سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :14

 

[”مهراڻ: 2،1- 1957ع]

(1)

- پريه ايڊيٽر صاحب، ”مهراڻ“ بابت مان ڇا لکان، سو منهنجي سمجهه ۾ ڪونه اچي رهيو آهي. اسان کي اوهان جي ”مهراڻ“ لاءِ ڪيترو ۽ ڪهڙو انتظار ڪرڻو ٿو پوي، سو جيترو لکجي اوترو ٿورو آهي. چوڻي آهي، ”دير پيا، درست ٿيا“- تيئن ”مهراڻ“ جي انتظار جو ڦل اسان کي تمام سٺو ۽ جهجهي انداز ۾ حاصل ٿيندو آهي. پنهنجو سڀ ڪجهه ڀُلائي ”مهراڻ“ کي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون. هفتي ٻن لاءِ ان کي ڪنهن به ٻئي پستڪ جي گهرج ڪانه پوندي آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو توهين ”مهراڻ“ مهيني سر مهيني ڪڍندا رهو! ”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ ٽي مهينا ترسي رهڻ هڪ وڏو عرصو آهي، ۽ ايترو انتظار ساهتيه پريمين لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.

ڪنهيوٽي. کٽر، راجڪوٽ (ڀارت)

 

(2)

- ڀائو، شال سلامت هجو! ”مهراڻ“ ٽن مهينن جي طويل انتظار بعد موصول ٿيو. هن پرچي (4/1956ع) جي هر چيز پنهنجيءَ جاءِ تي نهايت خوب آهي: افسانا، نظم، مضمون- هرچيز پنهنجو جواب پاڻ آهي. افساني سان گهڻي دلچسپي اٿم، تنهنڪري ان تي پنهنجي ناقص راءِ لکان ٿي. هن دفعي جا خاص ڳالهه افسانن جي حصي ۾ آهي، اها هيءَ ته سڀ افسانا مختصر آهن. ”مهراڻ“ جي پهرين پرچن ۾ زياده تر طويل افسانا پيش ڪيا ويا آهن- ايتريقدر جو پڙهي پڙهي طبيعت ’بور‘ ٿيو پوي. اميد ته آئيندي به اهڙائي معياري ۽ مختصر افسانا پيش ڪندا رهندا.

هن دفعي سڀ کان سٺو افسانو رشيد آخوند جو افسانو ”ڍونگ“ آهي. پڙهندي وقت ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ته سڀڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. حالانڪ اهو پلاٽ هينئر ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي، پر افساني نگار ان ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. افساني جي ٻولي به وڻندڙ ۽ صاف آهي. هڪ هڪ لفظ ۾ سماج جي خلاف بغاوت آهي، ۽ تاثير اهڙو آهي، جو بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. ”ها امان تون سچي آهين- هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ. اچڻ سان مڙس کي ماريائين. جي ٿورا سال ٻيا هن پاڙيءَ ۾ رهي، ته الائجي ڪهڙو قهر ڪندي!“ ڪيترو نه درد آهي انهن جملن ۾! مختصر ته رشيد آخوند جو هي افسانو ظالم سماج جي ڳل تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي. ڪاش! اهي هن چماٽ کي محسوس ڪري سگهن!

”ڪڏهن بهار ايندو“ سٺو افسانو ته ضرور آهي، پر دل کي پاڻ ڏانهن مائل خاص طور سان نه ڪري سگهيو: خبر نه آهي، هي افسانو دل تي ايڏو اثر ڇو نه ڪري سگهيو!

”هو ديوتا آهي“- ڪمل پياسيءَ جي لکڻيءَ کان ته مان اوئين ئي گهڻو متاثر آهيان، پر سندس هي افسانو پڙهي مان کيس ادب جي بلندين تي تصور ڪريان ٿي. ڪنهن کي سمجهڻ ڪا سٿري ڳالهه نه آهي: مگر ڪمل ڀاءُ ته عورت ۽ مرد ٻنهي جي فطرت کي عيان ڪري ڇڏيو آهي: عورت ۽ مرد جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو اٿس. اگر مرد کي (ديوتا) بنايو اٿس، ته شايد عورت کي ’ديوي‘! پڙهندي سمي ائين ئي لڳو ته پرستان جو سير ڪري رهي آهيان! سندس جملا ڪهڙا نه وڻندڙ آهن- هڪ هڪ اکر ۾ ڄڻ ته هيرا پوتا ويا آهن1 سڄو افسانو ڄڻ ته املهه ماڻڪن جو هار آهي. مون کي ته هي افسانو ڏاڍو وڻيو.

غلام ربانيءَ جو افسانو پڙهيم- ”الا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي!“ افساني جو عنوان پڙهڻ شرط ساري افساني مان واقف ٿي وِيس- ڄڻ مون کي اڳي ئي خبر هئي ته ان ۾ ڇا هوندو- ۽ سچ پچ اُهوئي هو، جيڪو منهنجي ذهن ۾ اهو عنوان پڙهي آيو هو. افسانو پنهنجيءَ جاءِ تي تمام ٺيڪ آهي، مگر هڪ ڳالهه عرض ڪنديس: جنهن ساده لوحيءَ جو مظاهرو رباني صاحب پنهنجي افساني ۾ ڪيو آهي، ان جو حقيقت ۾ هن دور سان ڪوبه واسطو نظر نٿو اچي. اها ساده لوحي ته گهڻو اڳ جي آهي. هن دور ۾ ڪم از ڪم مان ته نٿي سمجهي سگهان ته ڪو ائين ٿيندو به هوندو! ڇاڪاڻ ته ٿوريءَ ڳالهه تي به ڳوٺن وارا ممڻ ايڏو ٿا مچائين، جنهن جي ڪا انتها ڪانه آهي- خون به ٿي پوندا آهن. توهان ائين نه سمجهيو ته منهنجي دل ۾ ڳوٺاڻن لاءِ محبت نه آهي- منهنجي دل ۾ پنهنجن ڳوٺاڻن ڀائرن لاءِ محبت جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي: مگر منهنجو مطلب آهي ته اهو ڪي لکجي، جو اڄ اسان سڀني جي اکين آڏو هجي. هونئن افسانو تمام سٺو آهي: حقيقت کان ڪي قدر ويجهو، ۽ گهڻي قدر پري!

”تاري اُجهام گئي“ سرائڪيءَ جو افسانو آهي- منهنجي سمجهه کان ته پري آهي.

”ساڍا ٽي آنا“ منٽو جي اڙدو افساني جو ترجمو آهي. اُڙدو ادب ۾ مان منٽوءَ کي مصور ڪري ڪوٺيندي آهيان. هو پنهنجي افسانن ۾ اسان جي، عوام جي، ملڪ جي مالڪن جي- غرض ته ساري معاشري جي مصوري ڪري ٿو: هو پنهنجي طرفان ڪجهه نٿو لکي، بلڪ جو ڪجهه ڏسي ٿو ان جو فوٽو ڪڍي اسان جي سامهون رکي ٿو، ۽ پڙهندڙ فوٽو ڏسي پاڻ ئي فيصلو ڪري ٿو ته فوٽو ڪيئن آهي. سعادت حسنن منٽو اڄ هن دنيا ۾ موجود نه آهي، مگر سندس ڪامياب لکيتون اڄ به اسان کان داد گهرن ٿيون. علي بخش ميمڻ به قابل مبارڪباد آهي، جنهن افساني جي زينت نه وڃائي، بلڪ ان کي تمام سٺيءَ طرح پيش ڪيو. ”ساڍا ٽي آنا“ منٽوءَ جو ڪامياب افسانو، ۽ علي بخش ميمڻ جو سٺو ترجمو آهي.

”لاهي چاڙهي“، ڀيڻ ثميره زرين جو ترجمو ڪيل، پڙهيم. خوب، - مگر جيئن ته اڳ ڪيترا دفعا پڙهيل آهي، ان ڪري خاص سٺو نه لڳو.

”هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه“ ۾ هن دفعي علي بخشُ سراج کان گوءِ کڻي ويو: ”تون به ...“ کان هن دفعي ”سوڙ“ وڌيڪ سٺو هو. سراج جو پنهنجو افسانو ڪيترن ڏينهن کان ”مهراڻ“ ۾ نه آيو آهي. خبر نه آهي ڇو، هو گهڻو ڪري ترجمي کي پنهنجيءَ تحرير تي ترجيح ڏئي ٿو.

نظم جو حصو به پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي، مضامين به معلومات سان پُر آهن: غرض ته هن دفعي جو پرچو اڳي کان اڳرو آهي.

توهان جي ڀيڻ، رشيده ”حجاب“، شهدادپور، سنڌ.

 

(3)

- ڀاءُ ايڊيٽر، السلام عليڪم، ”مهراڻ“  جي ٻئي سال جو آخري پرچو هٿن ۾ آهي. ”گذارش“ مان معلوم ٿيو ته هن کان پوءِ ”مهراڻ“ جا نوان ايڊيٽر جناب ڊاڪٽر دائودپوٽو ۽ جناب سيد حسام الدين راشدي ٿيندا. ٻئي صاحب پنهنجي سر وڏا اديب ۽ پارکو آهن: اُميد ته هو ”مهراڻ“ جي معيار کي اڃا به اعليٰ بنائيندا، ۽ سنڌي عوام جي پوري پوري ترجماني ڪندا. مهراڻ جي اڳئين ايڊيٽر، جويي صاحب، پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ”مهراڻ“ کي جنهن نموني اوج تي پهچايو ۽ عوام جي پوري پوري رهنمائي ڪئي، سا ته سدائين ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي.

ادا، نظم ۾ گوورڌن محبوباڻيءَ جو نظم ”سرمائيداري“ گهڻو پسند پيم. گوورڌن ته آهي ئي عوام جو شعار – چوي ڇا ٿو:

”دم ڄاڻ گهُٽيو تنهنجو ظالم! ٿي ويندي تنهنجي نبض ڍري،

مسڪينن ۽ مزدورن جي قدمن ۾ پوندا محل ڪري!“

”نياز“ همايونيءَ جي نظم ”پڙلاءُ“ لاءِ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ”تنوير“ به ”اچو ته ڳايون“ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي- ڏاڍو جوش اٿس!

”بيدم“ جو ”سوال“ به سوچ ٿو گهُري-

”سندءِ دنيا جي رونق ڪوڙ، ڪچ ۽ بيوفائي ٿي،

ته مون کي ڇو بنايئي باوفا، همدرد ۽ همدم؟

۽ ڇو تنهنجن ئي ويرين کي ڪيو تو ملڪ جو حاڪم،

دغابازن سان جي ڀرپور هيءَ تنهنجي خدائي ٿي؟“

”بشير“ جو ”سئيز“ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جا شاعر هاڻي بين الاقوامي مسئلن کان به متاثر ٿيڻ لڳا آهن- ائين هئڻ به کپي. سُڳن آهوجا جو ”لڙڪ هڪ، جو تنهنجي ڳل تي مون ڏٺو“ ۽ ”رشيد“ لاشاريءَ جو ”مجبوريءَ جو نتيجو“ به سٺا نظم آهن. آزاد نظم ۾ شمشيرالحيدريءَ جا ”مشورا“ دل سان لڳي آيا. اميد ته هو آئيندي به اهڙا مشورا ڏيندو رهندو. رباعيون سڀ سٺيون آهن. ادب لطيف ۾ ”آواره“ جو ”سوال“ به معقول آهي. مجموعي طرح، نظم جو حصو معياري ۽ وزنائتو آهي.

افسانا سڀ، ’فسڪلاس‘ آهن. رشيد آخوند جو ”ڍونگ“ سماجي غربت جو اثرائتو نقش آهي. واقعي ڪي پاڙيسري اهڙائي آهن، جو پاڙي ۾ ڪنهن سان همدردي ڪرڻ ته بجاءِ خود، اٽلو انهن جي زخمن تي لوڻ پيا ٻُرڪيندا- ٻئي جي جيئڻ ۾ به ارها! جمالي جي ماءُ ٿي بيماريءَ سببان کنگهي، ته پاڙي واري مائي ٿي چويس: ”اي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بس ڪر!“ ڀلا، آسودن کي ڪهڙي خبر ته غريبن تي ڇا ٿي گذري: اهي واقعي بيمار آهن، يا ’تال تيتال‘ ٿا ڪن پاڙا نبين کي پرتا آهن! پاڙي جو ننگ وڏو آهي- هڪٻئي جي همدردي ته ڪرڻ ئي کپي!

ربانيءَ جي افساني ”آلا جهري م شال غريبن جي جهوپڙي“ کي افسانو نه، بلڪ شاهڪار ئي چئجي. ڪهڙي نه گندي ذهنيت آهي اسان جي اڳواڻن جي: ڪنهن دل واري کڻي ڪڏهين عوام جي فائدي ۾ ڳالهائي وڌو، ته بيهي مٿس چٿرون ڪندا- ”ماٺ ڪري ويهه…! وڏو آيو آهي جهنگلين ۽ جاهلن جو همدرد…!“ رب پاڪ ڪا ساڃهه ڏئين، غريبن جو رت ئي پي ويا آهن1 جهڙو تهڙو اَجهو ته هرڪو لهڻي، سو جهوپڙيون به جهوريو رکن-

”بلڊوزر کي اشارو ٿيو، بلڊوزر جي مشين ۾ چرپر ٿي. سندس فولادي ڦيٿا ڦرڻ لڳا. جهوپڙيون ڏڪڻ لڳيون، ٻڍا ۽ ٻار هيسجي ويا. عورتن اوڇنگارون ڏنيون، ٻارن سڏڪا ڀريا. بلڊوزر اڳتي وڌيو- اڃا به اڳتي وڌيو … ۽ پوءِ هڪ ڏڪندڙ جهوپڙيءَ سان ٽڪريو … کڙکڙ ڪندي، جهوپڙي اچي پٽ تي پيئي: انسان جو آباد آکيرو مٽيءَ ۽ پٿرن جو ڍير ٿي پيو!

”بلڊوزر اڳتي وڌندو رهيو، جهوپڙيون ڪرنديون رهيون… ۽ آخر بلڊوزر اچي آخرين جاءِ وٽ پهتو… ان جي فولادي ڦيٿن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا- اڳيان مسجد هئي! ڪنهن جاهل جي جهوپڙي ڪانه هئي؛ ڪنهن جهنگليءَ جو آکيرو ڪونه هو، جنهن ۾ مائن جي مرڪ ۽ معصومن جا ٽهڪ هجن- اڳيان هڪ خالي جاءِ هئي، … پر بلڊوزر جا پير اڳتي وڌي ڪونه سگهيا ……!“

هڪ انسان جي دردمند دل جي پڪار آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تن من ۾ طوفان اچيو وڃي،… مون کي ته اهو افسانو ڏاڍو پسند آيو. باقي افسانا به معياري آهن. سنڌيءَ ۾ اسان جي افساني نگارن جون ههڙيون لکيتون، هن فن کي گهڻو اڳتي وٺي ويون آهن.

دعا آهي ته ”مهراڻ“ جيئن پوءِ تيئن ترقيءَ جي راهه تي قدم کڻندو رهي!

- محمد دائود، بلوچ

 

(4)

- جناب اعليٰ، ”مهراڻ“ جا ٻه مبارڪ سال پورا ٿيا، ۽ ٽئين سال جي نئين پرچي ڏسڻ لاءِ اکيون ائين سِڪن ٿيون، جيئن عيد جي چنڊ لاءِ. ”مهراڻ“ اسان لاءِ نئين ۽ اُجهلي روشني آندي آهي، جنهن کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ چمڪي پيئي آهي.

دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب پنهنجي ماحول ۽ اتهاس جي حالتن پٽاندر بدلجي ٿو، سو، سنڌي ادب ۾ به ٻه بنيادي انقلاب آيا آهن- پهريون انقلاب ٻي عالمگير لڙائيءَ بعد آيو. ۽ انقلاب به اهڙو آيو جو ڳالهيون ئي بدلجي ويون ۽ ڳالهين جي چوڻ ۽ ٻڌائڻ جو ڍنگ ۽ نمونو به بدلجي ويو: ٻيو انقلاب ورهاڱي بعد آيو، ۽ اهڙو آيو جو گذريل پراڻا موضوع ۽ مواد صفا بيڪار ٿي ويا؛ ادبي دنيا ۾ داخلي ۽ خارجي تبديليون اچي ويون؛ ادبي تخليق جو رنگ ڍنگ، موضوع ۽ مواد، عنوان ۽ وشي، سڀئي بدلجي ويا. درحقيقت ان تبديليءَ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ ادب جي اوسر ٿي، ۽ سنڌي زبان بلندين کي ڇهڻ لاءِ ڳاٽ ڀرڻ لڳي. پوئين تقسيم واري انقلاب جو رهبر ۽ رهنما ”مهراڻ“ ئي آهي: کڻي ائين چئجي ته ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪيل ادب، اُن انقلاب جي ڪاميابيءَ جي سچي تصوير آهي.

”مهراڻ“ جي ادب متعلق ڪجهه چوڻ ائين ٿيندو، جيئن هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ڏيکارڻ: موجوده معيار ۽ مقبوليت ئي ”مهراڻ“ ۽ ان جي اصلي مقصد جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. ”مهراڻ“ کي رنگ روپ ڏيڻ، سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ تقريباً سڀني ڪهنه مشقن هٿ هلايو آهي. ان ڏس ۾ نون لکندڙن به ڪين گهٽايو آهي. هند توڙي سنڌ جي سڀني شاعرن ۽ افساني نگارن، مفڪرن ۽ عالمن، مؤلفن ۽ مترجمن، مؤرخن ۽ محققن، ٿورو ڪي گهڻو، مڙيئي بهرو پئي ورتو آهي. مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان به شعر و ادب جون سڀئي صنفون پيش ڪيون ويون آهن. نيون طرزون ۽ نيون تحريرون به لکيون ويون آهن. نوان تجربا ۽ دنيا جي ٻولين جا ڪتاب ترجما به ڪيا ويا آهن. البت، ٻارن ۽ عورتن جي ادب ڏانهن سو خيال گهٽ ڏنو ويو آهي. ماهنامو ”گلستان“ (حيدرآباد) ٻارن جو رسالو آهي، ته به ٻارن جي ڪم جي شيءِ ان ۾ گهٽ آهي: فقط ٻارن جي تفريح جو خيال رکيو وڃي ٿو، ۽ ٻارن جي عام معلومات، مختلف نفسياتي ۽ ذهني واڌاري جهڙن اهم مسئلن ۽ ٻين ڪيترن ئي پهلوئن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ’عورت‘ ته ڄڻ آهي ئي ڪانه. ”مارئي“ جي شايع ٿيڻ بعد البت اميد جو ترورو نظر اچي ٿو. مگر، ”مارئي“ جي اداري کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه هو پيش ڪن، سو نهايت سوچ ۽ سنجيدگيءَ سان. ”مارئيءَ“ جو مقصد فقط اهو ناهي ته سنڌي عورت کي آزادي ڏياري ۽ ان جي همت افزائي ڪري؛ پر سچو مقصد تڏهن پورو ٿيندو، جڏهن ”مارئي“ جي معرفت هر گهر جنت بڻجي وڃي: جنهن گهر ۾ ”مارئي“ هجي، ان ۾ ”عائشه“ ۽ ”فاطمہ“ جي گهرن جهڙي راحت به هجي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ”مهراڻ“ ۾ به عورتن ۽ ٻارن بابت ضروري مسئلن کي ڪنهن حد تائين جڳهه ڏني وڃي!

اوهان ڪنهن گذريل پرچي ۾ موجوده تنقيدي رويي تي اعتراض ورتو آهي. اوهان جيڪي فرمايو آهي، سو بجا آهي. ”مهراڻ“ ۽ ان جي قلمڪارن متعلق ڪيترا مضمون منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن ۾ تنقيد گهٽ ۽ تعصب ۽ ساڙ زياده هو. اها حقيقت آهي ته اسان جو تنقيدي سرمايو، نه هئڻ جي برابر آهي. ادبي دنيا جي ان خال کي ڀرڻ لاءِ گهڻا ئي سستي شهرت جا طلبگار نقاد ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسان وٽ اڃا تنقيدي ادب جون صحيح راهون واضح ۽ متعين ناهن، تنهنڪري نوان تنقيدنگار، موقعي کي غنيمت ڄاڻي، غلط فائدو وٺن ٿا. ڪي ته مورڳو مذهب ۽ دين جا نعرا هڻي، پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ ظاهر ڪرڻ جي خوش فهمين ۾ مبتلا آهن. اهي صاحب جڏهن به ڪجهه لکن ٿا ته پاڻ تي اهڙو جلال ۽ مذهبي سوڳ ٿا طاري رکن، جو پنهنجي آپي کان نڪري، گارين تائين به پهچيو وڃن- بنا دير کڻي فتوا ڏيندا ته فلاڻو شاعر يا ادب ’ماديت‘ ڏانهن مائل آهي! ڪنهن تي اسلام دشمنيءَ جي تهمت، ڪنهن تي دهريت جي پرچار جو الزام. هرڪو سمجهدار انهن صاحبن جي مضمونن مان سمجهي سگهي ٿو ته ويچارن جو تنقيدي شعور ۽ فڪر تمام محدود آهي. جديد علم و ادب ۽ ان جي موجوده مسئلن ۽ مزاج، هئيت ۽ فضا. مواد ۽ اسلوب بيان جي کين ڪيتري سڌ ۽ مطالعو آهي، سو هو پاڻ به ٿا ڄاڻن: چند فرسوده لفظن جو ميڙ ٺاهي، انهن کي اجايو سجايو استعمال ڪري، ادبي دنيا ۾ پنهنجو رعب رکڻ ٿا چاهين! تعجب وري اهو آهي ته ڪيترائي اخباري ايڊيٽر به، هنن صاحبن جي منتر کان متاثر ٿي، انڌڌنڌ ۾ پيا هنن سان ها ۾ ها ملائين!

انهن صاحبن جو اهو حڪم ته ”اسان جي چوڻ مطابق لکو!“ سو ته ادب مان ايجاد ۽ افاديت کي يڪسر ختم ڪري ڇڏيندو. فنڪار کان سندس طبعي ميلان کسڻ هڪ بي انصافي آهي!

خلوصڪار، مينڌري ع. سعادتي

 

(5)

- ايڊيٽر ڀاءُ، ڳچ ڏينهن ٿيا جو مون کي هڪ ويجهي عزيز ”مهراڻ“ جا سڄا سارا ٻه پرچا کڻي ڏنا- چيائين، ”هي پڙهي ڏسجان“. اڙدوءَ جا ڪتابڙا ۽ رسالا ته مون به کوڙ پڙهيا آهن، سو هٻڪ بنهه نه ٿيم، پرچا وٺي هٿ ڪيم. سچ ته ان ڏينهن سڪول کان اچي جيئن ”مهراڻ“ کوليم، تيئن وڃي ڇيڙو ڪيومانس. اوهين چوندا ته پوءِ پَڪ هن مائيءَ ”مهراڻ“ کي اصل سمجهيو ئي ڪونه هوندو! ٿي سگهي ٿو ته اوهين هڪ ڇوڪريءَ کي ايترو سمجهُو به خيال نه ڪندا هجو ته ڪو هوءَ اوهان جا مضمون ۽ ڪهاڻيون رڳو سمجهي به سگهي ته آخر لکڻ واري ڇا لکيو آهي. پر ، ان وقت ئي مون کي بنهه اچي اهو خيال ٿيو ته ڇو نه آءٌ به اوهان کي ههڙيءَ عمديءَ مخزن ڪڍڻ تي مبارڪ جو خط لکان. اهو ته رڳو خيال آيو، پر جڏهن پنهنجي ان عزيز سان اهو ذڪر چوريم، ته کِلي ويٺو! چي، ’مهراڻ‘ کي مبارڪ، ۽ سا به سکڻي! گهٽ ۾ گهٽ ٻيو جي نه، ته به جيڪي منجهس پڙهيو اٿئي، ان بابت ڪا راءِ ئي کڻي موڪل!“

ڀاءُ، منهنجو ته مبارڪ موڪلڻ وارو خيال به ويو ختم ٿي- دل ۾ چيم، ’ههڙن ماڻهن کي، جيڪي هيڏا قابل آهن ۽ ايڏو سارو پرچو پيا ڪڍن، تن کي منهنجي راءِ جي به ڪا درڪار ڪيئن ٿي پئجي سگهي!‘ انڪري مرڳوئي سڀ ڳالهيون کڻي دل ۾ رکيم- ۽ اهو ڪاغذ جنهن تي ٻه چار ڳالهيون درج ڪيون هيم، سو به اتي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيم. پوءِ وري پنهنجي هڪ سهيلي مليم، - ان سان جا ڳالهه ڪيم، تنهن مون کي ڄڻ سڄي ڳالهه سمجهائي ڇڏي. سچ ته اسان عورتن کي مرد اصل بيوقوف بنائڻ جو ڪو ٺيڪو کنيو ويٺا آهن. سهيليءَ ٻڌايم ته ”مهراڻ“ ۾ انهيءَ پنهنجي عزيز جو هيستائين هڪ حرف به ڪونه ڇپيو اٿن،- سو تنهنجو لکيل ڪو هڪڙو لفظ به ’مهراڻ‘ ۾ ڇپجي ويو ته پوءِ سندس هوشياري ته ٿي پوندي پڌري- ان ڪري پيو تو کي روڪي ۽ ٽوڪي!“ اهو ٻڌي، مون کي به سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. پر ان ۾ ڇا آهي؟ ٿي سگهي ٿو، منهنجا هي لفظ به ڪٿي پهچي وڃن رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾! ڪجهه به ٿئي- ڀل ته اوهين منهنجي خط کي پڙهو به نه- پر هڪ دفعي ”مهراڻ“ بابت هي خط اوهان جي دفتر ۾ ضرور پهچائڻو اٿم.

ڊپ کان دريون دروازا بند ڪري، پوءِ هيءُ خط لکڻ ويٺي آهيان- متان سچ پچ وري به ڪو اچي روڪيم، يا وري منهنجي هنن آڏن اُبتن ويچارن کي ويتر منجهائي، ڌيان ڦيرائي ڇڏي.

”مهراڻ“ جو هڪڙو ’سرءُ نمبر‘ هٿن ۾ اٿم ۽ ٻيو سال 1956ع جو آخري نمبر اڳيان رکيو آهي. جڏهن سرءُ جي اها ڪيفيت آهي جو دل ۾ سمائجي ٿو وڃي، ته سندس بهار ته خبر نه آهي ڪيترن کي گهائي وڌو هوندو! ايڏي ساري محنت اوهان کان ڪيئن ٿي پڄي! گهڻا ڄڻا آهيو، ڀاءَ؟ ان ڪم جو بار، منهنجي ته دل ائين ٿي چيو ته سڀني سنڌين تي سَرکو آهي. ڀانيان ٿي، ضرور هن راهه تي اوهين اڪيلا بنهه ڪين آهيو: هيترا سارا ليکڪ، شاعر، علم جا خيرخواه ۽ عام جا گهڻگهرا ته واري سان پيا ”مهراڻ“ جي موج ۾ سوايو اضافو ڪن،- تڏهن به ايڏي ساري ڪم کي هڪ هنڌ اهڙي نموني سان سينگاري سنواري جابجا بيهارڻ ۽ پيش ڪرڻ جي هن عظيم جوابداريءَ ۾ اوهان به ڪو مثال قائم ڪيو آهي! جس هجيوَ، ڀاءُ- سڄو رسالو سون آهي!- پر ڀاءُ، هڪڙي ڳالهه سا مون ڏٺي آهي هن رسالي ۾، ان لاءِ مون کي ٻيو ته ڪي چوڻو ڪونه آهي- نڪي اوهان اڪابرن کي ڪا منهنجي راءِ جي حاجت هوندي- پر ڀيڻ مينڌري سعادتيءَ جي خط بابت ڪجهه لکڻ ٿي چاهيان، سو اُها موڪل ملي، ۽ ڀيڻ سعادتيءَ کي دل ۾ نه ٿئي، ته جيڪر آءٌ سندس هڪ خط بابت سوال ڪريان، جنهن ۾ هن سنڌي ادب ۾ اضافي آڻڻ لاءِ اوهان کي صلاح ڏني آهي ته سعادت حسن منٽوءَ جا خاص فلاڻا فلاڻا افسانا ترجمو ڪري ”مهراڻ“ ۾ ڏجن ته جيڪر ڏاڍو چڱو ٿئي.

ڀيڻ سعادتيءَ سان غائباڻي واقفيت به اجهو ”مهراڻ“ وسيلي ٿي اٿم. شايد ڪڏهن روبرو به ملي، ته اهي ئي ساڳيا سوال کانئس روبرو به پڇنديس؛ پر جڏهن ته اوهان به ان جون صلاحون ٺيڪ ڄاڻي کڻي حرف بحرف ڇپي پڌريون ڪيون آهن، ته پوءِ ڪجهه اوهان به خواب ضرور ٺاهي رکيو هوندو!

ڀاءَ، ڀلا ڀيڻ مينڌريءَ جو ائين لکيو آهي ته منٽوءَ جا افسانا ”دهوان“ ۽ ”ڪالي شلوار“ وغيره ”مهراڻ“ ۾ اچڻ کپن، سا ڳالهه ٺيڪ آهي؟ آءٌ هي اِن خيال کان ڪانه ٿي چوان ته ڪو اُهي افسانا بڇڙا آهن، تنهنڪري مورڳو پڙهڻ ئي نه کپن- ڪهڙا به آهن، ته به فن ۽ حقيقت موجب ٺيڪ آهن: پر آءٌ ته ائين ٿي چوان ته هڪڙي سنڌي عورت پئي پنهنجي دل ڏيکاري! چوي ٿي:

”اهو ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان ترجما ٿيل افسانا به شايع ڪيو ٿا- اڃا به چونڊ ڪري، بهتر هٿ ڪيو. اردوءَ جي عظيم افساني نگار منٽوءَ جي افسانن ’نيا قانون‘، ’هتڪ‘، ’ممي‘، ’دهوان‘ ۽ ’ڪالي شلوار‘ جا ترجما پيش ڪيو ته بهتر.“

ڀلا ائين ڇو لکيائين؟ اردوءَ جا ’عظيم‘ افساني نگار ته ٻيا به گهڻا آهن- انهن جا نالا به ڳڻائي ها. يا وري اگر هوءَ رڳو منٽوءَ جي ئي عظمت کي ٿي مڃي، ته پوءِ فقط ائين کڻي لکي ها ته ”اردوءَ جي عظيم افساني نگار منٽوءَ جا افسانا ترجمو ڪري پيش ڪرڻ کپن.“ باقي، چونڊي چونڊي ههڙن افسانن جي صلاح ڏيڻ، سو ته ٿيو هڪڙيءَ عورت جو پنهنجو پاڻ پسائڻ. وري اِن ڳالهه جي ثابتي اِن مان ٿي ملي، جو لکيو اٿس ته ”منهنجي خط کي ضرور شايع ڪندا، جو اميد اٿم ته ’سڄيءَ سنڌ‘ ۾ ان کي پسند ڪيو ويندو!“ پاڻ ته اڳي ئي پڙهي چڪي آهي، سو ٻيهر اهي افسانا کيس ڳولي ڏيڻ جو سوال ئي ڪونه آهي؛ پر ٻين کي جو پنهنجي اها پسند ٿي ڏيکاري، سو اِن مان سندس مراد ڇا آهي؟ هيءَ الائي ڪهڙي قسم جي عورت آهي- سابه سنڌي عورت!

ڀاءُ، هاڻ ته اِلاهي لکي وئي آهيان. چوڻو ته گهڻو ڪي هوم، پر وري ٻئي دفعي. پر، آءٌ ته ائين ڪانه ٿي چوانوَ ته ’منهنجو خط ضرور شايع ڪندا، جو ان کي سڄيءَ سنڌ ۾ پسند ڪيو ويندو!‘ پڙهي، پوءِ کڻي ڦاڙي به ڇڏيندا، ته چونديس منهنجو لکڻ سجايو ٿيو. جي اوهان هن خط جو جواب ڏنو، ته پوءِ پڪ سان وڌيڪ ڳالهيون جيڪي ”مهراڻ“ ۾ پڙهيون اٿم، تن بابت لکندي رهنديس. ائڊريس اوهان جي جواب لاءِ خط جي هيٺ لکي اٿم. چڱو ڀاءُ. موڪلاڻي.

- حميده ڪي. بخاري، حيدرآباد، سنڌ.

 

[”مهراڻ: اونهارو، 1956ع]

(1)

- محترمي، داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ آڻي هتان ڪڍيو آهي. هتي اچي خيال ڪريان ٿو ته اسان جي ماٺي سنڌ ساگر ۾ ڪيڏيون نه لهريون اٿيون آهن، جو پنهنجا ڪک ڇڏي هتي پهتا آهيون.

مهراڻ جا ڪپر وري پيا ياد پون. پنهنجي سنڌوءَ سان ڪا راوي پهچي سگهندي! راويءَ جيترو ته اسان جو اڀرندو نارو آهي. سنڌي دليون به ايتريون ئي ڪشاديون آهن.

هتي آيس، ۽ پنجاب جي آفيسرن جا مريءَ جا سير ٻڌي، آءٌ پاڻ به وڃي اتي نڪتس. هتي قدرت جيڪڏهن مريءَ کي بڻجڻ جو موقعو ڏنو آهي، ته گورنمينٽ به واهه جو سڌاريو اٿس. اسان جي سنڌ جا انجنيئر اسڪيمون گهڻيون ئي ٺاهي سگهيا، مگر افسوس جو گورنمينٽ وڙهڻ ۾ پوري هئي. جيڪڏهن سنڌي انجنيئرن جون اسڪيمون – دائو ڊئم ٿاڻي بولا خان وٽ، گاج ڊئم جوهيءَ وٽ، ۽ ٻيون به ڊزن کن ڊئمن واريون اسڪيمون – چالو ڪري ڇڏين ها، ته ڏهن سالن اندر اندر اسان جا کير ٿر ۽ پٻ جبل به ساوا چهچ هجن ها - ۽ اسان جي سنڌ کي به مريءَ جهڙا ڏاڍا سٺا تفريحي مڪان ميسر هجن ها.

پارٽيبازين ۾ اچي ويچاري سنڌ ائين جو ائين رهجي ويئي. هاڻي انهن ٺوٺ جبلن کي سرسبز ڪرڻ جو وارو شايد ئي اسان جي زندگيءَ ۾ اچي، ۽ اسان جي سنڌي انجنيئرن جون اُهي رٿون ائين ئي سرا کائي ويندا.

ادا، معاف ڪج – نه ڄاڻ نه سڃاڻ، الائجي ڇا لکي ويو آهيان! ”مهراڻ“ جي خدمتگارن سان سور نه سليان، ته ٻيو وري ڪنهن کي چوان. اسان جا هموطني ته هتي وڇوڙي اڌ مئا ڪري وڌا آهن.

- اوهان جو، سائينداد سولنگي، لاهور.

(2)

- لنڊن ۾ مهراڻ جي تحفي ملڻ کان نهايت گهڻي خوشي ٿيم، ۽ ائين پئي ڀانيم ته ٻن سالن بعد وري سنڌ ۾ ويٺو آهيان. ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي مضمون ”تون پڇين ٿو، آءٌ ڇو اداس آهيان“ دل تي ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ ساڳيون ڳالهيون ڄڻ ته پاڻ سان پئي ٺهڪايم – پر فرق اهو هو ته مون کي ترت واپس موٽي ساڳين هنڌن کي ڏسڻ ۽ ساڳين دوستن کي ملڻ جي اميد آهي، ۽ هنن ويچارن لاءِ ”ويا جي هنگلور، سي ڪرم ملندا ڪاپڙي!“ وارو قصو آهي.

اوهان پنهنجا تاثرات مضمونن جي صورت ۾ موڪلڻ لاءِ لکيو آهي. ننڍپڻ جي زماني ۾، مون کي ناولن ۽ رسالن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق ۽ چاهه هوندو هو (۽ ڪنهن حد تائين اڃا به قائم آهي)، ۽ مون کي ياد آهي ته ”گلزار چنبيلي“ نالي هڪ نهايت نصيحت آميز ڪتاب ۾ ”ڪليله ۽ دمنه“ جي گفتگو جي صورت ۾ زماني ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي تبصرو ڪيل هو. ان ڪتاب جي هڪ حصي ۾ ”سير و سفر“ جي سلسلي ۾ نهايت موزون نموني ۾ سمجهايل هو ته ”بغير سفر جي تجربو حاصل ڪرڻ محال آهي، ۽ آدمي هڪ بيٺل پاڻيءَ برابر آهي، جو جلدي لڙ بنجي پوي ٿو“ . . . . . ”سير وا في الارض“ جي معنيٰ به هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ سچ پچ ته ڏيڏريءَ واري تلاءَ مان نڪري، هن اٿاهه ساگر ۾ اچي جيڪي اکيون کلن ٿيون، تن تي حيران نه ٿيڻ ناممڪن نه، ته به محال ضرور آهي!

عدم فرصتيءَ سبب في الحال ته ڪجهه لکڻ مشڪل آهي، پر ارادو آهي - ۽ ڌڻيءَ پاڪ توفيق ڏني – ته واپس وطن پهچي پرايل تجربي جو صحيح استعمال ڪريان. پوءِ جيڪڏهن هيءَ منهنجي ناچيز زندگي پنهنجي عزيز وطن وارن کي ڪنهن ڪم آئي، ته هي وڇوڙا ۽ تڪليفون تڇ سمجهندس. دعا ڪندا!

- ڊاڪٽر صالح ميمڻ، لنڊن.

(3)

- سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ شايع ٿيندڙ ”مهراڻ“، سِہ ماهي مخزن، وقت بوقت نظر مان ڪڍندو اچان ٿو. سندس هر هڪ نئون پرچو، گذريل پرچن کان هر ڏس ۾ وڌيڪ سڌاريل ۽ وڌايل نظر ۾ ٿو اچي. منجهس عالمن، فاضلن ۽ اديبن جا، بلند پايه شعر، نصيحت آميز ۽ اخلاقي آکاڻيون، معلوماتي، هدايتي ۽ تعليمي مضمون درج ٿين ٿا، جي ادبي شائقن جي ادبي اُساٽ مٽائين ٿا. کوجنا وارا ليک ته جنسي ساهه سان سانڍڻ جهڙا ڇپجن ٿا.

”مهراڻ“ مخزن جي ڇپائي، سٺائي، بيهڪ ۽ نمونو، اعليٰ مضمونن جي چونڊ، صورتخطيءَ جي باريڪ جاچ وغيره ظاهر ڪن ٿا ته ”مهراڻ“ جا بانيڪار نهايت گهڻيءَ محنت ۽ سخت جفا ڪشيءَ کان ڪم وٺن ٿا، پر ڏسجي ٿو ته ”مهراڻ“ ۾ غير سنڌي اکر، جيڪي روز مره ۽ محاوري ۾ ڪتب نٿا اچن، سي حد کان وڌيڪ ٿا واپرجن. ”مهراڻ“ جا بانيڪار البت وڌيڪ ڪوشش وٺي، اهڙن ڏکين اکرن جو واهپو گهٽائين، ته پڙهندڙن لاءِ گهڻي سولائي ٿي پوي. سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪارن جي خذمت ۾ وڌيڪ گذارش آهي ته ”مهراڻ“ جا جيڪر ٻن قسمن جا ڇاپا شايع ٿين، ته ڏاڍو سٺو – هڪڙو اوچي پني تي (جئن هن وقت شايع ٿيندو اچي ٿو)، ٻيو هلڪي پني ته يعني اخباري پني تي. اوچي پني واري ”مهراڻ“ جي قيمت ساڳي ٺهرائجي، باقي اخباري پني واري جي قيمت لاڳت پٽاندر گهٽ مقرر ڪجي. نتيجو اهو نڪرندو، جو هر هڪ ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو، ٻوليءَ ۽ ادب جو شائق، جو اڍائي روپيا خرچ ڪرڻ جي طاقت نٿو ساري، سو هلڪو ڇاپو خريد ڪري، سڪون پوريون ڪندو. اميد آهي ته اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ سان، ”مهراڻ“ جا خريدار وڌندا ۽ ٻوليءَ جي تحرڪ جو آواز گهر گهر پهچندو.

- موتيرام سونيجي، بمبئي.

(4)

- مان ناسڪ ۾ پبلشر ۽ بڪسيلر آهيان، ڪافي رسالا ۽ ڪتاب هلايان ٿو؛ پر جڏهين ”مهراڻ“ ڏٺم، تڏهين اکيون ئي چرخ ٿي وييون. سنڌي سڀيتا ۽ ٻوليءَ جو سمنڊ عرف ”مهراڻ“، جڏهن اکين اڳيان آيم، تڏهن، ڪجهه يادگيريون ۽ وسريل ورق اٿلي آيا. هزارين ميل پري هوندي به، ”مهراڻ“ مون کي سنڌ ڏيکاري. مان سندس اها ئي شيوا ڪري سگهان ٿو ته ڪوشش ڪريان ته سندس خريدار وڌن. توهان کي خوشي ٿيندي ته ساري ڀارت ۾ هڪ ناسڪ آهي، جنهن ۾ اسان جي ساهتيه منڊل وسيلي، سنڌي عوام جي ايڪتا سبب، سنڌي ٻولي پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ اسڪولن ۾ هلي ٿي.

- مينگهراج ڪاريا، ناسڪ.

(5)

- جي ڪاوڙ نه ٿئي ته مان ايترو ضرور چوندس ته ”نانءِ چڙهيو واپاري کٽيو کائي، ۽ نانءِ چڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي“ جي مصداق ”مهراڻ“ ۾ وڏن اديبن لاءِ جڳهه آهي، باقي اسان نو آموزن کي ته ٿڏيو پيو وڃي. هن کان اڳ مون ڇتي فقير جي ڪافي موڪلي، ته اها ڪا نه ڇپي؛ مگر اهي ساڳيون ڪافيون ڊاڪٽر صاحب کي موڪليم، ته ان هٿان شايع ٿي وييون. ممڪن آهي ته مضمون وغيره سان به اها حالت ٿيندي هجي. ائين ٿيڻ نه گهرجي. آخر اسان کي به قلم آزمائيءَ جو موقعو ملڻ گهرجي.

بورڊ کي لازم آهي ته شاهه خواهه سنڌ جي ٻين اوليائن جي روضن جون تصويرون ائين ڇپائي وڪرو ڪري، جئن خواجه اجميريءَ ۽ ٻين جون آهن.

- ماستر نبي بخش منگي، سکر.

(6)

- اوهين جنهن محبت ۽ اورچائيءَ سان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍو ٿا، انهيءَ لاءِ اوهان کي کيرون هجن؛ ڇو ته ”مهراڻ“ نه فقط اسان وڏن پرين کي پسند آهي، پر اسان جا ٻار به اها مخزن چڱي چاهه ۽ چوڄ مان پڙهن ٿا.

- چيتن ماڙيوالا، بمبئي.

(7)

- ”مهراڻ“ جي تازي پرچي ۾ علامه قاضي صاحب جو سنيهو زندگيءَ جو پيغام آهي. پير حسام الدين صاحب جيڪڏهن پارسيءَ جو ترجمو به لکي ها، ته چڱو هو؛ ورنه رڳو پارسي ڪتاب سنڌي دانن جي ڪهڙي ڪم جو؟

- عارف الجيلاني، ڊٺڙو.

 

(8)

        - ”مهراڻ“ اسان سنڌين جو روح آهي. مڪليءَ جو مضمون خوب آهي پر فقط سنڌي دانن لاءِ بيڪار، جيستائين ترجمو گڏ نه هجي.

- عبدالله گندرو، سونڊا.

 

(9)

- ”مڪلي نامه“ بهترين چيز آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي. ۽ ايم . اي. جي فارسي ڪورس تي ”پيام مشرق“ ۽ ”جاويد نامه“ رکيل آهن: ڇو نه انهن بدران ههڙا سنڌي بزرگن جا ٺاهيل ڪتاب رکيا وڃن!

- محمد بخش انصاري

 

(10)

- ”مهراڻ“ جي اديب صاحبن کي عرض آهي ته هو ڏکيا هندي، سنسڪرت، عربي ۽ پارسي لفظ ڪم نه آڻين.

- مراد علي خان جمالي ”مسافر“، حيدرآباد سنڌ.

 

(11)

        - مڪرمي، ”مهراڻ“ موصول ٿيو: ”مهراڻ“ ڏسي خوشي حاصل ٿي. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ اوهان جي محنت لائق تحسين آهي.

- حضرت مولانا فضل محمد صاحب، صدر ۽ مهتمم مدرسہ عربيہ مظهر العلوم، کڏو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org