحب مستقل ڪهانيڪار يا شاعر نه آهي، تنهن هوندي به پاڻ ڪجهه ڪهاڻين جو خالق آهي، جيڪي ڪجهه وقت ، اڳ ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ جي سري سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. ٿوري گهڻي شاعر به ڪئي اٿس. سندس ڪهاڻيون الف ليلوي انداز ۾ لکيل پراڻيءَ طرز جون نيون ڪهاڻيون آهن. داستان گوئيءَ واري الف ليلوي انداز هوندي به، هنن ڪهاڻين ۾ رواني، سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ موضوع جي نواڻ هڪ خاص جدت پيدا ڪئي آهي. سندس موضوع گهڻو ڪري علامتي ۽ ڳنڀير آهن، ان ڪري عام پڙهندڙن ۾ سندس ڪهاڻيون گهڻو مقبول نه ٿيون، باقي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيون ويون ۽ ڪافي بحث مباحثي جو ڪارڻ به بڻيون.

جيئن  ته اديبن لاءِ جويي صاحب جا نظريا ٺهرائپ (Solidity) ۽ ڪامليت (Perfectionism) رکندڙ آهن، ان لاءِ پاڻ عوامي قسم جو ادب تخليق ڪري نه سگهيو. اديبن بابت پنهنجي ترجمي ڪيل ڊرامي ’گليلو‘ جي تعارفي نوٽ ۾ لکي ٿو:

”پڙهندڙن کي دعوت ڏنل آهي ته هو هن ڌرتيءَ تي هن انساني دنيا ۾، انسان جي هڪٻئي سان روش تي ويچار ڪن، ان جي سببن ۽ سماجي محرڪات کي سمجهڻ جي ڪوشش  ڪن. ڪڏهن انهن جي حمايت ڪن ۽ همت افزائي ڪن ته ڪڏهن انهن سان بغاوت ڪن، هو هميشه پاڻ کان هي سوال ضرور پڇن ته جيڪڏهن هو پاڻ انهن حالتن ۾ هجن ته سندن پنهنجو رد عمل ڪهڙو هوندو“.

ظاهر آهي هيتريون ساريون پابنديون ليکڪ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه مشڪلاتون ضرور پيدا ڪنديون، جويي صاحب جون ڪهاڻيون پنهنجيءَ جاءِ تي ڪافي اهم آهن، پر سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ وڌيڪ اهم. پهرين سنڌي  ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ ۽ پوءِ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي باني ميمبر جي حيثيت ۾، سندس نگرانيءَ هيٺ ٿيل بين الاقوامي ادب جي شهپارن جا ترجما آهن، جن ۾ خود جويي صاحب جا اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘برٽالٽ بريخت جي ڊرامي ”گليلو“ ۽ اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ’ٻارن جو مسيح‘ وغيره جا ترجما به شامل آهن، جن جي ڪري هڪ طرف سنڌي ڪتابن ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻئي طرف عام سنڌي پڙهندڙن ۽ خاص طرح سنڌي اديبن کي بين الاقوامي ادب جو هڪ اهم حصو پڙهڻ لاءِ مليو ۽ بين الاقوامي ادب ۾ نون لاڙن جي پروڙ پيئي، جنهن ڪري گهڻن سنڌي اديبن جي لکڻين ۾ ڪافي  تبديليون آيون. ان سان گڏوگڏ سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي ڀيٽ ۾ بين الاقوامي اصولن تي، بين الاقوامي ڪلاسيڪل ادب سان ٿيڻ لڳي. ان ڪري هڪ ته سنڌ اندر سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي اهميت ۽ افاديت وڌي ۽ ٻئي پاسي سنڌي ڪلاسيڪل ادب ۽ ٻين قومن ۾ بهتر نموني متعارف ۽ مقبول ٿيو ۽ ان جون نيون نيون فني ۽ معنوي خوبيون ظاهر ٿيون. ڪهاڻين ۽ترجمن کان سواءِ  جويي صاحب جي علمي ۽ ادبي مضمونن، جيڪي ’مهراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن:  شيخ اياز جي شعري مجموعن جي مهاڳن ۽ شاهه، سچل ساميءَ جي ڪلام جي تاريخي پس منظر ۾ جائزي جو ذڪر تمام ضروري آهي. جن ۾ جويي صاحب سنڌي ادب، ڪلاسيڪي توڙي موجوده دور ۾ سرجندڙ ادب جي اونهاين ۾ پيهي، ان جي باريڪ ترين نقطن جي نشاندهي ۽ وضاحب ڪئي آهي ۽ قومي خيالن کان معاشرتي ۽ معاشي ترقي ۾ اديب جي ڪردار، ٻوليءَ جي اهميت، ضرورت ۽ تاريخي پس منظر ۾ ثقافتي اوسر تي گهري نظر وڏي آهي.

جويو صاحب بنيادي طرح جيئن ته معلوم آهي، ۽ تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيل اٿس، ذهن سان وڌيڪ ۽ دل سان گهٽ سوچڻ جو قائل آهي. هن شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام جو تجزيو نهايت معلمانه انداز ۾ سندن تاريخي پس منظر ۽ ماحول مطابق ڪيو آهي، هن سندن ڪلام کي پرکڻ لاءِ فقط اڄوڪي ماحول يا شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي فن ۽ علم کي سامهون رکي نه، پر سندن دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي سامهون رکي ڪيو آهي ۽ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آخر اهي ڪهڙا محرڪ هئا، جن سندن ڪلام هيتريون ساريون  معنوي ۽ فني خوبيون پيدا ڪيون. هو انساني نفسيات کي آڏو رکي، معلوم ڪرڻ ٿو چاهي ته اهي ڪهڙا سبب هئا ، جن هنن بزرگن کي پنهنجي ماحول جي هر ننڍي ۾ ننڍي وڏي ۾ وڏي ڳالهه ههڙي جامع نموني ۾ محفوظ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ان سان گڏ، هنن پنهنجي آدرشي خيالن ۽ انساني جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪئي، جنهن جي ڪري  اڄ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب، عظمت ۽ عروج جون هيتريون ساريون منزلون ماڻيون آهن. جويي صاحب، شاهه سچل ۽ ساميءَ کي ماضيءَ جي سڀني اديبن، عالمن ۽ نقادن کان جدا طرح پرکيو ۽ پرجهيو آهي. هن سنڌي ثقافت، ٻوليءَ ۽ ڪلاسيڪل ادب جي صحيح اهميت معلوم ڪئي آهي. آءُ هتي اهو چوڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندس ته جويي صاحب شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام جو وڏو مقصد ڳولهي لڌو آهي، ۽ ان کي عام ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪرائي اٿن ۽ اها ذميواري هڪ ذميوار اديب جي هئڻ ڪري پنهنجي سربه کنئي اٿن ۽ نڀائي به اٿن.

جويو صاحب هڪ بااصول انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پڪو ۽ مضبوط ڪردار وارو مٿير مڙد آهي.سندس شخصيت خاص ڪري نوجوانن لاءِ ان ڪري اتساهه ڏيندڙ آهي، جو هو هڪ آدرشي انسان آهي ۽ سندس آدرش اهي  ئي آهن، جيڪي عام انسان جي زندگيءَ کي هر لحاظ سان آسودو بنائڻ لاءِ دنيا جي مفڪرن ٺاهيا آهن، ۽ جيڪي دنيا جي هر تجربي مان لنگهي، سچي سون جيان جهلڪي رهيا آهن.

بيدل مسرور

جويي جي ڏيکاريل نئين شعوري راهه

جيئن ڪنهن شهزادي گل اندام کي پنهنجي پيءُ جي خواب جي تعبير لاءِ ست سمنڊ پار وڃڻو هو، تيئن مان به پنهنجي درويش پيءُ جي سپني کي ساڀيا ڪرڻ لاءِ ننڊ ولايت جي سوڙهين ڳلين ۾ ڳائڻ نڪتو هوس. وهي به البيلي هئي، انڪري ساڀيا جي تلاش سان گڏ، حسن ۽ خوشبوءِ جي تصور جو غلبو به گهڻو هوندو هو. گهر ۾ بابا سائينءَ جي راڳ ويراڳ جي سوق جا سمورا ساز موجود هوندا هئا. ڳائبو هو. ته به عشق ۽ حسن جي تعريف ۾، پر جيئن سفر جي ڏاکڙن کي آسان بنائڻ لاءِ رستي ۾ ڪي راهبر ملندا آهن، تيئن جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو،  جيڪب آباد جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو ته عشق ۽ حسن جو هڪ هڪ نئون تصور کڻي آيو. چيوسين: ’سائين، اسان کي ڪهڙي ڪل ته قوم ڇا ٿيندي آهي! قوم جا حق فرض ڇا ٿيندا آهن! اسان ته رڳو ايترو ٿا ڄاڻون ته ماڻهو مٽيءَ مان جڙيو آهي ۽ مٽي ٿي وڃڻو آهي. هيءُ سمورو سنسار هڪ سپنو آهي، جنهن ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جي ننڊ ڪري ٿو، محبت ماڻي ٿو، کائي ٿو، پيئي ٿو، دنيا دولت ڪٺي ڪري ٿو، شاديون ڪري ٻار ڄڻي ٿو، ۽ هڪ ڏينهن خالي هٿين هن خوابن جي شهر مان لڏي وڃي ٿو. اسان ڇا ڄاڻون مٽيءَ جي ٽاڪئين پُتلي سان عشق جي راند، اسان ڇا ڄاڻون ته ڌرتيءَ سان به ڪو عشق ڪبو آهي!‘

منهنجون ڳالهيون ٻڌي، مُرڪي پيو. ڄاڻي پيو ته مان هڪ درويش فقير ’مسرور‘ جو فرزند آهيان. وڏيءَ عزت ۽ پاٻوهه وچان پنهنجيءَ ڀر ۾ ويهاري، شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جو اهو ڪلام پڙهائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ وطن جي واکاڻ ۽ قومي ساڃاه جون ڳالهيون ڪجهه اهڙي انداز جو لکيل هيون، جو اڳ ۾ اسان ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ يا ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالن ۾ عبدالڪريم گدائيءَ، محمد ابراهيم خليل، سليم ڳاڙهويءَ، لعل محمد لعل، رشيد احمد لاشاريءَ، سردار علي شاهه، مظفر حسين جوش، عبدعاقليءَ، عبدالله خواب جي شاعريءَ ۾ به پڙهيون هونسين، پر هن نئين شاعريءَ ۾ شعور جي هڪ نئين راءِ ڏيکاريل هئي.

اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سپني مثل هن دنيا کي، مجاز جي اک سان ڏسڻ بدران، حقيقي صورتحال ۾ ڏسڻ جو مقعو مليو. اهي ئي  ڏينهن هئا، جڏهن ڄاتم ته انساني عظمت ۽ اُن جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نه صحيفا نازل ڪيا ويا آهن. اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سمجهيم ته آخرت کي سنوارڻ لاءِ دنيا ۾ رهندڙ محبوب انسان سان پيار ڪرڻ ئي اهم آهي.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب اٽڪل 1967ع جي زماني ۾، جيڪب آباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر ٿي آيو هو. ساڻس روبرو ملاقات به سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد، شاخ جي بيٺڪ ۾ ٿي هئي، تڏهن شاخ جو سيڪريٽري غلام رسول ڪلهوڙو هوندو هو، جيڪو پڻ گورنمينٽ جي اُن اسڪول ۾ ماستر هوندو هو، ۽ اهوئي سائينءَ کي ان ادبي بيٺڪ ۾ وٺي آيو هو. اُن ادبي بيٺڪ ۾ مرحوم عبدالڪريم گدائي صاحب به موجود هو. جيئن ته منهنجي ادبي دوستي، فتاح عابد، اڪبر ادب ۽ غلام رسول ڪلهوڙي سان هوندي هئي، انڪري انهن ادبي بيٺڪن ۾ مان به ويندو هوس.

سائين جويي صاحب سان ان ملاقات کان اڳ ۾ ادبي تعارف ٿيل هو، جو مان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪيترن ڪتابن ۾ سندس لکيل مهاڳ پڙهي چڪو هڪوس. پاڻ اُن محلفل ۾ اکيون ٻوٽي هر ڪنهن جا ليک ٻڌا هئائين، جنهن کان پوءِ مناسب لفظن سان انهن تي ٽيڪا به ڪئي هئائين.

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي راڳ سان به دلچسپي هوندي هئي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن استاد ارباب خان جي ڊيري تي به هلندو هو، جتي استاد ارباب خان جي سمورن شاگردن کان ويهي ڪلام ٻڌندو هو، پر پوءِ گهڻو ڪري استاد ارباب کان فيقر قادربخش گولي جي ڪافي

’اڪ ٿيا ٿي انار، سڄڻ تنهنجي سانگي‘ ضرور ٻڌندو هو.

مون کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان روشناس به سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڪرايو، ۽ ڪوشش وٺي سنڌي ادبي سگنت، جيڪب آباد شاخ جي پاران هڪ انتهائي نرالو ’جشن لطيف‘ به ڪرايو هئائين، جنهن ۾ ٻيڙو فقير ۽ ٻيا سگهڙ گهرايا هئائين، جن دودي سومري جي منظوم ڪهاڻي ڳائي ٻڌائي هئي - ۽ الله نه ڀلائي ته ان کان پوءِ ئي شيخ اياز، ’دودي سومري‘ تي منظوم ڊرامو لکيو هو. اصل ۾ اهوئي پهريون جشن لطيف هو، جنهن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شعوري ڪوششن سان، شاههرح  جي ڪلام سان گڏ جديد ترقي پسند ۽ قومي شاعرن جو ڪلام به ڳايو ويو هو، جنهن تي اتي جي رجعت پسند شاعرن مخالفت به ڪئي هئي. مان سمجهان ٿو ان جشن لطيف کان پوءِ ئي سنڌ ۾ لطيف سرڪار جي نالي ۾ ملهايل هر پروگرام ۾ شاهه لطيف جي ڪلام سان گڏ شيخ اياز جو قومي ڪلام به ڳائجڻ لڳو. ان کان پوءِ خاص طور ’سنڌي شامن‘ جو رواج پيو، ۽ گڏوگڏ ريڊيو تي به شيخ اياز، ۽ ٻين ترقي پسند ۽ قومي شاعرن جا نغما نشر ٿيڻ لڳا، جن جو سڄو ڪريڊٽ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن ٿو وڃي.ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته ماڻهن مون کي مڃتا ڏني آهي ته مون شيخ اياز کي ڳائي مشهور ڪيو آهي، پر سچ پڇو ته شيخ اياز کي مشهور ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ جويي صاحب جو آهي، مان ته اهو به چوندس ته شيخ اياز کي ماڻهن ۾ مقبول ڪرائڻ لاءِ خود سائين محمد ابراهيم جويي صاحب شعوري طور منهنجو ئي انتخاب ڪيو هو. مون کي اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي، جڏهن سکر ۾ ملهائجندڙ ’سنڌي شاهه‘ ۾ وٺي هليو هو، ۽ اتي آرگنائيزرن وٽ منهنجو نالو ڳائڻن ۾ لکرايو هئائين، جتي مون پهريون ڀيرو شيخ اياز جون ٻه قومي وايون: ’سنڌ ديس جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيس نوايان، مٽي ماٿي لايان ۽’سهندو ڪير ميار او يار‘ ڳايون هيون، جيڪي مون پنهنجي ساٿين سان گڏ، جيڪب آباد واري ’جشن لطيف‘ ۾ به ڳايون هيون. انهيءَ سنڌي شام ۾ سنڌ جا سوين اديب ۽ شاعر موجود هئا، ۽ خود مرحوم حيدربخش جتوئي به موجود هو.

مان پنهنجي واکاڻ ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته شيخ اياز جون اهي ٻئي وايون پهرين مون ئي ڳاتيون آهن. انهن ڏينهن ۾ سکر جي ان’سنڌي شام‘ ۾ فقير عبدالغفور مرحوم (الله بخشيس) شيخ اياز جي هڪ ٻي وائي، ’نانگو‘ آهيان نانگو يار، پهتو آهيان ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، لاهي سر جو سانگو يار ڳائي هئي.

راڳ اصل ۾ آهي به انهن لاءِ، جيڪي سر جو سانگو لاهي ٿا ڇڏين. راڳ توڙي قومي خيالن جي سلسلي ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب منهنجي ذهني تربيت به ڪندو هو. پاڻ موڪلن ۾ حيدرآباد به هليو ويندو هو، ته به همت افزائيءَ جا خط لکي منهنجا حوصلا وڌائيندو هو. مون وٽ سندس خط ته محفوظ آهن، پر انهن جو هڪ هڪ لفظ به ياد اٿم. حالانڪ هن وقت قومي گيتن ڳائڻ جو رواج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي، پر مان اڃا تائين سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ان هڪ سٽ تي ڳت ڏيو بيٺو آهيان، جيڪا پاڻ ڪوهاٽ مان مارچ 1968 ڌاري لکيل هڪ خط ۾ لکي موڪلي هئائين ته: ”مون کي يقين آهي ته اوهان انهيءَ طرف ۽ انهيءَ ميدان ۾ جيئن پوءِ تيئن اڳتي قدم کڻندا هلندا، دل جي خوشيءَ ۽ پڻ قومي فرض ادائيءَ جو وڏو سامان، اسان لاءِ ان ۾ ئي موجود آهي.“ (*)

ابن الياس سومرو

محمد ابراهيم جويو: شخصي ۽ ادبي جائزو

1947ع ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جو اعلان، جون ۾ ٿيون، 14 آگسٽ تي اختيارات منتقل ڪيا ويا. انهيءَ درميان حيدرآباد شهر جي حالت اجڙيل ۽ ويران شهر جهڙي ٿي وئي. هر طرف سناٽو، لڏپلاڻ ۽ ميراڻ. نه اها شهري رونق ۽ نه اها شهري هلچل وڏو اثر تعليمي، مندر، هومٽيڊ هال، سکي ميران وديا ڀون، وسرام پوي ليڊيز ڪلب ۾  خاموشيءِ جو راڄ هو. هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيا ادارا هندستان کان آيل پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ تبديل ٿي ويا، جنهنڪري حيدرآباد واسي هن اوچتي وڏڦڙي کان وائڙا ٿي ويا ته هي ڇا ٿي ويو؟! حڪومت جو سڄو توجهه هن ڳالهه تي مرڪوز هو ته پناهگيرن کي ڪيئن آباد ڪجي. مقامي اخبارن، رسالن ۽ پريس تي تالا پئجي ويا.

اهڙي وقت ۾ فقط ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ئي هو، جنهن ۾ اسان جو ادبي گروپ، شاهه جي ورسي، ڪڏهن ڪو اسٽيج ڊراما يا ڪڏهن ڪو تعليمي فنڪشن منعقد ڪندو رهندو هو، باقي هر طرف ماٺ هئي. شهر جي نوجوانن جو ڪم هو انگلش مارننگ شو ڏسڻ ۽ ڪراچي هوٽل يا يونيٽيءَ ۾ ويهي گپ شپ هڻڻ، گهڻو ڪري سڀ پنهنجي مستقبل بابت سوچ ويچار ۾ مبتلا هئا ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ اها حالت ڪم و پيش ٻه سال هلي. اهڙي وقت حادثاتي طور حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو وارد ٿيو. ان وقت آئون ٽريننگ ڪاليج ۾ مانٽيسوري ڪلاس ٽيچر هوس ۽ ڪاليج سطح تي محدود نموني سان ادبي ۽ تعليمي گڏجاڻيون، يوم لطيف، تاريخي ڊراما ۽ مخزن ڪڍي، سندي زبان جي خدمت سرانجام ڏيندا رهندا هئاسين ۽ جنهن ۾ ع. ق. شيخ. رشيد احمد لاشاري، جان محمد جمالي، پروفيسر رحيم بخش ميمڻ ۽ پروفيسر محمد امين صديقي پڻ شامل هئا.

مون کي منهنجي هڪ دوست ٻڌايو  ته ڪاليج ۾ جويو صاحب بدلي ٿي آيو آهي، جنهن کان هڪ ڪتاب لکڻ سبب حڪومت وقت ناراض آهي. مون فقط جويي صاحب جو نالو ٻڌو هو، مگر ملاقات اڃا نه ٿي هئي، انهيءَ ڪري موڪل ملڻ بعد سندس نتظار ڪرڻ لڳس. ٿوريءَ دير بعد هلڪي جسم ۽ ڪي قدر نفيس بت وارو انسان، قد البت لاٺيرو، سلوار قميص ۽ ڪوٽ پهريل، مٿي تي اُس کان بچڻ لاءِ انگريزي ٽوپلو پيل، ڇاتيءَ تي کاٻي هٿ سان ڪتاب لڳايو، زمين طرف نگاهون ڪيو ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ آيو پئي. مون پڪ سمجهيو ته اهو ئي جويو صاحب آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا سڀ استاد منهنجي ڏٺل وائٺل هئا. ’اسلام عليڪم‘ مون استقبال طور اڳتي وڌندي چيو. ’وعليڪم سلام‘ چوندي جويي صاحب مون طرف نهاريو ۽ مشڪندڙ چهري سان هٿ ملايو. سندس رنگ کليل سانورو، نظر جي عينڪ  پيل، جنهن مان اکين جي گهرائي جهلڪا ڏئي رهي هئي، سندس پيشاني فراخ بخت ۽ سعادتمنديءَ واري هئي. اها اسان جي پهرين ملاقات، مسلسل گڏجاڻين ۾ بدلجي وئي، پوءِ جويو صاحب هميشه مون سان ملندو رهندو هو. ع. ق. شيخ جي جاءَ تي اسين هر وقت علمي ادب بحث ڪري معلومات اضافو ڪندا رهندا هئاسين. اسان جي ادبي گڏجاڻين ۾ اڳتي هلي مراد علي مرزا ۽ حسن علي ۽ ٻيا اديب پڻ شريڪ ٿي ويا. جويو صاحب پنهنجي علمي استعداد ۽ مطالعي ۾ اسان سڀني کان سرس نظر آيو. خصوصا انگريزي ادب ۽ فلسفي جي هر هڪ پهلوءَ کان سنڌَ جي حيثيت رکندڙ هو ۽ سندس اها حيثيت اڄ تائين قائم آهي، جنهنڪري سٺا اديب پڻ ساڻس مشورا ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا آهن.

اُن وقت کان وٺي اڄ تائين جويو صاحب سنڌي زبان ۽ ادب جو هڏڏوکي ۽ خير خواهه رهندو آيو آهي، ائين چئجي ته سنڌي زبان ۽ ادب سان زندگيءَ جي سچي محبت رکندڙ هڪ انسان آهي. سنڌي ساهت جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو هٿ آهي ۽ اها خدمت اڌ صديءَ تائين پکڙيل  آهي. سڀ کان اول سنڌي اديب دوستن سان گڏجي ’سنڌي ادبي انجمن‘ جو بنياد رکيائون، جيئن ڪم از ڪم هر هفتي هڪ ادبي نشست ذريعي پنهنجا خيالات پيش ڪن ۽ ادبي تحرير ۽ سوچ ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿئي. اُنهيءَ ڪوشش ۾ حيدرآباد جا نوجوان ۽ ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر هڪ هنڌ جمع ٿي ويا، جن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، مقبول ڀٽي، آغا سليم، تنوير عباسي، نعمت الله قريشي، عنايت عباسي، پروانو ڀٽي، باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪرڻ لڳا. ابتدا ۾ گڏجاڻيون بيسنت هال ۾ ٿينديون هيون پوءِ سنڌي ادبي سنگت‘ جي صورت ۾ سڄيءَ سنڌ جي اديبن جي نمائنده جماعت جي حيثيت ۾ ڪافي ادبي خدمت ۽ ترقيءَ جو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي.

اهڙيءَ طرح جويي صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۽ سه ماهي رسالي مهراڻ ۾ بنيادي خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصابي ڪتابن جي تدوين ۽ ترتيب ۾ سندس رايي کي وڏي اهميت ۽ وزن حاصل رهيو آهي. ڪيترائي گم ٿيل ڪتاب سندس ڪوشش سان نئين سر ميدان ۾ آيا.

 مون جويي صاحب جي ڪيترين ئي ادبي ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ وقت گذاريو آهي. هڪ دفعو چيائين ته سنڌ جي هر نوجوان طالب علم کي ٽن ڳالهين جو مطالعو ڪرڻ لازمي: ’موهن جي دڙي جي معلومات، دودي چنيسر جي داستان جي واقفيت ۽ حضرت شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو مطالعو.‘ انهن ٽنهي جي ڄاڻپ مان سياسي صورتحال سان گڏ دل ۾ قومي فخر پيدا ٿئي ٿو. انهن مان هڪ سنڌيءَ کي پنهنجي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي عظمت، تاريخ، فن، ثقافت، ڪردار جي بلندي، حب الوطني، ايثار ۽ زندگيءَ جو حُسن نظر ايندو.

جويو صاحب پنهنجي هم خيال دوستن جو پنهنجي مائٽن وانگر خيال رکندو آهي ۽ هميشه ساڻن ناتو نڀائيندو رهندو آهي. سندس اها ڪوشش هوندي آهي ته اسين پاڻ ۾ ملندا رهون، ان مان مقصد باهمي محبت ۽ خلوص ۾ اضافو ڪرڻ ۽ هم خيال ماڻهن جو دائرو وسيع ڪرڻ آهي. اهو هڪ سٺي دانشور جو اهڃاڻ آهي ته ماڻهن سان محبت ونڊي، اهوئي سبب آهي جو حياتيءَ واري سفر ۾ جويي صاحب سان وقت به وقت ساٿي دوست، شاگرد، اديب خواهه شاعر گڏجندا ويا، تن مان ڪنهن کي به هن تريون هڻي هيٺ ڪانه ڪيرايو ۽ نڪي ڪنهن جي ٽنگ ڇڪي ڦٽو ڪيو، بلڪ انهن جي رهنمائي ڪئي، انهن کي پنهنجو سچو هَمخيال بنايو  ۽ زبان ۽ ادب خواهه اعليٰ تصور جو رستو ڏيکاريو ،جنهن تي هلي کين عزت ۽ مرتبو نصيب ٿيو ، اهو جويي صاحب جي خلوص ، بلند اخلاقيءَ ۽ اعليٰ ڪردار جو ثبوت آهي، انهيءَ تعميري ۽ صحتمند خوبيءَ تي پڪي پهه سان اڃا تائين ڪاربند آهي. انهيءَ متعلق جويي صاحب جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي.


(*)  روزاني ’عوامي آواز‘، ڪراچي، 31 آگسٽ 2002ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org