(8)
- بندي جي نظرمان ڪيترائي سنڌي ۽ غير سنڌي رسالا
گذريا آهن؛ ليڪن ”مهراڻ“ هر لحاظ کان هڪ معياري
رسالو آهي- ائين کڻي چئجي ته هڪ املهه موتين جا جي
بي پناهه کاڻ آهي.
”مهراڻ“ مون کي ته ايڏو پيارو آهي جو قسم آهي
موليٰ جي هيڪڙائيءَ جو ته رات جو توڙي ڏينهن
جوآرام وقت پنهنجي سري هيٺان رکي،آرام مان لطف
اندوز ٿيندو آهيان، ۽ جتي به ويندو آهيان ”مهراڻ“
اصل ساڻ هوندو اٿم.
دعا آهي ته اسان جي سلوڻي سنڌي ادب جو هي روشن
چراغ هر هڪ سنڌيءَ جي گهر ۾ ٻهڪندو نظر اچي. -
دعاگو محمد قاسم ”شاد“ڪڇي، ڳوٺ قادر ڏنو شاهه،
تعلقو ٽنڊو محمد خان.
(9)
- ”مهراڻ“ جي هن سال واري وهڪري، اسان تائين جي
چار تحفا لوڙهي اچي ڪڍيا آهن، تن کي الاهي غنيمت
ٿا سمجهون. ڪهڙي ڳالهه ڪجي انهن چئن تحفن جي – دل
ئي ٺاري ڇڏيائون!
منهنجا سائين آءٌ نه اديب آهيان ۽ نه شاعر آهيان.
مگر ”مهراڻ“ جي ملاحن اڳيان هڪ وانجهي آهيان- ۽
اڃا پيو ونجهڙا هڻڻ سکان - نڪي منهنجي ادب جي
ڪشتيءَ ۾ سڙه سوان ۽ لاڄو نوان آهن، نڪي عاج جا
اولا آهن. نڪي پٽ جون رسيون آهن. مگر هڪ ميري ۽
ڦرهين کي ڦيٽ آيل ڊونڊڙي اٿم، جنهن ۾ سادو ۽ سستو
وکر ونڌيو اٿم – سو خذمت ۾ موڪليان ٿو: شل قبول
پوي!
-توهان جو ئي دائود پوٽو ”رفيق“ سنڌي، ٽلٽي، سنڌ،
(10)
”مهراڻ“ سنڌي ادب جو چمڪندڙ ۽ روشن ستارو آهي.....
وڏي خوبي، جا مون کي منجهس ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا هيءَ
آهي ته ڪٿي به ڪنهن به مضمون، افساني يا شعر ۾
عربي، اردو، پارسي وغيره جا ڳاٽي ڀڳا شَد ۽ مد
ڪونهن- جنهن محنت لاءِ سڀ اُهي اديب حضرات مبارڪ
جا مستحق آهن، جي اهڙيءَ طرح اصل سنڌي ادبي خزاني
کي نئين سر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
دعا آهي ته شال اسان جو پيارو ”مهراڻ“ ڦَلي ۽
ڦولي، وڌي ۽ ويجهي ۽ شال هي سنڌي زبان جو پاسبان
ٿي، کيس ايترو وڌائي جو سنڌي زبان مغربي پاڪستان
جي سڀني زبانن کان گوءِ کڻي، قومي زبان جو درجو
حاصل ڪري- آمين.-
- ”مهراڻ“جو متوالو عبدالرحمان پهوڙ، شاهه
عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج، ميرپور خاص.
(11)
- سنڌي ادب به، سياست سان گڏ، گهڻو ڪي پئي سٺو
آهي، ۽ ادبي دنيا ۾ نئين هلچل ۽ نئين جاڳرتا ۽
بيداري آڻڻ لاءِ ڪنهن اهڙي رسالي جي ضرورت هئي،
جيڪا ”مهراڻ“ پوري ڪئي آهي. اسان جون توهان سان گڏ
دعائون آهن.
- نارائڻ پراڳچند ”ناري“، حيدرآباد.
- سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شايع ڪيل ڪتاب ”فتح
نامه سنڌ عرف چچنامه“ ۾ عاليجناب ڊاڪٽر بلوچ جيڪا
تحقيق ۽ تدقيق ڪئي آهي، ان جي داد ڏيڻ لاءِ ته لفظ
ئي ملي نه ٿا سگهن.
صاحب موصوف ”قصبه وجور ته“ بابت، باوجود ٿر کان اڻ
واقفي هوندي به، جنهن دماغ سوزيءَ کان ڪم وٺندي،
ان کي ”ونگو“ قرار ڏنو آهي، ان تي به بي اختيار صد
تحسين جا لفظ زبان مان نڪرن ٿا. مگر اهو لفظ اصل ۾
”وجوتره“ آهي، جنهن جو صحيح تلفظ ”وڄوٽهه“ آهي.
اهو ڳوٺ ونگي کان اٽڪل ويهه ميل اڀرندي مٺيءَ ۽
نئين ڪوٽ جي پوري وچ تي آهي. سمجهجي ٿو ته عربن جي
فتح وقت اتي ايڏو وڏو قلعو هو، جو اهو ڳوٺ ضلعي جو
ڪم ڏيندو هو.
– م. ع. ڏيپلائي.
[”مهراڻ“: بهار، 1956ع]
(1)
– ادل، ”آواز سنڌ“ جي سنڌ نمبر من ۾ هڪ قسم جي اٿل
مچائي ڏني، جنهن ۾ لکيل هو ته: ”هڪ يونٽ واري عملي
قدم، سنڌ کي ختم ڪري ڇڏيو؛ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي به
تسليم نه ڪيو ويو آهي“– ۽ وري هت هندستان ۾ به
تمام گهڻا سنڌي، پنهنجي ٻوليءَ جي مستقبل کان
مايوس ٿي هندي ڳالهائي رهيا آهن. چي: ”سنڌي ڪهڙي
ڪم ايندي؟“..... ڀلا اهي ڳالهيون انهيءَ شخص جي من
۾ ڪيڏي نه پيڙا پيدا ڪنديون هونديون، جو پنهنجي
وطن، ٻوليءَ ۽ ادب کي دنيا جي سڀني اعلى ۾ اعلى
چيزن کان به وڌ ٿو سمجهي!..... مان سنڌ جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ– اميڻن جو ڳوٺ، تعلقي قنبر– جو رهاڪو
آهيان. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهين مان
ننڍڙو هئس ۽ گهر جي لڳو لڳ رهندڙ وڏيرن جي گهر
لنگهي وڃي وڏيريءَ عالميءَ کي چوندو هئس: ”عامني،
ڀت ڏي!“ ۽ هوءَ پاٽ مان ڪنئرا ڪنئرا چانور ڪڍي،
ڌونئرو وجهي ڏيندي هئي، ۽ مان مزي سان ”عامنيءَ“
جي گوڏي تي ويهي کائيندو هوس! – پوءِ ان سنڌ ۽
ڳوٺڙن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن وساريان؟.....
اهو سوچيندي ئي ازخود اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا
اٿم.......... منهنجي سنڌڙيءَ جا شل ڳوٺ وسن!
مان سمجهان ٿو ته هن وقت، جڏهين هي حالتون آهن،
تڏهين سنڌيءَ جو لوڪ ساهتيه (لوڪ ادب) گڏ ڪرڻ لاءِ
هر ممڪن ڪوشش ڪجي– متان اهو به نه ختم ٿي وڃي. گهر
گهر ۾، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي، لوڪ گيت (لاڏا، لوليون،
ڪافيون، راڳ، اوراڻا، ۽ ڏوهيڙا وغيره) گڏ ڪجن ۽
انهن جو هر نموني پرچار ڪجي. بورڊ ”جهان آرا“
ڇپايو آهي ۽ مرزا قليچ بيگ مرحوم جو ناول ”زينت“
ڇو نٿو ڇپائجي؟
– نارايڻ ڀارتي، سنڌو نگر.
(2)
– ساٿي، منهنجو هڪ دوست هميشہ ”مهراڻ“ جو پرچو هٿ
۾ کنيو گهمندو هو........ مان کيس ٽوڪيندو هئس، ته
هو مون کي به ان جي پڙهڻ جي ترغيب ڏيندو هو. آخر
هڪ مهمان وٽ به اهو پرچو ڏٺم، ۽ خيال ڪيم ته هيءُ
جو ڪافي دوست ”مهراڻ“ کي گڏ کنيو وتن، سو آءٌ به
پڙهي ته ڏسان! پڙهڻ سان حيرت جو مجسمو بڻجي ويس؛
ڇوته هي پرچو ته نه هو، پر علم ۽ ادب جو ڪچڪول هو!
4 بجي شام جو پڙهڻ ويٺس ۽ 4 بجي رات تائين پئي
پڙهيم، ته اوچتو ڀاڻم اٿي آيو ۽ چيائين: ”چريو
آهين ڇا؟ ٻيو وقت ئي ڪونه ملندءِ؟“ مگر هن کي ڪهڙو
جواب ڏيان!
جيڪي سنڌ جا خود ساخته ليڊر سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ
جي درجي ملڻ جي معيار جِي ٻولي نٿا سمجهن، سي
”مهراڻ“ پڙهندا ته اکيون کلي پوندن.
”مهراڻ“ ۾ شيخ ”اياز“ جا پيارا بيت پڙهي پاڻ کي
خيالي دنيا ۾ سمجهيم. ”اياز“ هڪ ترقي پسند شاعر
آهي– هي ”باغي“ رسالي ۾ بيت ۽ افسانا لکندو هو، ان
وقت آئون ڪو خاص هن جي شعر مان مطلب نه ڪڍي سگهندو
هوس؛ پر هاڻي ”اياز“ صاحب اڄ ڪلهه جي موضوعن تي
لکڻ لڳو آهي: سنڌ لاءِ ڏسو ته ڪهڙا نه جذبا اٿس:
” – جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي.“
گدائي ته بلڪل ٻهراڙيءَ جو نقشو چٽيو آهي. منجهس
آزاديءَ جي بوءِ آهي:
”آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي“ ۽ ”سنگهارن جي
ساٿ ۾ ڪانهي سرهائي“ ڪافيون وڻندڙ ۽ دلسوز آهن. ڪي
ته موضوعن ڳولڻ لاءِ مٿا هڻن ٿا. ”برده“، ”تنوير“،
”غني“، ”رضا“ جون ڪافيون چڱيون آهن.
عارف المولى جو گيت ”اجهي ڄاڻ مسافر آيا“ بس سندس
دل جي ترجماني ڪري رهيو هو. ”تنوير“ جو گيت ”پيار
جو سمنڊ اجهاڳ“ بس وجد ۾ وٺي ويو– تنوير صاحب ۽
مٿان شاعر کيرون لهڻن. هنن جا جواهر پارا ”مهراڻ“
جي سونهن آهن.
”بڻ“ افسانو به ملوڪ هو. وڏيرڪي نظام ۾ هڪ وڏيري
هڪ انسان کي پنهنجي ڪتي تان قربان ڪيو، ڇو جو
وڏيري واري ڪتيءَ جو بڻ سٺو هو. اهڙو ڪتو وڏيري کي
شايد نه ملي ها– ماڻهو ته ٻيا به اڪيچار ملي سگهيا
ٿي!
هڪ افسانو شيخ حفيظ جو ”مبارڪون“ ته وري هن ٿڳڙيل
سماج جو جنسي جنازو آهي. هڪ ڏاڏي کان به وڏو ماڻهو
هڪ نوخيز ڇوڪريءَ سان محض شهوت پرستيءَ خاطر شادي
ڪري ٿو. ٻيا ته ٺهيو پر سندس والدين به کيس اها
تلقين ڏين ٿا ته: ”امڙ! لڄ رکجان– مڙس جيئن پڪو
تيئن سچو– گهر ۾ راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ.“
انهيءَ افساني ۾ سماج جي ٺيڪيدارن لاءِ هڪ للڪار
هئي: ڇا هو پاڻ کان چئوڻي وڏي عمر واري عورت سان
شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ جي نه، ته پوءِ پنهنجين
ڏوهٽين ۽ پوٽين جيڏين سان ڇو ٿا شادي ڪن ۽ انهن جي
ارمانن کي ڪچلين؟ ڇا هنن بي زبان نينگرين کي دل نه
آهي؟ پر ٻڏڻ گهرجي انهن والدين کي، جيڪي پنهنجي بي
زبان نينگرين کي اهڙن پوڙهن سان پرڻائي چون ته:
”مڙس جيئن پڪو تيئن سچو– راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ!“
افسوس، اهڙا والدين، جن جون اکيون سون ۽ چانديءَ
انڌيون ڪيون آهن، ڪڏهن اکيون کولي، بي زبانن کي
زنده درگور ڪرڻ کان پاسو ڪندا!
م. ع. ڏيپلائي جو ناٽڪ ”نجومي“ ته بس چئي کڻي بس
ڪر– ڏيپلائي ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي
هڪ مائٽ چيو ته: ’شايد ڏيپلائي صاحب پاڻ ڪجهه وقت
نجومي ٿي رهيو هو، ۽ پنهنجا تجربا ٻڌايا اٿس.‘
ناٽڪ ۾ اهو صاف ڏيکاريل آهي ته ڪيئن نه ماڻهو مت
موڙهلن کي ابتو سبتو ٻڌائي ڦرين ٿا. پر هڪ اکر
چوڻو پوندم ته نجوميءَ سان گڏ جو ڇوڪرو هو، ان جي
عمر سمجهه ۾ نٿي اچي. ڇا ايتري ننڍي عمر وارو
اهڙيون چالاڪيون ڪري سگهي ٿو؟ اهو البت سمجهه ۾ نه
آيو.
”بلو دادا“ ته افسانوي دنيا جو شاهڪار آهي. اهڙا
افسانا ئي سماج جو پول پڌرو ڪن ٿا: اهڙا افسانا ئي
اسان جي اکين تي ڏنل سماج جي پٽي کولين ٿا.
پرچي پنجين (سال 2– پرچو 1) ۾ اياز جو بيت:
ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،
آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي،
پراوا پيهي؛ والاري ويا سنڌڙي–
سنڌ جي هاڻوڪي حالت جي ڪيتري نه سچي ۽ سهڻي
ترجماني ٿو ڪري: اهو بيت هر سنڌيءَ جي دل جي
ترجماني ڪري ٿو. ٻيا سڀ بيت سٺا هئا– البت ”ميوو
خان لغاري“ جا بيت سرس هئا.
ڪافين ۾ ٻڍل فقير، صاحب ڏنو، طالب المولى جون
ڪافيون بهترين آهن. ”سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي“– ان
تخيل مون کي جهنگ سيال ۾ وڃي پهچايو– ايئن محسوس
ڪيم ته ڄڻ اهو واقعو منهنجي اکين اڳيان ٿي رهيو
آهي. لاشاريءَ جي ڪافي ته پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
گرامي صاحب جيڪر آئيندي ڪافين ۾ ڌارين لفظن بدران
يا ڏکين لفظن بدران عام مروج لفظ ڪم آڻي ته ڏاڍو
چڱو– پر اڄ جا شاعر ۽ ليکڪ شايد ڌاريا ۽ ڏکيا لفظ
ڪم آڻڻ ۾ پنهنجي مطالعي جي وسعت ٿا ڏيکارين.
ڏيپلائي صاحب ”ٿر جا لوڪ گيت“ لکي هڪ وڃايل باب
سنڌ جي ادب جو هٿ ڪيو، ۽ گم ٿيڻ کان بچايو آهي.
لوڪ گيتن سان گڏ ترجمو ڏيئي هن جو ڪم ڪيو آهي، ان
لاءِ مبارڪون لهڻي.
”نياز“ همايوني جو نظم ”للڪار“ نئين صبح کي سڏي
رهيو آهي، ۽ ان جي آجيان ڪري ٿو.
گوبند ڀاٽيه ڪجهه غير مروج لفظ ڪم آندا آهن–
جيتوڻيڪ انهيءَ جي بدران ڪيترائي سنڌي لفظ عام
آهن.
ارجن ڊيٽارام جو ”وطن جي ياد ۾“ پڙهي بي اختيار
اکين مان ڳوڙها وهي آيا– ڇا اسان سڀ سنڌي مادرِ
وطن ۾ گڏ وري نٿا رهي سگهون؟
التجا آهي ”سڪايل“ خاص ڪا درگاهه ۾
ڪاش! مان هيڪر ڏسان سي سنڌ جا دلدار يار
ڇا انهن جون التجائون قبول نه پونديون– ڇا انهن
کان حساب نه ورتو ويندو، جن اسان کان پنهنجي وطن
جا ساٿي وڇوڙي ڇڏيا؟ ڪاش، سندن التجا قبول پوي!
محبوباڻي جو ”هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ“
سرمائيدارن جي ڪرتوتن جو آئينو آهي، جي ملڪ تي امن
بدران جنگ جا ڪڪر آڻي رهيا آهن–
غزلن ۾ بشير ”مورياڻي“، ”تنوير“ عباسي ۽ حيدر بخش
جا غزل بهترين هئا. عبدالحليم ”جوش“ پستيءَ طرف
قدم کڻي رهيو آهي– کيس موضوع بدلائڻ گهرجي.
افسانو ”پشو پاشا“ بلڪل ٺيڪ هو. افسانو ڏيکاري ٿو
ته جيستائين پنهنجي مدد پاڻ نه ڪنداسين، تيسين
ڪجهه نه ٿيندو. ”پورهيت ڪڏهين به نٿو مري سگهي“–
اهو ته اڄ جتي ڪٿي ثابت ٿي رهيو آهي. گوورڌن
محبوباڻي جي ”ڪهاڻي“ للڪاري پئي ته هاڻي وقت آيو
آهي، جو هن ٿڳڙيل سماج جي چنبن مان پاڻ ڇڏائجي، ۽
پنهنجي لاءِ نئون آزاد سماج اڏجي: ”چمپا جي هٿن جي
ميندي اڃان رنگ ئي نه مٽايو هو جو هوءَ بيواهه ٿي
پيئي“– ڇا اهڙي سماج کي به اڃا نه ڊاهجي؟
جڏهن ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ”تون پڇين ٿو مان ڇو اداس
آهيان؟“ پڙهيم، تڏهن دل ڀرجي آئي، ۽ اها همت نه
ٿيم جو اڳتي پڙهي سگهان. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ اباڻي وطن
کي ساريو آهي..... ننڍپڻ جي يادگيرين کي دهرايو
اٿس، جي هينئر کيس خواب وانگر پيون ڀاسجن. وطن
ڪوبه وساري نه سگهندو– وطن جن وساريو، ”حيف تنين
کي هوءَ“ دل چيو ته چوانس: ”ڀاءُ ڪيرت! تون دل نه
لوڙهه– اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڻ وري سنڌو نديءَ ۽
ڦليلي تي گڏ ٽٻيون هڻنداسين، ۽ ڪوٽڙي جا پلا
کائينداسين. سنڌين ۽ سنڌ جي هر شئي کي جيئن تو نه
وساريو آهي، تيئن انهن به توکي نه وساريو آهي:
جيستائين سنڌ ۾ ان جا باشندا زندهه آهن، تيستائين
هو پنهنجي جگري ڀائرن کي وساري نٿا سگهن!“
”پڇتاءَ جا ڳوڙها“، ”ملڪ مڙيوئي منصور“ بهترين
هئا– گوبند ڀاٽيا کيرون لهڻي.
”آزاد نظم“ وارو باب مزيدار ڪونهي. ان کي جيڪر ڪڍي
ڇڏيو ته بهتر، جو شاعر ان ۾ ڪو خاص موضوع نٿا رکن.
”ميڪده حيات“ نه عنوان سان ٺهڪيو، نه ڪا طرز هيس.
”ادب لطيف“ وارو باب بلڪل سٺو هو. ”بيهڪ جون
نشانيون“ وارو مضمون اسان پارن جي رهنمائي ڪندو.
”سيف الملوڪ“، ”انسان ۽ سندس دنيا“، ”ابوالعلاء
معري“ اسان جي ادب جا شاهڪار آهن.
قسط وار مضمون نه ڏيو ته چڱو، جو ان مان لطف نڪري
ٿو وڃي. ”ادب يا ساهت“ بابت ملڪاڻي صاحب جا خيال
سٺا آهن.
اميد ته ”مهراڻ“ ڏينهون ڏينهن سنڌي ادب ۽ ثقافت جي
ترقيءَ جي راهه تي وک وڌائيندو ويندو. سندس ڪارڪن
مبارڪباد جا مستحق آهن.
– ادبي سمنڊ جي ڪناري تان ڪڪريون چونڊيندڙ، محمد
خان جمالي ”آواره“.
– مهربان مهتمم صاحب، ”مهراڻ“ جا سمورا پرچا
پڙهيم– خوب پڙهيم. پڙهي ايتري نه پرسنتا ۽ خوشي
پلئه پيئي، جو ڪي لفظ ئي ڪين ٿا سجهن، جن سان اها
خوشي ظاهر ڪري سگهان. سچ، مون پنهنجي سموري
حياتيءَ ۾، ”مهراڻ“ جهڙي معياري مخزن اڃا تائين
ڪين ڏٺي آهي. شعرن، مضمونن ۽ ڪهاڻين جي چونڊ
لاجواب آهي. سچ پڇو ته مان انگريزي، هندي، مرهٽي،
گجراتي ۽ اڙدوءَ جا ڪيترا رسالا نظر مان ڪڍندو
آهيان، پر ”مهراڻ“ جهڙو اتم رسالو سندم نظر تي
چڙهيو هجي، سو بنهه نه!
– اوهان جو گهڻگهرو، واسديو نرمل، بمبئي.
(3)
– ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جي گذارش پڙهي اکين مان بي
اختيار لڙڪ وهڻ لڳا. سمجهي نٿو سگهان ته اهي لڙڪ
الائي ڇا جا هئا– خوشيءَ جا يا غم جا، برتريءَ جي
احساس جا يا ڪمتريءَ جي احساس جا! سنڌي ٻوليءَ
لاءِ جيڪي لکيل هو، تنهن کي پوري ڌيان سان پڙهيم.
اسين ڪوشش ڪندا رهنداسين ته اڄ نه سڀان– ڪڏهين نه
ڪڏهين اسان جي سنڌي ٻولي به ضرور هڪ خود مختيار ۽
سرڪاري ٻولي ٿيندي!
سدائين سنڌڙي، تنهنجو صاحب رکندو شانُ،
دشمن سڀ دفع ٿيندا، قادر هڻندن ڪانُ،
مولى مهربانُ، وسائيندو وطن کي!
– محمد دائود بلوچ، حيدرآباد سنڌ.
(4)
– پريا ساٿي، ”مهراڻ“ ڪنهن دوست کان هٿ آيو. سچ ته
مان سندس ساراهه لکي ئي نٿو سگهان– هر لحاظ کان
”مهراڻ“، ’مهراڻ‘ ثابت ٿي آهي. هي رسالو پاڪستان
توڙي ڀارت ۾ سنڌي ادب ۾ اوچي جڳهه والاري چڪو آهي.
اوهان جي ”مهراڻ“ سنڌ جون سڪون لاهڻ ۾ ڪابه ڪسر
ڪانه ڇڏي آهي. ان چوڻ ۾ مون کي ڪابه واڌ نظر نٿي
اچي– ڀلا سورج کي ڏيئي جي ڪهڙي ضرورت!
– سروج ڪمل، بمبئي.
(5)
– محترم ايڊيٽر صاحب، ”مهراڻ“ صرف هڪ سال دير سان
نڪري ها ته شايد سنڌي ادب کي نه سهڻ جوڳو نقصان
پهچي ها.
– عبدالرؤف قريشي، جيڪب آباد.
(6)
– مڪرمي، ”مهراڻ“ کي جيڪڏهن ”سنڌي ادب جو روح“
سڏيان ته به اها تعريف ڪافي ناهي؛ ڇاڪاڻ ته هن جو
درجو روح کان گهڻو بلند آهي. ڪاش! جيڪڏهن هو
اهڙيءَ طرح ماهوار نڪري ۽ سندس چندو پنجويهه رپيا
هجي!
– ماستر محمد قاسم، گوني.
(7)
– محترم ايڊيٽر صاحب، سوين ڪتاب ڏسون ٿا، پر هن
رسالي ڏسڻ بعد ئي دل جو ڍؤ ٿئي ٿو. چار ئي پرچا
ساهه سان سانڍي رکيا اٿم. اٿندي ويهندي، سفر ۾ يا
سمهڻ مهل هر نئون پرچو گڏ اٿم. منهنجي من جي اِها
آس آهي ته شل اڃا به ڦلي ڦولي ۽ ولائتن تائين
ورڇي.
– جمال الدين لغاري، ميرپورخاص.
(8)
– مڪرمي، سنڌ جا مورخ سـسئيءَ جي ڄمڻ جو هنڌ ”ڀنڀر
واهه“ ڳوٺ لکن ٿا، پر اهو نٿا لکن ته اهو ڪٿي هو.
رياست بهاولپور ۾ هڪ ڳوٺ ”ڀٽا واهڻ“ آهي، جو
اسٽيشن صادق آباد کان اولهه طرف 12–13 ميلن تي
آهي. اتي قديم ايامن کان اها روايت لڳو لڳ هلندي
اچي ٿي، ته مائي ســسئي هن ڳوٺ ۾ ڄائي هئي. سال
35–1936ع ۾ مان اتي ويو هوس؛ مون کي اها جاءِ به
ڏيکاري ويئي، ۽ درياءَ ۾ لوڙهڻ وارو هنڌ به
ڏيکاريو ويو هو. ماڻهن ٻڌايو ته هاڻي سندس خاندان
مان ڪوبه باقي نه آهي– ڪيترائي ماڻهو انهن هنڌن کي
ڏسڻ ايندا آهن.
– مولانا محمد صادق، راڻي پور. |