سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :33

 

 سڪ ۽ سنديس

مادر وطن جي قابل فخر فرزند محترم محمد ابراهيم جويو اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي. هتي اسان نهايت فخر سان سندس هڪ خط کي پنهنجي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريون ٿا، اهو سڪ جو سنديسو روزانه نواءِ انقلاب سکر جي لائق ايڊيٽر مسٽر مقبول صديقيءَ ڏانهن لکيو هئائين. موجوده حالتن ۾ هن خط جي افاديت ۽ اهميت اُن جي مطالعي مان بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿي.

– ايڊيٽر، ماهوار ”بادل“، حيدرآباد.

پيارا ڀاءُ،

توهان جو خط 2 تاريخ جو لکيل، مون کي 11 تاريخ هتي مليو. دير سان انهيءَ ڪري مليو، جو اُهو سڄو هفتو آءٌ هتي ڪونه هوس. سنڌ جي ٿر ڏسڻ جو موقعو مليو، سڄو هفتو دوستن سان گڏ اُتي هوس. ڏيپلو، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، عمرڪوٽ ۽ ٻيا گهڻو ڪري ٿر جا سڀ چڱا موچارا ڳوٺ ڏسي، گهمي ڦري، ۽ اتان جي ماروئڙن سان رس رهاڻيون ڪري، ڏهين تاريخ شام جو واپس حيدرآباد آياسين ۽ 11 تاريخ آفيس ۾ آيس ته توهان جو خط ڏٺم. اوهان ڏانهن ان جو جواب ايترو دير سان موڪلي رهيو آهيان، ان جو سبب اهوئي آهي.

ادا سائين، سنڌ اسان جو ديس ڏاڍو پيارو، ڏاڍو سهڻو ديس آهي. پنهنجي محبوب جي حسن جي جيڪا به جهلڪ ڏسجي، ان لاءِ اوترو ئي دل ۾ قرب ۽ پيار وڌي ٿو. جن سنڌ جي رخ پاڪ جا اهي قسمين قسمين جلوا ۽ جمال نه ڏٺا، تن ڄڻ پنهنجي محبوب کي پورو ڪين سڃاتو. سنڌو ۽ ان جا سدا سرسبز ۽ شاداب ڪنارا جن کي ”ڪچو“ چئون ٿا، سنڌ جو ڪاڇو، سنڌ جو ڪوهستان، سنڌ جو سامونڊي پاسو، سنڌ جون ڍنڍون، ۽ سنڌ جا ڪناتار وهندڙ واهه، ۽ سنڌ جو ٿر، جنهن تي جڏهن مينهن پوي تڏهن مٿس هڪدم جوانيءَ جي ساول لهيو اچي، ۽ سنڌ جي پارڪر وارو ميدان ۽ ڪارونجهر جي جبلن جون قطارون، جن کان پوءِ ڪڇ جو اهو رڻ شروع ٿو ٿئي، جنهن تان سنڌيءَ ۾ لفظ ”رڻ“ معنيٰ سڃ، ڏاڍ ۽ ظلم آيو آهي – سنڌ جي جلوي جون اهي سڀ رمزون ڏسڻ وٽان آهن. سنڌ جي اها زيارت هر محب وطن لاءِ حج جي فرض برابر هئڻ گهرجي، جنهن جي پوري ڪرڻ کان سواءِ شايد ئي ڪو سنڌي، پڪو سنڌي بڻجي سگهي. شال سنڌ اسان جي ٿئي ۽ اسين سنڌ جا ٿيون! هينئر گهڻيءَ حد تائين، شايد، ائين نه آهي. پر جيتري قدر اسين سنڌ جا ٿينداسون، اوتريقدر ئي سنڌ اسان جي ٿيندي. اميد ته اوهين ان ڳالهه ۾ مون سان متفق هوندا.

اتر سنڌ ۾ اڳي ته ڪي نهايت اثرائتيون بي ڊپيون ۽ باخبر اخبارون نڪرنديون هيون. سکر انهن اخبارن جو مرڪز هو. شال اوهان جي ادارات هيٺ نڪتل هيءَ ”نواءِ انقلاب“ ڪنهن سچي پچي ۽ خالص انقلاب جو سڏ ثابت ٿئي! دنيا جي گاڏڙ ساڏڙ ۽ ڪوڙن انقلابن ته حقيقي انقلابن تان به گهڻن جي دل کڻائي ڇڏي.

هڪ ڳالهه مهرباني ڪري نهايت ڌيان ۽ خيال سان هن اخبار جي سلسلي ۾ پنهنجي سامهون رکندا ته اسان جون اڄڪلهه جون اخبارون پنهنجن ڪالمن ۾ جيڪا سنڌي لکن ٿيون، سا هڪ حصو سنڌي آهي، هڪ حصو فارسي آهي ۽ هڪ حصو عربي. جيڪڏهن اها حالت رهي، ته پوءِ اڳتي هلي، جيئن هندي ٻولي عربيءَ ۽ فاسيءَ جي ڀرمار سبب اردو ٿي پئي آهي، تيئن سنڌي به انهيءَ اڻسوهنديءَ ملاوٽ سبب سنڌيءَ مان ڦري ڪا ٻي ٻولي ٿي پوندي- سنڌي هرگز ڪانه رهندي. عربي اسمن جا جمعَ، اردوءَ جي نقل ۾ مونث ۽ مذڪرَ، فارسي ترڪيبون، ۽ عربيءَ فارسيءَ جا اهي لفظ جن جهڙا سدا سهڻا ۽ وڌيڪ دل ۾ ويهندڙ نج سنڌي لفظ اسان وٽ موجود به هجن- اِهي ڳالهيون سنڌي ٻوليءَ کي پڙهيلن جي ٻولي، شهر جي ٻولي ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻولي، پراڻي سنڌي ۽ نئين سنڌيءَ، ڳالهائيندڙن لاءِ آهي. اردو، فارسي ۽ عربي ڄاڻندڙ شخص ٻيو نه ته اردوءَ ۾ اخبارون پڙهي سگهن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن اخبار ”نواءِ انقلاب“ ۾ اوهان عام ماڻهن لاءِ سادي ۽ سولي سنڌي ڪم ۾ آندي، ته چئبو ته هڪ سنڌي اخبار جا جيڪي بنيادي مقصد هئڻ گهرجن، انهن مان هڪڙو بنيادي مقصد، يعني پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت – اهو فرض ڄڻ اوهان سچائيءَ ۽ ذميداريءَ سان پورو ڪيو.

اوهين اِتان سکر مان هڪ روزاني اخبار ڪڍو ٿا، اها ڳالهه اسين سڀني دوستن ۽ ساٿين لاءِ ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ- خاص ڪري اتر سنڌ لاءِ- خوشيءَ جو سبب آهي. اسين ان تي جيترو فخر ڪريون، اوترو ٿورو آهي. اوهان جهڙو سڄاڻ ۽ آزمودگار صحافي، سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ جي ڏک سور کان پوريءَ ريت واقف هوندي، جيڪا خدمت هن گگدام ديس جي ڪري سگهي ٿو، ان جو قدر وقتَ آئي اوهان جا پڙهندڙ پاڻ ڪندا. هن وقت اسان جون ۽ اسان جي بي زبان عوام جون رڳو دلي دعائون اوهان جي ڪاميابيءَ لاءِ اوهان جي حق ۾ اڀري سگهن ٿيون. شال اسان جي اتر سنڌ جي اها اخبار وڌي ويجهي، ۽ پنهنجي فرض پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي …

[روزانه ”نواءِ انقلاب“، سکر.]

 

سَنت فرئنسيس

دعا

(انگريزيءَ تان ترجمو)

مالڪَ، مون کي پنهنجي امن جو وسيلو بڻاءِ،

جتي ڌڪارَ هجي، اُتي مان پيار پوکيان،

جتي بدلو هجي، اُتي معافي،

جتي شڪ هجي، اُتي ڀروسو،

جتي نراس هجي، اُتي آسَ،

جتي ڏک هجي، اُتي خوشي،

جتي اونداهه هجي، اُتي سوجهرو.

منهنجا مالڪ، ائين ٿئي جو مان،

آٿت ڳولڻ کان وڌ، آٿت ٿيان،

سمجهڻ کان وڌ، سمجهان،

پيار بڻجڻ کان وڌ، پيار ڪريان،

ڇو ته ڏيڻ سان ئي اسين وٺڻ جهڙا ٿينداسين،

معاف ڪرڻ سان ئي اسين معافيءَ لائق بڻباسين،

۽ مرڻ سان ئي اسين سدا جو جياپو ماڻينداسين،

آمين!

ترجمو: م-ا-ج

 

جاويد شاهين

جيئرن جي ڳولا

سج لهڻ تائين

ڪِنو ٿيل ڏينهن

منهنجي نس نس ۾ پيهي وڃي ٿو.

سڄي رات اونداهه جون پٿريون

منهنجي اکين ۾ چڀنديون

ٿيون رهن

صبح جي روشني، منهنجي

چاهڻ کان سواءِ،

منهنجي ڪوٺيءَ ۾

گهڙي ٿي اچي.

منهنجي بت تان

رات جي ڪارنهن لاهي ٿي.

۽ مان جيئرن جي ڳولا ۾

گهران نڪري پوان ٿو.

پر خالي شهر ۾

بُکين ڪتن جا اُوناڙ

منهنجي کيڪر ڪن ٿا

پوءِ مان اڪيلائپ جي ڪوڏر سان

ڏينهن جي ڊٺل قبر کوٽڻ لڳان ٿو

۽ منهنجو سڄو وقت

مُڙدن کي اٿاري، پيرن ڀر ڪرڻ ۾

گذري وڃي ٿو.

اسان کي اسان جي جيئڻ لاءِ

گهرن ۾ ويهڻ جو سبق ملي ٿو

پر اسان جا ٻار

بس اسٽاپن جي پيهه ۾

ڪچليا وڃن ٿا،

اسان جي پيءُ ماءُ کي

اسپتالن جي اونده ڳهندي رهي ٿي،

اسان جا ڀائر روزگار جي حرص ۾

بيگر جي ڪئمپن ۾ ڀرتي ٿين ٿا.

 

سجَ اسان تي سايو وجهڻ

ڇڏي ڏنو آهي،

۽ ڌرتي اسان جي حصي جو رزق

اسان کي ڏيڻ ۾ خوش ناهي،

هوا اسان کي ڏسي، منهن ڦيري،

هلي وڃي ٿي-

هِن وٽ اسان لاءِ

آٿت جو ڪو اکر ڪونهي،

ڪم واري ڪا ميڇ ڪانهي.

پر هوا وٽ

بدلن لاءِ، گيدين لاءِ،

ٿي به ڇا ٿو سگهي-

 

پي. بي. شيلي (1822 – 1792)

اِنگلنڊَ جي ماڻهن لاءِ

او اِنگلنڊَ جا ماڻُهو، ڪنهن لاءِ ٿا اوهين هَرَ ڪاهيو؟

ڀؤتارن لاءِ جيڪي اوهان جي ڳچيءَ تي لت ڏيو بيٺا آهِن!

ڇا لاءِ ٿا اوهين آڱريون ڇليو، نُورُ نچويو، هيڏي اُڻتِ ڪريو؟

ته اوهان جا ظالم نوابَ زَرَقَ بَرَقَ چوغا پائينِ!

 

ڇو ٿا کارايو، پهرايو، ڪمائي ڏيو-

پينگهي کان قبر تائين-

اِنهن بيقَدُرن مَکَن کي جيڪي

اوهان جو پگهر وهائين ٿا، اوهان جو رتُ پيئن ٿا؟

 

او اِنگلنڊَ جون ماکيءَ جون مکيون، ڇو ٿا اوهين ٺَپيو ۽ ٺاهيو،

هيڏا هِي هٿيارَ، زنجيرَ، سَنگهرون، ڦَٽڪا،

ته هِي اوهان جا نِکَمڻا مَکا

اوهان جي سڄيءَ ڳَهَپَ جو ڦَلُ ڦوڪي، ڦٽائي ڇڏين؟

 

آهي ڪو اوهان لاءِ آرامُ، ڪو سُکُ، ڪا ويسانهِين،

ڪو اَجهو، کاڌو، پيار جو ڪو ٿڌو ڇَنڊو؟

ڪهڙِي ڪا ڪَلَنگِي آهي جنهن لاءِ ايترو ٿا پاڻُ کوهيو،

ايترا ٿا جُهٽَ پِٽيو، ۽ عذاب سهو؟

 

ٻجُ اوهين ٿا پوکيو، ٻيا ٿا اُهو لُڻَنِ؛

مالُ اوهين ٿا ميڙيو، ٻيا ٿا اُهو کَڻنِ؛

چوغا اوهين ٿا اُڻو، ٻيا ٿا اُهي پائين؛

هٿيارَ اوهين ٿا ٺاهيو، ٻيا ٿا اُهي کنيو گهمن.

 

ٻجُ ڀَل پوکيو، پر ڪنهن ظالم کي لُٽَڻُ نه ڏيو؛

ملڪيت ڀَل ڪمايو، ڪنهن ٺَڳَ کي اُها کڻڻُ نه ڏيو؛

چوغا ڀَل اُڻو، پر ناڪارن کي سي پائِڻ نه ڏيو؛

هٿيارَ ڀَل ٺاهيو، پنهنجي بچاءَ ۾، سي پاڻَ کڻو!

 

اوهين سوڙهن ڳُڙکن، اونداهِن چُرُن، گهُٽيلَ بُهُرن ۾ رهو ٿا.

وڏا محلَ ۽ کليلَ صفحا اڏيو ٿا، ٻين جي رهڻ لاءِ.

ڇو ٿا زنجيرون ڇِڻڪائي هلو، جِي اوهان هٿن سان ٺپيون آهن؟

هُو ڏسو نه ٿا، جي لوهَه ڪُٽي رُڪُ ڪيا ٿَوَ، سي اوهان کي ئي ٿا تَڪِينِ!

 

ڀَل اوهين هَرَ ۽ ڪوڏَر سان، رَنبي ۽ آڏاڻي سان،

پنهنجي قَبَرَ کوٽيو ۽ پنهنجو لوڙُهه اَڏيو،

۽ پنهنجو ڪفنُ پاڻ اُڻو،

ايسِين جيسِين ٺاهوڪي هِن انگلنڊَ جي مٽي اوهان کي جاءِ ڏئي.

 

نامعلوم شاعر (اصل انگريزيءَ ۾)

هڪ دعا، نئين سال لاءِ

اي خدا، هن سال اسان کي وسيع نگاهه ڏي

ته ٻين جي غلطين کي تنهنجي اکين سان ڏسون-

ساڃهه ڏي اسان کي ته تکيءَ زبان سان نه توريون

ڪنهن کي- نه ڪنهن وڏي… نه ڪنهن ننڍي کي-

اسان کي صبر ڏي ۽ فضيلت ڏي ته اسين سهون،

زياده اعتماد ڏي اسان کي، جيئن پاڻ کي محفوظ سمجهون،

مدد ڪر اسان جي ته ياد رکڻ بدران وساريون،

اُهي تلخيون جن اسان کي ڪاوڙايو ۽ خفي ڪيو،

۽ خوشيءَ سان ڪو ڏوهه معاف ڪري

هر روز ڀلو ڪو فائدو لهون،

مدد جو ڪو دوستاڻو هٿ وڌايون،

۽ هر طرح ۽ هر حل ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

ته اسين سڀيئي، جيڪي به اسين آهيون،

”پهچ کان مٿي ڪنهن ستاري“ کي ڇهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون:

ڇو ته وڏا ۽ ننڍا… چڱا ۽ مندا

جوان ۽ پوڙها … دُکي ۽ سُکي

سڀ، اڄ ائين ٿا پڇن، ”ڇا زندگي رهڻ وٽان آهي؟“

۽ جواب هڪ ئي آهي: ”هائو، رڳو ڏيڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾-“

ڇو ته رڳو پيار ئي ماڻهوءَ کي نرم بڻائي ٿو،

۽ دل جي نرمي ئي من کي شانت ٿي ڪري-

۽ هيءُ سال اسين پيار ڏيڻ سان به شروع ڪي سگهون ٿا،

نفرت ۽ خوف جا ڪارا ڪڪر هٽائي، پري ڪرڻ لاءِ…

(ترجمو: م.ا.ج)

محمد ابراهيم جويو

”او سنڌ…!“

او سنڌ!

منهنجي پنهنجي سنڌ!

اڄ ٿو آءٌ توکان پڇان،

ٻڌاءِ!

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا طلبين؟

آءٌ ڪير آهيان؟

تون ٿي مون کان پڇين؟

…… ماءُ!

آءٌ …… تنهنجو اولاد!

تنهنجي مامتا جي گهراين،

تنهنجي شادابين، سبزين،

تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،

۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!

تنهنجو اولاد ……!

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،

تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ-

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت-

منهنجا ڀائر،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾،

ڀانت ڀانت جون مڇيون، ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:

هي اسان جا رنگ، اسانجا آواز، هي اسان جون نگاهون؛

…… تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

هي سڀئي!

هي ۽ آءٌ … اسين سڀئي تنهنجوئي ته اولاد آهيون!

اسان سڀني جو ساهُه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

اسان سڀني جو جسمُ، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي

اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ تو سان ڳالهائي ٿو،

… تو کان ڪجهه گهري ٿو، تو کان ڪجهه طلبي ٿو:

۽ تون،

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،

اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پَئي ٿي هميشہ ڏين!

۽ آءٌ ……

انهيءَ جي عوض ڪجهه ڏيان،

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

- ۽ ڪجهه ڏيندس-

اهو ڪجهه، جو توکان،

تنهنجي وسعتن مان،

تنهنجي شادابين مان،

چورائجي ويو ……

ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!

۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،-

منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،

ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ!

جيجل …!

اهوئي سوال ……

… تڏهن ٿو اڄ توکان آءٌ پڇان!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ ……

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

 

سروجني ديبي

منهنجا ٻچا!

سمهي پئو، منهنجا ٻچا!

صبح تائين – بي الڪا، بي اونا

ستا رهو،

اسان جي رات جو اوجاڳو تمام ڊگهو آهي

جيتري ويل اوهين سمهندا، اسين- اسين ٻني پوکينداسين

اسين آسن، ڏکن، ڳوڙهن سان

ڀريل سپنا پوکيون ٿا،

ته جيئن جڏهن اوهين جاڳو ته انهن جو فصل لڻي سگهو.

 

ٻچا-

صبح ٿيڻ واري آهي، رات گذري ويئي-

اسان جو پورهيو ختم ٿيو، اسان جون ٻنيون جهومي رهيون آهن

اسان جا هٿ هيڻا هئا،

پر اونداهيءَ ۾ اسان اوهان جي ايندڙ شان ۽ شوڪت جا خواب ڏٺا

اوهان جي ٻجن کي پنهنجن ڳوڙهن جو ريج ڏنو

اسان جي رات جو اوجاڳو پورو ٿيو.

 

جاڳو ٻچا،

اسان سپنن جو فصل جيڪو اوهان لاءِ پوکيو آهي

ان جي عيوض ۾

اسان جي محنتن جي ڦل کي

اوهين پسند ڪندا ۽ ساراهيندا

يا ڏک سان

اسان کي ڏوهي سمجهندا يا اسان کي معاف ڪري ڇڏيندا؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org