گذريل ٽي مهينا
هن پرچي سان، ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال شروع
ٿي رهيو آهي. گذريل ٽن مهينن ۾، اسان جو وطن پاڪ،
”اسلامي جمهوريہ، پاڪستان“ جي نهال ڪندڙ نالي سان
نوازيو ويو آهي. ”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي
تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾- يعني ان جي آئين ۾-
جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن،
تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اتي اڄ به
جيئن جو تيئن موجود آهن. سچ جي وجود کان انڪار صرف
اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي ڪندي، ”مشرف به
اسلام“ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندي پئي ٻڌبا
۽ ڏسبا هئا- پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به
لازمي آهي. تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پيئي اٿئون
”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي مغرب واريءَ اک جو
نور اڙدو ۽ مشرق واريءَ اک جو بنگله ڀاشا- جيڪڏهن
باقي سندس ڪنهن ڀاڱي جي رهواسين کي وچئون ڪا ٽين
پنهنجي ٻولي عزيز آهي، ته هو ان جي پاڻ حفاظت ڪن-
تنهن ۾ به ڪنهن کي ڪوبه اعتراض ڪونهي“ خداوندان
مملڪت خداداد جا واقعي اهي لک لائق آهن، جو اسان
کي اهو حق عنايت ڪيو اٿن، نه ته هن نفسانفسي واري
زماني ۾ ڪير ٿو اڄ ڪنهن جا حق تسليم ڪري سائو
سائو، ڪچڙو ڪچڙو گاهه ته صرف چپجڻ ۽ لتڙ لائق
هوندو آهي. پوءِ جنهن ٻوٽڙي جون پاڙون منهن مٿان
مٽيءَ ۾ اٽڪيل هونديون، اهو هڪ چڪ ۽ هڪ ئي لت سان
اکلجي ٻاهر نه اچي پوندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ البت
جنهن جون پاڙون زمين ۾ پختيون کتل هوندون، سو هزار
چپجڻ ۽ مڇجڻ کان پوءِ به پاڻ کي مڙيو ئي تيتر
بچايو بيٺو هوندو، جيتر وري سندس مورجڻ جا ڏينهن
موٽي اچن. هن سلسلي ۾ هڪڙو گفتو دل تي تري آيو
آهي، سو اڳوپوءِ پنهنجن عزيز پڙهندڙن کي ٻڌائي
ڇڏيون ته بهتر. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي
ڪنهن پرئي مڙس جي ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي نڪتي ته
”گورن سنڌ ڀيلي بنهه چٽ ڪري ڇڏي!“ پرئي مڙس تنهن
تي ورندي ڏني، ”ابا! گورا آهن گڏهه اسين آهيون
ڊڀ، هنن کي چرندي آهن حال: پنهنجون پاڙو آهن پاتار
۾- سو اسين اڳي کان اڳرا، سدائين ساوا ٿيا بيهاريا
بيٺا هونداسين! ٻولين ۽ سڀيتائن جو مثال پڻ اهو ئي
آهي- جيڪڏهن سندن پاڙون بنهه ٺڪريءَ تي بيٺل آهن.
ته هوا جي هڪ ئي جهوٽي، هٿ جي هڪ ئي ڊوهه سان،
پاڙون سڌو پٽجي امالڪ اچي ٻاهر سٽبيون، پر جيڪڏهن
سندن بنياد اڏول ۽ برجستا آهن، ۽ سندن اڏاوت مضبوط
۽ مستحڪم آهي، ته هزار انهن جي ڪيرائڻ جي ڪوشش
ڪري، سواءِ، پنهنجي مٿي ڀڃائڻ جي هن کي ٻيو ڪجهه
به پلئه ڪين پوندو. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت به ڪي
ڏينهن- اڌ جون چيزون ڪينهن. دنيا جي قديم کان قديم
۽ عظيم کان عظيم ثقافتن ۽ ٻولين جي صف ۾ کين
امتيازي جڳهه حاصل هئڻ جو بجا فخر آهي، جيڪڏهن
پاڪستان جي صاحب مشرق ۽ صاحب مغرب حضرات جي في
الحال منجهن ڪا اک ئي نٿي ٻڏي، ته ان ۾ انهن صاحبن
جي پنهنجن ئي شڪي ۽ شوم نگاهن جو قصور آهي- سنڌ ۽
سنڌي ٻوليءَ جو وجود سندن نظر فيض اثر تي منحصر نه
آهي.
ٻه- پُور
سنڌي ٻوليءَ کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سرڪاري سرپرستي
نصيب ڪانه ٿي آهي. منڍ کان وٺي، هيل تائين دنيا جي
ٽن عظيم ٻولين- عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جي مڪمل
محڪوميت ۾ رهي ڪري به، سنڌي ٻوليءِ پاڻ کي زنده
رکيو- نه رڳو زنده رکيو، پر ادب جو بيمثل لاثاني
خزانو پاڻ وٽ پيدا ڪيو- اهو اسان جي ٻوليءَ جو
تحقيق هڪ امتيازي ڪمال آهي. صدين کان پوءِ، مس مس
هاڻي وڃي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ جهڙي تهڙي پنهنجائپ
واري وايو منڊل ۾ سک جي ساهه کڻڻ جو وجهه مليو هو-
پر ڏنگيءَ چال واري آسمان کان سندس اها به خوشبختي
سٺي ڪين ٿي! ۽ پيار ۽ پرورش وارو اهو هٿ، جيڪو
ڏانهنس وڌيو ئي اڃان مس هو، تنهن کي زوران زوريءَ
جهلي، مروڙي، ڀڃي مرڳوئي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ويو.
سِر جِي تان سور، سامائِي تان سک ويا،
اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا!
(شاهه)
اها صورتحال سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحقيق ڪا نئين چيز
ڪانهي- ۽ پنهنجي زنده رهڻ جي حق ۽ صلاحيت کي هميشه
لاءِ ثابت ڪرڻ خاطر انهيءَ آخرين آزمائش مان به
شايد سنڌي ٻوليءَ کي گذرڻو هو- پر، هن تازه ترين
آزمائش جون ڪي خصوصيتون آهن، جي ڪي اسان جو خاص
ڌيان لهڻن: پهريون ته اڳين زماني جي ڀيٽ ۾ اڄ
ريڊيو، سئنيما، پريس، اسڪول ۽ حڪومتي سرشتي جي همه
گيريءَ وسيلي ڪنهن به ٻوليءَ کي جيڪڏهن بنهه نابود
نه، ته به ايتريقدر ته نپوڙي ۽ چيڀاٽي، بي حس ۽
نستو ضرور ڪري سگهجي ٿو، جو ان جي هئڻ يا نه هئڻ ۾
ڪو خاص فرق نه رهي، ٻيو ته پهريون پهريون ڀيرو
هاڻي، مفاد پرست عناصرن طرفان ”وطن“، ”قوم“، ۽
”مذهب“ جا جذباتي نعرا سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
مخالفت ۾ دليلن طور استعمال ٿيڻ شروع ٿيا آهن-
حالانڪه سنڌ سان محبت پاڪستان سان عداوت جي برابر
نه آهي، سنڌي قوميت کي پاڪستاني قوم جو هڪ مستقبل
وجود رکڻ وارو ترڪيبي عنصر ڪري مڃڻ پاڪستاني تحريڪ
جي ڪنهن به بنيادي اصول جي خلاف ورزي ڪانهي، ۽
ظاهر آهي ته ڏاڍن جا جذبا ”مذهب“ متعلق مفهوم خاص
پنهنجي مطلب مطابق ئي هوندا آهن، ورنه اصلوڪي ۽
صحيح اسلام دنيا ۾ رنگ، نسل، ٻوليءَ، ملڪ، قوم
وغيره جي ڪٽرپڻي کان ته برابر، پر انهن جي ڪثرت
کان هرگز خائف نه آهي. هيءَ ڳالهه به بگهڙ ۽ گهيٽي
واري ئي چئبي- پاڻي وهندو مٿان کان ئي اسان ڏانهن
اچي، ته به پاڻيءَ کي وٽارڻ ۽ لڙائڻ وارا اهي
الزام اهي ئي اسان تي!
هن پس منظر ۾- جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي ديس
۾ هڪ ڀيرو وري بيگانن وانگر رهڻ تي مجبور ڪيو ويو
آهي. اهو خالص اسان جيئرن جاڳندن سٺ لک سنڌي
ڳالهائيندڙن تي ئي منحصر آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ
سان ڪيتري قدر ٿا پنهنجي سر جا سودا نباهيون. هرڪا
وڇ پنهنجي ڪلي سارو ڪڏندي آهي: تنهنڪري، جيستائين
اسان جي سنڌ کي وري صوبائي خود مختياريءَ جو درجو
حاصل ٿئي، تيسيتائين سنڌيءَ لاءِ الهندي پاڪستان
جي سرڪاري ٻولين مان هڪ سرڪاري ٻولي هئڻ جو حاصل
ڪرڻ اسان جو فرض به آهي ۽ حق به. ساڳي وقت، اسان
کي پنهنجي ٻوليءِ جي همه گير تربيت ۽ ترقيءَ لاءِ
پڻ پنهجو پاڻ تي ئي ڀاڙڻو آهي، ۽ ڏسڻو آهي ته اسان
جون سموريون علمي ۽ ادبي ضرورتون ان جي ئي معرفت
جيئن پوءِ تيئن زياده بهتر ۽ مڪمل انداز ۾ پوريون
ٿينديون ٿيون رهن. انهيءَ ڏس ۾، اسان جي سمورين
ڪوششن جو بنيادي اصول هيءُ ئي هئڻ جڳائي ته سنڌي
ٻوليءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ۽ بهتر کان بهتر ڪتاب
سستي اگهه تي ميسر ٿي سگهن، ته جيئن اسان جي
سونهاريءَ سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ علم
دوستيءَ ۽ ادب نوازيءَ جي هڪ اهڙي زندگي بخش فضا
قائم ٿي وڃي، جيڪا هر حالت ۾ هر زماني ۾ ترقي
يافته ۽ مهذب ماڻهن جو هڪ امتيازي نشان پئي رهي
آهي. جيڪڏهين علم ۽ ادب واقعي انسانن جي ذهن ۽ روح
جي پاڪيزه ترين خوراڪ آهن، ته پوءِ اسان جي ذهني
سجاڳيءَ ۽ روحاني صحتمنديءَ لاءِ لازمي آهي ته گهٽ
۾ گهٽ اسان جو پڙهيل طبقو انهيءَ خوراڪ کان ڪڏهن
به محروم نه رهي. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي آهي
ته اهو علم ۽ ادب جيڪو پنهنجي مادري زبان معرفت
حاصل ٿئي ٿو، سو زياده گهرو، ۽ زياده پائيدار، پاڻ
لاءِ توڙي پنهنجي قوم لاءِ زياده مفيد ٿو ٿئي.
ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي سرمايي کي وڌائڻ لاءِ ظاهر
آهي ته ڪتابن جا لکندڙ، ڪتابن جا شايع ڪندڙ ۽
ڪتابن جا پڙهندڙ ٽيئي جڏهن گڏجي ڪم ۾ هٿ وجهندا،
تڏهن ئي ان ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. ڪتاب لکيا
به وڃن تنهن هوندي به جيڪڏهن انهن جي خريد ڪرڻ
وارا ۽ پڙهڻ وارا جيئن پوءِ تيئن زياده تعداد ۾
پيدا نه ٿيندا رهندا، تيسين قوم جي بيداريءَ جي
رفتار ۽ ان جو دائرو محدود، تنگ ۽ سست رهندو.
تنهنڪري، هر پڙهيل سنڌيءَ تي سڀ کان وڌيڪ ’اڄ‘
لازم آهي ته جيترو به هن جي وس ۾ هجي، هو گهڻي ۾
گهڻا سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري: انهيءَ
لاءِ جيڪڏهن هر شخص پنهنجو پاڻ تي، پنهنجي پيدائش
آهر هڪ ماهوار يا سالياني ”ٻولي ٽئڪس“ لاڳو ڪري
ڇڏي، ۽ تنهن سان گڏ اثر رسوخ وارا صاحب پنهنجي
پنهنجي ڳوٺ، شهر يا محلي جي علم دوست ماڻهن سان
گڏجي ننڍيون ننڍيون لائبريريون قائم ڪن- جيئن سڄي
سنڌ ۾ اهڙين عام لائبررين جو گويا هڪ ڄار وڇائجي
وڃي- ته سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب اخبارون ۽
رسالا کپي سگهن ٿا. ۽ پوءِ ڪتابن جا ڇاپيندڙ ۽
لکندڙ پنهنجو ايترو قدر ۽ ايتري همت افزائي ڏسي،
ڪيترا وڌيڪ ۽ ڪيترا اعليٰ پايي جا ڪتاب لکي سگهن
ٿا ۽ شايع ڪري سگهن ٿا، ۽ اهڙيءَ ريت سنڌي ادب جو
باغ ڪيڏيءَ تيز رفتار سان چوڌاري سرسبز ۽ شاداب
ڪري سگهي ٿو- تنهن جو اندازو هرڪو سمجهدار شخص
آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو.
لوڪ ادب
مٿي چئي آيا آهيون ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي
ادب جون پاڙون پاتار ۾ آهن. ٻوليءَ جي ڳالهه ڇڏي،
رڳو ادب ڏانهن جيڪڏهن ڏسجي ٿو، ته به اسان جو
ڪلاسيڪي ادب دنيا جي سڌريل کان سڌريل ٻولين جي
ڪلاسيڪي ادب سان خوشيءَ سان ڀيٽ کائي سگهي ٿو.
هيءَ به حقيقت آهي ته اسان جو ڪلاسيڪي ادب جيترو
ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اوتروئي اڃا قلمي
حالت ۾ موجود آهي جو اڃا ڇپائي جي زيور سان
سينگارجي اسان جي هٿن تائين پهتو ئي نه آهي. تنهن
کان سواءِ اسان جو لوڪ ادب، جنهن ڏانهن اڃا ڪنهن
پورو منهن ورائي به ڪين ڏٺو آهي، هڪ بيڪنار بحر
وانگر اسان جي اڳيان هاڻي به پکڙيو پيو آهي. يورپ
جي لئٽويا رياست، جنهن جي آدمشماري اڄ به ڪل ويهه
لک مس آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ جي آخر تائين
جرمنيءَ جي غلام رهي، جنهن جي ماڻهن ويهين صديءَ
جي شروع ٿيڻ تائين به ان ڳالهه کي هڪ خواب پئي
سمجهيو ته منجهن ڪو اهڙو شاعر پيدا ٿيندو، جنهن جو
نالو ۽ جنهن جا نغما، سندن ننڍڙي ملڪ جون ننڍڙيون
سرحدون اورانگهي، ڪڏهن وڃي ٻاهر يورپ جي ڪنن تائين
پهچندا- انهي ملڪ جي اديبن پنهنجي لئٽيائي ٻوليءَ
۾، آزاديءَ کان پوءِ قريباً پنجاهه سالن جي مختصر
عرصي ۾، رڳو پنهنجي لوڪ ادب جائي جملي ٻه لک اسي
هزار لوڪ داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون جمع ڪري ورتيون
آهن. انهيءَ هڪڙي مختصر مثال مان اسان جا سنڌي
اديب ۽ عالم آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته
”اسان جي قديم سنڌ ديس ۽ ان جي قديم سنڌيءَ ٻوليءَ
۾ اسان جي اڻپڙهيل“ عوام وٽ پنهنجي لوڪ ادب جا
ڪيترا نه بيمثل ۽ بيشمار خزانا موجود هوندا.
حقيقت هيءَ آهي ته جيئن جيئن تعليم وڌندي ويندي
آهي، تيئن تيئن ماڻهو پنهنجي حافظي تي زور گهٽ
ڏيندا آهن- ۽ حافظي تي هو آخر وڌيڪ زور به ڇو ڏين،
جڏهن انهيءَ طاقت خرچ ڪرڻ ڌاران ئي اهو ذخيرو وٽن
ڪتابن جي صورت ۾ موجود ٿي ٿو وڃي. تنهنڪري وڌندڙ
تعليم جي ٻين مفيد نتيجن سان گڏ، انهيءَ هڪڙي
نتيجي کي به خيال ۾ رکندي (جنهن موجب ماڻهو پنهنجي
ادب کي پنهنجن سينن ۾ محفوظ رکڻ بدران ڪتابن ۾
محفوظ رکڻ وڌيڪ مناسب سمجهندا آهن)، اهو لازمي
بنجي ٿو پوي، ته اسين انهي اٿاهه لوڪ ادب کي گڏ
ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻيون، ته جيئن اهو ضايع ٿي وڃڻ
کان هميشه لاءِ بچي وڃي. لوڪ ادب، هڪ ڳالهئين، قوم
جي قديم تاريخ جو سرچشمو آهي، ملڪ جي قديم تهذيب و
تمدن، رسم و رواج، قومي زندگيءَ جا لاها چاڙها،
ماڻهن جي دلين جا اوائلي امنگ ۽ جذبا، سندن
خواهشون ۽ اميدون ۽ سندن روزمره جي معاشي ڪشمڪش ۽
سماجي جدوجهد جا دل اڀاريندڙ داستان- سڀ ان ۾
موجود هوندا آهن. انهن ڳالهين سبب، لوڪ ادب ملڪ جي
ٻوليءَ ۽ ادب جي عمارت جي بنهه پيڙهائتي پٿر مثل
آهي. خود ٻوليءَ جي حسن بيان ۽ ناتي تاثر جو
تقريباً سمورو دارومدار ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب تي آهي.
پنهنجي ٻولي ۽ سندس ادب جي هن بنيادي پٿر کي اسان
جيڪڏهن هيڪر ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ڪتابي صورت ڏيئي،
منظر عام تي آڻي ڇڏيو. ته اهو اسان جي پنهنجي پاڻ
تي توڙي پنهنجن ايندڙ نسلن تي واقعي هڪ عظيم احسان
ٿيندو. جيتوڻيڪ اهو فرض اسان سڀني تعليم يافتن تي
آهي، پر اسان جي سنڌي اسڪول جي استاد صاحبن کي هن
ڳالهه لاءِ وقت به آهي ۽ آسانيون به آهن- تنهنڪري،
اسان جي انهن صاحبن کي خاص طرح گذارش آهي،ته هو
پنهنجي هن ادبي خزاني کي نابود ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ
اڳتي وڌن، ۽ جتي به هجن اتي املهه ماڻڪ گڏ ڪندا
رهن. ”مهراڻ“ جي هن پرچي ۾ سنڌ جا ڪي لوڪ گيت ۽ هڪ
لوڪ ڪهاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اسان
جي پڙهندڙن کي اهي چيزون پسند پونديون، ۽ آئندي
وٽانئن لوڪ ادب جون نيون نيون ۽ بهتر کان بهتر
چيزون اسان وٽ اشاعت لاءِ پهچنديون رهنديون.
ترجما
سنڌي ٻولي جديد نثري ادب ۾ جيڪي سولانجهي آهي،-
خاص طرح جديد سماجي ۽ طبعي علمن جا ڪتاب ان ۾
ايترا گهڻا ۽ ايڏي معيار جا موجود نه آهن، جو هڪ
ڇڙو سنڌي پڙهيل شخص، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهي،
انهن علمن کي خاطرخواه حد تائين حاصل ڪري سگهي.
ظاهر آهي ته اها اوڻائي حال في الحال ٻين ٻولين
تان ترجمن ڪرڻ سان ئي پوري ٿي سگهي ٿي. نه فقط
علمي ڪتابن جا ترجما، پر خالص ادبي ڪتابن جا
ترجما پڻ اسان جي ٻوليءَ کي فوري تقويت پهچائي
سگهن ٿا. نهايت افسوس آهي، جو ترجمي جي ڪم کي اسان
جا ڪيترا ليکڪ ۽ پڙهندڙ گهٽ نظر سان ٿا ڏسن. ڪيترن
کي ته ائين به چوندي ٻڌو ويو آهي ته ”ترجما فقط
اهي ٿا ڪن، جن کي پنهنجي طرفان پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه
به موجود ڪونهي، رڳو ٻين جي لکيتن کي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ نقل ڪيو، پيا سستا اديب ۽ عالم بڻجڻ
چاهين. ترجمي جي سلسلي ۾ اسان جا اهي خيال ثابت ٿا
ڪن ته اسان وٽ علمي شوق ۽ شغف جي ڪيتري نه
افسوسناڪ ڪمي آهي. مترجم کي ٻين اديبن ۽ ليکڪن جي
ڀيٽ ۾ گهٽ سمجهڻ وارا دراصل پنهنجي ڪم علميءَ ۽
محدود ذهنيت جو اظهار ڪندا آهن. اڄ دنيا جي ڪنهن
سڌريل کان سڌريل ٻوليءَ کي به جڏهن وٺجي ٿو ته ان
۾ هر سال سوَن جي تعداد ۾ ڌارين ٻولين جا ڪتاب
ترجمو ٿيندي پيا ڏسجن.- ۽ اهو ترجمي جو ڪم ان
ٻوليءَ جا وڏي ۾ وڏا اديب پنهنجن هٿن سان پاڻ پيا
ڪن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ته اڄ قريب قريب اهو
هڪ حياتيءَ ۽ موت جو سوال آهي، ته يا ته ترجمي
وسيلي ۽ پڻ ٻين ڪوششن سان، ترت ئي کيس علمي ۽ ادبي
نقطه نگاه کان پاڻ لاءِ هر طرح هڪ ڪارآمد ٻولي
بنايون، يا ته سندس مٺگهرن جي مرضيءَ موجب، کيس هڪ
گهريلو ٻولي بنائي ويهي رهون. تنهن ڪري اسان مان
اهي جن کي ڌارين ٻولين جي ڄاڻڻ جو شرف نصيب آهي،
تن تي لازم آهي ته هو انهن ٻولين جي حاصلات مان
پنهنجي ذاتي پسنديءَ موجب، هميشہ ڪجهه نه ڪجهه
پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي عنايت ڪندا رهن. اسان کي
يقين آهي ته اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن اسان جا اديب ۽
عالم پنهنجي ٻوليءَ جي ذاتي خزانن کي جمع ڪرڻ سان
گڏو گڏ، ڌارين ٻولين جي شهپارن مان پڻ ان کي مالا
مال ڪندا رهندا، ۽ ساڳئي وقت اسان جا پڙهندڙ پڻ
سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن کي خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ
پنهنجو عين فرض ڪري سمجهندا ته پوءِ سنڌي ٻولي ۽
سندس ادب جي مستقبل متعلق اسان کي زياده فڪرمند
ٿيڻ جي ضرورت باقي نه رهندي. تنهن کان پوءِ، ڳالهه
رهندي ملڪ جي آئين جي ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جائز
مقام جي- سو اسان مختصر قسم جي انسانن جا پنهنجي
عارضي خواهشن مطابق بنايل اڻپورا آئين ڪي لوح
محفوظ تي اڪريل اعمال ناما ته ڪين آهن، جو بدلجي
نه سگهن! جيسين سنڌ ون يونٽ جو حصو آهي، تيسين ون
يونٽ ۾، جڏهن سنڌ ٻيهر هڪ جدا صوبو بنبي- تڏهن سنڌ
۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ٿي رهڻ جو
بنيادي حق آهي، جنهن کان دنيا جي ڪابه طاقت ان کي
گهڻي وقت لاءِ محروم نٿي ڪري سگهي. ان جو اسان کي
يقين آهي.
اسان جو نئون سال
”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال هن پرچي سان شروع
ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جا محترم
اديب ۽ پڙهندڙ جيئن هيتري وقت تائين ’مهراڻ‘ کي
بنهه پنهنجو سمجهندا پئي آيا آهن، تيئن اڳتي به ان
کي پنهنجو سمجهندا ايندا. هن سال کان ”مهراڻ“ جو
ساليانو چندو اٺن رپين مان وڌائي ڏهه رپيا ڪرڻو
پيو آهي. ان لاءِ اسان جا عزيز پڙهندڙ اميد ته
اسان کي معاف ڪندا: رسالي جي ضخامت ۽ ڇپائيءَ تي
خرچ هڪ پاسي، ۽ رجسٽر ٽپال رستي پڙهندڙ ڏانهن جو
رسالي جي ڪاپي موڪليون ٿا، تنهن جو خرچ ٻئي پاسي:
رسالي مان اسان کي مالي فائدو بنهه ڪونه ٿو ٿئي.
اها ڳالهه اهڙي ناهي، جيڪا چئي ٻڌائجي: جن رسالا
پاڻ ڇپرايا هوندا، يا جن کي ٻين رسالن سان اسان جي
”مهراڻ“ کي، قيمت جي لحاظ سان به، ڀيٽڻ جو موقعو
مليو هوندو، تن لاءِ اها ڳالهه پنهنجو پاڻ ظاهر
هوندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ اڳئين
وانگر نئين سال جو هيءُ نئون چندو ڀري، اسان جي
همت افزائي ڪندا ۽ پنهنجن ٻين دوستن کي به ’مهراڻ‘
جي خريدار بنائڻ جي ڪوشش فرمائيندا رهندا.
- م. ا. ج
[مهراڻ:
نمبر 1، 1956ع ]
ادب جي درگاهه
”مهراڻ“ جي هر پرچي جي اشاعت کان پوءِ، اهو اچي
خوف دامنگير ٿيندو آهي ته ٻيو پرچو ان ساڳئي معيار
جو تيار ٿي سگهندو الائجي نه! موجوده حالتن ۾،
هونئن به، ڪنهن به رسالي جي اشاعت- سو به ڪنهن چڱي
رسالي جي اشاعت- هڪ انتهائي ڪٺن ڪم آهي. اديب
دوستن جون بنهه ٿڪائي وجهندڙ ڍلايون، ڏوراپا ۽
فهمائشون، پڙهندڙ حضرات طرفان پنهنجي پنهنجي
پسندگيءَ جون اٿندي ويهندي زور پارتون، ۽ خود
پنهنجي همراهن مان وري هڪڙن جون پري کان بيٺلن
واريون بالادستيون، ۽ ٻين جون ويجهڙائيءِ پنهنجائپ
واريون البيلايون ۽ الغرضايون- اهي سڀ قصا ڏسي ڏسي
۽ ٻڌي ٻڌي، هيڪر ته بنهه دل هارجيو وڃي. انسان ۾
حسن جي سڃاڻپ جي لياقت واقعي رکيل آهي، پر، جيترو
وڌيڪ حسن جي ڳولا ۽ پرک ۾ انسان ڀٽڪي ٿو، حسن جو
ڪرشمو اوترو ئي زياده حيرتناڪ ۽ اُن جو جلوو اوترو
ئي وڌيڪ پوشيده ۽ پرفريب ٿيندو ٿو رهي، نيٺ ٿڪجي
ٽٽجي، انگريزيءَ جي هڪ گمنام شاعر وانگر دانهڻو ئي
پوي ٿو ته :
”هن تارن سان جڙيل وسيع گنبذ هيٺان،
جتي چانديءَ جهڙين ڍنڍن ۽ زمرد جهڙن سمنڊن جا فرش
پٿريل آهن،
- ڇا، ڪڏهن به ڪا روح رچندي جاءِ آرام جي نصيب نه
ٿيندي؟
- ڇا، خواهشمند دل کي ڪڏهن به سڪون حاصل ٿي ڪين
سگهندو؟“
روح جي هن دائمي ”ناراضگيءَ“ جو علاج وري به هڪڙو
ئي ٿو ڏَسائجي: ڳولا، ڳولا، ۽ اکٽ ڳولا!
”ان تڙ منجهان تِڪ، ڏني پاڻ اُڃ
ٿيي!“ (شاه)
آمريڪا جي پريزيڊنٽ ابرهام لنڪن کان هڪ ڀيري
پڇيائون: ”هي جو غلامي خلاف ملڪ جو اترئون حصو
ڏاکڻي حصي سان وڙهي رهيو آهي، تنهن ۾ الله اوهان
سان آهي يا هنن سان؟“ جواب ڏنائين ”الله اسان سان
آهي يا نه، تنهن جي خبر ڪانه اٿم، پر.........
اميد ته اسين الله سان آهيون!“ تنهن وانگر اسان کي
به اها خبر نه آهي ته ادب حي درگاهه ۾ ايتريءَ
سرگردانيءَ کان پوءِ به، اسان کي واقعي ڪا رسائي
حاصل ٿئي ٿي يا نه: پر اميد سا دل ۾ اهائي رکي
اڳتي پيا ٿا وڌون ته اسان جا سڀئي ارادا ۽ اسان
جون سموريون ڪوششون ادب جي ئي پوتر آستاني ڏانهن
اسان کي نينديون! اهڙيءَ ريت، پورا ٽي مهينا چونڊي
چپوٽي، چيز هِتان چيز هُتان ميڙي گڏ ڪري، رسالي جو
هڪڙو پرچو ڊڄندي ڊڄندي اڃا پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ
جهڙا ئي مس ٿا ٿيون، ته مٿان اچي ٿو نئون فڪر
ورائي ته ”هاڻي“ ٻئي پرچي جو ڇا ٿيندو!“
”مهراڻ “ جا پڙهندڙ
ڀيري ڀيري سان اسان جي گهڻن ئي ڪرم فرمائن جا
نوازش ناما اسان ڏانهن ايندا آهن، جن جي مهميزن،
رهنمائين ۽ همت افزاين جا ٿورا واقعي ڪيترا ڳائي
ڪيترا ڳائجن! درحقيقت، اسان جي هنن محسنن جي ئي
اها قدرشناسي ۽ حسن ذوق آهي، جنهن جي آڌار تي
”مهراڻ، کي ايترو اڳتي آڻي سگهيا آهيون. ڪي اسان
جا پڙهندڙ اهڙا پڻ آهن، جن کي اسان ۾ نه رڳو ڪابه
چڱائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي پر محض عيب ۽ اوڻايون ئي
هو اسان ۾ لهن ٿا. سي به اهڙيون ۽ ايتريون، ڪروڌ ۽
ڪاوڙ ۾ ڀرجي، مرم ۽ ماڻهپي واري ٻولي ئي هو ڀلجيو
ٿا ويهن، ايتري قدر جو سندن اجوڳ ۽ اَڻانگا لفظ
پڙهي ڪري، دل ۾ اهوئي ايندو آهي ته اتي جو اتي
سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڪو ڳالهاءُ ڏيئي وٺجين! پر فوراً
من کي سرچائي وٺبو آهي ته جيڪڏهن ههڙيءَ منورتيءَ
وارا حضرت اسان ۾ ڪا ”چڱائي“ ڪانه ٿا ڏسن، ته ان
جي معنيٰ ته اها ٿي، ته سچ پچ اسان ڪي نهايت چڱيون
چيزون پيش ڪري رهيا آهيون! موتين کي پهڻيون سمجهي
جيڪڏهن ڪو بيهي پيرن هيٺان لتاڙي، ته ان ۾ موتين
کي قصور وار چئي ڪين سگهبو.
هڪڙي ڳالهه البت جنهن ڏانهن گهڻو ڪري اسان جا سڀئي
پڙهندڙ گڏجي آڱر کڻن ٿا، تنهن جي بچاءَ ۾ ٻه لفظ
گوش گذار ڪري ڇڏڻ لازمي آهن. گهڻي قدر شڪايت هيءَ
آهي ته هن پرچي ۾ خاص طرح هڪ ٻه مضمون ايترا ته
اجايا ۽ ڊگها شايع ٿا ٿين، جو هڪ پاسي پڙهندڙن کي
اهي تنگ ڪري ٿا وجهن، ۽ ٻئي پاسي اديبن جي
دلشڪنيءَ جو پڻ باعث ٿا بڻجن. ٻين اديبن جي
دلشڪنيءَ متعلق گذارش هيءَ آهي ته پنهنجي پرک موجب
هيل تائين ڪنهن به پرچي جي ترتيب وقت ڪو به بهتر
مضمون ڇڏي ڪري، هنن طويل مضمونن کي جاءِ نه ڏني
وئي آهي، ٻيو ته هنن طويل مضمونن کي شايع ڪري سچ
پچ ته دنيا جي بهترين ۽ معياري علمي ۽ ادبي رسالن
جي پيروي ڪئي ٿي وڃي، جن جي هر پرچي ۾ هڪ يا ٻه
اهڙا خاص مضمون لازمي طرح شايع ڪيا ويندا آهن جن
جي سڄي رسالي جي چوٿين حصي، اڌ، بلڪ ڪن حالتن ۾
ويندي ٽن حصن جيتري جڳهه پڻ والاري بيهندا آهن،
ٽيون ته اهڙن تحقيقي مضمونن جي، پنهنجي پر ۾ هڪ
خاص ۽ مستقل اهميت آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾
انڪار نٿو ڪري سگهجي، چوٿون ته اسان جي پڙهندڙن کي
هلڪن ۽ مختصر مضمونن سان گڏوگڏ، پاڻ ۾ طويل ۽
”خشڪ“ مضمونن جي لاڳيتي مطالعي جي عادت پڻ پيدا
ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته علم ادب جي دنيا ۾ عزت ۽
مقبوليت واري جاءِ رڳو مزاحيه، تفريحي، اتفاقي ۽
سطحي مطالعه بازن کي ڪڏهن به نصيب ٿي ڪين سگهندي.
طويل لکتون ئي آهن، جن جي لاڳيتي مطالعي سان علمي
معيار ۽ فڪر جي پختگي حاصل ٿئي ٿي. مفصل ۽ سير
حاصل مضمون- تاريخي، ثقافتي يا خالص ادبي وغيره ئي
اڳتي هلي اسان جي قوم جو علمي سرمايو بنجندا.
انهيءَ ڪري، اميد ته اسان جا پڙهندڙ ٻين چيزن سان
گڏ ههڙن ڊگهن مضمونن ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪندا،
توڙي جو انهن ۾ بامقصد تحقيق ۽ تنقيد جي لحاظ کان
ڪجهه قدر اوڻايون ئي ڇو نه کڻي هجن!
تنقيد
اسان جي ادب ۾ تنقيد جي موضوع تي خيرڪا چيز موجود
آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جو ادبي ۽ علمي سرمايو تيسين
مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي، جيسين ان ۾ تنقيد جي
موضوع تي ڪارآمد مواد موجود نه هوندو آهي. تنقيد،
هڪ اهڙو موضوع آهي جو ادب کي نيون راهون ڏيکاري
ٿو، پيش ٿيندڙ ادب جي فني ڪمزورين کان لکندڙن کي
واقف ڪري ٿو، ۽ نون لکندڙن کي انهن ڪمزورين جي
روشنيءَ ۾، صحيح ادب پيدا ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
نهايت افسوس جو مقام آهي، جو اسان وٽ جيڪي تحقيقي
مضمون پيش ٿين ٿا، انهن ۾ به تنقيد جو پهلو بنهه
غائب ٿو رهي. ڪو به تحقيقي مقالو، تنقيدي عنصر کان
سواءِ مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري ڪم از ڪم
اهي محترم دوست جيڪي تحقيقي چيزون پيش ڪن ٿا،انهن
کي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.
تنقيد جا پنهنجا ڪي مقرر اصول آهن: فقط ڪنهن چيز
کي ساراهڻ يا نندڻ کي تنقيد نه سڏبو آهي. ڪنهن به
ادبي پاري کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي آزمائڻ وقت،
ذاتيات کي الڳ رکي ان جي فني خوبين ۽ خامين جي
اجاگر ڪرڻ کي تنقيد چئجي ٿو. هر ادبي چيز جي پس
منظر ۾ ڪي ذهني ۽ نظرياتي، سماجي ۽ معاشرتي،
نفسياتي ۽ خارجي محرڪات هوندا آهن: جيسين انهن
محرڪات تي روشني نه پوندي، تيسين ان کي تنقيد نه
چئي سگهبو. تنقيد هڪ پاڪيزه موضوع آهي، جنهن لاءِ
محنت، علمي ديانتداري ۽ اصولن جي پابندي ضروري
چيزون آهن.
اڄ جڏهن سنڌي قوم پنهنجي علمي ۽ ادبي سرمايي کي
سهيڙڻ ۽ سنيگارڻ لاءِ قدم کنيو آهي، تڏهن اسان جي
اديبن ۽ محققن کي گذارش آهي ته هو ادب جي هن ضروري
حصي کي هٿ ۾ کڻن- ۽ تنقيدي مضمون لکي سنڌي ادب جي
هن خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن. ”مهراڻ“ جو ادارو هر
صحيح تنقيدي مطالعي جي وڏيءَ خوشيءَ سان آجيان
ڪندو، ۽ اهڙن مضمونن کي شڪريي سان امتيازي جاءِ
ڏيندو.
مضمونن جو معاوضو
ڪجهه وقت ٿيو ته سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) اها تحريڪ
هلائي ويئي ته جهڙيءَ طرح ٻين زبانن جي لکندڙن کي
ناشرن طرفان مناسب معاوضا ڏنا وڃن ٿا، تهڙيءَ طرح
سنڌي لکندڙن کي به ملڻ گهرجن. اصل ۾ اها تحريڪ
حڪومت پاڪستان جي انهيءَ ٻه- اکيائيءَ واريءَ روش
خلاف هلائي ويئي هئي، جنهن ۾ سندن اطلاعاتي کاتي
طرفان شايع ٿيندڙ، سنڌيءَ جي ماهواري رسالي ”نئين
زندگيءَ“ کان سواءِ ٻين سمورن رسالن جي لکندڙن کي
معاوضا ڏنا وڃن ٿا! اسين سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادب
دوست گروهن جي فقط انهيءَ مٿئين هڪ نقطه نگاهه
کان، انهيءَ مطالبي سان پورو پورو اتفاق ڪريون
ٿا.
ترت ئي اسان کي ڪن اديب دوستن کان خط پهچڻ شروع
ٿيا ته ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندڙ شعرن، افسانن ۽
مضمونن لاءِ ادبي بورڊ پڻ معاوضا ڏئي. اسان اهو
مسئلو بورڊ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ پيش
ڪيو. ميٽنگ ۾ ان بابت جو فيصلو ٿيو، اهو اکر به
اکر پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ هيٺ ڏيون ٿا:
”رٿ پيش ٿي ته ٻين زبانن جا تقريباً سمورا معياري
رسالا اديبن کي معاوضا ڏين ٿا: ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته
پاڪستان اطلاعاتي کاتي وارا سندن طرفان نڪرندڙ
سنڌي رسالي ”نئين زندگيءَ“ لاءِ پڻ ويچار ڪري رهيا
آهن ته سنڌي اديبن کي به لکيتن جو معاوضو ڏنو وڃي:
انهيءَ ڪري ضروري آهي، ته ”مهراڻ“ جي لکندڙن کي پڻ
مناسب اجوري ملڻ واري سوال تي ويچار ڪيو وڃي.
”ڪاميٽيءَ“ پيش ٿيل رٿ سان اصولي طرح اتفاق راءِ
ظاهر ڪيو، پر، ميمبرن جي راءِ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽
سندس ادب جي موجوده صورتحال کي خيالن ۾ رکي، آخرين
طرح ائين چئي ڪين سگهبو ته معاوضن ڏيڻ جي سرشتي
رائج ڪرڻ مان هروڀرو رڳو ڪي فائديمند نتيجا نڪري
سگهندا.
”ساڳئي وقت، سنڌي اديبن جي دلين ۾ صحتمند ۽ معياري
ادب لاءِ چاهه ۽ امنگ پيدا ڪرڻ، ۽ سندن همت افزائي
لاءِ هنن اَٺ انعام مقرر ڪيا: پهريون انعام پنجاهه
رپين جو، ٻه انعام، هرهڪ پنجويهن رپين جو، ۽ پنج
انعام، هرهڪ ڏهن رپين جو. اهي انعام هر اشاعت لاءِ
رهندا، ۽ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندڙ هر چيز (شعر،
افسانو يا مضمون) بنا امتياز جي، انعام لاءِ ويچار
هيٺ آندي ويندي.“
اسان جي ٻولي ۽ ادب هن وقت جنهن آزمائشي دور مان
لنگهي رهيا آهن، ان ۾ رسالا گهٽ، پڙهندڙ گهٽ، ناشر
گهٽ ۽ سڀ کان مٿي، ارباب حڪومت جي سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب ڏانهن سردمهريءَ واري روش اسان جي سامهون آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اديبن کي معاوضي ڏيڻ جو سوال، جيڪو
اڳتي هلي ممڪن آهي ته اديبن، ناشرن ۽ پڙهندڙن-
سڀني جي دلين ۾ باهمي شڪ ۽ گمان پيدا ڪري، ۽ اهو
به ممڪن آهي ته ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جي جذبي
بدران، ٿوري يا گهڻي ڀاڱي، مالي مفاد خاطر ادب
لکجڻ شروع ٿئي. سو ڪيتري قدر صحيح ۽ فائديمند
ٿيندو، اها هڪ غور طلب ڳالهه آهي. تنهنڪري، جيڪڏهن
ڪو به ماڻهو اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي انهيءَ
خالص مطالبي سان مڪمل اتفاق راءِ نه رکي. ته اسان
جي اديبن کي هروڀرو انهيءَ شخص جي نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ
آڻڻ نه گهرجي. ٻوليءَ ۽ ادب جي ئي مفاد کان جيڪڏهن
ڪو اسان جو دوست انهيءَ مطالبي کي في الحال درست ۽
فائديمند نه سمجهي، ته به اسان جي محترم لکندڙن کي
سندس راءِ جي آجيان ڪري، ان تي ٿڌي سيني سان غور
ڪرڻ ۽ ويچارڻ گهرجي.
سنڌي ادبي بورڊ، مٿيون فيصلو ادب جي ڀلائي ۽ اديبن
جي همت افزائي کي مدنظر رکي ڪيو آهي. اميد ته اسان
جا لکندڙ انهيءَ فيصلي کي قدر جي نگاهن سان ڏسندا.
ناولن، ناٽڪن ۽ افسانن جي سالياني چٽاڀيٽي
سنڌي ادبي بورڊ اهو پڻ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي ادب
کي ترقي ڏيارڻ ۽ سنڌي اديبن جي وڌيڪ همت افزائيءَ
لاءِ ناولن، ناٽڪن ۽ مختصر افسانن جي سالياني
چٽاڀيٽي پڻ ڪرائي وڃي. اسان جي ادب ۾ انهن صنفن-
ناولن، ناٽڪن ۽ مختصر افسانن- جو ڪو خاطر خواهه
مواد پيدا نه ٿي رهيو آهي، ان ڪري انهن صنفن ڏانهن
اديبن جي توجهه ڇڪائڻ ۽ سندس همت افزائي ڪرڻ لاءِ
هيٺيان انعام مقرر ڪيا ويا آهن.
(1) هر سال جي ٻن بهترين ناولن لاءِ، ترتيب وار
600 روپيا ۽ 400 روپيا.
(2) هر سال جي ٻن بهترين ناٽڪن لاءِ، ترتيب وار
500 روپيا ۽ 400 روپيا.
(3) هر سال جي ٻن بهترين مختصر افسانن لاءِ، ترتيب
وار 150 روپيا ۽ 100 روپيا، ۽
(4) هر سال جي ٻن بهترين هڪ ائڪٽ جي ناٽڪن لاءِ،
ترتيب وار 150 روپيا ۽ 100 روپيا.
انهن چٽا ڀيٽين لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا ويا آهن:
(1) ناول، ناٽڪ يا مختصر افسانو طبعزاد ۽ اصلوڪو
هجي؛
(2) ڇپيل يا اڻ ڇپيل جو قيد نه آهي- البت جيڪڏهن
ڇپيل آهي ته هو اُن ئي سال اندر ڇپيل هجي، جنهن
سال جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پيش ٿي رهيو هجي؛
(3) ناول جي ضخامت تقريباً پنجاهه هزار ۽ ناٽڪ جي
ضخامت تقريباً پنجويهه هزار لفظن تي مشتمل هجي:
ناٽڪ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ائڪٽن جو هئڻ گهرجي- مختصر
افساني ۽ هڪ ائڪٽ جي ناٽڪ جي حالت ۾ ضخامت جو ڪوبه
شرط نه آهي؛
(4) ناول، افسانو يا ناٽڪ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن،
معاشرت ۽ ماحول، حالتن ۽ مسئلن متعلق هئڻ گهرجي؛
(5) قلمي صورت ۾ هڪ ڪاپي، ۽ ڇپيل صورت ۾ پنج
ڪاپيون- سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي
بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچيءَ ڏانهن موڪلڻ کپن؛
(6) سال جي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ ناولن وغيره جي
پهچڻ جي آخرين تاريخ، آئنده سال جي جنوري مهيني جي
15 تاريخ شمار ٿيندي؛
(7) چٽاڀيٽيءَ لاءِ ناول وغيره موڪلڻ وقت خط تي
پهريائين هي لفظ لکڻ گهرجن: ”ساليانه
ناول/ناٽڪ/افسانه چٽاڀيٽي، سال ...........،
لاءِ“؛
(8) بورڊ طرفان مقرر ڪيل ججن جو فيصلو قطعي ۽ آخري
ٿيندو- ججن جا نالا مخفي رکيا ويندا؛
(9) جيڪڏهن موڪليل چيزن مان ڪا هڪ به انعام ڏيڻ
لائق نه هوندي، پوءِ کڻي پهريون نمبر ڪنهن جو به
هجي- ته بورڊ انعام ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو؛
(10) انعام کٽندڙن جا نالا اخبار ذريعي ظاهر ڪيا
ويندا، ۽ ٽن مهينن اندر کين انعام جي رقم ڏني
ويندي؛ ۽
(11) چٽاڀيٽيءَ ۾ آيل چونڊ بهترين ناولن، ناٽڪن يا
افسانن کي مصنفن جي اجازت سان شايع ڪرڻ جو بورڊ کي
پهريون حق رهندو.
اميد ته سنڌ ۽ هند جا سمورا اهل قلم هن ڏس ۾ بورڊ
سان دل کولي تعاون ڪندا. ان بابت وڌيڪ لکپڙهه بورڊ
جي سيڪريٽريءَ سان ڪري سگهجي ٿي.
ڪجهه پنهنجي متعلق
”مهراڻ“ سنڌ ۾ هڪ قومي رسالي جي حيثيت حاصل ڪري
چڪو آهي. سندس معيار ۽ مواد جا بهتر مصنف خود
پڙهندڙئي آهن. اهڙي رسالي جي همت افزائي ڪرڻ
پڙهندڙن جو قومي فرض آهي. انهيءَ همت افزائيءَ جي
صورت اها آهي ته جيڪي سڄڻ اڃان تائين ”مهراڻ“ جا
ساليانه خريدار نه بنيا آهن، سي مهرباني ڪري
پنهنجا ساليانه چندا موڪلي خريدار بنجن- ۽ ان سان
گڏ پنهنجي دوستن يارن کي به ”مهراڻ“ جي خريدار
بنجڻ لاءِ همتائين. اسان جا پڙهندڙ جيترو هن ڏس ۾
اسان جي مدد ڪندا، اوترو ئي وڌيڪ اسين پنهنجي
ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جي اشاعت ۾، هيءَ قومي خدمت
ڪاميابيءَ سان بجا آڻي
سگهنداسين. -م. ا. ج
[مهراڻ:
نمبر 2، 1956ع]
------------ |