تو جنين جي تات ……
(ڪتاب ”اندر جنين اڃ“ جي مهورت جي موقعي تي
12-1-1981ع تي پڙهيل مضمون)
ڀيڻ ماهتاب، انگريزي ادب جي افسانوي، دنيا جي اُن
بيحد معصوم ۽ محبوب، سيڪڙاٽ ۽ شيدائي، نينگر
”الائيس“ وانگر، ماٺ ميٺ ۾، هيڪلي ئي هيڪلي،
پنهنجيءَ هِن ساڀيان واريءَ، رکيءَ سکيءَ دنيا مان
نڪري، هندستان جي ”ونڊر لئنڊ“ مان ٿي آئي، ۽ اُن
پنهنجي هيج ڀَرئي ۽ دل هڄائيندڙ سفر جو احوال
پنهنجي هن ننڍڙي پر وڏيءَ محنت ۽ من جي پوري
سَنيهه سان لکيل ڪتاب ”اندر جنين اڃ“ ۾ پاڻ ئي
ويهي اسان کي ٻڌايو اٿس.
اُتي هُن هڪڙي ٻي سنڌ به ڏٺي، جيڪا ئي هِن جي
”ونڊر لئنڊ“ هئي. انگريزيءَ جي شاعر رُوپرٽ بُروڪ
(Rupert Brooke)
پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هزارين لکين مارجي ويل
وطن جي جان نثار انگريز سپاهين بابت رچيل هڪ نظم ۾
ڪجهه هن طرح چيو هو ته ”جتي به ڪو انگريز سپاهي
پوريل هو، اُهو اسان لاءِ ننڍڙو انگلنڊ آهي!“ مون
پنهنجي هڪڙي مضمون ۾ ڪٿي لکيو آهي ته ”دنيا ۾ جتي
به ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آهي، اُتي اُهو سنڌي زبان
ڳالهائي ٿو، ته اها اتي اسان جي سنڌ آهي.“ اِنهيءَ
خيال کان، ماهتاب جيڪا سرحد پار سنڌ ڏٺي، اُتي ته
هينئر 25 لک سنڌي آهن – يعني پنج لک سنڌي
ڳالهائيندڙ سنڌي ڪٽنب – ته اُها ته پڪ ئي پڪ هُنن
جي ۽ اسان جي اصلوڪيءَ سنڌ ماتا جهڙي هڪڙي ٻِي سنڌ
ٿي. ۽ هيءَ ڪا سياست جي يا ڪنهن سياست بازيءَ جي
ڳالهه ڪانهي، انگلنڊ انگريزي ٻوليءَ جي ماتر ڀومي
آهي، ۽ انگريزي اڄ ڪئناڊا ۾، آمريڪا ۾، آسٽريليا
۾، ويسٽ انڊيز ۾ ۽ هنڌين ماڳين دنيا ۾ ڪيترن ئي
پاسي لکن جا لک ۽ ڪروڙن جا ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين
ٿا. پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي ديس جو ديس پريمي ۽
ديس شيوڪ آهي – ساهت ۽ سڀيتا جي ڏوريءَ سان، ادب ۽
ثقافت جي ڌاڳي سان دليون ڳنڍجن ٿيون، ملڪَ ڪنهن
کان ڪونه ٿا کسجن، جو ان ۾ اهڙي قسم جي خوف کان
ڪنهن جو هانءُ کاڄي سگهي!
ته اسان جي ڀينرُ، معصوم ۽ مسڪين طبع ماهتاب محبوب
کي هيءُ جو هندستان ۾ اُن ٻيءَ هڪ سنڌ جي ڏسڻ جو
موقعو مليو، سو واقعي هُن لاءِ پنهنجي نوع جو هڪ
نرالو موقعو هو، ۽ اُن جي سونهن ۽ ساڃهه، پريم ۽
شڙڌا، ويساهه ۽ من جي وشالتا، جيڪا هُن اُتي
پنهنجن همزبان ۽ قربدار ميزبانن ۾ ڏٺي، اُها هُن
پنهنجي هِن مختصر پر ڏاڍي هڪ پيرائتي سفرنامي ۾،
جيڪو سچ پچ به ته اسان جي ادب جو هڪ بي مثل شهپارو
آهي، اسان سان ويهي ونڊي آهي- ۽ اُن معرفت اُن
ٻيءَ سنڌ جي حيرتناڪ حسن ۽ ماڻهپي ۽ مريادا جي ڏسڻ
جو اُهو پنهنجي نوع جو نرالو تجربو اسان جي دلين
جي آڏو به هُن آڻي رکيو آهي- ۽ اُن لاءِ اسين سندس
تهدل شڪر گذار آهيون.
هن کان اڳ اسان وٽان، ماهتاب جهڙو ئي هڪ معصوم
روح، سرائي امداد عليءَ جي روپ ۾، پنهنجن ٻن ساٿين
سان، اُن سرحد – پار ٻيءَ سنڌ جي ديدار تي ويو هو،
۽ اُتان موٽي اچڻ تي هُن اسان کي اُتان جا سربستا
احوال ٻڌائڻ شروع ڪيا هئا، پر ٻن مضمونن کان پوءِ
وڌيڪ هُن جو سفرنامو اسان جي روزانه پريس ۾ ، ڪنهن
سبب، ڇپجي نه سگهيو. اسين هُن جي اُن پوري سفرنامي
جي ڪتابي اشاعت لاءِ اڄ تائين واجهائي رهيا آهيون.
بهرحال، ميرپور بٺوري جي سنگت هُن لاءِ هڪ آڌرڀائي
عام جلسو پوءِ ڪيو هو، جنهن ۾ آءٌ به وڃي حاضر ٿيو
هوس- هزارن ماڻهن جي اُن جلسي ۾ فقير امداد علي
سرائيءَ جيڪي اتان جي ويڳاڻيءَ سنڌ جون ڳالهيون
ٻڌايون هيون، ۽ جنهن مٺيءَ گفتار ۽ دل جي تنوار
سان اهي ٻڌايون هيون، اُنهن لاءِ منهنجي دل تي
بروقت لطيف سائينءَ جا هي لفظ ئي تري آيا هئا ته –
ڪِنهِين اَچي ڪا ڪَهِي، ڪِنهين اَچي ڪا چَئِي،
اَملُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئِي!
ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو منهنجو محترم دوست پير حسام
الدين راشدي هتي حيدرآباد آيو ۽ ڪتابن بابت ڳالهه
ڪندي، مون کي ٻڌايائون ته ماهتاب جو هيءُ سفرنامو
جڏهن کين مليو، تڏهن سڄي رات جاڳي اُهو پڙهيائون ۽
ٻئي ڏينهن هلي وڃي ماهتاب جي هٿن کي چمي آيا، جن
هٿن سان هُن اهو لکيو هو، خوش قسمتيءَ سان اُنهيءَ
ڏينهن سانجهيءَ جو گهر موٽيس، ته ڪتاب پنهنجي ميز
تي موجود ڏٺم- ۽ فوراً ان کي پڙهڻ ويهي رهيس. گهڻي
گهڻي رات ان کي پڙهندو رهيس ۽ وري وري دل مان
ڀٽائي گهوٽ جا ساڳيا اُهي دل ڀڄائيندڙ لفظ نڪرندا
رهيا –
ڪِنهين اچي ڪا ڪَهي، ڪنهين اچي ڪا چئي،
اَملُ ڀانيان اُن کي، ساڄن مون کي جا چئي!
هيءُ ڪتاب ”اندر جنين اُڃ“ آهي ته سفرنامو، پر
بيحد هڪ لائق افسانه نويس جي قلم جي پيداوار آهي-
اُڌمي ۽ اُتساهه، جذبي ۽ امنگ جون اُن ۾ صراحيون
اوتيل آهن- نثر اُن جو چٽو ۽ روشن، گفتگو اُن ۾
آيل اهڙي تُز ۽ ننڍن ننڍن تيز ۽ شوخ ٻولن واري –
بيانُ اُن جا اهڙا هنڌائتا، اهم ۽ اُڪيريل- ٻولي
اُن جي اهڙي ڇڙيل ڇنڊيل ۽ هڪدم دل ۾ گهر ڪندڙ، جو
سڄو ڪتاب ائين پيو معلوم ٿئي، جيئن اهڙن خاص خاص
ڪن واقعاتي ڳالهين لاءِ ئي چئبو آهي ته ”حقيقت
افساني کان وڌ حيرتناڪ آهي“، ته هيءُ ڪتاب سچ پچ
به ته اُن جو مثال آهي!“
هڪ ڳالهه، جنهن مون تي هن ڪتاب جي اهميت ۽ اعليٰ
ادبي حيثيت جو اثر ويهاريو- سا اُن جي خاص ڪردار
نگاري آهي. هونئن ته هيءُ ڪتاب ڪو ناول نه آهي،
افسانو نه آهي، پر اُن جي پڙهڻ سان ائين معلوم پيو
ٿئي ته اُن جا بيان ڪيل ماڻهو آهن ته واقعي سچا
پچا ۽ جيئرا جاڳندا، حقيقت جي دنيا ۾ رهندڙ ۽
هلندڙ چلندڙ ماڻهو، پر هڪُ هڪُ منجهائن اهڙي ته
پنهنجي پنهنجي، خاص هيڪلي ۽ مثالي ڪردار جو مالڪ
آهي، جيئن ڪنهن ناول نويس يا افسانه نويس اُهو ڪو
پنهنجي تصوراتي دنيا مان ويهي تخليق ڪيو هجي! ۽ ان
سان هيءُ ڪتاب سفرنامي مان ڦري هڪ شاهڪار ناول جي
صورت وٺي بيٺو آهي- جنهن ۾ ڄڻ سوين چرندڙ ڦرندڙ
انساني زندگيءَ جا طبعزاد ڪردار تخليق ٿي، پڙهندڙ
جي آڏو اچي بيٺا آهن- حالانڪه اُهي سڀ ساڀيان جي
دنيا جا سچا پچا، جيئرا جاڳندا ماڻهو آهن، هيءُ
حقيقت کي افساني ۾ بدلائڻ جو عمل، ۽ پوءِ به حقيقت
سان پوريءَ طرح سچو ئي رهي سگهجي، ادب ۾ تخليقي
عمل جي وڏي ڪاميابي شمار ٿئي ٿي. هِن کي چئبو آهي
عارضي شيءِ کي دائمي بنائڻ، فاني شيءَ کي لافاني
بنائڻ جو تخليقي عمل.
ڪامريڊ اتم جو پرعزم، صاف ۽ مجاهدانو ڪردار؛ مخلص
اديب موهن ڪلپنا جو اَجهل ۽ اُتساهيل روح؛ سنگيت
آچاريه ماستر چندر، هڪ بيحد نماڻو شخص، سڪ ۽ سوز
ڀريل دل رکندڙ، پر اڏول اهڙو جهڙو ڪو پُر وقار
پهاڙ؛ ۽ سندس پٽ مهيش چندر ”بلڪل بلڪل“، ”ضرور
ضرور“ جي غير شعوري ڪلام جو تڪيو ڪندڙ، نازڪ ۽
نرمل دل وارو ۽ من ۾ اٿاهه صدق ۽ سچائي رکندڙ ۽
پنهنجي ڪَلا جو گُڻونَت ڌُني؛ تکو تکو ڳالهائيندڙ،
”گانٺيا“ کي ”ڪاٺ جا“ اُچاريندڙ هري موٽواڻي، ڏاهو
۽ ڏور ڏسندڙ، ادب ۽ اديبن جو شيواڌاري؛ ماتاهيتي،
پريم ۽ شرڌا جي ديوي، سڀ جو خيال ڪندڙ ۽ پنهنجو
پاڻُ ارپيندڙَ، جنهن جي سڪ ۽ پريم جون اهڙيون ته
من کي چوريندڙ ڳالهيون ماهتاب لکيون آهن. جو پڙهي
اُن ديويءَ جي چرنن کي ڇهڻ تي دل پيئي ٿئي؛ دادي
هيتيءَ جي خدمتگذار ۽ پرخلوص نُنهن گوپي ۽ اُن جي
ننڍڪڙي ڌيءَ ”جيا“ جنهن کي ماهتاب ڪوڏ مان ”دفلي“
ٿي سڏي؛ سنڌي ادب جي ديوي سندري، جنهن پنهنجي
’ڪامريڊ‘ وَرَ کي پنهنجي نمرتا ۽ پتي ورتا سان
’پتي ديو‘ جو درجو مغز ۾ وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ ٻيا
ڪيئي اصولن جا پڪا، پنهنجي پنهنجي ڌُن جا سچا،
املهه انسان گوبند پنجابيءَ جهڙا، پوپٽي هيرا
ننداڻيءَ جهڙا، لعل پشپ، جئه وير، نارائڻ ڀارتيءَ،
پروفيسر ارجن شاد، وشنو ڀاٽيا ۽ واسديو نرمل جهڙا؛
۽ اصل رتي ديري جي رهواسيءَ، اسي سالن جي رٽائرڊ
سب انسپيڪٽر ديوان جُڙئي مل جهڙا، جيڪو سنڌ مان
آيل پنهنجيءَ هِن نياڻيءَ جي هٿن کي چمي، پنهنجي
اکين تي رکي، زار زار روئي ويٺو؛ ۽ ”ورانڊي ۾ پري
بيٺل، هڪ نماڻي چهري واري شڪارپور جي عورت“ جنهن
جون اکيون ماهتاب جي روپ ۾ پنهنجي ”سنڌ ڊوڙي، ڀاڪر
پائي اهڙو ته رُني، ايڏو ته رني، جو منظر سهڻ کان
ٻاهر نڪري ويو؛ ۽ سڀ کان وڌ سائين رام پنجواڻي،
منهنجو استاد، راڳي ۽ پنهنجي رمز جو صاحب، سنت ڪوي
۽ صوفي لاڪوفي، انهن ساڌن ۽ ساپرشن جي سنگ جو
سُڌپائتو ۽ ٻاجهو پونير، جن تاريخ جي ڪنهن دور ۾
هند جي ماڻهن کي سڪ، سُوز ۽ پريم جو ڌاڳي ۾ پُوئي،
هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي – پر سياست جو ڪروڌ ۽ ڌن
دولت جو لوڀ ۽ موهه سدائين اُها ڪوشش ناڪام
بڻائيندو رهيو – تان جو هند جي مسلمان جاگيري
مفادَ هندو سرمايه داري مفاد کان ڀَڄي ۽ پاڪستان
جي مسلمان جاگيري مفادَ هندو سرمايه داري مفاد کي
ڀَڄائي، پاڻ کي قلعبند ڪيو ۽ محفوظ بڻائي ڇڏيو –
ايتري قدر، جو اُن دولت ۽ اقتدار جي اڏيءَ تي عمل
۾ آيل ورهاڱي جي پهرئين ئي ڏينهن سنڌ جي هڪڙي
درديلي شاعر ٻنهي کي چئي ڏنو:
هي تنهنجو پاڪستان، هو تنهنجو هندوستان،
مون مفلس جو ڇاهي، جنهن تي آءٌ ٿيان نازان!
- مطلب ته ذهن جي روشنيءَ ۽ دل جي سجاڳيءَ سان
لکيل هن اعليٰ ڪتاب ۾ ايترن ته چڱن چڱن، اوچن اوچن
۽ سڪ، ساوَ ۽ سوز ڀريل دل رکندڙ ڪردارن جو ذڪر آيل
آهي، جيڪي سڀ حقيقي دنيا جا جيئرا جاڳندا، اسان جا
همزبان ڀائر اُتي اُن ٻيءَ سنڌ جا رهواسي، اسان جا
وڇڙيل هم وطن ساٿي آهن، جو هيءُ ڪتاب اسان لاءِ
اُن سرحد پار سنڌ جو هڪ صحيفو بڻجي، اسان وٽ آيل
پيو معلوم ٿئي.
هيءُ ڪتاب اسان سڀني لاءِ هڪ پيغام به رکي ٿو- سنڌ
ماتا جي رهواسين لاءِ، ۽ سرحد پار ٻيءَ سنڌ لاءِ
به. موهن ڪلپنا جي لفظن ۾ ”ڪلا سچ جي ڳولا آهي ……
سچُ ڪلا جو سنگهرش آهي… ٻنهي جي ٻاهران ڪجاڻي ۽
اندر فڪريءَ … مان هڪ اهڙو ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو،
جنهن سان منش جاتي امرٿي وڃي… اسان کي امن امان
سان ئي رهڻ گهرجي … مان هندستان پاڪستان جي پوري
عوام جي ڀلائي ۽ استقامت چاهيان ٿو. مان سموريءَ
انسان ذات جي نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جو خواهشمند آهيان.
مان سڄيءَ دنيا کي سائو ۽ ستابو ڏسڻ چاهيان ٿو –
اِهائي انسانيت سان محبت آهي، اهوئي سڀ کان اهم ۽
وڏو نعرو ۽ نظريو آهي.“
انگريزيءَ جي هڪ شاعر، جان ڊرنڪ واٽر، فڪر ۽ نظريي
جي هن آفاقيت ۽ زمين سان واڳيل هجڻ جي حيثيت ۾
وطنيت جي مڪاني پر عين انساني جذبي، يعني عالمي،
شهريت ۽ وطني شهريت متعلق ڏاڍو هڪ بي مثل ۽ املهه
خيال پيش ڪيو آهي – چوي ٿو:
”انسانَ منهنجا ڀائر – ويجها هجن، پري هجن،
”شال سڀيئي ڀائپيءَ جي ڏوريءَ ۾ خوش رهن –
”اِهائي سڄي منهنجي دعا آهي؛ سڀئي ويءُ ۽ سبزه زار
”روءِ زمين جا ۽،سج جي ڪوساڻ ۾ دلڪش ۽ سهانا آهن
”پر منهنجي اڳيان منهنجو ويءُ آهي؛
آءٌ ٻئي ڪنهن جي ويءُ جو تاڪائو ناهيان. سنڌ جا
ماڻهو، هِتي جا توڙي ٻاهر جي ٻيءَ سنڌ جا، جيڪي
لطيف سائينءَ جي تعليم۽ فڪر جا پرورده آهن، تن کي
آفاقيت ۽ وطنيت جي ڪنهن ٻئي وياکياڻ يا ڪنهن ٻيءَ
تبليغ جي ضرورت ئي ڪانهي- هو اُنهن ٻنهي انساني
اُمنگن جي الڳ الڳ اهميت ۽ انهن جي ڌار ڌار عمل ۽
اختيار جي دائري کان واقف آهن. هُنن لاءِ لطيف جي
هيءَ دعا اِن سلسلي ۾ ڪافي آهي:
”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
”دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!“
اسان سڀني کي احساس آهي ته اسين جيڪي هتي آهيون ۽
اسان جا اڳوڻا هم وطن ڀائر جيڪي هُتي آهن، سي ڏاڍن
ڪن مشڪل مسئلن سان دوچار آهيون ۽ پنهنجي پنهنجي
مخصوص حالتن هيٺ اسين بيحد دکي آهيون. پر اسين
پنهنجا مسئلا حل ڪنداسين ۽ اسان جا دک لهندا.
منهنجي استاد، سائين رام پنجواڻيءَ، جو پڙهيل
دعائيه ڪلام ان سلسلي ۾ اسان جي دلين کي آٿت ڏيڻ،
اسان جي ايمان کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسان جي همت ۽ حوصلي
کي بحال رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪافي آهي. هيءُ دعائيه
ڪلام به ڀيڻ ماهتاب جي ڪتاب ۾ درج آهي، جيڪو سائين
رام پنجواڻيءَ، ماهتاب جي هڪ آڌرڀائي جلسي ۾
پنهنجي موتين جهڙن املهه گفتن سان ڀريل تقرير جي
دوران پڙهيو هو. اسين جڏهن پنهنجن مسئلن جي سختيءَ
۽ پنهنجن دکن جي ڏاڍ کان پاڻ کي لاچار ۽ بيوس
سمجهون ۽ آڏو ڪا رڪاوٽ ڏسي، ششدر ٿي، رڪجي بيهون،
تڏهن اسان کي هيءُ دعائيه ڪلام اڳتي وک کڻڻ لاءِ
اُتساهي سگهي ٿو ۽ اسان ۾ اُدم ۽ جاکوڙ جو نئون
ساهه ڦوڪي سگهي ٿو –
ڪلام آهي ته –
”ڪشت ڪشالا ڪٽبا ايندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي؛
”درد خوشين ۾ مَٽبا ويندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي؛
”خشڪ فضائون پوريون ٿينديون، اري نيٺ بهارَ به
ايندا؛
”مُرڪي مُرڪي لُڙڪ ”وفا“ اکڙين ۾، جي پِي ويندين؛
”راوڻ جي گهٽ گهيڙن کان واقف ٿي جي ويندين؛
”مکڙيون اڄ جي آتيون آهن، نيٺ به گل ته ٿيندا؛
”ڪنڊن جي سيجا تي پشپ پريون به ليٽيل آهن؛
”ڪڪرن جي آنچل ۾ ڪرڻا به سميٽيل آهن؛
”غم جا بادل گهٽبا ويندا، هڪُ هڪُ ٿي هڪُ هڪُ ٿي.“
ڀيڻ ماهتاب جي هن ڪتاب جون ٻيون به ڪيتريون ئي
ڳالهيون آهن، جن تي اسين سوچي سگهون ٿا ۽ جن کي
اسين پنهنجي من ۾ سانڍي سگهون ٿا: مثلاً رڳو آزاد
۽ بيخوف ماحول کي ڏسجي ته پنهنجن مهمانن کي اُتي
هو ڪيڏيءَ نه بي روڪ ۽ بي ٽوڪ محبت ۽ وشال خوشيءَ
سان ملي سگهن ٿا ۽ پوريءَ دلجمعيءَ سان هنن جو آڌر
ڀاءُ ڪري سگهن ٿا- اڪيلا اڪيلا ۽ پڻ گڏجي گڏجي!
اسان جي به دل جي خواهش آهي ته اسان وٽ هِتي
وٽانئن ڪو اسان جو مهمان ٿي اچي ته اسين به اُن جو
اهڙو ئي ڀرپور ۽ پنهنجي پوري اختيار سان ايترو ئي
بلڪ اُن کان به وڌيڪ دلي اُڌمي سان آڌر ڀاءُ ڪري
سگهون.
مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب جا اسان جا سڄاڻ
پڙهندڙ پنهنجيءَ فرصت ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي خيال ۽
دلي ذوق جي روشنيءَ ۾ اُن جو پورو مطالعو ڪندا ۽
ائين سرحد پار اُن ٻيءَ سنڌ جي دل جو آواز به
ڪنائي سگهندا ۽ اُن جي زندهه ۽ ڪومل روح جي
خوشبوءِ محسوس ڪندا ۽ ماڻي سگهندا.
مون کي پڪ آهي ته ڀيڻ ماهتاب جو هيءُ ڪتاب ”اندر
جنين اُڃ“، ادبي توڙي فڪري لحاظ کان، دنيا جي
اڄوڪي عالمي ادب ۾ وڏو درجو لهندو ۽ اعليٰ قدر جي
نگاهه سان ڏٺو ويندو.
[1981ع]
اديب، ادب ۽ سچ جي تلاش
(حميد سنڌيءَ جي ڪتاب ”ويريون“ جي مهورتي جلسي ۾،
تاريخ 10 سيپٽمبر 1981ع تي پڙهيل تقرير)
شروع ڪريون ٿا ڪتاب جي نالي سان، جو بيحد مناسب ۽
نهايت معنيٰ وارو آهي! ڪتاب جو نالو آهي ”ويريون“
– جنهن جي معنيٰ ”وِيڇا“ انگريزيءَ ۾ اُن کي
Alienations
(يا، واحد جي صيغي ۾ رڳو
Alienation
ٿو چئجي.) هيءُ لفظ
Alienation
مغرب جي دنيا جو، ادب ۾ تنقيد ۾ خاص طرح، ۽ عمومي
طور علوم انسانيه
(Humanities)
۾، داخل ٿيل نئون اصطلاح آهي. مغرب وارا پنهنجي
علمي ڳالهين ۾ ائين نئين سج نوان اصطلاح ميدان تي
آڻيندا ئي رهندا آهن – ڇو ته ائين هو پنهنجي ڳالهه
کي زور به وٺائيندا آهن ۽ صاف به ڪندا آهن - ۽ اها
لفظي يا اصطلاحي چٽائي، حال ونڊڻ يا حالي احوالي
ٿيڻ جي مسئلي
(Problem of communication)
جي بنيادي ضرورت به آهي. سو، پنهنجي ڪتاب لاءِ هن
نئين نڪور ۽ بنهه جديد قسم جي نالي جي انتخاب ڪرڻ
تي اسين صاحب ڪتاب کي شاباس ضرور چونداسين.
اسان جو نوجوان يار، حميد سنڌي، هونئن به ڏک ڏيڻ
جو ۽ جس وٺڻ جو ڪاريگر آهي – جا ڳالهه هن مان ظاهر
آهي ته ڪتاب جي آخر ۾ هڪ رايو مخالفانه ۽ ڏهه رايا
موافقت ۾ اڳو پوءِ آڻائي ڇڏيا آٿس. تنهن کان
سواءِ، شروع ۾ ناشر طرفان ”ٻن اکرن“ ۾، 1960ع کان
شروع ٿيل ”روح رهاڻ“ کي ”سنڌي ادب ۾ نون لاڙن جي
علامت“ چئي، ۽ اها ڳالهه ٻڌائي ته ”اڄ به انهيءَ
جا پيدا ڪيل اديب اهوئي ادب پيش ڪن پيا، جيڪو وقت
جي ضرورت پئي رهيو آهي ۽ ڪنهن به دؤر ۾ مرڻو
ناهي.“ ۽ خود پنهنجي طرفان پنهنجي ادبي پنڌن ۽
لاڙن کي ”اڻاوا پنڌ- اڻاوا لاڙا“ چئي ۽ پنهنجن
”ساٿيئڙن ۽ سانگيئڙن“ کي للڪاري ته هو کانئس ”ههڙن
اڻاون پنڌن ۽ لاڙن ۽ اڻائو واءُ ڏسي، منهن نه
موڙيندا“ – سواءِ کيس ان سڄيءَ ڪاهو ڪاهه تي آفرين
۽ جس ڏيڻ جي اسان لاءِ ڪا ڳلي به ڪانه ٿي رهي.
انهيءَ ڪري اهڙيءَ ڪنهن خاص ۽ تفصيلي ڳالهه ڪرڻ
بدران، آءٌ اوهان کان هتي هڪ عمومي ڳالهه ڪرڻ جي
اجازت ٿو گهران.
انگريزيءَ ۾ چوڻ آهي ته
"There is nothing new on this earth"
– يعني ”هن ڌرتيءَ تي ڪابه شيءِ نئين ڪانهي.، شين
جي سلسلي ۾ ته اها ڳالهه پڌري آهي، پر علم ۽ هنر
لاءِ به ائين آهي – جيئن اوهان ٻڌو هوندو ته روشني
ڇا آهي- بس، اوندهه جو هٽي وڃڻ، يعني روشني ته
موجود هئي، رڳو اوندهه هٽائي ان کي دريافت ڪرڻو يا
پڌرو ڪرڻو هو. سچ به ائين آهي. ۽ انهيءَ معنيٰ ۾
ته ”مائيڪل ائنجيلو“، جنهن کي يورپ جي ”نئين
سجاڳيءَ جي دور“ جي پهرين آواز ڏيندڙ فنڪارن جي
سرواڻن سان ليکجي ٿو، چيو هو ته ”سنگمرمر جو جيڪو
شاهڪار آءٌ تراشيان ٿو، سو سنگمرمر جي ڇپ ۾ اڳي ئي
موجود آهي – آءٌ رڳو ان ڇپ جون زائد ڇپون ڇيڻيءَ
سان ٽڪي، پري ڪري ٿو ڇڏيان، ۽ اها سهڻي من موهڻي
مورت نڪري ظاهر ٿِي ٿي پوي!“ مطلب ته ائين اهو لفظ
Alienation
به، انگريزيءَ ٻوليءَ يا ٻين يورپي ٻولين ۾،
لاطيني ٻوليءَ جي بنياد جو، (فرينچ ٻوليءَ ۾
Aliene
۽ اسپيني ٻوليءَ ۾
Alienado،
بمعنيٰ چريو، ٿڙيل) اڳي ئي موجود هو، جنهن جي
معنيٰ ويڇو، علحدگي، بيگانگي، بيزاري (بلڪ پاڻان
وڃڻ، چريائي ۽ مالڪ يا ڌڻيءَ جي تبديل يا ڦيرو به)
هئي، ۽ اڄ به ان جون معانئون اهي آهن، ۽ انهيءَ
معنيٰ ۽ مفهوم وارا اهي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ به
اصل کان موجود رهندا آيا آهن. جڏهن ته هيءُ لفظ،
سوڌجي سنوارجي، مغرب ۾، ادب ۽ علم جي دنيا جو هڪ
فني اصطلاح بڻيو، تڏهن ان جا نه رڳو اهي سڀئي
مفهوم قائم رهيا، پر انهن ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ وسعت
آئي ۽ ان جو نئون مطلب ٿيو: ”پاڻ کان يا پنهنجي
وجود سان واڳيل مقصد يا دنيا کان ڇڄي وڃڻ، انهن
کان بيزاري يا ويڇو، پاڻ وڃائي ڪنهن ٻي شيءِ ۾ پاڻ
ڏسڻ، پنهنجي راءِ يا مرضي ڇڏي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ يا
شيءِ جي راءِ، مرضي يا تقاضا سان وابسته ٿيڻ يا ان
جو پاڻ کي باندي بنائڻ“ – اهو پنهنجي ضابطي مان
نڪري ٻئي جي قبضي يا ضابطي ۾ اچڻ، يعني هڪ ناتي
ٽٽڻ ۽ ٻئي ناتي جڙڻ جو معاملو مختلف مرحلن ۾،
مختلف سببن ڪري، ۽ مختلف نوعيت جو ٿئي ٿو، ۽ ادب،
علم ئي ان جي اثر بابت مغرب جي دنيا ۾ ته ڪيئي
ڪتاب لکجي ويا آهن.
هتي پهريائين جتي اسان پنهنجي ڳالهه ڇڏي هئي، يعني
”جس کٽڻ ۽ جس وٺڻ“ جي ڳالهه – ان سلسلي ۾ هن ناتي
بدل، علحدگيءَ يا پاڻان وڃڻ بابت هيئن چئي سگهجي
ٿو ته جنهن مقصد يا ان جي ڪم مان جس – دل جي يا
ٻاهرين – ملڻي هجي، ان مقصد يا ڪم کان، ڪنهن به
سبب ڇڄي، علحده ٿي، رڳو ان سان لاڳاپيل يا ان کان
متوقع جس جو هيراڪ، عادتي ۽ عاشق بنجي، ان جي سڪ ۾
پاڻ وڃائي ڇڏجي – بجاءِ ذهن ۽ دل تي مقصد ۽ ڪم جي
ڌُن يا تصرف هئڻ جي، ان جي رڳو جس جو باندي بنجي
وڃجي- اها آهي انگريزي ٻوليءَ جي جديد علمي اصطلاح
Alienation
جي معنيٰ واريءَ ناتي بدل يا بيگانگيءَ جي هڪ صورت
– بيگانگي (وِيري يا وِيڇو) پنهنجي وجود کان،
پنهنجي آزاد ارادي يا مرضيءَ کان، پنهنجي دلي مقصد
۽ ان جي ڪم کان، ۽ وابستگي (يا لڳاءُ) پنهنجي
وجود، پنهنجي مقصد يا ڪم کان ٻاهر ڪنهن ٻيءَ شيءِ
سان، ڏکِ يا ڏيکاءُ به اتان ٿو شروع ٿئي. منافقت،
موقع پرستي ۽ فرار به اتان ۽ غداري يعني مخالف ڌر
جي بعيت ۽ ٻانهپ ۽ پنهنجي بنيادي سِرسيتاين ۽
وفادارين جي مٽ سٽ به انسان تي سرجي. پنهنجي شخصيت
جو قدر به ختم ۽ پنهنجي ذاتي جوهر شناسيءَ يا خود
آگهيءَ جا سلسلا به ختم، ۽ ماڻهو پاڻ يا پنهنجي
ذات کان ٻاهر، پنهنجي ئي گهڙيل ٺاهيل، بيڪار ۽
بيسود ڪنهن ڳالهه، شيءِ، ”بُت“ جي ٻيلپڻي ۽
پرستاريءَ ۾ پنهنجو قدر ۽ پنهنجو شان ڳولي ٿو، ۽
سمجهي ٿو ته اُهو ائين کيس ملي به ٿو. انهيءَ طرح
هو پاڻ کان پري ٿي، پاڻُ وڃائي، هڪ آزاد ۽
خودمختيار انسان مان ڦري محتاج ۽ غلام بنجي پوي
ٿو.
اڄ اسان جي ادب ۽ علم جي ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترا
پراڻا فرد ۽ ادارا انهيءَ ويڇي يا بيگانگيءَ جي
ڪرشمي جا شڪار آهن، ”پيڙهي وڇوٽيءَ“
Generation Gap
جي ڏيکاءَ جو سطحي منطق به اتان اُپجي ٿو – ڇو ته
نئين نسل جا جوان هڪ ته ايترو وڌي آڏو آيل نه
هوندا آهن، ۽ ٻيو ته زندگيءَ جي مجبورين ۽ مفادن
جي وابستگين تان گهڻي قدر آزاد هئڻ سبب اُهي
پنهنجي ذات سان زياده وفادار ۽ پنهنجي راءِ يا
مرضيءَ سان وڌيڪ لاڳاپيل رهن ٿا، ۽ ٽيون ته هو اڃا
پنهنجن مقصدن ۽ اصولن جي ڳولا ۾ هوندا آهن –
تنهنڪري انهن جي ”ناتي بدل“ يا علحدگيءَ جي عمل جو
دور شروع ئي ڪونه ٿيل هوندو آهي. انهيءَ ڪري
علحدگي، ناتي بدل يا وفادارين جي مٽ سٽ جا مثال
وڏيءَ پيڙهيءَ ۾ تعداد ۾ به وڌيڪ ۽ منظر عام تي به
وڌيڪ ايندا رهن ٿا.
علحدگيءَ جو شڪار شخص مطمئن ڪونه ٿو رهي، ڇو ته هو
پاڻ کان به پري ٿيل ۽ ڌار آهي ۽ ٻين کان به – يعني
پنهنجي سڄي ماحول کان – ذهني توڙي طبعي حالات ٻنهي
کان: بيزاريءَ ۽ ڌاريائپ جي ان فضا ۾ هو نراسائيءَ
(مايوسيءَ، ويڳاڻپ) جو شڪار ٿئي ٿو، يا نموديت جو،
يا نامعقوليت جو. هنن ٽنهي ڪيفيتن ۾، هو تنگ ۽
بيواهو ٿي، نيڪ ۽ بد جو فرق وساري، خون وهائڻ
تائين به، ۽، ديوانگيءَ ۾ پهچي پاڻ کي سڃاڻڻ کان
ٻاهر ٿي هو آتم هتيا تائين به، پهچي ٿو. علحدگيءَ
جو شڪار شخص ڌرتيءَ تان مٿي هلڻ گهري ٿو. يعني هن
جا مقصد به غير معقول، اميدون به غير معقول ۽ انهن
جي حاصلات لاءِ هن جون ڳالهيون ۽ ڪم به نمودي يا
غير معقول ٿين ٿا. هو پاڻ کي ۽ پنهنجي صورتحال کي
غير معمولي ٿو سمجهي، ۽ ماحول تي ڌاڪ ويهارڻ ۽ پاڻ
کي ڪا شيءِ ثابت ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾، خرچ پکي ۾،
ڪپڙي لٽي ۾، هلت چلت ۾، هو پنهنجي آس پاس کي حيرت
۾ وجهڻ گهري ٿو، ۽ پنهنجي ان عمل ۽ ڳالهين ۾ ممڪن
۽ ناممڪن جون حدون لتاري، پڇاڙيءَ ۾ دنيا کي خود
پنهنجي برباديءَ ۽ موت جو ناٽڪ رچائي ڏيکارڻ لاءِ
به تيار ٿي وڃي ٿو. اهي عمل علحدگيءَ جي شڪار ٿيل
شخصن جا هروڀرو ۽ هر حالت ۾ ايڏي انتها تائين يعني
جيون هتيا يا آتم هتيا تائين نٿا پهچن. بلڪ وڏي
انهن جي اڪثريت پوريءَ ديوانگيءَ تائين به ڪانه
پهچندي آهي. ڇو ته زندگيءَ ۽ ان جي رڳو موجود هجڻ
جي لطف ۽ مسرتن جي ڪشش يا تقاضا کين مطلقاً پاڻ
مان هٿ ڪڍڻ جي اجازت يا وٿي ڪانه ٿي ڏئي. ۽ پوءِ
هو جڏهن هڪ منزل تي پهچي ترسن ٿا يا ڪجهه موٽ
کائين ٿا، تڏهن پنهنجي ۽ ٻين جي قدر کان خالي ۽
مقصد کان هٽيل پنهنجي زندگيءَ کي هو صرف
”ڪاميابيءَ جي بُت“ تي نڇاور ڪري ڇڏين ٿا –
ڪاميابي، جنهن جي معنيٰ وٽن خوش پوشي، خوش خوراڪي
۽ خوشحاليءَ کان سواءِ ٻي ڪانه هوندي آهي - ۽ ان
لاءِ هو پنهنجي نراس ۽ ٿڪل ذهن کي پنهنجي صفائي ۽
جذباتي بليڪ ميل لاءِ، نمودي صلاحيتن کي پنهنجن
اقتداري آقائن جي رضا جوئيءَ لاءِ ۽ نامعقول
ڳالهين ۽ حرڪتن کي انهن جي ۽ پنهنجي خوشطبعيءَ ۽
خسيس عيش ڪوسيءَ ۽ خوش وقتيءَ لاءِ استعمال ڪندا
آهن.
نراسائي
(Despair)
ڏِک يا نموديت
(Dandyism)
۽ نامعقوليت
(Absurdism)
دراصل پنهنجي ماحول جي ڏنگائيءَ ۽ ڏاڍ کان
بيزاريءَ جو اظهار آهن. ڪٺور ۽ ڪُرِيتيءَ ماحول
کان بيزاريءَ جو اظهار يا ان جو ردعمل، انفرادي ۽
پڻ سماجي، هڪ ٻيو به ٿيندو آهي، جنهن کي بغاوت
(Rebellion)
جو ردعمل چئجي ٿو. ۽ هيءُ بغاوت جو ردعل ئي، فرد
جي حالت ۾، اثباتي، مقصد وارو ۽ قدر ڀريل زندگيءَ
جي فروغ ۽ ترقيءَ جي جامع انساني ڪوشش ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ٿيڻ ۾ جنبي وڃڻ لاءِ هائوڪاري ردعمل آهي.
اديب، ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي قدر کي سمجهڻ وارو،
سيکارڻ وارو ۽ وڌائڻ وارو هڪ سياڻو سگهارو ۽ خاص
ماڻهو آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪم ۾ بغاوت جي
ردعمل جي پرورش ڪري ٿو ۽ ان لاءِ هو پنهنجن
افسانن، ڊرامن، شعر شاعريءَ ۾ ٻيءَ هر ادبي پيشڪش
۾ اهي ڪردار اپائي ٿو ۽ سندن اهي امنگ ۽ خيال
اڀاري ٿو، جيڪي بغاوت جي ردعمل جا ترجمان هجن ۽ ان
جي پارن پتن ۽ نقشن نشانن جا ٻڌائيندڙ هجن ۽
ڏيکاريندڙ هجن.
دنيا جي هر اعليٰ ادب، ۽ اسان لاءِ خاص طرح اسان
جي سنڌي ادب، جو بنيادي شان ۽ سچي فضيلت انهيءَ هڪ
چوڏس انساني ترقيءَ جي محرڪ روايت ۾ موجود رهي
آهي- يعني هِن روايت ۾ ته ”ماحول جي فريب ۽ تشدد،
ڏيک ۽ ڏاڍ جي خلاف بغاوت جي ردعمل جي پرورش زنده
رهي.“ اسان جي دانشمند ۽ سڄاڻ شاعر، شاهه
عبداللطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ باغي ڪردار تخليق
ڪيا آهن، جيڪي ”حقيقتن کي بدلائي نين حقيقتن کي
قائم ڪرڻ“ جو حوصلو ۽ همت رکندڙ هئا ۽ اُنهيءَ
اعتماد ۽ اميد ۾ هنن خوشيءَ سان وڌي موت کي به
قبوليو ٿي. شاهه سائينءَ پنهنجي سڄي رسالي ۽ رسالي
جي سڀني سُرن ۾ ڪوبه نراس، نمودي يا نامعقول ڪردار
تخليق ڪونه ڪيو آهي. سندن سڀ ڪردار انسانيت جي
اعليٰ قدرن جا حامي، ڪوڙ ۽ ڏاڍ جا باغي، خوددار ۽
باوقار، ڪوشش ۽ ڪم جا پتلا، پنهنجي منزل تي پهچن ۽
مقصد عظيم جي حاصلات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه
چاهيندڙ – پنهنجي ارادي ۽ مرضيءَ جا اڏول محافظ،
انساني زندگيءَ جي احترام ۽ ان جي پاڪ نعمت جا هر
طرح لائق، مڪرم ۽ محترم، فاني ۽ لافاني عام انسان
هئا.
شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ نراسين، نموديت ۽
نامعقولن جو به ذڪر ڪيو آهي، پر مزاحيه انداز ۽
ادا سان نه، فقط ملامت طور، ۽ کين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ
لاءِ – مثلاً انهن لاءِ چيائون ته:
انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کائيين؟
اسان ڏکي ڏيل ۾، تون پيارين پيڄ!
تَنَ طبيبُ نه تون، سڌ نه لهين سور جي،
سانڍ پنهنجا ڍڀڙا، کڏ کڻي مَ ڀون …
جي تو سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پَئي مَ ڪنجهه،
سپريان جي سُور جو، ماڻهن ڏجي نه منجهه …
پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ،
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
ڌُوڌا تون ته ڌئنين آڳ اوڏو نه وڃين،
اُلا، جي عشق جا، سي تان تون نه سهين،
اُڀو ائين چئين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان!
صوفي چائين، سَڌَ ڪرين، صوفين اِيءَ نه صلاح،
ڪاٽي رک ڪلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾.
اکر پڙهي اڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪماءِ؟
پيرئين، ڀانئيين، ايڏان ائن نه آءُ،
ورق ورائين وِترا، مُلان مُٺيئي ماءُ……
جئن جئن ورق ورائين، تئن تئن ڏٺو ڏوهه،
تنهن ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه، جي رهڻيءَ رهيو نه سپرين؟
عاشق ائين نه هُوءِ، جيئن تون سڄين آڱرين،
اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇُتي رت نڪري.
منهن ۾ محبوبن جا ڪئن جهليندين گهاءُ؟
سو تون ڪڄاڙياءُ، سڪڻ جون سڌون ڪرين!
سڪڻ ائين نه سَڌَ، جيئن لڪيو لياڪا پانئين،
پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ،
ايءَ پڻ ڪوڙي سڌَ، جئن کليو کايو سُمَهِين.
سڌڙيا شراب جون، ڪُهُه پچارون ڪن؟
جُههُ ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن!
آيل اُن نه وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين…
جان وڍئين تان ويهه، نه ته ويٺو واٽ ونئن تون!
م ڪر سڌ شراب جي، جي تون ٽاريين ٽوههُ…
جوڳ نه جوڳو تون، ڪرين پچارون جوڳ جون!
جان ڪي جوڳي ٿيءُ، تا ته نرڄا ونئن نڪري،
ڪوهُو ٿو ڪَنَ ڪپائيين، جان نه سهين سيءُ!
ڀڄ! پراهون ٿي، متان ٻيا لڄائيين.
گولاجي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل سي ڦوڳي، جن شڪم سانڍيا.
وغيره، وغيره، وغيره.
هاڻي، ڳالهه جو ختمو وري به ڪتاب جي ذڪر تي ڪريون
ٿا: ”ويريون“ ڪتاب جو مصنف، اسان جو عزيز دوست
حميد سنڌي اسان جو هڪ محترم ۽ جاندار اديب رهيو
آهي، ۽ سنڌي ادب جي بنيادي شان ۽ فضيلت جو شناسو،
۽ ان جي باغي روايت جو وارث آهي. پنهنجي هن ڪتاب
جو نالو، جو هن ”ويريون“ رکيو آهي. تنهن لاءِ آءٌ
هن کي شروع ۾ ئي مبارڪون ڏيئي چڪو آهيان- ڇو ته
انساني ماحول جون ٺاهه ٺڳيءَ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ، چٺ ۽
لٺ، ڏٽي ۽ ڏنڊي، ڌوڪي ۽ دٻاءَ، فريب ۽ تشدد سان
قائم ڪيل ۽ قائم رهندڙ اهي ويريون ۽ ويڇا، فرق ۽
علحدگيون، جيڪي مختصر افساني جي ادبي ڍنگ ۽ ادا
وسيلي پاڻ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، تن سڀني کي
ختم ڪرڻ، ۽ انهن جي جاءِ تي انساني برادريءَ جي
اُها سڀ جي خير واري ۽ سڀ کي سک ۽ خوشي ڏيندڙ
عمارت قائم ڪرڻ، جيڪا سڀني جي آزاد راءِ ۽ باهمي
مرضيءَ تي بيٺل هجي- ادب جو ڪارج آهي ئي انهيءَ ڏس
۾ ٿيندڙ ڪم ۽ ڪوشش جي حمايت ڪرڻ، اُن ۾ حصو وٺڻ ۽
اُن کي وڌائڻ، لائق مصنف جو هيءُ ڪتاب افسانن جو
مجموعو آهي، جن سڀني ۾ هن ڪيئي ڪردار ۽ انهن جا
امنگ ۽ خيال، ڪافي دلپذير ۽ محبوبانه انداز ۾ پيش
ڪيا آهن. منهنجي خيال ۾ ”ويريون“ افساني جو ڪردار
اوستو شمس الدين باغي ڪردار آهي، ”ڌوپار“ جو
”باشو“ باغي آهي. ”روشن اونداهه“ افساني جو ڪردار
”ريشان“، ”ست پٽيتي“ ڀاڳل – مطلب ته ائين پڙهندڙ ۽
سندن لائق مصنف پاڻ ۾ اهي افسانا پيا پڙهندا.
سمجهندا ۽ انهن ڳالهين جا فيصلا ڪندا. ڪي ڳالهيون،
ڪي ڪردار، حميد دوست جي هنن افسانن ۾، نراسائيءَ،
نموديت ۽ نامعقوليت جي ترجماني ڪندڙ به مون کي
لڳا- ۽ ڪن جي پيشڪش جو انداز پورو علامتي به ڪونه
لڳم. پر انهيءَ تفصيلي تجزيي جو ڪم هتي منهنجي وس
کان ٻاهر آهي، ڇو ته ان جو هيءُ نه موقعو آهي نه
وقت. هيءُ ڪتاب جي مهورت جو يعني هڪ صورت ۾ ان جي
ڏِک جو موقعو آهي، ۽ هاڻي هن نشست کي ٿيندي ٿيندي
دير به ڪافي ٿي چڪي آهي.
البت افسانه نويسيءَ جي سلسلي ۾، بنيادي قسم جي
ڳالهه طور، آخر ۾ هي به چئي سگهجي ٿو ته افسانن جي
موضوع جي تلاش، سماجي مسئلن جي چونڊ ۽ انهن جي
وجود ۽ اظهار جي سماجي جڳهه ۽ جڙت جي دريافت –
جيڪا لٿي پٿي خود افسانه نويس کي ڪرڻي آهي ۽ هو ئي
ڪري ٿو، ان جو مدار خود هن جي پنهنجي سماجي
وابستگين ۽ حالات تي رهي ٿو. جيترو ڪو اديب
زندگيءَ جي ويجهو ويندو ۽ ان جي وسيع ڪينواس تي
نظر رکندڙ هوندو، اوترو هن جا موضوع ۽ انهن جا
اظهار ڪارائتا ۽ جاندار هوندا. اهڙيءَ طرح اسان جي
هن انساني دنيا جا ڪي سماجي موضوع، ڪي مسئلا ۽ ڪي
انهن جا ڪارج، لاڳاپا ۽ عوامل اهم ٿين ٿا ۽ ڪي غير
اهم، ڪي گهٽ اهم ۽ ڪي وڌ اهم، ڪي وقتائتا ۽ ڪي بي
وقتائتا ٿين ٿا. افسانه نويس کي پنهنجي موضوع جي
چونڊ ۽ ان جي اظهار لاءِ ان بنيادي ڳالهه جو خيال
بهرحال ڪرڻو ئي پوي ٿو ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي. انهيءَ
سلسلي ۾ مون تازو هڪڙي انگريزي اديب ۽ نقاد جو
ڏاڍو دل ۾ گهر ڪندڙ هڪڙو خيال پڙهيو، جيڪو هتي، هن
موقعي تي، ۽ جيڪا مون مٿي ٿوري تفصيلي هڪ عمومي
ڳالهه ادب ۽ تنقيد جي علمي دائري ۾ ”ويرين“ يا
”علحدگين“ جي مسئلي بابت، ۽ ان جي حوالي سان اديب
۽ دانشور جي سماجي ديانتداريءَ ۽ سرسيتائيءَ بابت،
پيش ڪئي آهي (جنهن جو ڪو خاص تعلق، آءٌ معترف
آهيان، هن ڪتاب سان يا ان جي لائق مصنف سان ڪونه
هو)- ان جي پيش منظر ۾ اوهان کي انهيءَ دانشمند
انگريزي اديب ۽ نقاد جو اهو خيال پڙهي ٻڌائڻ ضروري
ٿو سمجهان.
هيءَ خيال هڪڙي آمريڪي عالم پال بازن
(Paul Bazan)
جو آهي، جيڪو هن پنهنجي هڪڙي مضمون ۾ پيش ڪيو،
جنهن جو حوالو هڪڙي ٻئي ڪتاب
Bangla Desh- The Unfinished Revolution جي پيش لفظ ۾ تازو منهنجي نظر مان گذريو ۽ ايترو مون کي وڻيو،
جو هِنن ئي ٿورن ڏينهن ۾ اُن خيال کي آءٌ هڪڙي
پنهنجي ٻئي مضمون ۾ به آڻي چڪو آهيان- پر سوچيان
ٿو ته جڏهن ڪُوڙ اڄ ايڏو پيو ڪُٽجي تڏهن سچ ڳالهه
ڇو نه وري وري ٻڌائجي ۽ نشر ڪجي!
بازن، پنهنجي مضمون ۾، چوي ٿو: ”دانشور جو دلي
لڳاءُ يا هن جي سر سيتائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي،
سچ جي تلاش جي فرض سان آهي … پر انهيءَ چوڻ سان
جيتوڻيڪ هن جي بنيادي ذميواريءَ جي نشاندهي ته
ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه
ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اهو ناهي ته آيا، سچ
ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اهو به آهي ته ”موجود
حالت“ ۾ سچ ڇا ۾ آهي ۽ ڪهڙي شيءِ بابت اهو نه پيو
ٻڌايو وڃي … ائين سماجي ۽ خاص طور، رياستي يا
حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ”سچ ڇا ۾ آهي“ ان ڳالهه
جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ ان جو اظهار اڪثر
اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽
غير اهم آهن، ۽ انهيءَ طرح ان قسم جي سچ جو پيڇو ۽
ان جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ”موجود صورتحال“ جو
طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، ان شيءِ بابت
سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، ان شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش
ڪرڻ ۽ سڄيءَ ان شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي
سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ
۽ پڌرو ڪرڻ- انهيءَ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي اڪثر
پيشورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تڏ ۽ تاب، عدم تعاون
۽ اذيت، ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد
ٿين ٿيون … انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش
دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو ان جو شرط
آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تي مبني تحقيق، [سچ جي
ڳولا] جيڏانهن به نئي، ان کي اوڏانهن نيڻ لاءِ
تيار رهڻ- هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ- بي
قياس انهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن
کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه
ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي. انهيءَ طرح هڪ دانشور
اصل ۾ هڪ سماجي نقاد آهي – هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو
ڪم آهي [شين جي، ڳالهين جي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ، ۽ ائين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني ۽ وڌيڪ عقلائتي
سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون
آهن، انهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگاري ٿيڻ … انهيءَ
ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ انهن جي ذهني ۽ علمي
پگهاردارن وٽ، جيڪي ”موجود حالت“ کي محفوظ رکڻ
چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪ وڳوڙي ۽ آزار پيدا
ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي، ۽ اُهي، چڱي کان چڱو
ته به، هن کي ”خيالي جنت ۾ رهندڙ“ يا ”درويش قسم
جو ماڻهو“، ۽ بري کان برو، ته هڪ غدار يا باغي
سڏيندا آهن … اهڙين حالتن ۾، دانشور جي ڪردار ۾
سرسيتائيءَ جي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ۽ ان تي وري وري
زور ڏيڻ هڪ تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت
واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار
حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي،
دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو
انسان دوستيءَ ۽ عقل، ۽ انهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي
روايت کي نابودي کان بچائي- جيڪي ئي بني نوع انسان
جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان
قيمتي ورتا آهن.“
[1981ع] |