سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :28

 

 

پسي ڳاڙها گل ……

اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻولي وهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حسن ۾ هڳاءُ ۽ جوڀن جو رس ڀريندا آهن. اسان جي سٻاجهي، سدا ملوڪ سنڌي ٻوليءَ به اڄ عمر جي انهيءَ اهم ڏاڪي تي پير رکي رهي آهي. اسان جا نوجوان اديب اڄ جنهن ذوق، جنهن محبت ۽ جنهن لياقت سان، نثر جي ميدان ۾، پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت بجا آڻي رهيا آهن، ان جو پورو اندازو ۽ پورو قدر فقط اسان جا ايندڙ نسل ئي ڪري سگهندا. هن قسم جي سندن تازه ترين ڪوشش ’سهڻيءَ‘ جو اشاعتي سلسلو آهي، جنهن جا ڇهه نمبر هيلتائين پڌرا ٿي چڪا آهن. اسان جا باهمت اديب ۽ حوصله مند ادبي ڪارڪن صدها مبارڪن جا حقدار آهن، جيڪي پنهنجي فرض شناسيءَ ۽ فرائض ادائي ۾ ايڏا سچيت، ايڏا بيخوف، ۽ ايڏا اورچ ثابت ٿي رهيا آهن. وقت جي تقاضا جي هيءَ شناس ۽ ان جي پورائيءَ جو هيءُ امنگ، هيءُ ارادو ۽ هيءُ عمل، جيڪو اسان جي نوجوان اديبن ۽ ادبي خدمتگذارن ۾ اڄ به موجود ڏسجي ٿو، ان ۾ ئي اسان جي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي بقا ۽ ترقيءَ جي ضمانت موجود آهي.

’سهڻيءَ‘ سلسلي جي پهرين وٽي ئي کير ڀري ثابت ٿي آهي. ان ۾ محترم رسول بخش پليجي جو افسانو ’پسي ڳاڙها گل …‘ پيش ٿيو آهي. ادب جي دنيا ۾ هن افساني جو ايڏو ته اوچو معيار آهي، جو ’سهڻي‘ سلسلي هٿان جيڪڏهن سنڌي ادب کي رڳو هڪڙو هيءُ ادبي شاهڪار ئي نصيب ٿئي ها، ۽ واڌو ٻيو ڪي به نه ملي ها، ته به ائين سمجهيو وڃي ها ته هن سلسلي جو مقصد پورو ٿيو.

پليجي صاحب هيلتائين گهڻي قدر تنقيدي مضمون پئي لکيا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه شاعري پڻ پئي ڪئي آهي. ’پسي ڳاڙها گل…‘، افساني جي صورت ۾، شايد سندس پهرين تخليقي ڪاوش آهي. جنهن به ٻوليءَ ۾ جڏهن به ڪا ههڙي عظيم  ڪاوش جنم وٺي، تحقيق ان ٻوليءَ جو ان وقت اهو ڀاڳ چئبو. ٻوليءَ، پلاٽ، مقصديت ۽ مجموعي تاثر جي خيال کان هيءُ هڪ ڪامل ۽ ڪامياب افسانو سڏي سگهجي ٿو. سنڌي افسانو خاص طرح ۽ سنڌي نثري ادب عام طرح، هن افساني جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اهي ساڳيا نه رهندا، جيئن اهي ان کان اڳ هئا.

”هڪ ٻن هنڌِ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب، افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن. مثلاً افساني جي ثانوي مک ڪردار، پاروءَ، کي ’هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اُوچين ٽارين‘ تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪ ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه ان جون ٽاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن، جن تي ائين چڙهي ويهي سگهجي. يا پهرئين مُک ڪردار، ملوڪان، جي ماءُ کي آخر ۾ هڪ ئي وقت جيئرو ڏيکارڻ، جڏهن ملوڪان جهلجي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي، ۽ اُتي ئي اُن کي ملوڪان جي واتان مري ويل بيان ڪرڻ، جڏهن ملوڪان، نيئرن ۾ قابو، ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، ڪري پئي آهي، ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جمعي، جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اڄ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري، بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو.

”اهڙيءَ طرح، شايد ڪجهه قدر، افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا- جيڪا ان کان اڳ واريءَ پئرا جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اُتي ئي ٿيڻ کپندو هو، جڏهن ’تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ‘ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو، جو پاڻ کي پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي، اُن سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سُورَ سهڻ کان پوءِ ’هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي‘ ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چويس ٿي: ’..... سمهي رَهُه، ملوڪان ادي سمجهي پئو! ....‘

اِهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي ۽ خسيس آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ائين ڪو لوڏو رسي ٿو، ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي يا ڪنهن حسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪارٺ جو داغ اچي ويو هجي. اِنهيءَ خيال کان، اِهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا- بلڪ ائين جيئن ڪو ڪاروتِرُ معشوق جي گلابي ڳل کي شاعرن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي اِنهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم  جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي.

بلڪلِ انهيءَ ئي قسم جي اهميت جا ٻيا هڪ اڌ اعتراض پڻ هن افساني تي ڪيا ويا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جي هڪ ليڪچرار صاحب، جنهن وري به شڪر آهي، جو يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ڪن اڌو گابرو ليڪچرارن جي منهن پڪائيءَ واريءَ روايت کي ڀڃي، پنهنجي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جو ايترو سو ڀرم رکيو آهي جو هروڀرو پاڻ کي پروفيسر ڪونه سڏيو اٿس، پر سچ پچاڻي جيئن پاڻ ليڪچرار آهي، تيئن ليڪچرار ئي پاڻ کي لکيو اٿس- اُنهيءَ صاحب هن افساني ۾ ’عرياني، فحش واقعات ۽ سنڌي تهذيب جي مٽي پليت‘ ٿيندي ڏٺي آهي.

ان جي ثبوت ۾ هن پنج ڳالهيون پيش ڪيون آهن. پهرين ڳالهه هيءَ ته افساني جي مک ڪردار، ملوڪان، پنهنجي منهن پاڻ، ’گهر جي ڪنڊ ۾ پٺ ڏئي، چولي جو ٻيڙو کولي‘ ڏسي ٿي ته ’سهڻي لسي، پٿرائين گولائيءَ تي ڪاريءَ چوٽيءَ جي آسپاس وارو حصو سڄيل هو.‘ ٻي ڳالهه ته رات جو ملوڪان کي ننڊ ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو ’ڄڻ سندس ڳلن، چپن، پيشانيءَ ۽ ڇاتيءَ تي ڪنهن جا چپ اڻ لکي نموني پيا ترڪن.‘ ۽ سجاڳ ٿي ’ڳلن تي هٿ لائي ڏسي ٿي ته اهي ڀنل هئا.‘

ٽين ڳالهه ته ملوڪان ۽ ياروءَ جي شاديءَ جي ڳالهين هلندي، جڏهن ڪنهن پوڙهيءَ هي گفتو ڪڍيو ته ان ۾ ’راڄ جي ڪنهن ماڻهوءَ اعتراض وڌو ته فساد ٿي پوندو‘، تڏهن ’ملوڪان جو منهن هڪدم پيلو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن وڇونءَ سندس ڇاتيءَ ۾ ڏنگ هڻي ڪڍيو.‘ ان تي اعتراض وٺندي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڪانامڪس ڊپارٽمينٽ جو ليڪچرار صاحب پنهنجي طرفان بنهه هڪ لاجواب سوال ٿو اٿاري ته ’ڀلا ٻئي هنڌ ڇو نه؟ هروڀرو ڇاتيءَ ۾ ڇو؟‘ چوٿين ڳالهه جنهن ۾ تنقيدنگار جي چوڻ موجب، افسانه نگار ’جيڪا سنڌي تهذيب جي مٽي پليت ڪئي آهي، تنهن ۾ ته حد ڪري ويو آهي‘؛ اها هيءَ، جو ملهار جي مند جو ذڪر ڪندي، افسانه نگار لکيو آهي ته ’ملڪ ۾ وري وس آئي، وري به ماڻهو مڙيا، وري به برن پٽن مان هٻڪارون اٿيون. وري به چڙا ٻُريا ۽ مال جون تنوارون ٿيون، چنگ ۽ نڙ جي سريلين لهرين تي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جا آلاپ ترڻ لڳا. وري به ڳوٺ جون جوان دليون مست ٿي پيون. گس پنڌن تي شوخ ۽ پراسرار مجلسن جون ڏي وٺون ٿيون. عجيب اشارا ٿيا. تنهن کان وڌيڪ عجيب جواب مليا، انجام ٿيا، شڪ جاڳيا، الزام گهڙيا، آڱريون کڄيون، ڀڻڪاٽ ٿيا؛ وچ وارا آيا، پويان چاري هليا، پير کنيا، ويساهه مليا. ڪانبن جيڏن اوهن واريون مينهون ۽ ڳاڙهيون رتيون ڳئون اوڳارينديون رهيون. ڦر ريائون ڪندا ڀٽڪندا ڪڏندا رهيا. ڳاڙهن، گلابي، هيڊن، واڱڻائي ڪپڙن جا پلاند هوائن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رهيا …‘ اها ٿي چوٿين ڳالهه، پنجين ۽ آخري ڳالهه، جيڪا افسانه نويس جي عريان بيانيءَ ۽ فحش نگاري بابت هن تنقيدنگار هن افساني ۾ ڏٺي آهي، جنهن کي ظاهر ڪندي کانئس بنهه رڙ نڪري وئي آهي، سا هيءَ ته ياروءَ جي نڪاح ٻڌي زال، ملوڪان، صبح جو جڏهن جهرڪين جي چرپر تي جاڳي ٿي، تڏهن ڪنڌ هيٺان پنهنجي نڪاح ٻڌي مڙس ياروءَ جي ’ٻانهن ڪڍي، هن جي مٿين ٻانهن لاهي، پاسو بدلائي، ٽنگ ڊگهيري، پير جي آڱوٺي ۽ وچينءَ آڱر سان هڪڙو ڪپڙو ڇڪي هٿ ۾ ڪري ٿي ۽ پاچن جي بخين کي هٿ لائي، پڪ ڪري پائڻ لڳي ٿي.‘ انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪندي، تنقيد نگار جلهه ڪئي آهي ته ’هڪ هنڌ ته اسان جي ڀاءُ پليجي ملوڪان جي لٿل سٿڻ جو بيان ڪيو آهي!‘

اهي آهن جملي الزام عريانيءَ ۽ فحش نگاريءَ جا، جيڪي هن افساني تي لڳايا ويا آهن. هن سڌي سنئين ۽ هيتري قدر ڍڪيل ۽ احتياط سان بيان ڪيل ڳالهين کي پڙهندي، ڪهڙي هنڌ ڪنهن کي عرياني ۽ فحش نگاري يا سنڌي تهذيب جي مٽي پليت ٿيل ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي يا نٿي اچي سگهي، ان جو هر پڙهندڙ پنهنجي ذهني ڪيفيت تي مدار ٿي سگهي ٿو. ۽ اسان جو هي فاضل تنقيدنگار پاڻ به جيڪڏهن انهن پنهنجن اعتراض ورتل ڳالهين کي ٻيهر ڪجهه سوچ ڪري پڙهندو ته اميد ته انهن تي کيس به ڪا عرياني، فحش نگاري وغيره هاڻي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي.

اديب کي پنهنجي وقت جو اعليٰ ضمير سڏيو ويو آهي، ۽ ادب وقت جي ان اعليٰ ضمير جو آواز آهي. اڄ اسان تي جيڪو ڏکيو وقت آيل آهي، ان وقت جو اعليٰ ضمير پڻ اسان جا اديب  آهن. مير، پير، ملا، سياستدان، ڪامورا، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري سڀ اڄ ماٺ جي مرض ۾ ايڏا ته وٺجي ويل آهن، جو ڄڻ مئا پيا آهن. جيڪڏهن ڪٿي هو سرگرم ڏسجن به ٿا، ته فقط پنهنجي آقائن جي چاڪريءَ ۽ چاپلوسي ۾ يا پنهنجن جي مارڻ ۽ پنهنجي پيٽ پرورش ۾. هن قبرستان واريءَ ماٺ ۾ اسان جا اديب ئي آهن، جيڪي ڀير تي ڏونڪو هنيو، علي الاعلان پنهنجو صاف ۽ بي خوف آواز همت ۽ حوصلي سان بلند ڪيو بيٺا آهن- جيتوڻيڪ منجهن به ڪي اهڙا آهن، جيڪي آقائن جي چاپلوسيءَ ۽ چاڪريءَ ۾، ۽ ٽڪر هڏي لاءِ، هڪ پاسي انهن جي آڏو پڇ لٽڪايو پيا هلن ۽ ٻئي پاسي انهن جي نمڪ جو حق ادا ڪندي، پنهنجن تي باهوڙ ٻڌيو بيٺا آهن. تنهنڪري اسان جي سڄاڻ ۽ مخلص تنقيد نگارن جو فرض آهي ته جڏهن به پنهنجن اديبن تي تنقيد ڪن، تڏهن نهايت خبرداريءَ ۽ احتياط سان، ته جيئن ائين نه ٿئي، جو سندن ئي تنقيد سان سندن ئي پنهنجي ڪنهن آواز تي ڪٿي ڪا لت اچي وڃي.

اڄ اسان جي سماجي صورتحال بلڪل اها آهي، جنهن لاءِ فرانس جي لافاني مفڪر ’روسو‘ جي جڳ – مشهور ڪتاب ’معاهده عمراني‘ جو شروعاتي جملو ڪم اچي سگهي ٿو: ’انسان آزاد ڄائو آهي، پر اڄ هو چوڌاري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو آهي…‘ اسان جي شهرن ۾ اسان مان هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو- ايڏي ته هڻ وٺ آهي، ڄڻ ڪو ڪنهن سان سماج ۾ رهي ئي ڪونه ٿو. هزارين لکين پٿر آهن، جي ميڙجي ٻهارجي هڪ هنڌ اچي ڍڳ ٿيا آهن- هڪ هڪ پٿر ٻئي کان الڳ، منجهن ڪابه ڳانڍاپي جي صورت ڄڻ آهي ئي ڪانه. ٻهراڙي، شهر جي گولپ ۾ ڳهي ڳهي ۽ ڏُڀي ڏُڀي، اهڙي ته پُڇ پئجي ويئي آهي، جو ٻيهر ان ۾ ڪو ساهه پوندو ۽ ڪا سک جي ساوڪ ايندي، ان جو ڪو ويجهو امڪان ئي ڄڻ ڪونه ٿو ڏسجي. شهرن ۾ شاهوڪار شاهي ۽ ڪامورا شاهي، ته ٻهراڙيءَ ۾ زميندار شاهي ۽ ڪامورا شاهي ۽ ان سان گڏ قبيلائي جمود- وڏيرو، ملو، پير ۽ پوليس وارو، ٻنهي جهانن جا جلاد بنيا، ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪيو پيا هلن. ههڙي ساهه قبض ڪندڙ وايو منڊل ۾ به انسان ويچارو آهي، جو ڇوٽڪاري لاءِ هٿ پير هڻندو رهي ٿو ۽ آزاديءَ لاءِ اُسڙڪندو ۽ واجهائيندو ٿو رهي.

’پسي ڳاڙها گل…‘ افساني جا ٻه مک ڪردار، ملوڪان ۽ يارو، به آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ٻه اهڙا انسان هئا. سندن ماءُ پيءُ به ساڻن شامل هئا. مذهب ۽ قانون جو به هنن ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو هو. تنهن هوندي به ’آخر راڄ کٽيو، سڱاوتي ختم ٿي، ياروءَ کي هليو وڃڻو پيو… ڳوٺ جون زالون طرحين طرحين حرفن سان ملوڪان جي ماءُ کي کوٽينديون رهيون، پر هوءَ ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي، ’بس، اما، لکيو نه هو سو نه ٿيو. الله ڏاڍو، راڄ ڏاڍو. جبل کي ٽڪر هڻبو ته پنهنجو مٿو ڦاڙبو!‘

زميندار زده ۽ قبيلائي سماج ۾ عورت کان وڌ مظلوم ۽ بيوس شايد ئي ٻيو ڪو انسان هجي. مون پنهنجين اکين سان عورت کي پنهنجي مرد هٿان ايترو مارجندي ڏٺو آهي، جو ڌڪن سبب رتوڇاڻ ٿي، هوءَ بيهوش ٿي نيٺ ڪري پئي هوندي، رت هن جي بت تي ڄميو پيو هوندو، سندس معصوم ٻار هن جي پيرن ۾ ويهي هن جي بت تان ڄميل رت جون ڪَڙيون نُنهن سان کرڙي لاٿيون هونديون. منهنجي پنهنجي اکين ڏٺو واقعو آهي ته هڪ عورت جو زوريءَ نڪاح وڌو ٿي ويو، ۽ هوءَ ان کان بچڻ لاءِ چوريءَ چوريءَ اَن جي گنديءَ ۾ ٽپ ڏيئي، لڪي وڃي ويهي رهي. ڳولي ڳولي نيٺ چاپڙ لاهي، هن کي گنديءَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي، ڏاڍي مار ڏيئي، زوريءَ سندس نڪاح پڙهيو ويو. مون پنهنجين اکين سان هڪ پرڻيل عورت ۽ هڪ رنيل عورت کي هٿين خالي بنهه ٽن ڪپڙن ۾ گهر منجهان ڌڪجي ۽ لوڌجي ٻاهر ويندي ڏٺو ۽ هن کي ڪا واهه ئي ڪانه هئي، جتي هوءَ وڃي ڪو اَجهو وٺي. مون پنهنجين اکين سان عورت جو سسي لٿل لاش ڏٺو، جنهن کي ’ڪاري‘ ڪري قتل ڪيو ويو هو. مون عورت کي پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي پٽ جي ملڪيت کان بي دخل ٿيندي ڏٺو. ڌيئن کي ڄمندي ماري ڇڏڻ، ڌيئن کي حق بخشائي يا قرآن سان پرڻائي ويهاري ڇڏڻ جا مثال مون ڏٺا ۽ ٻڌا به. منهنجو ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ نئين پرڻيل عورت کي رسيءَ سان چوکنڀو ٻڌي، مٿس گاسليٽ هاري، باهه ڏئي، ساڙي ماريو ويو. ڇاڪاڻ ته هن خراب ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو ۽ ڳالهه کي کولڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏنيون. هيءُ به منهنجي ڪنين ٻڌو سچو واقعو آهي ته هڪ گرڀ وتيءَ ڪنواريءَ عورت کي سندس ڀائرن گڏجي گهٽو ڏيئي ماريو ته جيئن هو ٻار نه ڄڻي ۽ ’خاندان‘ جي خواري نه ٿئي. مطلب ته عورت اسان جي موجوده ذهني توڙي مادي طور بنهه پٽ پيل سماج جو هيڻي ۾ هيڻو، مظلوم ۾ مظلوم ۽ بيوس ۾ بيوس انسان آهي. شاهه جي لفظن ۾ عورت جي حالت اسان وٽ اڄ هيءَ آهي، جو

سرجي تان سور، سامائي تان سک ويا،

اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا!

’پسي ڳاڙها گل…‘ هڪ الميه افسانو آهي ۽ ان ۾ عورتجي درد انگيز تقدير جو حال جنهن ڄاڻ، جنهن همدرديءَ ۽ جنهن اثر آفرين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، ان جو مثال اسان جي نثري ادب ۾ ٻيو ملڻ مشڪل آهي. سنڌي ادب جي روايتي سرچشمي طور جيڪي اسان وٽ رومانوي داستان موجود آهن، اهي پڻ ٻين ڳالهين سان گڏ عورت جي مظلوميت جا داستان آهن. اسان جي عظيم شاعرن، خاص ڪري شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ انهن داستانن جي شعري ترجمانيءَ کي جنهن ادبي ڪمال تي پهچايو آهي، ان کي ڪجهه قدر اسين ڄاڻون ٿا. پر ان ادبي ڪمال جي وسيلي عورت جي دک جو فرياد، عورت جي دل جي دانهن جيڪا اسان تائين پهچائي ويئي آهي، دراصل ان کي هنئين جي ڪنن سان ٻڌڻ ضروري آهي. شاهه صاحب جي شعر ۾ هر هنڌ مظلوم عورت جي هيءَ ئي دانهن پئي ٻڌجي ته

اَڌر، نڌر، اَڀري، اوڳي، اَوائي!

اَڌر، نڌر، اَڀري، اَسونهين آءٌ!

تنهن کان سواءِ شاهه صاحب جي شعر جي مظلوم عورت پاڻ کي جيڪي ڪجهه سڏي ٿي، انهن لفظن کي ٻڌندي ئي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. چي: آءٌ ٻانهي، گولي، عاجز، اڄاڻي، ولهي، معذور، موڙهي، ويچاري، ضعيف، فقير، انڌي، ڇوري، مُٺي، مسڪين، هاري، ڪميني، کُهي، چري، غريب، بکي، اگهاڙي، کاڻي، وڍي، ننگي، نماڻي، نست، ڪمتر، ندوري، لَنگهي، لوري، اَزوري، اَٻوجهه، هيڻي، پورهيت، نڀاڳي، ڏکوئي، باندي، اَگهي، سُوراتي، اَواٽ، رلي، پينار، وغيره وغيره. ’پسي ڳاڙها گل…‘ جي مُٺي ڀاڳ- ڦٽي ملوڪان به ائين پاڻ کي سڏي سگهي ٿي. اهي سڀ لفظ هن لاءِ به استعمال ٿي سگهيا ٿي، ۽ پوءِ به پاڻ لاءِ هوءَ ائين چئي سگهي ٿي ته

حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪيان ذري،

لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،

وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀڙي ڪين ڪي.

پڇاڙيءَ جو، جڏهن هن کي پيءُ ماري ٿو، ڀاءُ ماري ٿو، چاچو ماري ٿو، راڄ جو وڏيرو جاڙو ماري ٿو، سڄو راڄ ماري ٿو- اِهو راڄ جيڪو الله کان وڌ ڏاڍو ٿو چئجي، جنهن هن جي بيگناهه پيءُ ماءُ کي ڀَت پُهت مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن هن جو اگرتگر کڻائي جهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو، جنهن سندس معصوم ڀاءُ کي ڪوڙيءَ چوريءَ ۾ جهلائي پوليس کان هن کي مارون ڏياريون، هن جون مڇون پٽايون ۽ هن کي ترم ۾ موڪليو، جنهن هن جي سدا ساهه صدقي ڪندڙ پيءُ کي ۽ هن جي مِٺي محب ڀاءُ کي اهڙو ته ڇتو ڪري ڇڏيو، جو هو ان ساڳئي سنگدل راڄ سان ملي، پنهنجن هٿن سان پاڻ هن کي ڪٽي ڪٽي بنهه پاهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، تڏهن سڀ تان آسرو پلي، نيٺ هوءَ ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي ته ’…سڀ ڪوڙ، سڀ ڪوڙ! ڏکيءَ مهل زال ذات جو ڪهڙو پيءُ، ڪهڙي ماءُ!‘ ۽ ’کيس ائين ٿو لڳي ڄڻ هن جهان ۾ هوءَ اڪيلي آهي… چؤطرف رات ئي رات  آهي …‘

پئي ٿي پيمال، سا منڌ مري نه جئي،

بري هن ڀنڀور سين هڏ نه ڳرهي حال…

ملوڪان ۽ ياروءَ جي هيڏيءَ دُرگتيءَ جو آخر سبب ڪهڙو؟ هنن آخر ڏوهه ڪهڙو ڪيو هو؟ هنن هڪٻئي سان پيار ٿي ڪيو- ڪنهن جو خون ڪونه ٿي ڪيائون: پيار به اهو جنهن ۾ ٻنهي جا مائٽ نه فقط راضي، پر ان لاءِ حد کان وڌيڪ خواهشمند ۽ دعاگو هئا. قانون کي هنن ڪونه ڀڳو هو. مذهب کي هنن ڪونه اورانگهيو هو. پر نه …… ڏوهه واقعي هنن ڪيو هو- ۽ نهايت ڳرو ڏوهه ڪيو هو. ۽ اهو هيءُ ته جيڪا ڳالهه ’راڄ‘ کي ڪانه وڻي، سا هنن کي وڻي هئي. اهو راڄ، جيڪو قانون کان اوچو، مذهب کان مٿي، ۽ انسانيت کان ڏاڍو هو، ان لاءِ اها ڳالهه سهڻ کان ٻاهر هئي. ڪنهن کي ڪهڙو حق هو، ڪنهن کي ڪهڙي طاقت هئي، جو راڄ جي ڳالهه کي هيٺ ڪري ۽ پنهنجيءَ ڳالهه کي مٿي ڪري؟- ۽ سو به تڏهن جڏهن هڪ خسيس عورت آڏو هجي، جيڪا اهڙي حق جي طلب ڪري ۽ اهڙيءَ طاقت جي دعوا ڪري! ههڙي نپٽ انڌ ۾ ورتل ۽ پنهنجي منصب تان ڪريل ڪٺور راڄ سان بغاوت ڪرڻ، جنهن جي مٺ ۾ هر آزاد انساني روح نپوڙجي رهيو رهجي- هر ان انسان لاءِ جنهن ۾ انسان بنجڻ جو امنگ موجود آهي، هر هنڌ ۽ هر وقت، هڪ ناگزير ۽ اٽل فرض جي صورت وٺي بيهي ٿو. ملوڪان ۽ ياروءَ راڄ سان سينو ساهيو. ناڪام ٿيا. جو ڪجهه ساڻن ٿي گذريو، ان کان پوءِ شايد هو وري راڄ سان مقابلي ۾ نه اچن، ۽ باقي سڄي عمر وساڻل جسم ۽ مئل روح کنيو، چرندڙ پرندڙ لاش بنيا، هيڏي وڏي ڀتين سان ٽڪر هڻندا وتن. ائين به آهي ته ملوڪان جهڙيون ڪيئي ملوڪائون ۽ ياروءَ جهڙا ڪيئي زنده دل، اڙٻنگ جوان، وقت پئي، سماج جي مرضيءَ جي سف- مڻِي ڇپ هانوَ تي رکيو، چپن تي مرم ۽ مجبوريءَ جي مهر هنيو، ’ماڻهو ماڻهن جهڙا‘ ٿيا پيا هلن چلن. پر انهن سڀني جي دلين ۾ ناراضپي ۽ نفرت جا آڙاهه جيڪي ڌڳندا ٿا رهن، انهن جون ڄڀيون سندن هر امنگ، هر خواهش ۽ هر خوشيءَ کي چٿيو، لوساٽيو ۽ وقتي ساڙيو رک ڪيون بيٺيون آهن، ۽ ائين، هو نه پنهنجا دوست، نه پنهنجن جا ۽ نه ڪن ٻين جا ڪڏهن دوست رهي سگهن ٿا. ’راڄ‘ جي آڏو ’ماڻهوءَ‘ جي هيءَ شڪست انسان ۽ انسانيت جي هر جوهر جي شڪست آهي. ان کان پوءِ ماڻهو، ماڻهو ڪونه ٿو رهي ۽ نه راڄ ماڻهن جو راڄ رهي ٿو.

’پسي ڳاڙها گل…‘ راڄ ۽ ماڻهوءَ، سماج ۽ فرد جي انهيءَ ناگزير ۽ وحشتناڪ ٽڪر جو هڪ افسانو آهي. ان ۾ ٻن ڌرين جي نسبت، ظاهر ظهور، ائين آهي جيئن هاٿيءَ ۽ ڪيوليءَ جي يا جبل ۽ شيرين جي عاشق فرهاد جي. پر وقت آئي، هاٿيءَ جي ڪن ۾ گهڙي، ڪيولي هاٿيءَ کي ليٽائي سگهي ٿي، ۽ حسن، نيڪيءَ ۽ حق جي شيرين جو وصال ماڻڻو آهي ته جبل کي ان لاءِ ٽاڪڻوئي پوندو. هن ٽڪر ۾ اديب جو قلم به، ٻيو نه ته هاٿيءَ جي ڪن ۾ ڪيوليءَ جي ڏنگ جو ۽ فرهاد جي هٿ ۾ تيشي جو ڪم ضرور ڪري ٿو. زمينداراڻي قبيلائي سماج ۾ عورت جي حيثيت مرد جي سامهون غير برابريءَ جي، بلڪ بنهه غلاميءَ جي ٿئي ٿي. هن سماج ۾ عورت کي سنئون سڌو هڪ ملڪيتي انگ شمار ڪيو وڃي ٿو. جيتري قدر جنهن سماج ۾ عورت کي انهيءَ ڪامل غلاميءَ جي حيثيت کان مٿڀري ۽ مرد سان برابريءَ جي ڪا حيثيت حاصل هوندي، ايتري قدر چئي سگهبو ته سماج پنهنجي قبيلائي سطح کان چڙهي، انساني ترقيءَ جي ڪنهن اوچيءَ سطح تائين پهچي سگهيو آهي. سماج جي هن ترقياتي سفر ۾ اديب هميشه راهه جي هڪ ڄاڻوءَ يا سونهين جو ڪم ڏنو آهي. ادب جي دنيا ۾، خاص طرح شعر، ناٽڪ ۽ افساني ۾، عورت هڪ سدا- موجود موضوع رهي آهي- ڇاڪاڻ ته سماج جي سڀ کان ڪمزور ۽ سڀ کان مظلوم نشان هئڻ سبب، عورت جي دک درد جي ادبي اپٽار کي هميشه سماج جي ٻاهرينءَ چک مک ۽ اندرونيءَ خباثت جي پردي- ڦاڙَ ۽ ان جي پوري، ديوهيڪل ڍانچي تي هڪ سنڌائتو ۽ ڀرپور وار سمجهيو ويو آهي. جيڪي ادب جي لازمي سماجي ڪارج کان انڪاري آهن. اهي اڪثر اعتراض وٺن ٿا ته سماج جي اهڙيءَ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ هيٺ مٿانهينءَ کي، ائين رستي تي بيهي، وڏي وات، ظاهر ڪرڻ سان سماج جي اجائي خواري ٿئي ٿي، ۽ ائين ڪرڻ سان سماج جي عظيم تهذيبي روايت کي ڌڪ ٿو رسي. ايڪڙ- ٻيڪڙ هيٺ مٿانهينءَ جي ڳالهه ائين آهي، جو چئجي ته سماج ۾ ڪوڙ سڀ ڪونه ٿا ڳالهائين، چوري سڀ ڪونه ٿا ڪن ۽ خون به ڪي بنهه ٿورڙا ٿين ٿا، ۽ وڏي ڳالهه ته ظالم به اڪثريت جي مقابلي ۾ بنهه اقليت ۾ آهن، تنهنڪري ادب جي دنيا ۾ انهن ٿورڙين سماجي هيٺ- مٿانهين ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ظلم، ڪوڙ، چوريءَ ۽ خون جهڙين خرابين جي ڪابه ادبي اپٽار نه ڪجي، ڇو ته ان مان سماج جي خواري ٿيندي ۽ عظيم تهذيبي روايت کي ڌڪ لڳندو! ظاهر آهي ته ائين ادب کي ڇنڊي ڦوڪي، واس ڌوپ ڏيئي، پروريءَ طرح ڪفنائي دفنائي ڇڏڻو ڪونهي. ۽ جيتري قدر عظيم تهذيبي روايت جي بچاءَ جو سوال آهي ته معلوم هئڻ گهرجي ته سڀ کان قديم ۽ سڀ کان عظيم روايت خود زندگيءَ جي روايت آهي، جنهن کي هر صورت ۾ بچائڻو، قائم رکڻو ۽ سڌارڻو آهي، ۽ ان مقصد جي پورائيءَ ۾ ٻيءَ ڪنهن به روايت کي آڏو اچڻ ڪين ڏبو- پوءِ اها روايت تهذيبي هجي، سماجي هجي، مذهبي هجي، يا ٻئي ڪنهن نوع جي هجي. ادب جي دنيا ۾ زندگيءَ جي روايت کان اوچي روايت ٻي ڪابه ڪانهي. ادب جو موضوع زندگيءَ جي هر ڪوجهائي، ۽ زندگيءَ جو هر حسن، رهيو آهي. ۽ ادب جي پنهنجي روايت سماج جي هر ناسور کي چهڪ ڏيئي، اُکولڻ جِي رهي آهي، تان ته ان تي مرهم رکي سگهجي. ادب کي جيڪڏهن پنهنجي منصبي ڪارج تي ڪاربند رهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ان بنيادي روايت ۽ پنهنجي ان بنيادي موضوع تي محڪم رهڻو ئي پوندو.

ادب جي انهيءَ بنيادي موضوع ۽ انهيءَ بنيادي روايت کي جنهن ڪاميابيءَ سان لائق افسانه نگار هن افساني ۾ پيش ڪيو آهي ۽ نباهيو آهي، اهو سندس ئي ڪمال آهي. سڄي افساني ۾ ڪٿي به ڪا نعري بازي ڪانهي. هڪڙي سنئين سڌي ڳالهه آهي، جيڪا هو بيحد ڪاريگريءَ سان ڪري وڃي مٿي چڙهيو آهي. ڳالهه اهڙي ڄاتل سڃاتل پيئي لڳي، ۽ ان جا ڪردار اهڙا بنهه پنهنجا پيا معلوم ٿين، جو ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ڳالهه جيڪڏهن ٿي سگهي ٿي ته اسان جي، يعني هتان سنڌ جي ئي ٿي سگهي ٿي- ٻئي ڪنهن ملڪ، ٻئي ڪنهن سماج سان ان جو، واقعاتي توڙي ڪردارن جي مخصوص رهت ڪهت جي حد تائين، ڪو خاص واسطو ڳنڍجي نٿو سگهي. افساني جي هن باڪمال رٿا ۽ ان جي ايڏيءَ پراثر پيشڪش پٺيان افسانه نگار جو وسيع ۽ پختو مشاهدو ۽ حقيقي آفرين انداز بيان ۽ ٻوليءَ تي سندس ڪامل دسترس ڪار فرما آهن. ملوڪان جي ٻاراڻي حسن توڙي جوانيءَ جي حسن جي ڳالهه هجي، ملوڪان ۽ ياروءَ جي پهرئين پيار توڙي سندن رسڻ پرچڻ جو بيان هجي، ملوڪان جي معصوم دل مائٽن جي پيار جو توڙي ڏک ڏمر جو ذڪر هجي، راڄ جي زالن توڙي مردن جون پنهنجائپ توڙي پرائپ جون ڳالهيون هجن- مطلب ته افساني جي هر ڪردار، ڪردار جي هر جذباتي توڙي ذهني ڪيفيت، ۽ افساني جي هر واقعي ۽ ان جي هر ڦيرگهير سان ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ شعور ۽ ان جي پوري بيان لاءِ مناسب ٻولي ۽ تز لفظ اوهان کي هن افساني ۾ ملندا. اسان وٽ چوڻي آهي ته ’ڏهين ڪوهين ٻولي ٻي.‘ يعني ٿوري ٿوري مفاصلي تي ٻوليءَ جي ڍار نئين نئين ۽ ٻوليءَ جا لفظ ۽ لفظن جا اچار نوان نوان ٿيندا رهن ٿا. نه فقط ايترو پر هڪ ئي هنڌ زالن جي ٻوليءَ ۽ مردن جي ٻوليءَ ۾ ڦير ٿئي ٿو. مختلف ڌنڌن وارن جي ٻوليءَ ۾ فرق ٿئي ٿو، مختلف قبيلن جي ٻوليءَ ۾ پنهنجي پنهنجي خصوصيت ٿئي ٿي، وغيره وغيره. ٻوليءَ جي هن ڀانت ڀانت جي لهجي، ڍار ۽ اصطلاح جي مطالعي لاءِ پڻ ’پسي ڳاڙها گل…‘ افساني ۾ ڪافي مواد موجود آهي. هن افساني جي ٻولي، لائق افسانه نگار جي پنهنجي خطي، يعني لاڙ جي جهرڪ- جنگشاهيءَ جي ايراضيءَ ۾ رهندڙ خاص طرح سماٽ قبيلن جي ٻولي معلوم ٿئي ٿي.

سنڌي ٻوليءَ جي هن عظيم افساني جو پنهنجو امتيازي شان آهي. افساني جو لائق مصنف ۽ ان جو ناشر صاحب ٻيئي صدها مبارڪن جا حقدار آهن، جن هيءُ افسانو سنڌي ادب کي ڏنو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هن اهم خدمت تي هو جيترو فخر ڪن، اوترو کين سونهي.

 

برهانپور کي سندهي اولياء (اڙدو):

صفحا 419؛ ڇپائي، گيٽ اپ، ۽ ڪور وڻندڙ، قيمت ڇهه روپيا؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي؛ ۽ (2) تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

سنڌ ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري دور تي اگرچ جهالت ۽ بيخبريءَ جا نهايت ٿُلها ۽ سياه پڙدا پيل آهن، تڏهن به جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو آهي، انهيءَ مان ايترو دعويٰ سان چئي ٿو سگهجي ته سمن جو دور سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري دور هو- هنن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نهايت آرام ۽ امن نصيب هو، ۽ هو زندگيءَ جون گهڙيون نهايت اطمينان سان گذاري رهيا هئا، نتيجو هيءُ ٿيو، جو هن خوش- نصيب سرزمين ۾ علم ۽ فيض جا درياهه وهڻ لڳا، جن کان ملڪ جو چَپو چَپو سيراب ۽ سرسبز ٿي ويو.

سمن سلطانن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي حاڪمن ۽ گجرات جي حاڪمن جا پاڻ ۾ گهرا ۽ گهاٽا تعلقات ٿيا، جن اڳتي هلي سڱابنديءَ جي صورت ورتي، جنهنڪري ٻنهي ملڪن جا حڪمران هڪ ٻئي جا نه فقط دوست بلڪ عزيز ۽ خويش ٿي پيا. حاڪمن جي هن ناتي جو اثر فطرتاً رعيت تي به پيو، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان آمدورفت ۽ ناتا وڌڻ لڳا، جنهنڪري ٻنهي ملڪن جي اجنبيت وڏيءَ حد تائين ختم ٿي ويئي.

جڏهن بدقسمتيءَ سان سما گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو آيو. سنڌ ملڪ تي ٻاهرين حاڪمن جو راڄ شروع ٿي ويو، ۽ اهو اڳوڻو امن امان نه رهيو، تڏهن سنڌ جي ڪيترن بزرگن، جن کي هاڻي هتي ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿي ملي سگهيو، تن گجرات ڏانهن رخ رکيو، ۽ وري سنڌ ڏانهن نه وريا. انهيءَ وچ ۾ گجرات سان اهي رشتا ناتا ختم ٿي ويا، ۽ آمدورفت جو سلسلو ڪپجي ويو؛ تنهنڪري انهن بزرگن جي ياد به ماڻهن جي دلين تان محو ٿي ويئي، ۽ ڪنهن کي خبر ڪانه رهي ته ڪو هي گوهر ناياب اصل سنڌ جي پيدائش هئا.

هندستان جي تقسيم سان جيڪي ڦيريون گهيريون آيون، انهن مان هڪڙو اهو فائدو ٿيو آهي جو هندستان جي مختلف گوشن مان وڏا وڏا فاصل ۽ اهل قلم سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا آهن: جنهنڪري اسان کي ڪيتريون پنهنجون وڃايل وٿون وري واپس ملي رهيون آهن. اهڙن ماڻهن مان هڪڙو بزرگ سيد محمد مطيع الله، ”راشد“ برهانپوري، به آهي، هن بزرگ جي هڪ تازه ترين تصنيف، ”برهانپور کي سندهي اولياء“، المعروف بہ تذکره اولياي سنده“، سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي شايع ڪئي آهي.

برهانپور جي سنڌي بزرگن جا حالات بلڪل گمناميءَ جي گوشي ۾ پيل هئا: جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ٿوري گهڻي خبر به پيئي ٿي، ته نهايت مشتبه ۽ مشڪوڪ: مثلا؛ مون کي بلڪل چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند الله برهانپوريءَ جا حالات لکنوءَ جي ”معارف“ جهڙي معياري رسالي ۾ شايع ٿيا هئا؛ مگر انهيءَ ۾ کيس ٺٽي جي حاجي محمد قائم جو فرزند ڏيکاريوويو هو- ڪيڏي نه فاش غلطي آهي! حاجي محمد قائم ٻارهين صديءَ هجريءَ جو بزرگ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر آهي، جو ٺٽي مان هجرت ڪري مديني شريف ويو، ۽ وڃي اتي وفات ڪيائين. شيخ عيسيٰ جندالله انهيءَ کان گهڻو وقت اڳ ٿي گذريو آهي- جيئن هن ڪتاب مان معلوم ٿيندو.

راشد صاحب هيءُ ڪتاب تمام محنت ۽ جانفشانيءَ سان لکيو آهي. بزرگن جا حالات ڏاڍيءَ ڪاوش سان  جمع ڪري، گهڻي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، صحيح حالات درج ڪيا ويا آهن. ابتدا ۾ سنڌ جي مشهور محقق ۽ مؤرخ پير حسام الدين راشديءَ جو پيش لفظ آهي، جو نهايت عالمانه آهي؛ تنهن کان پوءِ، مختصر تمهيد بعد، ڪتاب جو اصل مضمون شروع ٿئي ٿو.

ڪتاب کي ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: پهرئين دور ۾ حضرت مسيح الاولياء شيخ جندالله جي گهراڻي جو ذڪر آهي؛ ٻئي دور ۾ ٻين سنڌي بزرگن جا حالات بيان ڪيل آهن؛ ۽ ٽئين دور ۾ حضرت مسيح الاولياء جي مختلف خليفن جا سوانح لکيا ويا آهن- انهن خليفن ۾ پڻ ڪيترا سنڌي آهن. ڪتابن جي آخر ۾ هڪ نهايت قيمتي ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته برهانپور جي سنڌي بزرگن جا لکيل ڪتاب هن وقت ڪٿي ڪٿي موجود آهن، (جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آيو آهي)، انهن مان ڪهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪهڙا اڃا نه ڇپيا آهن، ۽ ڪهڙا ڪتاب مورڳو گم آهن.

 

”لاٽ“

زندگيءَ وانگر ٻولي به سدائين وڌندي ۽ ويجهندي ٿي رهي. ڪي به دٻاٽ ۽ ڪي به ضابطا اُن کي بيهاري ۽ پوئتي هٽائي ڪونه سگهن؛ نه وري ڪنهن به قسم جون قدامت پرستيون ۽ جهل آفرينيون ان کي موٽائي پوئتي نيئي ٿيون سگهن.

ٻوليءَ جو واڌارو ٻوليءَ جي ادب سان آهي، جنهن ادب جا موضوع توڙي اسلوب پراڻي ادب جا آهن، ان ادب سان ٻوليءَ جو واڌارو ڪونه ٿو ٿئي. ادب جا نوان موضوع ۽ نوان اسلوب ئي اهن، جيڪي ٻوليءَ جي وڻ ۾ ڦوٽهڙو آڻين ٿا ۽ ادب جي اوسر جو سبب بنجن ٿا.

اسان جي ٻوليءَ جي هيءَ خوش نصيبي آهي، جو اڄ وٽس اُن نئين ادب جا خالق توڙي شائق ٻيئي موجود آهن. جيڪڏهن شاهه، سچل، ساميءَ ۽ ٻين اسان جي عظيم ڪلاسيڪي اديبن ۽ شاعرن اسان جي ٻوليءَ ۾ پرڀات جو نُور آندو، ته اڄ هنن اسان جي بي مثل نوجوان شاعرن ۽ اديبن جي دم سان ان ۾ صبح جي سج جا پهريان شعاء پريان افق ۾ ڏسجي رهيا آهن، اُهو وقت پري ڪونهي، جڏهن اسان جي ادب جو سج پنهنجي سموري آب تاب ۽ جاه جلال سان اُڀري مٿي ايندو.

شمشير جو شعر آءٌ شروع کان پڙهندو پئي آيو آهيان. پنهنجي هن جوان عمر ۽ جوان طبع شاعر کي آءٌ، سنڌي ادب لاءِ، اُنهيءَ صبح جي نريمن منجهان شمار ڪريان ٿو. آمريڪا جي عظيم قومي شاعر، والٽ وٽمن، 36 ورهين جي عمر ۾، پنهنجي شعر جو پهريون مجموعو فقط 95 صفحن ۾ شايع ڪيو هو. فرانس جو لافاني اديب، پيري لوئي، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”مستقبل جا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن زياده هن جي عظمت محسوس ڪندا ۽ مڃيندا“، تنهن جڏهن پنهنجي شعر جو پهريون ڪتاب پيش ڪيو، تڏهن اُن ۾ فقط 75 شعر هئا. شمشير هيءُ 88 صفحن جو مجموعو پڻ انهيءَ ساڳيءَ مشعل جي ”لاٽ“ آهي، جيڪا هر هنڌ ۽ هر حال ۾ حق، حسن ۽ خير جي تلاش لاءِ پنهنجي روشني، انهيءَ نموني، انسان جي اڳيان پيش ڪندي پئي آئي آهي.

مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد کانئس به زياده اعتماد آهي:

”حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،

”اڄوڪي دؤر جو دانا ڪري پيو محنت؛

”زمانو طئي ڪري آيو خيال جي بستي،

”نرالي نور کي روڪي نٿي سگهي طاقت!“

[1961ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org