سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :11

 

ثميره زرين

محترم ڀاءُ، محمد ابراهيم صاحب - -

نئين سال جي بنهه شروعات ۾ هڪ افسانو لکيو هوم تڏهن کان ئي موڪلڻ جو ارادو هو، پر ڪجهه مصروفيت ۽ ڪجهه موڊ نه هجڻ سببان ايتري دير ٿي ويئي؛ هينئر موڪلي رهي آهيان. هيءُ افسانو تقريباً سال کن جي ذهني جمود بعد لکيو اٿم، - الائي ڪيئن آهي؟

اوهين چوندا ته آءٌ وري ڀُلجي پيس! پر هن دفعي مان ڀليل ڪين آهيان، ڇاڪاڻ جو ٻڌو هوم ته محترم دائود پوٽي صاحب جي وفات بعد في الحال ”مهراڻ“ جي ايڊيٽنگ جا فرائض اوهان جي سپرد هوندا؛ ٻيو ته اڳي اوهان لکيو هو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجن افسانن لاءِ اوهان جو ذاتي رايو وٺڻ چاهيان ته وٺي سگهان ٿي؛ هن افساني موڪلڻ جو اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اوهان کان ان تي راءِ وٺڻي اٿم.

افساني جو اختتام اوهان کي شايد حقيقت کان پري نظر ايندو- ۽ واقعي آهي به. مون جنهن ويل هيءُ پلاٽ سوچيو هو، اُن وقت منهنجي ذهن ۾ به اهو اختتام ڪين هو، ۽ ڪا ٽريجڊي سوچيل هئي. اڄ جي دور ۾ اسان کي حقيقتن جي ويجهو هزارين ڏک پيا نظر اچن؛ تنهنڪري هن افساني ۾ به ڪا نه ڪا ٽريجڊي ٺهڪي اچي ها؛ پر نه ڄاڻان ڇو، افساني جي پڇاڙيءَ تي ايندي، اوچتو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ويئي. زمرد کي آخر تائين ڀٽڪندي ڏسڻ تي منهنجي دل نه ٿي. زندگي اول کان آخر تائين ٽانڊن تي ڇو ٽلندي رهي؟ نيٺ ته انسانُ انسان جي ڏک جو احساس ڪندو ئي – پوءِ دير سان ئي سهي. ڪڏهن ته انسان روح جي سونهن به پسي سگهندو؛ ڪڏهن ته هن جي مرده انسانيت سجاڳ ٿيندي، ۽ هو پاڻ جهڙي انسان جو ڏک سور محسوس ڪري سگهندو! تنهنڪري، مون فضلوءَ جي پيءُ کي زمرد جي ڏک جو احساس ڏنو آهي، ۽ کيس اُهي اکيون ڏنيون آهن، جيڪي هن جي بدصورت پيڪر ۾ لڪل روح کي سونهن پسي سگهيون آهن.

ائين برابر آهي ته پيءُ جي نسبت ماءُ جو جذبو وڌيڪ شديد ٿئي ٿو، ان ڪري مون کي به فضلوءَ جي پيءُ جي بجاءِ سندس ماءُ جو اِهو ڪردار ڏيکارڻ گهرجي ها؛ پر صرف هن خيال کان مون ائين نه ڪيو آهي ته مشڪل سان ڪا عورت پنهنجيءَ نُنهن لاءِ دل ۾ اهڙو جذبو رکي سگهندي: ۽ ڪجهه ان سبب ڪري به، ته مون لاءِ اڪثر چيو ويو آهي ته مان مرد جو ڪردار ڪٿي به بلند نه ڏيکاريو آهي، بنسبت عورت جي. در حقيقت، منهنجو ذاتي خيال ائين نه آهي. انسان جي عظمت ڪنهن صنف تائين محدود ڪين آهي!

مون اوهان کي پنهنجي خيال کان واقف ڪيو ته ڪهڙي جذبي جي تحت مون پڇاڙي ائين رکي آهي؛ هاڻي، اوهين ٻڌائيندا ته افساني جو هيئن اختتام تصنع ڀريو ته نظر نه پيو اچي؟ سچ ته مون کي پاڻ ان مان گهربل تسلي ڪانه ٿي ملي- شايد آءٌ پنهنجن خيالن جو اظهار پوريءَ طرح ڪري نه سگهي آهيان. اوهين ان تي مفصل راءِ لکندا، ۽ ڄاڻائيندا ته واقعات نگاري، ڪردار نگاري، پلاٽ ۽ اسلوب ۾ ڪهڙيون اوڻايون آهن. خامين لکندي اوهين ڪوبه احقراز ڪين ڪندا.

ادا، هڪ ڳالهه ٻڌايانوَ ٿي. جڏهن اڳي ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪراچيءَ جو ادبي مقابلو پئي ٿيو، تڏهن مون کي ڀائرن چيو هو ته تون به ڪجهه لکي موڪل؛ پر مون کين انڪار ڪيو هو ته هند ۽ سنڌ جي اديبن جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جهڙي قابليت مون ۾ ڪينهي. پر بعد ۾ جڏهن، بنهه آخري ڏينهن ۾، مون کي دعوت ملي ته دل نه رهي. ذهن ۾ هڪڙو ئي پلاٽ هوم. هوڏانهن افسانن موڪلڻ جي آخري تاريخ ۾ هفتو کن مس بچيو هو. خيال ڪيم ته اهو افسانو لکان ٿي، جيڪڏهن ڀاءُ کي چڱو نظر آيو ته موڪليندس، نه ته نه. مون کيس لکي ڏيکاريو، ته هُن پسند ڪيو. پوءِ مون جلد جلد اُن جون ٽي ڪاپيون لکي موڪلي ڏنيون. مان سچ ٿي چوان، ادا، تڪڙو تڪڙو لکندي منهنجي آڱر ۾ به لڦ ٿي پيئي هئي، (شايد اُن لڦ جي بدولت ئي انعام مليو هو!) مون کي خيال هو ته انعام ته ڇا، انعامي مقابلي ۾ شامل به مس ٿي سگهي، پر بعد ۾ واقعي چڱو سمجهيو ويو.

ايترو سڀ ان ڪري لکيو اٿم ته هيءُ افسانو جنهن کي پنهنجي زعم ۾ مان چڱو پيئي سمجهان، سو درحقيقت چڱو نه به هجي، ۽ اوهان جو وقت بيڪار ضايع ٿئي. سو اوهين ڄاڻائيندا ته ان جي پڇاڙي ڪيئن آهي: جيڪڏهن ٺيڪ نظر نه اچي، ته پوءِ خاميون ڄاڻائي ڪاپي واپس موڪليندا؛ نه ته ’مهراڻ‘ لاءِ رکي ڇڏجو.

ڀاءُ، مون کي پنهنجن افسانن سان ٻين جي هٿ چراند ڏاڍي ناگوار محسوس ٿيندي آهي- جيستائين ڪ ڪوئي ان جون خاميون منهنجي ذهن ۾ چڱيءَ طرح نه ويهاري- شايد اِها منهنجي ئي خامي هجي؛ پر هينئر جو آءٌ خود اوهان کي پيئي چوان، سو ان ڪري جو مان اوهان جي ادبي قابليت جي معترف آهيان، ۽ خوشي اٿم ته اِهو ڀاءُ سنڌيءَ ۽ سنڌيت سان حب رکندڙ آهي. اميد ته پنهنجي راءِ مفصل ۽ وضاحت سان لکندا. مان چاهيان ٿي ته مون کي پنهنجن افسانن جي خامين کان واقفيت ملي، جيئن آءٌ اُنهن کي دور ڪري سگهان.

هن افساني ۾ به اوهان کي يقيناً بيهڪ جي نشانين جون بيشمار خاميون نظر اينديون. نه ڄاڻان ڇو، هن غلطيءَ جو احساس هوندي به همت اُن کي سڌارڻ جي ٿئي ئي ڪانه ٿي! پر آءٌ ڪڏهن نه ڪڏهن اِها خامي دور ڪنديس. اِها اوهان کي خاطري ٿي ڏيان. جواب ڏيڻ ۾ دير نه ٿئي ته بهتر، مون کي انتظار هوندو.

جيڪب آباد، 14- فيبروري، 1959ع

-         اوهان جي ڀيڻ، زرين

-          

ڀيڻ ثميره صاحبه-

نهايت افسوس اٿم، جو ايترو دير سان فيبروريءَ واري اوهان جي خط جو هيءُ جواب هاڻي موڪلي رهيو آهيان. هڪ ته افساني، توڙي اُن متعلق اوهان جي تشريحي خط ۾ جيڪي نُڪتا موجود آهن، تن جي باري ۾ ڪنهن ويچار جوڳيءَ راءِ پيش ڪري سگهڻ لاءِ فرصت جي ضرورت هئي؛ ۽ ٻيو ته اوهان، جو ويساهه ۽ جا اُميد رکي، افساني متعلق مون کان راءِ گهري آهي، تن ته آقي باقي به ڪنهن تڪڙيءَ راءِ پيش ڪرڻ کان روڪي رکيم. انهيءَ وچ ۾ ڀاءُ ربانيءَ اوهان کي افساني جي پهچ ڏياري موڪلي هئي، ۽ هونئن به هيءُ مواد اوهان موٽ رسيد جي رجسٽرڊ پوسٽ رستي موڪليو هو، سو اِهو به يقين هوم ته ان جي گم نه ٿي وڃڻ جي سلسلي ۾ اوهان کي ضرور اطمينان هوندو.

اوهان جو افسانو ۽ خود- تنقيدي جائزي وارو خط، ٻيئي ورائي ورائي پڙهيا اٿم. افساني کان وڌيڪ اوهان جي خط کان متاثر ٿيو آهيان. جيڪو اديب پنهنجيءَ تخليق جي اهڙي سمجهه ڀرئي ۽ پُرخلوص تجزيي جي همت ۽ صلاحيت رکي ٿو، تنهن کي پورو پورو حق آهي ته اُن تخليق متعلق آخرين طور هو پنهنجيءَ راءِ تي ئي اعتماد رکي- بلڪ اهڙي اديب جو فرض آهي ته هو پنهنجيءَ ان راءِ کي ئي ٻيءَ هر قسم جي راءِ تي مقدم سمجهي. هونئن به، پنهنجي ادب پاري جو پهريون پڙهندڙ اديب پاڻ آهي. عام پڙهندڙ ۽ نقاد ۾ فرق صرف هيءُ آهي ته عام پڙهندڙ ڪنهن چيز جي متعلق پنهنجي پسند ناپسند جي سببن کان شايد بيخبر آهي، ۽ انهن جي بيان جي ايتري قدرت نٿو رکي. پر نقاد پنهنجي پسند ناپسند جا سبب ڄاڻائي ٿو، ۽ انهن کي بيان به ڪري سگهي ٿو. پسند ۽ ناپسند جي معيار جي هتي ڳالهه ڪانهي- البت معيار ادنيٰ پڙهندڙ ۽ اعليٰ پڙهندڙ، ادنيٰ نقاد ۽ اعليٰ نقاد جي تفريق لاءِ ڪسوٽي ضرور آهي، ۽ انهيءَ لحاظ کان اديب پڻ واقعي اعليٰ ۽ ادنيٰ ليکجي سگهن ٿا- پر اديب بهرحال پنهنجي تخليق جي سلسلي ۾ پهريون نقاد پاڻ آهي، ۽ ڄاڻي ٿو ته هن جو پنهنجيءَ پيشڪش کي پسند ڪيو آهي ۽ قابل اشاعت سمجهيو آهي، تنهن لاءِ، سندس پنهنجي معيار مطابق وٽس ڪهڙا قوي دليل موجود آهن. جيڪڏهن ڪنهن اديب جي حالت ۾ ائين نه آهي، ته پوءِ جيئن ڪيترا ڳالهائيندڙ ڳالهائيندا رهندا آهن. پر پاڻ به ڪونه سمجهندا آهن، ته ڇا ڳالهائي رهيا آهن، تيئن اهو اديب به چئبو ته ’لکي عيسيٰ پڙهي موسيٰ‘ جي مصداق، لکندو ته واقعي رهي ٿو، پر ڇا ٿو لکي، ڪنهن لاءِ ٿو لکي، ڪهڙي مقصد لاءِ ٿو لکي، تنهن جي خبر کيس ڪانه ٿي رهي- ۽ ادب جي مقدس ميدان ۾ اهڙا ’جيڏانهن منهن تيڏانهن پير‘ وارا ڪاغذ ڪارا ڪندڙ ۽ پاڻ کي اديب چوائيندڙ شخص اڄ اسان وٽ ڪافي موجود به آهن. اوهان، جو پنهنجي هن پيشڪش جي ايتري اعليٰ، سنجيده ۽ بي ريا تنقيد خود پاڻ ويهي ڪئي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ اها هڪ انتهائي خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي. شال، اوهان جهڙن حوصله مند ۽ ذميوار اديبن جي سڄاڻ ذهن ۽ اثر آفرين قلم مان اسان جي سقيم ۽ مظلوم ادب کي وقت بوقت ڪي واقعي پختيون ۽ پائدار چيزون هميشہ ميسر ٿينديون رهن!

اوهان جي افساني کي پهريائين هڪ ٻه ڀيرا جو پڙهيم، ته ان جي اختتام جي سلسلي ۾ اوهان وانگر مون کي پڻ تسلي ڪانه ٿي. ائين لڳم، ڄڻ ان جو اهو اختتام ڪجهه اوپرو، ڪجهه اڻپورو، ته پنهنجي ان تاثر کي ڪجهه ڪمزور ٿيندو ڏٺم، ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اِهو منهنجو تاثر شايد ڪافي حد تائين خود اوهان جي پنهنجي خط ۾ پيش ڪيل تشريحي تذبذب جي روشنيءَ ۽ آڌار تي ئي بيٺل هو- ۽ پوءِ ترت ئي پنهنجي ذهن کي اوهان جي مستفهمانه راءِ سان تقريباً هم آهنگ پاتم ته مجموعي طور افساني جي موجوده اختتام کي واقعي هڪ موزون ۽ مناسب اختتام آخر ڇو نه سمجهيو وڃي! هن ذهني پس و پيش لاءِ مون کي فقط هڪ ئي سبب سُجهي آيو، ۽ اُهو هيءُ ته افساني جو اختتام ڪاميابيءَ سان پيش نه ڪيو ويو آهي: اختتام پنهنجيءَ جاءِ تي بلڪل فطري ۽ حقيقت پسندانه چئي سگهجي ٿو، پر ان جي ادائگي البت ناقص رهجي ويئي آهي. فضلوءَ جي ڪردار کي ڪجهه زياده اڀارڻ کپندو هو؛ ۽ خود فضلوءَ جي پيءُ جي واتان سڌيءَ طرح زمرد سان فضلوءَ جي ڀيڻ فاطمہ جي ماتا جي بيماريءَ ۽ موت وغيره جو داستان بيان نه ٿيڻ گهربو هو، بلڪ هيءَ خبر زمرد جي ڪنن تائين ڪنهن ٻيءَ طرح پهچڻ کپندي هئي. شايد اختتام کي ڪنهن اهڙيءَ ٻيءَ طرح پيش ڪرڻ سان افساني جي مجموعي تاثر ۾ ڪمزوري پيدا نه ٿي سگهي ها.

افساني ۾ هيٺيون چند چيزون مون کي مڙيئي ڪجهه اهڙيون مناسب ڪين لڳيون، اُميد ته اوهان اُنهن تي ويچار ڪنديون.

-- ڏاڏيءَ جو زمرد جي وارن ۽ منهن ۾ ڇار جا ٻُڪ وجهڻ.

 -- ڪڻڪ رنگ سنڌين سان رشتو، پوءِ پهرينءَ ڌر جي ڇوڪري جي ڪنهن پناهگير ڇوڪريءَ سان شادي.

-- ڏاڏيءَ انگريزي صابڻ جي چڪي وٺي آڻي ڏنيس، ۽ چيائينس ته ”سرس هڻجانءِ“ ، وغيره.

اُميد ته اوهان هن افساني جي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيڻ لاءِ آخرين طور پنهنجي اجازت اسان ڏانهن موڪلينديون. مجموعي طور، هيءُ افسانو نه فقط مون کي پر ٻين جن به دوستن پڙهيو آهي تن سڀني کي نهايت پسند پيو آهي. اُميد ته اوهين خيريت سان هونديون. ڪراچي، 3- جون، 1959ع.

اوهان جو ڀاءُ، محمد ابراهيم

[”مهراڻ“، 2-1959ع]


 

 

پڙهندڙن جا پيغام

[مهراڻ: اونهارو، 1955ع]

(1)

”ڀاءُ ايڊيٽر، ’مهراڻ‘،....... سوچيان ٿي، هي جيڪي افسانه نگار اديب آهن، سي ڪيئن افسانا ٿا لکن! ادا، مان ته افسانن لکڻ لاءِ سڪان ٿي! هنن جي عقل جو واقعي داد ڏيڻو ٿو پوي، جيڪي اهڙا نازڪ خيال دل ۾ پالين ٿا، پر جن ويچارن کي اهڙو عقل نه هوندو، ۽ چاهيندا به ته ’اسان به ڪجهه لکون‘، تن جو ڀانيو ٿا ته ڪهڙو حال ٿيندو هوندو! جذبو ته هر انسان جو ڄڻ عضوو آهي، پر ڇا ڪجي، جو من جي اونهن خيالن جي پل ئي نٿي ٺهي، مٿان وري اها ڳڻتي ته ’مهراڻ‘ جي مڻيا دار موتين اڳيان ڪنهن سيکڙاٽ جو مٿاڇري تان ميڙيل مٺ آخر ڪيئن ساب پوندو! پوءِ صبر جو ڍڪ ڀرڻو ئي ٿو پوي. انسان ڦٿڪي ته گهڻوئي ٿو! بس منهنجي پڻ اها حالت آهي: خيالن جو طوفان آهي دماغ ۾، پر خيال گڏ ئي نٿا ٿي سگهن. ڇڙو کڙ ٿي پيا ٿا اڏامن، ۽ دل کي موڳو ڪري، هيڪاري پيا ٿا منجهائين. لاچار خار ۾ اچي خيالن کي تڙي ڪڍي ڇڏڻو ٿو پوي پر خيالن جهڙي ضدي به ڪا ٻي شي ٿي سگهي ٿي! رکي رکي، ڇار ۾ ڍڪيل ٽانڊڙن وانگر، هوا جي جهوٽي لڳڻ سان، ٽمڪاٽ پيا ڪڍن. هيڏانهن هوڏانهن جي ٺريل رک ميڙي، مٿان وجهي، وري کين ڍڪي ٿي ڇڏيان. ٻيو انهن کي مان ڇا ڪيان!

”اٺن نون سالن جي هڪڙي ننڍڙي معصوم ڌيءَ اٿم. آهي سا ننڍڙي پتڪڙي، پر سمجهندي پاڻ کي وڏي کان وڏي آهي. ضدي، هيٺيلي، شل نه ڪنهن ڳالهه تي بيهي، مائي پوءِ بس ڪندي. ڪنهن جي به واتان ڪا ڳالهه نڪتي ناهي، ۽ هن اڌ ۾ ٽُڪي ناهي- وچ ۾ پنهنجي ڪهات ڪڍي بيهي رهندي! تنهن ڏينهن، مانيءَ تي، ٻارن جي پيءُ سان ’مهراڻ‘ جي افسانن جي کڻي ٿي ڳالهه ڪڍان، ته بس ڇوڪريءَ کڻي ڳچيءَ کان ورتم. چي، ’ڪهڙِ وڏي ڳالهه آهي افسانا لکڻ؟ مان جو لکندي آهيان افسانا! آکاڻيون لکڻ به ڪي مشڪل آهن ڇا؟ پرين جون، ديون جون، بادشاهن جون، جانورن جون، جنهن جون چئو لکي ڏيکاريانوَ!‘ پڻس لڳس سمجهائڻ ته ’مائي وڏي! اڄ اهو زمانو نه آهي جو پرين، ديون ۽ بادشاهن جون آکاڻيون لکجن. اهڙيون واهيات ڪين جهڙيون آکاڻيون اڄ ڪلهه نٿيون هلن.‘ ٺهه پهه جواب ڦهڪايائين، ’واهه، واهه، بابا! مان کي به لنوايو ٿا! هي جو ننڍڙيون ننڍڙيون ڪتابڙيون، ٻارن جي آکاڻين جون، ٿين ٿيون. انهن ۾ اهي ته آهن سڀ آکاڻيون!‘ پڻس کلي کڻي چُپ ڪئي. پر هيءَ ارسطوءَ جي ڌيءَ چپ ڪري ته به ٺهيو! چوڻ لڳي، ’هون! اها ڳالهه آهي؟ اڳتي مان ناولن جهڙا وڏا ڪتاب نه لکيا ته مان کي چئجو، پوءِ ڏسنديس ته ڪيئن نه ٿا پڙهو!‘

”ٻئي ڏينهن، ادا، سچ پچ هن جيتامڙيءَ آکاڻي لکي ڏيکاري ’هڪڙو هو بادشاهه بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هي اسپتالن جو بادشاهه هو. هڪڙي ڏينهن چمڙا پوش ڪري نڪتو گهمڻ. ڏسي ته هڪڙو بيمار رستي تي پيو آهي. ڇا ڪيائين جو کڻائي اچي پنهنجي اسپتال ۾ سمهاريائينس. ٿوري گهڻي ڏينهن، هو اٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪالهه ڏٺم ته هو کلندو خوش ٿيندو رستي تان پئي ويو!‘ بس پوءِ ته لڳي پاڻ پڏائڻ ’مان هي لکنديس، مان هو لکنديس. اسڪولن جي بادشاهن تي لکنديس، جي ٻارن کي ڀائيندا آهن، باغن جي بادشاهن تي لکنديس، جيڪي ڳاڙها، اڇا، نيرا گل ورهائيندا آهن، اڏامندڙ پرين تي لکنديس جيڪي ٻارڙن کي مٺايون، ٽول ۽ رانديڪا ڏينديون آهن....... چين، روس، آمريڪا، هندستان، پاڪستان ملڪ آهي، جيڪي، انهن جي بادشاهن تي لکنديس.... توهان ڏسجو!‘ هاڻي، هن اڄاڻ نينگريءَ کي ڪير سمجهائي ته اڄ ڪلهه ملڪن ۾ خود مختيار حڪومتون آهن، بادشاهه ڪي ورلي ٿا ٿين، ۽ سي به رڳي نالي ۾!

”نيٺ وڏي ڀاءُ چيس، ’آئي آهي وڏي افسانن لکڻ واري! اڳ ۾ بادشاهه ڪاٿي ٿا ٿين!‘ اهو ٻڌي، هو بنهه چپ ٿي ويئي. حيرت وچان لڳي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ، ڀاڻس کي لڳو رونشو سو چوڻ لڳس، ’چري ڇوڪري، اهو اڳيون زمانو هاڻي ڪونهي، هيءُ نئون زمانو آهي! اهي اڳيان تنهنجا چمڙا پوشي حاتم طائي، نوشيروان، راءِ ڏياچ، دودا ۽ عمر سومرا ويا مري کپي: سندن نالو نشان به هاڻي ڪونه ٿو ملي سمجهيئي!‘ ٻارن جي پيءُ جي دل تي الائي ڪهڙيون ڳالهيون تري آيون، سو هٿ جهلي، ڏورانهن نگاهه کڻي، ڳري آواز ۾ چوڻ لڳو: ’اڄ گهرجائن جي گهرون پوري ڪرڻ وارا ڪٿي؟ انصاف لاءِ سالن جا سال پيا ٿا ماڻهو اسڙڪن، ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه اٿن. ملڪ جا راڳيندڙ، اديب ۽ فنڪار بکن ۾ پيا ٿا پاهه ٿين، ڪو پڇڻ وارو ڪونه اٿن. وطن ۽ قوم جي بچاءَ لاءِ سر ساهه جي بازي لڳائڻ وارا ڪٿي، هتي ته هرڪو پاڻ هٿ سان کڻي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ڪير ٿو اڄ معصومن ۽ بي زورن جي عزت ۽ عصمت جي امانت ۽ رکوالي ڪري!‘ هوڏانهن هوءَ افسانن رچيندڙ منهنجي معصومڙي، وڏن جون اهي ڪڙيرڙيون ڳالهيون ٻڌي، هيڪر ته اصل سهمجي ويئي. کن پلڪ کان پوءِ ڀنل آواز ۾ چوڻ لڳي، ’پوءِ هينئر، ملڪ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونهي. چمڙاپوش ڪري ملڪ جو واءُ سواءُ ڪوبه نٿو لهي!‘ سڀني کان ننڍو ڪڪڙو تنهن کي جو لڳو وجهه، سو تاڙيون وڄائيندو چوڻ لڳو: ’آءٌ ڀاڇا ٿيندس تمرا پوش ڪندس!‘ ويچارا ابهم ٻارڙا! ڇا ڄاڻن خيالن جي رڻ پٽ ۾ رلڻ مان، ماحول کي تورڻ مان، فضائن کي جاچڻ ما: جيئن هڪ طوطو چيل لفظ ٻڌي واپس اچاريندو آهي، تيئن هنن جي خيالن ۾ به ڀيانڪ جن ديو، قربائتيون پريون، رحم دل ۽ مهربان بادشاهه، ۽ انهن جون آکاڻيون وسيل هيون. کين ڪهڙي ڪل ته اڄ ڪلهه نه آهي ڪو بادشاهه ۽ نه آهي ڪا رعيت اڄ ڪلهه ته هڪ طرف آهن گورنر، وزير ۽ ميمبر صاحب ۽ ٻئي طرف آهن ويچارا ووٽر: ووٽر ويچارا رهن ميمبر صاحبن جي کيسي ۾، ميمبر رهن وزير صاحبن جي کيسي ۾، وزير ٿيا گورنرن صاحبن جا ٻانهن ٻڌا خادم، ۽ گورنر صاحب ٿيا بنگلن، موٽرن، ريل گاڏين ۽ هوائي جهازن جي بلي: سو ڪنهن کي ڪهڙي گتي پيئي آهي جو ويهي ڏسي ۽ ويچاري ته ملڪ جو مردو سرڳ وڃي رهيو آهي يا نرڳ!

”سو، ادا! ان ڏينهن کان وٺي ته هيڪاري دل ۾ اڌما اٿڻ لڳا ته ڪجهه لکان. پر لکان، سو ڇا لکان؟ ٻاهر مردن جي دنيا ۾ ڇاٿو وهي واپري، تنهن جي ته مون جهڙين گهريتڙين کي ڪل ئي ڪانه ٿي رهي. باقي گهرن جي چوديوارين ۾ پاڻ جهڙين ’ضعيفائن‘ جي حالت زار کان سو ڪي قدر واقف آهيان! چوان ٿي ته انهن پائبند پورهيت روحن تي ئي کڻي ڪي ٻه چار افسانا جوڙيان. من ڪي چڱا موچارا جڙي پون جي ’مهراڻ‘ جي منهن تي پئي سگهن!

”اڳوپوءِ، اوهان کي هڪڙي خوشخبري سڻائي ڇڏيان! مان هتان جي ’اپوا‘ ڪلب جي ميمبرياڻي آهيان. ’اپوا‘ پاڪستان جي زالن جي جماعت آهي، ۽ ان جو مقصد، اوهان ڄاڻو ٿا ته ڇا آهي ’پنهنجي ملڪ جي زالن جو ڀلو ڪرڻ‘. هڪ دفعي ڪلب ۾ فيصلو ڪيوسين ته ڪلب جي جلسن ۾ ڪي ڪارائتيون تقريرون ڪجن، پر سوال اٿيو ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ اردوءَ ۾، ڪين سنڌيءَ ۾؟ هرڪا پيئي نالو اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لکائي چي ’سنڌيءَ ۾ شرم ٿو ٿئي!‘ ادا، ڏٺو! اڃا ’مهراڻ‘ ۾ لکيو اَٿوَ ته ’جيستائين سنڌي مائرون، پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجي محبت ڀرين هنجن ۾ سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پربهار گل ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ، جيئن پوءِ تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽ ويجهندائي رهندا.‘ ڪيترو نه اسان سنڌ جي مائرن ڀينرن ۾ اوهان جي دل ڀڄائيندڙ ڀروسو ۽ ايمان آهي! پر جن سنڌي مائرن جا ٻار پڙهن ڪرستانن جي انگريزي اسڪولن ۾ جتي پنجن سالن جي پڙهائيءَ کان پوءِ وڃي مس مس سنڌيءَ جي ’الف ب‘ اکئين ڏسن، جن جا مڙس گهر ۾ رڳو انگريزي ۽ اردو ڪتاب آڻين ۽ پڙهن، ۽ ٻارن کي به انهن ئي ٻولين ۾ ڳالهائڻ تي زور ڏين، جن جي گهرن ۾ ريڊيا، اردو راڳ ۽ تقريران ٻڌائيندا رهن، جي سئنيمائون ڏسن تڏهن به اردو سڻن، ۽ جي ’اپوا‘ ڪلبن ۾ گڏ ٿين ته به اردو ٻڌن ۽ ڳالهائين گهٽ ۾ گهٽ اهڙين سنڌي مائرن تي ته ايترو ڀروسو رکڻ بنهه بيڪار اَٿوَ. هان غريب ۽ وچولي طبقي جي گهرن جون ٻهراڙيءَ جون توڙي شهرن جون سنڌي مائرون ۽ ڀينرون برابر اوهان جي اميدن کي پورو ڪنديون. سو، ادا! ڳالهه ٿي ڪيم ته ’اپوا‘ ڪلب جي جلسي ۾ سڀڪا سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان پيئي نٽائي، ان تي مون کي جولان اچي ويو. چيم ’سنڌيءَ ۾ شرم ڇاجو، پنهنجي ماءُ جي ٻولي آهي، اسان کي هٿون خوشي ٿيڻ کپي، سو مان سنڌيءَ ۾ تقرير ڪنديس!‘ ’اپوا‘ وارين پناهه گيرياڻين چيو، ’ها، ڀلي ڪريو، خوشيءَ سان ڪريو، اسان پاڻ چاهيون ٿيون ته ڪا ’نئين‘ ڳالهه ٿئي. اردوءَ ۾ ڪيتريون ڪيون اٿسي: ڪا ته سنڌيءَ ۾ هجي!‘ ادا، اها ته هئي ٺٺوليءَ جي ٺٺولي، ۽ همتائڻ جو همتائڻ، پر مان به سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي صحيح وجهي، آيس گهر. صحيح ته وجهي آيس، پر اچي ڳڻتين ورايم. سوچيم ته خسيس خط لکڻ لاءِ به دماغ ڪونهيم. افسانا ته پري رهيا. هاڻي هلي آهيان تقرير ڪرڻ! نيٺ سوچي سوچي، هڪڙي انڌي منڊي تقرير لکي ورتيم چيم ته ڳالهائڻ لاءِ جي همت کپي، ته پڙهڻ ته پنهنجي وس آهي! بس، اسيمبليءَ جي اڻ پڙهيلن ميمبرن وانگر اها هئي منهنجي ”ميڊن“ تقرير پر مون، ادا، مڙيئي ڪجهه سمجهداريءَ جون ڳالهيون ڪيون، ۽ اهڙيون ته ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون مان جو سنڌياڻيون ته چپ ٿي ويون، پر اردياڻين کي به ڄڻ نانگ منڊي ويوهو. ڪڇيون ئي ڪين. اوهان کي خوشي ٿيندي ته ان ڏينهن کان وٺي، هاڻي سنڌياڻيون ته سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ لڄي ڪين ٿيون ٿين، پر ڪيتريون اردوياڻيون به اسان سان سعيو ڪري سنڌيءَ ۾ ڀڳل ٽٽل گفتا پيون ڪن. هاڻي ارادو اٿئون ته ڪلب ۾ سنڌي ساهيڙين جي هڪڙي خاص ٽولي ٺاهيون جيڪي پاڻ به سنڌي اخبارون، سنڌي افسانا ۽ سنڌي ڪتاب پڙهن، پر پنهنجن ارديانين ساهيڙين کي به پڙهي ٻڌائين خبر ته هنن کي به پوي ته سنڌيءَ ۾ به ڪي شاعر آهن، سنڌيءَ ۾ به ڪو ادب آهي...... ادا، هاڻي خط به بند ٿي ڪيان ڏاڍو وڏو لکيو اٿم، توهين به پڙهي ڪڪ ٿي پيا هوندا. چوندا ته هيءَ مائي به ڪهڙي، جو نه ڳالهه نه مهاڙ، وٺي کڻي ڪهات کنئي اٿس، جيڪا کٽيس ئي نٿي! چڱو، ادا، ڪڪ نه ٿيو. بس ٿي ڪيان! هاڻي موڪلاڻي پرتو رب کي! ’مهراڻ‘ کان ته موڪلاڻي ڪانهي، اميد ته اهو مخموري سنڌ هميشہ پيو مند مند تي اڃايلن جون اڃون لاهيندو ۽ سڪل دلين کي سائو سرهو ڪندو. ادا اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته ڇا! پوءِ به سنڌياڻي آهيان، سنڌي لکيا اٿم، ويندي ٽپال جي ائڊريس تائين!

اوهان جي ڀيڻ، ساجده عالم سکر (سنڌ)“

(2)

- ”مهربان سمپادڪ، ’مهراڻ‘، حيدرآباد، سنڌ، اڄ پنهنجي جنم ڀومي، سنڌڙيءَ کي ڇڏئي ذري گهٽ اٺ سال ٿي چڪا آهن، پر ان ڀوميءَ جو ڪوبه سماچار، ڪنهن ننڍي هوندي جي يار به ڪونه ڏنو. ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ اُڪير هيم ته من ڪو دوست ٻه اکر لکي دل کي ٿڌو ڇنڊو وجهي ۽ پنهنجي مٺي ملڪ جو ڪو حال سڻائي، جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا هن بندي شخصي خط، جهونن مترن کي لکيا ته ’اي يارو، جي ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته ڇا، پنهنجي دلين جو به ورهاڱو ڪرڻ جڳائي؟ هيءَ ته راڄنيتيءَ جي ريت آهي، اُن ۾ ڇا پنهنجي پراڻي پريت ڪو ڀلائڻ گهرجي؟ پر ڏسڻ ۾ ائين ئي آيو ته انهن يارن کان ياراڻي موڪلائي پر ڪري اُڏامي ست سمنڊ پار ڪري چڪي هئي ۽ اُن جي جڳهه ڀري هئي اچي راڄنيتيءَ! اُنهن کان ننڍي هوندي وارا واقعا به شايد وسري ويا آهن. اسڪول ۾ گڏ پڙهڻ، شام جو رانديون ڪرڻ، ڪاليج جا سکي ڏينهن، جيڪي مستيءَ سان گذاريا هئا، پروفيسر کي چيڙائيندي چيڙائيندي مطلب ته سڀ وسري ويا اُنهن يارن کان گذريل مٺڙا واقعا. اوهه! وري عجب اهو جو ڪا اهڙي سنڌي اخبار يا هفتيوار يا ماهوار يا ڪا اهڙي ٻي مئگزن يا رسالو به ڪونه نڪتو جو کڻي وڇڙيلن کي سنڌڙيءَ جو حال سڻائي! خير، جيڪي ڪجهه آهن سي آهن سڀ راڄنيتيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل ڪنهن کي ڪو اونو ڪونه آهي پنهنجي سنڌين جو! نه آهي ڪو ويچار پنهنجي مٺيءَ ٻولي جو!

پر سالڪن سچ چيو آهي ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن اچن پيا. زندگي هروڀرو رڳو نراشا جو بوتو ڪونه آهي. جيڪڏهن باريڪيءَ سان ڏسبو ته آشا جو ترورو به ان ئي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن زندگيءَ کي انسان ڌڪاري ٿو. ٻه ڏينهن اول جئن ڪلياڻ کان بمبئيءَ، لوڪل ٽرين ۾ وڃي رهيو هوس ته ڀر ۾ ويٺل شخص جي هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو بهار وارو پرچو هو! هو جوان به ڪو سريلو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪو منهنجي اندر جو حال ڀانپي ورتو هو، ڇو جو آءٌ هڪ نئين پتريڪا هن جي هٿن ۾ ڏسي ڪجهه واجهائي رهيو هوس يا هن کي اڳيئي خبر هئي ته آءٌ ڪو ساهنيه جو شائق آهيان! مون ڏانهن منهن ڪندي، چپن تي مشڪ آڻيندي، هن جوان چيو، ”توهان هيءُ رسالو ڏٺو آهي، جو ’پنهنجيءَ‘ حيدرآباد مان نڪرندو آهي؟“ مون ٿورو ڇرڪ ڀريو، هن جي ’پنهنجيءَ‘ اکر چوڻ تي! چيومانس ته ”ڇا حيدرآباد سنڌ مان هيءُ رسالو ڇپجندو آهي؟“ ورندي ڏنائين، ’ها!‘ ائين چوندي هن ”مهراڻ“ جو انڪ مون ڏانهن وڌايو. خبر نه آهي. ڇو، منهنجي من ۾ الائي ڪهڙو اُڌماند اچي ٿي. وڏيءَ اُڪير سان ”مهراڻ“ ورتم. اندر ۾ سانڍيل سڪ ڀڀڪو کائي اُٿي ۽ اکين اڳيان حيدرآباد جا نظارا تري آيا. ڇا منگهن جون قطارون، جيڪي سڄي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ته ڇا پر سڄي جڳت ۾ به ڳولڻ سان نه لڀنديون، جن جي خوبي ئي پنهنجي! وري اهو ڪاليءَ وارو رستو اکين اڳيان ترڻ لڳو، جيڪو پنهنجي شانتيءَ واري ڀاو سان يا ترين جي آجيان ڪندو هو. ڇا گنجي ٽڪر ۾ گهٽ سونهن هئي! هو به پنهنجو پارٽ واهه جو خوب ادا ڪندو هو! پنهنجي ڪک مان چيڪي ميٽ جا چاپوڙا لاهي ڏيندو هو سنڌڙيءَ جي رهواسين کي! ڀلا اهو سڀ هتي ڪٿان ملي آنند! شام جي ٿڌي هير جيڪا ٽڪريءَ تي کائبي هئي، سا به ڪا وسرڻ جي آهي! ان جي پاسي ۾ سينٽرل جيل جي قيدين جي پگهر مان بنايل باغيچي ۾ ڪيڏي نه سونهن ۽ سڳنڌ هئي! ڇا وري حيدرآباد جون چاڙهيون هيون تلڪ چاڙهي، جنهن تان سائيڪل تي چڙهي وٺي جو ڇڏبو هو سو سڌو وڃي هيٺ پئبو هو بنا ڪنهن پئڊل هڻڻ جي! ٻئي طرف وري ٺوڙهي چاڙهي به ڪا وسرڻ جي آهي! مطلب ته هڪ هڪ ڳالهه دل تي تري آئي، صرف ”مهراڻ“ جي ڪاپي ڏسي!

”مهراڻ“ هڪ ئي رسالو هو جو هيل تائين منهنجي هٿن ۾ آيو هو، جنهن مان راڄنيتيءَ جي بوءِ ڪانه ٿي آيم آيم ٿي ته خوشبوءِ پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ جي! پنهنجي سنڌي اتهاس جي! آيم ٿي سڳنڌ ان سنڌڙيءَ جي ڦٽندڙ ڪليءَ جي! لوڪل گاڏي پنهنجي تيز رفتار سان هلندي هلي، پر منهنجو من ان کان به تيز رفتار ۾ اُڏامڻ لڳو هو. ڄڻ ته اڄ گاڏيءَ سان شرط پڄائي رهيو هو. گاڏيءَ اڃا ٻه چار ميل پنڌ مس ڪيو هوندو ته منهنجون من سوين ميل پار ڪري چڪو هو. هن کي نه هئي سگنل جي ضرورت ۽ نه وري ڪا پيچري جي پرواه. جبل ڏونگر ڪاٽيندو سڌو اچي حيدرآباد ڀيڙو ٿيو، ۽ پريان منگهن جي قطار ۽ قلعي واري تيز هوائي جهازن کي راهه ٻڌائيندڙ لائيٽ ڏسي، بهار بهار ٿيڻ لڳو. ”مهراڻ“ جا ورق ورائيندو ويس. هڪ هڪ سٽ مان آنند پيو اچي. ”مهراڻ“ سچو مهراڻ هڪ درياهه ساهتيه جو سچو درياه آهي. ”مهراڻ“ جي پهرئين صفحي ئي منهنجو من ڀڄائي ڇڏيو. منڍ ۾ ئي لکيل هو ”مينهن وسندا، ته چڪون به ضرور ٿينديون“. تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيونسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهي سيلاب ۾، ڪي لٽجي، ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر ته بنهه ختم ٿي لڙهي هليون وينديون ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون پنکڙيون، چونڊڻ چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!“

بس منهنجي به من جي اول اها ساڳي حالت هئي، اهي شڪ شبها دل ۾ اٿندا هئم ته ڇا ٿيندو اسانجي اتهاس جو ڇا ٿيندو ٻوليءَ جو؟ پر..... پر جڏهن اڳتي هلي ”مهراڻ“ جي پهرئين ئي صفحي جي ٻي پئرا پڙهيم ته ملي ويم جواب ”پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي!“

”مهراڻ“ به هڪ اهو قاصد آهي جو اسان کي پنهنجو پيغام ٿو پهچائي ته ’اي سنڌيو‘ ڇو ٿا گهٻرايو! جيستائين سنڌي ماتا زنده آهي تيستائين هن جو ٻچو ٻچو سنڌيءَ ٻوليءَ جو باغ بهار ڪندو!

ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن پيڙهن جون پيڙهيون گڏ رهندڙ اسين سنڌي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين، تڏهانڪر صرف اهي مٺيون مٺيون يادگيريون وڃي باقي رهيون آهن. اڄ اهو ڏينهن ياد ٿو اچي، جڏهن منهنجو هم ڪلاسي عبدالله، جنهن کي عبدو به ڪري چوندا هئاسين. اسان جي گهر ايندو هو ۽ منهنجي ماءُ لسيءَ جو ڪٽورو ۽ ڦلڪي جو ٽڪر ٻنهي کي گڏ هڪ ٿالهيءَ ۾ ڏيندي هئي (ڍوڍو به ڪڏهن ڪڏهن کائبو هو)، ۽ ٻئي گڏجي ان ٿالهيءَ جي صفائي ڪري اُٿي راند ڪرڻ ويندا هئاسين. اهڙوئي پريم ملندو هوم هن جي گهران به! پر هينئر اهي آهن صرف ڪويءَ لاءِ ڪلپنا ڪندڙ گهٽنائون.

هتي اچڻ سان پهرين ته اسان کان سڀ ڪجهه وسري ويو. رڳو هئي ڳڻتي پيٽن ڀرڻ جي ۽ اونو هو مٿي ڍڪڻ جو. ساهتيه ڏانهن بلڪل بي خبر. پر ان ۾ به ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ اهو ته سڀاويڪ ئي آهي! ڪبير صاحب ڪونه چئي ويو آهي ته ”بوکي ڀڄن نه هوءِ“، سو ڀلا جيستائين ڪٿي ٿانيڪا نه ٿياسين، تيستائين ڀلا ٻيا ڪٿي ٿا ويچار اچن؟ پر آخر ٻوجهه پئي. هينئر سڄي ڀارت اندر، جتي جتي سنڌي آهن، اتي جدا جدا سنسٿائون ڍاهي سنڌيءَ ٻوليءَ کي بچائڻ جي، وڌائڻ جي ڪوشش پيا ڪن. سنڌي ساهتيه کي پيا زور وٺائين، هرهڪ جوان پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي.

اسان جي به هڪ ننڍڙي سنسٿا، ”سنڌوينگ مينس ائسوسئيشن“ نالي آهي. هيءَ سڀني سنڌي سوشل ڪم ڪندڙ جوانن جي هڪ سنسٿا آهي، ۽ ڪلياڻ ڪئمپ، جتي سڄي هندستان ۾ ڪنهن به هڪ شهر ۾ وسيل سنڌي ڀائرن کان وڌ ۾ وڌ آدم رهي ٿو، اٽڪل هڪ لک کان به وڌيڪ آبادي آهي هن ڪئمپ جي (ڪئمپ جيڪر چوڻ نه جڳائيم ڇو ته هينئر هيءَ هڪ شهري صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ سرڪاري طور نالو به ”الهاس نگر“ رکيو ويو اٿس. ”الهاس“ معنيٰ ”خوشي“ وري پاسي ۾ به الهاس ندي اٿس جا به هن نگريءَ کي چئون ”سنڌو نگر“ ڀلا اسين به ته سنڌيت جي ڪا ته يادگيري رکون مطلب ته سڀ نالا مشهور آهن: سنڌونگر، يا ڪلياڻ ڪئمپ، يا الهاس نگر) انهيءَ وشال نگريءَ ۾ اسان جي ائسوسئيشن جا نوجوان وڏي اوتساهه سان سنڌي قوم جي شيوا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ هتي ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون خواهه ننڍيون سنسٿائون آهن، پر پنهنجو ڪم نرالو آهي.اسين ٻاهرين پروپئگنڊا مان نه ڄاڻون. پنهنجي وت آهر ننڍي پئماني تي پيا ڪم ڪريون. آءٌ هن ائسوسيئيشن جو سڪيريٽري آهيان.

اسان کي هڪ ننڍڙي فري لئبرري آهي، جنهن ۾ جدا جدا پبلشر پنهنجو پنهنجو رسالو ڏيئي اسان کي همتائي رهيا آهن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توهان جو ”مهراڻ“ به پنهنجي عنايت ڪندو ته سچ لئبرريءَ جي سونهن ڪيڏي نه وڌي ويندي؟ جيڪڏهن ”مهراڻ“ جا سڀ پرچا لئبرريءَ جي سونهن وڌائين ته ڪيترو نه سٺو ٿئي! سڀ ڀائر هوند پڙهي اُن جو رس وٺن. سمجهان ٿو ته توهان لاءِ به ڪٺن آهي، پر چوندا نه آهن ته پريم هڪ ٻي چيز آهي! اميد ته توهين ضرور اسان کي ساٿ ڏيندا.

هتي اسان وٽ به سٺا سٺا ڪتاب پيا ڇپجن. پر جيئن اسان لاءِ هتي مشڪل آهي جو اوهان جا ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري سگهون، تيئن اوهان لاءِ اتي به اوتروئي ڪٺن آهي، جو جيڪي ڪتاب ۽ رسالا هتي اسان وٽ ڇپجن ٿا، سي ڪي وٺي سگهون. تنهن ڪري، اوهان جي چوڻ کان اڳ ئي، آءٌ به اوهان ڏانهن ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ هتان هڪ ٻه ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليندس! بس ائين ئي ته وڇڙيل دليون ملنديون! شيوا ۾، هريرام جي. جڳت، ڪلياڻ ڪئمپ 2 بمبئي.“

 

[”مهراڻ“: سرءُ، 1955ع]

(1)

سچائي منزل، سنڌڙي روڊ، ميرپورخاص.

سائين توهان بار بار شفقت سببان ”ڪجهه لکڻ“ جو حڪم ڪندا پيا اچو، هر دفعي شرمساريءَ وچان ڪنڌ جهڪائيندي نيٺ سوچيم ته:

”تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.“

افسانو، عرض ڪيو اٿم ته، لکڻ اچيم ئي ڪونه. تنهنڪري ٻيو نه ته به ”لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيڻ“ ۽ ”رت مَکي شهيدن ۾ نالي لکائڻ“ جو پهه ڪيم.

”مهراڻ، جي تازي پرچي ۾ هڪڙو افسانو ڏاڍو وڻي ويم. سو اُن تي ”تنقيد“ جي جڏي سڏي ابتدائي ڪوشش تي اڪتفا ڪئي اٿم. خوف اٿم ته اجائي پٽاڙ نه نظر اچي. بهرحال ڪوشش ڪئي اٿم ته تنقيد جو حق ادا ڪجي. آءٌ هروڀرو، نقص هجي يا نه هجي ته به، عيب گهڙڻ جو قائل ڪونه آهيان؛ تنهنڪري هڪ طرفي تنقيد جي الزام جو خوف رکندي به ان جي پرواهه نه ڪئي اٿم. اها ٻي ڳالهه آهي ته ناتجربيڪاريءَ سبب عيب نظر نه آيا هجنم. بهرحال ”جيڪو حال حبيبن سوئي پيش پرين.“

منهنجي ناچيز راءِ آهي ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سالن جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پربهار دور جو آغاز ڪيو آهي. ”مهراڻ“ جي امتيازي خصوصيتن مان هڪڙي هيءَ آهي جو تقسيم کان پوءِ پهريون دفعو معياري ۽ اصلي مختصر افسانن جو باقاعدي سلسلو جاري ڪيو ويو آهي. اسان جي عزيز دوست غلام رباني سنڌيءَ جو مختصر افسانو ”شيدو ڌاڙيل“ جيڪو اونهاري  نمبر ۾ شايع ٿيو آهي، منهنجي نظر ۾، موضوع توڙي فن جي لحاظ کان افسانه نگاريءَ جو هڪ اهڙو عمدو شهپارو آهي، جو ان کي دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي بهترين افسانن سان، بنان ڪنهن هٻڪ جي، ڪلهو ڪلهي سان ڏياري بيهاري سگهجي ٿو.

”شيدو ڌاڙيل“، جيئن سندس نالي مان  ظاهر آهي، هڪ اهڙي ڌاڙيل جي ڪهاڻي آهي، جو ”انسانيت جي جسم ۾ هڪ هميشه چڪندڙ ڦٽ“ هو. پر شيدو ڪو پيدائشي ڌاڙيل ڪونه هو. هن نينگر جا مائٽ کيس ننڍي هوندي ئي ڇورو ڪري ڇڏي ويا، ۽ هو اوڙي پاڙي جا ٽڪر کائي، ڳوٺ جي اسڪول ۾ اکر وٺندو هو. نڌڻڪائيءَ، هڪ جيڏن ٻارن جي آڪڙ ۽ برتريءَ ۽ ڪلاس ۾ ماستر جي ٿوري گهڻي تان جٺ ڦٺ سندس معصوم ۽ حساس دل ۾ پنهنجي ماحول لاءِ بيحد مخالفت ۽ نفرت ۽ حد کان وڌيڪ خودداريءَ جو مادو پيدا ڪري ڇڏيو. اسڪول کيس جيل وانگر لڳندو هو ۽ ماستر کيس هڪ بي رحم جلاد نظر ايندو هو. آخر هو اچي گسائڻ تي پيو ۽ ماستر جي ٽنگا ٽوليءَ وارن کان بچڻ لاءِ جهنگ ۾ لڪندو وتندو هو. بک کي ٻني ڏيڻ لاءِ هو سنهين ٿلهين چورين ڪرڻ تي پيو، ۽ نيٺ چور، ۽ آخر ڌاڙيل بنجي ويو. هلندي هلندي، آس پاس ۾ چورين، ڌاڙن- ۽ خونن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي ويو. پوليس ٿاڻن تي شيدوءَ خلاف وارنٽن جا ٿها ٺهي ويا ۽ سندس ڏهڪاءُ ملڪن ۾ پکڙجي ويو.

تَر جي رهزن ۽ ناليري پاٿاريدار، رئيس ڌڱاڻي خان، شيدوءَ جي خونخوار جُريَت جي هاڪ ٻڌي کيس پاڻ وٽ آڻي ويهاريو، ۽ سندس هٿان ڌاڙا ۽ خون ڪرائي خوب جاوا ڪرڻ شروع ڪيا. پر جلدئي شيدوءَ کي هن پاٿاريدار جي پشت پناهيءَ جي قيمت جي خبر پئي. ڌڱاڻي خان شيدوءَ جي محبوبه، زيبيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، کيس ڦاسائي پاڻ وٽ آندو؛ شيدو باهه ٿي ويو. پر رات وچ ۾ پوليس اچي ڪڙڪو ڪيو، ۽ شيدو ٻڌجي ويو! کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. ڌڱاڻي خان کي شيدوءَ جهڙي رهزن خونيءَ کي پڪڙائڻ ۾ سرڪار نامدار جي امداد ڪرڻ جي عيوض حڪومت وٽان آفرين ناما ۽ انعام اڪرام مليا. اها آهي ”شيدو ڌاڙيل، جي مختصر ڪهاڻي.

سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامنيءَ جي وبا عام ڦهليل آهي. اُن جا اصلي ڪارڻ ڪهڙا آهن، تنهن بابت هر ڪنهن جا پنهنجا رايا  آهن. پر رفتي رفتي اهو راز کلي چڪو آهي ته بدامني ۽ ڏوهَه رڳو ڪن فردن جي اخلاقي پستيءَ جي پيداوار ڪونه آهن، پر اهي سڌيءَ طرح موجوده سماجي نظام جي پيداوار آهن. جن هن حقيقت تي جيترو گهڻو غور ڪيو آهي، اهي اوترو ئي وڌيڪ هن راءِ تي پختا ٿيا آهن ته جيستائين سماج جون واڳون هڪڙي اهڙي طبقي جي هٿ ۾ هونديون، جنهن کي پنهنجي ناجائز تسلط قائم رکڻ لاءِ دٻاءَ ۽ ڏاڍائي استعمال ڪرڻ جي هروقت ضرورت رهي ٿي: جيستائين حڪومت هڪ اهڙي طبقي جو هٿيار ٿي رهندي، جو صلح سانت جي حالتن ۾ پنهنجو اقتدار برقرار رکي نٿو سگهي، تيستائين هي چوريون، ڦريون، ڌاڙا ۽ خون ٿيندا رهندا.

هي ”شيدو“، هي ”رحيم هنڱورا“، هي ”بچو“، هي ”ڦل ماڇي“ پنهنجي سموري ظاهري ڏڏي ڏيکر جي باوجود اصل ۾ فقط حڪمران طبقي جي هٿ جا باز آهن، سندس اشاري تي نچندڙ ڪٺ پتليون آهن، جن جي وسيلي هو پنهنجي دٻاءَ ۽ ڏاڍائيءَ جو راڄ قائم رکيو اچن، ۽ جڏهن منجهائن پنهنجو ڪم ڪڍيو وٺن تڏهين وري اهي ”ڌڱاڻا خان“ انهن ”شيودئن“ جا ڇوڙا وڪڻي، پاڻ کي امن امان جا راکا ۽ پبلڪ جا محسن مشهور ڪرائي، لقب ۽ انعام حاصل ڪن ٿا.

اسان جي سماج جي انهيءَ دورنگيءَ ۽ ”ٻه مُنهين“ چال بابت ”شيدو ڌاڙيل“ ڪو پهريون افسانو ڪينهي- هن سماجي ناسور، وقت بوقت، ڪيترن فنڪارن جو ڌيان پئي ڇڪايو آهي- مگر ”شيدو ڌاڙيل، انهيءَ قسم جي اڪثر افسانن کان گهڻو موثر ۽ ڪامياب آهي.

بدقسمتيءَ سان، عام طرح اسان جا اڪثر افسانه نگار بلڪل خيالي ۽ اڻ ٿيڻين حالتن ۾ مصنوعي ڪردارن واتان، ناٽڪي ۽ خطيباني انداز ۾ سطحي قسمن جي ٺلهن جذباتي ليڪچرن ڏيارڻ کي افسانه نويسي سمجهي ويٺا آهن. سندن افسانن ۾ هارياڻين کي ڏسبو آهي ته ”محبت ۽ آزادي“ جهڙن موضوعن تي، ماشاء الله، پي. ايڇ. ڊي جي سند ملڻ جهڙا مقالا برزبان ياد ڪيو ويٺيون هونديون آهن!

اڻ پڙهيل ۽ ٺيٺ هاري اهڙا اهڙا ثقيل ۽ ڳاٽي ٽوڙ عربي فارسي لفظ ڳالهائيندا ٻڌبا، جي جيڪو خود اردوءَ جو ”باوو آدم“ به مشڪل هضم ڪري سگهي. ڪڏهين ڪڏهين جو وٺي پڙهندڙن جي شامت ايندي آهي ته افسانه نگار صاحب، ڪردارن کي ڇڏي، پنهنجو پاڻ ئي وٺي خطبا شروع ڪندا آهن- بس پوءِ ته الله ڏئي ۽ بندو سهي!

”شيدو ڌاڙيل“ انهن عيبن کان بلڪل پاڪ آهي. ”شيدو ڌاڙيل“ جا ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ سچا پچا آهن. ڇا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ۽ ڇا هلت چلت ۾، هو بلڪل ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل ٿا لڳن. هو ڪابه اهڙي ڳالهه نه ٿا ڪن، جنهن مان پڙهندڙ جي دل ۾ ڪو کٽڪو پيدا ٿئي ته هيءَ ڪنهن بناوتي ۽ نقلي ماڻهوءَ جي ڳالهه آهي. افسانه نگار کين نهايت چابڪدستيءَ سان خلقيو ۽ خوبصورتيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان اجاريو آهي. انهيءَ ۾ هن ڪٿي به ٺوڪر نه کاڌي آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته هن نهايت استاديءَ سان ڪنهن بظاهر نهايت معمولي ۽ غير ارادي ڳالهه مان ئي پنهنجي ڪردار جي اهم نفسياتي پهلوئن کي روشن ڪري ڇڏيو اٿس.

شيدوءَ جي ڪردار کي بلڪل غير جانبداريءَ مگر ڪمال ڪاريگريءَ سان چٽيو ويو آهي. ننڍپڻ کان ئي سندس ماحول ڏانهن هُن جو ردعمل، ٻين کان لاپرواهي ۽ نفرت ڀريل خاموشيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اسڪول جا ڇوڪرا کيس اچي ٿا سڏين ته هو بي پرواهه ٿيو ستو پيو آهي؛ ماستر جو دڙڪو ٿا ڏينس ته ڇُوٽ ۾ چوين ٿو ته ”وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس!“ ليڪن ڇوڪرن جي وڃڻ شرط سندس خوداعتمادي ۽ لاپرواهي ڪافور ٿيو وڃن. منهن ڌوئڻ لاءِ دلي مان پاڻي اوتي ته دلي جي ٽونگ مان سمورو پاڻي وهيو وڃي! ”ڀيڻسان دلو به ڀڳل …… ڀلا هجي ابو امڙ ته ……“ ۽ روئي وجهي ٿو. انهيءَ هڪڙي جملي ۾ ئي هن جي زندگيءَ جي بي وسيءَ، محروميءَ ۽ ويرانيءَ جو سمورو داستان سمايل آهي. ”به“ جو لفظ ڪيڏو نه معنيٰ ڀريو ۽ حسرتناڪ آهي! ماستر کيس حيوانيت سان ماري ٿو، مگر هن جي زبان مان ”اف!“ به نه ٿي نڪري، ڇو ته سندس زندگيءَ جو آخري سهارو سندس خودداري هئي. هو رڙيون ڪري ها ته سندس اهو آخري سهارو به کسجي وڃي ها ۽ دلشڪستو ٿي مري وڃي ها. تنهنڪري ماستر جي آڻ مڃڻ بدران ملڪ ڇڏي وڃي ٿو. ان کان پوءِ، اسين کيس ”شيدو ڌاڙيل“ جي صورت ۾ پنهنجي سنگتياڻيءَ زيبيءَ سان رهاڻ ڪندي ڏسون ٿا. وڏيري جو قاصد ڪمدار ڪوٺڻ اچيس ٿو ته ان کي ٻه – ٺپو جواب ڏيئي ٿو ڇڏي- ”صبح جو ايندس!“ جڏهين ننڍڙي شيدوءَ ئي ”ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ“ قهري ماستر جي آڻ نه مڃي، تڏهين نامي گرامي ”شيدو ڌاڙيل“ ڪٿان ٿو هڪڙي معمولي وڏيري تي مڇ ڇنڊي! البت رئيس ڌڱاڻي خان جي ڳالهه ٻي هئي. هن رهزنن جي سردار اڳيان شيدوءَ کي به ٻانهون ٻڌي ”بابل سائين!“ آلاپڻو پوي ٿو!

ڌڱاڻي خان پاٿاريدار جي ڪردار جون ٻه ٽي جهلڪون ئي پڙهندڙ جي ذهن تي هن روغن لڳل بي رحم بدمعاش جي هيبت ناڪ ۽ پراسرار شخصيت جو امٽ نقش اڪيري ڇڏين ٿيون. شيدوءَ سان گفتگو ڪندي، سندس محتاط ڪم گوئي، سندس ويساهيندڙ لاپرواهه نوع ۽ پر فريب سادگي، ۽ ٻيا اهڙا ڇَڙيل ڇنڊيل هن گڙنگ بدمعاش جا طريقا به پڙهندڙ جي دل تي هن جي بي پناهه عياريءَ جو سڪو ڄمائين ٿا. ڌڱاڻي خان جهڙي مڪمل ۽ ڪامياب ڪردار جو ٻئي ڪنهن سنڌي افساني ۾ مثال ڳولڻ عبث  آهي. پس منطر ۾ ماستر، ڪريم ۽ سندس زال جا مدهم ڪردار وري شيدوءَ جي ڪردار کي ڪاميابيءَ سان اڀارين ٿا.

ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنهن به اتفاقي ۽ زوريءَ ٽنبيل اڻ ٺهڪندڙ واقعي جو سهارو نه ورتو ويو آهي. پڙهندڙ تي ڪٿي به ڪا راءِ يا ڪو نتيجو زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. شيدوءَ جي المناڪ زندگيءَ سان افسانه نگار کي جيڪا قدرتي همدردي آهي ۽ سندس درد ڀريءَ پڄاڻيءَ لاءِ جيڪي اسباب ذميوار آهن، تن لاءِ جيڪا نفرت اٿس، سا ڪٿي به افساني جي سطح تي اُڀري اچي، پڙهندڙ جي خيالن تي خلل نٿي وجهي. افسانه نگار پنهنجي جذبن کي نهايت تحمل سان پس منظر ۾ رکي، پڙهندڙ کي ڪنهن اڳ رٿيل جذباتي منزل ڏانهن زبردستي هڪلڻ بدران، کيس بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو آهي ته ڀلي جيڪو وڻيس سو نتيجو ڪڍي، پاڻ صرف هلڪن، اڻ لکن اشارن تي اڪتفا ڪئي اٿس.

حقيقت ۾ انساني فطرت جي تضادن جي وفادارانه ترجماني افسانه نگار جو خاص ڪمال آهي. شيدوءَ کي، ڇوڪرن کي کليو جواب ڏيڻ بعد ان فيصلي تي اٽل، يا وڏيري جي قاصد کي موٽائڻ بعد ڌڱاڻي خان جو نالو ٻڌي به جواب نه ڏيندو، يا خود ڌڱاڻي خان ڏانهن لاپرواهيءَ جو رخ اختيار ڪندو، يا سنگتياڻيءَ جي کسجي وڃڻ ڪري وڏيري تي کلم کلا حملو ڪندو ڏيکاريو وڃي ها، ته جيڪر افساني جي تاثر ۾ حقيقت پسنديءَ تي ڪاري ضرب لڳي وڃي ها. ههڙن نازڪ موقعن تي افسانه نگار جو مبالغه آميزيءَ ۽ جذباتي مظاهري کان دامن بچائي وڃڻ سندس فني پختگيءَ جو واضح دليل آهي.

واقعات نگاريءَ جي اعتبار کان به افسانو هڪ شاهڪار آهي. ڇوڪرن جي فوج جو شيدوءَ تي ڪڙڪڻ، ماستر جو شيدوءَ کي مارڻ، شيدوءَ جي گم ٿيڻ جي خبر پوڻ، ڌڱاڻي خان ۽ شيدوءَ جي ملاقات، ڌڱاڻي خان جو ڀاڳئي کي ڪتن هٿان چيرائڻ، شيدوءَ جي ڦاسيءَ جي خبر مشهور ٿيڻ ۽ ٻيا واقعا اهڙي ته اثرائتي نموني پيش ڪيا ويا آهن، جو پڙهندڙ جي ذهن تي هميشه نقش رهندا. اڪثر صورت ۾، افسانه نگار واقعن کي پنهنجي زباني بيان ڪرڻ جي بدران ٻين ڪردارن جي زباني ۽ خود حالتن جي معرفت پيش ڪيو آهي، جنهنڪري سندن تاثر ۾ بيحد اضافو ٿئي ٿو.

افساني جي ٻوليءَ ۾ فطري سادگي، اصليت ۽ حسن آهي. ڪردارن جي زبان مان نڪتل هر لفظ سندن سماجي درجي ۽ ڪردار سان ٺهڪندڙ آهي. گفتگو جو ڍنگ قدرتي ۽ موقعي سان مناسبت رکندڙ آهي. خاص ڪري شيدوءَ ۽ ڌڱاڻي خان جي وچ ۾ ٿيل پهرين گفتگو ته وسرڻ جي نه آهي. افساني جا ڪي ڪي ٽڪرا ته دل چوندي ته وري وري پيا دهرائجن.

”شيدو ڌاڙيل“ انهيءَ حقيقت جو هڪ ٻيو ثبوت آهي ته سنڌي افسانه نگاري ٻالپڻ مان نڪري، جوانيءَ ۾ قدم رکي چڪي آهي …… اوهان جو ……

رسول بخش پليجو ’ائڊوڪيٽ‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org