”منجهانئن ڪيئي مون وٽ آيا، ۽ چيائون، اسان کي ڪا
صلاح ڏي‘!
مون جواب ڏنو:
’اهڙي ته خاص صلاح مون وٽ ڪانهي، جيڪا اوهان کي
ڏيئي سگهان.
ٻاهرينءَ دنيا ڏانهن اوهان جا جيڪي رد عمل آهن.
اوهان جي عملن جو انهن تي ئي دارومدار آهي.
۽ آءٌ پاڻ به اوهان جي ان ٻاهرينءَ دنيا جو ئي هڪ
جزو آهيان.
منهنجي ڳالهين مان ، ۽ پڻ ٻين جي ڳالهين مان
اوهان اهوئي ڪجهه جذب ڪندا ، جنهن کي اوهان پاڻ
لاءِ موزون ۽ مناسب سمجهندا.
پر، جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ ٿا گهرو ته جنهن ماحول ۾
اوهين رهو ٿا، تنهن ۾ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ته پوءِ هڪوار چُپ ڪري، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي
ڏسو.‘“
- فرئنڪ ٽائون شينڊ
انسانيت:
هزارها سالن جي تهذيبي ارتقاءَ کان پوءِ، فضيلت ۽
ڀَل مانسائيءَ جي جنهن بلنديءَ تي اڄ انسان بيٺل
آهي، اتان هن جي سامهون انسانن جي وچ ۾ فرق صرف
حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز ٿي سگهي
ٿو. رنگ، نسل، مذهب، قوم ۽ اهڙيون ٻيون سڃاڻپ جون
صفتون، قدرت طرفان حسن، سگهه ۽ صحت جون عنايتون،
زندگيءَ جي پنهنجي منهن حاصل ڪيل علم دولت، عزت و
اقبال جون نعمتون- انهن مان ڪابه چيز، بذات خود،
هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ تي حقيقي فوقيت ڪانه
ٿي بخشي. پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، اهي سڀ چيزون
چڱيون ئي آهن، پر، انهن مان ڪنهن هڪ جي بنياد تي
به پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ اعليٰ سمجهڻ، ۽ ان
ابليسي عادت جي اثر هيٺ ٻين کي نفرت ۽ ٻيائيءَ جي
نگاهه سان ڏسڻ- فقط ان ڪري، جو هو ڪنهن ٻئي نسل،
ڪنهن ٻئي مذهب يا ڪنهن ٻئيءَ قوم سان واسطو ٿا رکن
يا هو شڪل جا ڪوجها، بيمار ۽ ڪمزور آهن، يا هو
جاهل، غريب ۽ گمنام آهن- اهو آهي ماڻهپي واري
انساني ليڪي کي ڄاڻي ٻجهي لتاڙڻ، جنهن کي انسانيت
پنهنجي سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ جڳن جي اڻڳڻين ڪشٽن
ڪڍڻ کان پوءِ، مس مس وڃي هاڻي قائم ڪيو آهي.
نظرياتي طور، اڄ ڪهڙو به مهذب انسان ڪونهي، جيڪو
انسانيت جي انهيءَ ڪسوٽيءَ کان انڪاري هجي. ساڳيءَ
وقت، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جو مفهوم پڻ ذاتي،
خانداني، قبائلي، فرقيوار يا قومي مفاد جي دائري
کان نڪري، اڄ ساري بني نوع انسان جي مفاد سان اچي
همڪنار ٿيو آهي. خالص فلسفو، جنهن جو بنياد عقل تي
آهي، ۽ خالص مذهب جنهن جو بنياد ايمان تي آهي. سي
ٻيئي، هڪٻئي سان انيڪ ڳالهين ۾ قطبين جي اختلافن
هوندي به انسانيت ۽ نيڪيءَ جي مٿين ٻن اصولن تي اڄ
هر طرح متفق آهن. ”ذات انسان جي پيدائش هڪ نفس
واحد مان آهي“، ”الله وٽ ڀلارو اهو آهي، جيڪو
نيڪيءَ جو صاحب آهي“، ”نيڪ انسان اهو آهي، جيڪو
بني نوع انسان جي ڀلائي ٿو ڪري“- اهي انهيءَ عظيم
مذهب جا فرمودا آهن، جيڪو آخري مذهب آهي، ۽ جنهن
تي مذهبي فڪر جي ارتقا جو اختتام ٿيل آهي. جيڪڏهن
انساني اخوت، مساوات ۽ حريت جي هن مذهب جا ڪي عالم
سڳورا اڃا به ان مان ڪي ابتڙ معنائون ۽ مطلب ٿا
اخذ ڪن، ته اهي سندن خاص پنهنجي ذهنن جا ڪرشما
آهن، جي کين مبارڪ هجن- مذهب جي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي اها
چؤنري شال مٿن ئي ڍرندي رهي، ته بهتر! پنهنجو ته
واقعي سڌوسنئون ايمان هيءَ آهي ته ”عشق سارو
اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ“- پوءِ، جيڪڏهن عقل جا
اڪابر، ڪمن جا سچا ۽ هر طرح معتبر فتواباز اسان تي
ڪفر، الحاد يا ڪميونزم جا نالا رکن، ته انهن کي
ائين ئي چوندا سين ته
بدم گفتي خرسندم عفاڪ الله نڪو گفتي! (حافظ)
سندن علمي تبحر اڳيان- جنهن جو واقعي ڪو اٿو مٿو
کين به ڪونه ٿو معلوم ٿئي- اسان کي پنهنجي
اڻڄاڻائيءَ جو احساس آهي، پر، کين جو ان ۾ گهوتا
کائيندي سالن کان پيا ٿا ڏسون، سو چئون ٿا ته
ٿورڙو ئي علم، پر صحيح علم ۽ ذهن ۾ رٿائتو رکيل
علم جيڪڏهن آهي ته اهو انسان جو صحتمند ۽ سالم
نگاهه لاءِ ڪافي آهي. دل جو اطمينان ۽ قلب جو سڪون
اهو ئي بس آهي، ته پنهنجي آسپاس سان بي لوث ۽
مخلصانه تعلقات هجن. پورهيت ماڻهوءَ جون پنهنجي
پورهئي ۾ اکيون سونهن. ٻين کي لقبن لائڻ بدران
جيڪڏهن پنهنجي پاڻ تي ئي اک رکجي، ته هوند دلين جي
ڪيني ۽ نفرت جا اوڙاهه ازخود ٿڌا ٿي وڃن-
”ڪونهه آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من“ (شاهه)
”مهراڻ“ ۽ سندس ادب:
”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو ٽيون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾
آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾ ”مهراڻ“ سنڌ جي تقريباً سڀني
ڪهنه مشق توڙي نوآموز شاعرن، افسانه نويسن، مضمون
نگارن ۽ ٻين اهل قلم ۽ صاحب فڪر، اديبن ۽ عالمن جو
تعارف پڙهندڙن سان ڪرائي چڪو آهي. سنڌ جي نامور
اديبن مان ڪو به اهڙو اسان جي خيال ۾ ڪونه رهيو
آهي، جنهن ”مهراڻ“ کي سينگارڻ ۾ حصو نه ورتو هجي.
سنڌي شعر و ادب جي ڪابه اهڙي صنف اسان کي ڪانه
سجهي، جيڪا اسان ”مهراڻ“ ۾ پيش نه ڪئي هجي. مواد
جي لحاظ کان مداحون، قصيدا صوفيانه ڪلام، عشقيه
شاعري ۽ لوڪ گيت وغيره، مختلف سماجي، نفسياتي، ۽
ٻين اهڙن اهم مسئلن تي ٽوٽڪا، افسانا، ۽ ناٽڪ،
سوانح، تاريخ، سائنس ۽ علم و ادب جي اڪثر موضوعن
تي تحقيقي توڙي تنقيدي مقالا ۽ مضمون- مطلب ته
ڪابه اهڙي ڳالهه اسان جي سامهون نه آئي آهي. جنهن
کي اسان ”مهراڻ“ ۾ جاءِ نه ڏني هجي. تنهن هوندي به
اسان جا ڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ ”مهراڻ“ کي ’هڪ ئي مڪتب
خيال جو ترجمان‘، ۽ ’هڪ ئي وڙ جو دڪان‘ٿا سمجهن ۽
سڏين! ممڪن آهي ته هي حضرت پاڻ جنهن ’وڙ‘ جا
وڻجارا آهن، تنهن جي خريد فروخت ”مهراڻ“ ۾ ٿيندي
نه ڏسي ئي ان لاءِ اهو خيال قائم ڪيو هجين:
ذاتيات، تعصب، نفرت، ڪم علمي ۽ ڪثيف جذبات ڪڏهن به
سٺو ۽ صالح ادب پيدا ڪري نٿا سگهن، ۽ نه ان کي
ڪڏهن ڪٿي سڃاڻي ئي سگهن ٿا.
جهڙيءَ ريت اڄ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق صرف حق،
انصاف ۽ نيڪي جي بنياد تي ئي جائز آهي- باقي سمورا
رنگ، نسل، مذهب، قوم، وغيره جا نالا فقط سڃاڻپ جا
نشان ئي وڃي رهيا آهن، ۽ انهن مان ڪو هڪڙو نالو به
بذات خود فضيلت ۽ فوقيت لاءِ سَنَد جو ڪم نٿو ڏيئي
سگهي. بلڪل تهڙيءَ طرح ادب ۽ فن پڻ- ڇاڪاڻ ته اهي
انسان جي خالص انسانيت جا مظهر آهن- رنگ، نسل،
وطن، مذهب ۽ قوم وغيره جي ويڇن کان پاڪ آهن: ادب ۽
فن جي پرک ”انسانيت“ آهي. ڏسڻو آهي ته ادب معرفت
انسانيت جا عالمگير قدر ۽ اصول زيادهه اوجر جي
اڳيان ٿا اچن. يا نتيجو مرڳوئي ان جي ابتڙ نڪري.
پهرينءَ حالت جو ادب پيش ٿيندو. سو صالح، صحيح ۽
سچو ادب آهي، ۽ ان کان سواءِ، ٻيو هر ڪو ادب
بيمار، ڪوڙو ۽ کوٽو ادب آهي. انهيءَ هڪ بنيادي فرق
کان سواءِ، ادب ۾ ٻيو ڪو به تفرقو نه آهي. ”ادب
براي ادب“ زور جماليات تي آهي، ۽ ”ادب براي
زندگي“، جنهن جو زور زندگيءَ جي تنقيدي عڪاسيءَ تي
آهي- ٻئي، صحيح ۽ سچي ادب جي محض ٻن صفتن جا نالا
آهن. ”ادب براي ادب“ ۽ ”فن براي فن“ مڃڻ وارو اديب
يا فنڪار خالص حسن جو گهوريو آهي- ۽ اها حسن لاءِ
سندس تلاش ئي حسن جي تخليق ۽ تبليغ لاءِ کيس مجبور
ٿي ڪري. پنهنجي شخصي توڙي آسپاس جي زندگيءَ ۾ حسن
کي دلپسند انداز ۾ موجود نه ڏسندي ، هو پنهنجي
زندگيءَ جي تنقيد ۽ حسنڪاريءَ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي
ٿو، ته اهو سندس عمل ”ادب براي زندگيءَ“ ۽ ”فن
براي زندگيءَ“ کي مڃڻ واري اديب يا فنڪار جي عمل
کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهي. ادب متعلق هنن
ٻن نظرين جو هيءُ ”ضد“ پهريائين يورپ ۾ پيدا ٿيو
هو- پر اتان جي اديبن ۽ فنڪارن مٿيئن استدلال جي
بنياد تي اڄ انهن مسئلن کي هميشه لاءِ ختم ڪري
ڇڏيو آهي. عالمي ادب جي سامهون ادب جا اهي ۽ ٻيا
اهڙا مرحوم تفرقا اڄ آهن ئي ڪونه. اسين به انهيءَ
عقيدي کي پنهنجي سامهون رکي پنهنجي پڙهندڙن جي
خدمت ۾ ادب جو نذرانو پيش ڪندا آهيون. اسان وٽ ادب
۾ اڄ ڪي به ’اختلافي‘ نظريا نه آهن. اسان وٽ ادب
جو صرف هڪڙوئي نظريو آهي- ۽ اهو هي ته پنهنجي عزيز
وطن لاءِ، پنهنجي پاڪ ٻوليءَ ۾ صحيح ۽ صالح ادب
پيدا ڪريون ۽ پيش ڪريون. انهيءَ کي جيڪڏهن اسان جا
ڪرم فرما ”مهراڻ“ کي ”هڪ ئي مڪتب خيال“ سڏي، اسان
کي نندين ٿا ته هنن لاءِ تحقيق اسان وٽ وڌيڪ ٻيو
ڪوبه جواب ڪونهي-
”اکر ڇُتي هيڪڙي، ٻَهون جي نه ٻجهن“
ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي؟“
(شاهه)
سنڌي ادبي بورڊ:
ڪراچيءَ جي هڪ اخبار، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم تي
تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”سنڌي ادبي بورڊ جو قيام
سنڌ جي باشندن جي اهم ضرورت هئي... ليڪن ڇا (هن)
سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي انهن ضرورتن کي ڪنهن
حد تائين پورو ڪيو آهي، يا انهيءَ ڏسَ ۾ ڪو قدم به
وڌايو آهي؟ اسان وٽ انهيءَ جو جواب نفيءَ ۾ آهي.
جيڪڏهن ٻئي ڪنهن وٽ انهيءَ جو اثباتي جواب آهي ته
انهيءَ جو کيس ثبوت ڏيڻ گهرجي...“. اسان پنهنجي هن
معزز معاصر جا شڪرگذار آهيون، جو هن اسان جو
اوڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. جيتوڻيڪ سندس مدير محترم
پاڻ بورڊ جو ميمبر آهي، ۽ کيس بورڊ جي ڪارگذارين
جي مفصل خبر آهي، تنهن هوندي به ڀانئجي ٿو ته جڏهن
پاڻ مٿيون رايو بورڊ متعلق قلمبند ٿي ڪيائين، تڏهن
سندس سامهون اهي چيزون موجود ڪين هيون. هي موقعو
غنيمت ڄاڻي، هتي ”مهراڻ“ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ، بورڊ جي
ڪم جي مختصر ڪيفيت پيش ڪئي وئي آهي. اميد ته ان جي
پڙهڻ سان بورڊ متعلق پيدا ٿيل غلط فهميون گهڻي قدر
دور ٿي وينديون. ايترو سو پنهنجي هن عزيز معاصر کي
گوش گذار ڪنداسون ته: ”صفائي ايمان جي نشاني آهي.“
۽ جهڙي طرح جسماني صفائي انسان جي بدن ۽ پوشاڪ مان
ظاهر هوندي آهي، اهڙيءَ طرح ذهني پاڪيزگي وري سندس
منهن مبارڪ مان جيڪا گوهر افشاني ٿيندي آهي،
انهيءَ مان معلوم ٿيندي آهي: تنهنڪري، آئندي جنهن
کي به جيڪي ڪجهه چوڻو هجي، سو ڪجهه مهذب لفظن ۾ ئي
ادا ڪري- ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي مخاطب کي آسانيءَ
سان پنهنجو همخيال بنائي سگهندو.
گذارش
”مهراڻ“ کي جنهن ڪوشش ۽ محنت سان ترتيب ڏني وڃي
ٿي، ان کان پڙهندڙ ۽ اسان جا محترم اديب خود به
واقف آهن. انهيءَ ترتيب ۾ هڪ مشڪلات اها به رهي ٿي
ته اديب پنهنجون چيزون وقت اندر نٿا موڪلين،
جنهنڪري هڪ ته رسالي جي اشاعت ۾ دير پئجي ٿي وڃي،
۽ ٻيو ته اديبن جي افسانن جي شعرن وغيره کي دنيا
جي مشهور ۽ بلند پايه رسالن وانگر تصويرن ۽ خاڪن
سان نٿو سينگاري سگهجي. انهيءَ ڪري، اسان جي اديبن
کي گذارش آهي ته اسان کي مهرباني ڪري پنهنجا
شاهڪار ڪافي اڳواٽ ڏين ته جيئن رسالي جي ترتيب ۽
آرائش ۾ اسان کي به آساني ٿئي، ۽ سندن چيزن کي پڻ
زياده اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهون. اميد ته
اسان جا محترم اديب هميشه وانگر هن ڳالهه ۾ به
اسان سان سهڪار ڪندا، ۽ آئيندي، وقت اندر، اسان
ڏانهن پنهنجن ادبي نوازشن موڪلڻ جي عنايت ڪندا.
- م. ا. ج
[مهراڻ: نمبر: 3، 1956ع]
نئون سال
”مهراڻ“ جي هن اشاعت سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو
ٻيو سال خير سان پورو ٿيو. نئين سال ۾ پير
پائيندي، ”مهراڻ“ پنهنجن عزيز پڙهندڙن ۽ محترم
اديبن جي خدمت ۾ سندن آئيندي جي مسرتن ۽ ڪاميابين
لاءِ پنهنجون نيڪ تمنائون پيش ٿو ڪري، ۽ پنهنجيءِ
ڳُڻن- ڀريءَ سونهاريءَ سنڌڙيءَ جي سالميت ۽ سُڪار
لاءِ ساڻن گڏجي دلي دعائون ٿو گهري، ۽ انهن دعائن
کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ کين مخلصانه جدوجهد جي
دعوت ٿو ڏئي. خالص ادب جي ميدان ۾ ”مهراڻ“ جي
معيار جو، جيئن اڳي تيئن هاڻي، وري به مٿن ئي
دارومدار آهي: سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو بي
پايان بحر سنڌي عوام جي سالم نگاهه، پاڪيزه جذبات
۽ صحتمند فڪر وسيلي ئي قائم آهي ۽ تا قيامت رهندو:
هن بي بها موتين جي اکٽ ڀنڊار مان ”مهراڻ“، پنهنجي
وت ۽ وس آهر، سندن ئي ڪرم فرماين وسيلي، هيلتائين
ٻه- چار موتي پئي ميڙيا آهن،- آئيندي پڻ ”مهراڻ“
کي مٿن ئي ڀروسو آهي ته مهل ڪُمَهل، ٿَڪيءَ
ٽَٽيءَ، هُو ئي کيس هَٿ هٿ ۾ ڏيئي، هميشه پاڻ سان
گڏ، اڳتي نيندا رهندا-
”مَيَن مَٿي سَمَرا، کُهيِن سَڏ ڪَرينِ،
ساٿ نِباهِيو نِين، اِيَ پَر سَندي سَڄڻين!“
ادب، ۽ ان جا ’نقاد‘
ادب معرفت ماڻهو زندگيءَ جي حقيقتن کي ڄاڻڻ
چاهيندا آهن، ۽ انهن متعلق جي ڪي شڪ شبها ۽ سوال
سندن دلين ۾ پيدا ٿيندا آهن، تن کي ادب ۾ زيادهه
صاف ۽ اثرائتي انداز سان بيان ٿيل ڏسي، هو خوش
ٿيندا آهن: ساڳئي وقت، زندگيءَ جي انهن حقيقتن کي
بدلائي ڪنهن بهتر صورت ۾ آڻڻ لاءِ سندن دلين ۾
جيڪي خيال، ارادا ۽ امنگ اٿندا رهندا آهن، تن جي
ترجماني ۽ اظهار پڻ ادب وسيلي ئي سندن سامهون
ايندا آهن. ادب جون اهي ٻه حيثيتون- هڪ تنقيدي ۽
ٻي اصلاحي- اديبن توڙي باشعور پڙهندڙن وٽ مُسلم
آهن. افسوس فقط هن ڳالهه جو آهي ته جڏهن به ادب،
پنهنجي تنقيد توڙي اصلاح ۾، سچ ۽ صاف- گوئيءَ جي
بنهه ويجهو وڃي رسندو آهي، تڏهن ڪوڙ جي هيراڪن جا
ٻيئي هٿ هڪدم ڪنن تي اچي ويندا آهن، ۽ اونداهين جي
رهواسين جون اکيون سُسَندي سُسَندي بنهه بند ٿي
وينديون آهن- ۽ پوءِ وٽن باقي جيڪا وڃي رهي کهي
هڪڙي زبان بچندي آهي، تنهن کي وٺي کڻي مرڳوئي ٻاهر
ڪڍندا آهن- ڪير جو سندن ان ڇڙواڳ ۽ ذهن جي ضابطي
کان نڪتل نجس- پيما کي پوءِ روڪي سگهي! سنڌ جي ڳوٺ
ڳوٺ ۾، ننڍي وڏي جي وات ۾، هيءَ ڳالهه عام هوندي
آهي ته هِن يا هُن خاص هنڌ تي ناڻي جي ديڳ پوري
پيئي آهي، پر واسينگ نانگ ان تي پنهنجي زهر ڀريل
سسي رکيو ستو پيو آهي: جيڪو ان ديڳ جي ويجهو
ويندو، ان کي هو هڪ ئي ڦوڪ سان ڀسم ڪري ڇڏيندو.
ٻهراڙيءَ جي هن کِل جهڙيءَ عام روايت ۾ ممڪن آهي
ته سنڌ جو پورهيت عوام پنهنجي ئي روزمرهه جي مفلس
زندگيءَ جو عڪس ڏسندو هجي، جنهن موجب سندس پنهنجي
پگهر جي پيدا ڪيل سموري دولت ميڙجي سيڙجي وڃيو ڳوٺ
جي زميندار وٽ ڍڳ ٿئي، ۽ هو پاڻ ان جو پيدا ڪندڙ
اک کڻي رڳو ان ڏانهن پورو نهاري به نٿو سگهي!-
بهرحال، سچ جي دولت ته واقعي ان روايتي ناڻي جي
ديڳ وانگر زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ پوري پيئي آهي:
پر افسوس، جو ان تي پڻ مالدارن ۽ مفاد پرستن جا
زرخريد راکا ۽ پهريدار لٺ کنيو محڪم بنيا ويٺا
آهن: مجال آهي، جو زندگيءَ جي تنقيد ۽ اصلاح ۾
ڪنهن اديب يا عالم جو قلم، سچ جو پيرو کڻي، سندن
پاٿارين تائين پهچي- هڪدم هائيدوس مچي ويندو، وٺ-
وٺان پئجي ويندي، ڀيرين تي ڏونڪا لڳي ويندا-چي،
’گهوڙا هاڻي ڳالهيون ٿيون کُلن، پت ٿي وڃي!‘ ادب
جو واقعي اهو هڪ قديم ۽ بنيادي مسئلو آهي ته
حقيقتن جي بيان ۾ صاف- گوئيءَ ۽ رک- رکان جي هن
متضاد سماجي ضرورت کي ڪيتريءَ حد تائين تسليم ڪيو
وڃي. ”مهراڻ“ جي گذريل ٻن سالن جي ادارتي فرض
ادائيءَ ۾ ادب جي انهيءَ نازڪ مسئلي کي نباهڻ جي،
پنهنجي طرفان، هيٺئين اصول تي ئي اسان ڪوشش پئي
ڪئي آهي:
”سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ سان
سچو رهي:
”پوءِ، جيئن رات کان پوءِ ڏينهن جي اچڻ جي پڪ آهي-
”تيئن ئي پڪ آهي ته ڪٿي هو ڪوڙو ٿي ئي نه سگهندو!“
مگر افسوس، جو هن سموري عرصي ۾ سنڌ جي ادب ۽ صحافت
جي ڪن عاليجنابن کي ”مهراڻ“ مان محض ڪفر ۽ الحاد
ئي پلئه پيو آهي. هي صاحب جيڪڏهن اسان کي معاف ڪرڻ
فرمائين ته کين عرض ڪري ڇڏيون ته هيتري ساري سندن
ايمان سان گڏ ٿورڙو الحاد، ۽ ٿورڙو ڪفر جيڪي سو
کين فائدوئي پهچائيندو- اهڙي اسان کي اميد آهي!
وڌيڪ کين گذارش هيءَ آهي ته
”يا واقعي پاڻ ڪا بهتر ڳالهه پيش ڪريو، يا انصاف
کان ڪم وٺو،
يا علم جي دريادلي، نمرتا ۽ سهپ ڌاريو، يا نظر جي
بلند ۽ قلب جي وسعت پيدا ڪريو،
”يا خاموش رهو، صلاح مڃو، ۽ چپ چاپ اٿي وڃو، بحث
بند ڪريو، پنهنجو رستو وٺو،... خدا حافظ!“
ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس
ڊسمبر1956ع جي 23 کان 29 تاريخ تائين، دهليءَ ۾،
ايشيا جي اديبن جي هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ٿي گذري.
ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سترهن ملڪن کان آيل وفدن
شرڪت ڪئي- (ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي اداري طرفان
مهراڻ: نمبر 4، سال 1956ع ۾ پيش ڪيل آهي.) مختلف
ٻولين جي اديبن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي ٻوليءَ جي
ادبي صورتحال ۽ رجحانن تي تقريرون ڪيون ۽ مقالا
پڙهيا، هڪٻئي کي ادب جي نين راهن ۽ تقاضائن کان
آگاه ڪيو، ۽ سڀني گڏجي ايشيائي ادب ۽ ثقافت جي
ڦهلاءَ جو وسيع پروگرام ٺاهيو. اها ڪيتري نه
ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته ههڙيءَ بين الاقوامي
ڪانفرنس ۾ اسان جي وطن سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو
به نمائندو شريڪ نه ٿيو- جنهنڪري سنڌ اندر سنڌي
زبان جي صورتحال ۽ ادب بنسبت ڪانفرنس ۾ ڪجهه به
پيش ٿي نه سگهيو! اها به غنيمت آهي ته هندستان مان
سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي اسان جي لائق بزرگ،
پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ وڏي
وفد ڪئي. هنن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي اهميت ۽ سنڌي
ادب جي مجموعي صورتحال تي تقريرون ڪيون، هندستان ۾
سنڌي زبان کي تسليم ڪرائڻ، ۽ ان کي ترقي وٺائڻ
لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اٿن، تن کان ايشيا جي اديبن
جي ساٿين جي هيءَ بيمثل ڪوشش ۽ حوصلو اسان سنڌ جي
اديبن ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ کلي للڪار آهي. شل
هتي اسان کي به پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهميت
جو اهڙوئي احساس ٿئي!
”مهراڻ“ جا نوان ايڊيٽر
”مهراڻ“ جي پڙهندڙن ۽ اديبن صاحبن کي اهو ٻڌي
نهايت خوشي ٿيندي ته هن نئين سال کان محترم ڊاڪٽر
دائودپوٽي صاحب ۽ محترم پير حسام الدين شاه راشدي
صاحب جن ”مهراڻ“ جي ادارت جا فرض سنڀالڻ قبول ڪيا
آهن. ”مهراڻ“ جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوش بختي ٿيندي،
جو کيس سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ سنڌ جي هنن ٻن مايه
ناز اديبن ۽ عالمن پنهنجون گرانقدر خدمتون پيش
ڪيون آهن. اسان کي پورو پورو يقين آهي ته سندن
مبارڪ هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو معيار بلند کان بلند تر
ٿيندو ويندو، ۽ بورڊ جو هيءُ علمي ۽ ادبي رسالو
سنڌ جي ادبي ۽ علمي تقاضائن کي آئيندي پڻ بهتر کان
بهتر نموني ۾ پورو ڪندو رهندو.
گذراش
”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو هيءُ چوٿون پرچو پڙهندڙن جي
هٿن ۾ آهي. هن پرچي سان ”مهراڻ“ جي نئين دور جو
ٻيو سال پورو ٿيو. ”مهراڻ“ جا محترم اديب ۽ پڙهندڙ
هيتري تائين هن سان جيڪا وابستگي ۽ محبت ڏيکاريندا
پئي آيا آهن، اميد اٿئون ته نئين سال ۾ پڻ ان ۾
پوئتي ڪين پوندا ۽ هميشه وانگر ان کي پنهنجو رسالو
سمجهي، اسان سان پنهنجو دلي تعاون ڪندا ايندا،
”مهراڻ“ جي خريدارن کي گذارش آهي ته گهڻي تعداد ۾
هو پاڻ، پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سميت، نئين سال جو
چندو ڀري، ”مهراڻ“ کي سندن ادبي خدمت جو موقعو
ڏيندا. -- م.ا. ج
[مهراڻ: نمبر 4، 1956ع]
”گل ڦل“
ناشر طرفان ٻه اکر
هن رسالي کي ٻارن جو رسالو سڏيندي، اسان کي جيڪي
سو حجاب ۽ حذر محسوس ٿئي ٿو؛ ڇو ته ڪيتريءَ عمر
واري ٻار کي ”ٻار“ سمجهي ”ٻارن جو رسالو“ پيش ڪجي-
اهو البت هڪ مشڪل مسئلو آهي. ٻارن جا سمجهدار مائٽ
۽ نفسيات جا ماهر ڄاڻن ٿا ته ڄمڻ گهڙيءَ کان وٺي
ٻار جي آڏو تجربي ۽ ڄاڻ جي دنيا ڪيتري نه تڪڙي
تڪڙي وڌندي ۽ وڏي ٿيندي ٿي رهي، ۽ پنهنجا ۽ پنهنجي
آسپاس جا راز هڪٻئي پٺيان ڪيتريءَ نه باقاعدگيءَ
سان هروقت مٿس کُلندا ۽ ظاهر ٿيندا ٿا رهن! ذهني
اوسَر ۽ تربيت جي هن لاڳيتي ۽ بي انت سلسلي جي اها
ڪهڙي منزل آهي، جنهن تي پهچي، ٻار ”ٻار“ نٿو رهي،
۽ ڦري ”وڏي“ سڏجڻ جي لائق ٿو بنجي- اهو فيصلو آخر
ڪيئن ٿئي! يا مرڳوئي اِن ڳالهه جو فيصلو ”بزرگي
بعقل است نه بسال“ واري مقولي تي ڇڏي ڏجي! ٻار
”وڏن کان وڏا“، ۽ وڏا ”ٻارن کان ٻار“ به شروع کان
ئي سڏبا پئي آيا آهن. انگريزيءَ جي جڳ- مشهور
شاعر، وليم ورڊس ورٿ، جو قول آهي ته ”ٻار، انسان
جو ابو آهي.“ هيڏانهن اسان جي سنڌي شاعريءَ جي سدا
جيئري ”شاهه“ جي تلقين پڻ اهائي آهي ته ”ٿيءُ
ٻاراڻيءَ ٻوجهه، ته ’سپيريان‘ جي ساٿ مِڙين!
پنهنجيءَ جاءِ تي، هيءُ به هڪ قابل غور نڪتو آهي
ته ڪهڙي اُها ”ٻاراڻي“ ڳالهه ٿي سگهي ٿي، جنهن مان
وڏا، پنهنجي منهن، لطف اندوز ۽ مستفيد نٿا ٿي
سگهن؛ يا ڪهڙي اها ”وڏي“ ڳالهه سوچي سگهجي ٿي،
جنهن ۾ ننڍن لاءِ دلچسپيءَ ۽ رهبريءَ جا سامان
موجود نه هجن!- ڳالهه جو ڍنگ البت هر ٻڌندڙ ۽
ٻڌائيندڙ جي حالت ۾ پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو.
مطلب ته هن رسالي کي ”ٻارن جو رسالو“ سڏيندي، ان ۾
ڪهڙيون ڳالهيون پيش ڪجن ۽ ڪهڙيون نه ڪجن- اهو
مسئلو اسان لاءِ (۽ شايد اسان جي اديبن لاءِ پڻ)
واقعي هڪ منجهائيندڙ مسئلو آهي.
هيءُ مسئلو اسان لاءِ هِن ڪري به منجهائيندڙ آهي،
جو آزاديءَ جي گذريل ڏهن ٻارهن سالن جي سموري عرصي
۾، ٻارن جي ادب جي ڪابه (شمار ۾ اچڻ جهڙي) تخليق ۽
اشاعت اسان وٽ عمل ۾ ڪانه آئي آهي؛ ۽ هوڏانهن، ان
کان اڳ واري عرصي ۾ جيڪي ڪجهه اُن صنف ۾ اسان کي
مهيا ٿي مليو، سو ٻيهر ڇاپي ۾ نه اچڻ سبب، اسان
وٽان ائين گم ٿي ويو، جو اسان جي پڙهندڙن توڙي
لکندڙن ٻنهي لاءِ ڄڻ اهو ڪڏهن پيدا ئي ڪونه ٿيو
هو! ادب جو وڻ فقط تڏهن ڦولاربو آهي، جڏهن ان جون
پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن! تاريخ ۽ روايت جو هڪ
ڊگهو سلسلو گهرجي، جو ڪو ٿورڙو ادب به پيدا ٿي
سگهي. اڄ، جو اسان جي سموري سنڌي ادب تي ايترو
سڪتو طاري آهي- جو اڪثر لکندڙ، ايڊيٽر ۽ پبلشر
پنهنجين بنهه ڪِنَ جهڙين لکيتن ۽ ڍير تي اڇلڻ
جهڙين ”پيشڪشن“ تي هڪ طرف ڀنڀليا، ميان مٺو بنيا،
جڳ جهان تي ڪاوڙيا ۽ آڪريا بيٺا آهن، ته ٻئي طرف
اسان جي باذوق پڙهندڙن کي سندن اُنهن ”شهپارن“
ڏانهن منهن ورائي ڏسڻ به گواره ڪونهي- سو فقط ان
ڪري، جو اسان ٻئي ڌريون، لکندڙ توڙي پڙهندڙ،
پنهنجي ادبي ورثي کان واقف ڪين آهيون، ۽ ان ۾ شايد
ڪنهن جو ڪو خاص ڏوهه به ڪونهي- اسان جو ادبي ورثو
هن وقت تقريباً ناپيد آهي- جيڪڏهن ڪو اڄ ان مان
استفادو ڪرڻ گهري، ته جو ڪجهه ڪنهن زماني ۾ ڇپيو،
سو گهڻو تڻو اسان وٽ موجود ڪونهي، ۽ جو اڃا ڇپجي
ميدان ۾ ئي نه آيو آهي، ان جي انداز ۽ عظمت جي
شناس جو ته ڪنهن لاءِ ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي!
ڪلاسيڪي ادب معيار ۽ سونهون ٿيندو آهي. جديد ادب
لاءِ ۽ جديد ادب معيار ۽ سونهون ٿيندو آهي ادب جي
نت نئينءَ ۽ بهتر تخليق لاءِ جيڪا زبان پنهنجي
ادبي ورثي جي اثر ۽ رهبريءَ کان ايتري محروم هجي،
ان جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي ذوق ۽ پرک جي تربيت، ان
حد تائين، ناممڪن آهي: ۽ جيئن زندگيءَ جي ٻيءَ
هرچيز ۾، تيئن فن ۽ ادب جي پرک ۽ پيدائش جي سلسلي
۾ پڻ، بدذوقي بيذوقيءَ کان هميشه زياده هاڃيڪار ۽
بدتر ثابت ٿئي ٿي. هن نقطي نگاهه کان، اسان جي
ٻارن جي ادب جو معاملو ته پاڻ زياده نازڪ ۽ قياس
جوڳيءَ حالت ۾ آهي. ادب جي هن اهم صنف ۾ هونئن به
اسان وٽ ايترو گهڻو مواد پيدا ڪونه ٿي سگهيو، پر
جو ڪجهه پيدا ٿيو – سوين ننڍا وڏا ڪتاب، اخبارون ۽
رسالا وغيره- تنهن سڀ جو اڄ اسان وٽ نالو نشان به
موجود ڪونهي. ظاهر آهي ته ههڙيءَ طرح، جڏهن معيار
۽ سونهپ لاءِ اسان جي سامهون هن قسم جي ادب جي ڪا
خاص روايت موجود نه آهي، تقريباً نئين سر هن ميدان
۾ قدم رکندي، اسان کي ۽ اسان جي اديبن کي جيڪڏهن
ڪجهه هٻڪ ۽ اٽڪاءُ محسوس ٿئي، ته اها ڪا غير
معمولي ڳالهه ڪانه چئبي- نه فقط ايترو، پر اُن
سلسلي ۾ اسان جو هيءُ احتياط ۽ تذبذب ممڪن آهي ته
اسان جي پنهنجي اوڻاين جي احساس ۽ انهن کي پوري
ڪرڻ جي فرض شناسيءَ جو ئي نتيجو هجي!- ۽ اسان جي
دعا آهي ته شل واقعي ائين هجي!
ٻارن لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ادب پيدا ڪرڻ جو فرض-
ان ٻوليءَ ۾ جيڪا اسان کي بيحد پياري آهي، جنهن جي
دائمي زندگيءَ ۾ اسان کي پورو يقين آهي، جنهن جي
روشن مستقبل جي ضمانت لٿي پَٿي وري به اسان جي
اِهي ٻارئي آهن- هڪ اهڙو فرض آهي، جنهن جي اهميت
جو احساس اسان مان جنهن کي جيترو هجي، اوترو بهتر.
هونئن ته ٻارن جي ادب ۾ هر اُها چيز شامل سمجهي
سگهجي ٿي، جنهن جو سمجهڻ ۽ سکڻ ٻارن لاءِ ضروري
آهي- يعني، انسان جي تجربي ۽ ڄاڻ جي اُها ڪل
حاصلات جيڪا جُڳن کان انسان ذات وٽ جمع ٿيندي پئي
آئي آهي (جنهن لاءِ هر علم ۾ ٻارن جي لازمي درسي
ڪتابن توڙي اضافي معلوماتي ڪتابن جي خاطرخواه
تياري ۽ اشاعت اچي وڃي ٿي)؛ پر خالص ادب جي دائري
۾، جتي انسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جا
پُرپيچ ۽ گوناگون مظهر، ٻاجهاري انداز ۽ دلنشين
پيرايي ۾، بيان ٿيندا آهن، جيڪڏهن خالص ٻارن جي
زندگيءَ کي بيان جو موضوع بنايو وڃي، ته شايد
زياده مناسب ۽ بهتر ٿئي. بادشاهن ۽ سوداگرن، جنن ۽
پرين، پکين ۽ جانورن جون آکاڻيون؛ ڳجهارتون، چرچا
۽ ٽوٽڪا؛ ناميارن ماڻهن جون سليس ۽ دلچسپ انداز ۾
لکيل سوانح عمريون، ۽ انساني تاريخ ۽ تمدن ۾ انهن
جي عظيم ڪارنامن جا تفصيل ۽ بيان- اهي ۽ اهڙيون
ٻيون سڀ چيزون، پنهنجي جاءِ تي، ٻارن لاءِ بيحد
ڪارائتيون ۽ ڪافي وندرائيندڙ ٿي سگهن ٿيون. پر
ٻارن جي پنهنجي زندگي- جنهن ۾ ڏک به اٿاهه آهي ته
خوشي به بي انت؛ جنهن جي حسرتن ۽ مسرتن جو ڪو
ڪاٿوئي ڪونهي؛ جنهن جي پسند ۽ ناپسند، جنهن جا
ارادا ۽ عمل معصوميت ۽ محبت جا شاهڪار؛ جنهن جون
اميدون ۽ حاصلاتون هِي، جو چنڊ جي گهر ڪن، ته
آرسيءَ ۾ ان جي پاڇي تي انهيءَ ئي مهل خوش ٿي ويهي
رهن!- ٻارن جي هيءَ بنهه پنهنجي زندگي به ادب لاءِ
نت نوان ۽ لاثاني موضوع مهيا ڪري سگهي ٿي. اسان جا
اديب ۽ دانشور، ٻار کي پنهنجو موضوع يا مرڪزي
ڪردار بنائي، پنهنجن مضمونن، پنهنجن افسانن،
ناٽڪن، ناولن ۽ شعر و شاعريءَ جي مختلف صورتن ۾،
جيڪڏهن ٻارن جي هن نجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن، ته
ٻارن جي ادب جون جديد تقاضائون شايد بهتر ۽ زياده
ڪارآمد انداز ۾ پوريون ٿي سگهن ٿيون. پر هن ڪم ۾،
مناسب مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ، ظاهر آهي ته گهري
فڪر ۽ ڀرپور محنت جي ضرورت آهي- ۽ اهي ئي خصلتون
آهن، جي هر اديب ۽ فنڪار لاءِ هميشه ۽ هر هنڌ فخر
جو باعث رهيون آهن. ۽ هُن جي ادبي ۽ فني تخليق جي
ڪاميابيءَ ۽ مقبوليت جي ضمانت به سندس انهن ئي
اوصافن ۾ موجود آهي. اسان کي يقين آهي ته اسان جا
مهربان ۽ مشفق اديب – ٻارن جا پيءُ ماءُ، ٻارن جا
ڀائر ڀينر، ٻارن جا استاد، ۽ ٻارن سان پيار رکندڙ
ٻيا سڀيئي اسان جا همڪار ۽ ساٿي- اسان جي هن
پهرئين ”ٻارن جي رسالي“ کي ڪامياب بنائڻ ۾ اسان جو
ساٿ ڏيندا؛ ۽ ڪجهه پنهنجي ٻاراڻي زندگيءَ جي
يادگيرين مان، ڪجهه پنهنجي اولاد، ڀائرن ڀينرن،
شاگردن ۽ پاڙي اوڙي جي ٻاررن جي دک سک ڀريل
زندگيءَ جي مشاهدن مان، ڪي نه ڪي سبق آموز ۽ ادب
آفرين چيزون اشاعت لاءِ اسان ڏانهن هميشه موڪليندا
رهندا، ته جيئن اسان جي ٻوليءَ ۾ ادب جي هن لطيف ۽
ٻاجهاريءَ صنف جي جيڪا اڻاٺ آهي، اُن جي ڪنهن حد
تائين پورائي ٿي سگهي.
هن رسالي جي اجراء جو اعلان ڇهه ست مهينا ٿيندا،
جو اسان اخبارن ۾ شايع ڪيو هو. ساڳئي وقت اٽڪل ٻن
سون اديبن کي، هتي سنڌ ۾ توڙي هوڏانهن ڀارت ۾،
مواد موڪلڻ لاءِ، جدا خط پڻ لکيا هئاسون، پر ڪٿان
به ڪا خاص چيز اسان وٽ ڪانه آئي. اسان کي اميد آهي
ته رسالي جي هن پهرئين پرچي جي اشاعت کان پوءِ،
اسان جا محترم اديب ضرور اسان کي پنهنجي مهر ۽
توجهه جي نگاهه سان نوازيندا. هن پرچي جي ترتيب ۾،
هڪ حد تائين، اسان جي دوست مسٽر نور الدين سرڪيءَ
۽ سندس بيگم صاحبه، محترمه شمس نور الدين سرڪيءَ،
اسان جي مدد ڪئي آهي- مواد جو هڪ حصو (خاص طرح،
”جاڳو ٻارؤ“، ”ڪنهن جو برو نه ڀانءِ“، ”موڪل جو
ڏينهن“ ۽ ”روشنيءَ جا منارا“) گڏجي پاڻ تيار ڪيو
اٿن، جنهن لاءِ اسين سندن نهايت ممنون آهيون.
رسالي جي ايڊيٽنگ جا فرض آئينده اسان جو عزيز ڀاءُ
مسٽر رباني بجا آڻيندو، تنهنڪري سندس نالو هن ئي
پرچي ۾، ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏيئي ڇڏڻ مناسب سمجهيو
ويو آهي- نه ته پاڻ هن پرچي جي ترتيب لاءِ ايترو
ذميوار نه آهن.
اسان جا پڙهندڙ جيڪڏهن رسالي جي هن پرچي لاءِ جيڪي
سندن خيال بيهن، انهن کان اسان کي واقف ڪندا، ته
اسين سندن نهايت شڪر گذار رهنداسون. – م. ا. ج
[”گل ڦل“، 1-1959ع]
سنڌ جا ٻار … منهنجي ڀيڻ، منهنجا ڀاءُ!
توکي ڪهڙيون ڳالهيون وڻنديون آهن؟
- راند روند جون ڳالهيون!
- جهيڙي جهٽي کان پوءِ رُسڻ ريجهڻ جون ڳالهيون!
- بهادريءَ جون ڳالهيون!
- ڏاهپ ۽ هوشياريءَ جون ڳالهيون!
- نيڪيءَ، پيار ۽ پورهئي جون ڳالهيون!
”گل ڦل“ ۾ اهڙيون ڳالهيون، ۽ انهن کان سواءِ، پکي
پکڻ ۽ جيت جڻئي جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو مزيدار احوال؛
اسان جي ابن ڏاڏن، يعني اوائلي ماڻهن جي حياتيءَ
جو اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙو احوال؛ سمنڊن ۽ دريائن جي
دنيا جو احوال؛ سج، چنڊ ۽ تارن جي جهان جو احوال؛
قدرت ۽ انسان جي ڪرشمن ۽ ڪارنامن جو اچرج جهڙو
احوال؛ وڏن ماڻهن جي حياتيءَ جو سونهري احوال، جن
جي واٽ وٺڻ سان تون به دنيا جو وڏو ماڻهو ٿي سگهين
ٿو، ۽ ٻيون طرح طرح جون دلچسپ ڳالهيون، نقل نظير،
ٽوٽڪا، ڳجهارتون ۽ بيت، تنهنجي ۽ ٻين لکين سنڌي
جوانڙن جي پڙهڻ ۽ سوچڻ لاءِ، مهيني سر مهيني ڇپجي،
تنهنجي هٿن ۾ پهچنديون رهنديون.
هن دنيا ۾ هر ڪا شيءِ عجب ۾ وجهندڙ آهي. ڏس، خود
اهائي ننڍڙي ڳالهه ڪيڏي نه عجب جهڙي آهي، ته تو
هيل تائين پاڻ کي ”اڪيلو“ ڪري سمجهيو آهي، يا وڌ ۾
وڌ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ”پنهنجو“ ڪري سمجهيو
اٿيئي! پر درحيقت ائين نه آهي! تون ”اڪيلو“ نه
آهين. توهين هزارين لکين آهيو. سنڌ ملڪ، جنهن جي
اَنَ ۽ پاڻيءَ تي تون تڳين ٿو، ۽ جنهن کي تو جيڏا
ڏاها ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ جيان پيارو ڀائيندا
آهن، تنهن ملڪ ۾، اٽڪل روءِ، اهڙا ڏهه لک
(1000000) جوانڙا آهن، جي توکي پنهنجو بنهه پيارو-
اصل پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ وانگر- ڀانئڻ لاءِ تيار آهن …
پر هڪ شرط سان! ۽ اهو شرط هيءُ آهي: آئينده، تون
پاڻ کي ”اڪيلو“ نه سمجهندين، ۽ سنڌ ۾ جي تو جيڏا
لکين ٻار آهن، تن کي پنهنجي ڀائن ۽ ڀيڻن وانگر
ڀائيندين. جي تو ڀائپيءَ جو اهو شرط مڃيو، ته پوءِ
تولاءِ هڪڙي ڳالهه ضرور ٿيندي. اها هيءَ ته تون
انهن لکن ٻارن جو نالو نيشان ۽ حال احوال معلوم
ڪرڻ چاهيندين! ڇو ته هرڪو سٻاجهڙو ٻار پنهنجي ڀاءُ
ڀيڻ جي ڏک سک جو احوال معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي. پر
ان ڳالهه لاءِ تون ڳڻتي نه ڪر. هي ”گل ڦل“ رسالو
آهي نه … انهيءَ وسيلي، اوهين پنهنجو احوال هڪٻئي
کي ٻڌائيندا رهندا. توهان مان جيڪي ٻين سان خط پٽ
رستي ناتو ڳنڍڻ گهرندا، سي پنهنجو نالو، ائڊريس ۽
ٻيو ضروري احوال لکي موڪليندا، جيڪو جڏهن ”گل ڦل“
۾ ڇپبو، ته ٻيا ٻار انهن کي سندن ائڊريس تي خط پٽ
لکندا. اوهان مان جن کي ڪي مزيدار ۽ نصيحت واريون
ڳالهيون اينديون هونديون، سي اهي لکي، ”گل ڦل“ ۾
ڇپجڻ لاءِ، ٽپال رستي موڪليندا- جي جڏهن ڇپجي
پڌريون ٿينديون، ته ٻيا ٻار پڙهي خوش ٿيندا. اوهان
منجهان جن کي تصويرن جو شوق هوندو، سي جيڪي سهڻيون
تصويرون موڪليندا، تن کي ”گل ڦل“ ۾ ڏسي، ٻيا ٻار
شابس چوندا. بس اجهو ائين چهچٽو لڳي ويندو. رنگ ٿي
ويندا. منڊل ٿي پوندا! منڊل به منڊلن جهڙا!! مينهن
جا منڊل ڏٺا اٿيئي؟ هونئن ته هڪ هڪ ڪَڻي پنهنجي
پنهنجي شان مان سان آهي، پر جڏهن سڀئي گڏجي، واءَ
جي گهوڙي تي سوار ٿي، وسڻ جا ويس ڪري اچن ٿيون، ته
ڪيئن ٿو ڀانئين! بلڪل ائين ئي، جڏهن اوهين سوين
هزارين، نينگر ۽ نينگريون، ”گل ڦل“ جي وسيلي،
هڪٻئي کي ڀائپيءَ جي ڏوريءَ سان ڳنڍي، گڏجي اڳتي
وک وڌائيندا ته هي سڄوئي سِڪ ساءَ جو سڪايل ملڪ،
پيار، پريت ۽ سونهن سرهاڻ وارن گلن ڦلن سان ائين
ئي واسجي ويندو، جيئن مينهن پوڻ کان پوءِ ميدان،
برپٽ ۽ واريءَ جون ڀٽون ساوڪ ۽ سبزيءَ سان ڍڪجي
وينديون آهن!
انهيءَ نيڪ ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ پنهنجي
پورهئي تاب پوڻ واسطي، اچ ته پاڻ به پنهنجي
ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي شاعر، ڀٽائي گهوٽ، سان گڏجي
دعا گهرون:
پورهيو پورهيتن جو، والي ڪيم وڃاءِ،
سومون ٿورو لاءِ، جيئن جيئري ڏسان ”جت“ کي!
”جت“ جي خبر اٿو ته معنيٰ ڇا آهي! هونئن ته ڪهڙي
به معنيٰ هجيس، پر هتي معنيٰ اٿس ”من جي مراد“،
”مقصد“، ”،نزل“! ۽ اسان ۽ توهان جي من جي مراد ۽
مقصد به پورهئي سان ئي پورو ٿيندو. بس، هن مهيني
لاءِ اهائي ڳالهه دل تي رکون ته بهتر.
…… ۽ پوءِ هڪ مهيني جي جدائيءَ واري عرصي لاءِ،
هڪٻئي کي ”خدا حافظ“ چئون. – غلام رباني
[”گل ڦل“ 1-1959ع] |