اصل انگريزيءَ ۾ احمد بشير جو لکيل
سنڌيڪار: عبدالرسول نظاماڻي
سنڌو
مان انهيءَ عظيم ماءُ، مانسروور ڍنڍ جي ڄائي
آهيان، جيڪا لافاني هماليا جي عظيم پهاڙن ۽ انهن
جي آسماني چوٽين جي وچ ۾، آد کان وٺي، هڪ بي انت
سوچ ۽ ويچار جي دنيا ۾ گم رهندي پئي آئي آهيان.
اهي شاهاڻا پهاڙ، منهنجي ان مانائتي ۽ ماٺيڻيءَ
ماءُ جي حفاظت ڪن ٿا، جتي هر شيءِ خاموش آهي، جتي
ڪنهن به قسم جي ڪا ڀڻڪ ڪانهي، جتي حسن ۽ حيرت، اثر
۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگيءَ جي هڪ گنڀير، دل
ڏاريندڙ، ڀيانڪ دنيا آهي- قدرت جي هڪ لاجواب ۽
لازوال چترڪاري آهي! ان جي نوراني نرملتا ايڏي ته
آب تاب ۽ اثر واري آهي، جو خود مان، سنڌو، پڻ اتان
کسڪي وڃان ٿي ته متان قدرت جي هي بيچون ۽ بيمثال
نظاري جي بي عيب جڙت ۽ بناوت کي ڦٽائي نه وجهان!
پوءِ مان زندگيءَ جي روح کي پنهنجي ساهه سان
سانڍيندي، رستي جي هيٺانهين مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن،
چُرن ۽ غارن مان ڇلانگ هڻندي، وڏيون وڏيون
ٻرانگهون ڀريندي، ٽپندي ۽ ڪڏندي، نڪري ٻاهر ميدانن
تي نروار ٿي ٿيان! برف جي ڇپن ۽ پهاڙن، جهنگن ۽
جهرن، ٻيلن ۽ چراگاهن، وڻراهن ۽ وڻڪارن جي وسيع
ميدانن ۽ پٽن مان، اُس ۽ ڇانوَ مان، ڪڏهن تيز ۽
تڪڙي، ڪڏهن ماٺيڻي ۽ آهستي، ڇپن کي ڀڃندي، پٿرن کي
لوڙهيندي، ڊاهيندي ۽ ٺاهيندي، نيست ۽ نابود ڪندي ۽
وري جياريندي، لهرين پويان لهريون هڻندي، پکڙبي ۽
ملڪن کي پائيندي، موجون ماريندي، وڌندي وهندي وڃان
ٿي! مان آهيان ”سنڌو“. جيون جي نشاني ۽ زندگيءَ جي
علامت!
پنهنجي هن جوکائتي سفر ۾، مان پيلي پوشاڪ پهريل
ڌرماتما لامائن کي هماليه تي، معصوم ۽ اٻوجهه
ڪشميري ڪنوارين کي پنهنجا ڌڻ چاريندي، ماکيءَ کان
مٺڙين هيرن کي پنهنجن رانجهن لاءِ ڏوهيڙا ڏيندي،
صوفين ۽ سنتن کي وڇوڙي جي ماريل سسئين جون بيشمار
ڪافيون ڳائيندي، ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. جيئن ئي
راتيون پنهنجي ڪاراڻ جي چادر ڌرتيءَ جي مٿان وڇائي
ڇڏينديون آهن، ته تارن ڀرئي آسمان هيٺ ٿڪا ماندا
ڪڙمي ۽ ڪاشتگار منهنجي ڪناري تي اچي آرام يا بندگي
ڪندا آهن. ننڍڙا ٻارڙا سمهندا يا کيڏندا آهن، ۽
اَڀرا ۽ ضعيف مانجهي ۽ مهاڻا مٺيون ۽ سريليون
ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. آءٌ انهن سڀني کي
پنهنجي سيني تي پالي نپائي وڏو ڪريان ٿي. هنن جو
مون سان پيار آهي ۽ هو مون کان ڊڄن به ٿا، ڇاڪاڻ
ته مان ”سنڌو“ آهيان، انهن ئي وانگر مهربان ۽
دياوان به، ۽ چيڙاڪ ۽ مست پڻ!
مان ڪيترن ئي جُڳن کان هنن جي واقف آهيان. مون کي
اڃا تائين انهن جا بدلجندڙ چهرا، انهن جو ننڍپڻ،
نينگرائپ، ڦوهه جواني، پيري ۽ نستائي ۽ ڏٻرائپ، سڀ
ياد آهن. مان هنن سڀني کي سڃاڻان ٿي.
مان انهن جي باري ۾ توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿي.
مان توکي اڳي اڳي جون ڪهاڻيون ۽ قديم زماني جا
قصا، ۽ بادشاهن ۽ راجائن، فاتحن ۽ حڪمرانن، انهن
جي زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهن، دک ۽ سک جا سمورا
داستان ٻڌائي سگهان ٿي- اهي قصا، اهي داستان، اهي
افسانا، جي تو اڳ ڪڏهن به شايد نه ٻڌا هوندا. مان
توکي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري سگهان ٿي، جيڪي مون
ڏٺو!..... چڱو، هاڻي هيڏانهن نهار! اجهو هو سامهون
هنن جو شان ۽ هنن جي عظمت ڏس. اهو آهي موهن جو
دڙو. مرد پنهنجين ٻنين ۾ هر ڏيئي کيتي ڪري رهيا
آهن، زالون پنهنجن خوشحال گهرن جو ڪم ڪار ڪري
رهيون آهن ۽ ٻارڙا راندين ۾ مشغول آهن. سڀ سکيا
سهنجا، خوش ۽ آباد. هنن جا گهر نهايت ئي سهڻا ۽
سلسليوار آهن. هنن جي بازارين جي ڌوڪ ڌوڪان، گوڙ ۽
هل کي ڏس! پوءِ وري هڪ وحشي قوم جو ڪٽڪ اچي ٿو. هي
قداور ۽ خوبصورت ماڻهو آهن. هو اچن ٿا، ۽ هنن اچڻ
شرط بيرحميءَ سان قتل عام شروع ڪري ڏنو. مرد ڪِري
۽ مري رهيا آهن، عورتون لڪڻ جي ڪري رهيون آهن ۽
ٻار ڦڙڦوٽ پوڻ ڪري ريهون ڪندا ڀڄي رهيا آهن ۽ وري
نماشام جي منهن اونداهيءَ کان اڳ سڀ ماٺ ٿي ويئي.
نئون ڏينهن اڀري ٿو. هڪ نئين تهذيب جنم ورتو آهي،
ڇوته اهو قدرت جو قانون آهي!... هاڻي ٻڌ! پريان هو
ڌڌڪيدار نغارن جو گجندڙ آواز ٻڌ. هنن جي صورت ۽
طاقت، جاهه ۽ جلال کي جاچ. اهي سنڌ جي راجائن جون
سنسٿائون آهن، جن کي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ پانڊون
خلاف ڪورون جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. هنن جي
عجيب غريب ويسن، وڳن، هٿيارن پنوهارن ۽ رَٿن ڏانهن
نهار. وري هنن کي غائب ٿيندو ڏس، جيئن ڌوڙيو مٿي
آسمان ۾ گم ٿي ويندو آهي!..... ۽ هاڻي وري هو
نوجوان جنگي جوڌو سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش
دل ۾ کڻي نمودار ٿئي ٿو. هن خيبر کي فتح ڪري ورتو،
هو هاڻي جهلم جي پورس راجا کي شڪست ڏيئي، اڳتي وڌي
رهيو آهي. هن جي خوبصورت چهري ڏانهن نهار، ۽ هن جي
مٿي تي زرهه جي رڪ واريءَ جهرڪندڙ ڪلنگيءَ ۽ هن جي
ڊگهيءَ ٻن ڌارن واريءَ ترار کي جاچي ڏس. هو وڙهيو
۽ هن فتح حاصل ڪئي، مگر هن جو بي انداز لشڪر، گهڻي
وقت تائين وڙهڻ ڪري، هاڻي ٿڪجي ماندو ٿي پيو آهي.
هتي هو پنهنجن خوابن کي ڪوڙو ثابت ٿيندو ڏسي، مري
وڃي ٿو، ۽ هن جا هٿ خالي ۽ اکيون کليل رهجي وڃن
ٿيون! هاڻي نهار.... سندس جرنيل، نيروڪس، واپس ورڻ
جي سفر لاءِ آرماڙ کي گڏ ڪري رهيو آهي. هي پڻ هليا
ويا!.... هاڻي وري سفيد چمڙيءَ وارا ”هوڻ“ لوڪ
حملو ڪن ٿا.... بيرحم ۽ قاتل.... هو واچوڙي وانگر
تڪڙا اچن ٿا،“ ملڪ کي ڦريندا ۽ ساڙيندا، چوڌاري
پَٽن تي پکڙبا وڃن ٿا، جيئن مان موجون ماريندي
ميدانن کي ٻوڙندي ويندي آهيان. پر اهي سڀ ڪٿي آهن؟
هليا ويا.... سڀ هليا ويا، اوندهه انڌوڪار ۾، موت
جي اونداهيءَ واديءَ ۾. پوءِ ٿوريءَ مهل تائين سڀ
ماٺ ٿي ويئي. هيءَ سرزمين ماٺيڻي آهي. آسمان تان
گرد ۽ غبار صاف ٿي ويو ۽ پوءِ هڪ اجنبي مست واٽهڙو
اچي ٿو. هي هڪ چيني مسافر آهي، هيون تسيانگ، جيڪو
علم ۽ سوجهري جي ڳولا ۾ رلي رهيو هو. هن کي سوجهرو
ملي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪو به ان جي ڳولا ڪري
ٿو، ان کي پائي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي هيءَ
سرزمين علم ۽ سوجهري جي کاڻ هئي. ڪيترائي ماڻهو
پنهنجن ڏوراهن ماڳن تان علم جي تلاش ۾ هتي ايندا
هئا.... جُڳ لنگهي ويا: سوجهرو ۽ اونداهي....
اونداهي ۽ سوجهرو.... سوجهرو ۽ اونداهي.... پر،
زمانن کان پوءِ وري ٻيا ماڻهو آيا، جن هن زمين تي
علم ۽ سوجهري جي نئين شمع آندي. هو عرب جي ريگستان
مان اُڀريا ۽ دنيا تي ڇانئجي ويا ۽ آفريقا ۽
هندستان جي اونداهين ڪُنڊن کي علم جي سوجهري سان
روشن ڪري ڇڏيائون.... هن جوشيلي عرب، محمد بن قاسم
ڏانهن نهار. هن جي گجندڙ منجنيقن ۽ طاقتور
کانڀاڻين کي جاچ. هن سڄيءَ سر زمين کي فتح ڪري
ورتو ۽ هاڻي هو سڄي ملڪ تي حڪم هلائي رهيو آهي.
ڏاڍو پيارو ۽ عزيز آهي، ڇوته جنهن وقت هو موڪلائي
وڃي ٿو، هن جا هي نوان دوست هن لاءِ رڙن ۽ روئن
ٿا. هن کان پوءِ شوخ ترڪ، قداور تاتاري، مغل، پٺاڻ
۽ انگريز اچن ٿا.... هنن جي ڀڳل ترارين، ۽ ڦٽيل رت
ڳاڙيندڙ دلين ڏانهن نهار.
سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بهادريءَ جي شان کي
ڏس. پراچين ديبل، برهمڻ آباد ۽ قديم منصوره ۽
محفوظه ڏانهن نهار. اهي فنا ٿي ويا ۽ هن وقت سندن
نشان به ڪونهي، پر مان اڃا تائين انهن جون پيهه
پيهان واريون بازاريون، نون رنگن ۾، نون چهرن سان
ڏسي رهي آهيان. مان اڃا تائين ڀنڀور ڏانهن
لُڙهندي، ننڍڙيءَ سسئيءَ جو پينگهو پنهنجي ڪناري
تي لڏندو لمندو ڏسي سگهان ٿي. مان پنهونءَ کي ڪيچ
جي جبلن ۾ ڏسي سگهان ٿي، جنهن کي سندس دغا باز
ڀائر، ڊوهه ڪريو، اُٺ جي پٺيءَ تي ٻڌيو چاڙهيو
وٺيو پيا وڃن ۽ اجهو، هو پريان عمر ڪوٽ جون مغرور
محلاتون نظر اچي رهيون آهن، جي مان وڇڙيل مارئيءَ
جي آهُن ۽ زارين جو پڙاڏو اچي رهيو آهي-- مان اڃا
تائين هن جي سوز ۽ فراق کي ٻڌي سگهان ٿي .... هو
پريان.... ڀِٽ تي.... سهڻو سيد لال لطيف پنهنجين
مٺڙين لاتين ۽ روحاني راڳن ۾ مست ويٺو آهي. هن وقت
هو ڪونهي، پر مان هن جا درد ڀريا بيت ۽ مٺڙا ڪلام
اڄ به ٻڌي سگهان ٿي. مان اڃا تائين کيس اهڙو چٽو
ٻڌي رهي آهيان، جهڙو هن کي جيئري ٻڌندي هيس. هو هڪ
لافاني روح، وسيع ۽ اتم، سخي ۽ ٻاجهارو، جذباتي ۽
مهربان آهي. هو خوبصورت، قداور ۽ خوش اندام آهي.
جيئن هو پنهنجون من موهيندڙ ڪافيون ڳائي ٿو، تيئن
هن جون گول گول ڪاريون اکيون چمڪن پيون. جڏهن هو
ڏکارن ڏوٿين کي دعائون ڪري ٿو، تڏهن هن جو چهرو
ٻهڪي اٿي ٿو. هو مون سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو،
ڇاڪاڻ ته مان هن کي سمجهي سگهان ٿي. مان هن کي
ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. مون تهذيبون ۽ تمدن پيدا
ٿيندي ۽ ختم ٿيندي ڏٺا، مون فاتحن جي سوارين کي
ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر سنڌ جو فاتح فقط هو شاهه ئي
آهي، جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيا
فاتح زمينون ۽ ملڪ فتح ڪن ٿا، پر هن ماڻهن جي دلين
تي فتح حاصل ڪئي آهي ۽ هن جي نينهن جو نياپو، هن
جي سهڻي سڳنڌ ڀري ساروڻي، امر آهن.
هو مٺڙيءَ سنڌيءَ ۾ الاهي افضل ڳالهيون ڳائي ٿو.
پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سان هو ماڻهن جا رخ ڦيريو،
تقديرون ۽ قسمتون بدلايو ۽ روح کي دائمي راحت ڏيو
ڇڏي.
هن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ننڍڙن ڪکاين جهوپڙين ۽ چونئرن
۾ گذارين ٿا. منجهانئن جيڪي سکيا ۽ شاهوڪار آهن،
سي حوضن ۽ مڇين جي تلائن سان سينگاريل اوچن گهرن ۾
رهن ٿا. پر مان انهن جي گهر ۾ قرب ۽ اتساهه گهٽ
ڏسان ٿي. مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان
ٿي، جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ گذارين ٿا، جتي وچ
۾ هڪ ننڍڙي صاف سٿري مسيت آهي، جنهن جي ننڍڙن
منارن تي مؤذن چڙهي عبادتگذار بندن کي پنهنجي مولا
جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏيندو آهي. جتي هڪ سرهاڻ
پکيڙيندڙ سهڻو مندر آهي، جنهن جي سريلن گهنڊن جي
مڌر آوازن تي پوڄاري سوير گهرن کان پوڄا لاءِ ٻاهر
نڪري ايندا آهن. جڏهن گهر جا وڏا ڪم ڪن ٿا يا
عبادت ڪن ٿا، تڏهن زالون ڪچهري لايو ٽهه ٽهه پيون
ڪن ۽ ننڍڙا من موهيندڙ ٻارڙا وري لڪلڪوٽي ۽ اٽي
ڏڪر راند پيا رهن. هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ
پنهنجو واڙو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي مال کي پيار ڪندا
آهن.
هن ديس جا سپوت هميشه کلمک ۽ خوشمزاج طبيعت جا
صاحب ٿي رهيا آهن-- ڪم ڪاڄ، پيار ۽ محبت، کل ۽
خوشيءَ، لئي ۽ رس جا ڪوڏيا. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ
هنن جو شوق ۽ پيار ملڪان ملڪ مشهور آهي. سندن
عيدون ۽ هوليون گڏجي گذرن. انهن موقعن تي وڏيون
وڏيون دعوتون ۽ مجلسون، گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون
ٿينديون آهن. زالون وري مٺايون ۽ گل ورهائينديون
آهن. اهي پنهنجن ٻانهن ۾ عاج جون ٻانهيون ۽ وڏا
چوڙا پائينديون آهن. هر چنڊ واري مهيني جو پهريون
جمعو ۽ هر سهائو سومار نهايت ئي وڏي ڌام ڌوم ۽ مزي
سان ملهايو ويندو آهي. جڏهن وسڪارا ۽ برساتيون
پونديون آهن، تڏهن ڳوٺن کان ٻاهر مجلسون ۽ محفلون
ڪيون وينديون آهن، جتي يڪتاري ۽ گهڙي تي سريلا
ڪلام ۽ ڪافيون ڳايون وينديون آهن. هتي مان پنهنجين
اکين سان هنن جا رنگ برنگي ناچ ڏسي رهي آهيان.
تنهن زماني ۾ به، بلڪل اڄ وانگي، سگهڙن ۽ شاعرن،
هن پنهنجي ملڪ جي سونهن سوڀيا، حسن ۽ نزاڪت منجهان
ئي پنهنجي شاعريءَ جا مواد ۽ موضوع حاصل ڪيا. هنن
منهنجي اٿلن ۽ سيلابن، مڇين، پلن، واڳن ۽ سيسرن، ۽
منهنجي پوراليءَ طبيعت جي هر روپ رنگ کي پنهنجي
شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. هنن هن ديس جي اُٺن ۽
اوٺيڙن، جتن ۽ جهانگيئڙن، لڏن ۽ قافلن، ڪارن ڪڪرن
۽ زرد رنگ بيابانن، ميهارن ۽ ريڍارن ۽ چهچ چراگاهن
کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. هنن هن ديس جي لين ۽
لاڻن، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، ڪرڙن ۽ کٻڙن تي بيت چيا.
هنن هن سهڻي ديس جي انهن نارين کي ڳايو، جن جي
ڪونج جهڙين ڊگهين ڳچين ۾ چانديءَ جون مالهائون ۽
هس ۽ سهڻين سنهڙين ڪاراين ۾ ڪنگڻ ۽ ننڍڙن نازڪ
پيرن ۾ ڪڙيون ۽ پازيب پهريل آهن، سندن مٿي تي
واسينگ نانگ جهڙن ڀنئور جهڙن ڪارن وارن جون پيچدار
چڳون ۽ گهنڊيدار ڳتون نڪتل آهن، ۽ سندن مرگهه
جهڙيون ڪجلدار ڪاريون اکڙيون مشعله وانگي ٻري
رهيون آهن. شاعرن حسين نارين جي پيارن مڙسن ۽
پريمين جي انهن پتڻن ۽ ٻيڙين کي پڻ ڳايو، جيڪي
وڻجارن سنڌ ور ڪين کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ
واپس ماڳ موٽائي وٺي ٿي آيون. هنن، گهرڌياڻين جي
گهرڙن، چرخن ۽ آتڻن کي پڻ ڳايو.... مطلب ته سنڌ جي
هنن سدا حيات سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي سٻاجهيءَ سونهن
ونديءَ سنڌ جي هر ڳالهه ۽ هر ادا کي هر دفعي ڳايو.
ڌرتيءَ جي کيڙيندڙ هارين پورهيو ڪيو ۽ پگهر وهايو
۽ زميندار ۽ شاهوڪار انهن جي پگهر واريءَ خسيس ۽
ٿورڙيءَ ڪمائي کي به ڳهندا، ڳڙڪائيندا، مچندا ٿلها
ٿيندا ويا ۽ غريبن کي ٿونها هڻندا رهيا. مگر
مفلسيءَ جي هر حال ۾، آسيسن ۽ دعائن حاصل ڪرڻ
لاءِ، هنن پيرن ۽ سيدن سڳورن جي رڪيبن ۽ لغام جي
واڳن کي هر وقت چمي سيني سان لڳايو. سنڌ جي لافاني
شاعر، شاهه، هنن سڀني کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو،
ڇاڪاڻ ته هو هنن جو هو. مان اڃا تائين هن جي
روحاني ڪافين ۽ ڪلامن کي ٻڌي سگهان ٿي.
مان آهيان ٻلوان ۽ زور واري سنڌو!..... مان پاڻ
سان داءُ رکڻ واري کي اڇلايو ڇڏيان. جن به مون سان
شرط رکي، انهن هميشه راند هارائي. جن به مون سان
سينو ساهيو، پاڻ کي نيست ۽ نابود ڪيائون. پر شاهه
مون کي ماٺو ڪري ڇڏيو. مون هن جي آسپاس شانتي ۽
پيار حاصل ڪيو. مان هن جي دل جي گهرائپ ۽ شاعريءَ
جي رواني سان محبت ڪريان ٿي. مان هن جي مٺي ڪلام
تي قربان آهيان. هو ڪيترو نه مون جهڙو ۽ ڪيترو نه
مون کان اعليٰ هو!
اوهان جي هن ملڪ ۽ اوهان جي ڪَچي وارن ميدانن جي
هن زمين ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجي ماڻهن کي
لنگهڻ ۽ فاقا ڪڍارايا، ڇوته پاڻي ڪونه هو. منهنجو
پاڻي ڪيترن ئي ويران برن ۽ ساڙيندڙ ميدانن کي آباد
ڪري سگهيو ٿي، پر وقت جي راجائن ۽ فاتح حڪمرانن ڪا
خاص پرواهه ڪانه ڪئي. انهن مان ڪن ٿورڙن ڪي ننڍا ۽
نماڻا واهه کڻايا، پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ
منهنجي لَٽ ۽ ريٽ جي واريءَ انهن کي لَٽي ڇڏيو. اڄ
پهريون دفعو انهن ماڻهن لاءِ چاهه ڀريل، سچيءَ
پچيءَ دل واري ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪي منهنجي
نالي پويان سڏجن ٿا. سکر وٽ هڪ زبردست براج منهنجي
پيٽ ۾ سوگهو بيٺل آهي. آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪم ۾
ساٿڙو ڏيئي رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجو اوهان سڀني
سان پريم آهي ۽ اهو اوهان جي ئي فائدي لاءِ آهي.
ڪوٽڙيءَ وٽ پڻ اوهين منهنجي ٻل واري گهوڙي تي سنج
وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مون انهيءَ لاءِ
اوهان کي اجازت ڏني آهي. پنهنجين زمينن ۽ ٻنين کي
آباد ڪريو، مان چوانوَ ٿي، سونهري ڪڻڪ پيدا ڪريو!
کيڙيو ۽ کائو، پيئو، پهريو ۽ خوش گذاريو! مان
اوهان کي نه روڪينديس. منهنجو پاڻي کڻي وڃو ۽ مون
کي اهي قديم ۽ اڳي اڳي وارا خوشيءَ جا ناچ ۽ راڳ
رنگ ڏيکاريو! مون کي اهي ٽهڪ ٻڌايو، جيڪي دلين مان
اڌما ڏيئي نڪرندا هجن. مان اوهان کي سڀ ڪجهه ڏيئي
ڇڏينديس، جيڪي ڪجهه مون وٽ آهي..... ۽ مون وٽ ان
کان تمام گهڻو آهي، جيتري جي اوهان کي گهرج آهي،
ڇاڪاڻ ته مان آهيان ٻلوان ۽ طاقتور سنڌو!... مان
آهيان اَجيت ۽ امر سنڌو!... مان آهيان اٽڪ، مان
آهيان جهلم، مان آهيان چناب، مان آهيان راوي، مان
آهيان بياس، مان آهيان ستلج.... مان آهيان مهراڻ،
انهن سڀني جي اپت ۽ جوڙ: مان آهيان سنڌو!.... مان
آهيان مها ٻلوان، اجيت ۽ امر سنڌو!
[مهراڻ: اونهارو، 1955ع]
گذارشون
”مهراڻ“ – پهريون دَورُ، ۽ هاڻي
”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾، جنهن مياري مقام جو رسالو
آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. سنڌي ادب ۾،
”مهراڻ“ جو پنهنجو خاص رنگ رهيو آهي. ”مهراڻ“ جي
مسلسل مطالعو ڪندڙ اهل علم دوست چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا
ته رسالي ۾ علمي، ادبي، فني، لغوي، مضمون نهايت
تحقيق ۽ محنت سان ئي لکيل شايع ٿيندا رهيا آهن.
سندس پهرئين دور ۾ علامه دائودپوٽو، جناب عثمان
علي صاحب انصاري، پير حسام الدين راشدي، حڪيم
مرحوم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم احمد چاڳلا، مرحوم
مولانا دين محمد وفائي، آنجهاني ڀيرومل مهرچند،
آنجهاني ڄيٺمل پرسرام، آنجهاني لالچند امرڏنو مل،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد خان غني، مسٽر لطف الله
بدوي، مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، شيخ مبارڪ
”اياز“، حاجي محمود ”خادم“، حافظ محمد احسن،
عبدالڪريم سنديلو، گل حسن ڪربلائي، آنجهاني ڪشنچند
”بيوس“، (آنجهاني) جهامنداس ڀاٽيا، مولانا
عبدالڪريم چشتي (مرحوم)، سائينداد سولنگي، مرحوم
محمد بخش ”واصف“، مرحوم قادر بخش”بشير“، مرحوم جمع
خان ”غريب“، مرحوم غلام احمد ”نظامي“، مرحوم فقير
غلام سرور ”مسرور“، آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر
ليکراج ڪشنچند ”عزيز“، پروفيسر ايم.يو. ملڪاڻي،
پروفيسر ڀمڀاڻي، سوڀراج نرملداس، پرسرام ”ضيا“،
کيئلداس ”فاني“، وغيره مهراڻ جا خاص ليکڪ آهن، جن
جا علمي، ادبي، اصلاحي، لغوي ۽ فني افسانا ۽ مضمون
گذريل پرچن ۾ محفوظ آهن، ۽ اهو هڪ بهترين معياري
علمي ذخيرو آهي.
اها به هڪ مسرت انگيز حقيقت آهي ته ”مهراڻ“ جي ان
معياري ۽ بلند پايه ادبي حيثيت کي، بمبئي
يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ارباب بست وڪشاد
به تسليم ڪيو، ۽ ايم.اي. جي شاگردن لاءِ ان مطالع
جي سفارش ڪئي.
”مهراڻ“ جا جهونا پرچا اڄ تائين ڄڻ ته نوان آهن:
ڪيئي اهل ذوق دوست هن ناياب علمي خزاني کي هٿ ڪرڻ
لاءِ طلب ڪندا رهن ٿا، ۽ اسان حتي المقدور سندن ان
علمي جذبي جو احترام ڪندي،کين پرچا موڪليندا رهون
ٿا.
”مهراڻ“، مارچ 1946ع ۾ جاري ٿيو. ۽ 46 ۽ 47ع وارا
ٻه سال، باقاعدي شايع ٿيندو رهيو: تان جو 1948ع ۾،
جنوري کان جون تائين ”مهراڻ“ وري نه نڪتو.
”مهراڻ“ ان پهرئين دور ۾، ايڊيٽوريل بورڊ تي هي
صاحب هئا: جناب عثمان علي انصاري صاحب چئرمين،
مولوي مرحوم دين محمد وفائي چيف ايڊيٽر، ڊاڪٽر
هرومل سدارنگاڻي ميمبر ۽ آنجهاني لالچند امرڏنو مل
جڳتياڻي مئنيجنگ ايڊيٽر.
مهراڻ، هن وقت،ٻئي دور ۾ قدم رکيو آهي. اڄ دنيا ٻي
آهي، ۽ ماحول ٻيو آهي. مهراڻ جي پهرئين دور واري
سنڌ، ۽ هن موجوده سنڌ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. لساني ۽
سياسي، معاشرتي ۽ معاشي طور، پنهنجو وطن نهايت اهم
۽ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. ادبي مقتضيات، ۽
ماحول جي اثرات کان ڪڏهن به چشم پوشي نٿي ڪري
سگهجي. سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ۽ حفاظت لاءِ
جوڳا اپاءَ سوچڻ گهرجن، ۽ سنڌي زبان کي زنده ۽
پاينده زبانن جي ڪڙيءَ تي رسائڻ جي لاءِ ڪم ڪجي.
”مهراڻ“ جا اڳيان ليکڪ ڪي حالت حيات آهن، ته ڪي
خلد آشيان ۽ سرڳواس ٿي چڪا آهن. مسٽر ڀيرومل
مهرچند، لالچند امرڏنو، ڄيٺمل پرسرام جهڙا اديب
تقسيم کان پوءِ، جئين سنڌ ڇڏي ويا، تيئن وري نه
وريا، بلڪ هن فاني دنيا کان منهن موڙي، وڃي عالم
جادواني ۾ پهتا. ان طرح مسلمانن مان حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، مولانا دين محمد ”وفائي“، سيٺ احمد
چاڳلا، مرحوم غلام محمد شاهواڻي، مرحوم محمد بخش
”واصف“، مرحوم غلام احمد ”نظامي“، مخدوم محمد صالح
ڀٽي، فقير غلام علي ”مسرور“، مرحوم قادر بخش
”بشير“، مرحوم علي خان ابڙو، مرحوم جمع خان
”غريب“، مرحوم شيخ مراد علي ”ڪاظم“، حافظ عبدالله
”بسمل“، اسان کان موڪلائي ويا آهن، الله انهن کي
مرهي، ۽ اسان کي انهن سڀني جو نعم البدل عطا ڪري،
۽ اسان کي انهن وانگر،سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خدمت جي
قوت عطا فرمائي.
”مهراڻ“ جي هن ٻئي دور لاءِ علمي ۽ ادبي ۽ معياري
مضمونن، افسانن ۽ ڪلام کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر
نه ڇڏي وئي آهي، ان ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي حاصل ٿي
آهي، ان جو ناظرين ڪرام پاڻ اندازو فرمائين ته
بهتر. اميد ته اها آهي ته ”مهراڻ“ اهل ذوق حضرات
کي پسند ايندو.
اڄ هر قوم پنهنجي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ اشاعت
لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي دور ۾ سنڌي قوم تي فرض
آهي ته هو پنهنجي ادب ۽ تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت جي
خدمت ۽ اشاعت لاءِ ڪمربسته ٿئي. هن وقت سنڌ ۾،
جميعت الشعراءِ سنڌ، روح ادب سنڌ، بزم نظامي
ڪراچي، محفل احباب ڪراچي، بزم بلبل ميهڙ، سنڌي
ادبي سوسائٽي ڪراچي، سنڌ سڃاڻ سوسائٽي ڪراچي، سنڌي
ادبي انجمن حيدرآباد، انجمن علم و ادب هالا، بزم
بسمل ٽنڊو محمد خان، مغل پبليڪيشنس شڪارپور، حبيب
پبلشنگ هائوس سکر، دارالاشاعت اسلاميه حيدرآباد،
اداره انسانيت حيدرآباد سنڌ ۽ ٻيا ادارا علمي ۽
ادبي خدمت ۾ مشغول آهن، انهن ادارن جي پاران وقت
بوقت ساليانيون ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ ماهيانا
ميڙ ۽ مشاعرا، منعقد ٿيندا رهن ٿا. ۽ انهن کان
سواءِ منجهانئن ڪن جا ماهناما ۽ معياري علمي ۽
ادبي ڪتاب به شايع ٿيندا رهن ٿا.
انهن سڀني علمي ادارن، ۽ سندن ڪارپردازن جي علم
دوستيءَ ۽ ادب نوازيءَ ۾ اسان کي وڏيون اميدون
آهن، ۽ يقين اٿئون، ته سندن قلمي تعاون ۽ ٻي هرڪا
مناسب سرپرستي هميشہ ”مهراڻ“ کي حاصل رهندي. جن
صاحبن جا مضمون ۽ ڪلام ”مهراڻ“ جي هن اشاعت ۾ شايع
ڪري چڪا آهيون. اميد ته اهي صاحب آئنده به معياري
۽ بلند پايه مضمونن، ۽ ڪلام موڪلڻ سان اسان جي همٿ
افزائي ڪندا ايندا.
اسان هت خاص طور سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۽ سندن
جوان همت ۽ زنده دل نوجوان شاگردن جا ممنوع آهيون،
جن ”سنگت“ جي انعامي مقابلي ۾ آيل افسانا، ”مهراڻ“
۾ شايع ڪرڻ لاءِ موڪليا آهن. اها به خوشيءَ جي
ڳالهه آهي، جو هي اسان جا نونهال، ۽ مستقبل جا
اڏيندڙ، علمي ۽ ادبي، فني ۽ تهذيبي ضرورتن کان
غافل نه آهن. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي زبان جي قديم
ادب ۽ تهذيبي روايتن کي محفوظ رکڻ لاءِ، منظم ڪم
ڪري رهي آهي، ۽ سندن مقصدن ۾ نهايت اهم چيزون آهن-
ادبي ميڙ ڪرڻ، ادبي مقابلا ڪرڻ، ٻين زبانن جي
معياري ڪتابن جا ترجما ڪرڻ ۽ سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي
ادب کي عوام تائين پهچائڻ. سنڌي ادبي سنگت هن وقت
تائين باقاعدي ڪئين ادبي ميڙ ۽ مشاعرا ڪري چڪي
آهي، جنهن ۾ ادبي مقالا، ڪهاڻيون ۽ ڪلام پڙهيا ويا
آهن. ان کان سواءِ مشهور ادبين مان آنجهاني لالچند
امرڏنو مل جڳتياڻي ۽ مرحوم مرزاقليچ بيگ جون
ورسيون به ملهائي چڪا آهن. ۽ خاص طور ”سچل سرمست“
جي ورسي نهايت ڌام ڌوم سان ملهائي، هڪ معياري
ننڍڙو ڪتاب ”سچل سائين“ ورهائي، هڪ عمدو ادبي مثال
قائم ڪيو اٿن. ”مهراڻ“ جي هن اشاعت ۾ ”سنگت“ جي
سنڌي مختصر ڪهاڻين جي مقابلي جون پهريون چار انعام
کٽندڙ ڪهاڻيون- ”شاه جو ڦر“، ”اتر ڊاهي ان جا ته
ڪنهن کي ڪارون ڪن“ ”امان آءٌ اسڪول ڪونه ويندس“، ۽
”سيما“ شايع ٿي رهيون آهن. ان لاءِ اسان ”سنگت“ جي
ڪارپردازن جو دلي شڪريو ادا ٿا ڪريون. ۽ انهن سڀني
ادبي جماعتن ۽ اديبن جا پڻ ٿورائتا آهيون، جن
پنهنجا علمي ادبي مضمون ۽ شعر اسان ڏانهن موڪليا
آهن.
”مهراڻ“ جو اصل نالو، جناب شمس العلماء ڊاڪٽر
دائودپوٽي صاحب (مرحوم) جن ئي تجويز فرمايو هو.
مهراڻ جو هي نئون دور پڻ جناب ڊاڪٽر صاحب مدظله جن
جي ئي سنيهي ۽ دعا ساڻ شروع ٿي رهيو آهي:
”الحمدلله، جو مهراڻ وري مس مس منهن ڪڍيو، دعا آهي
ته پنهنجي نئين جنم ۾ خوب وڌي ويجهي، ۽ سانوڻ جي
سماءَ وانگر نِڪون ڏيئي نُوڙيين وهي، جئن سڀ
ڪوچڙيون ڪسيون، واهه ۽ نياڻ منجهس مدغم ٿي وڃن!“
اندر رهي نه گهٽ، سپيريان جي ڳالهڙي،
ڇاڳر سهي نه سٽ، جه ”مهراڻ“ موج ڪئي!
ڪهڙو نه مٺو نالو! ڌريان ئي ڌريل درويش جو، شل
سنڌي ساهت جي معياري خدمت ڪري، ۽ دائم ۽ قائم رهي
- آمين! -غ. م. گ
[مهراڻ:
سيارو
1955ع]
آزادي
چوڻي آهي ته ”مينهن وسندا، ته چِڪون به ضرور
ٿينديون.“ تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي
مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح
حالتن اهڙو وٺي ڦير کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي
علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون،
سي، انهيءَ سيلاب ۾، ڪي لٽجي ۽ ڪي پٽجي، اسان جي
هٿان هيڪر بنهه ختم ٿي، لڙهي هليون وينديون، ۽
سندن سهڻيون سڳنڌ پنکڙيون، چونڊڻ چپوٽڻ سان به
ٻيهر شايد اسان جي پلئي ڪڏهين به پئجي ڪين سگهن!
پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته
مينهوڳي جي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾
سپون بيابانن ۾ کاڻل تتل واريءَ جا دڙا، ۽ بستين ۾
ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته انهيءَ آب
حيات مان پنهنجون اُڃون لاهي، حياتيءَ جا ثمر حاصل
ڪندا آهن! ساڳيءَ ريت، آزاديءَ ملڻ سان ئي ڏٺوسين
ته چوڌاري، سنڌي ادب جا سوين سيڪڙائو، نون ادارن ۽
نون امنگن سان، پنهنجا پنهنجا ساز و سامان سينگاري
۽ صاف ڪري، ميدان تي نڪري آيا، سنڌي ادب جي ويران
۽ لهسيل باغ کي ٻيهر سرسبز ۽ شاداب باغ بنائڻ جي
لاءِ ڪيتريون ئي رس ڀريون ڪچهريون ۽ مدبرانه
مجلسون ڪٺيون ٿيون، ۽ هرڪو، هند توڙي سنڌ ۾،
پنهنجي پنهنجي منهن ۽ پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر،
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي باغبانيءَ ۾ دل ۽ جان
سان جنبي ويو: ايتري قدر جو ترت ئي اسان جا ڏولاوا
ڏور ٿي ويا، ۽ اسان کي نه فقط اهو خوف نه رهيو ته
سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جو بيش بها ادبي خزانو ڪڏهن ڪو
ناپيد ٿي ويندو. پر دلين ۾ اها اميد پڻ اسرڻ
لڳيسون ته جيستائين سنڌي مائرن، پنهنجن معصوم مٺڙن
ٻارن کي، پنهنجين محبت ڀرين هنجن ۾ سٻاجهڙي سنڌي
ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون،
تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي
ادب جا پر بهار گل - ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ- جيئن پوءِ
تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽ ويجهندا ئي
رهندا.
”ون يونٽ“
آزاديءَ جي وسڪاري کان پوءِ، اڄ وري اسان جي ملڪ ۾
ٻيهر آسمان آگميو آهي، کنوڻيون کڙيون آهن، ۽ ڀريل
بادل بنهه برسڻ وارا ئي آهن. اولهه پاڪستان يعني
بلوچستان، سرحد پنجاب ۽ سنڌ جي، هڪ ”وحدت“ قائم ٿي
رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾، سنڌ جا ڌنار پهنوار ۽ هاري
ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ”ڀيڄ، مولا! ڀيڄ“
به پيا ڪندا آهن. ته وڄن جا چمڪاٽ ۽ گوڙين جا
ٽڙڪاٽ ٻڌي، پنهنجن ٽمندڙ ٽوئن ۽ جهرندڙ جهوپڙين ۾،
خوف وچان، ڀنل پکيئڙن وانگر، مٿڙا لڪايو،” الله
صمد، الله صمد“ به ويٺا پڙهندا آهن! سنڌ ۾ ”ون
يونٽ“ جي مخالفن توڙي حمايتين جي به اڄ اها ساڳي
حالت آهي. چوڌاري، دلين ۾ اهي اُڊڪا ٿي بيٺا آهن
ته هاڻي، اسان جي ادب، اسان جي ثقافت، ۽ اسان جي
ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟
1860ع ۾، جڏهن اٽليءَ جو ملڪ، فرانس، آسٽريا،
اسپين ۽ نيپلس جي گڏيل فوجن فتح ڪيو، تڏهن، اٽليءَ
جي هڪ لاثاني محب وطن، گئري بالڊيءَ کان پڇيو ته
”هاڻي، اٽليءَ جو ڇا ٿيندو؟“- تڏهن جهٽ هن ورندي
ڏني ته ”ملڪ منهنجو ويو، ته نيٺ وري پوندو: منهنجي
ٻولي شل مون کان نه وڃي!“ اڄ، اسان جي حالت گئري
بالڊيءَ جي اٽليءَ جهڙي ته نه آهي: نه اسان جو ملڪ
ٿو هٿان وڃي، ۽ نه اسان جي ٻولي ئي ٿي اسان کان
کسجي. ”ون يونٽ“ اسان جي پنهنجي ملڪ جي هڪ حصي جي
”وحدت“ آهي- ٻئي ڪندي، اها ”وحدت“ هڪ سياسي ۽
انتظامي وحدت آهي: ۽ انهيءَ نقطه نگاهه کان مغربي
پاڪستان ته ڇا پر سمورو پاڪستان، مغرب وارو توڙي
مشرق وارو، هڪ ئي ”سياسي وحدت“ جو درجو رکي ٿو.
ائين برابر آهي ته ملڪ جي هيءَ سياسي وحدت، جيئن
ٻن يونٽن جي موجودگيءَ ۾ قائم رهي سگهي ٿي، تيئن
ان جي هڪ يونٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ صوبن جي موجودگي به
ان کي ٽوڙي نٿي سگهي: پر جيڪڏهن اڄوڪن ويهارو کن
جمهوريت نا آشنا صوبن ۽ رياستن کي ملائي، انهن جو
هڪ ئي نظامي مرڪز قائم ڪيو وڃي ٿو، ته ان مان آخر
ڪنهن تهذيب، ڪنهن ثقافت، ڪنهن ٻوليءَ ۽ ان جي ادب
کي، ڪنهن نقصان جو انديشو ڇو پيدا ٿئي؟ مغربي
پاڪستان جي هن خالص ”انتظامي وحدت“ جي هيءَ معنيٰ
ته هرگز نه آهي ته اتي بلوچ، پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌي
ٻولين ۽ ثقافتن جو ڪو مستقل ۽ عليحدو وجود ئي
ڪونهي! ائين وسهڻ ۽ ائين چوڻ ٿيندو ڄڻ سج جي تڙڪي
کي کاريءَ هيٺان لڪائي وٺڻ جي دعوا ڪرڻ. جيڪڏهن
يونائٽيڊ اسٽيٽس، چين، برطانيا، ڪئناڊا، سئٽزلينڊ
وغيره جهڙا عظيم ملڪ، پنهنجي پنهنجي جڳهه تي، هڪ
قومي وحدت هئڻ هوندي به، انتظامي لحاظ کان توڙي
ثقافتي ۽ لساني حيثيت ۾، سچ پچ هڪ کان وڌيڪ
رياستن، ٻولين ۽ قوميتن جا مجموعا آهن، ته عين
ممڪن آهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اسان ۾
جمهوريت جي شناس ۽ ان جي صلاحيت پيدا ٿئي، تڏهن
خود ان زماني جي ملڪي انتظام لاءِ لازمي ٿي پوي ته
ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خصوصيتن کي خيال ۾ رکندي، ٻيهر
هتي بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جون مڪاني خود
حڪومتون جمهوريون ٺاهيون وڃن، ۽ اهڙيءَ طرح لفظ،
”پاڪستان“ جي اصلي تصوير مطابق، صالح ۽ صحتمند
”ڪثرت“ جي بنياد تي، اسان جي وطن پاڪ جي به هڪ،
واقعي حقيقي معنيٰ ۾، مضبوط، لافاني ۽ عظيم ”وحدت“
قائم ٿي وڃي. اسان به پاڪستاني آهيون، ۽ پوءِ به
پاڪستاني ئي رهنداسون: پر جيئن هندو، ڪرستان،
پارسي ۽ مسلمان هئڻ سان گڏ، ڪو اسان کي پاڪستاني
ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، تيئن پاڪستاني هئڻ سان گڏ،
نه هاڻي ئي اسان کي ڪو بلوچ، پٺاڻ،پنجابي، بنگالي
۽ سنڌي هئڻ کان روڪي ٿو، ۽ نه آئنده ئي ڪو روڪي
سگهندو.
سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آهن. ”مهراڻ“ جي اڳئين
اشاعت ۾ هڪ هنڌ اسان چيو هو ته ’سنڌ، سنڌي قوم ۽
سنڌي ثقافت ۾ ڪي اهڙيون امتيازي خوبيون موجود آهن،
جيڪي جڏهن گم ٿي وڃن ، ته انهن جي پورائي يا تلافي
ڪنهن به ٻئي ملڪ، ڪنهن به ٻيءَ قوم ۽ ڪنهن به ٻيءَ
ثقافت هٿان ٿي نه سگهندي.‘ ظاهر آهي ته جيسين اسان
وٽ اهي امتيازي خصوصيتون موجود آهن، تيسين اسان جي
سنڌ، اسان جي سنڌي ثقافت ۽ اسان جي سنڌي ٻولي پڻ
قائم آهن- ون يونٽ ۾ توڙي ڪنهن ٻيءَ صورت حال ۾،
انهن جو هڪ وار به ونگو ٿي نٿو سگهي. ائين برابر
آهي ته جيئن سڀڪا نئين ڳالهه ڪي نه ڪي مشڪلاتون
پيدا ڪندي آهي، ”ون يونٽ“ ۾ پڻ اسان لاءِ، اسان جي
ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ ڪي نه ڪي نوان مسئلا ضرور
درپيش ايندا پر سرائيءَ جي ڳالهه وانگر ”آپڻي شئي
اي، روسون به کاسون به!“ سو پنهنجي ”ون يونٽ“ ۾
به، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيڪڏهن اسان پنهنجو
ڪري سمجهيو ۽ ان جي قسمت سان پنهنجون قسمتون
ڳنڍيون سين ته نه فقط ان ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونهي،
پر اهو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي ته ان کي ڪنهن قسم
جو ڪو گزند پهچي سگهندو.
اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ
”ون يونٽ“ ته پاڻ هڪ موقعو آهي جنهن ۾ اسين پنهنجي
ٻوليءَ جي ڪامياب مستقبل جي هڪ بنيادي ۽ پائيدار
تعمير ڪري سگهون ٿا. ضرورت فقط هن ڳالهه جي آهي ته
سڄاڻ هاري وانگر، زمين آهر ۽ موسم پٽاندڙ ٻج
ڇٽيون، پنهنجن فرضن جي ڄاڻ ۽ ذميوارين جو احساس
ڌاريون، پنهنجي آس پاس کي ڏسون ۽ جاچيون وقت جي
تقاضا ۽ زماني جي اشاري کي بنهه دل جي ڪنن سان
ٻڌون ۽ هنئين سان هنڊايون ائين ڪرڻ سان ئي اسان جا
اديب ۽ ناشر پنهنجي همعصر دور توڙي آئنده نسلن
لاءِ صحيح فخر جو باعث بنجي سگهن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي مخلص ۽ لافاني خادمن جي زمري ۾ داخل ٿي
سگهن ٿا.
ادب، واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽
پئسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آهي، پر ان جو
اصلي شان ڪنهن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ
مخصوص آهي. ادب ذريعي ، انسانن جي ذهن کي اڇو اجرو
۽ صاف ڪري سگهجي ٿو کين صحيح سمجهه ۽ شعور سان
روشناس ڪري سگهجي ٿو سندن دلين ۾ هن عيبدار دنيا
کي بدلائي نئين سر ٺاهڻ جا جذبا ۽ امنگ، همتون ۽
ارادا پيدا ڪري سگهجن ٿا. منجهن علم جو احترام سچ
لاءِ محبت ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙ لاءِ، گهربل
جمالياتي حس، ۽ انسان ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽
احساس پيدا ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان اديب ۽ ناشر
ادب جي انهن اعليٰ مقصدن کي خيال ۾ رکنداسون ته
يقيناً پنهنجي ادبي تخليقن ۽ مطبوعات کي سندن مڙني
معنوي توڙي ظاهري وصفن سان پهرين سينگاري ٺاهي
مڪمل ڪري پوءِ ئي پنهنجن محترم پڙهندڙن اڳيان پيش
ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهنداسون. جڏهن پنهنجن پڙهندڙن
جي لاءِ عزت ۽ محبت جو اظهار، انهيءَ صورت ۾ اسين
ڪنداسون تڏهن ئي هنن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽
عزت جا جذبا پيدا ٿيندا، ۽ پوءِ اديب، ناشر ۽
پڙهندڙ ٽيئي گڏجي پنهنجون سموريون دلچسپيون ۽
ڪوششون هڪ ئي گڏيل مقصد يعني ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ
۽ ترقي لاءِ مخصوص ڪري سگهندا. ٻيءَ حالت ۾،
جيڪڏهن لکڻ وارا صرف بي لغام قلم ڪارين ۾ تيز،
ناشر صرف غلط ۽ بدزيب ڇپيل ڪتابن تي بي جا قيمتن
هڻڻ ۾ ڀڙ، ۽ پڙهندڙ صرف مفت جي ڪتابن تي اتفاقي
نظر ڦيرائڻ ۾ ئي خوش هوندا، پوءِ اسان جو غريب ادب
جتي آهي، اتي ئي پيو اُسڙڪندو، انهن حالتن ۾ ۽
اهڙن اديبن، ناشرن ۽ پڙهندڙن هٿان ان جو اُسرڻ ۽
وڌڻ ويجهڻ ذرا مشڪل ٿو معلوم ٿئي.
”مهراڻ“
”مهراڻ“ جي پهرين پرچي کي جنهن پريم سان مرتب ڪري
سينگاري ٺاهي پنهنجي عزيز پڙهندڙن جي هٿن ۾ اسان
پيش ڪيو، ان لاءِ اسان جي اميدن کان به سوائي
شاباس، اسان کي کانئن ملي چڪي آهي. ان لاءِ اسان
سندن نهايت شڪرگذار آهيون. اسان کي پنهنجي اوڻاين
جو به پورو احساس آهي، تنهن ڪري هڪ گهڙيءَ لاءِ به
اسين وسڪي ويهي نه رهيا آهيون ته اسان جي پهرين
پيشڪش رڳو تعريف جي لائق هئي ۽ ان ۾ ڪي نقص هئا ئي
ڪونه. ڪٿي پنهنجي اعليٰ مقصد جي بلند معيار تي پڪ
آهي ته پهچي نه سگهيا آهيون، تنهنڪري، پنهنجي
محترم پڙهندڙن کي پهرين گذارش هيءَ آهي ته جتي به
هو اسان جي ڪا ڀل چڪ ڏسن اتي ڀلائي ڪري اسان جي
رهبري ڪن. ”مهراڻ“ جي پهرين توڙي هن پرچي ۾ جيڪي
به خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن تن لاءِ گهڻي ڀاڱي
اسان جي شاعرن، افسانه نويسن ۽ مضمون نگار دوستن
کي ئي جس چئجي ته وڌيڪ مناسب آهي. ”مهراڻ“ جي
اوڻاين لاءِ اسان خالص پاڻ کي جوابدار سمجهون ٿا
ڇو ته هڪ ته مواد جي چونڊ اسان پاڻ ڪئي آهي، ۽ ٻيو
ته پنهنجن ڪن سنڌي اديبن ۽ عالمن کان سندن ادبي
شاهڪار اڃا هٿ نه ڪري سگهيا آهيون، جو اهڙي جامع
ذخيري مان ڪا اڃائي وڌيڪ بهتر چونڊ ممڪن ٿي سگهي
ها. پنهنجين نيازمندانه منٿن ميڙن کي اڃا ايترو
اثرائتو نه بنائي سگهيا آهيون، جو اسان جا اهي
اديب ۽ عالم اسان کي پنهنجي قلم جي نظر فيض اثر
سان نوازڻ تي آماده ٿين- اسان اياڻن اڀرن لاءِ،
جيڪڏهن معاملو ”مڙيئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه
هڪڙي“ تي ئي ختم ٿئي ته به چئبو ته لک کٽيا سون!
دعوت
”مهراڻ“ ۾ آئنده اشاعت کان وٺي، ٻن وڌيڪ عنوانن کي
شامل ڪرڻ جو ارادو آهي-(1) ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي
ته ....“، ۽ (2) ”سنڌي نثر جا مثالي فقرا“. پهرئين
عنوان ماتحت، زندگيءَ جا ڪي سچا واقعا، جي لکندڙن
جي شخصي تجربي يا مشاهدي هيٺ آيل هجن، اهي ڏنا
ويندا. هن عنوان لاءِ، ڪوبه دوست، رسالي جي هر
اشاعت لاءِ هڪڙو واقعو، گهڻي ۾ گهڻو 300 لفظن يا
ان کان به مختصر لفظن ۾ لکي اسان ڏانهن موڪلي سگهي
ٿو. واري واري تي، بهترين واقعو لکي موڪلڻ واري
دوست کي، ”مهراڻ“ جي اداري طرفان، ڏهه روپيا انعام
طور ڏنا ويندا. هتي مثال طور، اسين پنهنجي شخصي
مشاهدي هيٺ آيل هڪ سچو واقعو لکندڙن جي رهبريءَ
لاءِ پيش ڪريون ٿا:
”- ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ماستر هوس، رسيس ۾ اڪثر
ٻاهر بندر روڊ تي هوٽل ۾ چانهه پيڻ ويندو هوس، هڪ
ڏينهن، جيئن چانهه ڪوپ پي، هوٽل مان ٻاهر نڪتس، ته
ڏٺم ته هڪڙو چڱو موچارو ٿلهو ماڻهو، سوٽيل بوٽيل،
ٽوپلو مٿي تي، ڪڇ ۾ ٻه چار فائيل، هڪڙي هٿ ۾ ڪيلن
جو ڇڳو کنيو، ٻئي هٿ سان ڪيلي جون کلون لاهيندو،
بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو به وڃي، ۽ ڪيلو
کائيندو به وڃي! پنج ڏهه وکون اڳيان پئي ويو،
اوچتوئي اوچتو، همراهه جو پير پنهنجي ئي اڇلايل
ڪيلي جي کل تي اچي پيو، ۽ وٺي ٿو مڙس ترڪي- بس ڌو
پٽ تي! ڪيڏانهن ويو ٽوپلو، ڪيڏانهن ويا فائيل! ٿڙي
ٿڦڙي اٿيو؛ فائيل ميڙيائين، ٽوپلو هٿ ڪيائين، ڪيلا
ته هٿ ۾ هئس ئي: ۽ اوچتو نظر ٿي پويس، پاسي ۾ فٽ
پاٿ تي ويٺل هڪ ويچاري گهورڙئي تي، جنهن خالي
لفافا، رٻڙ، پينسلون وغيره پئي وڪيون! بس سائين،
پوءِ ته صاحب نه ڪئي هم نه تم، ويچاري گهورڙئي تي
رڙ ڪري الرجي ويو- چي، ههڙا تهڙا، شرم نٿو اچيئي،
فٽ پاٿ تي رستو روڪيو ويٺو آهين، ماڻهن کي هلڻ به
ڪين ڏيندين ڇا؟ ويچارو گهورڙيو اچي ڦاٿو: جي ٿو
جواب ڏئي ته ٿو گوڙ وڌي، ۽ پوليس وارو اجهوڪي
اجهو، اچي اٿارينس!مڙيئي جيئن تيئن ڪري جند
ڇڏايائين. هيڏانهن هيءُ سنئون سيبتو، سوٽيل بوٽيل
همراهه، غريب تي ڪاوڙ ڇنڊڻ کان پوءِ اٿي اڳتي
هليو. مون پنهنجي اکين سان اهو لقاءُ ڏٺو: صاحب
بهادر کي اهوئي مٿي ۾ ٽوپلو، ڪڇ ۾ اهي ئي فائيل، ۽
هٿ ۾ اهوئي ڪيلن جو ڇڳو، اٿي هليو: خالي هٿ سان
ڪيلي جون کلون ڇليندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان
اڇلائيندو، ڪيلي کي چڪيندو منهنجي اڳيان ئي اڳيان،
سڌوئي سڌو، بندر روڊ جي فٽ پاٿ وٺيو، اڳتي ويندو
رهيو- ڄڻ ته ڪجهه ٿيوئي ڪونه هوس!“
ٻئي عنوان ماتحت، ڪوبه دوست، ڪنهن به قديم توڙي
جديد سنڌي نثر نويس جو ڪو لکيل هڪ فقرو يعني فقط
هڪڙي پئراگراف جيڪا کيس مطلب، ٻوليءَ، لفظن جي
اثرائتي استعمال وغيره سبب بهترين لڳي هجي، سا
اسان کي لکي ڏياري موڪلي. اهڙن مڙني آيل فقرن مان،
سڀ کان وڌيڪ جيڪو فقرو اداري کي پسند ايندو، تنهن
لاءِ موڪلڻ واري کي 5 روپيا انعام ڏنا ويندا. هڪ
دوست، هر اشاعت لاءِ هڪ ئي فقرو موڪلي سگهي ٿو.
فقرو مڪمل حوالي سان هئڻ ضروري آهي- يعني اهو ڪنهن
جو لکيل، ڪهڙي ڪتاب جي ڪهڙي صفحي تي آيل آهي، اها
ڳالهه صاف طرح ڄاڻائڻ گهرجي.
مهراڻ جي آئنده اشاعت کان وٺي، اداري طرفان، سنڌي
مختصر افسانن جي پڻ چٽاڀيٽيءَ رکڻ جو فيصلو ڪيو
ويو آهي. هر اشاعت لاءِ جيڪي به افسانا وصول
ٿيندا، تن مان جيڪو بهترين افسانو سمجهيو ويندو.
ان جي لکندڙ کي، اداري طرفان، 20 روپيا انعام ڏنو
ويندو.
معذرت
اڳئين پرچي ۾، اسان کان هڪ نهايت دکدائڪ غلطي ٿي
ويئي آهي. محترم سوڀراج نرملداس ”فانيءَ“ کي، ڀل
کان، ”آنجهاني“ سڏيو اٿئون. رسالي جي شايع ٿي وڃڻ
کان پوءِ، اسان کي معلوم ٿيو ته هو صاحب زنده آهي.
اسان جي دعا آهي ته اسان جي سنڌڙيءَ جو هيءُ غير
فاني شاعر، هند ۾، سنڌي زبان جي خدمت لاءِ شال
هزار عمريون زنده رهي، ۽ هر عمر هزار سالن جي
ماڻي- آمين!
گذارش
آخر ۾، پنهنجي محترم اديبن ۽ پڙهندڙن سنڌ توڙي هند
وارن جي خدمت ۾ وري به عرض ٿا ڪريون ته هو سنڌي
زبان ۽ ان جي ڪارآمد ادب جي اشاعت لاءِ اسان جا
ساٿي ٿين، اسان ڏانهن وقت بوقت پنهنجا مشورا
موڪلين، اسان سندن قلمي تعاون، سندن تجويزن ۽ نڪته
چينين کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا.- والسلام! م.
ا. ج
[مهراڻ:
بهار،1955ع] |