سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :19

 

تال، رس ۽ لئي

(ثقافتي ادبي تنظيم، شاخ ڪوٽڙيءَ، پاران نوجوان راڳي وحيد عليءَ سان رچايل رهاڻ جي موقعي تي ڪيل صدارتي تقرير.)

ثقافتي ادبي تنظيم ڪوٽڙيءَ جا اڳواڻو ۽ خدمتگارو ۽ هتي آيل سڀئي محترم دوستو، بزرگو، آءٌ اوهان جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، جو اوهان مون کي هن محفل جي صدارت جي عزت ڏني آهي.

اڄ رات جي هيءَ محفل اسان جي پياري نوجوان فنڪار وحيد عليءَ جي نذر آهي. فنڪار لاءِ سڀ کان وڌ خوشيءَ جي ڳالهه، سڀ کان وڌ عزت ۽ مانَ جي ڳالهه، اها آهي ته هن جو ڪم ٻڌجي ۽ ڏسجي ۽ هن کي صحيح داد ڏجي. سو اڄ جي هن اوهان جي محفل جي مانائتي فنڪار ۽ اوهان جي وچ ۾ آءٌ آڏ بڻجي بيهڻ نٿو چاهيان. هونئن به هن کان اڳي ئي ڪافي ڳالهيون ڏاڍيون سٺيون ۽ ڪم واريون ٿي گذريون آهن. وڌيڪ اوهان جي صبر ۽ پڻ پنهنجي صبر ۽ سڪ کي امتحان ۾ نه وجهجي ته چڱو، ۽ وحيد عليءَ ۽ ساڻس گڏ آيل ٻين راڳي فنڪارن کي ٻڌجي ته بهتر ٿيندو.

عزيزو، مون کي اوهان سان ڪا ڊگهي يا ڪا وڏي ڳالهه ڪرڻي به ڪانهي- اهڙي ڪا، جا اوهان لاءِ نئين هجي. بهرحال جنهن ڳالهه لاءِ يعني راڳ جي شوق ۾ اوهين هتي گڏ ٿيا آهيو، ان جي تعلق سان آءٌ اوهان جا پنج اٺ منٽ وٺڻ گهران ٿو.

اوهان کي خبر آهي ته هيءَ زندگي، هيءَ دنيا، هيءَ ساري ڪائنات ۽ اُن جي هر شيءِ يعني ڪل فطرت، هر دم تبديل ۽ روانيءَ جي عمل ۾ مصروف آهي. سجاڳ ذهن رکندڙ ڏاهَن پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي مان ائين معلوم ڪيو آهي ته هن سڄي تبديليءَ ۽ روانيءَ جي عمل دوران، فطرت ۾ ٽي خصوصيتون بهرحال موجود هجن ٿيون. انگريزيءَ ۾ انهن کي Melody, Harmony & Rhythm چيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ اسين انهن کي تال يا تار، رس ۽ لئي چئون ٿا، تارَ يا تالَ جو واسطو وقت جي مساوي اِڪاين سان آهي، ۽ ان جو عمل ورجاءَ يا وري وري ٿيڻ سان آهي. رس جو واسطو ۽ عمل جزن جي باهم موافقت، ۽ لئي جو سُريلائپ يا ترنم سان آهي.

فطرت جي اِن تبديليءَ ۽ روانيءَ جي عمل کي اُن جو ”وجودي عمل“ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ تسلسل به آهي ۽ ارتقائيت به آهي. اِنهن ٽنهي خصوصيتن مان ڪنهن هڪ، ٻن يا ٽنهي يعني تال، رس يا لئي جي ڳڙٻڙ سان، ان گڙٻڙ جي محدود دائري ۾ فساد جي يا تخريب جي صورت پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي فطرت جو وجودي (وسيع ۽ حاوي) عمل وقت سر ٺاهي جوڙي، بحاليءَ جي هڪ نئينءَ ۽ بهتر صورت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. اِهوئي ان جو عمل ارتقا جي راهه ۾ اُن جو سفر شمار ٿئي ٿو.

سوچ ۽ فڪر جي صاحبن ۽ ڄاڻن اسان کي ائين به ٻڌايو آهي ته فطرت جي اِن لڳاتار وجودي عمل جي اِنهن ٽن خصوصيتن يعني تال، رس ۽ لئي تي بنياد رکندي ۽ ان جو نقل ڪندي، انسان به پنهنجي سڄي انفرادي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي تعمير ۽ اصلاح جاري رکي آهي. انساني معاشري جا لطيف فن يعني ناچ، راڳ، ساهت ۽ مورت ڪاري يا مصوري به فطرت جي اِنهن خصوصيتن تي مداريل آهي. مصوري (جنهن ۾ چترڪاري، بت تراشي ۽ عمارت سازيءَ جا فن شامل آهن)، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ يڪجائي ۽ سڪون جي ڪيفيت آهي. تنهن ۾ رس يعني جزائين موافق تربيت ته هجي ٿي. پر ان ۾ تال ۽ لئي جون خصوصيتون موجود نه هونديون آهن. ناچ ۾ وري تال ۽ رس هجن پر لئي، ڇاڪاڻ ته لئي جو واسطو آواز سان آهي، ڪا نه ٿي ٿئي. خالص ادب، خاص طرح انهيءَ جي شعر، ۾ پڻ ائين هوندو آهي. يعني رس ۽ تال موجود لئي عدم موجود، اِن لحاظ کان موسيقي يا راڳ ئي هڪڙو اُهو لطيف فن آهي، جنهن ۾ فطرت جي وجودي عمل جون ٽيئي خصوصيتون يعني تال، رس ۽ لئي لازمي طور موجود هجن ٿيون، ۽ ان هڪ ڳالهه ڪري موسيقيءَ کي ڪامل فن يا فطرت جي ڪامل نقالي سڏجي ٿو. انسان پنهنجي انفرادي توڙي معاشرتي زندگيءَ ۾ ائين جيڪا به ڪاوش ڪري ٿو؛ ان ۾ ڇاڪاڻ ته انسان پنهنجي ان عمل جي نتيجن کان باخبر به رهي ٿو ۽ انهن کي پسند ۽ ناپسند ڪري، پنهنجي ارادي يا مرضيءَ سان حاصل ڪرڻ به چاهي ٿو (۽ هُن کي ان ڪري تخليقي يا ايجادي جِيوُ به ڪوٺيو ويو آهي)، تنهنڪري انسان جي هر ڪاوش جا، هر عمل جا، ٻه رخ ٿين ٿا. هڪ رخ موجود حالتن جي قبوليت يا تسليميءَ جو ۽ ٻيو اُنهن جي عدوليءَ يا احتجاج جو: هڪ مڃتا يا بيعت جو ۽ ٻيو انڪار يا بغاوت جو. ان طرح فنون لطيف جي دائرن ۾ ته خاص طرح انسان جي ڪاوش جون اهي به نوعيتون نمايان طور موجود هجن ٿيون، انگريزيءَ جي تنقيدي علم ۾ جن کي Art of protest and Art of acceptaee, or Repudiative Art and Conformist art. سڏيو ويو آهي، فنون لطيف جي ان دو – رُخي صورت گرديءَ کي خيال ۾ آڻيندي، قديم يونان جي استاد افلاطون کي، جيڪو راڳ جو ڏاڍو شائق به هو ۽ ڄاڻو به، پنهنجي دور جي سياسي ۽ معاشرتي حالتن جي حوالي سان چوڻو پيو هو ته ”مان جڏهن راڳ جو ڪو نئون سر يا آلاپ ڳائجندي ٻڌان ٿو ته مون کي اٿينس جون ڀتيون ڌڏندي محسوس ٿين ٿيون!“

اسان جي سدا حيات حضرت شاهه لطيف به ٻيجل جي راڳ لاءِ ائين چيو هو:

محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو،

جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾:

جنهن کي ٻڌندڙ جڏهن ٻڌو ۽ ان جو ٻول ان جي للڪار، يا سڏ معلوم ڪيو، ته جواب ۾ هن کي چوڻو ئي پيو:

چارڻَ ٻول ٻيو، گهريُئي سو گهوريان،

ڪلهنئون ڪوريان، ڪِ جاجڪَ جُسي سين ڏيئين؟

تازو ون يونٽ خلاف سنڌي ماڻهن جي قومي جدوجهد ۾ هتي حيدرآباد ۾ Music Lovers Club (راڳ جي پياسن جو ڪلب) وجود ۾ آيو هو، جنهن ۾ اسان جي اڄ رات جي پياري راڳيءَ وحيد عليءَ جو ڀاءُ رجب علي به شامل هو. ان ڪلب پاران، خاص طرح ”روح رهاڻ“ رسالي جي ساليانن جلسن ۾ ۽ ٻين عام ادبي، سياسي ۽ سماجي اجتماعن ۾ سنڌ جا قومي راڳ، عوام دوست ۽ انقلابي راڳ، نئين طرز ۽ نئين آلاپ جا، خاص طرح ڪورَس ۾ ڳايا ويندا هئا. اوهان مان جن جا اهي نوان سر ۽ نوان راڳ ٻڌل هوندا، اهي چئي سگهندا ته احتجاجي ۽ باغي راڳ ڇا ٿيندا آهن، جن سان ڏاڍ جون ڀتيون ڪيئن ڪبنديون آهن ۽ ظلم جا قلعا ڪيئن آهستي آهستي ڏرندا آهن.

ساڳيءَ طرح اسان جي سنڌي ادب ۾، ان جي نثر ۽ شاعريءَ ۾، ان جي افسانن، ناٽڪن ۽ مضمونن ۾ هڪ احتجاجي نواڻ، هڪ باغيانه چال ۽ ادا هئي. ۽ اُها اسان جي ادب ۾ اڄ به موجود آهي، ڇو ته اسان جي سماج جي زبردستي ۽ اسان جي عوام جي هيڻائي ۽ محرومي جيڪا تڏهن هئي، اُها اڄ به آهي، بلڪ اُن ۾ تيئن اضافي ۽ سختيءَ جو رخ پڌرو ٿيل آهي. اسان جا اديب، شاعر ۽ پڻ راڳي اسٽيج آرٽسٽ، مصور ۽ ٻيا فنڪار، اڪثر جيئن اڳ عتاب ۽ دٻاءُ هيٺ رهيا، تيئن اڄ به آهن. سواءِ انهن مان چند حريص ۽ وِسڪندڙ روحن جي، ٻيا سڀ اسان جا وطن دوست ۽ قوم پرست اديب، شاعر ۽ ثقافتي ڪارڪن اڄ به پنهنجو اُهوئي احتجاجي شان ۽ اُهائي باغيانه سرمستي قائم رکيو اچن ٿا. اهوئي سبب ۽ اهوئي مقصد آهي، جو اڄ به جتي ڪو مشاعرو ٿئي ٿو يا راڳ جو شغل ٿئي ٿو، اتي پنهنجي نجات لاءِ واجهائيندڙ اسان جو عوام ۽ اسان جا باشعور راڳي ۽ شاعر پنهنجا نوان روح رچندا، جاندار راڳ ۽ پنهنجي نئين اميدن ڀريل ۽ بيدار شاعري ٻڌڻ گهرن ٿا ۽ ٻڌائڻ چاهين ٿا ۽ اڄ هتي به اسين پنهنجي عزيز موسيقار وحيد عليءَ ۽ سندس ٻين ساٿين کان ڪنهن قدر اُن ئي قسم جي محفل به ٻڌڻ گهرنداسين.

عزيزو!

اوهان کي خبر آهي ته وحيد علي اسان جي معزز ۽ محترم راڳين جي اُن خانوادي سان واسطو رکي ٿو، جن پنهنجون ست پيڙهيون ته رڳو اسان وٽ هت سنڌ ۾ گذاريون آهن. سندن خاندان هن وقت سنڌ جي چئن وڏن شهرن ۾ آباد آهي- شڪارپور ۾، حيدرآباد ۾، ٽنڊي آدم ۾، ۽ ڪراچيءَ ۾ ۽ ڪجهه عرصو سندن هڪ ڪٽنب سکر ۾ پڻ قيام پذير هو. راڳين جي هن نيڪنام خانوادي گذريل ڏيڍ سئو کن سالن کان به وڌيڪ عرصو سنڌ جي راڳ جي لڳاتار خدمت ڪئي آهي. ۽ ڏاڍي وڏي خدمت ۽ اوچي معيار واري خدمت ڪئي آهي. آءٌ هن موقعي جو فائدو وٺندي، هڪڙي تجويز ڏيندس ته اوهان جي هيءَ تنظيم- ثقافتي، ادبي تنظيم – هن باوقار راڳائي خانوادي جي تاريخ، سنڌ ۾ راڳ جي سڌاري ۽ واڌاري جي حوالي سان، مرتب ڪرائي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪري. ڪم از ڪم اوهين منهنجي تجويز جي پٺڀرائي ۽ تشهير ته ڪري سگهو ٿا. اوهين ائين به ڪري سگهو ٿا ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فائن آرٽس جي سربراهه استاد سان ڳالهائي سگهو ٿا. هو چاهين ته سچ پچ ته آسانيءَ سان ۽ سيگهڙائيءَ ۾ اهو ڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. آءٌ سمجهان ٿو ته هو ان موضوع تي ڪنهن پنهنجي اسڪالر يا طالب علم کان پي ايڇ ڊي ٿيسز لکارائي سگهن ٿا. مون کي يقين آهي ته اهڙيءَ ڪنهن پوريءَ ذميواريءَ سان ۽ محنت سان تيار ٿيل تحقيقي تصنيف وسيلي اسين پنهنجي وطن سنڌ جي تقريباً ٻن سؤ سالن جي ثقافتي تاريخ تيار ڪرائي سگهون ٿا.

عزيزو! وڌيڪ آءٌ اوهان جو وقت نه وٺندس، پيارو راڳي وحيد علي ۽ سندس ساٿي هاڻ اوهان جي سپرد آهن. آءٌ آخر ۾ وري اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هيءَ عزت بخشي آهي، ۽ منهنجي هن خشڪ تقرير کي ٻڌڻ جي تڪليف ڪئي آهي- مهرباني.

[نومبر، 1989ع]

 

نئين ۽ پراڻي جو مسئلو – ماضيءَ جي روشني ۾

مائيڪل اَئنجيلو (ڄم – 1474ع، وفات 1564ع)، اِٽليءَ جي شهري رياست، فِلارينس، جو بي مثل مصور، شاعر، عمارت ساز، انجنيئر ۽ عظيم بت تراش،- 1927ع تائين هِن باڪمال فنڪار جي سوانح حيات ۽ فن بابت 2100 ڪتاب مختلف ٻولين ۾ لکجي چڪا هئا، ۽ 1927ع کان هيلتائين پڻ سَوَن جي تعداد ۾ وڌيڪ ڪتاب دنيا جي هر مشهور ملڪ ۽ زبان ۾ شايع ٿيا آهن. سندس قول آهي ته، ”انسان فنا ٿي وڃي ٿو: رڳو هن جي فن جا شاهڪار لافاني آهن.“ هو تقريباً هٿين خالي هِن جهان مان ويو. سڄي ڄمار شادي ڪانه ڪيائين. هُن جي آخرين وصيت هئي ته ”مان پنهنجو روح خدا کي سونپيان ٿو، پنهنجو جسم ڌرتيءَ کي ٿو ڏيان، ۽ باقي جو ڪجهه ڇڏيو اٿم سو جي منهنجن وارثن کي وڻي ته اُهو اُنهن جو آهي!“

ستر ورهين جو ٿيو ته سندس محبوبه، حسن جي ديويءَ، عيسائي جوڳياڻيءَ، وِٽوريا ڪولونا، وفات ڪئي. هن سان سندس بيحد محبت هئي. سڄي زندگي ٻنهي جو جنسياتي وصال ڪونه ٿيو. وٽوريا ڪولونا جي دائمي وڇوڙي تي پنهنجو جذباتي ردعمل هيٺئين شعر ۾ پيش ڪيو اٿس:

”جيڪڏهن باهه جي ويجهي هئڻ سبب، اُن ۾ ٻرندو رهيس،

”هاڻ جڏهن اُن جون ڄڀيون وسامي ويون، ۽ ڪونه ٿيون ڏسجن،

”تڏهن ڪهڙو عجب، جو اندر ئي اندر ڌڳندو ۽ وسامندو رهان،

”ٿورو ٿورو ٿي، ٻري، وسامي، رک جي رک، ڪوئلي جو ڪوئلو!“

نوي ورهين جي عمر ۾، وفات کان ٻه چار ڏينهن اڳ، ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق اسپتال ۾ داخل ٿيو، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، سندس وفادار شاگرد، ٽوماسو، اچي ڏسي ته هميشه وانگر مٿي ۾ ميڻ بتيءَ وارو ٽوپ وجهيو، ڇيڻِي ۽ مترڪو کنيو مائيڪل اَئنجيلو سنگ مرمر جي بت کي پيو تراشي، توماسو سهمجي، ٻه قدم پري بيهي، چيس: ”استاد، ڊاڪٽر ڊوناٽي چوي ٿو ته توکي آرام جي ضرورت آهي!“

”ٻيءَ دنيا ۾، منهنجا دوست!“ مائيڪل اَئنجيلو جواب ڏنو، ”بهشت اڳي ئي سهڻن تراشيل بتن سان ڀريو پيو هوندو. اوتي مون لاءِ سواءِ آرام جي ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ ڪونه هوندو.“

ٽيهن ورهين جي عمر ۾، فلارينس جي شهري ڪائونسل هن کي سٽي هال جي هڪڙيءَ ڀت جي پوري اڌ تي فلارينس جي هڪ تاريخي فتح جي نظاري چٽڻ جو ڪم ڏنو. هيءُ ڪم هن کي کليل مقابلي ۾ سڀ کان بهترين تصوير جي نموني پيش ڪرڻ تي ڏنو ويو هو. اُن لاءِ هن کي ٽي هزار سونيون مهرون آڇيون ويون هيون. ڀت جي ٻئي اڌ تي اڳي ئي اُن زماني جي ٻئي عظيم مصور، ليونارڊو ڊاوِنشي، فلارينس جي ٻيءَ هڪ تاريخي فتح جو نظارو چٽيو هو، جنهن لاءِ هن کي ڏهه هزار سونيون مهرون مليون هيون.

مائيڪل اَئنجيلو کي ڀت تي جيڪا تصوير چٽڻي هئي، سا ڊيگهه ۾ 58 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 22 فوٽ هئي. اُن لاءِ هن پهريائين اُنهيءَ ئي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڪاغذ جي وڏين وڏين، الڳ الڳ چادرن تي تصوير جي الڳ الڳ حصن جا خاڪا تيار ڪيا. جڏهن سڄيءَ تصوير جا اهڙيءَ طرح الڳ الڳ حصن ۾ خاڪا تيار ٿي ويا، تڏهن هُن اُهي ڪاغذ جون چادرون، ترتيب سان ملائي، پنهنجي نگارخاني جي ڀت سان ٽنگائي ڇڏيون. پنهنجي پياري شاگرد، گِرئناشيءَ، جي زور ڀرڻ تي هن اها ڳالهه قبول ڪئي ته فلارينس جي خاص فنڪارن کي اجازت ڏجي ته نگارخاني ۾ اچي، سندس خاڪي جو ديدار ڪن. سڀني فنڪارن، جن خاڪي کي ڏٺو، اُن کي ’مصوريءَ جو معجزو‘ سڏيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، پيروجِينو اهو خاڪو ڏسڻ لاءِ مائيڪل اَئنجيلو جي نگارخاني ۾ آيو. پيروجِينو هن کان 25 ورهيه عمر ۾ وڏو هو. هونئن ته پاڻ کان عمر ۾ گهٽ ڪنهن نوجوان مصور جي ڪم کي هلي وڃي ڏسڻ جي تڪليف پيروجينو ڪانه وٺي ها، پر سندس شاگرد، رئفيل، کي جيڪو اڳتي هلي پاڻ به دنيا جو هڪ عظيم مصور شمار ٿيو، اُهو خاڪو ڏاڍو وڻيو هو، تنهن جو اُن لاءِ ايڏو اُتساهه ڏسي ۽ اُن جي زور ڀرڻ تي لاچار هُن مائيڪل اَئنجيلو جي نگارخاني جو پنڌ ڪيو هو. نگارخاني ۾ گهڙڻ سان، جيئن ئي هُن جون اکيون خاڪي تي پيون، تيئن ئي ڄڻ پيرن ۾ ميخون لڳي ويس- جتي هو، اُتي ڄمي بيهي رهيو. ڪيتري تائين ائين اکيون کُپائي خاڪي کي ڏسندو رهيو. آهستي آهستي ڪاوڙ چڙهڻ لڳيس. ٿيندي ٿيندي، منهن ڪاراٽجي اڱرُ ٿي ويس. اکين مان ڄڻ ٽانڊا ٿي نڪتس. چپ ائين ٿي ڦڙڪيس ڄڻ دل جو ڪو آڙاهه ڪڍڻ وارو هو. مائيڪل ائنجيلو هُن جي اها حالت ڏٺي ته ڊڄي ويو. اسٽول کڻي، هُن جي پوئتان رکندي، چيائين-

”مهرباني ڪري، هن تي ويهو، آءٌ پاڻي ٿو آڻيان!“

پيروجيِنو، بيٺي ئي، وٺي جو اسٽول کي ابتي لت هنئين، ته اسٽول اونڌو ٿي، وڃي پري ڪريو......

”واهيات!“

مائيڪل اَئنجيلو جون اکيون ڦاٽي ويون. پيروجِينو، هڪڙو هٿ پنهنجي ڇاتيءَ تي زور سان کُپائي، ٻئي هٿ سان خاڪي کي گويا سڄي جو سڄو ڀت تان ميساري پري ڪندي، تکو تکو سهڪندي چوڻ لڳو-

”ڪنهن جهنگلي جانور کي برش هٿ ۾ ڏيو.... بس، هو اِهو ئي ڪجهه ڪندو! تون اسان جي ستياناس ڪندين..... اسان جو سڀ ڪجهه ناس ڪندين، جو ڪجهه اسان زندگيون وقف ڪري پيدا ڪيو آهي!“

مائيڪل ائنجيلو جڏهن هي لفظ ٻڌا، تڏهن هن کي بيحد ڏک ٿيو، دل وسامڻ لڳيس، جهيڻي آواز ۾ چيائين- ”پيروجينو، ايتري هَلان مون تي ڇو ٿا ڪيو؟ مان اوهان جي ڪم جو قدر ڪريان ٿو ....“

”منهنجو ڪم! هِن .... هِن پنهنجي گند جي اڳيان منهنجي ڪم جي ڳالهه ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي ٿئي؟ منهنجي ڪم ۾ فضيلت آهي، خوش ذوقي آهي، شرافت آهي. جيڪڏهن منهنجو ڪم مصوري آهي، ته هيءُ تنهنجو ڪم مصوري نه آهي. هي گند آهي- هِن جي هر ليڪ، هر نقطو گند آهي.“

مائيڪل ائنجيلو ڊڄندي ڊڄندي پڇيو، ”اِن جي ترتيب خراب آهي، خط ڪشي خراب آهي، نقشو خراب آهي....!“

”اِنهن ڳالهين مان تون ڇا ڄاڻين؟“ پيروجِينو رڙ ڪندي، چيو، ”توکي ته جهلي قيد ۾ بند ڪرڻ گهرجي، ته جيئن شريف ماڻهن جو هيءُ شريف فن بچي سگهي.“

”آءٌ ڇا کان شريف ماڻهو نه آهيان؟ انهيءَ ڪري ته نه، جو مون اگهاڙا جسم چٽيا آهن؟ يا اِنهيءَ ڪري ته منهنجو ڪم نئون آهي؟“

”نئين جي مون سان ڳالهه نه ڪر! مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي، جنهن مصوريءَ جي ڪايا پلٽائي ڇڏي هجي؟ نئون ڪم .... نئون ڪم ...!“

”اوهان به گهڻو ئي ڪجهه ڪيو آهي، پر اوهان تي مصوريءَ جو خاتمو ته ڪونه ٿو ٿئي! هر سچو فنڪار فن جي ڪايا پلٽ ڪري ٿو.“

”تون پوئتي ٿو وڃين، تهذيب کان اڳ، خدا کان به اڳ.“

”توهان ته وڏي پادريءَ، سئو انارولا، وانگر ٿا ڳالهايو، جيڪو توهان کي به جيئري جلائڻ لاءِ تيار آهي!“

”تون ياد رک! تنهنجي هن غير مهذب، ذليل خاڪي جي هڪ شڪل به سِٽي هال جي ڀت تي ڪانه لڳندي. آءٌ سڄي فلارينس جي فنڪارن کي اُڀاريندس.“

ائين چئي، هو تکو تکو، نگارخاني مان ڪنڌ هڪ هنڌ جهليون، ڪاٺ وانگر اُڀي جي اُڀو، ٻاهر نڪتو ويو. مائيڪل ائنجيلو وڌي اسٽول سڌو ڪيو، ۽ اُن تي ويهي رهيو. سڄو پئي ڏڪيو. سندس شاگرد، آرجنٽو، جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ لڪو بيٺو هو، سو اڳيان وڌي آيو ۽ پاڻيءَ جو گلاس آڻي اڳيان جهليائينس. مائيڪل اَئنجيلو آڱريون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، پنهنجي گرم منهن تي گهمايون.

ايتري ۾ ٻاهريون دروازو کليو ۽ رئفيل اندر آيو ۽ آهستي آهستي پاسي تي ٿي بيٺو. هو پيروجينو جو شاگرد به هو ۽ ڳوٺائي به هو.

”آءٌ پنهنجي دوست ۽ استاد جي پاران معافي گهرڻ آيو آهيان. هن کي سخت ڌوڏو آيو آهي، ۽ هو هاڻي ٺيڪ نه آهي.“

”هيءَ هلان مون تي ڇا جي ڪاڻ ڪيائين؟“

”شايد انهيءَ ڪري، جو ڪيترن سالن کان هو خود پنهنجو به رڳو نقل ڪندو رهيو آهي. پاڻ کي بدلائڻ جو خيال هو ڪري به ته ڇو- اڄ هن جو اٽليءَ جي سڀ کان مشهور مصورن ۾ شمار ٿئي ٿو. تو ڏٺو ڪينَ! جڏهن هُن جي نظر تنهنجي تخليق تي پئي، تڏهن هن به بنهه اهوئي محسوس ڪيو، جو مون محسوس ڪيو هو. يعني هيءُ ته مصوريءَ جي هيءَ هڪ الڳ دنيا هئي، جا تو جاڳائي ۽ آباد ڪئي هئي، ۽ اُن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن کي بلڪل نئين سر ڪاوش ڪرڻي پوندي. مون لاءِ ته اِن ۾ هڪ سڏ هو، هڪ للڪار هئي. اُن کي ڏسي منهنجون ته اکيون کليون ته هيءَ فن جي دنيا، جنهن ۾ مون پير پاتو آهي، اِن ۾ سچ پچ ته ههڙي حيرت ۽ هيتري حسناڪي هئي، جنهن جو مون کي خواب خيال به نه هو! پر آءٌ ته اڃا 22 سالن جو آهيان. سڄي زندگي منهنجي اڳيان موجود آهي. پيروجِينو  55 سالن جو آهي. هو نئين سفر تي نڪري ڪين سگهندو. هيءُ تنهنجو بي مثل ڪم هن کي وقت جي اڏندکٽوليءَ تان هيٺ لاهي ڇڏيندو...“

”تنهنجي هن دلداريءَ جو مون کي قدر آهي.“

”پوءِ، دريا دل ٿيءُ. ۽ هُن جي ڳالهه دل تان لاهي ڇڏ. توکي بچاءَ جي ضرورت ڪانهي. ڳالهائڻ ڏينس- نيٺ ٿڪجي پوندو. ۽ جوش ٿڌو ٿي ويندس.“

”چڱو، رئفيل، آءٌ خاموش آهيان.“

پيروجينو، بهرحال، پوءِ به خاموش ڪونه ويٺو. هن مائيڪل ائنجيلو جي برخلاف فلارينس جي فنڪارن کي اُڀاريو، پادرين کي مشتعل ڪيو ۽ عوام کي جوش ۾ آندو. آخر ۾ هُن سٽي ڪائونسل وٽ فرياد ڪيو، جتي مائيڪل اَئنجيلو تي نيٺ ڪيس هليو. سٽي ڪائونسل جو صدر، سوڊريني، هڪ علم دوست ۽ ادب شناس شخص هو ۽ فن جو شائق ۽ پارکو هو. پيروجِينو جي سڄي ڳالهه ٻڌي، پيروجِينو کي هُن ٿڌو ڪيو ۽ کيس مصوريءَ جو هڪ وڏو ڪم سپرد ڪيائين. مائيڪل ائنجيلو کي هُن هٿ ۾ کنيلَ ڪم کي ترت پوري ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو؛ ۽ ڪيس کي داخل دفتر ڪندي، چيائين- ”فن جو وڏو منصنف وقت ئي ٿي سگهي ٿو.“

[1996ع]

 

سرڪاري آفرين جي ترديد

”مان ڪو فرشتو چِٽي نٿو سگهان، ڇو جو مون اهو ڪڏهن ڏٺو ڪونهي.“

(ڪوريت)

1869ع جي چونڊن جي کيل رچائڻ کان پوءِ، عام ۾ پنهنجي حمايت وڌائڻ لاءِ، فرانس جي آمر، نيپولئن ٽئين، ۽ سندس فنون لطيف واري وزير، ايم. مارس رچرڊ موقعو وٺي، گُسٽيو ڪوريت لاءِ ”معزز قومي تُمَنَ جي پَٽي“ انعامڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ مصور ڪوريت جو نالو پوليس جي رڪارڊ تي چڙهيل هو ۽ هو جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ هجڻ جي ڏوهه ۾ جيل جي سزا به کائي چڪو هو، ته به هُن تي فرانس جي ان اعليٰ اعزاز جي انعام جي نظر نوازي ڪئي ويئي هئي! ڪوريت پوءِ فنون لطيف جي ان وزير ڏانهن موٽ ۾ هيءُ خط لکي موڪليو:

”هتي ائڊم ٻيٽ تي، پنهنجي دوست، جيولس ڊويپر، جي گهر رهندي، مون کي معلوم ٿيو ته ”معزز قومي تُمن“ جي صف ۾ منهنجي داخلا جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ اهڙو سرڪاري فرمان به جاري ٿي چڪو آهي. فنون لطيف جي انعامن ۽ معتبرائپ جي اهڙن لقبن القابن بابت منهنجي معلوم عام راين ۽ خيالن جي روشنيءَ ۾ مون کي هن فرمان جي نعمت کان معاف ئي رکيو وڃي ها، جيڪو منهنجي مرضيءَ بغير اعلانيو ويو آهي، ۽ اوهان عاليجنابن پنهنجي سرڪاري فرض طور پاڻ ئي ان قدم کڻڻ جي تڪليف ورتي آهي.

اهي اقدام اوهان عالي مقامن جي نيڪناميءَ جا ذريعا آهن، پر مون کي چوڻ جي اجازت ڏيندا ته منهنجي روش کي ۽ منهنجي فيصلي کي اهي بدلي نه سگهن!

منهنجا جمهوري عقيدا مون کي اهڙن خصوصي درجن جي قبولڻ جي اجازت نٿا ڏين، جيڪي سلطاني نظام جا خاصا آهن. منهنجا اصول اوهان جي معزز قومي تُمن جي ان نشان کي نامنظور ٿا ڪن، جنهن جي، منهنجي پرپٺ اوهان مون تي عنايت ڪئي آهي.

ڪنهن به وقت، ڪهڙين به حالتن ۾، ۽ ڪهڙن به سببن کان آءٌ اهو نشان قبول ڪونه ڪريان ها ۽ هاڻي جڏهن هر طرف خيانت ئي خيانت وڌي رهي آهي، ۽ انساني ضمير ايتريءَ خود غرض ايمان گرديءَ کان، هِت هُت، گهائجي رهيو آهي، مون لاءِ اهو قبول ڪرڻ اڄ ته ان کان به وڌ ناممڪن هو!

ماڻهوءَ جو مانُ ڪنهن لقب يا ڪنهن پَٽيءَ ۾ ڪونه آهي- اهو عملن ۾ آهي ۽ عملن جي نيتن ۾ آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو ڀاڱو پنهنجي نفس جي عزت ۾ ۽ پنهنجن خيالن جي عزت ۾ آهي. آءٌ پنهنجي عمر جي اصولن سان وفاداريءَ ۾ پنهنجو اصل مان ڏسان ٿو؛ جيڪڏهن آءٌ انهن سان غداري ڪريان ته ڄڻ مون پنهنجو مانُ ڪيرائي، پيرن هيٺ لتاڙي، اُن جو نشان پاڻ ئي ڊاهي ڇڏيو.

هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ به منهنجا احساس ڪنهن به حڪومتي انعام قبولڻ جي گهٽ خلاف نه آهن. حڪومت فن لطيف جي دائرن ۾ پوري جي پوري نااهل آهي. جڏهن اها انعامن ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻي ٿي، تڏهن اها رڳو عوام جي ذوق کي گرفت ۾ آڻي ۽ پنهنجي تابع ڪري ٿي، ۽ بگاڙي ٿي.

ان جي اها دخلڪاري کاريندڙ ۽ خراب ڪندڙ آهي، ۽ فنڪار لاءِ وڏيءَ هڪ آفت سمان آهي. اها هن کي سندس لياقت متعلق ٺڳي ٿي ۽ گمراهه ٿي ڪري؛ ۽ فن لاءِ اها آفت ان ڪري آهي، جو فن کي اها سرڪاري دستور جي پڪڙ ۾ آڻي ٿي ۽ تمام هڪ خسيس معموليت جي سطح تي اڇلي ڇڏي ٿي. حڪومت لاءِ فضيلت جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ کي ان ڪم کان باز رکي. جنهن ڏينهن حڪومت اسان کي پنهنجي ڪم ۾ آزاد ڇڏيندي، تنهن ڏينهن اوهين سمجهو ته اسان ڏانهن ڄڻ ان پنهنجو فرض پورو ڪيو.

انهيءَ ڪري، جناب عالي، مون کي اجازت ڏيندا ته اهو اوهان جو اعزاز جنهن سان اوهان مون کي نوازڻ جو سوچيو، قبولڻ کان انڪار ڪريان. آئون پنجاهه ورهين جي عمر جو آهيان، ۽ هميشه آزاد زندگي گذاري اٿم، مون کي ڇڏيو ته باقي زندگي به آزاد گذاري پوري ڪريان. ۽ جڏهن مري وڃان ته ماڻهن کي منهنجي لاءِ چوڻو پوي ته هيءُ ڪنهن به ”مڪتب“ جي ڪو نه هو. ڪنهن به ”فرقي“ جو ڪونه هو، ڪنهن به ”اداري“ جو ڪونه هو، ڪنهن به ”اڪيڊميءَ“ جو ڪونه هو- سڀ کان وڌ، هيءَ ڪنهن به نظام جو، ڪنهن به راڄ جو ڪونه هو، سواءِ اُن راڄ جي، جيڪو آزاديءَ جو راڄ هو، آزاديءَ جو نظام هو.“

يورپ جي تاريخ ۾ 1815ع کان 1849ع جي وچ وارو نسل لڳاتار هڪ گهرو لڙائيءَ لاءِ تيار هو، نه رڳو تيار هو بلڪ ان ۾ غلطان هو. فرينچ انقلاب کان پوءِ، 1815ع ۾ قدامت پسند قوتون پراڻي نظام کي ٿوڻيون ٿنڀا، ڏيئي نئين سر اٿاري بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪيون هيون، ۽ يورپ جي اڪثر رياستن ۾ اهي پنهنجي روڳيل اقتدار کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هيون. انهن جي وقتي طاقت ان مان ظاهر هئي ته اهو پورو هڪ نسل پنهنجو اهو وري کٽيل بيٺل دُبي وانگر ڪِنو، ميدان بچايو ۽ پوريءَ سختيءَ سان تبديل جي قوتن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺيون رهيون. سماجي ۽ اقتصادي نظام جي قوتن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو بيٺيون رهيون. سماجي ۽ اقتصادي  نظام جو اهو نمونو جيڪو امير شاهيءَ جي عين پنهنجي پسند جو نمونو هو، هڪ بيٺل ۽ بند نظام هو، جنهن جي عمارت زميني اسلاڪ ۽ زراعت تي، ديني اعتقاد تي ۽ سياست جي ”موجود سدا موجود“ عقيدي جي بنياد تي اڏيل هئي ۽ سماجي اقتصادي نظام جو اهو نمونو جيڪو نئون نئون وجود جي رهيو هو، اهو سائنس ۾ اعتماد ۽ صنعتي دولت جي بنيادن تي اڀري رهيو هو.

1848ع تائين پهچندي پهچندي، ائين ظاهر بلڪ ثابت ٿي چڪو هو ته ان ڪشمڪشا ۾ قدامت پسندي هارايل بازي لڙي رهي هئي. يورپ ۾ اڀرندڙ سماج جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتون نوان رخ ۽ نوان روپ اختيار ڪري رهيون هيون. نوان سياسي ۽ سماجي آدرش پهريائين ماڻهن جي ذهنن ۾ ۽ پوءِ سياسي ۽ سماجي باغيانه تحريڪن جي سيلابن ۾ اڌمجي ۽ اڦرجي رهيا هئا. چؤطرف انقلاب اٿي رهيا هئا ۽ وڌي رهيا هئا- ۽ اهو سڀ خاص طور فقط ان ڪري، جو اتي دولت جي پيداوار جي نئين سرشتي پراڻن نظامن جي پهڻجي ويل بنيادن کي اٿڻ سان ئي ڀڃي وڌو هو.

فنڪار گسٽيو ڪوريت تحقيق پنهنجي وقت جو هڪ طوفاني شخص هو. هن جي انقلابي نگاهه هن جي ماحول جي هڪ ثابت ۽ سچي ترجمان جو ڪم ٿي ڏنو. هو هاريءَ جو پٽ هو ۽ انقلابي قبيلي جو فرد هو. نيويارڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جئنسن، ڪوريت جي همعصر ۽ دوست فرينچ انقلابي شاعر، چارلس بودليئر، جو قول نقل ڪندي ته ”مصوري پنهنجي پنهنجي دور جي جرئت ۽ سورهيائي جو نقش آهي.“ لکيو آهي ته ”اُن دور ۾ فقط هڪ ئي مصور هو، جيڪو پنهنجي دوست بودليئر جي انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي فن جو اصول بنائڻ لاءِ تيار هو.“

ڪوريت مڃي چڪو هو ته احساس ۽ تصور تي رومانوي رنگ آميزي وقت جي حقيقتن کان فقط هڪ فرار هو. هن جو خيال هو ته جديد فنڪار کي پنهنجي سڌي تجربي تي ڀاڙڻ گهرجي: ”مان فرشتو چٽي نٿو سگهان، ڇو جو مون اهو ڪڏهن ڏٺو ڪونهي.“ اهو فطرتيت جي سلسلي ۾ ڪوريت جي”حقيقت“ جو اظهارهو. هن جي تصوير، ”سنگتراش“، جيئن ئي منظرعام تي آئي ته پئرس جي فن جي دنيا ۾ طوفان مچي ويو. ڪوريت جي دوست، اشتراڪي پراوڌان، تصوير ۾ ڏيکاريل عورتن بابت ڳالهائيندي چيو، ”هي پنهنجي علامتي درجي جو خوءِ ۾ ٽمٽار بيٺل آهن، هي اسان ڏانهن ڪهل لاءِ ڪونه ٿيون ڏسن، اهي اٽل الاهي ڪتابن جا اعجاز آهن.“

ڪوريت جي هن پينٽنگ جي سرڪاري گئلريءَ ۾ قبوليت، ان لاءِ هن کي ”معزز قومي تُمنَ جي پٽي“ جي اعلانن ۽ انهن کان هن جي انڪار وڏي هڪ مناظري کي جنم ڏنو، جيڪو اختيار جي صاحبن ۽ سندس وچ ۾ باقي سڄي سندس عمر هڪ لڳاتار جنگ جي صورت ۾ جاري رهيو. ڪوريت ويهارو سال اڳ پنهنجي ملڪ جي 1848ع جي واقعات ۾ سرگرم حصو به ورتو هو ۽ ان ڪري به هڪ سماجي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ اڳ ئي هن جي شهرت عام هئي. هن جي هيءَ تصوير ”سنگتراش“ جنهن ۾ هن عام پورهيت ڏيکاريا هئا ۽ جيڪا هن جي تنقيدي نگاهه ۽ سماجي شعور جو هڪ شاهڪار هئي، اُن هن جي عصري فن کي نئين معنيٰ ڏني، ۽ ان جي نتيجي ۾ ”حقيقت“ جنم ورتو- حقيقت جيڪا يورپ ۾ رومانويت ۾ ’نئين‘ ڪلاسيڪيت کان پوءِ جي بيحد هڪ اُجهل ۽ جاندار تحريڪ طور سڃاتي وڃي ٿي. يورپ جي فن جي دنيا جيڪا ان منزل تي ڊَئوڊ جي تصورائي ڪلاسيڪي رخ ۽ ڊبل اڪروس جي ڊرامائي، آڏن ابتن ۽ رنگ آميز رومانوي تصورن ۽ چٽن سان مانوس هئي، ان ۾ ڪوريت رواجي هارين نارين ۽ پورهيتن ۽ اهڙن بلڪل عام ماڻهن جي روزمره جي زندگين جي ستمزدگين ۽ جفاڪشين کي نقشائڻ شروع ڪيو.

موضوع جي انهيءَ مواد جي ابتڙ ڪوريت اسٽوڊيائي ننگا جسم، مثلاً ”وهنجندڙ حسينائون“، چٽڻ به جاري رکيا، جيڪي ڏسي، هڪڙي ناقد راءِ ڏني ته ”هي گورَ حيوان ته اهڙا آهن، جو ماگرمڇ به ڏسن ته ڳرڪائڻ جي جرئت نه ڪري سگهن.“ بهرحال ائين ڪوبه چئي نٿي سگهيو ته اهي ننگا چتر هن پنهنجي حواسي چشڪي خاطر چٽيا ٿي يا اعليٰ امير خواتين جي جسمن تي نظرزنيءَ جو ذوق، جيڪو وقت جي امير شاهي حلقن ۾ وڌيل هو، ان جي پردي- اکيل يا طنز طور چٽيا ٿي.

1855ع ۾ پئرس جي عالمي نمائش ۾ ڪوريت جي فن جي داخلا تي روڪ وڌي ويئي. جواب ۾ هن نمائش جي ويجهو ئي پنهنجن فنپارن جي نمائش جو بندوبست ڪيو. انهيءَ موقعي لاءِ خاص طور، هن پنهنجي مشهور تصوير ”اسٽوڊيو“ تيار ڪئي. ان شهپارن کي هن ”پنهنجي نئين زندگيءَ جي ستن سالن جو سچو پچو قصو“ سڏيو. ان ۾ هن پاڻ کي هڪ پورهيت فنڪار طور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پنهنجي ڪم ذريعي ڏکن ۾ ورتل ۽ انيڪ حيثيتن واري عام انسان ۽ پئرس جي عالي مقام شخصن جي وچ ۾ هڪ شعله زن جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو.

هن جون ڪي بهترين تصويرون ۽ حسين ترين گلن جا چتر، هن جي آخري عمر جي ڏينهن جا نڪتل آهن. جڏهن هو جيل ۾ باندي هو. 1871ع جي پئرس ڪميون (مزدور انقلاب) ۾ حصي وٺڻ جي ڏوهه ۾ فن تي اها سزا مڙهي ويئي هئي. جيل ۾ به هو خاموش نه ويٺو. پنهنجي چترڪاريءَ جي ڪم سان گڏ اختياريت ۽ تشدد جي خلاف احتجاج ۾ اڳرو ئي رهيو، ۽ ان جي سزا طور هن کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيڻو پيو، جتي هو زهريلن جيتن، منگهڻن، چمڙن، جونئن کان بار بار ڏنگجي بيمار ٿي پيو. اها عمر جي آخري سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هو جيل مان نڪتو ته هن کي سئٽزرلئنڊ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. ان جلاوطنيءَ ۾ هيءَ پنهنجي وقت جو عظيم چترڪار پنهنجي وقت کان اڳ ۽ تمام گهڻين دکدائڪ حالتن ۾ گذاري ويو. (1996ع).

 

شاعريءَ جو سماجي ڪارج

(ترجمو)

ٽي. ايس. ايليٽ (ٿامس اِسٽيئرنس ايليٽ) ويهين صديءَ جو عظيم انگريزي شاعر ۽ نقاد آهي. هو سن 1888ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو، ۽ پوءِ سن 1927ع ۾ برطانوي شهريت حاصل ڪيائين. ايليٽ جو نالو پهرين سن 1922ع ۾ ماڻهن جي زبان تي آيو، جڏهن هن جو شهره آفاق نظم ”دي ويسٽ لئنڊ“ شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن جا ادبي شاهڪار مسلسل شايع ٿيندا رهيا، جن هن جو نامچار گهڻيءَ تيزيءَ سان، عام طور سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڌايو. هن جي ادبي شاهڪارن ۾ هيٺيان تمام گهڻو مشهور آهن: ”ائش وينسڊي“، ”مرڊر اِن دي ڪئٿڊرل“، ”دي ڪاڪ ٽيل پارٽي“ ۽ ”ڪانفيڊينشل ڪلارڪ“. 1948ع ۾ ٽي. ايس. ايليٽ کي ادب لاءِ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو انعام، ”نوبل پرائيز“ ڏنو ويو. هن وقت مغربي دنيا ۾ هو پهريون نمبر شاعر، ۽ ادب جو نقاد تسليم ڪيو وڃي ٿو. 1964ع ۾ وفات ڪئي اٿس.

هن مضمون جو عنوان ڪجهه اهڙي قسم جو آهي، جو مختلف ماڻهو ان مان مختلف شيون مراد وٺي سگهن ٿا؛ تنهنڪري مون کي معاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن پهريائين مان هيءَ ڳالهه واضح ڪريان ته آءٌ ان مان ڪهڙي ڳالهه مراد نٿو وٺان، ۽ پوءِ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ته دراصل منهنجي ان مان ڪهڙي مراد آهي. جڏهن اسين ڪنهن شيءِ جي ’ڪارج‘ جوذڪر ڪريون ٿا، ته غالبا اسين ائين سوچيون ٿا ته ان شيءِ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، بجاءِ انجي ته هينئراها ڇا ڪري رهي آهي يا ماضيءَ ۾ ڇا ڪيو اٿس: اهو هڪ اهم فرق آهي، ڇو ته منهنجو اهو ارادو نه آهي ته ان بابت ڳالهايان ته منهنجي خيال موجب شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اُهي ماڻهو، جيڪي اسان کي ٻڌائين ٿا ته شاعريءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي- خاص ڪري جيڪڏهن اهي پاڻ شاعر آهن- سي ذهن ۾ گهڻو ڪري اها مخصوص شاعري رکندا آهن، جا هو پاڻ لکڻ چاهيندا آهن. اهو ته خير هميشه ممڪن آهي ته مستقبل ۾ شاعريءَ جو ڪم ان کان مختلف هجي، جيڪو ڪم ان جو ماضيءَ ۾ رهي چڪو آهي:  جو ائين واقعي هجي به، ته به اهو مناسب آهي ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ڪجي ته ماضيءَ ۾ ان جو ڪارج ڪهڙو رهي چڪو آهي. ٻنهي طرحن سان- هڪ دور يا ٻئي دور ۾، ڪنهن هڪ زبان يا ٻيءَ زبان ۾، پڻ عالمي طور- آءٌ ان ڳالهه بابت سولائي سان لکي سگهيس ٿي ته آءٌ پاڻ شاعريءَ وسيلي ڇا ڪندو آهيان، يا ڇا ڪرڻ چاهيندس، ۽ پوءِ اوهان کي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ته درحقيقت ماضيءَ ۾ سڀني وڏن شاعرن شاعريءَ وسيلي اهو ئي سڀڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، يا کين ائين ئي ڪرڻ کپندو هو. رڳو هُو ان مقصد ۾ ممڪن آهي ته مڪمل طرح ڪامياب نه ٿيا هجن، جنهن ۾ به وري شايد سندن ڪو ڏوهه ڪونه هجي. بهرحال، مون کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن شاعريءَ جو- ۽ منهنجي مراد سموريءَ عظيم شاعريءَ سان آهي- ماضيءَ ۾ ڪو سماجي ڪارج ڪونه هو، ته عين ممڪن آهي ته مستقبل ۾ به ان مان ڪو ڪارج سڌ ٿي نه سگهي.

جڏهن آءٌ سموريءَ عظيم شاعريءَ جو ذڪر ڪريان ٿو، ته منهنجي مرضي ان ٻئي طريقي کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ جي آهي، جنهن موجب به هونئن آءٌ هيءُ موضوع بحث هيٺ آڻي سگهيس ٿي- مثلاً، ڪو ماڻهو شاعريءَ جا مختلف قسم هڪٻئي پٺيان کڻي، ۽ ان مان هر هڪ قسم جي جدا جدا سماجي ڪارج تي واري سان بحث ڪري، حتاڪ هن عام سوال تائين پهچي ئي نه سگهي ته شاعريءَ جو بحيثيت شاعريءَ جي ڪهڙو ڪارج آهي! تنهن جو مطلب ته آءٌ شاعريءَ جي عام ۽ خاص ڪارجن ۾ امتياز ڪرڻ گهران ٿو، ته جيئن اسان کي پتو پوي ته ڪهڙيءَ ڳالهه بابت اسين سردست بحث نه ڪري رهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن شاعريءَ جو ارادتاً ۽ شعوري طور ڪو خاص سماجي مقصد هجي، ۽ شاعريءَ جي زياده اوائلي قسم ۾ اهڙو مقصد گهڻو ڪري صاف ظاهر پڻ آهي. مثلا، ڪي قديمي گيت ۽ راڳ آهن، جن مان ڪن جو عملي مقصد جادو ڪرڻ جو هوندو هو- جيئن ته بدنظر کي ٽارڻ، بيماريءَ جو علاج ڪرڻ، يا ڪنهن ديوتا کي ريجهائڻ. شاعري شروع ۾ مذهبي ڪرياڪرم ۾ ڪم ايندي هئي، ۽ هاڻي به اسين جڏهن ڪو مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن) رچيون يا ڳايون ٿا، ته شاعريءَ کي هڪ خاص سماجي ڪارج لاءِ ڪم آڻيون ٿا. رزميه ۽ داستان گوئيءَ واريءَ شاعريءَ جا اوائلي نمونا، جيڪي هلندي هلندي نيٺ هاڻي رڳو قبائلي وندر جي خاطر وڃي زنده رهيا آهن، تن اوائل ۾ اُن شي کي محفوظ رکڻ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم ڏنو هوندو، جنهن کي ”تاريخ“ تصور ڪيو ويو؛ ۽ لکيل ٻوليءَ جي استعمال کان اڳ نظر ۾ اهو هڪ باقاعده نمونو واقعي حافظي جي لاءِ انتهائي مددگار ثابت ٿيو هوندو، ۽ اوائلي ڀَٽن ۽ چارڻن، ڪهاڻين ٻڌائيندڙن ۽ عالمن جو حافظو به واقعي غضب جو هوندو. وڌيڪ سڌريل سماجن ۾، جهڙوڪ قديم يوناني سماج ۾، شاعريءَ جا اجتماعي مڃيل سماجي ڪارج پڻ صفا ظاهر آهن. يوناني ناٽڪ مذهبي تقاضائن ۽ رسمن مان اُسريو، ۽ عام ماڻهن جي منظم ۽ باقاعده اجتماعي جشنن جي حيثيت سان، جيڪي سندن روايتي مذهبي ڪرياڪرم سان وابسته هئا، قائم رهيو؛ ’پنداري‘ گيت پڻ ساڳئي قسم جي هڪ خاص سماجي موقعي جي نسبت سان، ۽ اُن جي پس منظر ۾ وٽن پيدا ٿيا ۽ وڌيا. يقيناً، شاعريءَ جي اِن قسم جي واضح ۽ مقرر استعمال شاعريءَ کي هڪ اهڙو ڍانچو ڏنو، جنهن جي وسيلي انهن مخصوص قسمن جي شاعريءَ ۾ ڪاملپڻو ۽ عروج حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو.

جديد تر شاعريءَ ۾ اُنهن منجهان ڪي نمونا اڃا به موجود آهن- جيئن ته مذهبي راڳ (مولود، مداح يا ڀڄن)، جن جو آءٌ ذڪر ڪري چڪو آهيان. ”ناصحانه ۽ اصلاحي يا اِفادي شاعريءَ“ جي اصطلاح جي معنيٰ ڪنهن حد تائين بدلجي چڪي آهي. انهن لفظن جي هڪ معنيٰ ته ’معلومات پهچائيندڙ‘ به ٿي سگهي ٿي؛ سندن مطلب خالص ’اخلاقي هدايتون ڏيندڙ‘، يا ٻي ڪا اهڙي معنيٰ به وٺي سگهجي ٿي، جنهن ۾ اهي ٻئي معنائون سمايل هجن. مثلاً، رومي شاعر ”ورجل“ (ولادت 29 – آڪٽوبر 70 ق.م.، ۽ وفات 50 ورهين جي عمر ۾) جا ”جيارجڪس“ نالي شعر تمام سهڻا شعر آهن، ۽ منجهن کيتيءَ جي باري ۾ تمام مفيد معلومات ڏنل آهي. پر اڄ اها ڳالهه ناممڪن نظر ايندي ته کيتيءَ بابت هڪ جامع ڪتاب لکجي، جو ساڳئي وقت بهترين شعر پڻ هجي: هڪ ته ان ڪري جو موضوع تمام پيچيدو ۽ سائنسي نوعيت جو ٿي ويو آهي، ۽ ٻيو ته ان کي بهتر نموني ۾ نثر ۾ ئي نباهي سگهجي ٿو. نه وري اڄ اسين ائين ڪري سگهون ٿا، جيئن رومين ڪيو هو، ته علم نجوم ۽ فلڪيات تي ويهي رسالا قلمبند ڪريون. اهڙي قسم جي نظم تي، جنهن جو واضح مقصد معلومات پهچائڻ هجي، نثر سبقت ۽ فوقيت حاصل ڪري چڪو آهي. هن قسم جي ’معلوماتي يا افادي شاعري‘ هاڻي آهستي آهستي يا ته رڳو ’اصلاحي شاعريءَ‘ تائين محدود ٿي چڪي آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ڪنهن ڳالهه بابت مصنف جي نظريي ڏانهن مائل ڪرڻ آهي. ان ڪري، منجهس هاڻي اهو ڪي پڻ شامل ٿي ويو آهي، جنهن کي ”طنز“ سڏيو وڃي ٿو- جيتوڻيڪ ’طنز‘ جي دائري ۾ خالص ’ٺٺول يا سِٺ‘ يا ’مزاح‘ پڻ اچي وڃن ٿا، جن جو مقصد بنيادي طور صرف کل ڀوڳ ۽ خوشدلي پيدا ڪرڻ آهي. ”ڊرائيڊن“ جا ڪي نظم، سترهين صديءَ ۾، ان معنيٰ ۾ ’طنز‘ شمار ٿين ٿا، جو انهن جو مقصد انهن شين تي ٺٺول ۽ چٿر ڪرڻ آهي، جن جي خلاف اُهي لکيا ويا، ۽ ساڳئي وقت اُهي ’اصلاحي شاعريءَ‘ ۾ به شامل آهن، جو انهن جو هڪ مقصد پڙهندڙ کي هڪ خاص سياسي نظريي ۽ مذهبي نقطه نگاهه ڏانهن مائل ڪرڻ آهي؛ ۽ ان ڳالهه جي حاصلات واسطي انهن نظمن ۾ حقيقت کي افساني جي وسيلي بيان ڪرڻ وارن تمثيلي نمونن کان پڻ ڪم ورتو ويو آهي. ان قسم جي نظمن ۾، هن جو نظم ”دي هائينڊ ائنڊ پئنٿر“ (هرڻي ۽ چيتو) تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جو مقصد پڙهندڙ کي ان ڳالهه ڏانهن مائل ڪرڻ آهي ته انگلنڊ جي ڪليسا جي مقابلي ۾ روم جي ڪليسا حق تي هئي. ساڳيءَ طرح، اوڻيهين صديءَ ۾، ”شيليءَ“ جي شاعريءَ جو گهڻو حصو سماجي ۽ سياسي سڌارن آڻڻ جي ولولي کان متاثر آهي.

جيستائين ناٽڪ واري رنگ جي يا ’ڊرامائي‘ شاعريءَ جو تعلق آهي، هينئر ان جو سماجي ڪارج به ان قسم جو آهي، جو خود ان سان مخصوص آهي: ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي شاعري اهڙي لکي وڃي ٿي، جا اڪيلائيءَ ۾ پڙهجي يا هڪ ننڍي حلقي ۾ وڏي آواز سان پڙهجي؛ ۽ ’ڊرامائي شاعري‘ ئي اُها واحد شاعري آهي، جنهن جو اهو هڪ ڪارج آهي ته ماڻهن جي هڪ هجوم تي، جو اسٽيج تي هڪ خيالي حقيقت ڏسڻ لاءِ جمع ٿيو آهي، فوراً ۽ اجتماعي اثر پيدا ڪري. ’ڊرامائي شاعري‘ ٻئي هر قسم جي شاعريءَ کان مختلف آهي. جيئن ته ان جا خاص قاعدا قانون، ڊراما يا ناٽڪ جي قاعدن قانون سان هم آهنگ آهن، جنهنڪري ان جو ڪارج سرسري طور ناٽڪ جي مخصوص ڪارج ۾ ئي سمايل آهي: ۽ ظاهر آهي ته هتي ناٽڪ يا ڊراما جو سماجي ڪارج منهنجي موضوع سان واسطو نٿو رکي.

جيستائين فلسفيانه شاعريءَ جي خاص ڪارج جو تعلق آهي، ته ان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي ڇنڊڇاڻ ۽ تاريخي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. مان سمجهان ٿو ته مان اڳي ئي شاعريءَ جا ڪافي قسم اهو واضح ڪرڻ لاءِ ڄاڻائي چڪو آهيان ته منجهانئن هر هڪ جو خاص ڪارج ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ شي جي ڪارج سان لاڳاپيل آهي- ’ڊرامائي شاعريءَ‘ جو ڊراما يا ناٽڪ سان، ’معلومات پهچائيندڙ افادي شاعريءَ‘ جو ان جي نفس مضمون جي ڪارج سان، فلسفي يا مذهب يا سياست يا اخلاقيات جي ’اصلاحي شاعريءَ‘ جو انهن موضوعن جي ڪارجن سان. تنهنڪري، ائين ٿي سگهي ٿو ته اسين انهن منجهان ڪنهن به خاص قسم جي شاعريءَ جي ڪارج تي غور ڪريون؛ پر خود ’شاعريءَ‘ جي ڪارج جو سوال پوءِ به ائين جو ائين رهجي ٿو وڃي، ڇو ته اهي سڀ مٿي ذڪر ڪيل شيون نثر ۾ به نباهي سگهجن ٿيون.

پر، اڳتي وڌڻ کان اڳ، آءٌ هڪڙي اِعتراض کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، جو هتي ڪري سگهجي ٿو. بعضي ماڻهو شاعريءَ جي اهڙي قسم کي، جنهن کي ڪو خاص مقصد سامهون آهي، شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن. مثلاً، اهڙي شاعري، جنهن ۾ شاعر ڪن خاص سماجي، اخلاقي، سياسي يا مذهبي خيالن جي تبليغ يا وڪالت ڪندو هجي. ان صورت ۾، ماڻهو جيڪڏهن اهي خيال پسند نه ڪندا آهن، ته فوراً ائين چوندا آهن اها شاعري شاعري ئي نه آهي. بلڪل ائين ئي، جيئن ڪي ماڻهو وري ڪنهن خاص شاعريءَ کي سچي پچي شاعري سمجهندا آهن، محض ان لاءِ ته اُن ۾ جن ڳالهين جي اپٽار ڪيل آهي، تن سان هنن جو اتفاق راءِ هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو سوال اهميت نٿو رکي ته شاعر ڪنهن مخصوص سماجي لاڙي جي خلاف آهي يا فائدي ۾. ٿي سگهي ٿو ته ڪا خراب شعر گوئي عام مقبول ٿي وڃي، ڇو ته ان ۾ اُن وقت جي عام لاڙي سان مطابقت هجي؛ پر سچي پچي شاعري نه رڳو ڪنهن خاص مقبول عام لاڙي جي بدلجڻ کان پوءِ به باقي رهندي آهي، پر خود انهن مسئلن ۾ عام دلچسپيءَ جي مڪمل طور ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندي آهي، جن سان خود شاعر جي پنهنجي جذباتي وابستگي هئي. رومي شاعر ”ليوڪريشس“ جو نظم اڄ به هڪ عظيم نظم آهي، توڙي جو علم نجوم ۽ طبعيات بابت هن جي نظرين جي هاڻي ڪابه اهميت نه رهي آهي. اهڙيءَ طرح ”ڊرائيڊن“ جو نظم، توڙي جو سترهينءَ صديءَ جي سياسي ۽ مذهبي جهڳڙن سان هاڻي اسان جو ڪوبه واسطو وجهه ڪونهي، ماضيءَ جي هڪ شاندار نظم جي حيثيت ۾ اڄ به اسان کي لطف ڏيئي سگهي ٿو- حالانڪ ان جو موضوع اهڙو آهي، جو اڄ ان کي نثر ۾ ئي بهتر نموني نباهي سگهجي ٿو.

هاڻي، جيڪڏهن اسان کي شاعريءَ جو لازمي سماجي ڪارج ڳولڻو آهي، ته پهريائين ته اسان کي ان جي انهن ظاهر ظهور ڪارجن ڏانهن- بشرطيڪ ان کي ڪي ڪارج پورا ڪرڻا آهن- ڏسڻ گهرجي، جيڪي ان کي واقعي پورا ڪرڻا آهن. انهن منجهان پهريون، منهنجي خيال ۾، جنهن بابت اسان کي خاطري ٿي سگهي ٿي، سو هيءُ آهي ته شاعريءَ کي لطف يا ورونهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهين پڇندا ته ڪهڙي قسم جو لطف يا ورونهن؟ ته آءٌ چوندس ته اهڙي قسم جو، جيڪو شاعري ڏيندي آهي! ڇو ته ان کان وڌيڪ صاف يا مفصل ٻيو ڪوبه جواب اسان کي جماليات جي وسيع ۽ ڏورانهين دائري ۾ ۽ فن جي اصلي ماهيت جي سوال ڏانهن کڻي ويندو.

آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڳالهه پڻ مڃي ويندي ته هر سٺي شاعر کي، پوءِ هو ڪو وڏو شاعر هجي يا نه، لطف سان گڏ پنهنجن پڙهندڙن کي ٻيو ڪجهه به ڏيڻو آهي؛ ڇو ته جي هو خالي ۽ محض لطف ڏيندو، ته اهو لطف بذات خود به ڪنهن ڪمال درجي جو نٿو ٿي سگهي. اهڙن خاص مقصدن کان علاوه، جن جا مثال آءٌ شاعريءَ جي مختلف نمونن جي بحث ۾ اڳي ئي ڄاڻائي چڪو آهيان، شاعريءَ ۾ هيمشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي، يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئينءَ ادراڪ يا ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو؛ يا وري ان ۾ ڪنهن اهڙيءَ شي جو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جي اسان کي ڄاڻ ته آهي پر ان جي بيان ڪرڻ لاءِ اسان وٽ لفظ نه آهن، ۽ اهو اظهار اسان جي ڄاڻ کي وڌائي ٿو ۽ اُن کي سڌاري ۽ سنواري ٿو. ليڪن، منهنجي هن مضمون جو تعلق نه ته شاعريءَ جي هن انفرادي فائدي سان آهي، ۽ نه وري ڪنهن انفرادي لطف ۽ ورونهن جي نوعيت سان. آءٌ سمجهان ٿو ته اسين سڀ اُن ورونهن ۽ ان لطف مان واقف آهيون، جيڪو اسان کي شاعريءَ مان ملي ٿو؛ ۽ تنهن سان گڏ، ۽ ان کان اڳتي وڌي ڪري، اسين اُن فرق کي به محسوس ڪريون ٿا، جو شاعري اسان جي خود زندگيءَ ۾ پيدا ڪري ٿي: انهن ٻن اثرن پيدا ڪرڻ کان سواءِ شاعري شاعري نه آهي. هيءُ سڀڪجهه قبوليندي به، عين ممڪن آهي ته شاعري اسان کي اسان جي اجتماعي حيثيت ۾-- يعني سڄي سماج کي—جو ڪجهه ڏئي ٿي، تنهن کي نظرانداز ڪري ويهون؛ ۽ جڏهن آءٌ اها ڳالهه چوان ٿو، تڏهن ان جو سارو وسيع مفهوم منهنجي خيال ۾ آهي، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هيءَ هڪ اهم چيز آهي ته هر قوم کي پنهنجي شاعري هئڻ گهرجي—نه رڳو انهن ماڻهن واسطي، جيڪي شاعريءَ مان لطف حاصل ڪن ٿا (اهڙا ماڻهو ته هر وقت ڌاريون ٻوليون به سکي سگهن ٿا، ۽ انهن جي شاعريءَ مان لطف به حاصل ڪري سگهن ٿا)—پر ان ڪري، جو اها ڳالهه سڄي سماج لاءِ وڏي فرق ۽ امتياز جو باعث آهي: يعني انهن ماڻهن ۾ آءٌ اهي ماڻهو به شامل ڪريان ٿو، جن کي پنهنجن قومي شاعرن جا رڳو نالا به ياد نه هجن. هن مضمون جو بس اهوئي اصل موضوع آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org