سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :26

 

سنڌي ٻوليءَ ڏانهن سنڌي قوم جون ذميواريون

[سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي عمارت جي پيڙهه جي پٿر رکجڻ جي موقعي تي اداري جي مقصدن ۽ علمي رٿائن بابت مذاڪري ۾ پڙهيل تقرير- سنڌ جي وزير اعليٰ عزت ماب جناب سيد عبدالله شاهه جي زيرِ صدارت 1994ع]

هڪ ڀيري- ڪجهه سال ٿيا- مون هڪڙي پروگرام ۾ بي بي سي جي ريڊئي تان ٻڌو هو (ٻڌندڙن جا سوال ۽ اُنهن کي جواب پئي ٻڌايائون – ڪنهن ماڻهوءَ ڪٿان سوال ڪيو) ته ڪهڙي اها ڪشش آهي، جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو انگلينڊ ۾ ڇڪجيو اچن ٿا ۽ اُتي جا  شهري بڻجي، دائمي طور رهڻ لاءِ آتا ٿا رهن ۽ واجهه وجهن ٿا، ڄڻ اُهو ڪو سندن اصلوڪو وطن هو!

سوال جو جواب ڏاڍو هڪڙو سڌو سادو پر وزندار ۽ تُز ڏٺو هئائون.

چي: اها انگلينڊ جي ڪشش ٽن طرحن جي هئي: هڪ ته اُتي ماڻهن کي انساني برابريءَ جو ماحول ملي ٿو، ٻيو ته اُتي هو قانون جي حڪمراني ڏسن ٿا، ۽ ٽيون ته هو اُتان جي ٻوليءَ جي حسين ۽ مضبوط دام ۾ ڦاسن ٿا – اهڙي اُها وڻندڙ، سڌريل ۽ مائيدار ٻولي آهي!

آءٌ جڏهن ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ استاد هئس – 1940ع ڌاري – تڏهن سنڌ جي محترم ۽ محبوب استاد، علامه آءِ. آءِ. قاصيءَ جي هڪ ليڪچر ۾ کانئن ٻڌو هوم ته ”ماڻهن جي ٻولي سندن ادب ۽ علم جي غربت ۽ تونگريءَ جو نشان آهي ۽ اُها سندن اخلاقياتي سطح ۽ شان جي پڻ شاهد آهي، اصل ائين جيئن سونَ جي پرک لاءِ ڪسوٽي.“

سنڌي ٻولي، جيڪا اسان جي علم ۽ ادب جو نشان آهي، اسان جي سڀيتا جي فضيلت جي سڃاڻپ آهي، اُن کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ به اسان تي اوتروئي لازم آهي، جيترو انگريزيءَ لاءِ انگريزن تي، ۽ بلڪل ايتري قدر جيتري قدر اسان جي استاد ۽ بزرگ، علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب، اسان کي اُهو سمجهائڻ ٿي گهريو.

پر افسوس، جو جيئن آزاد ملڪن ۽ آزاد ماڻهن وٽ سندن ٻولين جي حڪومتي سارسنڀال ۽ سرپرستي ٿئي ٿي، تيئن صدين جي تاريخ ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سرپرستي ۽ سارسنڀال ڪانه ٿي آهي. البت جيئن ماڻهو ۽ قومون هونئن به – آزاديءَ يا غلاميءَ ۾- پنهنجين ٻولين کي فطري طور سنڀالينديون ۽ سانڍينديون رهن ٿيون، تيئن اسين سنڌي ماڻهو به پنهنجي ٻوليءَ کي صدين کان پنهنجي ساهه سان سانڍيندا ۽ اکين ۾ نورَ جيان سنڀاليندا آيا آهيون.

انگريز حڪومت جي پوريءَ هڪ صديءَ ۾ اسان جي ٻوليءَ تي انگريزي ٻوليءَ جي برتري موجود هئي. اُنهن کان اڳ، گهڻي يا ٿوري انداز ۾، اُن تي عربيءَ يا فارسيءَ جي برتريءَ جو مامرو هو – جيتوڻيڪ اُنهن ٻولين کان اسان گهڻو ڪجهه پرايو به، ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي خانگي طور پنهنجن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ تعليم ۽ تدريس جي ذريعي طور ڪم به آڻيندا رهياسين، ۽ پڻ فطري جولان هيٺ اسان جا سگهڙ ۽ شاعر پنهنجيءَ ٻوليءَ کي گهڻو ڪجهه سينگاريندا سنواريندا ۽ مالا مال ڪندا ئي رهيا.

ساڳيءَ طرح اڄ به اسان تي اڙدوءَ جي برتري، قومي ٻوليءَ جي حيثيت سان، موجود آهي- ۽ اهو به هڪ سبب آهي، جو اڙدو ڳالهائيندڙ اسان جا ٻاهران آيل هم وطن ڀائرَ، ايتريءَ سياسي ڦونڊ ۾ ڀريل ۽ ايترا طور اسان تي آڪرا رهن ٿا. پر خود اڙدوءَ کان به اسين سکنداسين، ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ائين شاهوڪار بڻائينداسين؛ ۽ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ جيترو علم ۽ ادب آهي ۽ وڌيڪ به اُهو اسين جيترو پيدا ڪنداسين، اخلاقيات ۽ سڀيتا جا جيڪي ڪجهه صحتمند اصول ۽ قدر اُن ۾ موجود آهن ۽ وڌيڪ به اُهي اسين جيتري تائين اُن ۾ آڻينداسين، ۽ بنهه مُنڊيءَ جي ٽِڪَ وانگر جَڙي بيهارينداسين، اهي سڀ اسين پنهنجن اڙدو توڙي ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ هم وطن ڀائرن کي دل جي پوريءَ فياضيءَ سان آڇيون ٿا ۽ آڇينداسين. ائين ئي ۽ اهڙيءَ ئي ڏي وٺ سان سياسي طور سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏيل سنڌي قومي تعمير ۽ پڻ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي گڏيل پاڪستاني قومي تعمير جا بنياد ٺهڻا ۽ پختا ٿيڻا آهن ۽ ٿي سگهن ٿا.

اسان جي سنڌي ٻولي انگريزي دور ۾ وڏيءَ هڪ سطح تائين تعليمي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جي درجي تي پهتل هئي. پاڪستان جي ٻين صوبائي، علائقائي يا وطني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهائي سرڪاري ۽ تعليمي حيثيت واري اڳڀري وک اسان لاءِ اڄ وڏي هڪ سهوليت ۽ فائدي جي ڳالهه بڻيل آهي. اسين پنهنجي علم ۽ ادب، تعليم ۽ تدريس ۽ سرڪاري ڪارج جي استعمال جي دائرن ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ تربيت اُنهيءَ  ئي اڳڀري مرحلي ۽ مٿڀري بنياد کان مٿي کڻي ۽ اڳتي وڌائي سگهون ٿا.

اُن مقصد لاءِ انگريزي دور جي سال 1940ع ۾ اسان جي مهربان ۽ مانائتن بزرگن سنڌي ادب جي باضابطه ترقيءَ لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو. 1949ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي محترم ۽ محبوب بزرگن سنڌي ادب لاءِ هڪ اعليٰ اختيار رکندڙ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي قائم ڪئي. جنهن 1951ع ۾ وڌي سنڌي ادبي بورڊ جي باوقار ۽ باعمل اداري جو روپ ورتو. 1989ع ۾ خصوصي طور تعليمي تدريس ۽ سرڪاري ڪارج جي استعمال جي دائري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ سنڌي لئنگويج ڊولپمينٽ بورڊ جي قيام جي تجويز منظور ٿي، جنهن 1990ع ۾ موجوده سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ (سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري) جي صورت ورتي، ۽ اڄ اسان جي هن عظيم اداري جي عمارت جي بنياد جو پٿر سنڌ جي وزيراعليٰ، اسان جي وزير ۽ عزيز دوست سيد عبدالله شاهه صاحب جن نصب ڪيو آهي. اسان لاءِ سچ پچ هيءُ موقعو بيحد هڪ مبارڪ موقعو آهي. جنهن تي اسين جيتري خوشي ڪريون، اسان لاءِ اُها عين مناسب آهي.

هيءَ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو تقريباً ٻن سالن کان اسان جي قابل احترام عالم، محقق ۽ استاد جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سرڪردگيءَ هيٺ ڪم ڪندو رهيو آهي. ان ٿوري عرصي ۾، محدود وسيلن جي اندر رهي ڪري، هن اداري جيڪو تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي، سو اسان جي آڏو آهي ۽ رڪارڊ تي آيل آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. هن اداري لاءِ پنهنجي شاندار منصبي ڪارنامن جي رٿابندين ۽ تعليمي ڪاميابين لاءِ اڄ اسان وٽ اطمينان جي حد تائين گهربل موقعا موجود آهن، هموار سرزمين ۽ سازگار ماحول موجود آهي، ساٿي ادارا مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽيشن سروسز ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻيا اسان جا علمي ۽ ثقافتي ادارا ۽ لئبرريون موجود اهن، ۽ پڻ اسان جون ڇهه يونيورسٽيون ۽ سڄي صوبي ۾ ڪاليجن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جو وسيع نظام موجود آهي، جنهن سڄي نظام ۽ پڻ ذڪر ڪيل سڀني ساٿي ادارن جو سهڪار اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي پنهنجي مقصدن جي پورائيءَ لاءِ ڀرپور طور ميسر اچڻ کپي، ۽ وڏي ڳالهه ته اڄ اسان جون منتخب جمهوري صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون موجود اهن، جيڪي عين پنهنجين آئيني تقاضائن ۽ جمهوري ذميوارين مطابق هن اداري جي فرض ادائيءَ ۾ پوري همت افزائي ڪري سگهن ٿيون، ۽ هر طرح جي مدد ڏئي سگهن ٿيون.

حوصله هرڪس بقدر همت اوست.

۽ اِن طرح اسين جيڪي اديب ۽ اُستاد، عملدار ۽ قابل ڪار سڏجون ٿا- ۽ ٿوري يا گهڻي قدر واقعي آهيون به، ڇو ته سمجهه ۽ سگهه اسان مان هر ڪنهن ۾ ڪانه ڪا ۽ ڪجهه نه ڪجهه آهي ئي- تن سڀني جو به فرض آهي ته پنهنجي پنهنجي دائري اختيار ۽ عمل ۾، يعني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، انتطامي ۽ محڪماتي آفيسن ۾ ۽ آسامين تي براجمان رهندي، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جو ڪجهه اسان کي ڪرڻ گهرجي، ۽ اسين ڪري سگهون ٿا، سو ڪريون، ۽ ضرور ڪيون: ڇو ته اهڙين ئي سڀ – پاسائينُ، ۽ گڏيل ڪوششن سان اسين پنهنجيءَ ٻوليءَ کي پاڻ لاءِ اعليٰ ادب ۽ مستند علم جي علامت بڻائي سگهنداسين، ۽ پوءِ ئي اُها اسان جي اعليٰ اخلاقيات جي سڃاڻپ ۽ انساني سڀيتا ۾ مخصوص فضيلت جي شهادت جو درجو وٺي سگهندي.

 

آسان سنڌي قاعدو

سنڌ جي قانون ساز اسيمبليءَ ”ٻوليءَ جو بل“ پاس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾، ٻين ڪيترين وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهين سان گڏ، سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾، هلندڙ سال 1973ع کان، چوٿين ڪلاس ۾ سنڌيءَ کي غير مادري زبان طور لازمي صورت ۾ پاڙهڻ جا احڪام تعليم کاتي طرفن جاري ڪيا ويا. اِن سلسلي ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ”آسان سنڌي قاعدو“ شايع ڪيو آهي، جيڪو چوٿين ڪلاس ۾ سنڌيءَ کي غير مادري زبان جي صورت ۾ پاڙهڻ لاءِ واحد درسي ڪتاب طور استعمال ٿيندو. هيءُ ڪتاب ٻن رنگن ۾ ڇپيل، ڊبل ڪرائون سائيز ۾، رنگين ۽ دلڪش ڪَوَر سان 48 صفحن جو ڪتاب آهي، ۽ قيمت هڪ روپيو في ڪاپي اٿس.

ڪتاب جو لکندڙ ميان غلام اصغر ونڊير، اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪولس، اُن جا مرتب ۽ نگران الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ ساهه (هاڻي وائس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي، ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، صدر اردو شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ۽ اُن جو ايڊيٽر سيد محمد صالح شاهه بخاري، پبليڪيشن آفيسر، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، آهن. سنڌ جي اسڪولن ۾ غير سنڌي دان ٻارن کي سنڌ جي صوبائي زبان پاڙهڻ جي فوري ضرورت ۽ اهميت کي خيال ۾ رکندي، جنهن شان ۽ اهتمام سان ۽ جنهن جلدائيءَ ۾ هيءُ ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي، اُن لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا منتظم ۽ ڪارپرداز مبارڪ جا مستحق آهن.

ڪتاب جي کولڻ سان اُن جي مصنف، ترتيب ڏيندڙ ۽ نگراني ڪندڙ صاحبن ۽ ايڊيٽر صاحب جا نالا جڏهن ڏسجن ٿا، ۽ ڪتاب جو سائيز ۽ ان جي رنگين ڇپائي ۽ خوشخطي ڏسجي ٿي، تڏهن هڪدم اِهو يقين ٿئي ٿو ته ڪتاب ضرور ڪنهن اعليٰ پايي جو هوندو. پر جيئن جيئن ان کي پڙهبو وڃجي ٿو، تيئن تيئن، ۽ پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ ته هيڪاري، مايوسي ٿئي ٿي، ۽ ڏسي بيحد ڏک ٿئي ٿو ته ڪتاب ڪنهن به تعليمي، نفسياتي يا لساني اصول تي بنهه ٻڌل ڪونهي؛ بلڪ جنهن مقصد سان ۽ جنهن ڪلاس لاءِ لکيو ويو آهي، اُهو مقصد نه رڳو اُن سان برصواب ڪونه ٿي سگهندو، پر اٽلو اُن مان وڏي تعليمي ۽ تدريسي نقصان پهچڻ جو انديشو پيدا ٿي سگهي ٿو.

ڪتاب جملي 48 صفحن جو ٺهيل آهي. اُهي سبقن ۾ ورهايل نه آهن، بلڪ سبقن جي بدران اُنهن ۾ قاعدا ڏنا ويا آهن- جملي 13 قاعدا جيڪي 42 صفحن تي پکڙيل آهن. هي تيرهن ئي قاعدا، پهرين چئن صفحن سميت جن تي رڳو الف ب تختيون ڏنل آهن، پورن 42 صفحن تي رڳو سنڌي الف ب جي 52 اکرن سيکارڻ لاءِ ڏنا ويا آهن. هيءُ ڪتاب اردوءَ جي چوٿين درجي ۾ پاڙهڻو آهي. هن درجي جا ٻار اردو چڱيءَ ريت پڙهي سگهن ٿا، ۽ هُنن اردو الف ب جا اُهي 33 اکر پڻ پڙهيا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۽ اردو الف ب ۾ ساڳيا آهن. جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي ته سنڌيءَ جي باقي فقط اوڻيهن اکرن جي سيکارڻ لاءِ ڪتاب جي 48 صفحن مان 42 صفحا خرچ ڪيا ويا آهن- اُنهن اوڻيهن اکرن مان به 12 اکر اُهي آهن جن جا آواز اردوءَ ۾ به اُهي ئي آهن جيڪي سنڌيءَ ۾، فرق رڳو اکرن جي صورت ۾ آهي. هِنن 12 اکرن تي ڪتاب جا 15 صفحا (6 کان 20 تائين) خرچ ڪيا ويا آهن. وڌيڪ 20 صفحا سنڌيءَ جي رڳو اُنهن خاص ستن آوازن ۽ اکرن سيکارڻ تي ڪم آندا ويا آهن، جيڪي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ نوان آهن. ڪتاب جو مقصد ئي گويا اِهو پيو ڏسجي ته سڄو سال چوٿين درجي جا اردو ٻار رڳو سنڌي الف – ب ۽ ان جا به خاص ست اکر ٻ، ڏ، ڄ، ڃ، ڳ، ڱ ۽ ڻ – ئي سکندا رهن، ٻيو سارو ٿيو خير!

سڀ کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪتاب ۾ سنڌيءَ جي اِنهن ستن خاص آوازن توڙي ٻين ٻارهن اردو سنڌي مشترڪ آواز وارن اکرن جي سيکارڻ جو جيڪو طريقو ڪم آندو ويو آهي، سو به ايترو ته غلط ۽ غير ملڪي اختيار ڪيل آهي، جو اُن مان، سواءِ اُن جي ته شاگردَ سنڌي ٻوليءَ جي سکڻ ۽ پڙهڻ کان ئي بيزار ٿي وڃن، ٻيو ڪو ڪارج مشڪل آهي، جو پورو ٿي سگهي. هيءُ اُهو غير معقول ۽ جاهلانه طريقو آهي، جيئن ڪنهن غير سنڌي پڙهيل يا اڻ پڙهيل کي ڪو سنڌي ويهي، سعيو ڪري، سنڌيءَ جا اُهي خاص آواز ۽ اکر، هڪ هڪ ڪري، مٿي ۾ هڻي، ۽ ائين کيس چوندو ۽ چيڙائيندو رهي: ”هان وٺ! هيءُ ته آواز ڪري ڏيکار! ڏٺئي، نه ڪري سگهئين نه! ڀلا، هيءُ ته اکر سڃاڻي ڏيکار! ڏٺئي، نه سڃاڻي سگهئين نه! متان نه مڃين! ميان سنڌي سکڻ تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي!“ ۽ پوءِ اُهو ويچارو سنڌي سکڻ وارو سکڻ ته ڇا، پر اُن جي ٻڌڻ کان به سڄي عمر ڇرڪندو ۽ لڪندو نه رهي، ته هِن بنهه استادانه لکيل ”آسان سنڌي قاعدي“ جي لکندڙ جو ذمو! مثال طور، رڳو اوهين ڳ جي هڪ آواز لاءِ قاعدي نمبر 11 کي ڏسو – هيءُ قاعدو ڪتاب جي صفحن 32، 34 ۽ 35 تي ڏنو ويو آهي. هِن آواز جي سکڻ جو قاعدو- ۽ آسان قاعدو- ته ڪتاب جي مصنف ۽ ايڊيٽر جي دلين ۾ الائي ڪهڙو موجود هو، پر هِنن ٽن صفحن ۾ جملي ستر لفظن جِي هڪ بي تُڪي لانڍ سا برابر ڏني وئي آهي، جن کي اچاريندي اچاريندي، ويچاري شاگرد کان سنڌي ته ڇا پر خود پنهنجي مادري ٻوليءَ جا سڀ آواز، سواءِ هڪ ڳ جي آواز جي، پڪ ئي پڪ وسري ويندا، ۽ پوءِ جڏهن به هو وات کوليندو تڏهن رڳو پيو ڳ ڳ ڳ جا آواز ڪڍندو، ٻيو ٿيو خير!

هاڻي پهريائين اچو ته ڏسون ته اِهي قاعدا جن کي ”قاعدا“ چيو ويو آهي، سي قاعدا ڇا آهن. پهريون قاعدو: سنڌيءَ جا اُهي 33 اکر جيڪي اردوءَ ۾ به ساڳيا آهن- ٺيڪ! ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون- ٽي قاعدا: سنڌيءَ، اردوءَ جي ي ۽ ي ۾، ڪ ۽ ک ۾، ۽ ٽ ٽ، ڊ ڊ ۽ ڙ ڙ ۾ فرق آهي. پنجون قاعدو ته ڪتاب جي لکندڙ ۽ ايڊيٽر صاحبن جي مغز ۾ اٽڪيل رهجي ويو آهي، اُهو ڇا آهي، اُن جو مقصد ڪهڙو آهي ۽ ڇو ڏنو ويو آهي، سو هو پاڻ ڄاڻن- نه اسين سمجهي سگهيا آهيون، نه استاد سمجهي سگهندا، ٻارن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي! ڇهون قاعدو سنڌيءَ ۽ اردوءَ جي ڀ بهه، ٿ تهه، ٺ ڻهه، ڦ پهه، ڇ چهه، ک کهه بابت آهي، ۽ اُهو پورن ڏهن صفحن تي پکڙيل آهي، ستين کان 13 قاعدي تائين هر هڪ مخصوص سنڌي حرف يا آواز جو قاعدو الڳ الڳ ڏنو ويو آهي. تقريباً اُنهن سڀني قاعدن جي وصف يا تعريف يا بيان اهڙيءَ قابليت سان ڪيو ويو آهي، ۽ اُنهن بابت اهڙيون ته علمي ۽ حڪمتي هدايتون ۽ نصيحتون ڏنيون ويون  آهن، جي پڙهي، لکندڙ ۽ ايڊيٽر صاحبن جي علمي ڄاڻ ۽ عام سمجهه تي صلواتن پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري ئي نٿو سگهجي.

هيءُ بيحد استادانو ”آسان سنڌي قاعدو“ ٻن رنگن ۾ ڇپيل آهي. درسي ڪتابن جي رنگين ڇپائيءَ جا به ڪي اصول ۽ ڪي مقصد هوندا آهن- تصويرن جي سلسلي ۾ اُنهن جي دلڪشي ۽ اصل سان ويجهي هئڻ جو اصول ۽ مقصد؛ ۽ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪن لفظن ياجملن وغيره کي خاص تدريسي مقصدن پٽاندر، وڌيڪ پڌرو ڪري بيهارڻ يا پيش ڪرڻ جو اصول: هن ڪتاب ۾ مصنف ۽ ايڊيٽر صاحبن جي اڳيان رنگن جي استعمال جو اهڙو ڪوبه اصول يا مقصد ڪونه هو- سڄي ڪتاب ۾ تقريباً هر صفحي تي ٻن رنگن، يعني ڪاري ۽ ڳاڙهي، جي رڳو ڪانه ڪا ڊزائن رکڻي يا ڪونه ڪو چِٽُ هو، سو اکيون پوري ائين ڪڍيو آهي. مثلاً پهرئين صفحي تي الف ب جي 52 اکرن جي تختي ڏنل آهي، جنهن ۾ طفلانه طرز جو ۽ آسان چٽ هيءُ بيهاريو ويو آهي ته هڪڙو اکر ڪارو ته ٻيو ڳاڙهو هجي- بس! تقريباً سڄي ڪتاب ۾ اِنهيءَ قسم جي بي مقصد رنگريزي ٿيل آهي، اُن ۾ ڪنهن به طرح جي ڪا علمي رٿا تدريسي مقصديت موجود ڪانهي.

درسي ڪتاب لاءِ ائين چئجي ٿو ته اُهو پڙهندڙ ۽ پاڙهيندڙ ٻنهي لاءِ هڪ مددي وسيلو آهي. پر جيڪڏهن وسيلي جي اڳيان مقصد واضح نه هوندو، ته اهو وسيلو بيڪار بلڪه نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

ڌارينءَ ٻوليءَ جي پاڙهڻ جو مقصد  آهي ته ٻار اُها لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ  سکڻ – ڳالهائڻ سڀ کان پهريائين. هِن ”آسان سنڌي قاعدي“ ۾ سنڌيءَ جي ڳالهائڻ سيکارڻ تي ذري جيترو به ڌيان ڏنل نه آهي- بلڪه شاگردن کي ڳالهائڻ سکڻو يا سيکارڻو به آهي، اُن جو ڪو تر جيترو احساس به ڪتاب مان ظاهر نٿو ٿئي. حالانڪه ڌارينءَ ٻوليءَ جي پرهائيءَ جي جديد طريقي جو بنياد ئي ڳالهائڻ تي بيٺل ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي سکيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌ اڄوڪي دور ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. اڳئين زماني ۾ اُن جو مقصد گهڻو ڪري هيءُ هو ته جيڪي ٿورا ۽ خاص ماڻهو ڌارين ٻولي سکن، اهي اُن جي ڪن چونڊ ادبي شهپارن کان واقف ٿي سگهن. اُهو مقصد هاڻي وڌي ۽ ڪشادو ٿي، ٻوليءَ جي اصلوڪن ڳالهائيندڙن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي لاڳاپن ۽ سندن سڀيتا جي سمجهڻ ۽ قبولڻ تائين وڃي پهتو آهي.

نه رڳو ايترو، پر ڪن خاص حالتن ۾، جيئن هتي سنڌ ۾، ڌارين ٻولي نه رڳو ڪن ٿورن ۽ خاص ماڻهن کي سکڻي پوي ٿي، پر سڄي نسل کي، سڄي فرقي، سڄيءَ قوم کي ان جو سکڻ لازم ٿئي ٿو.

ٻولين جي علم ۾، گذريل ٿورن سالن ۾، بنهه ڊرامائي انداز جا واڌارا ٿيا آهن. سيکارڻ جون نيون ترتيبون عمل ۾ آيون آهن. ڏسڻ وائسڻ (سمعي ۽ بصري) جي تدريسي وسيلن ۾ سڌارو ۽ انهن جي تعداد ۽ پيداوار ۾ حيرت انگيز واڌارو آيو آهي. تنهنڪري، سنڌيءَ جهڙيءَ هڪ جيئريءَ جاڳنديءَ ٻوليءَ جي سيکارڻ لاءِ جيڪو ريڊر ٺهڻو هو، ان جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾ اُنهن سڀني تبديلين ۽ نون پيدا ٿيل ۽ معجوزه طريقن کي سامهون رکڻ لازمي هو، جنهن کان سواءِ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي، غير مادري زبان جي صورت ۾، عام سکيا جو اصل مقصد ڪڏهن به برصواب ڪونه ٿي سگهندو.

ڌارينءَ ٻوليءَ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جا هيلتائين چار طريقا اختيار ڪيل آهن- هڪ گرامر ۽ ترجمي جو طريقو، ٻيو سڌو طريقو، ٽيون ڀاسا وگياني طريقو ۽ چوٿون خالص علمي طريقو. گهڻي تجربي ۽ مشق کان پوءِ پهريون طريقو ناڪام انهيءَ ڪري ثابت ٿيل آهي، جو اُن ۾ شاگردن کي گرامر موجب رڳو ڳاهائڻ جا لفظ، لفظن جا ڦيرا، لفظن جي ترڪيب ۽ ٻيا گرامر جا قاعدا ۽ دووايه لغت جي مدد سان ترجمي جون مشقون ڪرڻيون ٿي پيون، جنهن سڄي ڪم ۾ کين ٻوليءَ سان اُن جي ڳالهائجڻ جي صورت ۾ بنهه واسطي ۾ ڪونه ٿي اچڻو پيو. اُها هو نه ڳالهائجندي ٻڌندا هئا ۽ نه پاڻ ئي ڳالهائيندا هئا. ٻوليءَ جي اهڙيءَ سکيا وسيلي شاگردن کي سالن جي محنت کان پوءِ به ٻوليءَ جي استعمال جي لياقت حاصل ٿي  ڪانه سگهندي هئي، ۽ هو آخر اُن کان بيزار ۽ باغي ٿي پوندا هئا.

هيءُ طريقو اُن پراڻي دؤر جي نشانيءَ طور اسڪولن ۽ درسگاهن ۾ رهجي ويل هو، جڏهن ڌارين ٻولين جي سکڻ جو مقصد فقط انهن جي ادبي شهڪارن تائين رسائي حاصل ڪرڻ هو، ۽ اُن لاءِ رڳو ڪي ٿورا ۽ خاص دلچسپي رکڻ وارا شخص اُهي ڌاريون ٻوليون پڙهندا هئا.

نئين دؤر جي نين گهرجن کي منهن ڏيڻ لاءِ، اسڪولن ۾ اُن پراڻي گرامر ۽ ترجمي واري طريقي جي پيدا ڪيل بي اثر ۽ بيزاريءَ جي صورتحال جي علاج طور، ٻوليءَ جي سڌي طريقي سان پڙهائڻ جي تحريڪ اوڀري. اُن تحريڪ جي اثر هيٺ، الڳ الڳ نالن ۾ ٿوريءَ گهڻي ڦير گهير سان، ڪيترائي پرهائيءَ جا طريقا ٺهيا ۽ عمل ۾ آيا- جيئن ته نئون طريقو، سڌريل طريقو، فطري طريقو، زباني طريقو، وغيره. جيتوڻيڪ تدريس جي هن سڌي طريقي ۾، ٻين ڪافي چڱاين سان گڏ، شاگردن کي گرامر جي گهڻن ۽ ڊگهن ۽ خشڪ قاعدن کي برزبان ياد ڪرڻ بدران ٻوليءَ سان سڌي لاڳاپي ۾ اچڻو پيو ٿي، ۽ بي تعلق ترجمن جي مشقن بدران ٻوليءَ کي پاڻ، وقت ۽ ضرورت سارو، استعمال ڪرڻو ٿي پيو، تڏهن به اُن وسيلي ٻوليءَ جي سمجهڻ ۾ ڪم آڻڻ جي پوري لياقت کين حاصل ڪانه ٿي سگهي؛ ۽ ٻيو ته اِن ۾ وقت وري به ڪافي ڪجهه لڳي ٿي ويو. ۽ ائين ٿيڻ لاءِ واجبي سبب به هئا، جن مان هڪ هيءُ هو ته پڙهائڻ وارا خود، اڪثر حالتن ۾ ڌارينءَ ٻوليءَ جا پورا ڄاڻو نه هئا- ڇاڪاڻ ته اها سندن مادري ٻولي نه هئي- ۽ ٻيو ته اُن جي استعمال جو ماحول بهرحال هٿراڌو هو؛ ۽ ٽيون ته پڙهندڙن کي بهرحال مادري ٻولي يا پهرين ٻولي نه پر هڪ ڌارين ٻولي ۽ ٻي ٻولي سکڻي ٿي پيئي، جنهن جي کين فطري طور ايتري ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿي، جيتري هڪ ٻار کي مادري ٻوليءَ جي سکڻ وقت پيش ايندي آهي. تعليم، نفسيات ۽ ٻوليءَ جي ودوانن، ڌارين ٻولين جي سکڻ جي جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ عالمي ضرورتن ۽ ڀاشا وگيان ۾ تحقيق جي تڪڙيءَ واڌ کي سامهون رکندي، پوءِ ٻوليءَ سيکارڻ جو ڀاشا وگياني طريقو پيش ڪيو، جنهن موجب سڌي طريقي جي ڪمزورين ۽ اوڻاين جي هڪ حد تائين پورائي ٿِي سگهي ٿي.

ڀاشا وگياني طريقي جي خصوصيت هيءَ رکي ويئي ته علمي تحقيق جي بنياد تي ٻوليءَ جا اُهي بنيادي جملا ۽ انهن جون اضافي صورتون هٿ ڪيون وڃن، جيڪي اُن جا اصلوڪا ڳالهائيندڙ عام طور ڪم آڻين ٿا. پوءِ اهڙن بنيادي جملن ۽ اُنهن جي اضافي صورتن جي قالبن تي ٺهڪندڙ جملن جي مجموعا ٺاهيا وڃن، ۽ سکندڙن کي انهن جي پرئڪٽس ڪرائي وڃي، ته جيئن اُنهن جو استعمال سندن عادت جو جُز بنجي وڃي. هن ڀاشا وگياني طريقي هيٺ ڌارين ٻولين سيکارڻ جا جيڪي به الڳ الڳ درسي نظام ٺاهيا ويا، انهن سڀني ۾ هي پنج خصوصيتون تقريباً عام هيون:

(1) ڳالهه ٻولهه جا بنيادي ۽ انهن جي اضافي جملن جا مجموعا- مشق ڪرڻَ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ.

(2) تشريحي نوٽ، جن سان شاگردن کي ڳالهه ٻولهه جي بنيادي جملن جي قالبن ۽ ٻوليءَ جي خصوصي رخ جي خبر پوي يا کين سمجهاڻي ڏيئي سگهجي، ته جيئن هو پاڻ به انهن قالبن ۽ انهيءَ رخ پٽاندر جملا ٺاهي سگهن ۽ ٻولي ڪم آڻي سگهن.

(3) جملن جي قالبي مجموعن جي ڪم آڻڻ جي مشق، ته جيئن اُهي ڳالهائيندڙ جي عادت ۾ شامل ٿي وڃن.

(4) مٿين مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ اثرائتا سمعي ۽ بصري وسيلا، جيڪي شاگرد ڪلاس ۾ ۽ ڪلاس کان ٻاهر گهر ۾ به استعمال ڪري سگهن.

(5) ٻوليءَ جي ڪم آڻڻ جا موقعا – ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صورت ۾، ۽ نه ترجمن جي صورت ۾.

ٻاهرين ترقي ڪيل ملڪن ۾ ڌارين ٻولين جي هن ڀاسا وگياني تدريس جي طريقي هيٺ، ترت ئي پوءِ، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊ ۽ ٻين سمعي ۽ بصري وسيلن جو ايترو ته گهڻو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ ڳالهه وڌي وڌي، اُن حد تي پهتي، جو ٻوليءَ جي سکيا کي هڪ مشيني عمل سمجهي، استاد جي ضرورت ئي وچ مان ڄڻ خارج ٿي ويئي! ظاهر آهي ته سمعي ۽ بصري وسيلا استاد جا مددگار ته ٿي سگهن ٿا، پر خود استاد جي جاءِ نٿا وٺي سگهن- ٻولي  رڳو لفظن يا جملن جي قالبن تائين محدود ڪانهي، جو اُها مشين رستي سکي يا سيکاري سگهجي، ٻولي ته هڪ جيئرو جاڳندو ذريعو آهي، جيڪو وڌي به ٿو ۽ بدلجي به ٿو، جنهن سان انساني شخصيت جو اظهار ٿئي ٿو، ۽ جيڪو هڪٻئي سان سماجي لڳ- لاڳاپي قائم رکڻ جي بنيادي انساني ضرورت ئي پورو ڪري ٿو. ڀاشا وگياني پڙهائيءَ جو طريقو، جنهن مشيني وسيلن تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏنو ۽ جنهن گهڻي قدر ٻوليءَ کي محدود ۽ بي جان سمجهي، رڳو ان جي بنيادي جملن جي ڍانچن تي ئي ڀروسو رکيو، سو ٻوليءَ کي ان جي زندهه ۽ گوناگون حقيقت جي حيثيت سان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو، ۽ تعليم، نفسيات ۽ ڀاشا وگيان جا ماهر ان مان گهڻو وقت مطمئن رهي نه سگهيا.

ڌارين ٻوليءَ جي سکيا جي مٿي بيان ڪيل ٽن طريقن جي ناڪامي يا ناڪافي ثابت ٿيڻ سان ئي اڄڪلهه ان جي سکيا جو چوٿون طريقو، جنهن کي ”علمي طريقو“ چئجي ٿو، عام استعمال هيٺ آهي. هن طريقي ۾ سڌي طريقي ۽ ڀاشا وگياني طريقي جا بنيادي اصول پوريءَ طرح ڪم اچن ٿا. يعني ٻولي ڳالهائجندي ٻڌجي ۽ پاڻ ڳالهائجي، ان جي بنيادي جملن ۽ انهن جي اضافي صورتن جي مجموعن جي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي مشق ڪجي ته جيئن انهن جي استعمال جي عادت پئجي وڃي ۽ سمعي بصري وسيلن کان انهيءَ مقصد لاءِ پورو پورو ڪم وٺڻ گهرجي وغيره. پر هن طريقي ۾، خاص طرح، ٻوليءَ جي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ خالص علمي نقطي نگاهه اختيار ڪئي وڃي ٿي. يعني هيءَ ته ٻولي سکڻ هڪ پيچيده گهڻُ پاسائون عمل آهي. ان ۾ نه رڳو ماڻهوءَ کي، هلڻ يا ساهه کڻڻ جي هنر وانگر، مشيني انداز ۾، غير شعوري حد تائين، ڳالهائڻ جي اٽڪل پرائڻي پوي ٿي، پر خيالي ۽ جمالياتي معنائن جي دنيا کي سمجهڻو به پوي ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي هر جملي ۾، اُن جي آوازن، لفطن ۽ ترتيب سان گڏوگڏ موجود رهن ٿيون. معنائن جون اُهي ننڍيون ننڍيون دنيائون ئي گڏجي، ٻوليءَ جي اصل ڳالهائيندرن جي سهج سڀاءَ ۽ قومي سڀيتا جي ڪائنات بنجن ٿيون- جنهن جي ڀرپور جهلڪ ٻوليءَ جي نون سکندڙن کي ڏسڻي ۽ ڏيکارڻي آهي، ڇو ته اُها ڪائنات، اُن حد تائين، کين پنهنجي ڪائنات بنائڻي آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي سکيا جا سڀ مسئلا ڪنهن هڪ سڌي سادي رستي يا طريقي سان حل ٿي وڃن، اهڙي اميد رکڻ اجائي آهي. مثلاً گرامر ۽ ترجمي جي طريقي کي ئي ڏسجي ته ڀاشا وگياني طريقي ۾، جو ٻوليءَ جا بنيادي جملا ۽ انهن جون اضافيو صورتون هٿ ڪجن ٿيون- سي گرامر هيٺ گڏ ٿيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ ئي مرتب ٿين ٿيون. خود ڀاشا وگيان، جنهن کي ٻوليءَ جو تفصيلي بيان چيو وڃي ٿو، اُن جو هڪ حصو گرامر ئي ته آهي، ۽ گرامر جي مدد سان ئي ته ٻوليءَ جي ٻين پاسن جو بيان ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي سکيا جي عملي طريقي جو بنيادي اصول هيءُ اهي ته هر اُها ڳالهه ۽ ترتيب، جيڪا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي، ان مان جوڳو ڪم ورتو وڃي. اهڙي خالص علمي عمل لاءِ ظاهر آهي ته علمي تربيت حاصل ڪيل استاد جي سخت ضرورت آهي، جيڪو هر اهو بهترين ۽ مفيد رستو ۽ اصول ڪم آڻي سگهي، جيڪو کيس ٻوليءَ جي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي. ٻوليءَ جو اهو تربيت يافته استاد ڪنهن به صورت ۾ ٻوليءَ جي علمي مطالعي يعني ڀاشا وگيان جي حاصلات ۽ نتيجن کي، انساني سکيا جي نفسياتي اصولن کي، شاگردن جي عمر ۽ تعليمي معيار کي ۽ انفرادي شاگرد جي شخصيت ۽ صلاحيت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي.

مٿي هڪ هنڌ چيو ويو آهي ته درسي ڪتابُ، پڙهندڙَ ۽ پاڙهيندڙَ ٻنهي لاءِ هڪ مددي وسيلو آهي. هاڻي سوال اهي ته هڪ غير مادري زبان طور سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ لاءِ هيءُ جو ”آسان سنڌي قاعدو“ ٺاهيو ويو آهي، اُهو ٻوليءَ جي ڪهڙي تدريسي طريقي تي ٻڌل آهي؟ گرامر ۽ ترجمي جي طريقي تي، سڌي طريقي تي، ڀاشا وگياني يا خالص عملي طريقي تي؟ انهيءَ سوال جي جواب سان ئي اُهو فيصلو ٿي سگهي ٿو ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙ يا پاڙهيندڙ لاءِ ڪهڙيءَ ۽ ڪيتريءَ مدد جو وسيلو آهي. سڄي ڪتاب کي پوري ڌيان سان ڏسي وڃو، ۽ پوءِ جو ڪجهه ان بابت ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي تدريسي مقصدن ۽ طريقن بابت مٿي عرض ڪيو ويو آهي، اُن سڀ تي ويچار ڪريو. اوهين هن ئي نتيجي تي پهچندا ته هيءُ ڪتاب مٿي بيان ڪيل چئن تدريسي طريقن مان ڪنهن هڪ طريقي تي به ٻڌل ڪونهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اُهي چارئي طريقا ٻوليءَ جي پاڙهڻ جا طريقا آهن، ۽ هيءُ ڪتاب ٻوليءَ جي پاڙهڻ لاءِ نه پر خاص طرح ٻوليءَ جي فقط ستن آوازن سيکارڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻو ته رڳو ٻوليءَ جي الف – ب پاڙهڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ظاهر آهي ته ٻولي رڳو آوازن ۽ الف – بي جي تختيءَ تائين محدود ڪانهي. اِهي ته رڳو ان جي اظهاري روپ جا پهريان جُزا آهن. اُنهن کان پوءِ اِن روپ جا لفظ به آهن ۽ جملا به آهن، جيڪي پڻ پاڙهڻا ۽ سيکارڻا آهن. تنهن کان پوءِ اُنهن لفظن ۽ جملن ۾ ٻوليءَ جو تهذيبي مواد يعني معنيٰ جو مواد به آهي – جنهن کي پڻ پاڙهڻو ۽ سيکارڻو آهي. افسوس، جو هن ”آسان سنڌي قاعدي“ جو اِنهن ڳالهين سان ڪوبه خاص واسطو ڪونهي.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي لائق چيئرمن صاحب کان هن سلسلي ۾ ۽ هن منزل تي فقط هيءَ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هو هن ناڪام ”سنڌي قاعدي“ کي اُن جي پهرينءَ ايڊيشن جي ڪم اچي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر نه ڇاپائي ۽ ان جي بدران فوراً ٻئي ڪنهن عملي نوع جي ريڊر جي ٺهرائڻ ۽ ترت شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪري. اُن ۾ ئي سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جائز تدريسي حيثيت ۽ اُن جي مفيد ۽ نتيجه خيز تعميل جي ضمانت ٿي سگهي ٿي.

[روزانه ”هلال پاڪستان“

ڪراچي، 4- جولاءِ، 1973]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org