(1)
مهراڻ ۽ گل ڦل
* مهراڻ (رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو لکيل
مضمون): تعريف ۽ نالا – سنڌو نالو ڪيئن پيو –
هاڻوڪو وهڪرو- لائڊيراج سسٽم – ڪوٽڙي براج – گڊو
براج.
* سنڌو (اصل انگريزي ۾ احمد بشير جو لکيل.
سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي.
* گذارشون:
مهراڻ 1-1955ع: ”پهريون دورُ، ۽ هاڻي“.
مهراڻ 2-1955ع: آزادي- ون يونٽ- اديب، ناشر ۽
پڙهندڙ- مهراڻ- دعوت- معذرت- گذارش.
مهراڻ 3-1955ع: ٻولي- سنڌي ٻولي ۽ ان جا
ڳالهائيندڙ- سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا سنڌي ريڊيو
اسٽيشن- مهراڻ- شڪر گذاري- گذارش.
مهراڻ 4-1955ع: فنڪار جا ڳوڙها – لفظن جي چونڊ-
ٻولين جي ڏي وٺ- ”نج“ سنڌي لفظ- سنڌي ڪافي ۽ غزل-
اسان جون اميدون ۽ ارادا.
مهراڻ 1-1956ع: گذريل 3 مهينا- ٻه پُور- لوڪ ادب-
ترجما- اسان جو نئون سال.
مهراڻ 2-1956ع: ادب جي درگاهه- ”مهراڻ“ جا پڙهندڙ-
تنقيد- مضمونن جو معاوضو.
مهراڻ 4-1956ع: نئون سال – ادب ۽ ان جا نقاد-
ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس- مهراڻ جا نوان ايڊيٽر-
گذارش.
* گل ڦل (ناشر طرفان ٻه اکر): سنڌ ڄا ٻار- ”منهنجي
ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ!“
* ادبي خط (مهراڻ 1955ع کان 1959ع): شيخ اياز جا
لکيل 3 خط – عقيدت جا گل – مشاعرو – شاهه جو رسالو
– شيخ حفيظ – رسول بخش پليجو – جمال ابڙو – شيخ
راز – شيخ حفيظ – مس شمس صديقي – بشير مورياڻي –
مينڌري ع. سعادتي – دين محمد لاشاري – محمد دائود
بلوچ – ”جهرڪن جو شهر“- ثميره زرين.
* پڙهندڙن جا پيغام: (مهراڻ – سال 1955ع کان
1957ع.
قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻُ ۽ سمجهڻُ چاهينديون آهن،
تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽
سمجهنديون آهن- ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل
نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي.
اُڌاري ٻوليءَ يا گاڏُڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي
زندگي جُڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج
ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سولو ۽ پنهنجي
آزادي ماڻن آسان ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو تاريخ
۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق
سمجهيو آهي، تڏهن پهريائين اُن پنهنجي ٻوليءَ کي
جياريو آهي ۽ وڌايو آهي- توڙي جو سندس اُها ٻولي
سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا اُن جو ادب کڻي ڪيترو
به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي، ۽ اُن جا لفظ
کڻي ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن، يا رڳو اڻ
پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي
بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽
ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اُها ڌارين
لفظن ۾ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي. پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا
به خيالي دنيا جا هجن، پر اُهي ڏٺل وائٺل دنيا سان
لاڳاپيل رهن ٿا- جيئن ڌارئين لفظ ”قرارداد“ جي
سامهون پنهنجو لفظ ”ٺهراءُ“ آهي، ۽ ائين لفظ- ۽
انهيءَ ڪري اُهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ
ٻنهي کي هڪُ سمجهه ۽ هڪُ سڀاءُ جي ڏور ۾ ٻڏي ڇڏين
ٿا. جيڪڏهن ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب
کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي، ته
اُن لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڊجي
قومي ٻولي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. – م.ا.ج
(”وڄون وسڻ آيون“، آگسٽ 1973ع، جي پيش لفظ تان
کنيلُ)
”مهراڻ“ پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين
”مهراڻ“
”ستين ڀرئي مهراڻ جو ماٺيڻو منڍ“
[هماليه کان هيٺ لهندي، اسان جو محبتي مهراڻ،
پنهنجي مَوَ موج ۾ اچڻ کان اڳ، هيءُ من موهيندڙ
نظارو پيش ٿو ڪري.]
”سنڌو“
(لَهرنِ لَکِ لباس، پاڻيءَ پَسَڻ هڪڙو! – شاهه)
الا! جهري م شال غريبن جي جهوپڙي!
- ”بيوس“
جواني ۽ پوڙهه پڻ
”گل ڦل“ جي پهرئين پرچي جي ڪور ڊزائين
|