سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :20

 

اسين ڏسون ٿا ته شاعري هن لحاظ کان ٻين هنرن کان هڪ نرالو هنر آهي ته ان جي قدر ۽ قيمت، جيڪا شاعر جي پنهنجي قوم ۽ زبان لاءِ ٿئي ٿي، اُها ڪنهن ٻيءَ زبان يا قوم لاءِ نٿي ٿئي. اهو سچ آهي ته موسيقي ۽ مصوري پڻ پنهنجيءَ جاٰءِ تي مقامي ۽ قومي يا نسلي خصوصيتون رکن ٿيون، ليڪن انهن هنرن جي تور – تڪ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ پرجهڻ جون مشڪلاتون هڪ ڌارئين شخص لاءِ گهڻيون گهٽ آهن. اهو به سچ آهي ته نثري لکڻين کي به پنهنجيءَ زبان ۾ مخصوص اهميت آهي، جا ترجمي ۾ ختم ٿي وڃي ٿي؛ پر اهو اسان سڀني محسوس ڪيو هوندو ته ترجمي ٿيل ناول يا قصي کان زياده اسين ترجمي ٿيل نظم ۾ گهڻي ڪجهه کان محروم ٿيون ٿا، ۽ ڪنهن سائنسي تصنيف جي ترجمي ۾ ته شايد ڪنهن شي جي ڪمي ئي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. نظم ۾ نثر کان زياده مقامي رنگ ۽ خصوصيت موجود رهي ٿي، اها ڳالهه يورپي زبانن جي تاريخ جي مطالعي مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿي. وچئين دور کان وٺي چند صديون اڳ تائين يورپ ۾ لاطيني زبان ئي فلسفي، دينيات ۽ سائنس جي زبان هئي، تان جو مختلف قومن ۾ پنهنجيءَ زبان کي تحريري ۽ ادبي طور استعمال ڪرڻ جي تحريڪ پهريائين شاعريءَ سان ئي شروع ٿي. ۽ اها ڳالهه عين فطري پڻ هئي، ڇاڪاڻ ته اسين ڏسون ٿا ته شاعريءَ جو واسطو بنيادي طور احساس ۽ امنگ جي اظهار سان آهي، ۽ احساس ۽ امنگ مخصوص ٿئي ٿي؛ ۽ خيال ان جي برعڪس هڪ عام شي آهي. ڌارينءَ زبان ۾ سوچڻ سولو آهي، محسوس ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري ڪوبه فن ايترو مڪمل طور قومي نه آهي، جيترو شاعري. ڪنهن به قوم جي زبان ان کان کسي وڃي، ان کي سختيءَ سان دٻايو وڃي، ۽ ٻي ڌارين زبان اسڪولن ۾ زبردستيءَ رائج ڪئي وڃي، پر جيستائين ان فن جي ماڻهن جي ”ڌارينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ“ نه سيکاريو ويو آهي، تيستائين اصلوڪي زبان ختم ٿي نه سگهندي: اها شاعريءَ جي وسيلي، جا احساس جي اظهار جو وسيلو آهي، وري هوش ۾ ايندي ۽ نروار ٿيندي.

’ڌارئينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ‘ جي جيڪا هينئر مون ڳالهه ڪئي، تنهن مان منهنجي مراد ”ڌارينءَ زبان ۾ احساس جي اظهار ڪرڻ“ کان ڪجهه مٿڀري آهي. ڌارينءَ زبان ۾ ظاهر ڪيل ’خيال‘ بلڪل ممڪن آهي ته اهو ساڳيو خيال هجي، جو دراصل ذهن ۾ موجود هو، پر جيستائين ’احساس ۽ امنگ‘ جو تعلق آهي، ته اهو ڌارينءَ زبان ۾ ڪڏهن به اهو ساڳيو رهي نٿو سگهي، جنهن جو اظهار مطلوب هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارينءَ زبان جي چڱيءَ طرح سکي سگهڻ جو هڪ سبب هيءُ آهي، جو اسين هڪ قسم جي ثانوي شخصيت حاصل ڪريون ٿا؛ ۽ پنهنجيءَ زبان کان علاوه ٻيءَ ڪنهن زبان جي نه سکڻ جو هڪ سبب هيءُ به رهي ٿو ته ماڻهوجو ڪجهه آهي، تنهن کان سردست مختلف ٿيڻ هو نٿو گهري. مطلب ته هڪ اعليٰ زبان کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي، جيستائين ان زبان ۾ ڳالهائيندڙن کي ختم نه ڪيو ويو آهي. جڏهن هڪ زبان ٻيءَ زبان جي جاءِ والاري ٿي، ته ان جو سبب هي آهي ته ان ۾ ڪي بهتر ۽ قبولڻ لائق صلاحيتون آهن، ۽ اها زبان دٻجي ۽ مٽجي ويل زبان کان نه رڳو سوچڻ لاءِ، پر احساسَ ۽ امنگ جي دائري  پڻ نه رڳو مختلف پر گهڻو بهتر آهي: تنهن جي معنيٰ ته امنگ ۽ احساس، قوم جي عام زبان ۾ ئي بهترين حد تائين ظاهر ٿي سگهن ٿا. هتي ’قوم جي عام زبان‘ مان مراد اها زبان آهي، جا قوم جي سمورن طبقن – غريبن توڙي شاهوڪارن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن—جي زبان هجي. زبان جي بيهڪ، ترنم، آواز ان جا اصطلاح، ورجيسون ۽ پهاڪا—اهي سڀ ان جي ڳالهائيندڙن جي شخصيت جو اظهار ۽ ترجماني ڪن ٿا.

جڏهن آءٌ چوان ٿو ته نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو، تڏهن منهنجو مطلب اهو نه آهي ته شاعريءَ ۾ ذهني مواد يا مفهوم جي ضرور نه آهي، يا هيءُ ته عظيم شاعري معنيٰ جي لحاظ کان گهٽ درجي واريءَ شاعريءَ کان گهٽ مائيدار هوندي آهي؛ پر ڳالهه جي هن پهلوءَ کي زياده ڇيڙڻ سان آءٌ پنهنجي فوريءَ مقصد کان پري هٽي ويندس، تنهنڪري مان، هيءُ ڳالهه هتي تسليم شده سمجهي، اڳتي وڌندس ته ماڻهو پنهنجي عميق ترين احساس ۽ امنگ جو شعوري ۽ ڀرپور اظهار صرف پنهنجيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ئي پائيندا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن به فن يا ٻيءَ ڪنهن به ڌارينءَ ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اها شي کين نه ملي سگهندي. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته سچي پچي شاعري رڳو انهن احساسن ۽ امنگن جي اظهار تائين محدود آهي، جن کي ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن مان هرڪو شخص سڃاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو. شاعريءَ کي رڳو مقبول عام شاعريءَ تائين اسان کي محدود سمجهڻ نه گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هم آهنگ قوم جي زياده پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهن ۾ عام سڌن سادن ۽ ناپخته ماڻهن جي احساسن ۾ هڪڙي اهڙي ڳالهه ضرور مشترڪ آهي، جا سندن ۽ ٻيءَ ٻوليءَ جي ساڳئي درجي وارن ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هرگز موجود نه آهي: ۽ جڏهن ڪنهن قوم جو تمدن صحتمند ۽ اڀرندڙ آهي، ته سندس عظيم شاعر وٽ پنهنجن سڀني همزبان ۽ هموطن ڀائرن کي پيش ڪرڻ لاءِ، سندن الڳ الڳ تعليمي سطح جي لحاظ بنا، ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو آهي.

اسين هتي چئي سگهون ٿا ته شاعر جو، هڪ شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجيءَ قوم ڏانهن فرض اڻسڌيءَ طرح ئي آهي. هن جو سڌيءَ طرح فرض پنهنجيءَ زبان ڏانهن آهي—يعني پهريائين ان جي حفاظت ڪرڻ، ۽ ٻيو ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ. جو ڪجهه ٻيا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري ظاهر ڪري، شاعر انهن جي احساس کي باشعور بنائي ٿو، ۽ ائين خود ان احساس کي بدلائي ٿو. هو ماڻهن کي، جيڪي ڪجهه اڳي ئي محسوس ڪري رهيا آهن، تنهن بابت وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ۽ ائين هو کين سندن ذات متعلق زياده باخبر بنائي ٿو. پر هو ٻين کان رڳو زياده باشعور نه آهي، پر انفرادي طور ٻين کان، خود ٻين شاعرن کان به، مختلف پڻ آهي؛ ۽ شعوري طور پڙهندڙن کي انهن احساسن کان به روشناس ڪري سگهي ٿو، جن جو ان کان اڳ هنن کي تجربو نه ٿيو آهي. اهو آهي اصل فرق، هڪ حقيقي شاعر ۽ هڪ خبطي ۽ ڇڙواڳ شاعر ۾. هڪ خبطي شاعر وٽ به اهڙا احساس ٿي سگهن ٿا، جي بنهه ذاتي هجن، پر جن ۾ ڪو ٻيو شريڪ نٿو ٿي سگهي، ۽ ان ڪري اهي بيڪار آهن؛ پر هڪ حقيقي شاعر ادراڪ ۽ احساس ۽ امنگ جي انهن نين صورتن کي اظهار بخشي، هو ان زبان کي وڌائي مالا مال ڪري ٿو، جا هو پاڻ ڳالهائي ٿو.

آءٌ هڪ قوم ۽ ٻيءَ قوم جي احساس جي اُن غير محسوس فرق بابت ڪافي ڪجهه چئي چڪو آهيان؛ اهو فرق سندن مختلف زبانن ڪري آهي، ۽ اُهي زبانون ئي ان فرق کي تئين وڌائين ٿيون. پر قومون مختلف تجربن سان، نه فقط مختلف جاين تي پرمختلف دورن ۾ پڻ دوچار ٿين ٿيون. درحقيقت اسان جو شعور ۽ احساس اسان جي بدلجندڙ دنيا سان گڏ هميشه بدلجندو رهي ٿو. اسان جو شعور ۽ احساس اڄ نه فقط اهو ساڳيو نه آهي، جو چيناين يا يونانين جو آهي، پر اهو ساڳيو به نه آهي، جو ڪئين سو سال اڳ خود اسانجن وڏن جو هو؛ اسان جو شعور ۽ احساس هينئر اهو به ساڳيو نه آهي، جو اسان جي پنهنجي والدين جو هو، ۽ خود اسين پاڻ به جيئن هڪ سال اڳ هئاسين، هينئر ائين نه آهيون. اِهو ته ظاهري آهي: پر جا ڳالهه اهڙي ظاهر نه آهي، سا هيءَ ته بس اِهوئي سبب آهي جو اسين ڪڏهن به شعر لکڻ بند ڪري نٿا سگهون. اڪثر پڙهيل ماڻهو پنهنجيءَ زبان جي وڏن اديبن ۽ مصنفن لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن، توڙي جو هنن کي انهن کي ڪڏهن پڙهيو به نه هوندو آهي؛ بلڪل ائين، جيئن هو پنهنجي ملڪ جي ٻين ڪن اهڙي قسم جي نرالين خصوصيتن بابت فخر محسوس ڪندا آهن: ڪي اديب ۽ مصنف ته ايڏا مقبول ٿي ويندا آهن، جو سياسي تقرير بازين ۾ به هنن جا حوالا ڏنا ويندا آهن. پر، اڪثر ماڻهو اهو نٿا محسوس ڪن ته اِهو ڪافي نه آهي: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مستقل طور نوان نوان وڏا اديب ۽ مصنف، خاص ڪري وڏا شاعر، پيدا نه ڪندا رهندا، ته هنن جي زبان کي زوال اچي ويندو، هنن جي تمدن کي زوال اچي ويندو، ۽ اُهو شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي.

هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسون: جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو- جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ، سواءِ خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شي جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نستي ۽ نابود ٿي ويندي.

اها ڳالهه ڪا خاص اهميت ڪانه ٿي رکي ته ڪنهن شاعر جي چاهيندڙن جو حلقو سندس حياتيءَ جي دور ۾ وسيع هو يا نه. اهم ڳالهه اها ته هر نسل ۾، ۽ هميشه، هن جي چاهيندڙن جو ڪجهه نه ڪجهه حلقو موجود هجي. بهرصورت انهيءَ منهنجي چوڻ جو اهو مطلب نڪري ٿو ته شاعر جي اهميت پنهنجي دور لاءِ ئي آهي، ۽ گذري ويل شاعر اسان جي ڪنهن ڪم جا نٿا رهن، جيڪڏهن اسان وٽ زنده شاعر موجود نه آهن. مان ته پنهنجيءَ پهرينءَ ڳالهه تي ايترو به زور ڏيندس ته جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي مقبوليت، سندس جيئري، تمام جلد وڌي وڃي ٿي، ته اها صورتحال خود شڪ جو باعث بنجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان مان اهو انديشو ٿئي ٿو ته هو ڪا نئين شي پيش ڪانه ڪري رهيو آهي، بلڪ جيڪي ڪجهه پيش ڪري رهيو آهي، سو اهو ئي ڪجهه آهي، جنهن تي ماڻهو اڳي ئي هريل آهن—يعني اهو سڀڪجهه، جيڪواهو اڳي ئي پنهنجن اڳين نسلن جي شاعرن کان حاصل ڪري چڪا آهن. پر اها ڳالهه اشد ضروري ۽ نهايت اهم آهي ته شاعر کي پنهنجي دور ۾ صحتمند ۽ باشعور چاهيندڙن جو هڪ ننڍو حلقو موجود هجي، جي شعر جي قدردان هجن، جي فڪر ۾ آزاد هجن، ۽ جي پنهنجي دور کان ٻه قدم اڳتي هجن—يعني اهڙا، جو نئينءَ شي کي جلد قبول ڪرڻ لاءِ تيار هجن.

تمدن ۽ ثقافت جي ترقي جي معنيٰ اها نه آهي ته هر شخص کي سردست اڳتي آڻي محاذ تي بيهارجي. اها ڳالهه ائين ئي ٿيندي ته هر شخص کي زورمس ڪري رڳو قدم سان قدم ملائي هلڻ لاءِ گهلي آڻي اڳيان بيهارجي. بلڪ، ان جي معنيٰ صرف هيءَ آهي ته هر دور ۾ ادب شناس ۽ باذوق ماڻهن جو هڪ منتخب ۽ ڌُڻيل حلقو موجود هجي، جن کان عام پڙهندڙن جي مُک جماعت ذوق ۽ ادب دوستيءَ ۾، هڪ – اڌ نسل جي ويڇي کان زياده پٺتي نه هجي. شعور ۽ ادراڪ جون تبديليون ۽ واڌارا، جيڪي اول ڪن ٿورڙن وٽ ظاهر ٿيندا، سي، پنهنجي اثر ذريعي، ٻين ترت مقبول ٿيندڙ مصنفن معرفت، آهستي آهستي زبان تي پنهنجا هلڪا هلڪا نشان ۽ نقش پيدا ڪندا؛ ۽ جنهن وقت اهي ان تي ڄمي، دائمي جڳهه والاري بيٺا، تڏهن وري هڪ نئين قدم، هڪ نئينءَ پيشقدميءَ جي ضرورت ٿيندي. ازانسواءِ، زنده اديب ئي آهن، جن جي وسيلي مئل اديب زنده رهن ٿا. مثلاً، ”شيڪسپيئر“ جهڙي شاعر انگريزي زبان تي جيڪو گهرو اثر ڇڏيو آهي، اهو اثر رڳو کانئس فوراً پوءِ واري نسل جي شاعرن جي ذريعي ئي نه ڦهليو آهي؛ ڇو ته عظيم شاعرن ۾ ڪي خصوصيتون هونديون آهن، جي ترت ظاهر ٿي نه سگهنديون آهن، ۽ صديون پوءِ وارن شاعرن کي سڌي طرح متاثر ڪري، اهي عظيم شاعر زنده زبان تي هميشه اثر وجهندا رهندا آهن. اڄ جيڪڏهن هڪڙو انگريزي ٻوليءَ جو شاعر اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته موجوده دور ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ هو ڪيئن استعمال ڪري، ته هن کي لازمي طور انهن اديبن جو گهرو اڀياس ڪرڻو پوندو، جن پنهنجي زماني ۾ لفظن کي صحيح استعمال ڪيو،جن پنهنجي دور ۾ زبان کي نئون روپ ڏنو ۽ نئين زندگي بخشي.

هيستائين مون ان آخري ڳالهه ڏانهن اشارو ئي ڪيو آهي، جنهن تائين، منهنجي خيال موجب، شاعريءَ جي اثر جي انتها ليکي سگهجي ٿي: ۽ اها ڳالهه هن نموني ۾ بهتر طور ادا ڪري سگهجي ٿي ته شاعريءَ دواران آخرڪار ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه، ماڻهن جي احساس ۽ ادارڪ، ۽ ماڻهن جي روزمره توڙي عام زندگين ۾ امتياز ۽ فرق—هڪ بنيادي فرق هڪ خاص امتياز—واقع ٿئي ٿو؛ ۽ اُهو امتياز ۽ فرق سماج جي سڀني فردن، قوم جي سڀني شخصن، بلڪ سڄيءَ قوم جي حالت ۾ مجموعي طور واقع ٿئي ٿو—پوءِ منجهانئن ڪي کڻي شاعريءَ کي پڙهندا هجن يا نه پڙهندا هجن، ان مان لطف اندوز ٿيندا هجن يا نه به ٿيندا هجن، يا کين پنهجي عظيم شاعرن جا رڳو نالا به کڻي ياد نه هجن. شاعريءَ جو اثر، پنهنجين آخري حدن تائين، درحقيقت، نهايت وٽڙيل، تمام اڻسڌو، ۽ ثابت ڪرڻ ۾ انتهائي مشڪل آهي. ان جو مثال ائين آهي، جيئن آسمان ۾ اڏامندي ويندڙ پکيءَ يا هوائي جهاز ۾ اک وجهي بيهي جانچجي: پوءِ جي اوهان کي تڏهن نظر ۾ رکيو هو، جڏهن اُهو اوهان کي چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ ائين اوهين ان کي برابر نظر ۾ رکيو آيا، ته اوهين ان کي تڏهن به برابر ڏسندا رهندا، جڏهن اُهو تمام پري هليو ويو هجي—اصل ايترو پري، جو جيڪڏهن اوهين ان وقت ٻئي ڪنهن شخص کي اشارو ڪري اُهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هن جي اَڻهِريل اک ان کي ڏسي ئي ڪانه سگهندي. ساڳيءَ طرح، شاعريءَ جو اثر به جيڪڏهن اوهين پهريائين انهن ماڻهن ۾ جاچيندا، جن تي شاعريءَ گهڻو گهاٽو اثر ڇڏيو آهي، ۽ پوءِ انهن کي جاچيندا، جن ڪڏهن شاعريءَ کي پڙهيو به ڪونهي، ته اوهان کي اهو اثر تڏهن ته ضرور نظر ايندو، جڏهن ان قوم جو تمدن صحتمند ۽ زنده  آهي؛ ڇو ته هڪ زنده سماج ۾ ان جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي باهمي اثر مستقل طور پوندو ئي رهندو آهي. ۽ آءٌ شاعريءَ جي ’سماجي ڪارج‘ مان اها ئي ڳالهه، سندس وسيع معنيٰ ۾، مراد وٺان ٿو: يعني هيءَ، ته شاعري پنهنجي رفعت، زور ۽ تاثير جي مناسبت سان سڄيءَ قوم جي ٻول چال، ۽ شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجهي ٿي.

اوهان کي ائين سمجهڻ نه گهرجي ته منهنجو مطلب ڪو هيءُ آهي ته اسين جيڪا زبان ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعين فقط اسان جي شاعر ئي ڪن ٿا. ثقافت جو ڍانچو انهيءَ کان زياده پيچدو ۽ وسيع آهي. درحقيقت اِها ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهي ته اسان جي شاعريءَ جي لياقت انهيءَ ڳالهه تي منحصر آهي ته ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ٻوليءَ کي ڪهڙي نموني استعمال ٿا ڪن؛ ڇو ته شاعر کي لازمي طرح پنهنجي زبان بلڪل ائين ئي پنهنجي مواد طور کڻڻي پوي ٿي، جيئن اُها سندس اردگرد ڳالهائي وڃي ٿي: جيڪڏهن اُها بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي، ته ان مان هو فائدو وٺندو، ۽ جيڪڏهن اُها هيڻي پوندي ٿي وڃي، ته هن لاءِ ان ئي پؤڻيءَ زبان جو بهتر کان بهتر استعمال ڪرڻ لازمي آهي. شاعري، ڪنهن حد تائين، ٻوليءَ جي سونهن کي قائم رکي سگهي ٿي؛ شاعري ٻوليءَ کي پيچيده حالتن ۽ زندگيءَ جي بدلجندڙ مقصدن لاءِ اهڙيءَ ڪاميابيءَ سان اظهار خيال جي موزون ذريعي بنجڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي، جهڙي طرح اها گذريل ساده زندگيءَ جي سڌن سادن مقصدن لاءِ هڪ موزون ذريعو هئي. پر، ساڳئي وقت، شاعري پنهنجي سر ان پُراسرار سماجي ڪرشمه ڪاريءَ جي ٻئي عنصر وانگر، جنهن کي اسين ”ثقافت“ سڏيون ٿا، اهڙي وسيع ۽ متعدد حالتن تي مدار رکي ٿي، جي سندس پنهنجي اختيار ۽ ضابطي کان ٻاهر آهن.

هيءَ ڳالهه مون کي ڪن زياده عام قسم جي خيالن ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جن کي هتي آخر ۾ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. هيستائين مان شاعريءَ جي مقامي قومي ڪارج تي زور ڏيندو رهيو آهيان، ۽ ان ڳالهه جي سلسلي ۾ مون کي هڪ صفائي پيش ڪرڻي آهي. مان اهو تاثر ڇڏڻ نٿو چاهيان ته شاعريءَ جو ڪارج قومن کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ آهي، ڇو ته مان اهو نٿو مڃان ته مختلف قومن جون ثقافتون ۽ تمدن هڪٻئي کان علحدگي اختيار ڪري ترقي ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ان ڳالهه  شڪ نه آهي ته ماضيءَ ۾ ڪيتريون تهذيبون ٿي گذريون، جن اعليٰ فن، فڪر ۽ ادب پيدا ڪيو، ۽ اهي تهذيبون هڪٻئي سان لڙهه وچڙ ۾ نه هيون؛ پر انهن جي باري ۾ به مان ڪامل يقين سان چئي نٿو سگهان، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪي تهذيبون، جي بظاهر اسان کي الڳ ٿلڳ نظر آيون، سي درحقيقت ٻين سان ربط ۾ رهيون هجن. پر يورپ جي تاريخ ۾، بهرحال، ائين ڪين ٿيو آهي. خود قديم يونان مصر کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، ۽ ڪنهن حد تائين ايشيائي سرحدي ملڪن کان پڻ. خود يوناني رياستن جي باهمي تعلقات ۾ اسان کي، سندن ٻولين ۽ طور طريقي جي اختلاف جي باوجود، باهمي اثر نظر اچي ٿو—بلڪل اهڙوئي، جهڙو يورپ جي مختلف ملڪن جو هڪٻئي تي. يورپي ادب جي تاريخ ۾ ته اها ڳالهه خاص طرح نظر ايندي ته هڪ زبان جو ادب ٻيءَ زبان جي ادب جي اثر کان ڪڏهن به الڳ ۽ آزاد نه رهيو آهي؛ منجهن هميشه آزادانه ڏي – وٺ ٿيندي رهي آهي، ۽ پڻ منجهانئن هر هڪ هڪٻئي کان نئين قوت ۽ توانائي حاصل پئي ڪئي آهي. ثقافت ۽ تمدن جي معاملي ۾ مڪمل علحدگيءَ مان ڪجهه به وري سري ڪين ٿو سگهي: ڪنهن به ملڪ جي ثقافت جي زنده جاويد رهڻ جو مدار ان تي آهي ته اُها ٻين ثقافتن سان آزادانه ڏي – وٺ ڪندي رهي. پر يورپ جي امن ۽ اتحاد لاءِ ثقافتي علحدگي جيڪڏهن هڪ خطرو آهي، ته اُهو ساڳيو خطرو اُن ثقافتي اتحاد ۾ پڻ موجود آهي، جيڪا يڪرنگيءَ ۽ يڪسانيت طرف وٺي وڃي. ڪثرت ۽ تنوع ايترو ئي ضروري آهي، جيترو اتحاد. مثلا، ڪن محدود مقصدن جي حق ۾ هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو—جيئن ته يورپ جي ”هڪ گڏيل ٻوليءَ“ جي سلسلي ۾ بيجا آسانيءَ سان ”اپسپرنٽو“ يا ”بنيادي انگريزيءَ“ جا نالا وٺي سگهجن ٿا—پر سمجهو ته ملڪن جي سموري لکپڙهه ۽ ڳالهه ٻولهه ان جڙتو ٻوليءَ وسيلي شروع ڪري ٿي ڏجي، ته اُها ڪيتري نه اڍنگي ۽ اڻپوري لڳندي. شايد ائين به ٿئي ته ڪن معاملن ۾ ته اُها زبان مقصد کي پورو ڪري سگهي، ۽ ڪن ۾ بلڪل بيڪار ثابت ٿئي. هيڏانهن شاعري مستقل طور انهن شين جي يادگيري ڏياريندي رهي ٿي، جي فقط هڪ زبان ۾ چئي سگهجن ٿيون، ۽ انهن جو ترجمو ناممڪن آهي. هڪ قوم جو ٻيءَ قوم سان روحاني ڏي – وٺ جو رستو تيستائين قائم ٿي نٿو سگهي، جيستائين ڪي اهڙا ماڻهو نه هجن، جن پنهنجي ٻوليءَ کان علاوه ٻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارين زبان ايتري چڱيءَ طرح سکي هجي جيتري پنهنجيءَ زبان کان سواءِ ڪا ٻي زبان سکي سگهجي ٿي، ۽ نتيجي طور، اُن ڌارينءَ ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهجيءَ زبان وانگر ئي محسوس ڪري سگهندا هجن. ان طرح، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ڌارينءَ قوم کي سمجهڻ چاهي ٿو ته هو پهريائين انهن شخصن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو، جن پنهنجيءَ زبان کان علاوه سندس زبان کي سکڻ جي تڪليف ورتي هوندي- ۽ اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ قوم کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

هتي ضمني طور هيءَ ڳالهه به ڪري ڇڏيان ته ڪنهن ٻيءَ قوم جي شاعريءَ جو اڀياس هڪ خاص انداز جي معلوماتي نوعيت جو ٿئي ٿو. مان چئي چڪو آهيان ته هر زبان جي شاعريءَ ۾ ڪي اهڙيون خصوصيتون آهن، جي فقط اهي سمجهي سگهن ٿا، جي اهل زبان آهن. پر ان ڳالهه جو ٻيو رخ به آهي. مون ڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ زبان جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي، جا مون کي چڱيءَ طرح نه پئي آئي آهي، ائين محسوس ڪيو آهي ته مان ان جي نثر کي ان وقت تائين سمجهي نٿي سگهيس، جيسين مون ان کي اسڪول جي استاد جي معيار ۽ دستور مطابق نه پڙهيو- يعني ان کي سمجهڻ لاءِ مون کي هر لفظ جي معنيٰ جي پڪ ڪرڻي پيئي، ان جو گرامر پڙهڻو پيو، وغيره؛ پر ڪڏهن ڪڏهن مون ائين محسوس ڪيو آهي ته ڌارينءَ زبان جي ڪنهن شعر کي پڙهڻ مهل، جنهن جو مان ترجمو ڪري نٿي سگهيس، ۽ جنهن ۾ مون لاءِ ڪيترائي ڏکيا لفظ به موجود هئا، ۽ اهڙا جملا به درپيش هئا جن جو مطلب مان سمجهي نٿي سگهيس، مون کي فوراً ڪنهن اهڙي واضح خيال يا تاثر جو احساس ٿيو، جو نه رڳو نرالو هو، پر انگريزيءَ ۾ جيڪي ڪجهه آهي تنهن کان به مختلف هو، ۽ ان ۾ مون کي هڪ اهڙي شي نظر آئي، جنهن کي مان لفظن ۾ ته بيان نٿو ڪري سگهان، پر ته به مون ڄاتو ته مان ان کي سمجهي ويو آهيان. پوءِ جڏهن مون اها زبان چڱيءَ طرح سمجهي ورتي، ته معلوم ٿيو ته اهو تاثر ڪو منهنجو وهم ڪونه هو، ڪا محض اهڙي خيالي شيءِ نه هئي جا صرف منهنجي ذهن جو اختراع هجي، پر اها شيءِ درحقيقت ۽ واقعي ان شاعريءَ ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هجي. هن مان منهنجو مطلب هيءُ آهي ته شاعريءَ جي وسيلي اوهين ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڌارئين ملڪ ۾، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي، جيڪڏهن چاهيو ته داخل ٿي سگهو ٿا.

يورپ جي حدن اندر مختلف زبانن ليڪن ملندڙ جلندڙ ثقافتن رکندڙ ملڪن جي رشتي جي هن مسئلي ڏانهن، شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي تحقيق ڪندي، اسين شايد غير متوقع طور نڪري آيا آهيون. آءٌ يقينا هن نقطي کان اڳتي وڌي، خالص سياسي مسئلن ۾ داخل ٿيڻ نٿو چاهيان، پر آءٌ اهو چاهيان ٿو ته جيڪي اهڙن مسئلن سان سڌيءَ طرح واسطو رکن ٿا، سي انهن سوالن جي سرحدن ۾، جن تي آءٌ مٿي بحث ڪري چڪو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ضرور داخل ٿين؛ ڇو ته هي سوالَ انهن سياسي مسئلن جو روحاني رخ پيش ڪن ٿا، جن جو مادي رخ سياست جو موضوع آهي. منهنجي پنهنجي بحث جي دائري ۾ ماڻهوءَ جو واسطو انهن زنده ۽ مئل شين سان آهي، جن جي وڌڻ ويجهڻ جا قاعدا قانون بنهه پنهنجا آهن، جيڪي، توڙي جو هميشه مدلل ۽ معقول نه به آهن، ته به عقل ۽ دليل کي اهي تسليم ڪرڻا ئي آهن. اهي اهڙيون شيون آهن، جن جي دستوري رٿابندي نٿي ٿي سگهي، ۽ جيڪي ضابطي هيٺ ايتروئي رهي سگهن ٿيون جيترو موسمون، مينهن يا هوا.

آخر ۾ آءٌ هي چوندس ته جيڪڏهن آءٌ اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيان ته شاعري کي شاعر جي سڄيءَ همزبان قوم لاءِ هڪڙو سماجي ڪارج ادا ڪرڻو آهي—توڙي جو قوم پنهنجي شاعر جي وجود کان باخبر هجي به يا نه – ته پوءِ ان مان هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته يورپ جي هر قوم وٽ اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته ٻين قومن وٽ شاعريءَ جو سلسلو قائم رهڻ گهرجي. مان ناروي زبان جو شعر ته پڙهي ڪونه ڄاڻان، پر جي مون کي ٻڌايو وڃي ته ناروي زبان ۾ نئون  شعر نٿو لکيو وڃي، ته مان ان کي هڪ خطرو سمجهي، اهڙي نموني ۾ ڇرڪبس، جو منهنجو اهو اظهار ’ڪشاده دليءَ واري همدرديءَ‘ جي اظهار کان گهڻو وڌيڪ هوندو: مان ان کي هڪ اهڙيءَ بيماريءَ جي نشاني سمجهندس، جا شايد سڄي برعظيم ۾ پکڙجي ويندي: اها هڪ اهڙي زوال جي نشاني ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته ماڻهو هر هنڌ تهذيبي جذبات جي قوت کان محروم ٿيندا ويندا، ۽ نيٺ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي ويندا-- ۽ ائين واقعي ٿي سگهي ٿو. هر هنڌ مذهبي اعتقاد جي زوال جي پذيريءَ بابت ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي؛ پر مذهبي احساس ۽ شعور جي زوال پذيريءَ ڏانهن ايترو توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده دور جي مشڪل رڳو اها نه آهي ته خدا ۽ انسان بابت ڪن انهن عقيدن ۾ ويساهه رکي نٿو سگهجي، جن ۾ اسانجن ابن ڏاڏن جو اعتقاد هو؛ پر اصل ڳالهه اها آهي ته جيئن اسان جا اڳيان بزرگ خدا ۽ انسان بابت محسوس ڪندا هئا، ائين هينئر محسوس نٿو ڪيو وڃي. هڪڙو عقيدو، جنهن ۾ هينئر اوهان جو اعتقاد نه رهيو آهي، بهرحال، اهو هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين اوهين پوءِ به سمجهي سگهو ٿا؛ پر جڏهن مذهبي احساس گم ٿئي ٿو، تڏهن اهي لفظ جن جي وسيلي ماڻهن ان احساس جي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي بي معنيٰ ٿي پون ٿا. اهو سچ آهي ته مذهبي احساس فطرتي طرح ملڪ ملڪ ۾ مختلف آهي، ۽ دور دور ۾ به مختلف آهي—ائين ئي، جيئن شاعرانه احساس مختلف آهي. احساس بدلبو رهي ٿو، توڙي عقيدو ۽ نظريو ساڳيوئي رهي؛ اهو ته انساني زندگيءَ جو هڪ اٽل شرط آهي. مون کي دراصل جنهن ڳالهه جو خوف آهي، سا آهي هن احساس جو مڪمل موت. ساڳيءَ ريت هيءَ ڳالهه پڻ ايتري ئي ممڪن آهي ته شاعريءَ لاءِ احساس، ۽ اهو احساس جيڪو شاعريءَ جو بنيادي مواد آهي، سو ڪنهن وقت هر هنڌ بنهه مري ۽ ختم ٿي وڃي: ۽ اهڙي صورتحال پوءِ دنيا ۾ يڪسانيت قائم ڪرڻ لاءِ شايد آساني به پيدا ڪري وجهي، جيڪا يڪسانيت ڪي ماڻهو محض يڪسانيت خاطر محبوب ۽ مطلوب سمجهن ٿا.

[مهراڻ نمبر 3 ۽ 4، سال 1960ع]


 

(3)

ٻولي ۽ تعليم

* سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو: (سماهي ”مهراڻ“ سيارو، 1955ع).

* ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي (1956ع)

* ٻوليون ۽ سندن سٽاءُ ۽ ڦهلاءُ (مهراڻ 1964ع)

* ڪريڪيولم ڇا آهي؟ (1970ع)

* ٻه لفظ صلاح جا، استاد لاءِ (1971ع)

* ٻوليءَ جو بچاءُ (1973ع)

* اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي تعليم ۾ اهميت (1980ع)

* تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي: سنڌ گرئجوئيٽس ائسوئيشن، ميرپورخاص جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19-11-88ع جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙهيل تقرير.

* سنڌي ساهت ڪانفرنس جا ٺهراءَ: (مورخه 26 – 28 – نومبر 1981ع تي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪانفرنس).

* سنڌي ٻولي ڪائونسل قام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي اپيل (1983ع).

* ٻه اکر: سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد جي ڇپايل ڪتابچي (اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جو پيش لفظ (1983ع)

* پاڪستان ۾ سائنس جو خاموش موت (1984ع)

* سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا (1993ع)

* سنڌيءَ ٻولي ڏانهن سنڌي قوم جون ذميواريون: (سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي عمارت جي پيڙهه جي پٿر رکجڻ جي موقعي تي اداري جي مقصدن ۽ علمي رٿائن بابت مذاڪري ۾ پڙهيل تقرير) (1994ع)

* آسان سنڌي قاعدو (1973ع).

 

ٻولي، آوازُ – دانهن ۽ دانهن جو جوانُ- ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وَٿُ آهن، ۽ اُن لاءِ وڏو آٿَتُ آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. رُوسي اديب تَرگينيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجيءَ عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو منُ لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍُ ڏين ٿي ۽ مون کي بچائين ٿي. تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وَهي رهيو آهي، اُن کي ڏِسي، آءٌ هوند ڊَهي، بِنهه پَٽ اچي پوان: پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اُها اسان جو ڏَڍُ آهي، آٿَتُ آهي، ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي اڄ ”سندي ذات هجن“ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي!-م.ا.ج.

(”سنڌي ذات هجن“ آڪٽوبر، 1983ع جي مهاڳ تان کنيل)

 

سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو

سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت کي زندهه رهڻ گهرجي. انهيءَ ڳالهه کان ڪنهن به سمجهدار شخص کي انڪار ٿي نٿو سگهي؛ ڇاڪاڻ ته منجهن ڪي اهڙيون امتيازي خوبيون موجود آهن، جيڪي جيڪڏهن گم ٿي وڃن، ته انهن جي پورائي يا تلافي ڪنهن به ٻئي ملڪ، ڪنهن به ٻيءَ قوم، ۽ ڪنهن به ٻيءَ ثقافت هٿان ٿي نه سگهندي.

قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو دارومدار ٻوليءَ تي آهي. پر اها ٻولي جيڪا فقط گهرن جي چؤديوارين ۾ يا رڳو زندگيءَ جي رواجي ۽ مختصر معاملن ۾ ئي ڪم ٿي اچي، ۽ قوم جي علمي ۽ ادبي ضرورتن ۽ قومي زندگيءَ جي ٻين اهم معاملن لاءِ ڪارگر نه آهي، سا موجوده زماني ۾، قوم ۽ قومي ثقافت کي به جيڪڏهن زندهه رهڻو آهي، ته ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ زندهه رهڻ گهرجي، نه فقط زندهه رهڻ، بلڪ کيس لازمي طرح هڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي ٻولي پڻ بنجڻ گهرجي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقيءَ جا ممڪنات بي انداز موجود آهن؛ پر سندس گذريل صدها سالن جي تاريخ جا المناڪ داستان شاهد آهن ته کيس پنهنجي فطري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا ڪڏهن به ڪي سازگار موقعا نصيب نه ٿيا آهن. ڌاريان حاڪم سدائين هن ڪوشش ۾ رڌل رهيا ته علمي ۽ ادبي مرتبو فقط سندن پنهنجين ”حاڪمانه“ ٻولين لاءِ ئي مخصوص رهي، تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ نه فقط پاڻ کي زندهه رکيو آهي، پر ايڏيءَ مڪمل ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهي ڪري به پاڻ وٽ هڪ اهو عظيم ادبي سرماريو پيدا ڪيائين جنهن لاءِ دنيا جي هرڪا سڌريل ٻولي به مٿس اڄ رشڪ ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري، هاڻي جڏهن چيو ٿو وڃي ته سنڌي ۽ سنڌي قوم آزاد آهن، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي انهن مڙني بندشن کان آزاد نه ڪيو ويو جيڪي ڌارين مٿس عائد ڪيون هيون، ۽ وڌڻ ويجهڻ جا اهي سمورا موقعا جن کان کيس هيلتائين محروم رکيو ويو هو، کيس مهيا ڪري نه ڏنا ويا، ته پوءِ ان کان وڌيڪ بدنصيبي، سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!

اسان جا پوئين کان پويان ”نئين روشنيءَ وارا“ حاڪم، انگريز، پڻ اسان جي ٻوليءَ کي هڪ ”ورنيڪيولر“ يعني هڪ ”غلامن جي ٻولي“ سڏيندا رهيا. جنهن جو مطلب هيءُ هو ته سندن سامهون اسان جي ٻولي هڪ اڻسڌريل، ۽ علمي شان کان ڪِريل ٻولي هئي. اهوئي سبب هو جو ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾، هنن پنهنجي ”شاهانه“ ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي اها غير اهم جڳهه ڏني جو هوءَ، خاص طرح علمي ۽ ادبي دائري ۾، اسان لاءِ ڪنهن به ڪم جي نه رهي، ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان جو ٻولي خود اسان جي نظرن ۾ ڪِري پيئي. پرائمري اسڪولن ۾ سو، پنهنجي مادري زبان معرفت، اسان جا ٻار اڌو گابرو انگ اکر سکي سگهيا ٿي؛ باقي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”محڪوم“ ٻولي ڪو شانائتو پير پائي، اها ڳالهه ”حاڪمانه“ ٻوليءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهي؟ تنهن کان سواءِ، حاڪم جو بنيادي مقصد ته فقط پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ جو هوندو آهي. تنهنڪري، انگريزن کي فقط هڪ محدود تعداد ”تعليم يافته“ غلامن جو گهربل هو جن جي هٿان هو پنهنجي حڪومت جو چرخو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهن. انهيءَ لاءِ پڻ لازمي هو ته تعليم جو سرشتو اهڙو تجويز ڪيو وڃي، جو هڪ ته اهي ”تعليم يافته“ غلام ڪٿي به گهرج کان وڌيڪ نه پيدا ٿي وڃن، ۽ ٻيو ته کين تعليم فقط اهائي حاصل ٿئي جا کين ”غلاميءَ“ لاءِ تيار ڪري ۽ ان جو خوگر بنائي. سنڌ جي سدا حيات شاعر لطيف اهڙن ”تعليم يافته“ غلامن جي تعريف، جن کي ڌاريان حاڪم پيدا ڪرڻ گهرندا آهن، هن ريت ڪئي آهي،

جو ”فارسي“ سکيو، گولو، توءِ غلام؛
جو ٻَڌو ٻن ڳالئين، سو ڪِن چائي ڄام؟
اڃو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام!“
ايءُ عامن سندو عام، ”خاصن“ منجهان نه ٿئي.

انگريزن جو رائج ڪيل تعليمي سرشتو جيڪو، بدقسمتيءَ سان اڄ به، اسان وٽ موجود آهي، جنهن کي ”تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو“ ٿو سڏجي، سندن هن حاڪمانه ذهنيت جي عين مطابق، ۽ انهيءَ حاڪمانه مقصد لاءِ لازمي ۽ عين مناسب هو.

”تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو“ ڇا آهي؟- اسان جا ٻار جڏهن اسڪولي عمر جا ٿين ٿا، يعني جڏهن ڇهه سال پورا ڪري ستين سال ۾ پير ٿا پائين، تڏهن کين پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيڻو ٿو پوي. چئن سالن کان پوءِ، عمر جي يارهين سال ۾، پرائمري چئن درجن پاس ڪرڻ کان پوءِ کين هڪ ٻه واٽي تي بيهي، پنهنجي آئنده تعليم لاءِ، هڪ واٽ جو انتخاب ٿو ڪرڻو پوي. هڪ واٽ کين، ٽن سالن کان پوءِ، عمر جي تيرهين سال ۾، سنڌي فائنل جي امتحان تائين پهچائي ٿي. ۽ ٻي واٽ کين سيڪنڊري تعليم ۽ ان کان پوءِ، ڪاليج جي اعليٰ تعليم ڏانهن وٺي ٿي وڃي. جن پهرين واٽ ورتي، تن لاءِ سنڌي فائينل کان پوءِ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو، انهيءَ واٽ سان، ڪوبه اڳتي رستو موجود نه آهي. سنڌ جي پرائمري اسڪول ۾ جيڪي به ٻار پڙهڻ وڃن ٿا، تن مان گهٽ ۾ گهٽ 90 فيصد ٻار تعليم جي هن پهرينءَ واٽ سان لڳي، وڌيڪ تعليم کان هميشه لاءِ محروم رهجي ٿا وڃن.

سنڌي فائينل امتحان، عمر جي تيرهن يا چوڏهين سال ۾ پاس ڪري، جڏهن ڪو ٻار اسڪول کان ٻاهر نڪري، عملي زندگيءَ ۾ پير ٿو رکي، تڏهن هو پاڻ کي ڪهڙيءَ ڳالهه لاءِ لائق ٿو پائي؟ غريب کان غريب ۽ اڻپڙهيل مائٽن جا ٻار ئي هن سنڌي فائينل واريءَ واٽ سان لڳن ٿا؛ شاهوڪارن ۽ تعليم يافته مائٽن جا ٻار هميشہ وڃي ثانوي ۽ اعليٰ تعليم واري ٻي واٽ وٺندا آهن. انهن غريب ۽ پورهيت مائٽن جي ٻارن کي، سنڌي فائينل انهيءَ لائق ته ڪونه ٿو بنائي جو هو پنهنجن مائٽن کي، سندن روزمره جي ڌنڌي ۾، پنهنجي حاصل ڪيل ”علم“ مان ڪو فائدو پهچائي سگهن. هو ته اٽلو پاڻ کي هڪ ”پڙهيل“ سمجهي، اباڻي ڌنڌي کان عار ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين؛ کين واقعي ڪا ”پڙهيلن“ جي شان وٽان، ٿڌيءَ ڇانوَ واري، نوڪري گهرجي! نوڪريءَ جي ”نعمت“ وري، عمر جي سترهين سال کان اڳ، قانون نصيب ٿيڻي ڪانه اٿن؛ ٽي يا چار سال ويچارن کي ويهي گذارڻا آهن، يا بيڪار رلي دربدر ٿيڻو آهي! مائٽ ويچارا، پڙهيل پٽن جي اها درگتي ڏسي چون، ”اسڪولن ۾ ٻار کرن ٿا، پڙهن ته ڪونه ٿا!“ عوام جي دل ۾ تعليم لاءِ هاڻي سخت محبت ٿئي سو ڪيئن ٿئي؟ تعليم مان ماڻهن کي فائدو ڪو پوي ئي ڪين؛ پوءِ پنهنجي اولاد کي ”تعليم“ ڏيارڻ لاءِ مٿن زوري نه ڪرڻي پوندي ته ٻيو ڇا ڪرڻو پوندو؟

ٽن چئن سالن جي نڪمي زندگي گذارڻ کان پوءِ، فائينل پاس ڪيل نوجوان لاءِ هڪ نوڪري پرائمري اسڪول جي ماستري آهي. هيءُ نوجوان استاد، سنڌي فائينل تائين؛ صحيح معنيٰ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو علم حاصل ڪري چڪو هو، تنهنجي هرڪنهن کي خبر آهي، معمولي انگن اکرن ۽ جاگرافي، تاريخ وغيره جي چند نهايت ٻاراڻين ۽ اڪثر غلط ڳالهين کان سواءِ هن آخر ڪهڙي ڄاڻ پرائي هئي؟ تنهن کان سواءِ، جيڪي ٻه چار اکر هو پڙهيو هو، سي به ٽن چئن سالن جي ”واندڪائي“ ۾ سندس دل گهڻي قدر ميسارجي ئي ويا. پرائمري اسڪولن جا ههڙيءَ لياقت وارا استاد، پنهنجون اهم ترين تعليمي ذميواريون ڪيتريقدر پوريون ڪري سگهندا هوندا، ۽ ترت ئي پوءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ چونڊجي وڃڻ کان پوءِ، اُتي جي اڌوگابرو تربيت مان، آخر ڪيترو فائدو حاصل ڪري سگهندا هوندا،- انهن ڳالهين کي جڏهن خيال ۾ آڻجي ٿو، تڏهن ملڪ جي پرائمري اسڪولن جي تعليم جيئن پوءِ تيئن ڪِرندڙ معيار جي منطق آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي.

تعليم جي ٻيءَ، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم ڏانهن ويندڙ واٽ تي، اسان جا ٻار پرائمري چار درجا پاس ڪري، يارهين سال جي عمر ۾، جڏهن پنهنجا پهريان قدم ٿا رکن، تڏهن هنن لاءِ سندن مادري ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي حيثيت گويا ختم ٿيو ٿي وڃي. سندن آئندهه تعليم لاءِ اها کين ڪنهن به ڪم ڪانه ٿي اچي؛ ڇاڪاڻ ته پوءِ جيڪي ڪجهه علم يا ڄاڻ هو حاصل ڪن ٿا، سا انگريزي ٻوليءَ معرفت. اهڙي طرح جڏهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري، ٻاهر زندگيءَ ۾ پير ٿا پائين، تڏهن پنهنجن وٽ به پاڻ کي پرايو پيا محسوس ڪن؛ پنهنجي تاريخ، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان جي ادبي ميراث کان هو بنهه بي خبر رهجي ٿا وڃن؛ عوام ۽ سندن وچ ۾ ڪابه مشترڪ علمي ۽ ادبي ٻولي موجود نه ٿي رهي. البت هڪ ”سرڪاري“ ٻوليءَ ۾ ڪجهه مهارت حاصل هئڻ سبب، هنن لاءِ حڪومت جون ننڍيون وڏيون ”نوڪريون“ کليل رهن ٿيون جن جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو صاحب ۽ ڪامورا يا ”خواص“ سو ضرور بنجي ٿا پون.

مٿئين سموري بحث مان مراد فقط هن ڳالهه جي ثابت ڪري آهي ته اسان جي موجوده تعليمي سرشتي جي ٻنهي واٽن مان ڪابه واٽ اسان جي پڙهيل طبقي جي دلين ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ ڪابه محبت ۽ وابستگي ڪانه ٿي پيدا ڪري، سنڌي فائينل پاس ڪيل نوجوانن جي تعليم ايتري ته مختصر ۽ اڻپوري ٿي ٿئي جو اها کين سنڌي ٻوليءَ جي خوبين ۽ ان جي لافاني ادب جي عظمت سان ڪڏهن به روشناس نٿي ڪري؛ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم يافته نوجوانن کي، سندن علمي ۽ ادبي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾، سندن پنهنجي سنڌي ٻولي ڪابه خاص مدد ڪانه ٿي ڪري.

اڄ دنيا ۾ ڪوبه ملڪ موجود نه آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ اها تعليم جيڪا هڪ سڌريل ۽ مهذب شخص لاءِ موجوده دنيا ۾ لازمي سمجهي ٿي وڃي، سا اتان جي ماڻهن کي سندن پنهنجي مادري ٻوليءَ معرفت نه پر ڪنهن ٻيءَ ڌارين ٻولي معرفت ڏني ويندي هجي. سنڌ، پنهنجي ساليانه جملي آمدني جو تقريباً چوٿون يا پنجون حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي. دنيا جا ڪي ٿورا ملڪ آهن جيڪي پنهنجي آمدنيءَ جو ايڏو حصو تعليم تي خرچ ڪندا هوندا، تنهن هوندي به سنڌ ۾ تعليم جو معيار يا ان جو ڦهلاءُ ڪنهن به صورت ۾ تسلي بخش نه آهي. چوندا آهن ته وڻ کي سندس ميوي مان پرکبو آهي. جيڪڏهن ايتري زياده خرچ کان پوءِ به، سنڌ ۾ تعليم جي حالت واقعي ايتري قدر افسوس ڪرڻ جهڙي آهي، ته ان لاءِ ظاهر آهي ته تعليم جو مٿي بيان ڪيل سرشتو ئي جوابدار ٿي ٿو سگهي؛ ان تي آئنده پڻ جيڪو به پيسي جو ۽ وقت وغيره جو خرچ ڪبو سو اڳتي وانگر ضايع ئي ٿيندو رهندو.

تعليم جي موجوده ٻه واٽائين سرشتي سبب، سنڌي ٻوليءَ، ۽ ان جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ آڏو ڪهڙيون رڪاوٽون اچي حائل ٿين ٿيون، تن جي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ ضروري نه آهي. سنڌي اخبارن، سنڌي رسالن ۽ سنڌي ڪتابن جي سُست اشاعت، ۽ انهن جي محدود ڦهلاءَ مان ثابت آهي ته سنڌي قوم جو پڙهيل طبقو پنهنجي مادري زبان جي واڌاري ۾ اها دلچسپي ڪانه ٿو ڏيکاري جيڪا کيس ڏيکارڻ گهرجي. پڙهيل طبقي کي آخر ڏوهه به ڪيئن ڏيئي سگهجي. سنڌي فائينل پاس ڪيل شخصن کي ايتري تعليم ڏني ئي نٿي وڃي جو هو ڪي ڪتاب لکي سگهن؛ مختصر تعليم سبب سندن دلين ۾ علم لاءِ ايترو پائدار ذوق به پيدا نٿو ٿئي جو منجهن اخبارن، رسالن يا ڪتابن پڙهڻ جي عادت پئجي وڃي؛ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم يافته سنڌي پنهنجو علمي ۽ ادبي ذوق فقط انگريزيءَ جي تصنيفات معرفت پورو ڪرڻ سکيا، ۽ جيڪا ٿوري گهڻي ڄاڻ هنن ڌارين ٻوليءَ مان حاصل ڪئي سا هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ کان معذور آهن. هن صورتحال ۾، سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڪير لکي، ڪير شايع ڪري، ۽ ڪير خريد ڪري؟ جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي پرورش ۽ خدمت خود سندس پنهنجن پڙهيل فرزندن وٽ به ايتري مختصر انداز ۾ ٿيندي هجي، تڏهن ان ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ جون ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون!

گذريل صدها سالن جي عرصي ۾، ڌارين حاڪمانه ٻولين جي ايتري دٻاءَ ۽ غلبي هوندي به، جو سنڌي ٻولي زندهه رهي سگهي آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي پڙهيل طبقي کي شاباس نٿي ڏيئي سگهجي. ان لاءِ سنڌ جا اڻ پڙهيل ڳوٺاڻائي جس جا لائق آهن. سنڌ جي پڙهيل صاحبن ته، پنهنجي پنهنجي زماني جي حاڪمن مٿان نافذ ڪيل تعليمي سرشتي جي اثر هيٺ، شعر ۽ شاعري به ڌارين ٻولين ۾ ڪئي، پنهنجي سچيءَ علمي ۽ ادبي تخليق سان پڻ ڌارين ٻولين کي ئي نوازيو. اڄ انهن ”سنڌي“ اديبن ۽ عالمن جا فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل سوين ديوان ۽ ٻيا انيڪ علمي ۽ ادبي ڪتاب، قلمي نسخن جي صورت ۾، اسان وٽ موجود آهن؛ سندن اهي قلمي محنتون ۽ ذهني عرق ريزيون جڏهن اڄ اسان پنهنجن اکين سان ڏسون ٿا ته محض مٽيءَ ۽ اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيون آهن، تڏهن دل کي واقعي ڏک ۽ صدمو ٿو رسي، ته جن ڌارين قومن جي ٻولين جي ايتري خدمت اسان جي بزرگن ڪئي، خود انهن قومن سندن انهيءَ بي بها پورهئي کي رڳو منهن ورائي به ڪڏهن ڪين ڏٺو؛ شاهه لطيف رحه جي زبان ۾ اسان جي هنن مرحوم اديبن ۽ عالمن جو بلڪل هيءُ حال ٿيو جو، ”اُڃا تان ’آب‘ گهرن، بکيا تان ’طعام‘؛ اي عامن سندا عام، ’خاصن‘ منجهان نه ٿيا!“ غور فرمايو ته جيڪڏهن اسان جا اهي سمورا بزرگ پنهنجي عملي ۽ ادبي تخليق سان خود پنهنجيءَ سنڌي ٻوليءَ کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪن ها ته هوند اڄ اسان جي هيءَ غريب ٻولي ڪيڏي نه اوج تي رسيل هجي ها، ٻيو نه، ته به گهٽ ۾ گهٽ ان حالت ۾ اڄ سندن تصنيفن کي هٿ ۾ کڻي پڙهڻ وارا اسان ته موجود هئاسون! سنڌ ۾ ڌارين ٻولين جي تسلط وارن زمانن کي اڄ ياد ٿو ڪجي، ته پڌري پٽ معلوم ٿو ٿئي ته جيڪڏهن انهن زمانن مان ڪنهن به هڪ زماني ۾ ڪنهن ڌارين ٻوليءَ ذريعي تعليم سو فيصدي سنڌ ۾ عام ٿي وڃي ها، يعني سنڌ جا سمورا ٻار، زالون ۽ مرد سڀ عربيءَ، فارسيءَ يا انگريزيءَ ذريعي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سکي وڃن ها، ته ان زماني کان وٺي سنڌ ۾ نه سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ وارا، نه پڙهڻ وارا ۽ نه ڳالهائڻ وارا ئي ڪي رهن ها. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سڀيتا ۽ ثقافت دنيا جي تاريخ تان غلط حرف وانگر ميسارجي وڃي ها؛ ۽ اهو سڀڪجهه فقط ان زماني جي مروج تعليمي سرشتي جي سبب ئي ٿئي ها. هنن ڳالهين پيش ڪرڻ مان مراد هيءَ آهي ته ثابت ٿئي ته قوم، قومي ٻوليءَ ۽ قومي ثقافت لاءِ تعليمي سرشتو ڪيترو نه خطرناڪ ۽ مهلڪ ثابت ٿي ٿو سگهي!

اسان جي پوين حاڪمن، وري به، اها اسان تي ”مهرباني“ ڪئي جو اسان لاءِ تعليم جو ٻه واٽائون سرشتو پسند ڪيائون، ۽ هڪ واٽ، پوءِ اها کڻي ڪيتري به مختصر ۽ نڪمي واٽ هئي، اسان کي پنهنجي مادري زبان تائين پهچڻ ۽ ان کي جيئري رکڻ لاءِ پڻ موجود ڪري ڏنائون. نه فقط ايترو پر هنن پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جون لافاني خدمتون ڪيون. عربي ۽ فارسي ٻولين جي حاڪميت وارن دورن ۾ ته تعليمي سرشتو بنهه هڪ ئي واٽائون هو جنهن تي سواءِ عربيءَ جي، يا فارسيءَ جي، ٻيءَ ٻوليءَ جو نشان به نٿي مليو. اڄ پڻ ڪن دلين ۾ اهي خواهشون موجود آهن ته ڪنهن طرح اهو ساڳيو ”هڪ واٽائون“ تعليمي سرشتو رائج ٿئي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نشان به نه ملي. اڳ ئي، سمورن تسليم شده تعليمي ۽ نفسياتي اصولن کي ظاهر ظهور نظرانداز ڪري، سنڌ ۾ سنڌي ٻارن لاءِ نائين سال جي عمر ۾، ٻئي پرائمري درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ، ٻي هڪ ٻولي يعني اردو پڙهڻ به لازمي ڪئي ويئي آهي. ڪراچي ثانوي تعليم جي بورڊ جيڪو ثانوي تعليم جو ڪورس مرتب ڪيو آهي، جنهن تي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ عمل به ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ اردو، ٻولي، اردو ڳالهائيندڙ توڙي غير اردو ڳالهائيندڙ شاگرد لاءِ لازمي ڪئي ويئي آهي؛ ۽ سنڌي، خود سنڌي شاگرد لاءِ به لازمي نه آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن طرفان هيءُ دڙڪو موجود آهي ته ڪنهن  خاص عربي کان پوءِ هو سنڌي ٻوليءَ کي امتحانن ۾ جوابن لاءِ هڪ منظور ٿيل ٻولي تسليم نه ڪندا آهن. اهي ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته موجودهه حالتن ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي سامهون هڪ اها ٻولي اچي پيش ٿي آهي جنهن جو ڪن ڳالهين ۾ سنڌيءَ سان ظاهريءَ طرح نهايت قريبي رشتو آهي، ۽جنهن جي پيش ڪرڻ وارا خود اسان جا ئي هم وطن ۽ وڏي ڳالهه ته هم مذهب ڀائر آهن، ۽ جيڪا هڪ نهايت ئي منظم طريقي ۽ ظاهري طرح انتهائي دلڪش ۽ دلپذير دليلن سان اسان جي سامهون پيش ٿي رهي آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ جڏهن تعليم سو فيصدي عام ڪرڻ قومن جي زندگيءَ جو هڪ لازمي ۽ بنيادي اصول بنجي چڪو آهي، جيڪڏهن انهن حالتن ۾ اسان کي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي نه فقط محفوظ رکڻو آهي بلڪ ان کي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ اڳتي وڌائڻو آهي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي تعليمي سرشتي جي مدد سان ئي اهو مقصد حاصل ڪرڻو پوندو.

سنڌي ٻار کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم سان روشناس ٿيڻو آهي، ۽ ٿيڻ گهرجي، ۽ اها تعليم کيس سندس پنهنجي مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿيڻ گهرجي. اهواسان جو پيدائشي حق به آهي، ۽ بنيادي فرض به. ان لاءِ هڪ ته اسان کي پنهنجي سموري تعليمي سرشتي کي بنهه نئين سر ٺاهڻو پوندو، ۽ ٻيو ته ان لاءِ اسان کي سوين مناسب ۽ مفيد ڪتاب يا اصل لکڻا پوندا، يا ترجمو ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن جي سامهون اڄ انهن ٻن مقصدن کان سواءِ ٽيون مقصد ڪا اهميت ڪونه ٿو رکي.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ٻن عظيم مقصدن کي سامهون رکندي، هڪ طرف تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جوهڪ پنج سالائون پروگرام مرتب ڪيو آهي جنهن دوران کين انهيءَ عرصي ۾ تقريباً ٽن سوَن علمي ادبي ڪتابن جي شايع ڪرڻ جو ارادو آهي، ۽ ٻئي طرف هنن هڪ مڪمل تجويز سنڌ سرڪار جي تعليمي کاتي اڳيان پيش ڪئي آهي ته سنڌ اندر موجودهه ٻه واٽائين تعليمي سرشتي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي موجودهه مئٽرڪ جي علمي معيار واريءَ منزل تائين ٿيندڙ خالص هڪ واٽائون تعليمي سرشتو رائج ڪيو وڃي، جنهن ۾ سموريءَ تعليم جو ذريعو سنڌي ٻولي هجي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو هڪ طرف سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي هن وسيع ۽ اهم اشاعتي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽان وقت بوقت فياضانه مالي امداد حاصل ٿيندي ٿي رهي؛ ۽ ٻئي طرف، سنڌ سرڪار، بورڊ جي مٿئين تجويز کي اصولي طرح قبول ڪري چڪي آهي. بورڊ جي هن تجويز کان متاثر ٿي، سنڌ جي اڳئين وڏي وزير صاحب سنڌ اسيمبليءَ جي گذريل اجلاس ۾ پنهنجي سالياني (1955- 1954ع) بجيٽ واريءَ تقرير ۾ هن مسئلي متعلق، سنڌ سرڪار جي پاليسيءَ جي هيٺين لفظن ۾ اعلان ڪرڻ فرمايو.

”حڪومت سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي اچي ٿي. سنڌيءَ کي صوبائي زبان جي حيثيت ۾ جوڳي اهميت ڏيڻ لاءِ مناسب اپاءُ ورتا ويندا. موجودهه وقت سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ورينڪيولر فائينل جي درجي تائين سيکاري وڃي ٿي.  ٻئي طرف، ثانوي ۽ مڊل اسڪولن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي به سيکاري وڃي ٿي ۽ وڏن درجن ۾ شاگردن کي گهڻن ڪمن ۾ انگريزي وسيلي پڙهايو وڃي ٿو. تنهنڪري ابتدائي ۽ مڊل اسڪولن ۾ ساڳئي درجن لاءِ نصاب جدا آهي. تعليم جي هن ٻٽي سرشتي عوام کي سخت نقصان پهچايو آهي. جيڪي شاگرد ابتدائي اسڪولن ۾ ورنيڪيولر فائينل درجي تائين تعليم حاصل ڪن ٿا، تن کي وڌيڪ تعليم نٿي ڏيئي سگهجي، جيستائين هو ٻيهر ڪنهن مڊل يا هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي کان پڙهائي شروع ڪن. ابتدائي اسڪولن ۾ تعليم جو معيار تمام گهٽ آهي. ابتدائي اسڪول جا تمام ٿورا شاگرد مڊل اسڪول يا هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺن ٿا، نتيجو اهو نڪري ٿو ته بنيادي تعليم کان حقيقت ڪري کين محروم رکيو وڃي ٿو. منهنجي حڪومت تعليم جي هن ٻٽي سرشتي کي سڌارڻ جي سوال تي غور ڪري رهي آهي. ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ تعليم اهڙي ريت ڏيڻ گهرجي جيئن اجايو بوجو يا وقت جو زيان نه ٿئي. منهنجي حڪومت جو وڌيڪ ارادو آهي ته شاگردن کي مئٽرڪ تائين هدايتون مادري زبان ۾ ڏيڻ گهرجن.“

[سماهي ”مهراڻ“- سيارو 1955ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org