سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :9

 

 

جمال ابڙو

- ادا سائين،مون پنهنجو ”پشو“ اوهان طرف موڪليو آهي. اميد ته پهتو هوندو.

مون”پشو“، ”بلو دادا“ ۽”شيدو ڌاڙيل“ کان متاثر ٿي لکيو، ڇو ته انسان جو مقام منهنجي نظر ۾ نهايت بلند آهي. منهنجو ”پشو“ نه ڌاڙيل آهي نه داداگير، پر هڪ سڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽سيٺ به انهيءَ ماحول جي پيدائش آهن. پوءِ انهن کي ولين (Villian) ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ کپي! اسين ته منجهي ٿا پئون! ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي تنهنڪري ۽ صرف تنهنڪري، هو رحم جي لائق آهي ڇا؟ منهنجي دل اها ڳالهه نه ٿي مڃي.

مان ڀانيا ٿو ته انسان کي ”رحم جوڳو“ ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي توهين آهي- انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو”ويچارو“ ۽ ”ڪين جهڙو“ نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي. انسان جيڪڏهن ڪنڊن ۾ اوٻاسيون ڏئي، شوڪارا ڀري ڇڙهيون هڻي مري وڃي ته چئبو ته منجهائنس انسانيت ڪڏهوڪومري چڪي هئي.

انسان اهو جومفلسي، بيماري، بي علمي ۽ ظلم جي حملن جي باوجود اڳتي وڌي. ڏسڻو آهي ته اهي رنڊڪون سندس ”انسانيت“ کي ڪيترو جرڪائين ٿيون. پوءِ انسانيت جي واڌاري جي راهه ۾ جيڪي اهڙيون رنڊڪون آهن، تن کي پاڙئون پٽيندي ڪو خون ڏيئي مئو، ته شهيد ٿيو: پر جي ڪو صرف اکين مان پاڻي هاري مئو، ته ٻين کي به دلشڪستو ڪري مئو- انسانيت کي بدنام ڪري مئو- هوته مرڻ کان اڳي ئي مري چڪو هو! جو مڙيو سو به مئو ۽ پڻ کريو. مون انهيءَ ڪري ”پشو“ پيش ڪيو. خبر نه آهي ته ڪيتر قدر موضوع کي نباهي سگهيو آهيان. اسين اڃا سکون پيا. چئي نه ٿو سگهجي ته اهو موضوع ڪيتري قدر صحيح آهي، يا منجهس ڪيتري قدر سڌاري جي گنجائش آهي.

ائين نه آهي ته ”شيدو“، ۽ ”بلو دادا“ ڪو گهٽ آهن- سنڌي افسانوي دنيا جا شاهڪار آهن. ”شيدو“ ۽ سندس ماحول جو نقش نهايت فنڪارانه طرز تي پيش ڪيو ويو آهي. لکندڙجي زنده دلي ۽ احساس جو ثبوت آهي. ٻولي ته لاجواب آهي. پر افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کِلي رهي آهي. شايد آءٌ غلط هجان. ڏسجي ٿو ته هي هڪ اختلافي مسئلو آهي...

 جمال ابڙو، لاڙڪاڻو سنڌ.

]ڀاءُ جمال، ..... ”بلودادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ جي باري ۾ جيڪي نڪتا اوهان ظاهر ڪيا آهن،انهن جو تت اوهان جي هن جملي ۾ اچي وڃي ٿو ته ”افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کلي رهي آهي.“ اوهان انهن افسانن مان، جيڪڏهن اهو تاثر  ورتو آهي ته اوهان برابر ٿي سگهو ٿا. پر منهنجي خيال موجب، افسانن جي جملي تاثر جو فقط اهو هڪڙو پهلو آهي. ٻئي ڪندي، اسان جي هن سماج ۾ حقيقت به  اها آهي ته انسانيت تي حيوانيت جو غلبو آهي- پوءِ انهيءَ حقيقت جو اظهار جيڪڏهن افساني نگار، فني نقطي نگاهه کان ڪاميابيءَ سان پيش ڪري، ته اهو افسانو منهنجي خيال ۾ هر طرح ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو. مختصر افساني جي هڪ خصوصيت آءٌ سمجهان ٿو ته اها به آهي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪو به هڪ پهلو، ڪا به هڪ حيثيت پيش ڪئي وڃي، ۽ ان ۾ سماجي ڪيفيتن ۽ پس منظر کان اثرائتي انداز ۾ اڀاري، پڙهندڙن جو ڌيان ان جي اصلي حقيقت ڏانهن ڇڪايو وڃي.  ڪامياب افساني جي هروڀرو اها خصوصيت ڪانهي ته ان ۾ ڀيري ڀيري سان انسان جو اعليٰ مقام پڙهندڙن وٽ ثابت ڪيو وڃي؛ يا نتيجي طور ان ۾ انسانيت ۽ نيڪيءَ جي فتح، ۽ حيوانيت ۽ بديءَ جي شڪست ئي ڏيکاري وڃي. اهڙي قسم جا افسانا ته شايد فني نقطي نگاهه کان ٿورا به ڪمزور ٿيا، ته مٿن تبليغي افسانن، يا قديم ناصحانه آکاڻين هئڻ جو الزام  مڙهجي ويندو. حيوانيت جو کلڻ ۽ انسانيت جو روئڻ، اڄوڪي سماج جون تلخ حقيقتون آهن. جيڪڏهن انهن حقيقتن کي پيش ڪندي، پڙهندڙ جي دل ۾ حيوانيت ڏانهن نفرت، ۽ انسانيت لاءِ عزت ۽ محبت جو رد عمل هڪ افساني نگار پيدا ڪري سگهي ٿو، ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ کي جيڪڏهن انهيءَ الٽي گنگا جي اصلي حقيقت ۽ ماهيت، يعني ان جا ڪهڙا سبب آهن، ۽ زندگيءَ جي اها مخصوص حيثيت،جنهن کي چٽيو ويو آهي، تنهن جي سچي سماجي پس منظر ۾، اصل جڳهه ڪهڙي آهي. جيڪڏهن انهن ڳالهين تي افساني نگار روشني وڌي آهي، ته منهنجي نظر ۾ اهڙن افسانن کي ڪامياب افسانا چئي سگهجي ٿو.

[اوهان کي معلوم آهي ته آءٌ لکي ڪونه ڄاڻان- ڪڏهن به ڪو افسانو ڪونه لکيو اٿم- شاعر ڪونه آهيان؛ ننڍپڻ کان سواءِ ڪڏهن به ڪو شعر ڪونه چيو اٿم- سو جيڪڏهن مٿين ڳالهين کي اوهين ڪوبه وزن نه ڏيو، بلڪ انهن کي غلط سمجهيو، ته اوهين هر طرح حق بجانب ٿي سگهون ٿا.

] ”مهراڻ“ ۾ اوهان صلاح ڏني آهي ته مضمونن- خاص طرح افسانن جي منڍ ۾ مختصر طور صحتمند تنقيد جا ٻه چار جملا لکيا وڃن. منهنجي راءِ آهي، ته هر پرچي ۾ گذريل پرچي جي ڪنهن چڱي مضمون يا افساني تي اوهان ۽ اوهان جهڙا اهل قلم ۽ ڪامياب افساني نگار دوست مفصل تنقيد لکن، ۽ اها اسين شايع ڪريون ته ان طرح لکندڙ دوستن کي وڌيڪ رهنمائي ملندي ۽ انهيءَ نموني تنقيد جو موضوع به ”مهراڻ“ ۾ پيش ٿيندو رهندو.

اوهان جو، محمد ابراهيم جويو[

 

جمال ابڙو

ادا سائين، اوهان جو خط مليم

افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪ ”ماحول“ ٻيو ”ڪردار“. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پر ڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهراً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کِل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي، ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪا نه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي- انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي.

پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ”ماحول“ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهڻو کائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون- کين مبارڪ هجي.

جڏهن ”ڪردار“ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شي کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو يا چريو ٿيڻ، ڌڪار ۽ نفرت جو اڀرڻ يا وري بچڻ ۽ جرڪڻ، نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اسان جو ”ڪردار“ ڊهي ٿو پوي، سن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، ادا سائين، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار ميِڪ ميِڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي، جو پيار ۽ محبت، پورهيو ۽محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو. انسانيت زنده رهندي.

وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيڦي ماحول جي اڍ ۾ اها باد  ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي، من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين.

ها ائين آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ فني پختگي کپي. پر رڳو فني پختگيءَ لاءِ منزل ته ڪا نه وڃائبي. اهو وري هر ڪنهن ليکڪ تي مدار آهي. اسين سڀ پانڌيئڙا آهيون، ڪچا آهيون. پر نيٺ انهيءَ پختگيءَ کي ڳٿڙ کان جهلينداسين. اڄ نه، ته سڀاڻي. اسين نه، ته ٻيا.

انهيءَ ڏس ۾ ”پشو“ منهنجي پهرين ڪوشش آهي. مڃان ٿو ته منجهس اها پختگي ڪانهي. شايد ڪجهه مصنوعي به لڳندو هجي. پر اميد اٿم ته هوريان هوريان مان ۽ منهنجا ٻيا هم سفر سڌرندا وينداسون.

لکڻ کان معذور آهيان. ساڄڙ هوندي، کٻي سان پيو لکان. ان ڪري افسانا موڪلي نه سگهيو آهيان.

اوهان جو، جمال ابڙو

[مهراڻ: 1-1956]

 

شيخ ”راز“

– محترم عزيز، سلامت! نئين سال جو ”مهراڻ“ ڪراچيءَ ۾ اوهان هٿئون هٿ عنايت ڪيو. مون هن رسالي ۾، مسٽر جمال ابڙي ۽ اوهان جو، مختصر افساني جي فن جي متعلق، خطن جي صورت ۾، هڪ معلوماتي بحث پڙهيو. ڏاڍي مسرت حاصل ٿي. اهو هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن جي هن وقت اسان جي سرزمين کي گهڻي ضرورت آهي؛ ۽ اهڙا خط ئي رسالي جي زينت وڌائي، پڙهندڙ جي شعور کي وڌيڪ اڀاري، سمجهڻ ۽ سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا. منهنجي خيال موجب، افساني جي فن لطيف جي رفتار، جيڪڏهن انهيءَ نموني جاري رکي وئي، جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان عمل ۾ آئي آهي، ته يقيناً مختصر افسانو، اسان جي جذبن ۽ احساسن جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪارآمد ذريعو ثابت ٿيندو، جنهن جي اهميت کي اسان جي ملڪ جو ڪوبه طبقو، نظرانداز ڪري نه سگهندو.

برادر عزيز، مون کي ته مختصر افساني جي فني قدرن ۽ تقاضائن تي لکڻو آهي، جو هن کان اڳ اوهان جي بحث جو موضوع بڻيو آهي؛ پر ايئن ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته هن فن جي فني لوازمات تي سوچڻ، ۽ منجهس نئين طرز کي ڪارفرما ڪرڻ، اسان وٽ ڪڏهن شروع ٿيو، ۽ ڪيئن شروع ٿيو. تقريباً 13-14 سال اڳ اوچتو ئي اوچتو، ڪراچيءَ ۾ چند احبابن جي انجمن تيار ٿي ويئي– ايئن کڻي چئجي ته ڏينهڪ ٺهي وئي. ”اياز“ ۽ مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي پڙهندا هئاسون. ”اياز“ جو نالو انهيءَ ڪري ٿو کڻان، جو انهيءَ وکر مان ’هو ۽ مان‘ بچيا آهيون، ۽ ٽيون ’سوڀو گيانچنداڻي‘ آهي، جيڪو اهو ميدان ڇڏي ويو آهي. هن ڪم ۾ گوبند ”مالهي“ پيش پيش هوندو هو. ادا، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جهڙس ادب جو مريض ڪونه ڏٺو آهي. هن جي خلوص ۽ ايمانداريءَ کي آفرين چوڻ کانسواءِ رهي نٿي سگهيس. انهيءَ انجمن– يعني ”پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن“– جون هر آچر تي شام جو 4 بجي، باقاعدي ميٽنگون ٿيڻ لڳيون. اسان جا دوست رام پنجواڻي، گوبند ”مالهي“، سوڀو، ”اياز“، نارائڻ ”شيام“، سڳن آهوجا، ارجن ”شاد“، سنتو درياني وغيره انهيءَ ڪم کي لڳي ويا؛ ۽ مون انهيءَ وقت ’آزاد نظم‘ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. نارائڻ ”شيام“ ’سانيٽ‘ لکڻ شروع ڪيا. اسان جا دوست ۽ استاد– ملڪاڻي، سدارنگاڻي، پنجواڻي ۽ منشاراماڻي– به انهيءَ مجلس ۾ شامل ٿيندا رهيا. انهيءَ مجلس جو طريقي ڪار به پنهنجي سنگت وانگر هو.

جناب عالي، انهيءَ نموني سنڌي ادب جو نئون موڙ شروع ٿيو، ۽ اسان جي فني شعور نئون رخ اختيار ڪيو. ’ريگستاني ڦول‘، ’پرهه ڦٽي‘، ’لهرون‘، ’سفيد وحشي‘، ’اڳتي قدم‘ وغيره انهيءَ تحريڪ جون ڪڙيون آهن. ملڪ جي ورهاست جي اعلان کان اڳ ئي انهيءَ خورد سال تحريڪ جو بي وقت موت ٿي ويو. وڃڻ وارا ويا هليا. ’آءٌ جهليندس ڪيترو، آيل! آديسين“ جي مصداق اسان به خاموشي اختيار ڪئي. ”اياز“ پنهنجي وڪالت جي پيشي کي استوار ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، ۽ آءٌ به پنهنجي ناپائدار سرڪاري عهدي ۾ مگن ٿي ويس. پر ’دير آيد– درست آيد‘ جي مصداق ”اياز“ وري لکڻ شروع ڪيو: گهڻو لکيائين، ڪجهه نوان تجربا پيش ڪيائين، ۽ ڪامياب ٿيو؛ ۽ منهنجي ڪلام جو مجموعو ”سارنگ“ ڇپجي شايع ٿيو؛ ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي نوجوانن ۾ پڻ چوڌاري هڪ نئون تحرڪ پيدا ٿيو.

ادا، اهو ضروري سمجهيم ته سنڌي نئين ادب– جنهن جو مختصر افسانو هڪ خاص حصو آهي– جي دور جي تاريخ جو تجزيو ڪري، پوءِ آءٌ پنهنجي موضوع تي اچان. تمام گهڻو اختصار کان ڪم ورتو اٿم. اميد ته طبيعت تي بار نه ٿيندو.

هونءَ به اسان جو ملڪ آکاڻين جي پيدا ڪرڻ لاءِ زرخيز ملڪ ثابت ٿيو آهي. فضا خوشگوار، ماحول سازگار، هر ڳوٺ، هر قصبي، هر شهر ۽ هر ڪچهريءَ ۾ عام طور رات جي وقت، آکاڻين ۽ ڳجهارتن جو شغل، ٿڪل ۽ پريشان دماغن لاءِ تفريح ۽ تسڪين جو باعث پئي رهيو آهي. آکاڻين جو رواج نه رڳو سنڌ صوبي ۾ رهيو آهي، پر هند و پاڪ جي برصغير جي هر ڪنهن صوبي ۾، لوڪ ڪهاڻين جو دور ڄڻ انساني زندگيءَ جي گهرجن جو خاطر خواهه نتيجو پئي رهيو آهي. ساڳئي نموني يورپ ۾ اهڙين لوڪ آکاڻين جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي، ۽ انهن ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جو تتبع ڪندا رهيا آهيون. اسان جي ملڪ جي لوڪ ڪهاڻين جي لمبي ڪهاڻي آهي؛ باقي آکاڻيءَ جو رواج لکيتن ۾ پهرين جنگِ عظيم وقت عمل ۾ آيو، جنهن کي ڦهلائڻ لاءِ اسان جي هم قوم سنڌي هندن خاص تحرڪ ورتو، جن جا مثال ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ ۽ ’پنجابي ڪمپنيءَ‘ جي رسالن مان، ۽ ’ڀارتواسي‘ اخبار مان ملي سگهندا. ان کانپوءِ ’سندر ساهتيه‘، ’رتن‘ ۽ ’سنڌو‘ وغيره انهيءَ ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪري چڪا آهن. 1915ع ڌاري مسٽر ڄيٺمل ۽ مسٽر لالچند ننڍڙيون آکاڻيون لکي، سنڌ ۾ هڪ نئين تحريڪ جي شروعات ڪئي. تنهن کانپوءِ اردو ۽ هندي ڪهاڻين جا ترجما شايع ٿيندا رهيا، ۽ هن ميدان ۾ سنڌي ادب ۾ گهڻو مواد ترجمن جو آهي، ۽ گهڻو ڪري پريمچند جي شروع دور، سدرشن، ٽئگور ۽ رڻبير وغيره جي ڪهاڻين جا ترجما آهن، جي گهڻو ڪري محض ڪهاڻيون آهن يا وري مختصر افساني جي ابتدائي مرحلي جون چيزون آهن.

محترم عزيز، سنڌ ۾ مختصر افساني جي زندگي گذريل 13-14 سال کن آهي: ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته ٻي جنگِ عظيم کان هڪدم پوءِ انهيءَ فن جي اسان جي ملڪ ۾ شروعات ٿي، جيڪا حالتن پٽاندر لازمي ٿي پئي هئي. منهنجي خيال موجب اسان وٽ مختصر افساني جو فن، روسي ادب ۽ اردو ادب کان متاثر ٿيو آهي. اردو افسانو، فني لحاظ سان مغرب جي ادب جي تتبع ڪري چڪو آهي. انهيءَ نموني اسان جي مختصر افساني ۾ اهي سڀ فني لوازمات اچي وڃن ٿا، جن افسانوي ادب کي مقبول بنائي بامِ عروج تي پهچايو آهي. مختصر افساني ۾ ڪجهه بنيادي اصول، ڪجهه ضمني تحريڪون، ڪجهه فني پابنديون آهن، ۽ افسانوي ادب کي پنهنجو انوکو معيار به آهي. انهن سڀني کي نظر ۾ رکي افسانو تخليق ڪيو وڃي ٿو.

اوهان وٽ مختصر افساني جو بنياد ٻن اصولن تي قائم ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهي اصول ’ڪردار ۽ ماحول‘ بنايا ويا آهن. انهيءَ خيال سان آءٌ گهٽ متفق آهيان. منهنجو مطلب آهي ته اهي ٻئي اصول مختصر افساني ۾ بنيادي حيثيت نٿا رکن. اهي پنهنجي جاءِ تي ضرور ڪائي حيثيت رکن ٿا؛ ليڪن بنيادي نه، پر ضمني.

ڪردار نگاريءَ جو جائزو وٺندي، سنڌي ادب ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ وغيره چڱا مثال آهن– پر صحيح نموني جيڪڏهن انهن کي جاچبو ته اها ڪردار نگاري، ڪنهن ٻئي نظريي جو سهارو وٺي اڳتي وڌي ٿي: ڪردار نگاري ڪنهن خاص نظريهء حيات کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ ذريعو آهي؛ اهي هلندڙ گهمندڙ ڪردار، پڙهندڙ جي دماغ تي پنهنجي اهميت جو اثر ضرور وجهن ٿا، ۽ پڙهندڙ جي ذهن کي ڪافي حد تائين پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا. نه فقط ايترو، پر هو پنهنجي خاص مرڪزي محور جي چوگرد ڦرن ٿا، جنهن ڪـري کين نمايان حيثيت حاصل ٿئي ٿي.

ماحول جو ذڪر به، مختصر افساني جي فني لحاظ کان، ضمني طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ماحول جو تفصيل گهٽ ۾ گهٽ بيان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته مختصر افساني ۾ انهيءَ جي گنجائش به نٿي رهي. وري آءٌ ساڳيو مٿيون خيال دهرايان ٿو ته جنهن به نظريي کي سامهون رکي، افساني جي تخليق ڪئي وڃي ٿي، اهوئي افساني جو بنياد تسليم ڪيو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ جي سهاري فضا ۽ ماحول کي بنايو وڃي ٿو. مختصر افساني جي اختصار کي خيال ۾ رکي، انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ڪم وٺڻو آهي. ماحول به ڪردار نگاريءَ وانگر پنهنجي مرڪزي محور جي چوڌاري ڦرندو نظر ايندو، ۽ بنيادي مقصد جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندو رهندو.

مختصر افساني ۾ پلاٽ به هڪ لازمي جزو آهي، جنهن جي حيثيت به ضمني آهي؛ پر ٻين سڀني ضمني جزن کان وڌيڪ افساني ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿو، ۽ سندس اهميت کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ نموني مٿيان ٽيئي عنصر گڏجي، مختصر افساني جي مقصد ۽ نقطهء نظر کي واضح ڪرڻ جا ضروري اسباب ۽ ذريعا بنجن ٿا. آکاڻيءَ جي ترتيب پلاٽ جي ذريعي ٿئي ٿي. زندگيءَ جو ڪو معمولي حادثو يا ڪا وقتي ڪيفيت هڪ پلاٽ جي صورت پيدا ڪري ٿي؛ ۽ اهو معمولي حادثو، افساني ۾ هڪ غير معمولي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهوئي تاثر، افسانه نويس کي تخليقي عمل لاءِ آماده ڪري ٿو. پلاٽ ۾ وحدت ۽ تسلسل هڪ ضروري خصوصيت آهي. مواد مختصر، اسباب مختصر، لفظَ مختصر– تنهنڪري سلسلي ۽ وحدت جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي، ۽ انهيءَ پابنديءَ جي انحرافي ڪرڻ سان افساني کي سخت ضرب لڳي ٿي.

مون مٿي مرڪزي محور جو بار بار ذڪر ڪيو آهي. عزيزم، اها ڪهڙي شيءِ آهي– انهيءَ جو مختصر ذڪر ڪريان ٿو. اهو مرڪز، خيال جي وحدت جي سهاري وجود ۾ اچي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري تاثر ۾ وحدت پيدا ٿئي ٿي، ۽ انهن جو تسلسل نقطهء نظر کي شروع کان وٺي آخر تائين نمايان ڪندو رهي ٿو. مون مٿي حادثي جو ذڪر ڪيو آهي: اهڙو واقعو يا اهڙي وقتي ڪيفيت، جيڪا فنڪار جي دماغي رڳن کي ڇيڙي، هڪڙي اهڙي جنبش پيدا ڪري، جو سندس احساس جاڳي پوي، سندس فني شعور بيدار ٿي پوي، ڪجهه سوچي ۽ انهيءَ واقعي کي پنهنجي تخليق جو نقطهء نظر سمجهِي، ان کي بنياد تصور ڪري، ان جي لاءِ مسالو ۽ مواد ڪٺو ڪري ان کي تيار ڪري، پر اهو سمورو وقت سندس نظر پنهنجي مرڪزي خيال ۾ هجي– پوءِ اهو سياسي، معاشي، معاشرتي، جنسياتي وغيره ڪجهه به هجي، ۽ انهيءَ نموني پڙهندڙ کي پنهنجي نظريي کان واقف ڪري، سندس دماغ ۾ اهو نظريو سمائي ڇڏي– ته انهيءَ کي ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو.

افساني کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، بيان ڪرڻ جو نمونو ۽ لفظن جي ساخت به اهم ۽ ضروري عنصر آهن، جن کي ’اسلوب بيان‘ چئجي ٿو. هن جزي کي مختصر افساني ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي، جنهن کي ڪنهن به قيمت تي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي– سواءِ انهيءَ جي افسانو فقط دماغي دم پختو ٿي، دماغ ۾ ئي رهجيو وڃي. هن مان ظاهر آهي ته افساني جو سارو دارومدار طرز بيان تي آهي. نظريهء حيات ڪجهه به هجي، مقصد ڪجهه به هجي، نقطهء نظر ڪيترو به اهم ۽ خاص هجي، پلاٽ ڪيترو به دلفريب يا دلگذار هجي، اداڪاري ڪيتري به دلپسند ۽ هولناڪ هجي، فضا ۽ ماحول ڪيترو به خوشگوار، فرحت ڏيندڙ يا هيبت وارو هجي– پر جيڪڏهن انداز بيان جي ڪمي آهي، ته افساني جي فن کي سلهه جو مرض ٿيو پوي. ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته مختصر افسانو پاڻ سان گهٽ مواد، مختصر پيماني تي پيش ٿيل اداڪار ۽ هڪ محدود ماحول آڻي ٿو: ڪٿي به وسعت ۽ ڊيگهه جي گنجائش نٿي رهي، پر انهن سڀني محدود ۽ مختصر ذريعن جي باوجود، اسلوب بيان جي تشڪيل افساني ۾ هڪ وسعت پيدا ڪري سگهي ٿي.

محترم عزيز، مغربي ۽ مشرقي اديبن مٿين صورتن کي مختصر افساني جا اصول ڪري تسليم ڪيو آهي. ڪن ڪجهه ردو بدل ڪئي آهي، پر انهيءَ جو روح مٿين اصولن جي اندر، ڪنهن نه ڪنهن نموني سمائجي وڃي ٿو. مٿين اصولن جي امتيازي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ به منجهن ڪجهه اختلاف آهن. مون زير بحث مسئلو مختصر نموني پيش ڪيو آهي، جيئن خط جو خط رهي ۽ مضمون جو مضمون. ها، هڪڙي ڳالهه وسري ويم– ته مٿين اختلافن جو ردِعمل اهو ٿيو آهي، جو افسانا نگارن کي آزادي ملي ويئي آهي، ۽ هر ڪنهن پنهنجي طبيعت موافق پنهنجي نئين راهه ڳولي، پنهنجي افساني لاءِ اصول ٺاهيا آهن. اها ترتيب اسان وٽ گهڻو ڪري اردو افساني جي تقليد آهي، ۽ اها روايت ڪيتري قدر مستحسن رهندي– انهيءَ لاءِ اوهان وڌيڪ سوچي سگهو ٿا.

مٿئين مسئلن تي اڃا وڌيڪ روشني وجهڻ لاءِ ڪافي گنجائش آهي. هن خط جي پڙهڻ ۽ ختم ڪرڻ وقت، ڪيترائي سوال دماغ ۾ اڀري سگهن ٿا، ۽ عام راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙو سوالنامو ٺهي سگهي ٿو.

هن کانپوءِ وقت مليو ته انشاء الله ”مهراڻ“ جي افسانن تي هڪ تنقيدي مقالو لکي، پنهنجي مٿئين مضمون جي کوٽ کي پورو ڪندس.

 

شيخ حفيظ

– ڀائو، ”مهراڻ“ جو پنجون پرچو مليو– پڙهيم.

”جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي“– جهونگاريندي پوري ٽماهي گهاري اٿم. وساري نٿو وسري. گيت پڙهيم– ’ديپڪ‘ دل ۾ آڳ لڳائي. نظم پڙهندي ’موهن جي دڙي‘ حال مان ڪڍي بيحال ڪري ڇڏيو. مضمونن ۾ ’رس ڀاوَ‘ مان جيڪو رس مليو، تنهن چت ۾ اڄ به چڄڙون پئي ڏنيون آهن؛ ۽ افسانن ۾ ’پشو پاشا‘ پڙهي، سڄا سارا ٽي مهينا ويچار ڪندو رهيو آهيان.

ادا، ”مهراڻ“ جي پنجين پرچي جي خصوصيت آهي ”جمال“ ابڙي جو خط– بيٺل سانتيڪي پاڻيءَ ۾ هن يار اهو ڦوڙ اڇلائي، ڇوليون ڇلڪائي ڇڏيون آهن. لکي ٿو: ”مون ’پشو پاشا‘، ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو آهي.“ هي لفظ آهن ’شاهه جي ڦر‘ جي خالق جا! منهنجي خيال ۾، ”مهراڻ“ ۾ هن وقت تائين جيڪي به افسانا ڇپيا آهن، تن ۾ ’شاهه جو ڦر‘ سڀ کان سٺو آهي– ايئن کڻي چوان ته گذريل ٻن چئن سالن ۾، سنڌ اندر سنڌي زبان ۾ جيڪي به افسانا لکيا ويا آهن، تن ۾ هيءُ بهترين آهي. پر تنهن هوندي به ”جمال“ ابڙو ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿو ٿئي، سو ڇو؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، پر تنهن هوندي به، توهان کي توڙي ڀاءُ جمال کي عرض ڪندس ته انهيءَ سوال جو جواب اوهان به سوچيو ۽ ڏيو.

سڀ کان پهرين ته اسان کي اهو جاچڻ جڳائي، ته آخر ’شاهه جي ڦر‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ ڇوته جيڪڏهن اسان انهيءَ فرق کي سمجهي سگهون، ته پوءِ اهو به سمجهي سگهنداسين ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ’شاهه جي ڦر‘ جي خالق کي ’پشو پاشا‘ لکڻ تي مجبور ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ ايئن ڪرڻ لاءِ، بهتر اهو ٿيندو ته انهيءَ ڏس ۾، جمال جي پنهنجي اعتراف کي آڏو رکي، اسان ’بلو دادا‘ کان ’پشو پاشا‘ تائين، سنڌي افساني جي ارتقا جاچي وڃون.

پهرين پهرين ”اياز“ قادريءَ ’بلو دادا‘ پيش ڪيو: مون کي ياد آهي ته ”اياز“ قادريءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ افسانو پڙهڻ ويل، اهو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته اهو افسانو، اردوءَ جي مشهور ڪهاڻي ڪار ”منٽو“ مرحوم جي افساني ’ممو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي. سچ پچ ته جيتوڻيڪ ”اياز“ قادريءَ جو افسانو منٽو جي مٿي بيان ڪيل افساني کان بلڪل مختلف هو، پر تنهن هوندي به ان ۾ ’منٽوئيت‘ پئي جهلڪون ڏئي. ’بلو دادا‘ ڪٿي به ته ڪو گٿو ڪم ڪين ٿو ڪري: بس جانگيان مڪرانيءَ جي ڪئبن جي ڪنڊ ۾ چانهه جو ڪوپ ويٺو چاڙهي. تصور ۾ ايئن ٿو اچي، ڄڻ هڪ تياڳي ويٺو عمر خيام جي ڪا رباعي جهونگاري، يا ويٺو چوي:

اسان تي الزام، آندا جڳ جيڻ جا،

جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام–

الا! ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي؟

گهر ڪونه، گهاٽ ڪونه، لڏ ڪانه، مڏي ڪانه؛ تن تنها يار ويٺو وجهه واجهائي ته ڪنهن پر هن ڪَل جُڳ جو مانڊاڻ مٽي رکي. يار ڪيو اٿس، سو به هڪڙو ماستر. ڳالهين ڳالهين ۾ ماستر سان پنهنجي روح جا راز سليندو اچي. ڄڻ چوندو هجي: ”ڀلارا سائين! هي منهنجا احساس انهن آئيندي جي ابن تائين پهچائي ڇڏج، جن کي تون پاڙهين ٿو.“ مڃجي ٿو ته بلو دادا ماستر سان سنگت ڪو ڄاڻي ٻجهي ڪين رکي هوندي، پر هت ته بلو دادا جو ڪردار اهڙو چٽيل آهي، ڄڻ جسم اٿس ئي ڪين– رڳو هڪ روح آهي، جنهن جي هر ادا مان انسانيت جي نيڪ ۽ پاڪ جذبن جي جهلڪ پئي جهلڪي. اهڙيءَ صورت ۾ ماستر سان سنگت مان به جيڪڏهن ڪو اهڙو انومان ڪڍي ته غلط ڪين ٿيندو.

هر حالت ۾، اڪيلو ”بلو دادا“ ڪري ڪجهه به ڪين ٿو سگهي؛ ۽ ڪاري، پهاڙ جهڙي عمارت ۾ رهندڙ، زهريلي نانگ جهڙي سيٺ هن کي مڪران موڪلرائي ڇڏيو، ۽ ”اياز“ قادري پنهنجي يار لاءِ ويڳاڻو ٿي ويهي رهيو.

ان بعد ”ربانيءَ“ جو ’شيدو ڌاڙيل‘ نڪتو. ”ربانيءَ“ کي شايد ”بلو دادا“ جو سڪوت ڪين وڻيو. شايد هن چاهيو ته جيڪر ”بلو دادا“ کي ”شيدو ڌاڙيل“ بڻائي، کانئس اهڙو ڪم وٺي، جو چوڌاري ”شيدو ڌاڙيل“ پيدا ٿي وڃن، ۽ هي مانڊاڻ مٽجي پوي. انهيءَ افساني جي ڇپجندي ڇپجندي، انهيءَ کي ور ور ڪري دوستن جي دائري ۾ بحث لاءِ پيش ڪيو ويو، ۽ عجيب عجيب قسم جا رايا ظاهر ڪيا ويا. اهي بحث اڃا اڌ ۾ هئا ته ’شيدو ڌاڙيل‘ ڇپجي آيو. سنڌي ماحول، سنڌي ڪردار، ذري گهٽ سچي ڪهاڻي– رڙ مچي وئي، سڀني چيو ”واهه!“ پر جيڪڏهن انهيءَ ’واهه‘ کي ٻڌي، لکندڙ ويهي رهن ته سندن دلين مان وهندڙ نارا ته سڪي بٺ ٿي پون. دوستن جي ذاتي دائري ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ تي جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ٿي، سا انهيءَ کان بلڪل مختلف هئي، جيڪا رسول بخش پليجي اوهان کي لکي موڪلي هئي. ”ربانيءَ“ کي ’بلو دادا‘ سان اها شڪايت هئي ته هڪ ته اهو ڪردار رڳو ڪراچيءَ جي ڪئبنن تي ويهي پئي سگهيو، ۽ ٻيو ته نهايت ساڪت هو. ”ربانيءَ“ انهن ٻنهي ڳالهين کي خيال ۾ رکي، ’شيدو ڌاڙيل‘ لکيو. پر سندس ايئن ڪرڻ سان، جيڪي خاميون ’شيدو ڌاڙيل‘ جي ڪردار ۾ پيدا ٿي پيون، تن کي جڏهن ”ربانيءَ“ جي ڌيان تي آندو ويو ته هو پاڻ به گهٻرائجي، ڇرڪ جي ڇوهه ۾ ٻيءَ انتها تي پهچي ويو، ۽ ’ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾“ لکي ڪڍيائين. هت مختصر طور ايترو ٻڌائڻ ڪافي ٿو سمجهان ته ’شيدو ڌاڙيل‘ ۾ ”شيدوءَ“ جو ڪردار نهايت بڇڙيءَ طرح ڪري پيو آهي، ۽ ان ۾ ”ڌڱاڻي خان“ جو ثانوي ڪردار، ”شيدوءَ“ جي ڪردار تي به چڙهت ڪري ويو آهي– بلڪ ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ”شيدو“ ڪو ڪردار ئي ڪين ٿو رکي، ۽ وقت جي ڇولين تي ڇلڪندڙ ڪک پن کان وڌ ڪا حيثيت ئي ڪانه اٿس. ماستر جي مار کائي، هو خاموش ٿو رهي– انهيءَ ڪري جو ٻي ڪا واهه ئي ڪانه اٿس. سڀني کي دٻائي، ”ڌڳاڻي خان“ آڏو هو ايئن ٿو جهڪي وڃي، ڄڻ اصل کان ان جو پگهاردار نوڪر آهي، ۽ ان جي پٺ نه هجيس ته پاڻ ۾ ڪو ٽپڙ ئي ڪين اٿس. وقت ۽ حالتون کانئس سڀئي ڪڌا ڪم ڪرائينديون ٿيون رهن، پر هن جو احساس، هن جو ضمير ۽ انسانيت ايئن ننڊ ۾ پيل آهن، جو جهٽ پلڪ به پنهنجي ڪئي تي ڪو پڇتاءُ ڪين ٿو ڪري. شغل سندس هو ’زيبيءَ‘ جهڙيون سرتيون ڌارڻ. اسڪول جي موچڙن، ماءُ پيءُ جي وڇوڙي ۽ اهڙين ٻين حالتن سان سنڌ ۾ لکين ماڻهو منهن مقابل ٿين ٿا؛ پر سڀ ته ”شيدو ڌاڙيل“ ڪين ٿا ٿي پون. گهڻا تڻا ته ”ڪريم“ ٿيو پون. ”شيدو“، ”ڪريم“ ڇو ڪين بڻيو، سو ته افساني ۾ ڏيکاريل ئي ڪين آهي. ڀلا جيڪڏهن مڃجي کڻي (جيتوڻيڪ مڃڻ لاءِ ڪو بنيادي سبب افساني ۾ ڏنل ڪين آهي) ته هي سڄو مانڊاڻ منڊڻ لاءِ، ”ڌڱاڻو خان“ ئي جوابدار آهي، ته پوءِ انهيءَ جو تدارڪ؟ ’بلو دادا‘ جو سڪوت، سماج سان ذاتي ’سوشل بائيڪاٽ‘، ٻين کي ايئن ڪرڻ لاءِ پيو هرکائي؛ ۽ سچ پچ ته اهو ’سوشل بائيڪاٽ‘ هڪ اهڙو تدارڪ آهي، جيڪو دير ڪندو انڌير ڪين ڪندو. ’بلو دادا‘ ۾ ڪم آندل انهيءَ اشاري کي تبليغ ڪين ٿو چئي سگهجي، ۽ نه ئي ڪنهن ”اياز“ تي اهڙو الزام مڙهڻ جي جرائت ڪئي آهي.

خير، سو ڳالهه پئي ڪيم ته ”ربانيءَ“ ڇرڪ جي ڇوهه ۾ وڃي ’بري هن ڀنڀور ۾ ههڙا هاڃا ٿين‘ لکيو. ”بلو دادا“ کي ”شيدو“ نه بڻائي سگهيو ته کيس ”عيسو“ بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪوشش ڪامياب هئي. ”عيسو“ هڪ مظلوم ڪردار جي لاجواب تصوير آهي، ۽ لطف اهو جو متحرڪ به آهي؛ پر افسوس جو هن جا احساس به پنڊ پهڻ مثل خاموش آهن. پڙهندڙ کي خود ”عيسي“ تي ئي ڪاوڙ اچيو وڃي؛ ۽ سچ ته انهيءَ ڪاوڙ جو ئي نتيجو هو، جو ”جمال“ ’پشو پاشا‘ لکڻ تي سنبريو. جيتوڻيڪ کيس انهيءَ ڳالهه جو احساس ڪونهي، ۽ لکي ٿو ته: ”’پشو پاشا‘، ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو اٿم.“ ’پشو پاشا‘ بابت، ”جمال“ پاڻ جيڪي لکيو آهي، سو بلڪل مناسب آهي. لکي ٿو: ”مڃيان ٿو، منجهس اها پختگي ڪانه آهي. ممڪن آهي ڪجهه مصنوعي به لڳندو هجي........“ سچ پچ ’پشو پاشا‘ هٿرادو پيو لڳي.

خير، هر حالت ۾ ”رباني“ خواهه ”جمال“ جي اها تمنا پوري ڪانه ٿي سگهي، ته ڪنهن پر اهڙن ڪردارن مان هڪ اهڙو ’آئيڊيل‘ ڪڍي پيش ڪن، جيڪو سنڌي ماڻهو پنهنجو ڪري سگهن، ۽ ان جي نقشِ قدم تي پنڌ ڪندا، اڳتي وڌندا هلن. ”پشو پاشا“ هن دور ۾ ته سنڌ ۾ پيدا ڪين ٿو ٿي سگهي، ۽ جي ٿي پوي ته اڃا زمانو اهڙو سازگار ڪين آهي، جو اهو ڊرامو کيڏي سگهي.

سمجهان ٿو ته انهيءَ سڄي وچور مان، اها ڳالهه ثابت ٿي وئي هوندي، ته اسان سنڌين جو سڀاءُ اهڙو آهي، جو سانتيڪي ڪردار کان اسان متحرڪ ڪردار کي وڌيڪ پسند ٿا ڪريون. ”رباني“ انهيءَ ڪري ’بلو دادا‘ جي مقابلي ۾ ’شيدو ڌاڙيل‘ ٿو لکي، ۽ ”جمال“ انهيءَ ڪري ئي ’شيدو ڌاڙيل‘ ۽ ’ههڙا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾‘ کي ڏسي ’پشو پاشا‘ ٿو لکي– اهو آهي عام لاڙو اسان سنڌي ليکڪن جو.

هاڻي سوال ٿو اٿي ته اسان سنڌي انهيءَ ڍنگ ۾ ڇو ٿا ويچاريون؟ ڀائو، مون انهيءَ تي گهڻو ويچاريو آهي. چئي نٿو سگهان ته ڪيتري قدر صحيح فيصلي تي پهتو آهيان، پر تنهن هوندي به جنهن فيصلي تي پهتو آهيان، سو دوستن آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان.

منهنجي خيال موجب، انهيءَ لاءِ سنڌي سماج جي ذهني ارتقا گهڻي ڀاڱي جوابدار آهي. آخر به اسين ليکڪ به ته انسان آهيون. ايئن ڪيئن ٿي سگهندو ته پنهنجي ماحول کان متاثر نه ٿيون؟ ڪچيءَ کان امڙ ڪنن ۾ وڌو ته ”جڏهن رُڃ ۾ رُلبو آهي ته ’خضر‘ اچي دڳ لائيندو آهي“– جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ته عجيب عجيب شخصيتن جا عجيب عجيب قصا ٻڌندا رهياسين. هاڻي حالت اها آهي، جو گهر پيو سڙيئون، ڍينگو پيو ڍيري ٿئيئون، اگر تگر پيو لُٽجي– پر ويٺا آهيون انهيءَ آس تي، ته اجهو ’نون لکن پيرن‘ مان ڪو هڪڙو پاسو ٿو ورائي، ۽ سالن جا سور پلڪن ۾ لاهي. نه اهڙو ڪو ’پير‘ اٿندو، ۽ نه اسان جو ڪو بلو ڀيڻي ٿيندو– سو توهان به ڄاڻو ٿا ۽ آءٌ به سمجهان ٿو. جن پاڻ گهوٽِي تن ڪالهه به پيتي، اڄ به پين پيا ۽ سڀاڻ پڻ پيئندا– سا ڪا لڪل حقيقت ڪانه آهي. پر تنهن هوندي به ”ربانيءَ“ جي رڳ ٿي ڦڙڪي، ته ٻيو ڪو پير فقير نه ڏسي، جهليو ”شيدو ڌاڙيل“ کي، آڻيو پڙ ۾ پيو بيهاري. ”جمال“ ابڙو جو ڏسي ٿو ته نڪو ٻيلي، هن يار به ٻوٽو ڪين ٻاريو؛ سو ”پشو پاشا“ کڻيو گهڙي. مطلب ته هي نوان ’پير‘، نوان ’خضر‘ پيا گهڙجن، جيڪي ڪرامتن جا ڌڻي ته ڪين آهن، البت هڪ نه ٻي ڏات اهڙي کنيو اچن، جيڪا هزار ڪاني ڪرامتن جو مٽ ٿيو پوي، ۽ اهڙيءَ طرح ليکڪن جون سڪون پوريون ٿيون پون، ۽ پڙهندڙن لاءِ آفيم جي خمارن جهڙي موج مهيا ٿيو پوي.

پر ڀائو، اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي ٿي رهي ته جهڙيءَ طرح قبرن ۾ ستل پير، قيامت تائين پاسو نه ورائي سگهندا، تهڙي طرح ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”پشو پاشا“ به ڪجهه ڪين ڪري سگهندا. اسان جو سنڌي سماج اهڙي دور مان گذري رهيو آهي، جتي اهي ڪردار ڪڏهن به پنهنجو ڪردار (Role) ادا نه ڪري سگهندا، جيڪو ”جمال“ ۽ ”رباني“ چاهين ٿا. ”بلو دادا“ ته رڳو ڪراچيءَ جهڙي شهري ماحول ۾ ئي اسري سگهي ٿو.

هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته تڏهن ڀلا سنڌ ۾ ڪهڙو ڪردار اٿِي، پاڻ موکائي سگهي ٿو؟ ڀائو، منهنجو خيال آهي ته سنڌ ۾، جيڪڏهن ڪو ڪردار اٿي سگهي ٿو ته اهو آهي ”مريم“ جو– جيتامڙي ننڍڙي، مکڙيءَ سمان نازڪڙي، نه اٿس ڇل نه ڦند ۽ مستن جيان نعرو پئي هڻي: ”ماما!“ ڪير شاهه جو ڦر آهي، يا گدا جو– هن کي انهيءَ جي پرواهه ئي ڪانه آهي. ڀلا جهليس ته ڪو! مڙندي؟ اصل نه، سائين! اصل نه مڙندي. ازلئون اصول کڻي آئي آهي، ۽ نعرو پئي هڻندي وتي: ”انسان سڀ هڪ جهڙا آهن.“ ۽ ”شاهه جو ڦر“ جڏهن هن جي انهيءَ نعري کان گهٻرائجي ٿو اٿي، جڏهن ذات پات جي ڀيد ۾ انسان انسان جي وچ ۾ کڙيون ڪيل ديوارون، هن کي ڪرنديون ٿيون نظر اچن، جڏهن هو ڏسي ٿو ته جنهن ڀيد جي سبب سوين ماڻهو عقل هٿان وڃائي، هزارين رپيا کيس ڏن ڪري پيا ڏين، سو ڀيد هن ڇوڪريءَ جي هڪ لفظ سان ريٽجڻ شروع ٿيو آهي ته هو پاڳل ٿو ٿي وڃي ۽ پوءِ.......... پوءِ به ”ماما سائين پئسو......“ ڪين مڃيائين ڀائو! ڪين مڃيائين. ”مريم“ هار نه مڃيندي، ۽ جڏهن ”مريم“ ”شاهه جي ڦر“ جي لت کائي، گولاٽيون هڻندي وڃي قبر ۾ پوندي ته سوين هزارين ’مريمون‘ سنڌ ۾ پيدا ٿي پونديون؛ شاهه جي ڦر کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساڳيو: ”ماما، ماما“ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو– ذات پات جا ڀيد ڀڄي پوندا، انسان انسان ۾ ڪو فرق ڪين رهندو، ۽ هي مانڊاڻ مٽجي پوندو.

يارن جي افسانن تي گهڻو ڪجهه لکي ويٺو آهيان. پڪ اٿم چڙندا اصل ڪين؛ ڇوته جن کي سنگيت سان سڪ هوندي آهي، سي ڳائڻي جي منهن ڏي نهارن ئي ڪين– اکيون ٻوٽي آواز جي تار تي پيا توندا، ساز جي آواز تي لنو لنو منجهه لڳاءُ پيو لڇندن. هاڻي پاڻ تي به ساڳين ويچارن سان ٽيڪا ڪيان ته چڱو.

’امان، مان اسڪول ڪين ويندس‘ ”مهراڻ ۾ ڇپجي چڪو آهي. ”گلڻ“ منهنجي خيال ۾ مريم جو ننڍو ڀاءُ آهي. ’ننڍو‘ چيم، جو اهو رتبو ”گلڻ“ کي نصيب ڪين آهي، جيڪو ”مريم“ پئي ماڻي. ۽ وري ’مبارڪون‘ ۾ مون اهڙو ته ڌڪو کاڌو، جو ڳالهه ئي نه ڪجي. رسول بخش پليجي جيڪي ڪي انهيءَ بابت ”مهراڻ“ ۾ ڇپرايو آهي، سو انهيءَ کان بلڪل مختلف آهي، جيڪي هن مون کي روبرو چيو. ”مهراڻ“ ۾ ته رڳو ٽن سٽن ۾ ايئن چئي ڳالهه اڪلائي اٿس ته افساني جي پڄاڻي درست ڪانه آهي؛ پر روبرو مليو ته مڙس مڇري پيو. چي: ”تون ٿيندو ڪير آهين، جو اسان جي افسانن جي ايئن ٻيڙي ٻوڙين؟“ وايون بتال ٿي ويم. ڀُل به سچ پچ ڀلن جهڙي ڪئي هئم، پر انهيءَ جو تدارڪ ڇا پئي ڪري سگهيس؟ لک معافي پنيم، اصل روئڻهارڪو ٿي ويس؛ پر جي پليجو مڙي! جٺ ڪيائين جٺين جهڙي. نيٺ سائين، جڏهن سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائيمانس ته ڪيئن هڪ دوست اهو حادثو مون کي ٻڌايو، ۽ ڪيئن انهيءَ حادثي کان متاثر ٿي، آءٌ انهيءَ پڄاڻيءَ ڏانهن گهلجي ويس، تڏهن مس مس انهيءَ واعدي ڪرڻ تي معافي ڏنائين ته جڏهن ٻيهر ’مبارڪون‘ ڇپبو ته پڄاڻي سڄي مٽي رکبي، ۽ اها ڪوڙي سوڀ جيڪا ”گلڻ“ ۽ ”جانل“ جي پاند سان زوريءَ اٽڪائي وئي آهي، تنهن کي ڪوري، ايئن ڏيکاربو ته هي ٻئي معصوم ماحول هٿان مجبور ٿي، ڪتو به کائن ٿا ۽ ڪک به نٿي ڀرجين.

’مبارڪن‘ پڄاڻا، منهنجي افسانن ۾ ’عيد جي رات‘، ’مکڙي مرجهائجي وئي‘ ۽ ’زمانا‘ ذڪر لائق آهن. ’عيد جي رات‘ نئين سنڌ اخبار جي عيد نمبر ۾ ڇپجي چڪو آهي. ’مکڙي مرجهائجي وئي‘ هن اشاعت لاءِ پيو موڪليان. رهيو ’زمانا‘– سو ته اڃا مون پنهنجو پاڻ به پڙهي پورو نه ڪيو آهي. ٽنهي افسانن ۾ نئين واهه وهي هليو آهيان. آئيندي لاءِ اميد اٿم ته منهنجا ڪردار ڪڏهن به خاص شخصيتون ڪين بڻبا، ۽ معمولي ڏکن سکن ۾ ٻين سئون ئي رهندا. البت ڏک سهندي، سندن ساهه پيو سٽون ڏيندو، روح پيو ريلا هڻندن، انسانيت پئي اڇلون هڻندن– ۽ پوءِ جڏهن اهي ڪردار افسانن مان نڪري، حقيقي بڻجي پوندا ته انهن ڏکن جي پڄاڻي اچي ويندي– سچ ته مانڊاڻ مٽجي پوندو.

ڀلا ڀائو، هاڻي موڪلايان. پوئين پهر جي هير گهلڻ شروع ٿي آهي. چنڊ ڪونهي، چانڊاڻ ڪونهي– هن اداس موسم ۾ مون کي هن هير کي غنيمت سمجهڻو ٿو پوي. هاڻي هيءَ هلڪڙن سيساٽن چيٽن جي سر ۾ پنهنجو راڳ ڇيڙيندي ۽ مون کي ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو لولي پيو ڏئيم ۽ آءٌ سمهي رهندس. مان سمهي اٿندو آهيان ته صبح ٿي چڪو هوندو آهي. پر ڀائو! دل ۾ هڪ آس اٿم: الائجي اهو صبح ڪڏهن ٿيندو، جنهن لاءِ واجهائيندي ورهيه ٿيا آهن، ۽ جنهن جي طلب ۾ تن من پيو تڙپي!

ٺهيو، آءٌ حال ته سمهان ٿو. شايد صبح اهو صبح هجي ۽ مون کي ستل ڏسي، چوريءَ چوريءَ اچي چوڌاري چٽجي بيهي– ماڻا پيو ڪري، لڪي لياڪا پيو پائي؛ سمهان ته شايد ڇند ڇڏي پڌرو ٿئي.

- اوهان جو...........

مس شمس صديقي

– ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جي نئين سال جو پهريون پرچو منهنجي اڳيان رکيو آهي. منهنجون اکيون ڪوٽڙي بئراج جي تصوير ۾ کتل آهن. سدا وهندڙ واهه جي ڪناري، زبون حال هاريءَ جي تصوير– ”ڪنڌيءَ سڪائين ڪانهه، ٻاهر ٻيلا ٻوڙيين!“ – ڪير ڄاڻي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا باب هن هڪ مصرع ۾ سمايل آهن! ”مٽي پاڻي مولا جا، اناج اُپايون اسين، ۽ ڪُٽيون کائين ٻيا؛ اڳتي ايئن ڪونه ٿيندو!“ – جناب ايڊيٽر، توهان سان گڏ منهنجي به دعا آهي ته شال اهڙو وقت جلد اچي!

”مشرف به اسلام ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندا پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا، پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي– تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پئي اٿئون!“ – خدا جو شڪر، توهان کي خبر ته پئي. هينئر به هوش آيو، ته جلد آيو؛ پر خدا ڪري جو اها هوشمندي جٽاءُ ڪري....... وقتي جوش نه ثابت ٿئي. هاءِ گهوڙا مچائي ويهي رهڻ ته اسان سنڌين جي عادت آهي. جذبات جي رو ۾ اچي، ”اسلامي جمهوريت“ جي ٻن چئن چُٽڪين ڦاڙڻ سان، ڪو سنڌ کي سنڌي ڪانه ملي وئي، ۽ نه وري سنڌ جي تمدن جي حفاظت، ”نعرهء مستانه“ سان ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لاءِ رياض جي ضرورت آهي– منظم تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن کي هلائڻ لاءِ خلوص کپي، لگن کپي؛ پنهنجي مقصد کي پائڻ جي تمنا هجي؛ زنده دل، بيدار دماغ ۽ بصيرت افروز نگاهه جي ضرورت آهي. مرده دليون ۽ ستل دماغ صرف نعرا ئي هڻي سگهن ٿا. خالي ٿانوَ هونئن به گهڻو کڙڪندا آهن. صرف سوچيندي رهڻ سان سوراج ڪونه ملندو آهي- کوهه پياسن وٽ هلي اچن ها، ته وهندڙ واهه جي ڪنڌيءَ، هاري پياسا نه مرن ها. اهوئي سوچيندو رهڻ ته ”غيرن جي هٿ ۾ وطن وارن جو ڇا ٿيندو!“ – وطن کي غيرن جي چنبي مان ڪونه ڇڏائيندو. آزاديءَ جو سوچيندي رهڻ سان ڪوٽ جا ڪنگرا ڪرن ها، ته مارئي جيڪر واويلا نه ڪري ها. وقت جي تقاضا آهي ته اسين پنهنجن احساسن کي عملي جامو پهرايون– پنهنجيءَ تهذيب، پنهنجي تمدن کي عزيز رکون، پنهنجي ٻوليءَ جِي جيءَ جان سان حفاظت ڪري، سنڌ جي آبرو رکون..... پنهنجي عزت ٻين کي ڪرڻ سيکاريون. پر، اسان جي گهر کي باهه گهر جي چراغ مان لڳي– ٻين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي! ڪنهن قوم جي آئين ۾ جاءِ زنده زبانن کي ملندي آهي، جيڪي ارتقا جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪري سگهن– نه انهن ٻولين کي، جن جون پاڙون پنهنجن ئي جي هٿان کوکليون ٿي رهيون هجن! جتي اسان جي قوم جا ”ناخدا“، اسان جا صاحب سلامت حضور.... ۽ اسان جا آسوده حال تعليم يافته صاحب بهادر پنهنجن ٻارن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ کي فخر سمجهن، جتي ڌاريءَ ٻوليءَ کي پنهنجي ٻوليءَ تي ترجيح ڏني وڃي– جت پنهنجي ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ ان جي موسيقيت کي– جنهن جا پرڏيهي به قائل آهن– وساري، غير زبان جي نامانوس لهجي کي پنهنجو ڪرڻ ۾ وڏ ماڻهپائي محسوس ڪئي وڃي– ات سنڌ جي تمدن، سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ تمدن هميشہ اميرن جي پاڇي ۾ پلبو آهي– اها تاريخي حقيقت آهي– زبان به هميشہ امير طبقي جي سرپرستيءَ ۾ ٺهندي سڌرندي آهي. زبانن جي خوبصورتي، ان جي سونهن ۽ سوڀيا خواص جي توجهه جي مرهون منت ٿيندي آهي. اهو سڀ ڄاڻندي به سنڌ جا رسالا ۽ اخبارون امير طبقي جي انهيءَ اُرهه زورائيءَ تي خاموش آهن! قوم جي نئين نسل کي پنهنجي ٻوليءَ کان بيگانو رکيو وڃي، ۽ سنڌ جا اديب ۽ شاعر ڏسندا رهن! پنهنجو سرمايو اهڙي صبر سان لٽجندو شايد ئي ڪنهن قوم ڏٺو هوندو. ادا، آئين ۾ جاءِ زنده قومن کي ملندي آهي!

”مهراڻ“ جي نظم جو حصو تحقيق حسن انتخاب جو هڪ نمونو آهي– خاص ڪري ”اياز“ جو نظم: ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي!“ – شاعر جي شاعريءَ جي نئين موڙ طرف اشارو آهي. خدا جو شڪر، سنڌ جي هن زبان دان، صاحب طرز شاعر کي زلفن جي پيچ ۽ خم مان نڪرڻ جي فرصت ته ملي. زندگي صرف ’شاهد‘ جي نازڪ لبن کي گلاب جي گلن سان تشبيهه ڏيڻ جو ئي نالو نه آهي: زندگيءَ جو تعبير هيءُ احساس به آهي ته:

”ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،

آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي،

پراوا پيهي، والاري ويا سنڌڙي!“

ڪنهن قوم جو ادب ان قوم جي تهذيب ۽ تمدن، اخلاق ۽ ڪردار جو آئينه دار ٿيندو آهي. شاعر جي شاعري سندس دور جي تاريخ ٿيندي آهي. جنهن شاعر جو ڪلام روح عصر کان عاري آهي، ان شاعر جي شاعري صرف ”بنيادي سچ“ جي سهاري زندهه ته شايد رهي سگهي– انهن بنيادي عالمگير جذبن جي سهاري، جيڪي هر قوم ۽ هر دور ۾، ازل کان وٺي اڄ تائين ۽ اڄ کان وٺي ابد تائين ساڳيا رهيا آهن ۽ رهندا، مثلاً عشق ۽ استغراق، مي ۽ مينا، داستانِ زلف و زنخدان– پر اها شاعري قوم جي تمدني تاريخ جي صفحات کي زينت نٿي بخشي سگهي. شاعر زندهه جاويد پنهنجي قوم جي تمدني تاريخ ۾ ئي رهندو آهي.

”موج“ جو ”پروڪا پيرون“ شاعراڻي تاثير جو چڱو نمونو آهي. ”تنوير“ عباسيءَ ۾ ’مستقبل جي شاعر‘ ٿيڻ جون صلاحيتون موجود آهن. گوورڌن جو ’پيم جي آس‘ سنڌي ۽ هنديءَ جي امتزاج جو سهڻو نمونو آهي.

توهان کي خبر آهي ته روزمره جي گفتگو کان الڳ هڪ ادبي زبان به ٿيندي آهي؛ زبان جا معمار اديب ئي ٿيندا آهن؛ زباني گفتگو ۽ لکيت ۾ ظاهر آهي ته فرق ٿيندو آهي. مسٽر جمال ابڙي جو افسانو ”پشو پاشا“ پلاٽ جي لحاظ کان ترقي پسند سهي، پر زبان جي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي مون کي ٿورو ڪمزور لڳو– لفظي تناسب منجهس ڪجهه گهٽ، ڀرتيءَ جا ڪيترا لفظ منجهس استعمال ٿيل ڏٺم، جن ڪن ڪن جاين تي جملن جي ترتيب کي ٽوڙي، اصل مفهوم کي وڃي ضرر پهچايو آهي– مثلاً ”پشوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا هئا“– ’آثار‘ ۽ ’ٽپڪڻ‘........ الفاظ تجربا ٿيندا آهن، هڪ مخصوص مفهوم رکندا آهن، انهن جي هڪ مخصوص نشست هوندي آهي؛ لفظن جو استعاراً استعمال روا آهي، پر انهيءَ ۾ به ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته لفظ پنهنجو حقيقي مفهوم جيئن نه وڃائي ويهن، نه ته اوپرا لڳندا....... آثار ظاهر ٿيندا آهن، عيان هوندا آهن، بَکندا آهن، جهلڪندا آهن– هيءُ جملو ايئن به ٿي سگهي پيو ته ’پشوءَ جي هر حرڪت مان زندگيءَ جا آثار بکيندا هئا يا جهلڪندا هئا!‘ ساڳيءَ پئرا ۾ ”اُڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو هو“– پيالن جو ڇلڪڻ، اکين کي پيمانن سان تشبيهه ڏيئي انهن جو ڇلڪڻ، ته پڙهيو هوسين؛ ماڻهوءَ جو اڇلون ڏيڻ ۽ ڇلڪڻ!....... پشوءَ جي ڳالهه هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي يا درياهه جي؟

گوورڌن محبوباڻيءَ جي گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل ڪهاڻيءَ ۾ گيت جهڙو ئي ميٺاج ۽ خوبصورتي آهي؛ من موهيندڙ طرز تحرير ۾ هڪ سندر ڪهاڻي آهي؛ جنهن جي اختصار ۾ به حسن آهي. ”لوئي“ جو پلاٽ سٺو آهي. ”ناڪام محبت“ نهايت ئي ناڪام افسانو آهي.

افسانن جا ترجما هر لحاظ کان سٺا آهن– خاص طور ”طوفان“ جهڙي مڪمل افساني جو ترجمو سهڻي نموني ڪيو ويو آهي. ڪڇي ۽ ٿري ٻوليءَ جو ناٽڪ ”واڀيڙو“ مون کي ڏاڍو وڻيو. جناب ڏيپلائيءَ جي ڪوشش قابلِ ستائش آهي. اهڙيءَ طرح توهان آئينده به سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي ٻولين ۾ سنڌيءَ جي جدا جدا محاورن جا عڪس پيش ڪندا رهندا، ته اسان جي ادب ۾ هيءُ هڪ دلچسپ اضافو ٿيندو.

مقالن ۾ پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ”ادب يا ساهت ڇا آهي“– مختصر هوندي به ڪارآمد آهي. سنڌي زبان ۾ تنقيد جو وجود نه هئڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن پروفيسر موصوف کان توهان کي ادب ۽ تنقيد تي سير حاصل مقالا آئيندي به ملندا رهن، ته پوءِ شايد سنڌي ادب هن اعتراض جو جواب ڏئي سگهي ٿو ته ’سنڌيءَ ۾ تنقيد جو وجود محض فرضي آهي– اقليدس جي خيالي نقطي برابر!‘ توهان جا ٻيا مقالا نگار صاحب به جيڪڏهن هن ڳالهه جو خيال رکن ته تحقيق بغير تنقيد جي بعض دفعا لايعني ٿي پوندي آهي، ته نهايت بهتر ٿئي. محض تحقيق ڪائي معنى نٿي رکي– جهڙيءَ طرح محض بنياد جنهن تي ڪائي عمارت نه تعمير ڪئي وڃي، ڪا اهميت نٿو رکي. تحقيق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ سر ساهه جو لاڳاپو آهي. محقق ته هرڪو بنجي سگهي ٿو– ڇوته انهيءَ ۾ صرف رياض ۽ ڪاوش جي ضرورت آهي– پر نقاد ٿيڻ هر ڪنهن لاءِ آسان نه آهي. خالق ٿيڻ هونئن به مشڪل آهي. ساڳئي وقت، سنڌي ادب کي نقادن جي گهڻي ضرورت آهي– توهان جي مقالا نگارن ۾، گهٽ ۾ گهٽ، پروفيسر صاحب ته انهيءَ طرف ڌيان ڏيئي سگهن ٿا. الف ليلى جي پراڻن قصن کي آخر ڪيستائين پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻائيندا رهندا؟

--- اوهان جي ڀيڻ............

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org