ٻولي
”ٻوليءَ“ جي مفهوم ۾ ان جو ڳالهائجڻ ۽ لکجڻ ٻيئي
شامل آهن، ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي انهن ٻن حيثيتن ۾
وڏو فرق آهي. ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾ ٻولي ڦرندي
گهرندي ٿي رهي. سندس آواز، اُچار، لهجو، لفظ ۽
انهن جون معنائون ڪي قدر هميشه بدلجنديون ٿيون
رهن. هي چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“ سو
به ٻوليءَ جي انهيءَ ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت کي
خيال ۾ رکي ائين چوندا آهن. هڪڙيءَ ٻوليءَ جا هڪ
کان وڌيڪ مقامي روپ، انهن مقامي روپن مان اڳتي هلي
جدا جدا ٻولين جو ٺهڻ، ۽ اهڙي طرح شروعات ۾ دنيا
جي بنهه ٻن- چئن ٻولين مان وڌي اڄ جي صدها ٻولين
جو وجود ۾ اچڻ، اهي سڀئي ”ٻوليءَ“ جي ڳالهائجڻ
واريءَ حيثيت جا ڪرشما آهن. برخلاف ان جي، ٻوليءَ
جي لکجڻ واري حيثيت، ٻوليءَ جي انهيءَ ڦيرگهير کي
ڪافي حد تائين روڪي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي هڪجهڙائي
۽ دائميت پيدا ٿي ڪري. هڪ دفعو ٻوليءَ جي صورتخطي،
سندس لفظن جي هِجي ۽ معنيٰ، جملن جي ترتيب ۽ ان جا
اصول، تحريري صورت ۾ قائم ٿي ويا. هڪ دفعو ڪنهن
ٻوليءَ پنهنجو ادبي سرمايو تحريري صورت ۾ محفوظ
ڪري ورتو، هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ان
جي علمي ادبي ترقيءَ جا سامان ۽ ان جي علم سکڻ ۽
سيکارڻ جا وسيلا پيدا ڪري ورتا ته پوءِ ان ٻوليءَ
گويا پنهنجو مستقبل دائمي طور محفوظ ڪري ورتو، ۽
پڻ چئبو ته پوءِ ان ٻوليءَ ۾ ڪنهن بنيادي تبديلي
يا بگاڙي اچڻ، جا امڪان بنهه ختم ٿي چڪا.
سنڌي ٻولي، ۽ ان جا ڳالهائيندڙ
اسان جي موجوده سنڌي پنهنجي سر هڪ قديم ٻولي هجي
يا نه، هوءَ هڪ قديم النسل ٻولي آهي، تنهن کان
ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. عيسوي سن کان ٻه - اڍائي
هزار ورهيه اڳ سنسڪرت ٻوليءَ سنڌ (۽ هند) ۾ داخل
ٿي. تنهن کان اڳ موهن جي دڙي جي سڀيتا جي ڪهڙي
ٻولي هئي، ۽ ان سان اسان جي موجوده سنڌيءَ جو ڪهڙو
۽ ڪيترو لاڳاپو ثابت ٿي سگهي ٿو، ان متعلق فقط
تڏهين ئي ڪي ڪجهه چئي سگهبو، جڏهن موهن جي دڙي مان
لڌل مهرن تي جيڪي حرف لکيل آهن تن جي پڙهڻ ۾، ۽
اهي حرف ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، ان ٻوليءَ جي
سمجهڻ ۾ دنيا جا عالم ڪامياب ٿي سگهن. بهرحال،
سنڌيءَ جو سڌو سنئون بنياد، سنسڪرت کي ئي شمار ڪيو
ٿو وڃي. اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واري
سنسڪرت ۽ پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو روپ اختيار
ڪيو: ان کان پوءِ پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ
يعني اپڀرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنهن کي وراچڊ
اپڀرنش چيو وڃي ٿو، وجود ۾ آئي: وراچڊ اپڀرنش ۾
وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنهن اٽڪل يارهين صدي
عيسويءَ ۾، اسان جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو. اڄ
خود سنڌيءَ جا ڇهه - ست (نهايت هلڪا) مقامي روپ
آهن، جهڙوڪ: اترادي (ڪنهن حد تائين) سرائڪي،
وچولي، لاڙي، لاسي، ٿري ۽ ڪڇي، سندس ڪل ڳالهائڻ
وارن جو تعداد سٺ لک کن آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سنڌ،
خيرپور ۽ لسٻيلي جي رياستن ۾ ، ۽ هوڏانهن هندستان
۾ بمبئي ۽ اجمير جي شهرن ۽ راجستان جي ڪڇ،
ڪاٺياواڙ ۽ جوناڳڙهه وارن ڀاڱن ۾ پکڙيا پيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا
”ملڪ“ جي ورهاڱي کان پوءِ، اٽڪل اٺ لک سنڌي هندو،
سنڌ کي ڇڏي، هندستان ويا، ۽ اتان اٽڪل ٽي لک ڪڇي،
ڪاٺياواڙي ۽ جوناڳڙهي ميمڻ ۽ ٻيا جن جي مادري ٻولي
(فقط ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾) ڪڇي سنڌي آهي، سنڌ ۾
لڏي آيا آهن، انهيءَ دوطرفي لڏپلاڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ
لاءِ ڪي اهم ۽ مشڪل مسئلا پيدا ڪيا آهن، جن کي
سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪڇ جي هڪ عوامي
شاعر شري ڪاراڻيءَ، هتان کان اوڏانهن لڏي ويل
سنڌين جي آجيان ۾، پنهنجي ڪڇي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ
گيت چيو آهي(1)
ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪڇ کان هيڏانهن لڏي آيل پنهنجن
سنڌي ڀائرن جي هتي اسين به اهڙي ئي قسم جي آجيان
ڪيون، ۽ ان نموني سنڌ توڙي هند جا سڀ نوان ۽ پراڻا
سنڌي گڏجي پنهنجي پنهنجي منهن، پنهنجي مادري
ٻوليءَ جي خدمت ۾ لڳي وڃون، ته هوند سنڌي ٻوليءَ ۽
سنڌي ساهتيه جو مستقبل نهايت شاندار ٿي سگهي ٿو.
جيئن هتي پاڪستان جي لسٻيلي رياست جي ماڻهن جي
جيتوڻيڪ مادري ٻولي سنڌي آهي، تنهن هوندي به تعليم
کين اردو ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي، تيئن هتي هندستان ۾
جيڪي ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ”سنڌي“ آهن، تن کي تعليم
گجراتيءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو
هيڏانهن لسٻيلي جي سنڌي ڀائرن کي ۽ هوڏانهن ڪڇي ۽
ڪاٺياواڙي ڀائرن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم
ملي. ان مان وڌيڪ لکڻ پڙهڻ وارا ملي ويندا، ۽
ٻوليءَ جي ادب ۾ به اضافو ٿيندو. اهو اسان جو ئي
فرض آهي ته ان لاءِ ڪو اهڙو آواز اٿاريون، جو اهي
لاسي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جوناڳڙهي ڀائر، هت ۽ هت،
انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪري، اسان سان ساٿ
ڏين. ۽ پنهنجي ۽ مٺڙيءَ مادري زبان لاءِ ڪجهه ڪن!
”ورهاڱي“ جي ڪري، جيڪي سنڌي ڀارت ۾ وڃي آسودا ٿيا
آهن، سي به اسان وانگر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪاڻ
ادب ۽ ساهتيه کي ميدان ۾ آڻي رهيا آهن. هنن جو
نئون ماحول جو گهڻو ڪري گجراتي، مرهٽي ۽ هندي
ٻولين جو ماحول آهي، ضرور هنن جي ٻوليءَ تي
ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، پنهنجو اثر ڪندو. اسان وٽ به
اردوءَ جو وايومنڊل اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب تي اثر
ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ
اهو به هڪ مسئلو آهي ته اهو اثر متان ڪن سالن جي
عرصي کان پوءِ اهڙو گهرو ۽ اونهو ٿي وڃي، جو هتي
جي سنڌي ٻوليءَ، اردو، فارسي ۽ عربي لفظن جي گهڻي
ٽنبجڻ ڪري ڀارت،جي سنڌي سڄڻن لاءِ ماڳهين اوپري ٿي
پوي- ۽ هتي جي سنڌي، هندي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين جي
غير مانوس لفظن جي ڪري، هتي اسان سنڌين لاءِ سمجهڻ
کان ڳري ٿي پوي. ٻنهي طرفن جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن
تي اهو فرض آهي ته ٻولي اهڙي لکن ، جنهن ۾ ڌارين
ٻولين جو اڻسهائيندو، غير ضروري ۽ اجايو استعمال
نه هجي، ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي سوڀيا ۽
سلوڻائي قائم رهندي اچي. نه رڳو اهو، پر هينئر
ڀارت ۾ جو مسئلو اٿيو آهي ته ٻوليءَ جي لپي ڪهڙي
رکجي- عربي يا ناگري؟- سو اسان سڀني لاءِ ڌيان
جوڳو مسئلو آهي. اسين ته پنهنجن ڀائرن کي منت اها
ڪنداسين ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي صدقي ان جي لپي
اهائي قائم رکن، جنهن ۾ اسان جو گڏيل علمي ۽ ادبي
خزانو ۽ صدين جي سڀيتا محفوظ ٿيل آهي. لپيءَ جي
هاڻوڪي صورت، جيئن به آهي، اسان جي ادبي ضرورتن
سارو آهي- ۽ لپي کي ڦيرائڻ مان هتي ۽ هتي جي سنڌين
جو ويڇو پئجي ويندو، تنهن جو مٽجڻ پوءِ محال ٿي
پوندو.
انهن سمورين ڳالهين سان گڏ، ٻوليءَ جون ٻيون به
ضرورتون ڌيان جوڳيون آهن- مثال طور، اسان جي لفظن
جي صورتخطي يا هجي يا گرامر جي صورت سڀ ڪنهن هنڌ
ساڳي هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لکجڻ جي حيثيت ۾، اسان جي
ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي چڪي آهي،
تنهن هوندي به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي مختلف هنڌن تي
مختلف ماڻهو جدا جدا لکن ۽ ڪم ۾ آڻين ٿا- مثال
طور: (1) ”نون غني“ وارا لفظ (چڱو، چنڱو، چڱون،
چنڱون، وغيره)،ء، و ۽ ي“ وارا لفظ جن ۾ اهي حرف
علت، حرف صحيح طور ڪم ٿا اچن، ۽ هڪٻئي ۾ پيا مٽجن
سٽجن (هئا، هوا، هيا، وغيره)، ”اِي يا اَو“
پڇاڙيءَ وارن لفظن جون اهي صورتون جن ۾ ”الف همزو“
پٺيان استعمال ڪرڻو آهي ڇوڪريءَ رنو، ڇوڪري رنو،
مٺوءَ کي، مٺو کي، وغيره“ ”هاي ساڪت“ پڇاڙيءَ وارا
فارسي لفظ (زمانه، وغيره) جن کي سنڌي صورت ۾ آڻڻ
گهرجي (زمانو، زمانا، زماني“ وغيره)، الڳ الڳ
معنيٰ ۽ وجود رکڻ وارا هڪٻئي سان لاڳاپيل لفظ جيڪي
هڪٻئي کان الڳ ڪري لکجن (مون کي، مونکي، تنهن کان
سواءِ، تنهن کانسواءِ، ٻيءَ طرح، ٻيئطرح، وغيره)،
لفظ جيڪي گڏي لکڻ گهرجن (منهنجو، منهن جو، پنهنجو،
پنهن جو، تنهنجو، تنهن جو)، وغيره. ٻوليءَ ۾ وزن،
اثر ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين (،:! ؟
” “ ’ ‘ - .) جو استعمال نهايت ضروري آهي. دنيا جي
سڌريل ٻولين جي حالت ۾، صورتخطيءَ يا هجي جي چُڪن،
بيهڪ جي نشانين جي غلط واپرائڻ، ۽ لفظن جي غير
موزون، نامناسب يا ضروري استعمال ۽ اهڙين ٻين خالص
فني خامين کي نهايت عيبدار ڳالهه سمجهيو ويندو
آهي. انهن چيزن کي نظرانداز ڪرڻ سان اسان جا اديب
۽ ساهتيه ڪار، پنهنجي ٻوليءَ جي هڪجهڙائيءَ ۽
دائميت کي وڏو ڌڪ ٿا هڻن. انهيءَ طرح جا مسئلا
ويهي ڳولبا ته بيشمار اهڙيون ڳالهيون ملنديون، جي
اسان جو ڌيان ڇڪائينديون. هنن جزوي مثالن جو مقصد
رڳو اهو آهي ته انهن سمورين ڳالهين تي سوچي،
ويچاري اسين اهڙي ڪوشش ڪريون جو ٻوليءَ جا اهي
مسئلا ڪاميابيءَ سان حل ٿيندا رهن. ۽ اسان جو ادبي
۽ علمي خزانو مفاصلي، ماحول ۽ زماني جي ڦيرين
گهيرين هوندي به سدائين وڌندو ويجهندو رهي.
سنڌي ريڊيو اسٽيشن
ٻوليءَ جي سيڀتا کي قائم رکڻ لاءِ ٻوليءَ جي لکجڻ
واريءَ صورت سان گڏ، ڳالهائجڻ وارو پهلو به مکيه
آهي. ڳالهائجڻ ۾ اچڻ وقت، ٻولي جدا جدا هنڌن تي
جدا جدا صورتون وٺندي آهي. مفاصلو ۽ ماحول جڏهن به
مٽبو، تڏهن ڳالهائجڻ واري صورت به هري هري ٿي مٽجڻ
شروع ڪندي. اسان جي سنڌي به ائين ڪيترين صورتن ۾
مٽجندي رهي آهي. اتر ۾ ٻوليءَ جي، ڳالهائجڻ ۾،
صورت هڪڙي آهي، لاڙ ۾ ٻي، ٿر ۾ ٽي، ته ڪڇ ۾ وچئون
چوٿين. اهو صرف انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو ماڻهن جا
ماحول جدا جدا آهن. جيئن جيئن ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ
جا ذريعا گهٽ هوندا، تيئن ٻوليءَ جون صورتون
مٽبيون رهنديون آهن، لهجي ۽ اچار ۾ فرق پوندو آهي.
انهيءَ جو علاج لکڻ جي صورت ۾ ڪرڻ کان سواءِ،
ڳالهائجڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ سان به ٿي
سگهندو آهي. هاڻي ته ملڪ ۾ ماڻهن جي پاڻ ۾ ملڻ جلڻ
جا ذريعا به عام جام آهن- پر ان هوندي به ماڻهن جي
تعليمي طرح پوئتي پيل حالت انهيءَ جي اثر کي زائل
ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي تعليم عام ڪرڻ سان
ئي ٻوليءَ جي دائمي مرڪزيت قائم رهي سگهندي.
ٻوليءَ ۾ اها هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ ۾ ريڊيو
ڪارائتي چيز آهي. ريديو ذريعي، ٻولي دنيا ۾ هر هنڌ
پنهنجي صحيح ۽ مرڪزي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي سگهي
ٿي. ان کان سواءِ، سڀيتا جون مکيه ضرورتون ۽
ڪيفيتون ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ريڊيو جو وڏو هٿ
آهي. اسان جي سنڌ، هيل تائين انهيءَ کان محروم
هئي، پر تازو حيدرآباد ۾ ريڊيواسٽيشن کولي ويئي
آهي. اهو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تهذيب لاءِ ڏاڍو سٺو
سوڻ آهي. سچ پچ ته ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اُچارن
۽ صورتن، ۽ سڀيتا جي مختلف پهلوئن ۾ هم آهنگي،
هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي.
اسان کي اميد آهي ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن انهيءَ
ڏس ۾ ڪارائتا قدم کڻندي.
”مهراڻ“
”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو اوهان جي هٿن ۾ ڪجهه دير سان
پهتو آهي. پنهنجي بچاءَ ۾ ڇا عرض ڪجي! ڪي ته سبب
واقعي هئا، جن مهراڻ کي ميدان ۾ آڻڻ ۾ دير ڪرائي!
پر اسين انهيءَ دير جي پورائي ڏيڍوڻي مواد پيش ڪرڻ
سان ڪري رهيا آهيون. اميد ته انهيءَ نذراني کي
اسان جا عزيز پڙهندڙ ضرور قبول ڪندا.
”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي ۾ اسان اعلان ڪيو هو ته
”مختصر افسانن“، ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي.....“
واري عنوان جي مضمونن ۽ ”سنڌي نثر جي مثالي ٽڪرن“
جي چٽاڀيٽي ڪئي ويندي. پر هڪ ته هن ڀيري اسان جي
لکندڙن کان افسانا يا اهي مضمون ايتري انداز ۾
مليائي ڪونه، جو انهن کي چٽاڀيٽي ۾ آڻي سگهجي، ۽
ٻيو ته ڪن عالمن ۽ اديبن اهي صلاحون ڏنيون ته
”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ اهو مناسب ڪين ٿو لڳي ته
انعام طور اديبن کي ”پئسڙا“ آڇيا وڃن. انهيءَ
مشوري تي عمل ڪري انعامي سلسلو واپس وٺي، بند ڪري
رهيا آهيون. پر ان سان گڏ لکندڙ صاحبن کي عرض آهي
ته هو مهرباني ڪري پنهنجا، افسانا، مضمون يا مثالي
نثر جا ٽڪرا دستور موجب ڏياري اماڻيندا رهن- جيئن
اهي عنوان قائم رهندا اچن. اسان کي اميد آهي ته
اسان جا اديب اسان کي پنهنجون قلمي ڪاوشون موڪلي
احسان مند ڪندا رهندا، ۽ پنهنجي ”مهراڻ“ کي ساڳيو
آب ۽ تاب بخشيدا رهندا، جهڙو هن کان اڳ ان کي
بخشيدا رهيا آهن.
شڪرگذاري
”مهراڻ“ جي اڳين ٻن پرچن لاءِ سنڌ ۽ ڀارت جي
چوٽيءَ جي اديبن ۽ ليکڪن اسان جي همت افزائي ڪرڻ
فرمائي آهي- ۽ رسالن ۽ اخبارن ۾ به حوصلي افزا
تبصرا ۽ سمالوچنائون لکيون آهن. انهن لاءِ اسين
انهن سڀني سڄڻن جا تهدل سان شڪرگذار آهيون.
درحقيقت اها عزت افزائي رڳو انهن مدبرن، اديبن ۽
شاعرن جي طفيل نصيب ٿي اٿئون، جن پنهنجي دماغي
ڪاوش ۽ ادبي شهپارن سان اسان جي جهوليءَ کي جرڪايو
آهي. لک ٿورا ۽ احسان آهن، انهن اديبن ۽ شاعرن جا،
جن پنهنجي مٺڙي سنڌيءَ کي اجارڻ ۽ جرڪائڻ ۾ اسان
جو ساٿ ڏنو آهي. اسين انهن ساٿين جا به بيحد
ٿورائتا آهيون، جن ڪي مفيد مشورا ڏيئي اسان جي
رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي.
اسان جي مهربان ۽ مشفق پڙهندڙن ۾ ڪي دوست اهڙا به
آهن جن کي اسان ۾ خامين ۽ ڪوتاهين، اوڻاين ۽ عيبن
کان سواءِ ٻيو ڪي به نظر ڪونه ٿو اچي- ايتريقدر جو
هو اسان جي ناچيز خدمتن متعلق پنهنجي هڪ طرفي راءِ
۽ فيصلي تي نه فقط نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا،
پر پنهنجي جذباتي ۽ انتهاپسند اختلافن کي شايع ڪرڻ
کان به نه گٿا. انهن کي حق آهي ته هو ڀل پنهنجي
عمل کي حق بجانب سمجهن، يا ادبي ۽ علمي خدمت تصور
ڪن- پر کين يقيناً اهو معلوم هوندو ته علمي ۽ ادبي
حلقن ۾ هنگامه آرائي ۽ انتها پسنديءَ کي سخت معيوب
سمجهيو وڃي ٿو. سنجيده طبقو ڪڏهن به هنن جي انهيءَ
انتها پسنديءَ کي سٺيءَ نظر سان نه ڏسندو. ڪاش!
اهي حضرات پنهنجن انهن ”ادبي خدمتن“ تي افادي نقطه
نظر سان غور به ڪن ۽ ڪجهه سوچين به!
گذارش
آخر ۾، اسين پڙهندڙن، اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ نئين
گذارش ڪريون ٿا: جيڪڏهن هنن وٽ اسان جي سنڌڙيءَ جي
جدا جدا شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين، درياءَ، واهن، ٻيلن
۽ ٻنين جي نظارن جا فوٽو موجود هجن ته مهرباني ڪري
”مهراڻ“ ۾ ڇپڻ لاءِ اماڻي ڏين. اسان جي پڙهندڙن ۽
اديبن مان ضرور ڪي ساٿي اهڙن نظارن ڪڍڻ جو ذوق
رکندا هوندا. اهي مهرباني ڪري، اهڙا فوٽو اسان کي
عنايت ڪن ته اسين سندن شڪريي سان ”مهراڻ“ ۾ شايع
ڪنداسين. انهيءَ مان اسان جي پياري سنڌڙيءَ جي
سونهن ڀرين نظارن کي ڏسي نه رڳو هر سنڌيءَ جون
اکڙيون ٺرنديون دل کي فرحت ملندي، پر هنن کي پنهجي
وطن مبارڪ جي جدا جدا هنڌن متعلق معلومات به حاصل
ٿيندي. اميد ته اسان جا اهي مهربان سڄڻ اسان جي هن
وينتيءَ کي ضرور قبول ڪندا. -م.ا.ج
[مهراڻ:
اونهارو،
سال1955ع]
فنڪار جا ڳوڙها
”مهراڻ“ جي نئين دور جو پهريون سال پورو ٿيو. هي
چوٿون سه ماهي پرچو پڙهندڙن جي خدمت ۾ حاضر آهي.
پهرين ٽن پرچن جي جيڪا عام قدر شناسي، ۽ ڪن خاص
هنڌن تي عيب جوئي ٿي آهي. تنهن مان سمجهجي ٿو ته
”مهراڻ“ پنهنجي مقصد ۾ گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي.
ڪنهن چڱيءَ شيءِ جو نندجڻ پوءِ به اوترو نقصانڪار
نه آهي جيترو ڪنهن بريءَ شيءِ جو ساراهجڻ-
تنهنڪري، جن ”مهراڻ“ ۾ رڳو اوڻايون ئي اوڻايون
ڏٺيون آهن، تن جي پسند جو معيار اڃا ئي اوچو
سمجهي، ان تائين رسڻ جي ڪوشش ڪرڻ به اسان جو ئي
فرض آهي. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي! ڊينمارڪ
ملڪ جي هڪ عظيم بت تراش، برٽل ٿارلڊن، جي ڳالهه ٿا
ڪن ته هڪڙي ڏينهن ماڻهن ڏٺو ته هو پنهنجي تازي
ٺاهيل بت جي سامهون ويٺو روئي! پڇيائونس، ”ڪهڙي
ڳالهه آهي جو روئين ٿو؟ هيءُ جيڪو بت تراشيو
اٿيئي، سو نٿو وڻيئي ڪيئن؟“ بت تراش وراڻيو، ”مون
کي هن ۾ ڪوبه نقص ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي!“چيائونس،
”پوءِ ڇالاءِ ٿو روئين؟“ جواب ڏنائين، ”انهيءَ
لاءِ، جو ڀانيان ٿو ته هاڻي منهنجي فن جي ترقي ختم
ٿي چڪي- پنهنجي ڪم ۾ ڪو نقص، جو نٿو ڏسي سگهان!“
پنهنجي تخليق جي سامهون ڪو فنڪار ائين ويهي ڳوڙها
ڳاڙي، تڏهن ئي سندس فن لافاني ٿي سگهندو. اسين
چاهيون ٿا ته اسين پاڻ ۽ اسان جا سنڌي اديب، شاعر،
سگهڙ ۽ پارکو سڀيئي پنهنجي سونهاري سنڌي ساهتيه جي
چانئٺ تي پڻ هميشه اهڙي ئي قسم جا پوتر ۽ پريم
ڀريا خود سپردگيءَ جا ڳوڙها نذراني طور پيش ڪندا
رهون- پوءِ ئي اسين پنهنجي پياريءَ سنڌي ٻوليءَ ۽
ان جي عظيم ادب جا پاڻ کي صحيح خدمتگذار سڏي ۽
سڏائي سگهنداسين.
لفظن جي چونڊ
ٻولي، آواز جو هڪ مهاساگر آهي. ان ۾ لفظن جي موتين
جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن. اديب ۽ ليکڪ اهي سڄاڻ ۽
ساڃاهه وارا غواص آهن جيڪي هن جي بحر بي پايان مان
رڳو املهه ۽ عين گهرج وارا موتي چونڊي ٻاهر ٿا
آڻين. ۽ پوءِ انهن مان ويهي پنهنجي ادب جون
مالهائون ٿا پوئين. لفظن جي اها چونڊ ۽ جائيتي جڙت
ئي آهي، جيڪا هڪ اديب جي عبارت کي امتياز ٿي بخشي.
ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ٻوليءَ جو هر لفظ پس
منظر ۾ معنائن جي هڪ دنيا پاڻ وٽ رکي ٿو: ۽ جڏهن
ڪو لفظ ڳالهائجي ٿو يا ٻڌجي ٿو، لکجي ٿو يا پڙهجي
ٿو، تڏهن اهو پنهنجي انهيءَ سموري دنيا سميت اچي
ٿو اسان جي سامهون بيهي. لفظ جي انهيءَ دنيا کي
سمجهبو. تڏهن ئي ان جو صحيح ۽ وزنائتو استعمال ڪري
سگهبو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي مقبول عام اديبن
هميشه ڌارين ٻولين جي غير ضروري لفظن، اصطلاحن ۽
ترڪيبن، ۽ خود پنهنجن ٻولين جي ڳرن ۽ غير مانوس
لفظن کي استعمال ڪرڻ کان انتهائي پرهيز پئي ڪئي
آهي: ۽ ان جي عوض هنن هميشه ڏٺل وائٺل، سنوان سڌا،
عام فهم ۽ سادا سودا لفظ پئي ڪم آندا آهن. ڪنهن
ڳالهه يا لکت جو اثر بنيادي طرح ته هونئن به ان جي
فڪر ۽ معنيٰ تي مدار ٿو رکي: ڳالهه ۾ هوندو ڪي به
ڪين، رڳو ٺلهيون هونديون گهنتريون ۽ لفظن جون
ڦلبنديون، ته اهڙين مداحن تي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا اياڻا موهت ٿين ته ٿين، باقي کري کوٽي ڄاڻڻ
پرکڻ وارا ته پڪ ٻيهر انهن کي ٻڌي اتي جو اتي
اَڻٻڌو ڪري ڇڏيندا! ڪم علمي ۽ ذهن جي اڻ- هوند،
وڏن وڏن ۽ ڏکين ڏکين لفظن، فارسيءَ ۽ لاڳيتين
ترڪيبن، ۽ عربيءَ جي ڇڪ ڇڪان وارن اچارن ۽ ان جي
صرف- نحو جي پابندين جي غلافن ۾ ڪڏهن به لڪي ڪين
سگهندي! تنهنڪري، هي جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحرڪ
اٿيو آهي ته نج سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ گهرجي، تنهن
ڏانهن اسان جي محترم اديبن کي گهرجي ته جوڳو ڌيان
ڏين، ان جي اصلي اهميت کي سڃاڻن ۽ سندس بنيادي
مقصد کي سمجهن: اڄ اسان جا پڙهندڙ محض لفظن جي
گورک ڌنڌي ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار نه آهن، ۽ نه وري رڳو
انهن جي ظاهري ڏيک ويک ۽ رعب تاب تي ڀنڀلجي يا
دهلجي ويهي رهڻ وارا آهن. اڄ اسان جي پڙهندڙن کي
اهو ادب گهرجي جيڪو سندن زندگيءَ جي حقيقتن جي
ترجماني ڪري، جيڪو کين زندگيءَ جي سڌارڻ ۽ سنوارڻ
جون راهون ڏسي، ۽ جيڪو وٽن اهڙيءَ ٻوليءَ ۾ پهچي،
جنهن ٻوليءَ کي هو ٻڌي سگهن، سمجهي سگهن ۽ هنئين
سان هنڊائي سگهن.
ٻولين جي ڏي- وٺ
اسان جا لکندڙ هتي هي سوال اٿاري سگهن ٿا ته ”ڇا،
اسانجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ذخيرو موجود آهي،جو
اسان جي مڙني ادبي ۽ علمي ضرورتن جي پورائي ٿي
سگهي؟“ جواب ۾ عرض آهي ته ان ڳالهه جو دارومدار
”ضرورت“ جي مخصوص نوعيت تي آهي: خالص ادبي ضرورتن
يعني شعر و شاعري، افسانه نويسي ۽ تنقيد وغيره
لاءِ، ۽ پڻ ٻين انيڪ علمي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ
اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ايترو ئي ذخيرو موجود
آهي، جيترو دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾،- فرق رڳو
هيءُ آهي ته هنن ۾ خالص علمي اصطلاحن جو انداز
نسبتاً زياده آهي. علمي اصطلاح انهن ٻولين ۾ ڪي
اصل کان موجود ڪونه هئا: جيئن جيئن اُهي ٻوليون
جدا جدا علمن جي جديد ترقي يافته صورتن سان روشناس
ٿينديون ويون، ۽ جيئن جيئن سندن سماجي پس منظر،
جاگيرداري دور مان نڪري صنعتي دور ڏانهن وڌندو
ويو، تيئن تيئن وايو منڊل نين نين ضرورتن سارو
انهن ٻولين ۾ نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح پڻ داخل
ٿيندا ويا. ٻين ٻولين وانگر اسان جي ٻولي به آئنده
اهي نوان علمي لفظ ۽ اصطلاح ڪجهه پنهنجو پاڻ مان
پيدا ڪري، ڪجهه ٻين ٻولين کان گهري، هٿ ڪري سگهي
ٿي. سڀيئي ٻوليون اهڙي قسم جي ڏي- وٺ هميشه پيون
ڪن: ان کان سواءِ، سندن سامهون ٻيو ڪو چارو به
ڪونهي، تنهنڪري،جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ به وقت سر
ٻين ٻولين کان ڪي لفظ هٿ ڪيا ته ان ۾ ڪوبه اهم
ڪونهي- خود کائنس به ته ٻين ٻولين ڪي لفظ کنيا
آهن! پر، هيءَ ته نيٺ به شانائتي ڳالهه نه چئبي جو
پنهنجي هڙ ۾ موڙيءَ هوندي به ڪشتو کڻي ٻين جي دران
پِنَ ڪبي وتجي! اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان
جا شاعر ۽ اديب پنهنجي ٻوليءَ جي اصلي خزانن کي
جاچيندا، سندس اوائلي ادب جو پورو مطالعو ڪندا،
پنهنجن اڳين شاعرن ۽ اديبن جي لافاني تخليق کي
پنهنجي لاءِ مشعل راهه بنائيندا، ۽ وڏي ڳالهه ته
پنهنجي ٻوليءَ جي سدا حيات، عظيم ۽ اکٽ سرچشمن
يعني سنڌي عوام سان پنهنجا جيئرا جاڳندا ۽ قريبي
ناتا قائم رکندا، ته پوءِ هو ڏسندا ته نازڪ کان
نازڪ جذبن، لطيف کان لطيف امنگن ۽ مشڪل کان مشڪل
خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ به سندن ٻوليءَ ۾ لفظن جي
ڪا اڻاٺ ڪانهي.
”نج“ سنڌي لفظ
نج سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ڪرڻ جي صلاح ٻڌي، ڪن
دوستن کي چرچو سجهي ايندو آهي، ۽ ويٺا تاڙيندا آهن
ته صلاح ڏيندڙ حضرت ڪٿي ڪو ڌارينءَ ٻوليءَ جو لفظ
ڪم آڻي ته ڪو مزو لڳي! ظاهر آهي ته هيءَ طعنيبازي
۽ هڪ ٻئي کي شهه ڏيڻ واري- هيءَ روش درست نٿي سڏي
سگهجي. مطلب هي هرگز نه آهي ته سمورا ڌاريا لفظ
ٻوليءَ مان چونڊي چپوٽي، هڪ هڪ ڪري، ٻاهر ڦٽا ڪري
ڇڏجن! دنيا جي ڪابه ٻولي جيڪڏهن اهڙي ريت پنهنجي
”اصل نسل“ ۽ ”خالص خاندان“ جي رُڃ پٺيان ڊوڙندي ته
آخر ۾ سواءِ، سڃاڻپ کان ئي نڪري وڃڻ، يا بنهه ختم
ٿي وڃڻ جي ان لاءِ ٻيو ڪو مستقبل ئي نه رهندو!
تنهنڪري سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا جيڪي لفظ داخل ٿي
چڪا آهن، نه فقط اهي جيئن جو تيئن ان ۾ هميشہ
موجود رهندا، پر آئندي پڻ اسان جي ٻولي اهڙيءَ ريت
ڌارين ٻولين سان لفظن، اصطلاحن، ۽ بيان ۽ فڪر جي
طريقن جي ڏي - وٺ ڪندي ئي رهندي، ٻوليءَ جي ”نج“
استعمال مان، جيئن مٿي اڳي ئي عرض ڪري آيا آهيون،
مراد فقط هيءَ آهي ته هڪڙو ته پنهنجي هوندي سوندي
ٻين جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو وڃي، ۽ ٻيو ته جڏهن
ضرورت آهر ڌارين کان امداد حاصل ڪئي وڃي، تڏهن ان
امداد سان گڏ ڌارين جي غلامي جا ڳَٽَ پنهنجي ڳچيءَ
۾ نه وڌا وڃن. ٻولين جو اصول آهي ته ڌارين ٻولين
جا لفظ هو هميشہ پنهنجن شرطن تي پاڻ وٽ قبول
ڪنديون آهن، ۽ خاص پنهنجن طبيعتن پٽاندر ئي اهڙن
ڌارين لفظن کي هو پاڻ وٽ کُپائيندون آهن. هرڪا
ٻولي جڏهن به ڪو ٻاهران لفظ هٿ ڪندي آهي، تڏهن ان
لفظ جو استعمال هوءَ پنهنجي قاعدي ۽ قانون موجب
ڪندي آهي- صورتخطيءَ ۾، اچار ۾، لهجي ۾، گرامر جي
صورتن ۾ ان لفظ تي حڪومت نئينءَ ٻوليءَ جي هلندي
آهي. لسانيات يا ڀاشاوگيان جو اهو هڪ بنيادي اصول
آهي، جيڪو اسان جي سنڌيءَ سان به ايترو ئي لاڳو
آهي جيترو دنيا جي ٻين سڀني ٻولين سان: تنهنڪري،
جيڪڏهن ڪو فارسي، عربي، انگريزي يا ٻيءَ ٻوليءَ جو
فدائي اسان کي چوندو ته هن يا هن ٻوليءَ جا لفظ
سنڌي ٻولي فقط تڏهن حاصل ڪري ٿي سگهي، جڏهن انهيءَ
ٻوليءَ جا قاعدا ۽ دستور پڻ انهن لفظن سان گڏ
پنهجي مٿان عائد ڪري، ته اسين انهيءَ حضرت کي
چونداسين ته ”جيڪڏهن تنهنجي ٻوليءَ جا لفظ انهن ئي
شرطن تي ملڻا آهن ته پوءِ ’اهو سون ئي گهوريو جو
ڪن ڇني‘- اسان کي انهن شرطن تي اهي لفظ بنهه کپن
ئي ڪونه!“....ته، ”نج“ سنڌي لفظن ۾ اهي لفظ، ويندي
خالص علمي اصطلاحن تائين، پڻ اچي وڃن ٿا، جن کي
سنڌي ٻولي پنهنجي مهر هڻي پنهنجو بنائي ٿي ڇڏي-
پوءِ اهي لفظ ۽ اصطلاح کڻي ڪهڙيءَ به ٻيءَ ٻوليءَ
جا هجن! اسان کي يقين آهي ته اسان جي محترم شاعرن
۽ اديبن کي ”نج“ سنڌي لفظن جي انهيءَ دائري ۾ جنهن
جي وصف مٿي عرض ڪري چڪا آهيون، پنهنجي هر ادبي ۽
علمي ضرورت لاءِ، گهرج سارو لفظ هر وقت موجود
ملندا.
سنڌي ڪافي ۽ غزل
اسان جي ادب ۾ هيئنر هڪ ٻيو به تحرڪ زور وٺي رهيو
آهي ته ”غزل“ کي ڇڏي، ڪافين ۽ بيتن تي ڌيان ڏجي.
اسان جي شعري ادب ۽ غزل جو هجڻ ڪا خراب ڳالهه نه
آهي، پر غزل جنهن ماحول جي ترجماني ٿو ڪري، اهو
ماحول اسان جي سنڌ ۾ بلڪل ڪينهي. غزل، جاگيرداري
دور جي پيداوار آهي- جڏهن وڏاوڏا نواب ۽ جاگيردار
پنهنجي، درٻارين ۾ غزلن کي اهميت ڏيندا هئا،
محفلون مچنديون هيون، شمعون ڦرنديون هيون، ساقي
جام پر ڪري، ڏيندا هئا، ۽ شاعر غزل ڇيڙيندا هئا!
غزل، عشق و محبت جي هڪ خاص ماحول جي نشاني آهي.
اهو ماحول ايران ۽ هندستان جي بادشاهن ۽
جاگيردارن جي درٻار ۽ انهن سان لاڳاپيل دنيا ۾
موجود هوندو هو. اسان جي سڳوري سنڌ ۾ نه آهن اهي
جام ۽ ساقي جا خرافات، جن ۾ سهڻيون نينگريون ۽
ڳڀرو نيگر شاعرن کي جام ڀري ”ساقيءَ“ جا فرض ادا
ڪن، نه اهي بلبليون آهن جي گلن جي چوگرد پنهنجا
پَرَڇائينديون وتن، نه آهن اهي سرو ۽ صنوبر جا وڻ
جن سان محبوب جي قد کي تشبيهه ڏجي، نه اهي”بتخانا“
آهن، جتي سلامي ڀرڻ ۽ ڪورنشون ڪرڻ لاءِ شاعر وڃي
حاضريون ڀرين- ۽ حسن جي حضور ۾ رسائي حاصل ڪرڻ
لاءِ دربانن جي خوشامد ۽ دلجوئي کين ڪرڻي پوي!
انهن سڀني ڳالهين هوندي به، هن ۾ ته ڪو شڪ ئي
ڪونهي ته ”غزل“ جي صنف اڄ اسان جي سنڌي ادب ۾ هڪ
نهايت پائيدار جڳهه والاري بيٺي آهي. ائين ته
”گيت“ به ته اسان جي زبان جو ڪونهي! اسان جي شعري
ادب ۾ اصل ته رڳو بيت، ڏور، وائيون ۽ ڪافيون ئي
آهن. انهيءَ ڪري، ٻين صنفن کي ڌڪاري ڇڏڻ به ڪو
صحيح قدم نه آهي- پاڻ جيترو ٿي سگهي اوترو ٻين
مشهور زبانن جي ادبي صنفن کي پنهنجي ئي رنگ ۾ رڱي
ڇڏجي. غزل، عشقيه شاعريءَ جو هڪ جزو آهي عشق ته هڪ
پوتر امنگ ۽ پاڪيزه جذبو آهي، ۽ اسين به عشق جي
رنگينين ۽ دلچسپين کي محسوس ڪريون ٿا، اسان ۾ به
اهي پاڪيزه جذبا موجود آهن: پر انهن جذبن جي
ترجماني سنڌي ماحول اندر ئي ٺهي ٿي. اهو ماحول، ڪو
ايراني يا لکنوي ماحول کان گهٽ ميٺاج وارو سهڻو نه
آهي. انهيءَ ڪري غزل کي اسين سنڌي جامو پهرايون ته
پوءِ غزل به اسان جي ادب ۾ هڪ سهڻو اضافو ٿيندو-
پر، جيڪڏهن اسين پنهنجا امنگ ۽ جذبا ڌارئين ماحول
۾ ڪنداسين، ساقي، جام، بلبل، نرگس ۽ لاله عنقا ۽
ڪوهه قاف، ختن ۽ زلف پيچان جي پڃرن ۾ پنهنجي عشق ۽
محبت کي بند ڪنداسين، ته اهو غزل ته ڪونه ٿيندو
البت ۽ ”گوَنزل“ ضرور ٿيندو. اسان وٽ سنڌيءَ ۾
چوڻي آهي ته: ”ادا، تون گوَنزل پيو هڻين،
گوَنزل!“- يعني ”اجائي لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ پيو هڻين!“- سو
اسان جا غزل به شيراز ۽ لکنؤ جي ماحول ۾ بيان
ٿيندا ته اهي به ”گوَنزل“ ئي ثابت ٿيندا. انهيءَ
ڪري اسان جي شاعرن کي گهرجي ته هو پنهنجي ئي نظارن
۽ پنهنجي ئي ماحول ۾ ۽ پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ غزل
خواني ڪن. غزل جي صنف ۾ جيڪي نوان تجربا خود
فارسيءَ ۽ اردو ٻولين ۾ ٿي رهيا آهن، انهن کي
سامهون رکي پاڻ به اهي، ٺلها وصال ۽ فراق جا پراڻا
قصا بند ڪري، نوان خيال ۽ نوان فڪر ۽ غزل جي معرفت
پيش ڪن. ٻوليءَ جي لحاظ کان به غزل جي انهن ڌارين
بندشن کان اسان جي شاعرن کي پرهيز ڪرڻ گهرجي، جيڪي
پنهنجي ٻوليءَ کي سنوارڻ جي بجاءِ بگاڙين ٿيون،
مثلاً،اضافت ۽ واو عطفيءَ جون بيجا ترڪيبون، نون
غني جو اجايو استعمال، ۽ خود پنهنجي ٻوليءَ جي
ساڪن حرفن کي متحرڪ ۽ متحرڪ حرفن کي ساڪن ڪري لکڻ،
۽ لفظن جي نحوي صورتن کي بدلائي، خود سڌن سنون
لفظن کي به ڇڪي تاڻي غزل جي وزن ۾ پورو بيهارڻ-
اهي ۽ ٻيون جيڪي به اهڙيون ڪوششون ٿينديون، سي
ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي صحت کي ڪاپاري ڌڪ هڻنديون.
انهيءَ ڪري، اسان جي غزلگو شاعرن کي التجا آهي ته
هو انهن سمورين ڳالهين کان سنڌي ادب کي بچائين ۽
اهڙيءَ طرح خالص سنڌي غزل جي نئين صنف سان پنهنجي
ٻوليءَ ۽ ادب کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن.
سنڌيءَ جي شعري ادب ۽ ”ڪافيءَ“ جو هڪ ٻئي سان جسم
۽ جان جو ڳانڍاپو آهي. اڄڪلهه ته خود شهري اديبن ۽
شهري پڙهندڙن وٽ به ڪافيءَ جي مقبوليت عام ٿيندي
پيئي وڃي. ڪافيءَ ۾ اها عام دلچسپي اسان جي ادب
لاءِ نيڪ فال ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به
ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ هڪ نئين سجاڳي ۽ نئون تحرڪ
پيدا ٿيو آهي ته ان جي شروعات هميشہ سندس اصل کي
اجاگر ڪرڻ سان ئي ٿي آهي. ڪافي، انساني عشق ۽ محبت
جي امنگن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي. البت اسان وٽ
ان ”مجازي“ عشق جي موڙ وٽان ڪافيءَ کي هميشہ تصوف
۽ ”عشق حقيقيءَ“ جي ناپيد ۽ غيبائتين منزلن ڏانهن
نيو ويندو آهي. خود مجازي عشق جا داستان به اسان
وٽ مخصوص بڻجي رهجي ويا آهن. انهن پنهنجن خالص
سنڌي رومانوي داستان جي سورمين جي زباني، عشق محبت
جون وارداتون بيان ڪرڻ ۽ تصوف جا مسئلا سمجهائڻ ۽
سلجهائڻ به مبارڪ ڪم آهي، پر ڪجهه ته ڪافي چوندڙ
شاعرن کي به نئين زماني جو ساٿ ڏيڻ گهرجي! اڄ ٻين
ٻولين جو ادب نين نين ڳالهين کي پنهنجي شعري ادب ۾
سموهي رهيو آهي. فارسي ۽ اردوءَ جو غزل به پراڻو
رنگ ڇڏي، نئين ماحول ۾ نئون رنگ ڍنگ اختيار ڪري
رهيو آهي، ۽ نون قدرن کي پنهنجو ڪري رهيو آهي.
اسان جي ڪافي اڃا تائين انهيءَ پراڻي ڍنگ ۾
”مجازي“ ۽ ”حقيقي“ عشق جي تمثيل ۾ گم آهي- ساڳيا
خيال، ساڳيا لفظ ڦريو گهريو پيا سامهون اچن- وقت
جي تقاضا آهي ته اسان جا ڪافي گو شاعر به پراڻن
پيچرن کي ڇڏي، نيون راهون سوجهين. پراڻن موضوعن
سان گڏوگڏ ڪجهه نوان موضوع به قبول ڪري سگهجن ٿا.
ڪافيءَ لاءِ نئين شاعراڻي ماحول تجويز ڪرڻ سان
اسان جا ڪافي گو شاعر، سنڌي زبان جي ادب تي هڪ
عظيم احسان ڪري سگهن ٿا.
اسان جون اميدون ۽ ارادا
”مهراڻ“ جو هي چوٿون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.
هن پرچي سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو پهريون سال
پورو ٿيو. اميد ته پهرين ٽن پرچن وانگر، هي پرچو
به اسان جي پيارن پڙهندڙن کي پسند ايندو. نئين سال
۾، گذريل سال جي اوڻاين ۽ آزمودن جي روشنيءَ ۾،
ارادو آهي ته اڳي کان به وڌيڪ ڪجهه ”مهراڻ“ معرفت
پنهنجي پڙهندڙن کي ڏيون. اسان کي يقين آهي ته سندن
نيڪ تمنائون ۽ دلي دعائون اسان ساڻ آهن. وڌيڪ
ڀروسو اٿئون ته جيئن گذريل سال ۾ سنڌ هند جي اديبن
۽ شاعرن پنهنجا لک لائق ۽ انيڪ احسان ڪري ٻوليءَ
جي خدمت ڪرڻ ۾ اسان سان ساٿ ڏنو، تيئن نئين سال ۾
به هو انهيءَ نيڪ ڪم ۾ اسان سان ساٿ ڏيندا!
- م. ا. ج
[مهراڻ:
سرءُ،
سال 1955ع]
|