سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :22

 

ڪريڪيولم ڇا آهي؟

 

ڪريڪيولم جي معنيٰ

نصاب لاءِ انگريزيءَ ۾ لفظ ”ڪريڪيولم“ (Curriculum) ڪم اچي ٿو. ”ڪريڪيولم“ لفظ جي معنيٰ لاءِ آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنريءَ جي صفحي جو لڳ ڀڳ سڄو ڪالم مون کي پڙهڻو پيو، تڏهن وڃي ان لفظ تي نظر پيم، ۽ ان تائين پهچندي پهچندي، مون کي ان لاڳاپيل ٽي لفظ پڙهڻا پيا- ”ڪرينسي“ (Currency)، ڪرينٽ (Current) ۽ ڪريڪل (Curricle) لفظ ”ڪرينسي“ جي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”مدت يا وقت، جنهن ۾ ڪا شيءِ ڪرينٽ هجي. مروج هجي، چالو هجي“؛ ٻي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”سڪو، جيڪو ڪنهن ملڪ ۾ ’ڪرينٽ‘ هجي، چالو هجي، سچ پچ استعمال ۾ هجي؛“ ٽين معنيٰ هئي ”هلڻ، چالو رهڻ- جيئن سڪي جو يا ڪنهن دوا جو يا حڪم جو هلڻ يا چالو رهڻ“. لفظ ”ڪرينٽ“ جِي صفت جي صيغي ۾ معنيٰ هئي: ”عام رواج ۾ يا استعمال ۾- جيئن سِڪا، خيال، رايا يا لفظ جيڪي عام رواج ۾ يا استعمال ۾ هجن“؛ اسم طور لفظ ”ڪرينٽ“ جي معنيٰ هئي: ”وهندڙ نهر، پاڻي، هوا وغيره ڪنهن خاص طرف ڏانهن ويندڙَ، يا رڳو (وڃڻ جو) رخ يا لاڙو- مثلاً حالات يا عام راءِ جو رخ“ وغيره وغيره. لفظ ”ڪريڪل“ جي معنيٰ ڏنل هئي: ”ٻن ڦيٿن واري ڪا هلڪي گاڏي، جيڪا عام طور ٻه گهوڙا ٻٽوٻٽ اڳتي ڪاهين“. ان کان پوءِ منهنجي ڳولا وارو لفظ ”ڪريڪيولم“ آيل هو، جنهن جي معنيٰ ڏيکاريل هئي: ”گس“ بس، ”گس“، يعني ”سڙڪ، راهه، رستو يا پٽو جيڪو وٺي هلجي يا جنهن تان ڊوڙجي“. هن جاءِ تي، ڊڪشنريءَ ۾ معنيٰ واري لفظ ”گس“ جي آخر ۾ ڏنگين اندر صفاتي لفظ ”تعليم جو“، ”مطالعي جو“، لکيل هئا- جن جي گڏجڻ سان ”ڪريڪيولم“ جي اصطلاحي معنيٰ وڃي پئي ٿِي ”مطالعي جو گس، تعليم جو گس، تعليم جو رستو.“ هي سڀيئي لفظ- ”ڪرينسي، ڪرينٽ، ڪريڪل، ڪريڪيولم.“- لغت ۾ لاطيني ٻوليءَ جا لفظ ٻڌايل هئا، جيڪي نڪتل هئا هڪ ئي بنيادي لفظ ”ڪريني“ (Currene) مان، جنهن جي معنيٰ ڏنل هئي: ”ڊوڙڻ“. اِن سڀ تفصيل مان ڏسي ٿو سگهجي ته هلچل، تحريڪ، ڦير گهير، وڌڻ جو رخ، رفتار، ڊوڙ جو پٽو، اڳتي وڃڻ- ڊوڙ ۾ يا ريس ۾ وقت جي ڀڄندڙ رٿ سان سدائين ٻٽوٻٽ- اِهي ئي ’ڪريڪيولم‘ جا، يا، تعليمي زبان ۾ چئجي ته، ”تعليم جي گس يا رستي“ جي وصف جا لازمي جزا يا عنصر هئا.

ان جو دائرو

اهو ته عام معلوم آهي ته انساني تعليم جو هيءُ ڪريڪيولم يا وهندڙ رستو ٻار لاءِ ماءُ جي گود کان، بلڪ اُن کان به اڳ، شروع ٿئي ٿو، ۽ ماڻهوءَ جي قبر تائين ئي اُن جي پڄاڻي ٿئي ٿي- پر، سو به رڳو ماڻهوءَ جي انفرادي تعلق جي حد تائين، نه ته جيتري قدر، سماجي خيال کان، اُن جو تعلق مجموعي طور انسان ذات سان آهي، اُهو رستو وڌندي ۽ اڳتي هلندي هلڻ جي سلسلي ۾ اکٽ آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڪانهي. اِن طرح ته سڄيءَ حيوانيءَ دنيا جو هر نئون ڄاول جِيوُ به هڪڙو تعليمي رستو طئي ڪري ٿو، جنهن کي، هڪ ڳالهئين، اُن جو ’ڪريڪيولم‘ ئي چئي سگهجي ٿو- اِن لاءِ جو ائين هو پنهنجي زنده رهڻ جي ڄاڻ ۽ ڪاريگري، جنهن کي ’زندگيءَ جو فن‘ سڏجي ٿو، حاصل ڪري ٿو. پر هڪ انساني تعليم جي رستي ۾ جيوت جي غير انساني دنيا ۾ رائج اهڙي رستي جي وچ ۾ جيڪو فرق ڏسي سگهجي ٿو، سو اُن جي ٽن بيحد اهم ڳالهين ۾ ظاهر هجي ٿو: يعني پهرين، زندگيءَ جي اُن ڄاڻ ۽ ڪاريگريءَ جي حاصل ڪرڻ ۾، ٻيو اُن جي جمع ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۾، ۽ ٽيون ان جي ڏي وٺ ۽ منتقليءَ ۾.

انساني زندگي حيواني زندگيءَ کان وسيع پيماني ۾ مختلف آهي. اِها پاڻ کي تمام وڏي انداز ۽ تمام وڏي تيزيءَ سان تبديل ڪندي پئي آئي آهي. ڄاڻ ۽ ڪاريگري، جيڪا خاص انسان جي زنده رهڻ لاءِ گهربل آهي، اوتري ئي وڏي انداز ۽ اوتريءَ وڏيءَ تيزيءَ سان وڌندي، بدلبي ۽ وستارجي رهي ٿي. ائين اسين (انسان) جدا نموني ڄاڻ گڏ ڪريون ٿا ۽ وڌايون ٿا، ۽ جدا نموني ڄاڻ منتقل ڪريون ٿا. ۽ فقط اِنهيءَ ئي طرح اسين وقت سان ٻٽ هلڻ جي لائق بڻجون ٿا- يعني اِن طرح ئي اسين سدائين پاڻ کي سامهون موجود ڪم کي مُنهن ڏيڻ جي قابل رکون ٿا. هڪڙو ماڻهو، جيڪو اڄ اُها ڄاڻ ۽ ڪاريگري رکي ٿو، جيڪا هڪ وحشي ماڻهو هڪ سئو هزار سال يا پنجاه هزار سال اڳ، يا هڪ اوائلي ڪاشتگار يا مالدار ڏهه سال اڳ، يا هڪ غلام ۽ آقا، غلام دار سماج ۾، ڪي ٻه هزار سال اڳ، يا ڪو جاگيردار ۽ ان جو کيت غلام يا ڪمي آخري وچين دور ۾، هڪ هزار يا پنج سئو ورهيه اڳ رکندو هو، اُهو ماڻهو اُن ڄاڻ ۽ ڪاريگريءَ سان، هڪ سڌريل جديد انسان وانگر، اڄ جي دور ۾، اسان جي هن پنهنجي زماني ۾، زنده رهي ئي نه سگهندو. اهوئي خاص سبب آهي، جو انساني تعليم جي نصاب کي، ڪريڪيولم يا رستي کي، وڌڻو ۽ چالوئي رهڻو آهي، ڇو ته جيڪا ڄاڻ ۽ ڪاريگري چالو آهي، جاري آهي، بنهه اڄ جي ڄاڻ ۽ ڪاريگري آهي، اُن سان ئي اسين وقت سان ٻٽوٻٽ هلي سگهون ٿا، ۽ سلامت رهي سگهون ٿا ۽ سڦل زندگي گذاري سگهون ٿا.

ان جو مقصد

سڦل زندگي گذارڻ جي ڳالهه ۾ مقصد جي جهلڪ موجود ڏسي سگهجي ٿي- زندگيءَ جي مقصد جي، جنهن جو تصور انفرادي ۽ پڻ اجتماعي يا سماجي بنيادن تي رکيو وڃي، يعني اُن ڳالهه جو تصور ته اڄ جي دور ۾، هلندڙ وقت ۾، ماڻهوءَ کان ڇا هجڻ ۽ ڇا ڪرڻ جي اميد ڪئي وڃي ٿي، ۽ تاريخ جي اڄوڪيءَ منزل تي سماج کان ڇا هجڻ ۽ ڇا ڪرڻ جي تقاضا ڪئي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ اِن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته ڪو خاص ڪريڪيولم يا تعليم جو خاص رستو مرتب ٿئي ۽ رٿيو يا ٺاهيو وڃي، اُن کان اڳ اُن رستي تان هلندي، تعليم جي جنهن مقصد تي رسڻو آهي، اُهو مقصد پوريءَ چٽائيءَ سان ۽ پوري تفصيل سان مقرر ڪرڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي.

ڪريڪيولم يوناني تهذيب ۾ تعليم جي مقصد جي تلاش ۾ تعليم ڪارن ۽ ڪريڪيولم ٺاهيندڙن کي انساني تعليمي عمل جي ماضيءَ، خاص طرح يوناني تهذيب جي دور ۾ ان جي رڪارڊ ٿيل ابتدائي صورت تي نظر وجهڻي پوي ٿي ۽ ان جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو، يوناني تهذيب، پنهنجي زندگيءَ جي تقريباً هڪ هزار سالن (600 ق.م کان 400ع تائين) جي مدت ۾، غلاميءَ جي بنياد تي بيٺل هئي- جنهن ۾ آزاد شهري اقليت ۾ هئا، ۽ اُن جي غلام آبادي اڪثريت ۾ هئي. هِن غلام دار سماج جون مخصوص ڳالهيون اُن جي شهري رياست، جنهن کي تاريخ ۾ پالس (Polis) سڏيو ويو آهي، سان وابسته هيون، ان دور جي يونان ۾ ٻن قسمن جون شهري رياستون هيون. هڪ ۾ اقتدار سڀني غلام دار شهرين وٽ رهيو ٿي- ان کي تاريخ ۾ غلام دار جمهوريت (Slave-owning Democracy) سڏيو ويو آهي. ٻيءَ ۾ اقتدارُ غلام دار شهري آباديءَ جي به اوچي درجي وارن خاص شهرين وٽ رهيو ٿي- ان کي امير شاهي يا اميراڻو راڄ Aristocary)) سڏيو ويو آهي. يونان جي قديم شهر اٿينس جي شهري رياست پهرئين نموني جي رياست جو ڪلاسيڪي مثال شمار ٿئي ٿو، ۽ ان جي اسپارٽا شهر جي شهري رياست ٻئي قسم جي رياست جو. اُن (غلام دار)  سماج ۾ تعليم کي رياست جي خدمت لاءِ ۽ اِن لاءِ شهرين جي تربيت جو ئي هڪ ضروري وسيلو سمجهيو ويندو هو، ۽ اُن ۾ وڻج واپار ۽ هٿ جي پورهئي کي هيچ بلڪ نيچ سمجهيو ويندو هو، ڇو ته اُهي ڪم غلامن لاءِ مخصوص هئا. انهيءَ ڪري وٽن تعليم جي مروج سرشتي ۾ واپار ۽ هنرُ ڪريڪيولم جا حصا نه هئا.

اسپارٽا جي تعليم ۾ خاص طرح، فوجي برجستائيءَ ۽ قابل ڪاريءَ تي توجهه ڏنو ويندو هو. هيڻي جسم ۽ ناقص ذهن رکندڙ ٻالڪن کي هو ٻاهر اڇلائي ڇڏيندا هئا، جتي هو مري ويندا هئا. جيڪي سالم ۽ تندرست ٻار بچندا هئا، انهن کي ستن ورهين جي عمر ۾ مائٽن کان ڇني، يارهن ورهين جي ڄمار تائين جسماني تربيت ڏني ويندي هئي. وٽن ضابطي لاءِ، جسماني سزا کي هڪ اهم تربيتي طريقو سمجهيو ويندو هو. اُها نه رڳو ڏوهه جي عيوض پر سختيءَ ۽ تڪليف جي قوت برداشت  وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ ٻارَ فوجي ڪئڊيٽ بڻبا هئا، جنهن کان پوءِ هنن کان ٻه سال فوجي ڇانوڻيءَ ۾ جبري ڊيوٽي ورتي ويندي هئي، ۽ ائين ٿيندي ٿيندي، ٽيهن سالن جي عمر ۾ هو پورا ”شهري“ بڻبا هئا، پر پوءِ به هنن کي، رياست لاءِ جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ جي حالت ۾، هر دم تيار رهڻو پوندو هو.

اٿينس ۾، تعليم کي جنگ ۽ امن ٻنهي لاءِ تياريءَ ۽ تربيت جو وسيلو سمجهيو ويندو هو. هڪ طرح جي ”جمهوريت“ هجڻ سبب، اُتي جنگ ۽ امن جي وچ ۾ ”اعتدال“ يا ”وچٿرائي“ جي اصول کي گهڻي اهميت ڏني ويندي هئي. ڇهن کان 14 سالن جي عمر تائين ابتدائي تعليم ۽ ان کان پوءِ 4 سال ثانوي تعليم ۽ پوءِ فوجي ڪيڊيٽن طور نوجوانن کي ٻه سال لازمي فوجي تربيت ڏني ويندي هئي- جنهن کان پوءِ منجهانئن هر هڪ کان ”پنهنجي شهر ۽ پنهنجن خدائن“ جي دفاع لاءِ تيار رهڻ جو قسم کڻايو ويندو هو. وٽن سڄيءَ تعليم جي ڪورس جا تفصيل اسان کي معلوم نه آهن، پر اسان کي خبر آهي ته موسيقي، ادب، فن لطيف ۽ جسماني ڪسرت ۽ ڪرتب وٽن مخصوص مضمونن طور تعليمي ڪورس ۾ شامل هئا. اِن مان ڏسي سگهجي ٿو ته اُهو هڪ فرصت يا واندڪائيءَ واري سماج جو ڪريڪيولم هو، جيڪو غلام دار آزاد شهرين لاءِ ئي وڌيڪ مناسب ۽ ڪارآمد هو، جن کي ئي ان طرح هُنن تربيت ڏيڻ ۽ پاڙهي، ٺاهي، پختو ڪرڻ گهريو ٿي. جيئن جيئن اٿينس جو، ۽ پڻ اسپارٽا جو، فرصت رکندڙ غلام دار ڪلچر وڌيو ۽ وڏو ٿيو، تيئن تيئن اُن ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ ڌيان ذهني مطالعن، روحاني ڳالهين ۽ غير پيداواري جسماني ڪرتب ۽ ڪسرت جي ڳالهين تي ئي صرف ٿيندو رهيو- ايتري قدر، جو سندن هڪ عالم ارسٽوفينس، مزاح مزاح ۾، سڄي سندن تعليمي سرشتي تي ’نوجوانن جي کارڻ ۽ انهن کي ائين فضول ۽ بيڪار بنائڻ‘ جا الزام ۽ طعنا هڻن شروع ڪري ڏنا. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو (پنجينءَ ۽ چوٿينءَ ق.م جي صدين جا)، جيڪي ان غلام دار يوناني تهذيب جا عظيم ترين مفڪر هئا، تن پنهنجي دور جي تعليم جو مقصد ”هڪ سٺي شهريءَ جي تربيت“ ئي ٻڌايو، جنهن ۾ ”شهريءَ“ جو مطلب اُهو غلام دار آزاد ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجي سڄي انفرادي شخصيت رياست جي ”سياسي مانڊاڻ“ جي سپرد ڪري ڇڏڻي ٿي پيئي. افلاطون پنهنجي ڪتابن ”جمهوري راڄ“ (Repulic) ۽ ”قانون“ (Laws) ۾ سياست ۽ تعليم  کي ”اٽوٽ انگ“ سڏيو آهي، ۽ هڪ قسم جي ڪميونزم جي وڪالت ڪئي آهي، جنهن ۾ جماعتي زندگيءَ لاءِ خانداني يا ڪٽنبي زندگيءَ کي، هڪ سماجي اڪائيءَ طور، ختم ئي ڪرڻو ٿي پيو، ۽ ٻارن جي پرورش لاءِ مائٽن جي سڄي ضابطي ۽ اختيار کي رد ڪرڻو ۽ وچان ڪڍي ٻاهر ڦٽوڪرڻو ٿي پيو. گويا زندگيءَ جي سڀني مسئلن، ڪمن ڪارين ۽ معاملن جي فيصله ڪن دائرن ۾ رياست کي ئي آخري حڪم جو اختيار هو، ۽ فرد بلڪل ئي ڪجهه نه هو!

وچين دور (500 – 700ع) ۾

ابتدائي مهذب دؤر ۾ هيءَ جيڪا رياست کي فرد جي خلاف حد کان وڌيڪ اهميت ڏني ويئي هئي، تنهن تاريخ جي اڳتي وڌڻ سان آهستي آهستي بدلجي، ردعمل طور، اُن جي بنهه ابتڙ صورت اختيار ڪئي، ۽ سماج ۾ فرد ڦري مرڪزي اهميت حاصل ڪرڻ لڳو ۽ رياست، فرد جي خادم ۽ محافظ طور، ثانوي جڳهه وٺڻ لڳي. ۽ ائين تڏهن ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن سماج جي مروج ضرورتن ۽ ان جي عصري مقصدن اِن طرح جي تقاضا ٿي ڪئي. تان جو وڌيڪ هزار کن سالن گذرڻ سان يوناني سماج جي غلام دارَ ۽ ان جي غلام جي جاءِ تي جاگيردارُ ۽ اُن جو کيت ڪمي (يا سِرڙيو هاري) اچي ويٺا؛ ۽ اُنهن جي دؤر گذرڻ تي، انهن جون جايون وري سرمائيدار ۽ ان جي مزدور اچي والاريون. جاگيرداري سماج پنهنجي دور جي تعليم وسيلي هڪ ”آپي – باز پهلوان مڙس، هڪ سٺو سردار (Lord)، هڪ سٺو نواب يا وڏيرو“ پيدا ٿي ڪيو، ته سرمائيداريءَ پنهنجي دور جي تعليم وسيلي، پنهنجي مثالي انسان طور هڪ ”سٺو جوکم- ڪاري صنعت ڪار“ يا هڪ ”سٺو جوکم- ڪاري تاجر“ پيدا ڪرڻ گهريو ۽ پيدا ڪيو. آپي باز پهلوان، بي ميار سوڍو، جنهن جهڙو فرد اٿينس ۾ ٻئي نمبر جو شهري ليکجي ٿي سگهيو ۽ ليکيو ٿي ويو، سو جاگيرداري دور (500 کان 1700ع) ۾ هڪ مثالي شخص بڻجي ويو، جنهن کي ان دور جي تعليمي ڪريڪيولم (رستي) وسيلي پيدا ڪرڻو هو ۽ ’پاڙهي، ٺاهي، پختو‘ ڪرڻو هو- ايتري قدر جو، ترت ئي اهڙو هڪ ”نصيب آزمائو سورمو جانبازيءَ جي ڳولا ۾“ (The wandering hero in search of chivalrous adventures) سڄي سماج جو هڪ سوداءُ ۽ آزار بڻجي ويو. اٽليءَ جي داستان نويس بوڪيشيو، جو جڳ مشهور ڪتاب ”ڊي- ڪئميران“ (1349-1351) ۽ اسپين جي مشهور ناول نگار، سروينٽيس، جو زنده جاويد ناول ”ڊان ڪئگزاٽ“ (1615-1615) اهڙن ”سٺن سردارن“ ۽ ”سٺن جوڌن“ جي ڪردار سان ڀريا پيا آهن، جن ۾ انهن بي ميار سوڍن جي نامعقول ۽ بي لغام ڪارستانين ۽ فضول آپي بازين ۽ خرمستين کي خوب ننديو ۽ بڇڙو ڪيو ويو آهي.

سرمائيداري دور ۾.

رُوسو، ترهين صديءَ جو فرينچ فيلسوف، انفراديت جو هڪ بيباڪ حامي هو. پنهنجي وقت جي روح جي ترجماني ڪندي، جڏهن جاگيرداري نظام ڪِري پَٽ پئجي رهيو هو، ۽ سرمائيداريءَ جي آزاد جوکم ڪاريءَ جو روح فضا ۾ خوب اڏامي رهيو هو، هن يونان جي غلام داري دور جي ترجمان مفڪر افلاطون کان هڪ سڌو سوال ڪندي پڇيو هو: ”ڇا، رياست سان وفاداري پنهنجن ويجهن ۽ پيارن (يعني آل اولاد) جي محبت کان سواءِ به ڪو وجود رکي سگهي ٿي؟ ڇا، حب الوطني اُن ننڍڙي پياري وطن، پنهنجي گهر کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ به اسري ۽ وڌي سگهي ٿي؟ ڇا، سٺو پٽ، سٺو مڙس، سٺو پيءُ ئي نه آهن، جيڪي ئي ’سٺا شهري‘ هجن ٿا؟“ مطلب ته يوناني غلام دار سماج جو ”سٺو شهري“، جيڪو رياست جي مفاد جو باندي هو، ۽ جاگيرداري سماج جو ”سٺو سردار“ جيڪو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي جاگيردار يا ڪيٽيءَ جي مفاد جو باندي هو، انهن تان ائين زور هٽي، ”سٺي پٽ، سٺي مڙس، سٺي پيءُ“ ڏانهن، يعني روسو جي وقت جي ”سٺي بورجوا“ يا ”سٺي تاجر“ ڏانهن بدلجي ويو، جيڪو پنهنجي ذاتي گهر، ڪٽنب ۽ پنهنجي جوکم ڀرئي ڪاروبار جي مفاد جو باندي هو ۽ ان پوئين صورتحال ۾ هُن جي دور جي بورجوا رياست صرف اِن لاءِ هئي ته اُها هِن ”ذاتي طرح سٺي شخص يا سٺي تاجر“ جي مفادن جي خدمت ڪري ۽ انهن جي پرگهور لهي، جيڪو ساڳئي وقت پنهنجي پبلڪ لائيف ۾ پاڻ کي هڪ ”سٺو شهري“ به سمجهندو هو ۽ چوائيندو هو.

هي سڀيئي جُڳ انساني تعليم جو ڪريڪيولم، ڪورس يا رستو- غلام دار يوناني تهذيب کان وٺي، جاگيرداري سماج ۽ ان کان پوءِ سرمائيداري سماج کان ٿيندي، جن ۾ ان جو مقصد پهرين ”سٺو شهري“، ۽ پوءِ ”سٺو لارڊ يا سردار“ ۽ پوءِ ”سٺو تاجر“ پيدا ڪرڻ هو- بهرحال فرصت مائل يا اوچي طبقي مائل ئي رهيو- ڇو ته تعليم انهن دورن يا سماجي نظامن ۾ عملاً فقط سماج جي اڻ- ڪمائيندڙ، فرصت يافته، مٿينءَ سطح جي آباديءَ تائين محدود ٿي رهي. علم جي نوعيت توڙي ان جو مقدار به- تُز سائنسن جو، فطري سائنسن جو يا انسانيات جو- جيڪو انهن سماجن جي تعليمي ڪريڪيولم ۾ شامل ڪيو پئي ويو، ان جي چونڊ، ترتيب ۽ تدريس فقط سماج جي ان فرصت يافته ۽ ڀرئي ڀاڳئي حصي يا طبقي جي خاص مفاد کي من ۾ رکي ڪئي پئي ويئي، جنهن کي ئي تعليم ڏيڻي هئي.

اشتراڪي دؤر ۾

تاريخ ۾ اشتراڪيت ۽ عام انسان واري دور جي اچڻ سان ماڻهوءَ جي عام مادي ۽ سماجي گهرجن ۾ هڪ انقلابي تبديلي رونما ٿي. تعليم ڦري سڀني جو حق ۽ ڪل انسانن جي ضرورت بڻجي پيئي. سماج جي اپتڪار ۽ کپتڪار حصن، فرصت يافته يا فارغ البال طبقي ۽ پورهئي ۾ ڳهندڙ، مٿي کنهڻ جي فرصت نه رکندڙ طبقي جي وچ ۾ فرق مِٽجڻ شروع ٿيو. محنت، دولت ۽ فرصت جي ورهاست ماڻهن ۾ هڪ جهڙي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿي. ۽ مهذب انسان پورهئي کي، هر قسم جي پورهئي کي- هٿ پورهئي کي به—عزت وارو ۽ راحت بخش ڳالهه سمجهڻ ۽ مڃڻ شروع ڪيو. ماڻهوءَ جون مادي ۽ سماجي گهرجون ايتريون ته وڌي گهڻيون ۽ قسمين قسمين جون ٿيون، جو سامانن جو پيداڪرڻ، مشينن جو جوڙڻ ۽ خدمتن جو مهيا ڪرڻ هڪ اٽل ۽ شديد ضرورت بڻجي پيئي. ائين هيءُ زوردار خيال وڌڻ ۽ پکڙجڻ لڳو ته سڀني کي ڪم ڪرڻو هو ۽ ڪنهن کي به سست ويهڻو نه هو. جديد تعليم کي انهيءَ ڪري فرصت مائل هجڻ بدران پورهئي مائل ٿيڻو هو، ٿيڻو پيو ۽ ٿيڻو آهي- ان جو ڪريڪيولم يا ڪورس، فرصت – مائل ڪريڪيولمن ۽ ڪورسن جي برخلاف – جيئن اهي غلام دار يوناني سماج ۾، جاگيرداري، لارڊ يا سردار ۽ ان جي کيت ڪميءَ جي سماج ۾، يا سرمائيدار، صنعتڪار ۽ تاجر ۽ ان جي مزدور جي سماج ۾ هئا—پورهئي مائل ڪريڪيولم ٿيڻو هو، ٿيڻو پيو ۽ ٿيڻو آهي. اڄ جي سٺيءَ تعليم کي ”سٺو پورهيت پيدا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جديد سماج جي حوالي سان ”سٺو پورهيو“ ئي ”سٺو شهري“ ۽ ”سٺو انسان“ ٿي سگهي ٿو. ”پورهيو عبادت آهي“- هائو، پر رڳو غلام، کيت ڪميءَ، هاريءَ يا مزدور لاءِ ئي نه. پورهيو سڀني لاءِ عبادت آهي ۽ سڀني کي عبادت طور پورهيو ڪرڻ گهرجي ائين سمجهي ته اُهو سڀني لاءِ فائديمند آهي ۽ ضروري آهي.

انهيءَ ڪري اُن ماڻهو لاءِ، جيڪو هاڻ سٺيءَ تعليم جي روح کان مسفيد ٿيڻو آهي، پورهيو زندگيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت ۽ هڪ اعليٰ اخلاقي نيڪي ۽ هڪ سٺي پورهيت جيئن جيئڻ ۽ زندگيءَ گذارڻ هن جي ڪردار ۽ اخلاق جا دائمي گڻ بڻجڻا آهن.

اهڙيءَ سٺي تعليم جو لازمي پيشگي شرط هي آهي ته اُها ماضيءَ جو ترقي مائل تهذيبي ورثو ۽ بني نوع انسان جو جمع ڪيل سمورو علم جو خزانو نئين نسل تائين پهچائي، جيڪو اُن ورثي ۽ اُن خزاني جو وارث به آهي ۽ اُن جي سنڀالڻ لاءِ تيار به آهي. اسڪولن جو هڪڙو بنيادي ڪم، ۽ تحقيق هڪ وڏي ۾ وڏو ڪم، اهو آهي ته اِها فضا ۽ صورتحال موجود ڪن، جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ذهني طور وڌن ۽ پورهئي مائل، سماجي طرح ذميدار ۽ تهذيبي طور اوچا انسان بنجي سگهن، ۽ اُهو نتيجو فقط تڏهن حاصل ٿي سگهندو، جڏهن هو خبر، ڄاڻ ۽ حقيقتن سان واسطي ۾ ايندا ۽ اُنهن سان پوريءَ طرح مانوس بڻبا. اِن ۾ ڪريڪيولم مدد ڪري سگهي ٿو. ڪتاب مدد ڪري سگهن ٿا. سٺيون ۽ جديد طرز جون بلڊنگون ۽ تجربيگاهه به مدد ڪري سگهن ٿا. پر هميشه ۽ هر صورت ۾ استاد ئي آهي، جو اصل منڍ آهي، مرڪز آهي، ۽ اصل ڪم ان کي ڪرڻو آهي. جو ڪجهه استاد کي ڪرڻ کپي ۽ هو ڪري ٿو، اُن مان ئي معجزائي نتيجا نڪرن ٿا. جو ڪجهه هن کي ڪرڻ کپي ۽ هو نٿو ڪري، تباهناڪ نتيجا اُن مان نڪرن ٿا، ضرورت سارو استادن جي تعداد کان سواءِ، جيڪي اتساهيندڙ هجن، ڄاڻو ۽ باخبر هجن، پنهنجن اسڪولن ۾ پنهنجين ذميدارين کي منهن ڏيڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار هجن—اهڙن استادن کان سواءِ اسين بيءَ ڪنهن به طرح سٺي تعليم مهيا نٿا ڪري سگهون، ۽ سٺيءَ تعليم کان سواءِ اسين گهڻي وقت تائين تبديل ٿيندڙ دنيا جي تقاضائن کي ڪاميابيءَ ۽ سرخروئيءَ سان منهن نٿا ڏيئي سگهون.

ڄاڻ جو ڦهلاءُ

سڄي خبر، سمورو علم، سڀ حقيقتون ٽن مظهرن جي مطالعي مان حاصل ٿين ٿيون: 1- انسان جي پنهنجي ذات جو مظهر، 2- انساني تاريخ جو مظهر، ۽ 3- چوڌاري موجود فطرت يا ڪائنات جو مظهر. جيئن جيئن وقت اڳتي وڌي ٿو، اِها ٽه – شعلائين علم جي روشني، اڻ- مئي نموني وڌندي ٿي رهي. فطرت تي انسان جي فتح ۽ ضابطي جي لياقت اوتري قدر ئي وڌي ٿي، جيتري قدر انسان وٽ فطرت جي ڄاڻ وڌي ٿي. تازو مون کي هڪ سوويت مخزن ۾ ڪريڪيولم جو هيٺيون هڪ بيحد اهم ۽ بنيادي مسئلو بيان ٿيل ڏسڻ ۾ آيو:

”گذريل ويهن ٽيهن سالن جي دور، دنيا کي هڪ سائنسي ۽ ٽيڪينڪي انقلاب سان روشناس ڪيو آهي.“

”هن انقلاب ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سرشتي لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪري وڌا آهن.“

”هيءُ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انقلاب انيڪ مسئلا ۽ ڪمن جو وڏو تعداد وڌائي ۽ وسيع ڪري رهيو آهي، جن مان هر هڪ جي دائري ۾ علم جو تعداد ائين وڌي رهيو آهي، جيئن ڦرندڙ برف جو بال جبل تان ڪرندي ڪرندي، وڌندو ۽ وڏو ٿيندو ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته پنجن ڏهن سالن ۾ ڪي علم وڌي ٻيڻا ٿي پيا آهن. درسي ڪتابَ پريس مان ڇپجي اڃان ٻاهر ئي نٿا اچن، ته پراڻا ٿي وڃن ٿا. بهرحال، ائين ته چئي سگهجي ٿو ته ان  حالت ۾ استاد جو ئي فرض آهي ته درسَي ڪتابن کي هر ڀيري ڪلاس روم ۾ تازي معيار تي آڻيندو ئي رهي.

”پر ڇا ڪريڪيولم هونئن ئي حد کان وڌيڪ ڦهلجي وڏو نه ٿي ويو آهي؟ هاڻي ته شاگردن کي وڏن کان وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻو پوي ٿو، ۽ هنن کي ڪلاس رومن کان پوءِ وڏي انداز ۾ گهر جو ڪم به ڪرڻو پوي ٿو.“

”هن صورتحال ۾ شايد ائين مناسب ٿئي ته تدريس جي مدت وڌائي ڇڏجي، پر ثانوي تعليم اڳي ئي ڏهه ٻارهن سال وٺي ٿي. ٻيا 5-6 سال اعليٰ تعليم جي تحصيل ۾ لڳي ٿا وڃن اُن کان پوءِ ڪي سال ڪنهن نه ڪنهن خاص ڪاريگريءَ ۽ ڌنڌي جي مهارت حاصل ڪرڻ ۾ لڳن ٿا. جيڪڏهن اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جي مجموعي مدت ڄاڻ جي واڌاري آهر وڌائبي وڃجي، ته، جلد يا بدير، جديد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان رڳو سفيد وارن وارا گرئجوئيٽ ۽ کٿل مٿن وارا ٽيڪنيڪي ماهر ئي ٻاهر اچي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي رٽائر ٿيڻ جي عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ ئي لائق بڻجي، پنهنجن ڪمن کي پوريءَ طور هٿ وجهڻ جهڙا ٿي سگهندا. پر ڇا ڪجي، تخليقي پيداوار لاءِ ماڻهوءَ جي عمر جا سونهري سال ته جوانيءَ جا سال ئي آهن، ۽ اُهي گهڻو جٽاءُ ڪونه ٿا ڪن.

”ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هيءُ سوال اصل ته سائنسدانن جي جواب ڏيڻ لاءِ آهي. پر اسين جنهن حقيقت سان دوچار آهيون، سا هيءَ آهي ته تعليم جو نظريو ۽ عمل سڄيءَ دنيا ۾ اڄ زندگيءَ جي وڌندڙ تقاضائن کان پوئتي رهجي ويو آهي.“

خصوصي تعليم بمقابل عمومي تعليم

ائين بيان ٿيل هن مسئلي جا مختلف حل اُن روسِي مخزن جي مضمون ۾ بحث هيٺ آندل هئا—ڇو ته مضمون جو عنوان ئي هو: ”ڇا سيکارڻو آهي ۽ ڪيئن؟ مسئلا ۽ حل.“ ۽ هڪ حل جيڪو مضمون ۾ پڙهندڙن جي خاص توجهه لاءِ ڏنل هو، سو هيٺينءَ طرح هو:

”تعليم جي سڄي سرشتي ۾ عموي تعليم جي جاءِ تي خصوصي تعليم جو نظام نافذ ڪيو وڃي- يعني هڪڙن اسڪولن ۾ تُز سائنسن تي زور ڏنو وڃي، ٻين ۾ فطري سائنسن تي، ۽ اڃان ئي ٻين ۾ انسانيات جي علمن تي. اُن خصوصي تعليمي نظام جو مقصد هيءُ ٿي سگهي ٿو ته خاص علم يا علمن ۾، ٻين علم کي درگذر ڪندي، وڌيڪ بنيادي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي وڃي. علم جي وڌندڙ ڪل- طرفي سيلاب کي منهن ڏيڻ لاءِ هن قسم جو تعليمي تقسيم ۽ چونڊ ظاهري طور پرڪشش ئي معلوم ٿي ٿئي.

پر ان طرح شايد نيون ۽ وڌيڪ خطرناڪ مشڪلاتون نروار ٿي بيهن. پهرين ڳالهه ته اهو ڪڏهن به ممڪن ڪونهي ته وهيءَ رسيل جوان ٻارن جي ذهني لاڙن جي خبر پئجي سگهي، جيتوڻيڪ اُهي ڪنهن قدر ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنهنجن ڪن لاڙن جو اظهار به ڪندا آهن (جيئن موسيقيءَ، ڊرائينگ، رياضيءَ جي مضمونن ۽ ٻولين وغيره لاءِ). هاڻي، جيڪڏهن سڀئي اسڪول ان خصوصي تعليم تحت آڻي ڇڏجن- بجاءِ اِن جي، جو ڪي ٿورا اڄ به جيئن اُن نظام هيٺ ڪم ڪندا رهن ٿا—ته ان سان شايد سڄي جي سڄي ننڍيءَ اوستا کان شروع ڪيل اهڙيءَ خصوصي پيشه ورانه تعليم جا ناپسنديده نتيجا اوس نڪري سامهون ايندا، ۽ جيڪي ڪن حالتن ۾ خطرناڪ غلطيون سرزد ٿيل نظر اينديون، تن جي درست ڪرڻ ۾ تاخير پئجي وڃي، ۽ ائين اُنهن جو ازالو ناممڪن بڻجي پوي. ڇو ته هڪ پختي خصوصي مهارت جي ڪورس جِي ٻئي پختي خصوصي مهارت جي ڪورس سان تبديل ايتري آسان ۽ مفيد نه ٿيندي، جيتري عمومي تعليم جي بنياد رکڻ کان پوءِ اڳتي هلي، پنهنجي مرضيءَ ۽ آزاد راءِ سان خصوصي مهارت جي ڪنهن هڪ ڪورس جي انتخاب جو فيصلو شاگردن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان کان سواءِ انسانيت جي علمن کي اوائلي عمر ۾ ڇڏي ڏيڻ سان، ٻار جي اخلاقي گڻن تي ۽ هن جي سڀ- طرفائين ذهني اوسر تي به هاڃيڪار اثر پوڻ لازمي آهي: تعليم جي هيءَ يڪ طرفائي ٻار جي سڄيءَ شخصيت جي تربيت کي روڪي سگهي ٿي، ۽ اُها ڳالهه هر صورت ۾ بنيادي انساني شرف ۽ شان جي خلاف آهي-  پوءِ ڪو انسان اڳتي هلي مزدور ٿئي، ڪاشتڪار ٿئي، يا سائنسندان ڇو نه کڻي بڻجي.

سوويت يونين جي ”تدريسي خدمات جي ائڪيڊميءَ“ ”خصوصي تعليم بمقابل عمومي تعليم“ جي مسئلي جي سڀني پاسن جي ائين تورتڪ ڪندي، تعليم جا پهريان ڏهه سال عمومي تعليم جا ڪريڪيولم جي بنيادي اصول طور، قبول ڪيا آهن- سواءِ ڪن خاص اسڪولن جي، جتي خصوصي تعليم جا ڪورس، عمومي تعليم جي ڪنهن وڌيڪ اوائلي منزل کان شروع ڪيا وڃن ٿا. مطلب ته خصوصي تعليم، هڪ پوري دستور يا سرشتي طور، ابتدائي منزل وارن اسڪولن جي بدران ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح تي ۽ خاص ڪاريگريءَ وارن ڪن چونڊ ڪارخانن ۾ ئي ڏني وڃي ته بهتر ٿيندو.

بهرحال، هنن ٻنهي، عمومي ۽ خصوصي تعليم جي، ڪريڪيولمن ۽ انهن جي تعميل ۾ سڌاري جي گنجائش هر وقت ۽ هر حالت ۾ تسليم ڪئي وڃي ٿي.

ڪريڪيولم جو سڄو مسئلو سچ پچ ته هڪ ئي سوال جي صورت ۾ بيان ٿي سگهي ٿو: ۽ اُهو آهي ته ڇا سيکارڻو آهي، ڪڏهن سيکارڻو آهي ۽ ڪيئن سيکارڻو آهي؟ هن سوال کي زير تعليم شاگرد جي مسئلي طور پيش ڪندي، هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته ڇا سکڻو آهي، ڪڏهن سکڻو آهي ۽ ڪيئن سکڻو آهي.

اسان وٽ، افسوس سان چوڻو پوي ٿو، ڪريڪيولم جون جيڪي به ڳالهيون ٿين ٿيون، اهي سڀ سوال جي آخري حصي تي يعني اُن جي ”ڪيئن“ واري حصي تي، زور ڏين ٿيون. هتي اسان وٽ تعليم جي مختلف مرحلن جي ڪريڪيولمن کي ڏسندي، جيڪي وقت بوقت مرتب پئي ٿيا آهن، مون ايماندارنه ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڏسجي ته ڪٿي ڪنهن نئين علم يا علم جي ڪنهن نئين مواد جو ڪو سگهارو ۽ جاندار نشان به ڏسي سگهجي ٿو يا نه؛ يا هيءُ ته ڪنهن علم جي مقدار کي ڪنهن نه ڪنهن ڪلاس ۾، يا ڪنهن مرحلي تي، وڌيڪ ذهانت ۽ علمي مهارت ۽ جديد تعليمي دور جي مطابقت سان ترتيب ڏنو ويو آهي يا نه- پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه ئي چئجي، جو اُن قسم جو ڪوبه ڪٿي اشارو يا نشان موجود نه ڏسي سگهيو آهيان.

اسان وٽ خود علم کي ”قابل قبول“ ۽ ”قابل ترديد“ حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جا اسان جي وڏيءَ بدبختيءَ جي ڳالهه آهي- ڇو ته ڄاڻ، ڄاڻ هئي، اُن ۾ ڪا ڄاڻ قابل قبول ۽ ڪا ڄاڻ قابل ترديد نٿي ٿي سگهي. بهرحال، قابل قبول علم ۽ ان جو مقدار، جيڪو اسان کي پنهنجي نئين نسل کي ڏيڻو آهي، اُن کي جڏهن اسين عمودي طور، مضمونن يا سبجيڪٽن جي صورت ۾ ورهايون ٿا، ۽ پوءِ اُنهن کي افقي طور به ورهائي رکون ٿا- ته جيئن شاگرد جي عمر پٽاندر، ڏاڪي بڏاڪي، انهن جي پڙهائڻ ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿئي، ان کي اسين هتي پاڻ وٽ ڪريڪيولم جي تربيت ڪاري سڏيون ٿا. ۽ ائين ڪريڪيولم ۾ شامل ٿيل هر قابل قبول مضمون يا سبجيڪٽ کي تدريس لاءِ سال سال، مهيني مهيني، هفتي هفتي، ڏينهن ڏينهن ۽ ڏينهن جي پيريڊن مطابق به اسان کي ورهائي رکڻو ۽ ترتيب ڏيڻ پوي ٿو. ائين اسين ان کي جزن ۾ ورهائي ۽ ترتيب ڏيئي، آسانيءَ سان پڙهڻ ۽ پڙهائي ڪرڻ جو اهتمام ڪري سگهون ٿا. ان قسم جي جزائين ورهاست ۽ ترتيب کي انگريزيءَ ۾ ”سلئبس“ چئجي ٿو- جيڪو لفظ ”سلئبري“ بمعنيٰ الف – ب جا اکر، مان نڪتل آهي.

نتيجو

ڪريڪيولم کي اسين سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن ”سکيا مارڳ“ چئون ۽ سلئبس کي اُن سکيا مارڳ جي ’نشان پٽي يا اکر –پٽي‘ چئون ته چئي سگهون ٿا.

پر ڪريڪيولم کي ڪريڪيولم چئون، سلبئس کي سلئبس چئون، يا انهن کي نصاب يا سکيا مارڳ چئون، يا نشان پٽي چئون- ان سان ڪو فرق ڪونه ٿو پوي. اصل ڳالهه نئين فڪر، نئين علم، نئين مقصد، نئين جولان ۽ نئين عمل جي آهي- ته جيئن پراڻ مان نجات ملي ۽ آزاديءَ جو ۽ سک جو ساهه کڻي سگهون. جيستائين اسان ۾ اها جدت نٿي اچي، اها نواڻ نٿي اچي، جيستائين اسين اهو نئون ڪريڪيولم، اهو نئون سکيا- مارڳ نٿا وٺون، تيستائين ظاهر آهي ته اسين پاڻ ۽ پنهنجي نئين نسل کي غلام داريءَ ، جاگيرداريءَ، ۽ گهڻي ۾ گهڻو ته به مدي خارج سرمائيداريءَ جو گند ڀريل دور ۾ ئي رهڻ لائق ڪري سگهنداسين- انساني تاريخ جي اڄ جي، چالو، سُڪرمي ۽ صالح دؤر لاءِ، جيڪو عام انسان جو دؤر آهي، هرگز لائق بڻجي نه سگهنداسين.

[1970ع]

 

ٻه لفظ صلاح جا، استاد لاءِ

منهنجا محترم استاد ڀاءُ، توکي خبر آهي ته اسان جي وطن جا ماڻهو ڪيڏا نه مسڪين ۽ پوئتي پيل آهن! توکي اُنهن جي ٻچن جو استاد بنجڻ جو اعليٰ فرض سونپيل آهي. انهيءَ حيثيت سان تون اُنهن جي ڪيڏي نه وڏي خدمت ڪري سگهين ٿو!

اسان جا ماڻهو سادا آهن ۽ آسانيءَ سان ٺڳجي وڃن ٿا. اُنهن جا گهاو پراڻا ۽ ڏاڍا اونها آهن. هو ڏاڍيءَ هڪ ننڍڙيءَ ۽ ڪٺور دنيا ۾ رهن ٿا. ڇا، تون هُنن جو ساٿي ۽ اڳواڻ نه ٿيندين؟ تون هُنن جي مدد نه ڪندين، ته هو پنهنجن ٻچن جي سنڀال ڪن، اُنهن کي پڙهائي پختو ڪن، ته جيئن اِها سندن پيڙهي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻو ٿئي ۽ ڪجهه وڌيڪ سک سان جي سگهي! توکان جيڪڏهن اِنهيءَ ڏِس ۾ ڪجهه ٿي سگهيو، ته پوءِ تون مون تي اعتبار ڪر ته تو سچ پچ پنهنجو فرض پورو ڪيو.

جيڪڏهن تو اِئين پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته پوءِ توکي اِهو به ڏسڻو پوندو ته اڳتي هلي، اِن فيصلي تي متان ڪڏهن پڇتائين ۽ افسوس ڪرين! جي توکي اِن تي ڪڏهن افسوس به ٿئي ۽ ويهي پڇتائين ته نيٺ به تون استاد ڇو بڻئين، ته تنهنجو اِهو اخلاقي فرض ٿيندو ته هڪ بيڪار، بي وفا ۽ بي دليو استاد آهي بڻيو، اِن ڌنڌي سان ڇو جنبڙيو رهين، اُن کان خود تولاءِ هزارين ڀيرا بهتر ٿيندو ته عين اُنهيءَ گهريءَ اُن کي خير آباد چئي، ڇڏي هليو وڃ، ۽ ستت ئي وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو اختيار ڪر. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن به سبب کان، تون اِئين ڪري به نٿو سگهين، ته پاڻ کي توڙي ٻين کي اجايو ڳڻتيءَ ۾ نه وجهه ۽ پريشان نه ڪر- - جو پنهنجي ڪم سان نفرت ڪندو، اُن کان نٽائيندو ۽ ڇرڪندو وتين ۽ اُن کي بگاڙيندو ۽ خراب ڪندو رهين، ۽ پوءِ پنهنجي چوڌاري هر شيءِ تي ڪاوڙيو ۽ هر ماڻهوءَ تي آڪڙيو پيو گهمين، ڄڻ ڏوهاري سڀ ٻيا آهن ۽ تون اڪيلو بي ميار ۽ بي ڏوهو آهين. ڇو ته تنهنجي هيءَ روش ۽ هيءُ هلت جو نمونو تنهنجي مسئلن جو هرگز ڪو حل نٿو ٿي سگهي. دراصل ڪم، ڪم ۽ فقط ڪمَ سان ئي تنهنجو ايمان تو ۾ موٽي ايندو، ۽ انسان جي نيڪيءَ ۾ ۽ پنهنجي لاڳاپي جي دنيا ۾ اُن جي ساٿ سنگ ۾ تنهنجو ڀروسو وري جاڳندو. ۽ پوءِ ئي تون پاڻ کي سمجهي سگهندين ۽ پنهنجي وٿ سڃاڻيندين ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو به توکي پوءِ صحيح مفهوم ذهن ۾ ويهندو. جڏهن تون ٻين کي ڀانئيندين ۽ ٻين جي عزت ڪندين، تڏهن ئي ٻيا توکي ڀانئيندا ۽ تنهنجي عزت ڪندا.

مٿيون ڳالهيون جيئن تنهنجي آڏو رکيون ويون آهن، اُنهن سان جيڪڏهن تون سهمت آهين، ته پوءِ تون، مهرباني ڪري، وڌيڪ هيٺين ڳالهين تي ويچار ڪر:

پهرين ڳالهه ته تعليم جو واحد مقصد ۽ ڪارج هيءُ آهي ته اُن سان عام انسان کي سلامتيءَ ۽ عافيت جو احساس، آزاديءَ جو احساس ۽ عزت جو احساس ڏنو وڃي.

ٻي ڳالهه ته اِهي ئي خاص ٽي شيون آهن، جن جو غلط مفهوم ۽ خيال دنيا ۾ چوڌاري هر قسم جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي خرابين ۽ مسئلن جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو.

ٽين ڳالهه ته هڪ استاد، اڀرندڙ نسل کي سلامتيءَ ۽ عافيت جو صحيح مفهوم، آزاديءَ جو صحيح مفهوم ۽ عزت جو صحيح مفهوم سمجهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري، اِن کان پهرين خود هُن جي ذهن ۾ اِنهن ٽنهي قدرن جو هڪ بلڪل صحيح مفهوم موجود هجڻ گهرجي.

چوٿين ڳالهه ته سلامتيءَ ۽ عافيت جو مفهوم هڪ مهذب انسان کان تقاضا ڪري ٿو ته هو فقط پنهنجي سلامتيءَ ۽ عافيت جي خيال بدران سڀني جي سلامتيءَ ۽ عافيت جو خيال ڪري، ۽ هڪ نيڪ انسان کان اُن جي تقاضا آهي ته پنهنجي سلامتيءَ ۽ عافيت جي نموني لاءِ هو پاڻ کان وڌيڪ هوند وارن ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ کان گهٽ هوند وارن پاڻ جهڙن انسان ڀائرن ڏانهن ڏسي. سلامتيءَ ۽ عافيت جو اهڙو صحيح مفهوم ئي سنڌ ۾ هر استاد کي هِن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته قوم، بهرحال، خود سندس ڪافي چڱي سنڀال لهي رهي آهي. سندس پنهنجي عوام جا لڳ ڀڳ 85 في صد ماڻهو - - هاري، مزور ۽ عام ڪمي ڪاسبي - - ايتريءَ هوند وارا نه آهن جيتريءَ هوند وارو هو پاڻ آهي. سنڌ ۽ خود سڄي پاڪستان جي سندس عام پورهيت رهواسي ڀائرن جي سراسري آمدنيءَ کان سندس اڄوڪو گهٽ ۾ گهٽ پگهار اٽڪل چوڻو ۽ وڌ ۾ وڌ پگهار ڏهوڻو وڌيڪ آهي. وڌيڪ تون ائين سمجهه ته استادن جو لڳ ڀڳ 60-70 في صد شمار پنهنجن ڳوٺن ۾ يا اتان جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ مقرر ٿيل آهي، جتي رڳو پگهار جي صورت ۾ اسان جي ماهياني آمدني يا اُپت ڳوٺ جي ٻن چئن خوشحال شخصن کان سواءِ ٻين سڀني ماڻهن جي آمدنيءَ يا اُپت کان وڌيڪ آهي. ۽ ماڻهو، نيٺ به پنهنجي من جي سڌن تي جيڪو پنهنجو وس يا ضابطو رکي سگهي ٿو، اُهوئي حقيقت ۾ ۽ آخرڪار هنن کان عافيت ۽ سلامتيءَ جو سچو پچو احساس ڏيئي سگهي ٿو، ۽ ان ذريعي ئي من جو اهو آرام به هن کي ملي سگهي ٿو، جيڪو ئي آخرڪار زندگيءَ ۾ حاصل ڪرڻ سڀني ماڻهن جي معاشي ڪوشش جو مقصد هوندو آهي.

پنجين ڳالهه ته آزاديءَ جي صحيح مفهوم جو بنياد زندگيءَ جي موجود درجي يا ذميواريءَ ۽ ان سان لازم شرطن ۽ حدن جي تسليميءَ ۽ شعور تي ٻڌل هوندو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن درجي يا ذميداريءَ سان لاڳاپيل حد يا ليڪي اندر هرڪا چرپر آزاديءَ جي چرپر هوندي آهي. ليڪي جي ٽپڻ يا لتاڙڻ جي هر ڪوشش، اُن دائري جي حوالي سان، آزاديءَ جي حد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي. اُن صورتحال ۾ زندگيءَ جو وڌيڪ اوچو، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ پختو درجو سامهون رکي، اُن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوسش سان ئي اُن ليڪي يا حد مان ٻاهر نڪرڻ جي واڌو راهه حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ائين بهرحال پنهنجي لياقت کي وڌائڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتري لياقت وڌندي اوتري صلاحيت وڌندي، ۽ صلاحيت جي وڌڻ سان ئي اسان جي آڏو آزاديءَ جي منظر ۾ حسناڪي ۽ افق ۾ وسعت رونما ٿئي ٿي.

انهيءَ ڪري فقط زيردستي انسان جي آزاديءَ کي نه محدود ۽ نه هُن کي اُن کان محروم ڪري ٿي، ۽ انهيءَ ڪري اهڙي ڪنهن سبب کان اُن کي عدولي نٿو سگهجي. انساني معاملن جي انتطام ۽ ترتيب ۾، جي ٻي ڪا زيردستي نه ته به قاعدن جي زيردستي هر شيءِ لاءِ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ اڻ ٽر آهي. آزاديءَ جي صحيح مفهوم ۾ انهيءَ ڪري زيردستيءَ کي آزاديءَ جي پنهنجي هڪ لازمي شرط طور قبول ڪيو وڃي ٿو. ان خيال کان، مسئلي جي بنيادي تورتڪ جي روشنيءَ ۾، خود ضابط گي ئي، زندگيءَ جي سونپيل درجي ۽ ذميداريءَ جي حوالي سان، ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي آزاديءَ جي جائز حق جي واقفيت، حاصلات ۽ استعمال جي ضمانت ٿي سگهي ٿي.

ڇهين ڳالهه ته عزت جي صحيح مفهوم جي معنيٰ ئي آهي پاڻ سميت سڀني جي عزت. عزت گهربي يا وٺبي نه آهي، اُها ملندي آهي ۽ اُها کٽبي آهي. عزت جو انعام، جنهن ۾ عزت نفس جو شان به شامل آهي، ٻين جي ڀلائيءَ ۽ خدمت گذاريءَ جي امنگ ۽ عمل آهر ئي کٽبو ۽ ماڻبو آهي. عزت جي خيال کان، جا ڳالهه خاص شمار ۾ اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته پرپٺ ماڻهو ڪيئن ڳائجي ٿو ۽ ڪيترو هُن جو قدر ٿو ٿئي. خوشامد يا چاپلوسي، ٿئي يا ڪجي، عزت جو ماڻ نٿي ٿي سگهي، غلامانه نيازمنديون ۽ قدم بوسيون ڪجن يا ٿين، عزت جو مان نٿيون ٿي سگهن. جيڪو ماڻهو عزت نفس جو صاحب آهي اُهو نه ڊڄندو، نه چاپلوسي ڪندو، ۽ نه ئي وري چاهيندو يا خوش ٿيندو ته ڪو کانئس ڊڄي يا سندس چاپلوسي ڪري. ماڻهوءَ جو ڪم ئي هُن لاءِ عزت جو نشان ۽ سَنَد آهي. اِنهيءَ ڪري عزت نفس وارو ماڻهو هميشه ائين چاهيندو ته هو ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪري ۽ هُن سان پڻ سندس ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪيو وڃي.

مٿين سڀني ڳالهين جو تت هيئن ٿي سگهي ٿو ته قناعت (جنهن کي سنتوش يا من جي شانت به چئجي ٿو) ۽ خود ضابط گي ۽ ڪم سان چاهه ئي آهن، جن سان حرص رڪجي سگهي ٿو، جيڪو سلامتيءَ ۽ عافيت جي غلط مفهوم سبب اڀري ٿو؛ بي لغامي ۽ غير ذميداري رڪجي سگهن ٿيون، جيڪي آزاديءَ جي غلط مفهوم سبب اڀرن ٿيون؛ ۽ هڪ پاسي وڏماڻهپ ۽ سرڪشي ۽ ٻئي پاسي ٻانهپ ۽ هٿ جوڙ رڪجي سگهن ٿيون، جيڪي عزت جي غلط مفهوم سبب اڀرن ٿيون، ۽ جن سان ڪم تان ارواح کجي وڃي ٿو بلڪ اُن کان من ۾ ڌڪار پيدا ٿي پوي ٿي. هڪ استاد کي، جيڪڏهن هو استاد چوائڻ لائق آهي، هِنن سڀني ڳالهين کان بچڻو آهي- يعني حرص کان، غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم جي نٽ نٽاءَ کان. استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي خود اظهاريت جي اهڙي مسلسل ۽ اعليٰ جهاد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ٽن منزلن واري هڪ ئي راهه آهي، جنهن کي سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ جنهن سان هلڻو آهي: خود تنقيد جي راهه، جيڪا خودشناسيءَ ڏانهن نٿي ٿي، جنهن سان خود اصلاح جي نئين نت نئين منزل روشن ٿئي ٿي. عزيز ڀاءُ، تون اها راهه وٺ: انهيءَ راهه سان، استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي زندگيءَ ۽ تنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي توکي گهرج ڪانه رهندي.

هاڻي ٻه اکر، استاد طور تنهنجي اصلي ڪم بابت. تون جڏهن پنهنجي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهندين، تڏهن تون ڏسندين ته ٻار ڪلاس روم ۾ تنهنجي انتظار ۾ ويٺا هوندا. توکي انهن ٻارن سان ۽ انهيءَ ڪلاس روم ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪامياب ٿيڻو آهي. اِهي اُهي ٻار آهن، جن جون مائرون ۽ جن جا پيئر پنهنجن گهرن ۾، ٻاهر کيتن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ ۽ آفيسن ۾ ۽ ٻين جاين تي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن- ته زندهه رهڻ لاءِ ۽ زندگي ماڻڻ لاءِ توکي جن شين ۽ خدمتن جي گهرج آهي، ۽ جيڪي تون ڪم ۾ آڻين ٿو، اُهي شيون ۽ خدمتون هو پيدا ڪن ۽ تولاءِ موجود رکن. اُنهن ئي ماڻهن پنهنجا ٻچا توکي سونپيا آهن، جن کي هو اٿاه پيار ڪن ٿا، ته جيئن، موٽ ۾. تون پنهنجي حصي جو بار کڻين ۽ سندن ٻچن جي سنڀال لهين ۽ انهن کي پاڙهي پختو ڪرين. جيڪو معاوضو ماهيانه پگهار جي صورت ۾، توکي ملي ٿو، اُهو به اُنهن ماڻهن پاران توکي قوم ڏئي ٿي، ته جيئن تون ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪرين، جيئن هرڪو ٻيو- ڇا هاري، ڇا ڪاريگر، ڇا دڪاندار، ڇا منشي، ڇا سپاهي، ڇا ڪو رستي تي، ڪارخاني ۾ يا هيٺ ڌرتيءَ اندر ڪنهن اونداهيءَ کاڻ ۾ - ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪري رهيو آهي. هيءَ ڪم جي باهمي حصي رسي انساني سطح تي قائم مهذب زندگيءَ جو اصل روح آهي. ۽ جيئن ته هر ڪنهن جا ٻار آهن جيڪي هو پڙهائيءَ لاءِ اسڪول موڪلي ٿو، انهيءَ ڪري سڀني جون اکيون تو ۾ ۽ تنهنجي ڪلاس ۾ کتل رهن ٿيون- ۽ اُهي هر گهڙيءَ خوف ۽ اميد ۾ توڏانهن کڄيل آهن ته، استاد طور، شل تون پنهنجي ڪم ۾ سرخرو ۽ ڪامياب رهين! اهوئي سبب آهي، جو هرڪو تعليم جي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ ان جي ننڍين ننڍين ناڪامين تي راءِ زني ڪري ٿو. انهيءَ ڪري، سڀني ڌنڌن ۽ خدمت ڪاريءَ جي ڪمن ۾ تعليم هڪ ئي ڌنڌو، هڪ ئي ڪم آهي، جيڪو هرگز ناڪام ٿيڻ نه کپي. توکي ياد رکڻ گهرجي ته مائٽ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ مار کائڻ، وسارجڻ يا ڌڪاڻ جڻ لاءِ ڪونه ٿا موڪلين. تون انهن جي استاد طور اتي انهن کي پاڙهڻ، پيار ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ لاءِ موجود آهين. هائو، ٻار کي مانُ ڏيڻو آهي، پيار ڪرڻو  آهي، ۽ پاڙهڻو آهي، ته جيئن هو مٿي شروع ۾ بيان ڪيل زندگيءَ جا ٽي بنيادي قدر- عافيت، آزادي ۽ عزت- حاصل ڪري سگهي، جن جي حاصلات ئي تعليم جو اڪيلو ۽ سچوپچو مقصد آهي.

هڪڙي مشهور انگريزي چوڻي آهي ته ”ٻار ماڻهوءَ جو پيءُ آهي!“ ائين، ساڳئي خيال کان، چئي سگهجي ٿو ته ”ماڻهو ٻار جو ٻارُ آهي.“ ڪنهن وقت اسين سڀيئي، بالغ مرد ۽ عورتون، ٻار هئاسين. انهيءَ ڪري ٻار کي جيڪڏهن بالغن کان، وڏن کان، سکڻو آهي، ته اسان وڏن کي به اهو ڪجهه ورائي ياد ڪرڻو آهي، سانڍڻو آهي، بلڪ نئين سر ئي سکڻو آهي، جو ڪجهه ٻالجتيءَ ۾ اسان وٽ هو ۽ پڻ پوءِ به اسان وٽ شايد هو، پر وڏيءَ وهيءَ تائين ايندي ايندي اُهو اسين وساري يا مرڳوئي وڃائي ويٺا آهيون. ٻار جي معصوميت، ٻار جو تجسس ۽ ٻار جي مسرت- ٻار جي نرملتا، ٻار جي سونجهه ۽ ٻار جي خوشي- اچو ته اهي ٽي شيون اسين پنهنجن ٻارن کان وري سکون، جيڪي اسان جي آڏو تڏن تي، بينچن تي يا ڊيسڪن تي ويٺا آهن. اُهو استاد، جنهن جي من ۾ مسرت آهي، تجسس آهي، معصوميت آهي، اُن استاد ڄڻ آڏو ويٺل پنهنجن شاگردن سان يڪدليءَ جي تار کي توڻي ئي ڇيڙي ۽ ملائي ڇڏيو آهي، ۽ علم ۽ جذبي جي من کان من تائين لهر جي رسائيءَ لاءِ گهربل ڪڙي ڄڻ اڳي ئي اُنهن سان ڳنڍي ڇڏي آهي، جيڪي کانئس ٻڌڻ لاءِ تيار، وٺڻ لاءِ تيار ۽ وٺي پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار هئا- جو ڪجهه به استاد طور وٽس کين آڇڻ لاءِ موجود هو.

باقي، توکي، پنهنجي سامهون ويٺل اُنهن جوان ذهنن جي هڪ سڄاڻ ۽ روشن ضمير استاد طور، جو ڪجهه ڪرڻو آهي، سو اول هيءَ ته توکي معلوم ڪرڻو ۽ سمجهڻو آهي ته توکي ڇا پاڙهڻو آهي- يعني فوراً اُنهن کي ڪهڙو سبق توکي ڏيڻو آهي، ۽ پڙهائيءَ جو سڄو ڪيترو ڪورس يا رستو توکي اُنهن سان پورو ڪرڻو آهي؛ ۽ ٻيو هيءَ ته اهو سڀ ڪجهه توکي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن تون هڪ تربيت ورتل استاد آهين، ته توکي اڳي ئي چڱي ڪجهه ڄاڻ هوندي، ۽ وڌيڪ تون ان لاءِ وقت به وقت، پنهنجي هيڊ ماستر کان ۽ پنهنجن وڌيڪ لائق ۽ تجربي ڪار ساٿين کان پڇي ۽ معلوم ڪري سگهين ٿو، ۽ سڀ کان وڌيڪ ان لاءِ تون جنهن ڪلاس تي مقرر ڪيو ويو آهين، اُن جي درسي ڪتابن ۽ پڻ اُن لاءِ مقرر ٿيل ۽ لکيت ۾ تو وٽ موجود نصاب جي مطالعي مان به تون معلوم ڪري سگهين ٿو. مختصر کان مختصر لفظن ۾ توکي ان ڪم لاءِ هيءَ ئي صلاح ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪلاس ۾ پير رکڻ کان پهريائين توکي جو ڪجهه پاڙهڻو آهي، اُن جي پوري ڄاڻ، ۽ اُن جي پڙهائيءَ لاءِ پوريءَ طرح پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي. ڪلاس روم ۾، بلڪ سڄيءَ پنهنجيءَ تدريسي زندگيءَ ۾، استاد جي ڪاميابيءَ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪا فارمولا يا نسخو ٿي ئي نٿو سگهي.

انهيءَ ڪري، پوري يقين ۽ خود اعتماديءَ سان تدريس جي راهه ۾ پنهنجو قدم اڳتي وڌاءِ. هڪ نيڪ طبع، خيرپسند، ۽ خيرخواهه استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي آڏو هڪ تمام سٺو ۽ ڏاڍو ڪارائتو جيون مارگ موجود آهي.

[ڊسمبر 1971ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org