ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي
- جناب عالي، اسان ڪراچيءَ جي ايس. ايم. ڪاليج،
ڊي. جي. سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين. اي. ڊي.
انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊوميڊيڪل
ڪاليج، ايس. ايم. لا ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جا
ٽن هزارن کان وڌيڪ سنڌي شاگرد، 4- سيپٽمبر 1956ع
تي، سنڌي شاگردن جي هڪ عام جلسي ۾ پاس ٿيل پنهنجو
هيٺيون ٺهراءُ، يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي ويچار لاءِ
عرض رکون ٿا، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌيءَ کي،
هميشہ وانگر آئيندي به، يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن
لکڻ جي ذريعي طور قائم رکڻ جو مطالبو ڪيل آهي:
”سنڌي زبان کي به، انگريزي ۽ اردو زبانن وانگر،
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني زبان جي حيثيت ۾
برقرار رکيو وڃي.
”آئيندي، يونيورسٽي امتحانن ۾ سوالن جا پرچا،
انگريزي ۽ اردو ترجمي سان گڏ، سنڌي ترجمي سان به
ڏنا وڃن.
”سنڌي زبان ۾ ڏنل جوابن جون ڪاپيون، فقط انهن
ممتحنن کي ئي ڏسڻ لاءِ ڏنيون وڃن، جي سنڌي زبان
کان چڱيءَ طرح واقف هجن.
”ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين سڀني ملڪي ۽ غير ملڪي
زبانن لاءِ قائم ٿيل شعبن سان گڏ، سنڌي زبان ۽ ادب
لاءِ به هڪ جدا شعبو قائم ڪيو وڃي.“
اسان، ڪراچيءَ جي اٽڪل پنج هزار شاگردن جو هڪ
احتجاجي جلوس وٺي، 9- سيپٽمبر 1956ع تي، ڪراچي
يونيورستيءَ ٻاهران پهچي، انهن سڀني ساٿين جي
نمائندن جي حيثيت ۾، اوهان اڳيان مٿيون ٺهراءُ عرض
رکيوسين؛ مٿئين ٺهراءُ ڏانهن اوهان جي ذاتي توجهه
۽ شخصي دلچسپيءَ لاءِ گذارش ڪري، وڌيڪ اهو به عرض
ڪيوسين ته اوهان مهرباني ڪري يونيورسٽي سنڊيڪيٽ کي
به اسان جي هنن واجبي مطالبن تي همدرديءَ سان غور
ڪري هن بي انصافي دور ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن جي بنيادي
حقن کي محفوظ رکڻ لاءِ سفارش ڪندا.
اوهان ان وقت پنهنجي گفتگو جي دوران اسان کي مشورو
ڏنو هو ته اسان پنهنجي مطالبن جي تائيد ۾ هڪ
ياداشت به پيش ڪريون، ته جيئن يونيورستي سنڊيڪيٽ
کي هن مسئلي تي نظرثاني ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي.
اسان ان وقت به اهو عرض ڪيو هو ۽ هينئر به پنهنجو
واحد ۽ فيصله ڪن دليل اهو ڏيون ٿا ته جيئن گذريل
نون سالن کان سنڌيءَ کي امتحاني زبان جو درجو حاصل
رهيو آهي، تيئن آئيندي به کيس اها حيثيت حاصل رهڻ
گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ڪي اهڙا اڻٽر سبب ۽
رنڊڪون پيدا ٿي پيون هيون، جن سنڊيڪيٽ کي انهيءَ
اوچتي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، ته پوءِ سندن فرض
هيءُ هو ته علمي دنيا جي واقفيت لاءِ انهن سببن ۽
رنڊڪن کي پهريائين ظاهر ڪن ها، ۽ پوءِ انهن سببن ۽
رنڊڪن کي پنهنجي وت ۽ وس آهر هٽائڻ ۽ دور ڪرڻ جي
ڪوشش ڪن ها. افسوس، جو سنڊيڪيٽ جي ڪارپردازن ائين
نه ڪيو- ۽ اها هڪڙي بنيادي حقيقت ئي سندن فيصلي کي
هڪَ طرفو، غير واجبي ۽ اعتراض جوڳو ثابت ڪرڻ لاءِ
ڪافي آهي.
چيو وڃي ٿو ته سنڌي زبان اڃا انهيءَ لائق نه ٿي
آهي، جو ان کي يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جو
ڪامياب وسيلو سڏي سگهجي. سوال ٿو اُٿي ته سنڌي
زبان جي انهيءَ لياقت يا عدم لياقت جو فيصلو ڪيئن
ڪري سگهبو؟ جيستائين ڪراچيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي
موجود هئي، تيستائين ته اسان جي زبان خلاف ڪڏهن به
اهڙي قسم جو اعتراض ڪنهن ڪونه اُٿاريو- اُنهيءَ
يونيورسٽيءَ کي اڄ به اسان جي زبان جي انهن لياقتن
۾ پورو ڀروسو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ پاڻ به
شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي زبان کي
امتحاني زبان جي حيثيت ۾ قائم رکندي پئي آئي آهي:
حيرت جي ڳالهه البت هيءَ آهي ته هن يونيورسٽيءَ جي
اختياريءَ وارن سنڌيءَ ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون
هميشہ سنڌي زبان کان بنهه غير واقف شخصن کي ئي ڏسڻ
لاءِ پئي ڏنيون آهن! بهرحال، اسان سنڌي شاگرد، جن
جو ان ڳالهه سان سنئون سڌو واسطو آهي، سي ته
امتحانن ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ سنڌي زبان
جي صلاحيت ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ڪونه ٿا رکون.
عين ممڪن آهي ته اسان جا اهي غير سنڌي ممتحن ئي
هجن، جن کي اسان جي زبان، يونيورسٽي امتحانن لاءِ،
اڻپوري ۽ اڻسڌريل نظر آئي هجي- ۽ انهيءَ خيال ۾ هو
واقعي حق بجانب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته هرڪا زبان هر
انهيءَ شخص کي، جو ان زبان ۾ لکي پڙهي نٿو سگهي،
ائين ئي نظر ايندي. پر، يونيورسٽيءَ جهڙي اعليٰ
تعليمي اداري جي شان وٽان اها ڳاله نه آهي، جو
استادن جي هڪڙي گروهه ۾ اعتبار نه رکي، يونيورسٽي
امتحانن ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون، استادن جي هڪ
ٻئي اهڙي گروهه کي جاچڻ لاءِ ڏئي، جي انهيءَ زبان
مان چڱيءَ طرح واقف ئي نه هجن، ۽ پوءِ انهيءَ ٻئي
گروهه سان واسطو رکندڙ استادن جي ئي چوڻ تي لڳي،
سنڌي زبان کي اڻپورو ۽ اڻسڌريل سمجهي، ان ٻوليءَ
کي مرڳوئي امتحاني حيثيت کان هيٺ لاهي ڦٽو ڪري
ڇڏي- اِن کان وڌيڪ بي واجبي، اڻسهائيندڙ ۽ غير
معقول ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي!
سنڌي ٻوليءَ کي امتحاني ٻوليءَ جي حيثيت کان خارج
ڪرڻ لاءِ هڪڙو سبب اِهو به ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي
زبان جي هن حيثيت کي قائم رکڻ ڪري يونيورسٽيءَ کي
ٻيڻا خرچ ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته امتحانن ۾ هر قدم
تي خرچ لازمي طور وڌيڪ ٿيندا. سنڌي زبان کي قربان
گاهه تي چاڙهي، يونيورسٽيءَ جي مالي بجيٽ کي درست
رکڻ هڪ اهڙو ته خسيس، ٻاراڻو ۽ دل آزاريندڙ دليل
آهي، جو ٿوري سمجهه رکندڙ انسان به جيڪر اها ڳالهه
زبان تي آڻي ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪري. بهرحال،
جيڪڏهن ان مالي تڪليف جي سوال تي ٿورو غور ڪبو، ته
ڏسڻ ۾ ايندو ته وڌيڪ خرچ جو سوال فقط ٻن ڳالهين
لاءِ اٿندو: پهريون سوالي پرچن جي ترجمن ڪرائڻ
لاءِ، ۽ ٻيو انهن جي ڇپائڻ لاءِ. ظاهر آهي ته انهن
ٻنهي ڪمن تي يونيورسٽيءَ جا مشڪل سان ٻه – چار
هزار رپيا خرچ ٿيندا. اسان کي يقين آهي ته خود
ڪراچي يونيورسٽي اختياريءَ وارا به پنهنجن هيترن
سارن شاگردن جي سهولت خاطر ايتريءَ معمولي رقم جي
خرچ ڪرڻ تي ارها نه ٿيندا- ڀولو نه آهي جو سندن
اهي شاگرد سنڌي ڳالهائيندڙ ئي ڇو نه کڻي هجن.
ائين به چيو وڃي ٿو ته هاڻي ڇاڪاڻ ته اردو اسان جي
سرڪاري زبان آهي، تنهنڪري اردو کان اڻڄاڻ شاگردن
لاءِ ضروري آهي ته هو جلد از جلد اردو سکي ان ۾
مهارت حاصل ڪن- ان ۾ هنن جو پنهنجو ئي فائدو آهي!
سرڪاري زبان بنجڻ لاءِ اردو جي لياقتن، يا ملڪ جي
دستور ۾ ان کي ان درجي عطا ڪرڻ جي دانشمنديءَ يا
غير دانشمنديءَ واري سوال کي ڇڏي ڪري، اسين هن
ڳالهه تي احتجاج ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي
روڪي نٿا سگهون ته پاڪستان جي دستور ۾ اسان جي
زبان جو ٺلهو نالو به داخل نه ڪيو ويو آهي- ۽
انهيءَ ظاهر ظهور زورآوريءَ خلاف، ۽ سنڌيءَ کي
آئيني طور (مغربي) پاڪستان جي هڪ سرڪاري ۽ قومي
زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ سان گڏ
سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ زوردار عوامي هلچل هلي رهي آهي:
صحيحن جي دستاويز تي لکن جي تعداد ۾ صحيحون ملي
چڪيون آهن ۽ سنڌ جي سڀني ميونسپالٽين، لوڪل بورڊن،
اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين پبلڪ ادارن ۽ سنڌ جي سڀني
اخبارن ان مطالبي جي پرزور حمايت ڪئي آهي، ۽ اسان
کي فخر آهي ته اسان ڪراچيءَ جا سنڌي شاگرد به ان
عوامي تحريڪ جا دليون جانيون حمايتي آهيون،- پر
ساڳئي وقت پاڪستان جي دستور ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري
حيثيت نه ملڻ جي اها ته معنيٰ نه آهي ته ڪي شخص،
توڙي يونيورسٽيءَ جهڙا پبلڪ جي پئسن تي هلندڙ
ادارا ڄاڻي واڻي ان کي نڌڻڪو سمجهي، هيسائي ۽
ٻوساٽي مارڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪن. ڪراچي شهر ۾ اڳ ۾
ئي سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪري، سنڌي ڳالهائيندڙ
رهاڪن کي هر ممڪن طريقي سان پنهنجن ٻارن کي اردوءَ
کي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو
وڃي. ”ڪراچي سيڪنڊري تعليمي بورڊ“ وارن پڻ پنهنجي
دائري اندر اسڪولن جي تعليمي نصاب ۾ اردوءَ کي ته
سڀني شاگردن لاءِ لازمي ڪري ڇڏيو آهي، پر سنڌي رڳو
سنڌين لاءِ به لازمي قرار نه ڏني اٿن. اِئين ڪرڻ
سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ ته سڀني کان ٻه قدم اڳتي
وڌي، قلم جي هڪڙي ئي ڌڪ سان، سنڌي زبان کي، سندس
پاڪستان کان به اڳ مليل درجي کان هيٺ لاهي، پنهنجي
احاطي کان ڌڪاري ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي!
هتي اسين قائداعظم، قائد ملت، پاڪستان پارليامينٽ
۽ دستورساز اسيمبليءَ جي انهن خاطرين کي دهرائڻ
ضروري نٿا سمجهون، جيڪي هنن ڪراچيءَ کي سنڌ کان
جدا ڪرڻ ۽ وري سنڌ کي ”الهندي پاڪستان“ ۾ جذب ڪرڻ
وقت، اسان جي زبان ۽ ٻين تهذيبي ورثن کي محفوظ رکڻ
جي سلسلي ۾ اسان کي ڏنيون هيون.
اسان جو هيءُ عقيدو آهي ته سنڌ وانگر، پاڪستان جدا
جدا تهذيبن ۽ سڀيتائن جو هڪ تجربيگاهه آهي، ۽ جدا
جدا، رنگ برنگ گلن جي گڏجڻ سان هڪ پربهار گلشن جو
مثال ٿو پيش ڪري. اسان جي هن پياري وطن جو هي
پيارو تختگاهه- ڪراچي- ته ان لحاظ کان هڪ مثالي
سرزمين آهي، جتي اسان جا بنگالي، بلوچ، پٺاڻ،
پنجابي ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل
اسان جا ڀائرَ، اسان هتان جي قديم سنڌي رهاڪن سان-
اسين جن کي هن ملڪ جي قديم شهري هجڻ تي واقعي فخر
آهي- نهايت ميٺ محبت، ڀائپيءَ ۽ وطني جذبي سان گڏ
رهن ٿا. انهن حالتن ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ته
پاڻ اِن برادريءَ ۽ وطني حب جي مقدس جذبي تي قائم
رهي، پنهنجي روشن دماغ، انصاف پسند ۽ بي ريا هجڻ
سان ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرجي ته هوءَ به سنڌ جي قديم
تهذيب جي روح- يعني فراخ دليءَ، بردباريءَ، انساني
همدرديءَ، ۽ عالمگير محبت ۾ رڱيل آهي، ۽ هر تنگ
نظريءَ ۽ تعصب کان آزاد نظريي جي مالڪ آهي.
هيءَ مختصر گذارش خدمت ۾ عرض رکندي، اسين اوهان ۾
اميد ٿا رکون ته اوهين صاحب ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي سنڊيڪيٽ جا ميمبر صاحب اسان جي هن ياداشت تي
دلي همدرديءَ سان غور فرمائيندا، ۽ پنهنجي غير
منصفانه فيصلي تي نظرثاني ڪري، سنڌي زبان کي
يونيورسٽيءَ جي تعليمي دنيا ۾ سندس اڳئين درجي تي
قائم رکندا.
[ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪيٽ آڏو پيش ڪيل ڪراچيءَ جي
سنڌي شاگردن جي ياداشت: 1956ع]
ٻوليون ۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ
(ديباچو، ”سنڌي ٻولي“)
هيءَ مضمون محترم سراج جي لکيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“-
عظيم پبليڪيشنس، حيدرآباد، سنڌ 1964ع- جي مهاڳ طور
پيش ٿيل آهي. هن مضمون جي مواد ۽ ترتيب لاءِ هيٺين
ڪتابن تان مدد ورتل آهي:
An Introduction to Linguistic Science-E.H. Sturtevant,
New Haven, 1947.
Linguistic Science in the 18th Century- H.
Pedersen, Cambridge, Mass. 1931.
Language-L. Bloomfield, New York, 1933.
Phonetic- Kenneth-Pke, Ann Arbor, 1943.
- م. اج.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جي چلهه تي سر دل تي“-
انساني لاڳاپن ۾ هيءَ ڳالهه ته شايد عام طرح صحيح
به هجي، پر ٻيا ڪيترا معاملا آهن، جن ۾ ڳالهه
مرڳوئي ان جي ابتڙ معلوم ٿي ٿئي. جيڪي چيزون انسان
کي بنهه ويجهڙيون هونديون آهن، تن ڏانهن ان جو
ڌيان اڪثر ڪونه ڇڪبو آهي: مثلاً ”ساهه کڻڻ“ آهي،
”هلڻ“ آهي- انهن ڏانهن عام طرح ڪنهن جو به خاص
ڌيان ڪونه ٿو وڃي. ٻولي به اهڙين ئي ويجهڙين شين
مان هڪ ويجهڙي ۽ هميشه ساڻ رهندڙ شيءِ آهي. ڪڏهن
ڪڏهن سو ماڻهوءَ جو خيال ٻوليءَ ڏانهن ضرور ڇڪبو
آهي: جڏهن ان جي ٻن هم- معنيٰ جملن يا ترڪيبن-
مثلاً ”رت ڳارهو آهي“ يا ”رت ڳارهي آهي“ منجهان هن
کي سوچڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ترڪيب صحيح آهي ۽ ڪهڙي
غلط. پر اهڙين حالتن ۾ به هن جي اڪثر هڪ ئي روش
هوندي آهي: يا ته هو ڊوڙي وڃي اڳيان لکيل ۽ ڇپيل
ڪتاب ڏسندو آهي يا وري هڪدم ڪنهن نه ڪنهن لغت کي
وڃي ڦولهيندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي سلسلي ۾
سندس اڪثر عقيدو هيءُ هوندو آهي ته اڳين عالمن ۽
اديبن ٻوليءَ جي اهڙن مسئلن متعلق دائمي ۽ آخرين
فيصلا ڏئي ڇڏيا آهن. عام طرح ته ڪتابن ۽ لغتن
ڏانهن رجوع ٿيڻ جي به هو ڪا ضرورت محسوس ڪانه ڪندو
آهي. ڇاڪاڻ ته گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول ”فاعل“،
”مفعول،، ”عدد“، ”جنس“، ”زمان“ وغيره متعلق- هن جي
سامهون هوندا ئي آهن، جن جي آڌار تي هو سمجهندو
آهي ته ٻوليءَ جي اهڙن مونجهارن کي هو آسانيءَ سان
حل ڪري سگهي ٿو. پر حقيقت ۾ اهڙن سِڌن سَنون ۽ ۽
ساڳئي وقت کُتل ويچارن وسيلي ٻوليءَ بابت ڪابه
بنيادي تحقيقات ممڪن نٿي ٿي سگهي. شايد سؤ يا ڏيڍ
سؤ سال مس ٿيا آهن، جو ٻوليءَ بابت مطالعي ۽ فڪر
جو اهو آسان ۽ ٻاراڻو انداز ڇڏي ڪري، ڪن عالمن ۽
مفڪرن نج علمي ۽ تحقيقاتي بنيادن تي انهيءَ ڏس ۾
سوچڻ ۽ ويچارڻ شروع ڪيو آهي. ٻوليءَ جي صحيح ۽
ڪارائتي مطالعي جو لازمي شرط هيءُ آهي ته پهريائين
ان متعلق عام عقيدن کي يا ته بنهه نظر انداز ڪيو
وڃي، يا گهٽ ۾ گهٽ انهن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت
کي هميشه سامهون رکيو وڃي، ۽ اهڙيءَ طرح اُن مسئلي
جي ذري پرزي جانچ پڙتال خالص عقل جي روشنيءَ ۾ ۽
ٺوس حقيقتن جي بنياد تي ئي ڪئي وڃي.
قديم يونانين روزمره جي واقعن ۽ بنهه رواجي ڳالهين
تي هڪ عجيب ۽ بي خوف انداز ۽ اورچائيءَ سان سوچيو
۽ ويچاريو، ۽ ساري دنيا عام طرح ۽ مغربي دنيا خاص
طرح اڄ به اُنهن جي عظيم احسانن کي پَئي ڳائي ۽
انهن مان پنهنجي فڪر جا رستا روشن ڪري. پر اڄ انهن
اوائلي يوناني مفڪرن جي ٻڌايل نتيجن تي جيڪڏهن ڪو
بنهه ڳنڍ ٻڌي ويهي رهي، ته هوند علمي نقطه نگاهه
کان اهڙي ماڻهوءَ کي شايد ئي ”سڌريل انسان“ سڏي
سگهبو. مثلاً 5 صدي قبل مسيح جو يوناني فيلسوف،
هيروڊوٽس، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ“ (جلد2، باب 2) ۾
مصر جي هڪ بادشاهه، ساميٽيڪس، جي ڳالهه ٿو ٻڌائي
ته ان بادشاهه کي هڪ ڀيري اچي خيال ٿيو ته معلوم
ڪجي ته دنيا ۾ سڀ کان پراڻي ٻولي ڪهڙي هئي- سو ڇا
ڪيائين جو ٻن نون ڄاول ٻارن کي هڪ ٻوڙي ۽ گونگي
شخص جي سنڀال هيٺ، هڪڙي جهنگ ۾، ڇڏي ڏنائين. سندس
خيال هو ته ٻي عام ٻولي، جو هي ٻارَ ڪنين نه
ٻڌندا، سو هو آخرڪار جيڪو پهريون لفظ وات مان
ڪڍندا، سوئي لفظ انسان جي پهرينءَ ٻوليءَ جو
پهريون لفظ هوندو! چنانچه هنن ٻارن نيٺ هڪڙو لفظ
وات مان ڪڍيو- ۽ اُهو هو ”بيڪوس“، جيڪو فِرِجَين
ٻوليءَ جو لفظ هو ۽ معنيٰ هيس ”ماني“. بس، اُنهيءُ
تجربي جي بنا تي اعلان ڪيو ويو ته ”فرجين“ ٻولي
انسان جي پهرين ٻولي هئي. هيرو ڊوٽس جي نظر ۾ به
اهو تجربو فيصله ڪن هو- ڇو ته سندس خيال ۾ ماڻهوءَ
جي گهُر ”ماني“ ئي ٿِي ٿي سگهي! پر افسوس، جو هيرو
ڊوٽس بادشاهه جي هن تجربي کي بيان ڪندي ان جو هڪڙو
تفصيل هيءُ به بيان ڪري ٿو ته ان گونگي ٻوڙي شخص
وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ به ساڻ هو. رڍون ۽ ٻڪريون ته
ظاهر هو ته سواءِ ”ب ي ي ب ي ي“ جي ٻيو ڪو آواز
ڪونه ڄاڻن. تنهنڪري انهيءَ سوچ پٽاندر ته وڌيڪ
صحيح ڳالهه هيءَ ليکي سگهبي ته دنيا ۾ پهرين ٻولي
رڍن ۽ ٻڪرين ئي ڳالهائي!
افلاطون پنهنجي هڪ ڊايالاگ، بعنوان ”ڪرئٽيلس“ ۾
لفظن جي اصليت تي بحث ڪندي، هڪڙو سوال پيش ڪيو
آهي: ڇا شين ۽ شين جي نالن وارن لفظن جو باهمي
تعلق فطري آهي، يا اُهو انسانن جو هٿراڌو ٺاهيل ۽
روايتي تعلق آهي؟ بس اتان ئي ٻولي وگيان ۾
”لاڳاپي“
(Analogy)
۽ ”نيارائي“
(Anomaly)
جو اختلاف شروع ٿيو. ”لاڳاپي“ جا حامي چوڻ لڳا ته
ٻولي هڪ فطري (يعني قدرت طرفان عطا ڪيل) چيز آهي ۽
منطقي ۽ پيمائتي آهي، ۽ رڳو انسانُ غير منطقي ۽ اڻ
پيمائتو آهي)- ۽ ”نيارائيءَ“ جا حامي، جن جو
انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو، پنهنجي طرفان ٻوليءَ
جي بيهڪ ۽ ڍانچي ۾ بي قاعدگيون ۽ ڏنگاريون ڦڏايون
ڳوليندا ۽ ٻڌائيندا رهيا. ”لاڳاپي“ جي حامين جو
خيال هو ته لفظن جي شڪل ۽ بناوت مان سندن اصل ۽
حقيقي معنيٰ لِهي سگهجي ٿي- ۽ ان مطالعي کي هنن
”علم اشتقاق“ سڏيو. ”اشتقاق“ جو لفظ اڄ به عام
استعمال ۾ آهي- جيتوڻيڪ هاڻي ان جو مفهوم قدري
مختلف ليکيو وڃي ٿو.
قديم يونانين پنهنجي ٻوليءَ جو خوب مطالعو ڪيو، پر
اهو سڄو سندن هن نظريي تي بيٺل هو ته سندن ٻوليءَ
جي ڍانچي ۾ انساني فڪر جا همه گير اظهاري نمونا
موجود هئا. چنانچه هنن گرامر جا عام قاعدا ۽ اصول
وضع ڪيا ۽ انهن کي علمي ويس ڏنو؛ پر ظاهر آهي ته
اهي قاعدا فقط هڪڙيءَ ٻوليءَ تائين ئي محدود هئا.
ٻيءَ صديءَ ق.م. ۾ ڊيونيسس ٿرئڪس، ۽ ٻيءَ صديءَ
بعد مسيح ۾ اپالونيس ڊسيولس انهيءَ ئي فلسفيانه
تعميمي پيرايي ۾ پنهنجا پنهنجا گرامر پيش ڪيا.
ٻوليءَ جي جزئياتي مطالعي طور، هومر جي ”اِليڊ“ ۽
”آڊيسي“ ڪتابن جي جيڪا هڪ ٻئي يوناني عالم،
آرسٽارڪَس (144-216 ق.م)، تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي، سا
پڻ پنهنجي وقت جي نهايت قابل قدر ڪوشش هئي. بهرحال
هنن يوناني عالمن جيڪي ٻولي وگيان جي ميدان ۾ هڪَ
پاساوان ۽ مخصوص نتيجا پيش ڪيا، سي ارڙهين صديءَ
تائين بحال ۽ قابل غور رهيا. ان کان پوءِ عالمن
اُنهن خيالن کي ڇڏڻ شروع ڪيو، ۽ اِهو عام ويساهه
ته ٻولي سنئين سڌي ۽ جيئن آهي تيئن خدا جي عطا ڪيل
ڏات آهي، ان جي بدران ٻوليءَ جي ابتدا متعلق ٽئين
قسم جي سوچ ويچار ۽ تحقيق شروع ٿي، ۽ هلندي هلندي،
ان بابت هيٺيان نظريا پيش ڪيا ويا:
(1) ماڻهن جيڪي پنهنجي چوڌاري عام آواز ۽ شور ٻڌا.
تن جي نقل ڪرڻ جي هنن ڪوشش ڪئي، ۽ ائين ٻولي شروع
ٿي. هِن کي ”هُو هُو“ يا ”وُو وُو
the bow vow)
جو نظريو سڏين ٿا.
(2) ماڻهن پنهنجي ماحول ۾ جڏهن ڪي خاص ۽ ڍنگائتا
آواز ٻڌا، تڏهن اهڙا آواز ازخود ڪڍڻ شروع ڪيائون،
۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هِن کي ”ٽڻ ٽڻ“ (گهنڊ جِي)
يا ”ڊم ڊم،
(the ding dong) جو نظريو سڏيو ويو.
(3) ماڻهن پنهنجن اندروني اڌمن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ
خودبخود آواز- ڪاوڙ جا، عجب جا، خوشيءَ جا، ڊپ جا
وغيره- ڪڍڻ شروع ڪيا، ۽ ائين ٻولي شروع ٿي. هِن کي
”آهه آهه“ يا ”واهه واهه“
(the pooh pooh)
جو نظريو سڏيو ويو. ٻئي پاسي يوناني عالمن جي علم
اشتقاق بابت جڳ- مشهور فرينچ فيلسوف، والٽيئر
(1694- 1778ع)، انهيءَ حد تائين چئي ڏنو ته
”اشتقاق هڪ اهڙو علم اهي، جنهن ۾ حروف علت جي ڪا
اهميت ڪانهي ۽ حروف صحيح به ڪنهن خاص شمار ۾ ڪونه
ٿا رهن!“
اُنهيءَ وچ ۾، رومن لوڪن پنهنجي لئٽن ٻوليءَ جا پڻ
گرامر مرتب ڪيا، پر انهن کي يوناني ٻوليءَ جي ئي
گرامر جي سانچي ۾ ٺهڪائي پيش ڪيائون. چوٿينءَ
صديءَ ۾ ڊونيٽَس نالي، ۽ ڇهين صديءَ ۾ پريسيان
نالي، لئٽن ٻوليءَ جا ٻه گرامر نويس پيدا ٿيا، جن
جا گرامر سڄي وچولي زماني ۾ حرف آخر طور شمار ۽
استعمال ٿيندا رهيا. اُنهيءَ سڄي دور ۾، جڏهن لئٽن
ٻولي، ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، بدلجي سدلجي
(Romance)
يعني ڏيهي يوروپي ٻولين، جهڙوڪ رومينين، فرينچ،
اٽالين وغيره جا روپ وٺي رهي هئي، ٻوليءَ جي
تحريري صورت اُهائي ڪلاسيڪي لئٽن واري اختيار
ٿيندي رهي.[1]
يورپ جي اڪثر ملڪن ۾، انهيءَ زماني جا عالم رڳو
ڪلاسيڪي لئٽن جي ئي مطالعي ۾ مشغول رهيا. هن
صورتحال جا نشان اڄ ڏينهن تائين مغرب جي اڪثر
يونيورسٽين ۾ موجود ڏسجن ٿا، جن جي نصاب ۾ ڪلاسيڪي
لئٽن هڪ مضمون طور اڄ به موجود آهي. وچولي زماني
جي عالمن لئٽن گرامر جا ڪي نوان اصول، مثلاً اسم ۽
صفت جو فرق، وغيره ڳولي ڪڍيا، پر جيڪا تحقيق ۽
جيڪو مطالعو ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ جو اڳيان گرامر
نويس پيش ڪري چڪا هئا، تنهن جي مثال کي هو پوءِ به
پهچي ڪونه سگهيا- ڇاڪاڻ ته سندن زماني ۾ ٻولي،
ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، پنهنجو روپ ڪافي بدلائي چڪي
هئي، ۽ هو ڪلاسيڪي لئٽن جي بيهڪ ۽ بناوت کي ئي
انساني ڪلام جو عين منطقي ۽ مثالي ماڻ ڪري شمار
ڪندا رهيا. هنن عالمن جي پيرويءَ ۾، ڪيترن نسبتاً
جديد زماني جي عالمن پڻ گرامر جا ڪتاب لکيا، جن ۾
هنن، پنهنجي پنهنجي پسند ۽ واسطي پٽاندر، لئٽن
توڙي ٻين ٻولين جي بناوت کي منطق جي عالمي اصولن
جو مظهر ۽ امتيازي مثال ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اهڙي گرامر جي ڪتابن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور
(Grammaire Generale et Raisonnee) نالي ڪتاب آهي، جو فرانس جي پورٽ رايل شهر جي هڪ
خانقاهه ۾ سنه 1660ع ۾ لکيو ويو. ٻولين بابت هن
قسم جو محض فلسفيانه طرز جو خيال اوڻيهين صديءَ
تائين قائم رهيو. 1801ع ۾، گالفريد هَرمن نالي هڪ
جرمن عالم ساڳئي قسم جو هڪ گرامر جو ڪتاب[1]
تيار ڪيو. جنهن ۾ هن رڳو هيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ته دنيا ۾ جيڪڏهن ڪا عالمانه ٻولي موجود
هئي، ته اها فقط لئٽن ٻولي ئي هئي.
مطلب ته وچولي دور جي مغربي عالمن لاءِ ڌيان لائق
ڪا ٻولي يا زبان فقط لکيل ڪلاسيڪي لئٽن ٻولي هئي:
ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ سندن دلچسپيءَ يا ان جي مطالعي
جو علمي دنيا ۾ خاص ڪو نشان ڪونه ٿو ملي. جڏهن
يورپ ۾ سجاڳيءَ جو دور آيو، تڏهن البت يوناني
ٻوليءَ جو وري ڪجهه قدر چرچو ٿيو، ۽ صليبي لڙاين
سبب عربي ۽ هيبريو ٻوليون پڻ عالمن جي مطالعي هيٺ
اچڻ شروع ٿيون. ساڳئي وقت، هيءَ زمانو عام تلاش ۽
کوجنا جو زمانو هو. ڪيترائي ڏورانهن ملڪن تان
موٽندڙ مسافر ڪنهن قدر اتان جون ٻوليون سکي واپس
پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موٽندا ٿي رهيا، ۽ پڻ
عيسائي پادرين هٿان مذهبي ڪتابن جا والاريل ملڪن
جي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. انهن ٻولين جي
گرامرن ۽ لغتن ٺاهڻ جون پڻ ڪنهن حد تائين ڪوششون
ٿيڻ شروع ٿيون. اسپين جي پادرين 1500ع کان پنهنجي
تبليغ جي ڪم سان گڏوگڏ ڪيترين اصلوڪين ”آمريڪي“
ٻولين ۽ فلپائين جي ٻولين تي ڪافي ڪتاب لکيا. پر
پادرين جي انهن ڪتابن کي ٻولي وگيان جي دائري ۾ اڄ
ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي. هڪ ته هنن پادري
عالمن کي ڌارين ٻولين جي آوازن سڃاڻڻ جي ڪا خاص
تربيت حاصل ڪانه هئي، تنهنڪري هو انهن ٻولين کي
صحيح صورت ۾ قلمبند ڪري ڪين سگهيا، ۽ ٻيو ته،
تڏهوڪي دستور موجب، هو پڻ مختلف ٻولين جي گرامرن
کي لئٽن ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ئي پلٽائڻ جي
ڪوشش ڪندا رهيا. جنهنڪري محنت جي زيان سان گڏ انهن
ٻولين متعلق ڪيتري وقائتي معلومات پڻ جديد ٻولي
وگيانين کان گويا هميشه لاءِ گم ٿي ويئي.
دنيا ۾ وڻج واپار جي واڌاري ۽ ملڪان ملڪ ماڻهن جي
اچ وڃ سبب بهرحال ڪيترين ئي ڄاتل سڃاتل ٻولين جا
گرامر ۽ لغتون ٺهڻ شروع ٿيون. ارڙهين صديءَ جي آخر
ڌاري ٻولي وگيان جي ترقيءَ جو اندازو هن مان لڳائي
سگهجي ٿو ته روس جي مهاراڻي ڪئٿرين جي چوڻ تي يورپ
۽ ايشيا جي 200 ٻولين جي هڪ تقابلي شبد مالها[1]
تيار ٿي، جنهن ۾ 285 لفظ گڏ ڪيل هئا. هن ڪتاب جي
ٻي ايڊيشن 1791ع ۾ شايع ٿي، جنهن ۾ وڌيڪ 80
ٻوليون، جن ۾ ڪي آفريڪي ۽ ”آمريڪي“ ٻوليون به
هيون، شامل ڪيون ويون. هن تقابلي شبد مالها جي
ترتيب ڪجهه هن ريت هئي:
انگريزي |
ڊچ |
جرمن |
ڊئنش |
سئيڊش وغيره |
مَئن
(Man) |
مان |
مان |
مانق |
مان |
هَئنڊ
(Hand) |
هانت |
هانت |
هانق |
هاند |
فُٽ
(Foot) |
وُٽ |
فُس |
فوقز |
فوت |
فِنگر
(Finger) |
وِنگَر |
فِنگَر |
فِينگقَر |
فِنگر |
هَائوُس
(House) |
هوِئيس |
هائُوس |
هُقس |
هُوس |
ٻئي طرف ڪن عالمن پنهنجين ٻولين جي آڳاٽين لکيتن
ڏانهن ڌيان ڏنو. هن ڏس ۾ انگريزي ٻوليءَ ۽ ٻين
قريبي ٻولين مثلاً فرسين، ڊچ، جرمن، اسڪئنڊي نيوين
۽ گوٿڪ وغيره جي مطالعي تي فرئنسيڪس جونس (1589 –
1677ع) نالي هڪ ٻولي وگيانيءَ وڏي محنت صرف ڪئي.
جارج هائيڪس (1642 – 1715ع) نالي ٻئي هڪ عالم گوٿڪ
۽ ائنگلو سئڪسن ٻولين جو هڪ گرامر[1]
تيار ڪيو ۽ پڻ انگريزيءَ ۽ ٻين قريبي ٻولين جي
قديم صورتن متعلق هڪ متفرقه معلومات جو ذخيرو[2]
شايع ڪيو.
ارڙهين صديءَ جي هنن عالمن جي ٻولين بابت معلومات
مجموعي طور هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي: (1) ٻوليءَ
جون گرامري خصوصيتون عام طرح هنن رڳو فيلسوفي
انداز جي تميمي صورت ۾ بيان ٿي ڪيون، ۽ ٻولين جي
پنهنجي پنهنجي الڳ بناوت ڏانهن هنن ڪو خاص ڌيان
ڪونه ٿي ڏنو، بلڪ اهڙن فرقن ۽ تفاوتن کي هنن لئٽن
ٻوليءَ جي گرامر جي سانچي ۾ ڀچائي، مرڳوئي لٽي ٿي
ڇڏيو؛ (2) ٻوليءَ جي آوازي صورت تي ويچار ڪرڻ
بدران، ان کي رڳو لکيل الف – ب جي نشانين سان ئي
لاڳاپيل سمجهيو ٿي ويو؛ (3) ڇاڪاڻ ته هو اها ڳالهه
محسوس ڪانه ٿي ڪري سگهيا ته ڪلاسيڪي لئٽن ٻوليءَ
جو استعمال محض هڪ مصنوعي ۽ خالص علمي مشق جي
حيثيت کي وڃي رسيو هو. تنهنڪري هو هن ڳالهه کي
چنبڙيا رهيا ته ٻولي فقط پڙهيل ۽ باخبر ماڻهن جي
خاص استعمال سبب ئي محفوظ رهِي ٿي سگهِي، ۽ رڳو
عام ماڻهو، جيڪي سندن نگاهن ۾ ڄٽ هئا، ان کي
بگاڙيندا ۽ بدلائيندا ٿي رهيا. پنهنجي انهيءَ
عقيدي ماتحت، هي گرامر جا عالم پنهنجي مرضيءَ موجب
ٻولين جا عجيب غريب قاعدا مرتب ڪندا رهيا، جن جو
بنياد سندن خيال ۾ منطق تي بيٺل هو، جنهن ۾ اختلاف
جي ڪا گنجائش ڪانه هئي. ههڙن اڻپورن غلط خيالن
سبب هي عالم گهربل حقيقتن ۽ ٺوس مواد جي موجود
هوندي- مثلاً قديم ٻولين جون لکيتون، جهنگلي قبيلن
جي اڻ تراشيل ٻولين بابت معلومات، جديد ٻوليون ۽
انهن جون اپڀاشائون، ۽ سڀ کان وڌيڪ، ساڳيءَ ٻوليءَ
مثلاً لئٽن، جديد رومانس ٻولين، ائنگلو سئڪسن ۽
جديد جرمئنڪ ٻولين جي تدريجي اوسر بابت شهادتون،
وغيره- انهن سمورين حقيقتن ۽ ان سڄي مواد کي
استعمال ڪرڻ کان هو قاصر رهيا. جيتوڻيڪ سندن علم ۾
هيءَ ڳالهه هئي ته ڪن ٻولين جي هڪٻئي سان مشابهت
آهي، تنهن هوندي به انهن مشابهتن جي مطالعي کان هو
حذر ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته سندن نظريي موجب اهي
مشابهتون محض اتفاقي بگاڙي جو نتيجو هيون ۽ بس.
سندن ذهن ۾ جو هيءُ خيال ويٺل هو ته لئٽن ٻوليءَ ۾
ڪا ڦير گهير ڪانه آئي هئي ۽ اها جيئن اصل هئي تيئن
ئي وٽن موجود هئي، تنهنڪري هو ائين سمجهڻ لڳا ته
ٻيون آس پاس جون ٻوليون ئي، اتفاقي بگاڙي سبب،
هڪٻئي منجهان ڦٽي نڪتيون هيون. منجهانئن گهڻن
هيبريو (عبرانيءَ) کي منڍ جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو
ٿي، پر ڪن جي راءِ ان کان الڳ هئي. ائنٽورپ جي
رهواسيءَ، گورو پيس بيڪانس، جو پاڻ ڊچ هو، پنهنجي
وطني حب جو مظاهرو ڪندي، هيءُ ظاهر ڪيو ته لئٽن
کان سواءِ يورپ جون ٻيون سڀ ٻوليون ڊچ ٻوليءَ
منجهان نڪتل هيون!
تقريباً اُنهيءَ زماني ۾، يعني ارڙهين صديءَ جي
آخر ڌاري، يوروپي عالمن کي پاڻنيءَ جي گرامر جي
سُڌ پيئي. سنسڪرت جي گرامر جو هيءُ ڪتاب ڪنهن
مخصوص مفروضي بدران، حقيقتن ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾
مرتب ٿيل هو، ۽ ان جي وسيلي يوروپي عالمن جي
سامهون ٻولين جي تقابلي مطالعي جا امڪان پڌرا ٿيا.
پاڻنيءَ جي گرامر ٻوليءَ جي ڇيد جو اصول سيکاريو،
جنهن موجب ٻولين جي ترڪيبي جزن جي ڀيٽڻ سان سندن
هڪجهڙايون، جيڪي هونئن لڪل ۽ ڍڪيل رهن ٿيون، سي
پوري ڀروسي سان لڀجي سگهيون ٿي. سڀ کان اول ٻولي
وگيان جي ماهر، وليم جونس (1746 – 1794ع)، هيءَ
وضاحت پيش ڪئي ته لئٽن، سنسڪرت، انگريزي، فارسي
وغيره ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي ٻوليءَ جون الڳ
الڳ صورتون هيون. سندس چوڻ موجب ”سنسڪرت، يوناني ۽
لئٽن ۾ ايتري ته ويجهي مشابهت آهي، جو اها محض
ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿي ٿي سگهي؛ بلڪ ان مان اهو
انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ٻوليون ڪنهن
هڪڙيءَ منڍ واريءَ ٻوليءَ منجهان ڦٽيون آهن، جيڪا
شايد اڄ ڪٿي موجود ڪانهي؛ ۽ گوٿڪ (جرمئنڪ) ۽ ڪليٽڪ
ٻوليون به شايد ان ساڳيءَ ئي منڍ واريءَ ٻوليءَ
مان نڪتل آهن[1].“
وليم جونس جي انهيءَ بيان کان پوءِ يوروپي ٻولي
وگيانين جيڪو هند- يوروپي ٻولين جو تقابلي مطالعو
ڪيو آهي، سو واقعي هڪ نهايت ڦل دائڪ ڪوشش ثابت ٿي
آهي. وليم جونس جو هيءُ چوڻ ته جرمئنڪ ٻولين جو
لئٽن، يوناني وغيره ٻولين سان تعلق آهي، سچو ٿابت
ٿي چڪو آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سندس اهو اندازو ڪيلٽڪ
ٻولين (آئرش، ويلش، ڪارنيش، وغيره) بابت پڻ صحيح
ثابت ٿي چڪو آهي. فارسي، الباني، هِٽي ۽ پڻ
ڪيتريون مشرقي ٻوليون، جن جون بنهه مختصر لکيتون
ئي موجود هيون، سي پڻ هند- يوروپي سٿ منجهان ثابت
ٿي چڪيون آهن.
جيڪڏهن ڪا ٻولي ڪنهن وڏيءَ ايراضيءَ ۾، يا لڏپلاڻ
سبب، گهڻين الڳ الڳ ايراضين ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ته
ان ٻوليءَ ۾ جدا جدا هنڌن تي جدا جدا انداز ۽
نموني سان ڦير گهير واقع ٿيندي. ان ڦير گهير جو
نتيجو هيءَ نڪرندو ته مختلف مگر لاڳاپيل ٻوليون
وجود ۾ اينديون- مثلاً اٽالين، فرينچ، پورچوگيز،
رومينين، ڪئٽالين، اسپئنش ۽ ٻيون رومانس ٻوليون،
جن کي هڪ ئي سٿ يا گروهه جون ٻوليون سڏي سگهبو.
ساڳيءَ ريت ٻين لاڳاپيل ٻولين جي ٽولن کي پڻ،
مثلاً ’هند – پاڪستاني’، سِلاو ۽ ٻين اهڙين ٻولين
جي ٽولن کي، جن ۾ پڻ ساڳئي قسم جون هڪجهڙايون
موجود ڏسبيون، ساڳئي ئي طريقي سان پيدا ٿيل سڏي
سگهبو. هيءُ هڪ خالص تاريخي اتفاق آهي، جو اسان وٽ
ٻوليءَ جو اوائلي تحريري رڪارڊ موجود نه آهي. هنن
اصلوڪين اڻ لکيل ۽ هن وقت غير موجود ٻولين کي ٻولي
وگيان ۾ پروٽو سلاوڪ، پروٽو جرمئنڪ، پروٽو اِنڊڪ
وغيره نالا ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ جڏهن ٻولين
جي هنن ٽولن جي وچ ۾ اهڙيون ڪي هڪجهڙايون ڏسجن
ٿيون، جيڪي محض ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿيون ٿي
سگهن، تڏهن اسين انهن کي هڪ ئي مُک سٿ (هند-
يوروپي) جون ٻوليون شمار ڪري ٿا سگهون، ۽ وليم
جونس جي چوڻ موجب، اها پختي راءِ قائم ڪري سگهون
ٿا ته اهي سڀيئي ٻوليون ڪنهن هڪ ئي قبل از تاريخي
ٻوليءَ منجهان اُسريل آهن، جنهن هڪڙي بنهه شروعاتي
ٻوليءَ کي ٻولي وگيان ۾ اڄ پروٽو هند- يوروپي ٻولي
سڏيو وڃي ٿو.
هند- يوروپي ٻولين جي سلسليوار ڀيٽ جي شروعات
سنسڪرت، يوناني، لئٽن، فارسي ۽ جرمئنڪ ٻولين جي
فعلي گردانن جي ڀيٽ سان ٿي، ۽ جرمن عالم،
فرئنزباپ، سنه 1816ع ۾ هڪ ڪتاب[1]،
شايع ڪيو، جو ان سلسلي جو هڪ بنيادي ڪتاب ليکيو
وڃي ٿو. 1819ع ۾ هڪ ٻئي جرمن عالم، جيڪب گِرم،
پنهنجي ڪتاب جو پهريون جلد، ۽ ٽي سال پوءِ، 1822ع
۾، ان جو ٻيو جلد پڌرو ڪيو، جن ۾ هن جرمئنڪ ۽ ٻين
هند – يوروپي ٻولين جي وچ ۾ ”صحيح حرفن“
(consonnts)
جي آوازي مشابهت تي هڪ تفصيلي بيان پيش ڪيو، جنهن
۾ جيتوڻيڪ بنيادي طرح ٻولين جي تاريخ جو ئي ورنن
ڪيو ويو هو، پر ان آوازي مشابهت يا هم آهنگيءَ جي
ٻيءَ طرح به هڪ وڏي اهميت هئي. ان مان هيءَ ڳالهه
ثابت ٿي ته، جيئن انساني عمل جي ٻين دائرن ۾، تيئن
ٻوليءَ جي طويل اوسر ۾، آوازن جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ۾
ڦير گهير جو واقع ٿيڻ پڻ هڪ قسم جي باقاعدگيءَ ۽
ترتيب سان عمل ۾ اچي ٿو.
سنه 1833ع ۾ مٿي ذڪر ڪيل جرمن عالم، فرئنزباپ، هند
- يوروپي ٻولين جي تقابلي گرامر جو هڪ تفصيلي ڪتاب[1]
پيش ڪيو، جيڪو ٻولي وگيان ۾ وڏيءَ اهميت جو ڪتاب
شمار ٿئي ٿو. انهيءَ سال ساڳيءَ ئي اهميت وارو هڪ
ٻيو ڪتاب[2]
پڻ هند- جرمئنڪ ٻولين متعلق اشتقاق جي موضوع تي
شايع ٿيو، جنهن جي اشاعت سان ٻولي وگيان ۾ لفظ
”اشتقاق“ جي آخرڪار هڪ صاف ۽ واضح معنيٰ مقرر ٿي.
يوناني عالمن وٽ هن لفظ جو مطلب هيءُ هوندو هو ته
لفظن جي صورت ۽ متعلقه شين سان سندن نسبت جو
مطالعو ڪيو وڃي. پر هاڻي ان جي معنيٰ هيءَ مقرر ٿي
ته ڪنهن لفظ جي تاريخ جو اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو
وڃي، جو ٻوليءَ ۾ ان جون پراڻيون صورتون ۽ ٻين
لاڳاپيل ٻولين ۾ ان جون اهي صورتون جيڪي سندس اصل
صورت جا ڌار ڌار روپ يا نمونا آهن، اُهي ظاهر ٿي
سگهن. انهيءَ لحاظ کان انگريزي لفظ مَدَر (ماءُ =)
جو اشتقاق نائين صديءَ جي پراڻيءَ انگريزي لفظ
مُودر آهي، جيڪو پراڻيءَ نارس ٻوليءَ جي لفظ
مُزير، پراڻيءَ فِرسين جي مُدير، پراڻيءَ سئڪسن جي
مُدار، پراڻيءَ جرمن جي موئوتير (جيڪو نقل آهي
پروٽو جرمن جي مُدير مان) سان لاڳاپيل آهي. هن لفظ
جون اهي جرمئنڪ صورتون وري سنسڪرت جي لفظ ماتا،
اويستا (پراڻي پارسيءَ) جي ماتا، پراڻي آرمينين جي
ميِييَر، قديم يونانيءَ جي ميِيتيَر؛ البانيءَ جي
موتِر (هتي لفظ جي هن صورت جي معنيٰ آهي ”ڀيڻ“،
جنهن مان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن هڪ قديم اصل وارو
لفظ معنيٰ ۾ ڦري ٿو)، لئٽن جي ماتير، پراڻيءَ آئرش
جي ماٿِر، پراڻيءَ سِلاوڪ جي ماتِي، لٿونين جي
موتي (هتي هن جي معنيٰ آهي ”زال“- جيڪو البانيءَ ۾
معنيٰ جو ڦيرو ڏٺوسون، هي ان جو ٻيو مثال آهي) سان
لاڳاپيل آهن. هن لفظ جون اِهي مڙيئي صورتون هڪ ئي
منڍ واريءَ يعني پروٽو هند- يوروپيءَ جي گهڙيل يا
فرض ڪري ورتل لفظ ”ماتير“ مان نڪتل شمار ڪيون وڃن
ٿيون. ياد رکڻ گهرجي ته، مثال طور کنيل، هن لفظ
جون اصلوڪيون صورتون ڪا هروڀرو پراڻي يا وڌيڪ صاف
معنيٰ اسان کي ڪانه ٿيون ڏسين.
هڪ ڳالهه ته صاف آهي ته ڪي ٻوليون هڪٻئي سان
ايتريقدر ته مشابهت رکن ٿيون، جو ان کي محض ڪنهن
اتفاق جو نتيجو سڏي نٿو سگهجي. هنن مان ڪي
مشابهتون ته واقعي اهڙيون آهن، جيڪي رڳو ٻوليءَ جي
عام خصوصيتن سبب ئي ائين ڏسجن ٿيون. مثلاً آواز،
پد، لفظ، جملا وغيره- اهي ئي ته هر ڪنهن ٻوليءَ ۾
موجود آهن، ۽ اهي خصوصيتون هر ٻوليءَ جي بنياد
لاءِ گويا سِرن ۽ گاري جو ڪم ڏين ٿوين. ٻيون به
اهڙيون خصوصيتون، مثلاً اسم- نما لفظ ۽ فعل- نما
لفظ، جيتوڻيڪ سڀني ٻولين ۾ مشترڪ نه آهن، پر اُهي
ايتريقدر ته اڪثر ٻولين ۾ موجود آهن، جو ان سبب
انهن ٻولين ۾ ڪنهن نه ڪنهن لاڳاپي جو انومان ضرور
ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ڪي مشابهتون ته ٻولين ۾ اهڙيون
پڻ آهن، جي واقعي صرف اتفاق جو نتيجو آهن. مثلاً
جديد يوناني ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽِي“ (= اک) ذريعي
گهٽ ملايائي ٻوليءَ جي لفظ ”ماٽا“ جهڙو آهي، جنهن
جي معنيٰ پڻ ”اک“ آهي. بهرحال، هنن ٻنهي ٻولين جي
اوسر جي جيڪا ڄاڻ موجود آهي، تنهن مان چئي سگهون
ٿا ته منجهن اها مشابهت محض اتفاقي آهي. ملايائي
ٻوليءَ ۾ لفظ ”ماٽا“ ان جي قديم ترين مثالن ۾ پڻ
جيئن جو تيئن موجود آهي. پر جديد يونانيءَ جو لفظ
”ماٽِي“ نڪتل آهي. قديم يونانيءَ جي لفظ ”اَم
ماٽِيئون“ مان، جيڪو نڪتل آهي سندس اصل ”اَمما“
(اک) منجهان. ساڳيءَ طرح ٻيون اهڙيون مشابهتون پڻ
آهن، جيڪي ثابت ٿيل آهي ته اڌاري طور ورتل آهن.
مثلاً سنڌيءَ جو لفظ ”ڪٽلي“ انگريزيءَ جي ”ڪيٽل“
مان، يا انگريزي لفظ پِيچ
(Peach)
فرينچ جي ”پِيش“ مان، جيڪو وري پراڻيءَ لئٽن جي
اصطلاح ”پرسڪا فروٽا“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي ”ايراني ميوو“. ههڙا لفظ يا انهيءَ قسم جا
ٻيا، خاص ٻين ٻولين کان اڌارا ورتا ويندا آهن ته
جيئن ڪنهن سڀيتا ۾ نون عنصرن جي داخلا سبب ٻوليءَ
جون پيدا ٿيل ضرورتون پوريون ٿي سگهن. انهيءَ قسم
جي اڌارڻ کي ٻوليءَ جي سهل پسندي سڏي سگهجي ٿي؛
ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪو سڀيتائي عنصر اڌارو وٺجي، تڏهن
ان جو نالو به ان سان گڏ کڻي ٿو وٺجي. البت اهڙين
سڀيتائي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻولي خالص
پنهنجا لفظ به گهڙي ٿي، جنهن جو مشهور مثال آمريڪا
جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ ملي ٿو، جن جڏهن ريل جي انجڻ
ڏٺي، تڏهن ان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سڏيائون ”لوهائون
گهوڙو“. سنڌي ۾ پڻ ان جا مثال ملن ٿا، جيئن ته ”آگ
گاڏي“ وغيره.
جڏهن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا هڪجهڙائي
سندن لاڳاپي يا سٻنڌ سبب آهي، تڏهن ان جو مطلب
هيءُ ٿئي ٿو ته اهي ٻوليون ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽيءَ
ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آهن. مثلاً اڄوڪي
بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي ڪنهن هڪڙيءَ آڳاٽي ٻولي مان
نڪتل چئي سگهجن ٿيون. پراڻي زماني جي ڪنهن به خاص
وقت جي نقطي تي آڱر رکي، ائين نٿو چئي سگهجي ته
اِجهو هتان اها نسبتاً اصلوڪي ٻولي هِنن يا هُنن
ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾ ورهائجي ويئي، يا
اِجهو هن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي يا
اِجهو هتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع ٿي. مجموعي
طور، ٻوليءَ جي منڍ ۽ قبل از تاريخي دور کي هٿ ڪرڻ
لاءِ ٻولي وگيانين جي جاکوڙ ۽ کوجنا ڪنهن گڏيل ۽
ڀروسي جهڙي نتيجي تي اڃا ڪانه پهتي آهي. ٻولي هڪ
سدا وهندڙ درياءُ آهي، ۽ سندس رخ بدلائڻ جا، سندس
سموري طئي ٿيل اکٽ رستي تي، ڪي به کليل ۽ هڪ
هنڌاوان نشان ڪونه ٿا ملي سگهن. ڪهڙين حالتن ۾
ٻولي پنهنجا رخ بدلائي ٿي، صرف اها ڳالهه سمجهي
سگهجي ٿي ۽ بيان ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ ٻوليءَ
ڳالهائڻ وارا ماڻهو، خاص طرح ان جي لکيل صورت ۾
اچڻ کان اڳ، جڏهن ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي، جاگرافيائي
طور هڪٻئي کان علحده ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن ڪو جماعتي
سٻنڌ ڪونه رهي، تڏهن پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽
الڳ الڳ روزمره جي ضرورتن پٽاندر سندن ٻوليءَ ۾،
آوازن ۽ اچارن، لفظن جي ذخيري، ساڳين لفظن جي الڳ
معنائن ۽ پڻ اهڙين ڪيترين ئي ڳالهين ۾ علحدگي ۽
اختلاف اُڀري ٿو؛ ۽ جيترا جيترا اهي ٽولا پنهنجي
پنهنجي نئين ماحول ۾ پنهنجو پنهنجو اندروني ۽
باهمي سٻنڌ قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي تاريخ جا ڪي
دور گذارين ٿا. ايتريون ئي صورتون سندن اصلوڪي
ٻولي اختيار ڪري وٺي ٿي. انهيءَ ڪري، ماڻهن جي
ڪنهن خاص تعداد جو هڪڙي ڪا خاص ٻولي ڳالهائڻ هڪ
اهڙي ته عظيم ۽ انتهائي گنڀير حقيقت آهي، جنهن جي
اهميت جو اندازو، ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾،
پوريءَ ريت لڳائي ئي نٿو سگهجي. ٻولي ئي آهي، جنهن
جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺهي
ٿو ۽ قائم رهي ٿو. سَون، هزارن بلڪ لکن سالن جي
تاريخي پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقل ۽ علحده
صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگهي ٿي. قومون پڻ
پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آهن، جيتريون سندن
علحده علحده ٻوليون.
جڏهن ڪا قوم پنهنجي شخصيت کان باخبر ٿيندي آهي،
تڏهن ان جو پهريون ڌيان پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي
ٻوليءَ ڏانهن ويندو آهي. اسان جي عزيز دوست، محترم
سراج صاحب، جو هيءُ ڪتاب ان نوع جي هڪ اهم ڪوشش
آهي. لائق مصنف هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو
مطالعو پيش ڪيو آهي، جنهن مان هن جي جذبي ۽ هن جي
محنت جو اندازو پڙهندڙ پاڻ ئي لڳائي سگهندا. سنڌي
ٻوليءَ بابت ڪن عام ۽ ڪن خاص راين کي هن ڪتاب ۾ رد
ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ لاءِ اڃا به ائين چوڻ ته اها
يارهين يا ٻارهين عيسوي صديءَ ڌاري پيدا ٿي، جديد
ٻولي وگيان جي روشنيءَ ۾ هڪ نهايت ڪَسي ۽ بي بنياد
راءِ چئي سگهجي ٿي. عربيءَ جو سنڌيءَ تي اثر پڻ
صرف هن حد تائين مڃي سگهجي ٿو ته ٻنهي ٻولين هڪٻئي
کان اڌارا لفظ ورتا آهن- سنڌيءَ وڌيڪ ۽ عربيءَ
گهٽ. ۽ اِها صورتحال ٻولين جي سهل پسنديءَ جي اصول
مطابق عين ممڪن به آهي ۽ اٽل پڻ. ان کان وڌيڪ هيءُ
چوڻ ته سنڌيءَ کي حرف علت
(vowels)
(سي به اکري صورت ۾ نه، پر آوازي صورت ۾!) عربيءَ
کان مليا، يا عربي صرف نحو جا قاعدا سنڌيءَ
قبوليا، وغيره- اهڙو آهي، جو ان لاءِ انگريزيءَ ۾
لفظ ”بَنڪ“ آهي، سوئي ڪم آڻجي ته سونهي. سنڌي
ٻوليءَ لاءِ قائم ڪيل اهڙن هٿراڌو مفروضن کي سراج
صاحب پختن دليلن سان رد ڪيو آهي. لائق مصنف هن
ڳالهه جي مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت
جي ڄائي آهي. ان باري ۾ سندس راءِ هيءَ آهي ته
(هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند-
پاڪستاني ٻوليون) سڀيئي ڪنهن هڪڙيءَ ساڳيءَ
آڳاٽيءَ (اوائلي) ٻوليءَ مان نڪتل آهن. جنهن کي پڻ
هو ”سنڌي“ سڏي ٿو، پر جنهن لاءِ هو شايد ”پروٽو
سنڌي“ يا ”پروٽو- اِنڊڪ“ (يا ”پروٽو هند- يوروپي“)
لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ موزون سمجهندو. ان آڳاٽيءَ
ٻوليءَ متعلق سندس راءِ آهي ته اها اصل هتي سنڌو
ماٿريءَ ۾ ئي پيدا ٿي، ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ئي
پوءِ ان کي هند- پاڪستان جي ٻين حصن ۽ ان کان ٻاهر
ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا، جتي اهي ماحول
کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن پاڻ سان کڻي ويا. جتي اها
ماحول جي تبديليءَ ۽ نين ضرورتن سبب الڳ الڳ ٻولين
جي صورت اختيار ڪري ويئي- بلڪل اهڙيءَ ريت، جيئن
ڪجهه پوءِ واريءَ منزل تي رومن لوڪن جي لئٽن
ٻوليءَ مان، اڳتي هلي، خود ان ملڪ جي اٽالين ٻولي
۽ يورپ جي ٻين ملڪن جون ٻوليون ڦٽي نڪتيون، جن کي
رومانس ٽولي جون ٻوليون چيو وڃي ٿو. لائق مصنف ان
آڳاٽيءَ ٻوليءَ جا تحريري نشان موهن جي دڙي ۽ هڙپا
جي مهرن ۾ موجود سمجهندي، انهن مهرن کي پڙهڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، ۽ جيڪي پڙهڻيون هو قائم ڪري سگهيو
آهي، تن مان هو اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اسان جي
(هاڻوڪي) سنڌي ٻولي سڌيءَ طرح ان آڳاٽيءَ ٻوليءَ
جي اسريل ۽ ترقي يافته صورت آهي. پنهنجي ٻوليءَ جو
ايڏو قديم ۽ ايڏو عظيم اصل معلوم ڪري، هر سنڌيءَ
کي خوشي ٿيندي ۽ ان تي اسان مان هر ڪو بجا طور فخر
محسوس ڪري سگهي ٿو- ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ جي عظمت ۽ شان
کان الڳ اسان جي ڪا عظمت، اسان جو ڪو شان ڪونه
آهي.
- م.ا.ج.
حيدرآباد سنڌ، 20- اپريل 1964ع
|