وطن دوست قوم شناس ادب
(19 مارچ، 1976ع، شام جو ڇهين وڳي، سنڌي ادبي
سنگت، سڪرنڊ طرفان هڪ ادبي شام ملهائي ويئي. ان
موقعي تي سندن ڪيل تقرير، جيڪا بروقت تاج جويي نقل
ڪئي، ان جو ايڊٽ ڪيل متن)
سڄي زندگي گذري وئي آهي، پر دل ڪڏهن نه چاهيو آهي
ته خودثنائي ڪجي، يا روبرو پنهنجي ساراهه ٻڌجي.
مون ڪڏهن به پاڻ کي پڏايو نه آهي، نه ئي پنهنجي
ساراهه ڪئي اٿم- ۽ آخر ڄمار تائين اها تمنا رکان
ٿو ته شل اُن برائيءَ کان پري رهان.
..... جنهن مقصد سان هتي گڏ ٿيا آهيون، اُهو آهي
”سنڌ جي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
۽ اُن سان هڪٻئي کي ڪجهه روشناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ.“
سنڌ جو ثقافتي جوهر گهڻي ڀاڱي لِڪو پيو آهي. جا
ڳالهه، جا شيءِ، لڪل آهي، اُن جي خوبيءَ جي ڪنهن
کي ڪهڙي خبر! اُها اڃا ظاهر ئي نه ٿي آهي. جڏهن
ڳالهه کي کولي، سڀني تائين پهچائبو، ته اُن جو قدر
به ٿيندو ۽ ماڻهن کي به فائدو ٿيندو ۽ هو ان کي
پنهنجو سمجهندا. پنهنجيءَ شيءِ کي جيترو گهڻو
سڃاڻبو، اوتري اُن سان محبت ۽ پيار ٿيندو، ۽ دل ۾
اُن کي سانڍي رکڻ ۽ وڌائڻ جو امنگ پيدا ٿيندو.
سنڌ جي شناس جيستائين اسان جي طبيعت جو جز نه بني
آهي، جيستائين ان جي گذريل عظمت، موجوده حالت ۽ ان
جي مستقبل بابت ذهن ۾ ڪو چٽو تصور قائم نه ڪيو ويو
آهي، تيسين اسان جو جيئڻ بيسود آهي، اسان جي زندگي
اجائي آهي- پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان هوا ۾ ڀريل، بي
ثمر ۽ بي بقا آهي. اڪيلي انسان يا پاڻ تائين پوري
رهڻ واري ماڻهوءَ جي زندگي بلڪل ائين آهي، پر
جيڪڏهن اسين سنڌ جي ساگر تي ڦوٽا بڻجي به ڪا گهڙي
لُڏون لمون ۽ پوري سرور، سونهن ۽ نزاڪت سان ٽلون
ٽمڪون، ۽ پوءِ ڦِسي، ان ساگر سان ملي هڪ ٿي وڃون،
تڏهن به چئبو ته اسان جي اُها گهڙي سجائي ۽ سڦل
گذري.
ادب، راڳ، رقص، مصوري ۽ ٻيا تخليقي فن، جن کي لطيف
فن چئجي ٿو، اهي ڪنهن قوم جو روح بلڪ روح جو به
جوهر هوندا آهن. هونئن ته انسان اڪيلي پاڻ لاءِ
علم، دولت، عزت، مادي طاقت، سک ۽ خوشيءَ جي هٿ ڪرڻ
جا جتن ڪندو رهندو آهي، پر انهن سڀني ڳالهين جو
سَتُ ۽ مقصد اها دائمي شيءِ آهي، جا سماج ۾ يا قوم
۾ هڪ نسل کان ٻئي نسل لاءِ ورثو ڪري ڇڏي وڃجي ٿي،
اها آهي اها فڪر ۽ فنون لطيف جي سدا وڻندڙ ۽ سدا
قائم رهندڙ روحاني دولت- جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي،
جنهن جو ڪو بدل ڪونهي.
منهنجي آڏو، سنڌي ٻوليءَ کان علاوه (جيڪا اسان جي
سڃاڻپ جو بنيادي نشان آهي)، سنڌ جي سڄي شان ۽ شرف
جا علامتي اهڃاڻ ٽي رهيا آهن: (1) موهن جو دڙو،
(2) دودي جو داستان (3) لطيف جو شعر.
موهن جو دڙو سنڌ جي قدامت ۽ اصليت جو اهڃاڻ آهي.
دودي جو داستان اسان جي اُن ارادي جي ترجماني ڪري
ٿو ته اسين مُهتَ ۽ مانَ سان زنده رهڻ گهرون ٿا-
هُو (موهن جو دڙو) تاريخ آهي، ۽ هيءُ (دودي جو
داستان) تاريخ سان واعدو آهي- ۽ لطيف اسان لاءِ
اسان جي زندگيءَ جي سموري مقصد ۽ معنيٰ جو ڏس آهي.
اسان جي گذريل، هاڻوڪيءَ ۽ ايندڙ تاريخ جي جدوجهد
۽ فڪر جي ولوڙ جو باقي رهندڙ نتيجو يا ڦل اهو حسن،
حق ۽ خير جو ’لطيفي‘ ورثو آهي-جنهن جي هڪ حيثيت
عالمي ورثي جي به آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ کي
سڃاڻڻو آهي، ان سان واعدو به نڀائڻو آهي، ۽ ان جي
پيدا ڪيل ۽ ڏنل ورثي کي سنڀالڻو، سمجهڻو ۽
پنهنجيءَ پر ۾ وڌائڻو به آهي ته جيئن اسان جي
آئينده نسلن لاءِ ان ۾ اسان جو به ڪو حصو هجي.
اسين ائين پنهنجي تاريخي اصليت، تاريخي ارادي ۽
تاريخي پلمانسيءَ تي رڳو فخر ڪرڻ تي راضي ٿي
ويهون، ۽ پنهنجي لاءِ موهن جي دڙي جي سنڌو تهذيب،
دودي جي سرفروشيءَ ۽ لطيف جي انسان دوست تخليقي
ورثي کي ئي ڪافي سمجهي ويٺا رهون، ته اها ’پدرم
سلطان بود‘ واري ڳالهه ٿيندي. انهن ٽنهي ڳالهين جي
مهان درجي کي سمجهي، اسان کي پنهنجي ڪردار ۽ عمل
سان ان تي پاڻ کي پورو ثابت ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي
طرفان پنهنجي وس آهر، ان کي وڌيڪ اوچو ۽ اعليٰ
بنائڻو آهي.
اسان کي پنهنجي موجوده گهڻ – پاسائين اجتماعي
مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اهڙي انداز ۽ سروفرشيءَ سان
تيار ٿيڻ گهرجي، جهڙي نموني دودي ۽ دودي جي همعصر
سنڌي سماج ڪري ڏيکاريو. اوهان مان هر نوجوان کي
دودي چنيسر جو داستان، راتيون جاڳي، پنهنجي ڀٽن،
ڀانن ۽ سگهڙن کان ٻڌڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪو
نوجوان دودي جو سربستو داستان نٿو ٻڌي، ته اهو ڄڻ
زندگيءَ جي هڪ اعليٰ سبق کان محروم ٿو رهي- ان سبق
کان جيڪو اسان کي اسان جي انهن عظيم ابن ڏاڏن جي
لافاني ڪردارن جي صورت ۾ سيکاري ٿو ته باغيرت ۽
بامقصد زندگي ڪيئن گذارجي. جيڪي به سٺا ۽ سهڻا
اوصاف هڪ انسان ۾ ٿي سگهن ٿا، اُهي اوهان کي دودي
جي ڪردار ۽ سندس ڀيڻ ٻاگهيءَ، چنيسر جي پٽ ڀونگر ۽
ٻين سندن ساٿياري شخصن جي ڪردارن ۾ ملندا. اهي
جيڪي اسان جا همت ڀريا، باغيرت ۽ باشعور ابا ڏاڏا
هئا، انهن جي قصي ٻڌڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي،
ڄڻ اسين تاريخ جي هڪ اهم دور ۾، سنڌي سماج جو هڪ
مثالي نقشو اکين اڳيان ڏسي رهيا آهيون، جنهن ۾ اهي
اسان جا وڏا پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن.
اسان کي به تاريخ ۾ پنهنجو فرض ادا ڪرڻو آهي. اهو
تاريخ طرفان اسان تي رکيل آهي. جنهن کي پورو ڪرڻو
آهي، ۽ ان لاءِ اسان کي هر قيمت تي هڪ اجتماعي
وجود طور، هڪ خاص سماج طور، زنده رهڻو آهي- ڇو ته
پنهنجي ان وجود کي قائم رکي ئي اسين وسيع انساني
سماج جي بهتريءَ لاءِ پنهنجي حصي جو سونپيل ڪردار
ادا ڪري سگهون ٿا.
پنهنجي پاڻ لاءِ توڙي انساني دنيا لاءِ اسان جي
وجود جي ڪهڙي افاديت آهي، اُهو اسان لاءِ اسان جي
وطن دوست ۽ انسان پسند فڪري ورثو تجويز ڪري ٿو ۽
مقرر ڪري ٿو، جنهن جو نچوڙ يا جوهر اسان جي لوڪ
فن، لوڪ ادب، لوڪ ساڃهه ۾ ۽ اسان جي معياري فنون
لطيف ۾ موجود آهي. سنڌي ادبي سنگت جو مقصد ۽ ان جو
ڪردار اسان جي ان انساني جوهر کي اجاگر ۽ عام ڪرڻ
پئي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اسان جي سنگت رڳو محدود
معنيٰ ۾ ادب کي چهٽي پوي، سو ٺيڪ نه آهي. سنڌي
سماج جي جيڪا تخليقي ڪوشش آهي، ادب ان جو فقط هڪ
حصو آهي. اسان کي ادب سان گڏ مصوري، ناٽڪ، راڳ،
رقص ۽ راندين روندين کي به زور وٺائڻ گهرجي.
نوجوان جيڪڏهن صحتمند ۽ سگهارا نه هوندا ته مقصد
جي حصول ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا، ڇو ته
منجهن جاکوڙ ۽ اتساهه جي کوٽ رهندي. ان ڪري
رانديون ڪرڻ ۽ ٻيا جسماني سگهه ۽ سورهيائيءَ جا ڪم
۽ ڪرتب سکڻ تمام ضروري آهن. ناٽڪ جو فن به ضروري
آهي. اهو به ذهني صلاحيتون اُڀاري ٿو. آءٌ جڏهن
سائين جي ايم سيد جي ڳوٺ سَنَ ۾ پڙهندو هوس ۽ ان
کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي ۽ مٿي ڊي جي سنڌ
ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، ته اسين ناٽڪن، راندين ۽ کيلن
۽ راڳ رس ۾ حصو وٺندا هئاسون. اسڪولن ۽ ٻين
درسگاهن ۾ رڳو انگن اکرن ۽ ڌنڌن جي نصابي تعليم
ڏيڻ ئي ضروري نه آهي. پر ٻارن ۽ جوانن جي خالص
انساني صلاحيتن کي علم ۽ اب ۽ ادب سان گڏ راڳ رس،
ناٽڪن ۽ راند روند وسيلي وڌائڻو ۽ اُڀارڻو به آهي.
انهن ڳالهين لاءِ اسان جي سنگت کي پنهنجن ڳوٺن ۽
شهرن ۾ ننڍا ننڍا، پنهنجي آزاد مرضيءَ سان هلندڙ
ادارا، يعني ڪلب، ٽولا ۽ سنگتون قائم ڪرڻ گهرجن.
خالص ادب جي سلسلي ۾ هتي مون کي هيءُ چوڻو آهي ته
اڄڪلهه جيڪو اڪثر ادب اسان جي ادبي سنگت ۾ پيدا ٿي
رهيو آهي. اهو قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جو ادب
سڏجي ٿو. قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب جي
ڳالهه ته تمام سٺي ۽ فڪر جوڳي آهي. پر مجموعي طور
ادب جي، يا قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب جي،
معنيٰ جيڪڏهن قوم يا سماج جي فائدي جو ادب آهي، ته
اهو رڳو اهو ادب ناهي، جيڪو اسان وٽ هڪ ئي نوع جو
اڄڪلهه پيدا ٿي رهيو آهي. اهو ادب جو هڪ رخ يا هڪ
موضوع آهي. ٻيا به موضوع آهن ۽ ٻيا به رخ آهن، جن
تي به قلم کڻڻ گهرجي. مثال طور سنڌ جي سونهن ۽ سک
۽ عظمت کي سڃاڻڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سنڌ جي قدرتي نظارن،
اُن جي گلن، پکين، موسمن، تاريخي واقعن، تاريخي
ڪردارن، روايتي قصن ۽ ڪهاڻين، روزمره جي واقعن،
اڄڪلهه جي دل ڀڄائيندڙ انساني ڪردارن، حسن ۽ عشق
جي ڳالهين، نئين ۽ بهتر سماج ۽ ان جي آدرشي انسان
جي تربيت لاءِ جديد اوچن انساني قدرن ۽ ان جي
برخلاف پراڻن ۽ مدي خارج خيالن، عقيدن ۽ سرشتن ۽
سماج دشمن ۽ انسان دشمن طبقاتي قدرن ۽ ضابطن کي به
ادب جا موضوع بنائي سگهجي ٿو، ۽ ادب جو رخ يا زور
قومپرستيءَ جي ويچار ڌارا سان ٻٽوٻٽ يا ان کان
ڪجهه مٿڀرو سماجي انصاف يا انقلابي ويچار ڌارا
ڏانهن پڻ موڙي ۽ هلائي سگهجي ٿو.
ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي.
سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تت آهي ئي زندگيءَ جي
ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي سونهن کي وڌائڻ،
اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو اُٿي ئي
انهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگي جي ڪنهن ڪُنڊ، ڪنهن
پاسي ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ،
مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي- اِها سڄي ڪاوش
زندگيءَ ۾ حسن کي جنم ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي
ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي؛ عشق جي منزل حسن آهي.
جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي
نموني ۽ پنهنجي پنهنجي ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي
ڳالهه نه ڪئي ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ
ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي.
اسان کي پنهنجن سمورن سماجي مسئلن کي پنهنجي ادب ۽
فن جو مواد بنائڻ گهرجي. سرند ماڻهو پنهنجي ذاتي ۽
طبقاتي مفاد جي بچاءَ ۽ لالچ ۾ ماڻهپو وڃائي ويهن
ٿا، انهن مان انساني ڪهل ۽ ڪهڪاءُ نڪري ٿو وڃي؛ هو
پنهنجي قاروني، فرعوني ۽ ابليسي سڌن جا غلام بنجي،
دولت، طاقت ۽ رتبي تي ايمان ڪن ٿا. ۽ دولت، طاقت ۽
رتبي جو مقصد اجتماعي ڀلائي نه، پر پنهنجي ذاتي ۽
طبقاتي ڀلائي سمجهن ٿا. اسان کي گهرجي ته انساني
سماج جي انهن حيواني اوصافن کي ۽ انهن جي بي حساب
سماجي اظهارن مان هر هڪ کي پنهنجي ادب ۽ فن جو
نشانو بنايون ۽ اهي جيئن انسان جي انسانيت جا ازلي
دشمن آهن، تيئن انهن کي کولي پڌري پٽ ثابت ڪيون.
اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو
يا رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو، ته اهو هڪ رنگو
۽ هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسو ٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ
۽ ٻڌندڙ ٻئي ڪڪ ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽
مهاڄار ۾ ڦاٿل آهي، ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون
(هڪ – رنگيءَ جون) اثر انداز آهن، پر اڳتي هلي ادب
۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي
اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي
گهڻ – پاسائون ۽ همه گير ٿيڻ گهرجي. ان کي اسان جي
جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي. گذريل ڪجهه عرصي
کان، اڳي ئي، اها دانهن اُٿيل پئي ٻڌجي ته اسان جي
ادب جو چالامانو ماٺو ٿي ويو آهي. ان جو هڪڙو سبب
اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسين ادب ۾ رڳو هڪ رخ پيش
ڪريون ٿا. هوڏانهن جماعت اسلاميءَ وارن به اسان جي
خلاف ڪافي ڪجهه دانهن لائي ڏني آهي. [نوٽ – ڪنهن
دوست چيو، ”سائين، گذريل ڪجهه عرصي ۾ سنڌي ادب
ڇپيو ئي ڪونهي- ڪتاب ضبط آهن، رسالا بند آهن] آءٌ
جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اها خود انهيءَ سبب
ڪري به وزندار آهي. اسان وٽ ادب جي اها يڪطرفائي،
جنهن اسان جي قوم پرستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جي ادب کي
گهڻي قدر نعريبازيءَ جي روپ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي،
اسان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي- ڇو ته اسان جا
مخالف اسان جي ان ادب کي پنهنجو هڪ سڌو ۽ آسان
نشانو بنايو بيٺا آهن. هو اسان جي خالص ادب مان به
هڪ اڌ شعر، هڪ اڌ جملو، هڪ اڌ ٽڪرو ڪڍي، باهوڙ
لائي ٿا بيهن ۽ پنهنجن آقائن کي سڏين ته ’ڊوڙو،
ڀڄو، سنڌ هٿن مان ويئي‘ پاڪستان ۽ اسلام بچائڻو
اَٿوَ، ته سنڌ کي خاموش ڪرايو!“ اهي اسان وٽ ڪٿي
ڪنهن جي قلم مان ڪا ’ويٽنامي روپ‘ جي ادبي تخليق
پڙهن ٿا، ته پوءِ ته هو وٺ وٺان ۾ اچي وڃن ٿا، ۽
پوءِ سندن آقائن جي ’انڌي جي لٺ‘ گهمڻ شروع ٿي وڃي
ٿي ۽ هو ملڪ سيڙهيندا، پٽ ڪندا وڃي ٿا مٿي چڙهن.
انهيءَ ڪري اسان جي اديبن کي پنهنجي ادب ۾ جڏهن
ڪنهن اهڙيءَ ’ويٽنامي قسم‘ جي پيشڪش آڻڻ جو خيال
ٿئي، تڏهن انهن کي سوچڻ گهرجي ته ويٽنام جو اديب
۽ شاعر ان کي پيش ڪري ٿو ۽ ڳائي ٿو، جيڪو عملي طرح
وٽن سورهائيائي ۽ سرفروشي ڏيکاري ٿو. انهن وٽ
سورمو عملي آهي، پر اسان وٽ ائين نه آهي. انهيءَ
ڪري، مون کي اهوئي ڊپ ٿيندو آهي ته اسان جي ادب جي
هڪ طرفائي ۽ ان سان گڏ هيءَ غير حقيق پسندي ڪٿي
اسان کان اسان جا پڙهندڙ نه ٽاهي ڇڏين. ان لاءِ
بهتر آهي ته اسين ادب کي ادب جي صورت ۾ پيش
ڪريون. اسان کي ياد رکڻ کپي ته ادب به اجتماعي
ڀلائيءَ جو هڪ محاذ آهي جيئن سياست به ان لاءِ هڪ
محاذ آهي. اسان کي پنهنجو ادب، اجتماعي ڀلائيءَ جي
گهڻ پاسائينءَ دنيا ۽ ان جي همه گير وسعت کي
سامهون رکي تخليق ڪرڻ گهرجي. سياست، ننڍيءَ معنيٰ
۾ سياست، ان دنيا جو صرف هڪ پاسو آهي.
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي اجتماعي وجود جي
وڌ ۾ وڌ ثابتي اسان جو ادب آهي. ٻوليءَ ۽ ادب
وسيلي ئي اسين سڃاتا وڃون ٿا. اسين سنڌ جي زمين کي
پنهنجي زمين بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناتي سان سڏيون
ٿا. اسان جي سڃاڻپ ۽ انفراديت ٻوليءَ سان قائم
آهي. ٻوليءَ جي اظهار جي قوت ۾ واڌارو اسان جي
اجتماعي قوت جو واڌارو آهي. ادب سان ئي ٻوليءَ جي
اظهار جي قوت وڌي ٿي. جيتري قدر اسان جو ادب موضوع
جي خيال کان گهڻ پاسائون ۽ معنيٰ جي لحاظ کان عميق
۽ آفاقي، سچو ۽ سهڻو هوندو، اوتري قدر ان سان اسين
پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهنداسين، ۽ اوتري قدر اهو
اسان کي پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ ۽ مڃائڻ ۾ مدد
ڏيندو.
عزيزو، آءٌ تقرير نه ڪندو آهيان، نه ئي جلسن ۽ وڏن
ميڙن ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندو آهيان. منهنجو دستور
رهيو آهي ته ٿورن، پر سمجهه رکندڙ دوستن سان خيالن
جي ڏي وٺ ڪندو آهيان. وڏن جلسن ۽ سياسي ميدانن ۾
ماڻهو منافقي به ڪري ويندو آهي.
چڱي ڳالهه جيڪڏهن گهڻا ٻڌن ته سٺي ڳالهه آهي، پر
جيڪڏهن ٿورا ٻڌن، ته به دل نه لوڙهجي. ’ٻه ته
ٻارنهن‘- جا ڳالهه فقط اوهان جي دل ۾ آهي، ان جي
ڪا حيثيت نه آهي، پر اها جيڪڏهن هڪ به ٻئي ماڻهوءَ
تائين پهچائي ويئي، ته ڄڻ اسان انقلاب طرف هڪ قدم
کنيو، ۽ اهو هڪ قدم، جيئن خلا نورد آرمس اسٽرانگ
چنڊ تي پير رکڻ سان چيو هو ته ”منهنجو هيءَ ننڍو
قدم تاريخ جو هڪ وڏو قدم آهي“، تيئن انقلاب طرف ڪو
هڪڙو ننڍڙو قدم به اڳتي هلي، قومن جي تقديرن جي
بدلائڻ ۾، تاريخ جي وڏي قدم جو ڪم ڏئي سگهي ٿو.
آخر ۾ آءٌ اوهان سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي ساٿين جو
ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هيڏو مان بخشيو
آهي ۽ مون سان ڪچهري ڪئي آهي.
(ان کان پوءِ محترم جويي صاحب پنهنجو لکيل مضمون
پڙهيو، جيڪو ”سنڌي اديب ڇا ڪن“ جي عنوان سان ”نئون
نياپو“ جي جون 1976ع جي اشاعت ۾ شايع ٿي چڪو آهي).
سنڌي ساهت جو آئيندو
سنڌي ساهت جو آئيندو، سنڌي ٻوليءَ سان ڳنڍيل آهي،
۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي سماج سان، ۽ سنڌي سماج جو
اُن جي ماڻهن، اُن جي اڳواڻن ۽ اُنهن جي مقصد ۽
اُن مقصد لاءِ سندن جدوجهد سان ڳنڍيل آهي.
سوال آهي ته سنڌي سماج آهي به؟
ڪي حلقا اُن جو جواب انڪار ۾ ڏين ٿا ۽ چون ٿا،
”بحر آهي، جنهن ۾ ڦڙن جي حيثيت ڪانهي- فردَ،
گروههَ ۽ سماجُ اُنهن جي مفاد، ٻوليون، تهذيبون-
اُن ۾ گم ٿيو وڃن.“ پر عملي طور اُهي ساڳيا حلقا
ڦڙا ته ڦڙا، سڄي بهر کي، لوڪ ڪهاڻيءَ جي گدڙ وانگر
ڏوڪ ڏوڪان ڪري، پي وڃڻ چاهين ٿا. لوڪ ڪهاڻيءَ ۾
گدڙ ٻه ڪچا ٻير کاڌا هئا، ٻه پڪا ٻير کاڌا هئا،
ڇيڻن چونڊيندڙ ڇوڪري کاڌي هئي، ۽ ٻڪرين چاريندڙ
ٻڪرار، ڳئن جو ڳنوار، مينهن جو ميهار، ۽ اُٺن جو
اوٺار کائي، اُڃ لڳڻ تي، اچي بيٺو هو درياءَ تي-
چي: ’درياءُ به کائيندس!‘ سو ڏوڪ ڏوڪان ڪندي، پيٽ
ڦوڪجي پيو هوس ۽ نيٺ ڦاٽي پيو هوس- ۽ پوءِ اُن مان
ٻه ڪچا ٻه پڪا ٻير نڪري آيا هئا، ڇيڻن چونڊيندڙ
ڇوڪري، ٻڪرين سوڌو ٻڪرار، ڳئن سوڌو ڳنوار، مينهن
سوڌو ميهار ۽ اُٺن سوڌو اوٺار سڀ نڪري آيا هئا، ۽
وڏي ڳالهه ته درياءَ جو پاڻي به گڙ گڙ ڪندو موٽي
درياءَ ۾ وڃي پيو هو..... سو، ’ڦڙن ۽ درياءُ جي
ڳالهه ته آهي، پر فرد فرد آهن، گروهه گروهه آهن، ۽
ٻوليون، تهذيبون ۽ سماج به آهن. ۽ ائين، حقيقتون
نيٺ حقيقتون آهن. ڪنهن جي انڪار ڪرڻ سان يا ڪنهن
جي کائي وڃڻ سان، اُهي هرگز گم نٿيون ٿين.
سو، سنڌي سماج جي وجود جي حقيقت به آهي. پر پڇي
سگهجي ٿو ته اُهو اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ منزل
تي موجود آهي، ڇو ته هن سوال جي جواب تي ئي مدار
آهي مقصد جي مقرر ٿيڻ جو، جيڪو سنڌي سماج جا ماڻهو
۽ اُن جا اڳواڻ پنهنجي جدوجهد لاءِ آڏو رکي سگهن
ٿا- جنهن لاءِ ۽ جنهن جي روشنيءَ ۾، هنن کي پنهنجي
ساهت جو آئيندو سوچڻو ۽ ٺاهڻو آهي.
سنڌي سماج هڪ پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي. جنهن
منزل تي اُهو اڄ بيٺل آهي، اُن کي ’ڪرندڙ وڏيرپ،
يڪ طرفي يا يڪ پيري شاهوڪار شاهي، بيٺڪي ۽ نيم
بيٺڪي منزل‘ چئي سگهجي ٿو- ڪرندڙ وڏيرپ انهيءَ
ڪري، جو سنڌي سماج جي اِنهيءَ ڏاڪي کي ٻُڍاپي جو
سُرو کائي چڪو آهي؛ يڪ پيري شاهوڪار شاهي، اِنهيءَ
ڪري، جو اُهو اُن جو ڏاڪو هڪ پير تي بيٺل آهي،
يعني ’شهر‘ جي پير تي، جنهن جو سنڌي سماج جي باقي
جنم سان سماجياتي يا حياتياتي سنگُ خير ڪو آهي؛
اُن جي بيٺڪي ۽ نيم بيٺڪي ڏاڪن جي ڳالهه ڪرڻ معنيٰ
ملڪي ۽ غير ملڪي سياست ۾ اُلجهڻ، انهيءَ ڪري اُها
اِتي ڍڪي ڀلي. ۽ هونئن به، واڻڪيءَ ٻوليءَ ۾، اُها
’جاهر جهور پڌڙي پيئي‘ آهي. بهرحال، سنڌي سماج هڪ
پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي- علمي ۽ ذهني طور
خصوصاً- ۽ ادب جي آئيندي تي ويچار ڪرڻ لاءِ اسان
لاءِ اِها ڳالهه ڪافي آهي.
هاڻي، سوال اُٿي ٿو ته ڪو ماڻهو يا ڪو سماج ائين
پوئتي پوي ٿو ۽ غلام بڻجي ٿو، اُن ۾ اُن جو پوئتي
پوڻ اُن جي غلاميءَ جو سبب آهي، يا اُن جي غلامي
اُن جي پوئتي پوڻ جو سبب بڻجي ٿي؟ دراصل پوئتي پوڻ
توڙي غلامي، مطلقاً ۽ پنهنجي سر يا پنهنجي ذات ۾،
ڪي سڃاڻپ ۾ ايندڙ ڪيفيتون يا حالتون نه آهن؛ اُنهن
جي سڃاڻپ هر صورت ۾ ڪنهن لاڳاپي، ڀيٽ يا حوالي جي
نقطن سان ٿئي ٿي. مثلاً ڪا بيٺل شيءِ هونئن ته هڪ
هنڌ بيٺل ئي آهي، پر ٻيءَ ڪنهن اڳتي وڌندڙ شيءِ جي
نقطي کان اُها نه فقط پوئتي پيل پر پوئتي کان
پوئتي پوندڙ شيءِ سمجهبي. غلامي به ائين آهي. ڪو
به جاندار، ماڻهو يا سماج، مطلقاً ۽ پنهنجي ذات ۾،
غلام ڪونهي- اُهو غلام آهي ۽ اُن جي غلامي سڃاڻبي
فقط ٻئي ڪنهن جاندار، ماڻهوءَ يا سماج جي حوالي
سان، جيڪو اُن کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ اڳڀرو ۽ اُن تي
آڪرو يا غالب آهي. انهيءَ طرح، پوئتي پوڻ ۽ غلام
دراصل هڪ ئي حالت جا ٻه نالا آهن.
روزانه انگريزي اخبار ’ڊيلي نيوز‘ جي آڪٽوبر 28،
1981ع جي اشاعت ۾ ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ جو ڪالم،
بعنوان
'When a wrong horse backs you'
پڙهيم (اوهان مان به ڪن پڙهيو هوندو)، جنهن ۾
پوئتي پوڻ ۽ غلاميءَ جي حالت جي اشتراڪ جي اها
ڳالهه هڪ سادي ۽ پُر لطف انداز ۾ پر ڏاڍي صاف ۽
کولي ٻڌايل هئي، ۽ اُن کي مون ’گهوڙي جي شرط
ماڻهوءَ تي‘ يا ’جڏهن گهوڙو ماڻهوءَ تي شرط ٿو
رکي‘ جو عنوان ڏيئي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو
اوهان کي پنهنجيءَ ڳالهه کي چٽي ڪرڻ خاطر چئي ٿو
ٻڌايان:
- خبرن ۾ اِها ڪا خبر وڏي ڪانهي ته توهان غلط
گهوڙي تي شرط رکي. اهڙيون ڳالهيون پراڻيون ڳالهيون
آهن.
اڪثر، اڪثر، اسين غلط گهوڙن تي شرطون رکندا آهيون-
ڇو ته ڏسڻ ۾ اُهي غلط گهوڙا لڳندا ئي نه آهن.
ڏسڻ ۾ اُهي صحيح گهوڙا لڳندا آهن.
توهان کي اهڙو ماڻهو ڪو سجهي، جيڪو ڪنهن گهوڙي کي
غلط گهوڙو سمجهي به، اُن تي شرط رکي؟
نه، توهان کي اهڙو ماڻهو ڪونه سجهندو.
جي گهوڙن جي نسل جو ڪو پارکو به اسان کي ٻڌائيندو
ته جنهن گهوڙي تي اسين شرط ٿا رکون، اُهو غلط
گهوڙو آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اُهو گهوڙو
بلڪل صحيح لڳندو. تڏهن ئي ته اسين اُن تي شرط رکون
ٿا، ۽ پوءِ پڇتايون ٿا- ۽ بيحد پڇتايون ٿا؛ انودي
کڏ ۾ ڪري ٿا پئون ۽ اُهي نتيجا ڏسون ٿا، جيڪي اسان
جي اولاد جي اولاد کي ڀوڳڻا پون ٿا- ايندڙ جُڳن
تائين.
ڪڏهن ته اسان جي شرط وارو گهوڙو پاڻ ئي اسان کي
ٻڌائي ۽ چتائي ڇڏيندو آهي- پوريءَ سچائيءَ ۽
ڏاڍيءَ صفائيءَ سان.
اُهو ڄڻ اسان کي اول ئي چئي ڇڏيندو آهي ته ’مون تي
شرط رکندا ته کڏ ۾ ڪرندا!‘
پر ٻين گهوڙن ڊوڙائيندڙن جي پٻين تي، جن جي کٽڻ جو
مدار ئي اوهان جي هارائڻ تي هوندو آهي، اوهين ٻئي
ڪنهن ڏاهي جي صلاح ٻڌندا ئي ڪونه آهيو.
۽ ڇاڪاڻ ته اُهو فيصلو وري به اوهان جو پنهنجو ئي
فيصلو هوندو آهي، اوهين ٻين گهوڙن ڊورائيندڙن کي
ڪو ڏوهه به ڪونه ڏيئي سگهندا آهيو، جن ڪنهن طرح
اوهان کي غلط گهوڙي جو ڏس ڏيئي، پڪ ڪري ڇڏي هئي ته
اوهين اُن تي ئي شرط ٻڌندا. اوهين پوءِ اهڙا ته
مُنهن جا پڪا ٿي ويندا آهيو، جو اوهان ۾ اُها همت
به نه رهندي آهي، جو کڻي چئو ته ’افسوس آهي، اسان
غلط گهوڙي تي شرط هنئي!‘ پر، اوهين ائين چئو به
کڻي، ته به اُن مان پوءِ ڇا ٿو ٿي سگهي!
ٻيا گهوڙا ڊوڙائيندڙ، جن ڪنهن طرح اوهان کان ائين
غلط گهوڙي تي شرط هڻائي، اُهي ته اوهان کي اُلو
بڻائي، سڀ کٽي ويا؛ ۽ اوهين اُتي ئي وات ڦاڙيو،
سڄيءَ دنيا لاءِ سبق بڻيا بيٺا رهيا! ۽ اُهو سڀ
رڳو اِنهيءَ ڪري ٿيو، جو اوهان غلط گهوڙي تي شرط
ٻڌي ۽ سچ پچ ته صحيح گهوڙي سان زيادتي ڪيوَ، جو
اُن تي شرط نه ٻڌَيوَ.
بس، سنئين سڌي منطقي ڳالهه اِها آهي.
پر اُن کان به وڏو آزار اوهان لاءِ تڏهن اُٿندو
آهي جڏهن غلط گهوڙو اوهان لاءِ فيصلو ڪندو آهي ته
اُن تي اوهين نه پر اوهان تي اُهو شرط رکي!
”ڪهڙي نالائق توکي چيو ته تون اسان تي شرط رک!“
”مون، پاڻ.“
”پر گهوڙا هوندا آهن ته اُنهن تي شرطون رکجن، ۽
هيءَ ڳالهه اُن جي بلڪل ابتڙ!“
”هائو، هتي سڀ ڳالهه ابتڙ آهي.“
”پر، ته به ٻڌاءِ ته سهي، تنهنجا ارادا ڪهڙا آهن؟“
”ٻين گهوڙن جي ارادن کان ابتڙ.“
”اُن جي معنيٰ؟“
”اُن جي معنيٰ اِها ته آءٌ اوهان تي شرط رکان-
پوئتي هلڻ جي شرط!“
”پوئتي هلڻ جي شرط!؟“
”هائو، پوئتي هلڻ جي – پوئتي کان پوئتي هلڻ جي.“
”تون ڏاڍو ڪو عجيب گهوڙو ٿو لڳين!“
”اُهو ته آءٌ آهيان، سو ته آءٌ آهيان، ۽ توهان کي
به ته پوئتي هلڻ جو شوق آهي نه؟“
”پر به، ڇا جي ڪري تون اسان تي اِها شرط ٿو رکين؟“
”ڇا جي ڪري؟ اول ته اوهان پاڻ ئي غلط گهوڙي تي شرط
رکي هئي نه؟“
”ڪهڙي گهوڙي تي؟ اُن جو نالو ڇا هو؟“
”اُن جو نالو اوهين ڄاڻو ٿا- ’نفرت‘!“
”۽ تنهنجو ڀلا نالو ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو آهي ’قسمت‘!“
هاڻي، ڊاڪٽر مهڪريءَ پنهنجي هن اٺسٺائيءَ ڳالهه،
يعني فئنٽاسٽڪ اسٽوريءَ ۾ ڪهڙي به معنيٰ يا رمز
رکي هجي، پر اُن جو ڪو ڪارٽون جيڪڏهن تصور ۾ آڻجي،
ته ڏاڍو کل جهڙو ۽ سبق آموز هوند ٿئي. اوهين هڪ
گهڙي اکيون ٻوٽي، پنهنجي آڏو ريس جي ميدان جو نقشو
آڻي بيهاريو، جتي گهوڙا، تماشبينن جي جاين کي
بينچون بنايو، پوين ٽنگن تي اوڪڙو ويٺا هجن ۽
پنهنجن اڳين سُنبن سان تاڙيون ويٺا وڄائين ۽ ڏند
ڪڍيو پيا کلن، خوش ٿين ۽ هڻڪارون ڪن! ۽ اُنهن جي
سامهون وڏي کليل ميدان تي ماڻهو آهن، جي پيا ڊوڙن-
پر پوئتي، اڳتي نه! تِکا، وڌيڪ تِکا- پوئتي ....
ڄڻ پوئتي هنن کي ترت کان ترت پهچي، ڪا کيپ کٽڻي
آهي! آهي نه کلڻ جي ڳالهه؟
پر کلڻ کان وڌيڪ هيءَ روئڻ جي ڳالهه آهي، ۽ پوئتي
پوڻَ ۽ غلاميءَ جي ڳالهه آهي ته اِها آهي- ۽، جيئن
مٿي چيو ويو، اصل ۾، پوئتي پوڻُ ۽ غلامي هڪ ئي
شيءَ آهي. اوهين غور سان ڏسندا ته عالمي ميدان تي،
جتي علم ۽ فڪر جي ڊوڙ هر وقت چالو آهي، اُتي عقل
کان ۽ اُن جي روشن ڪيل اڄ جي دنيا کان نفرت تي
سوار ٿي، بلڪ اُن نفرت کي پنهنجي مغز ۾ ويهاري،
يعني اُن کي پنهنجي مغز تي سوار ڪري، نه رڳو
پنهنجي قسمت تي يعني ڪنهن وقت پنهنجي حصي ۾ آيل
علم تي خوش ٿي ۽ آڦونڊجي، هڪ هنڌ بيهي رهڻ، پر
پوئتي ڪٿي اُن جي ’جوهر گم گسته‘ کي هٿ ڪرڻ لاءِ،
تکو تکو پوئين پير ڊوڙڻ، ۽ ائين دنيا جي آڏو پاڻ
کي تماشو بنائڻ- هيءَ صورتحال ٻين تيز تيز اڳتي
ويندڙ ماڻهن ۽ سماجن جي ڀيٽ ۾ هر طرح پوئتي پوڻَ ۽
اُنهن جي ئي ماتحت پنهنجي غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي
صورتحال آهي. سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو ته
اُهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو اِنهيءَ معنيٰ
۾ - هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي،
بيٺڪي سماجُ. هاڻي، اُن جا ماڻهو ۽ اُن جا اڳواڻ
پنهنجي سماجي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن
ٿا؟ جيڪڏهن اِهوئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام
سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻ ڀرو ٿئي، ته سندن ادب کي
اُهوئي ڪردار يا رول ادا ڪرڻو پوندو، يعني هڪ نجات
ڏيندڙَ ۽ اڳتي نيندڙَ ادب جو رول- نجات ڏيندڙُ
ذهني ۽ سماجي پستيءَ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خود
اعتماد، پُراميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن: ۽
ائين، خود اُن جو پنهنجو آئيندو به اُنهي ئي انداز
۽ اُنهيءَ ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اِهو سنڌي
سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي
فرض آهي ته پنهنجي ادب جي اِنهيءَ علم دوست، فڪر
آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رخ کي مستحڪم ڪن، ۽
اُن کي اِنهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته اُن
جي آئيندي جي راهه اِهائي آهي، ۽ اُن جو آئيندو
نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي اُنهي ئي منزل سان ڳنڍيل
آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي.
(ڪراچيءَ ۾ سڏايل سنڌي ساهت ڪانفرنس 1981ع لاءِ
لکيل)
سماج جي قومي تعمير ۽ وچين طبقي جو ڪردار
[27- ڊسمبر 1985ع تي سنڌي ادبي سنگت جي بسنت هال ۾
ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙهيل صدارتي تقرير]
انسانَ – فردَ ۽ اجتماعَ – جي سموريءَ ترقيءَ ۽
تعمير جو سببُ ۽ مظهرُ دولت جي پيداوار آهي- دولت،
مادي ۽ روحاني: اُن سڄيءَ پيداوار جا ڪارگر جزا يا
پُرزا ٽي هوندا آهن- پورهيو، وسيلا ۽ تنظيم، جيڪي
پڻ مادي ۽ روحاني يعني جسماني ۽ ذهني نوع جا هجن
ٿا، ۽ اُنهن جي وجودجڻ جو ۽ استعمال جو واسطو خود
انسان سان هوندو آهي. اِنهيءَ ڪري انساني ترقيءَ ۽
تعمير لاءِ، بهرحال، انسان ئي ذميدار رهي ٿو ۽ نه
ٻي ڪا هستي يا قوت.
پورهئي ۽ وسيلن جي آسان ۽ سڦل استعمال لاءِ انسانن
جو پهريون تنظيمي قدم، يعني ٻن يا ٻن کان وڌيڪ
فردن جي ٻڌي يا گڏيل ڪم جي ڪوشش، انساني سماج جي
تعمير جو بنيادي پٿر بڻيو. ۽ ائين ڪُڙم يا ڪٽنب
مان ٿيندي، قبيلائي منزل تي جڏهن دولت يا اُن جي
پيداوار جي ڪارگر جزن مان ڪنهن هڪ، ٻن يا ٽنهي تي
ڪو فرد يا گروهه ڪنهن قدر خُلاصو قابض بڻيو، ته
اِئين سماج ۾ طبقا پيدا ٿيا، جيڪي اڪثر ٽي شمار
ٿين ٿا- مٿيون طبقو، هيٺيون طبقو ۽ وچون طبقو؛ ۽
اِن سان انساني سماج ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ شروع ٿي، جا
تاريخ جي مختلف ادوارن مان گذرندي، اعليٰ صنعتي
دور جي سماج واد دنيا ۾ گهڻي قدر ختم ٿي چڪي آهي،
پر سامراجي دنيا ۾ مٿئين سرمائيدار ۽ هيٺئين
پرولتاري طبقي جي وچ ۾، ۽ اسان وٽ زرعي – ڌنارڪي
دور ۾ مٿئين سردار- زميندار ۽ گماشتائي سرمايه دار
طبقي ۽ هيٺئين غلام – هاريءَ ۽ باندي- پرولتاري
طبقي جي وچ ۾ اڄ به زوران زور هلي رهي آهي.
انساني طبقاتي سماج جو مٿيون طبقو، جيڪو قابض ۽
کائو يا کپتڪار طبقو آهي، وڏي طاقت رکي ٿو ۽ عيش ۾
رهي ٿو، ۽ هيٺيون طبقو جيڪو مفلس ۽ کاٽُو يا
اُپتڪار آهي، ڏاڍو بيوس ۽ محروم رهي ٿو. وچون طبقو
هيٺئين طبقي سان ويجهيءَ پنهنجائپ ۽ اُن سان ڪافي
همدردي ۽ مٿئين طبقي سان رشڪ ۽ حسد ۽ ڪافي ڪجهه
لالچ ۽ حرص جي واسطي ۾ رهي ٿو، ۽ اِنهيءَ ڪري سماج
۾ هڪ کيڏبازَ ٽياڪڙ طبقي جو درجو رکي ٿو، ۽ مختلف
دورن ۾ اُن وچين طبقي موجود صورتحال کي سدا موجود
رکڻ ۾ ۽ پڻ ڀرجي آيل وقت تي گهربل انقلاب لاءِ
سگهاري آواز، قابل تنظيم ڪار ۽ حوصله مند اڳواڻ جو
ڪردار به ادا ڪيو آهي، ۽ اِنهيءَ طرح سماج جي
انقلابي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ هن وچين طبقي جو وڏو هٿ
رهيو آهي.
هيءُ وچون طبقو، مٿئين ۽ هيٺئين طبقي جي وچ ۾
ڳانڍاپي جو ڪم به ڏئي ٿو- سماج جي مادي ۽ روحاني
حاصلات جي ڏي – وٺ لاءِ وسيلي يا ذريعي جي حيثيت
۾، ۽ پڻ اُن حاصلات جي گڏ ڪرڻ، وڌائڻ ۽ سڌارڻ ۽
اجتماعن ۽ عام ڪرڻ جو ڪم – سوچ ويچار ڪندڙَ، پرک
پروڙ رکندڙَ، سموهيندڙَ ۽ رچيندڙَ ۽ ڄاڻوءَ ۽ ڄاڻ
ڏيندڙ جي حيثيت ۾.
اِن طرح، وچين طبقي ۾ ڪاريگر ۽ ڏاها، واپاري ۽
سوداگر، ڪاردار ۽ رکوالا، استاد، عالم ۽ علمي پيشه
ور، ۽ پڻ ملازم پيشه ۽ عملدارَ اچي وڃن ٿا. هن
طبقي ۾ خاص طرح اديب، فنڪار ۽ شاگرد به شامل رهن
ٿا- ٻن سببن ڪري: هڪ ته گهڻي قدر اُهي هيٺئين ۽
وچين طبقي جي مائٽن جو اولاد آهن، ۽ ٻيو ته جوان
عمريءَ ۾ مٿئين طبقي جا اديب، فنڪار ۽ شاگرد به
پنهنجن وڏن جي خود پسند طبقاتي ڪردار کان دور
رهندڙ ۽ اصولي ۽ آدرشي رهت ڏانهن مائل هجن ٿا.
غلام سماجَ يا قومون سوچينديون آهن ۽ خواب لهنديون
آهن ته آزادي حاصل ڪري هو پنهنجا مشڪل آسان ڪنديون
۽ مسئلا حل ڪنديون. آزاد سماجَ ۽ آزاد قومون
پنهنجن اُنهن خوابن کي ساڀيان ۾ بدلائڻ ۽ پنهنجن
اعليٰ مقصدن جي حاصلات لاءِ عمل جا رخ مقرر ڪنديون
آهن، ۽ اُن لاءِ رٿائون، تجويزون ۽ پروگرام
ٺاهينديون آهن ۽ اُنهن تي عمل پيرا ٿي، پنهنجي
زندگين جا سُکَ ۽ سڦلتائون ماڻينديون آهن.
1947ع ۾ اسان جي قوم آزاد ٿي، پر نالي ماتر- ٻن
طرحن سان: اندروني طور ٿورائيءَ واري قوم هجڻ سبب
اسين پنهنجي ارادي ۽ اختيار کان تقريباً محروم
رهياسون ۽، خارجي طور، سڀني ڪمزور ملڪن ۽ قومن
وانگر، نئين عالمي سامراج لاءِ هڪ جديد نؤآبادي
بنجي وياسون، ۽ ٻيو ته اسان جو وچون طبقو تقريباً
سڄو – اسان جا اديب، فنڪار، استاد، عالم، تاجر،
علمي پيشه ور، سياستڪار ۽ عوامي ڪارڪن، سرڪاري
عملدار ۽ اعليٰ ڪاريگر- اسان وٽان نڪري ويا، ۽
ائين اسين پنهنجي تقريباً سڄيءَ شهري آباديءَ کان
محروم ٿي وياسون، ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيون ٻوليون
ڳالهائيندڙ ۽ ڌاريَن طبيعتن ۽ سڀيتائن وارا ماڻهو
گڏجي سڏجي، مرڪزي طاقت جي پُشتيءَ سان، ڪافي وڌيڪ
تعداد ۾ اچي، اسان جا وڏا شهر والاري ويٺا، ۽ ائين
اسان جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ويڇو پئجي ويو ۽ اُنهن
جو سُٻنڌ ٽٽي پيو، جيڪو اسان جي قومي سڀيتا جي
جيئاپي ۽ اُن جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ سهڻ کان مٿي
۽ ناقابل تلافي نقصان هو.
معاشرتي علوم جا ماهر انساني سڀيتا کي ٻن روايتن
جو مرڪب سڏين ٿا- ٻهراڙيءَ جي يا ڳوٺاڻي روايت
جنهن کي هو ننڍي، ابتدائي يا بنيادي روايت چون ٿا،
۽ ٻي شهري روايت جنهن کي هو وڏي، ثانوي يا ثمردار
روايت چون ٿا، جيڪا قوم جي انيڪ ڪٽنبن، خاندانن،
قبيلن، ڳوٺن ۽ علائقن جي طرح طرح ۽ ڀانت ڀانت جي
روايتن کي گڏي، ڇنڊي ڇاڻي، سڌاري ۽ وڌائي، عمومي ۽
اجتماعي صورت ۾ آڻي، سڄيءَ قوم جي ناموس ۽ ورثي
طور مرتب ٿئي ٿي. اِئين زرعي- ڌنارڪي دور جي سماج
جو وچون طبقو جيڪو گهڻي قدر شهري آباديءَ تي مشتمل
هجي ٿو، اُهو ئي اُن عمومي، وسيع ۽ جامع قومي
سڀيتا جي تشڪيل ڪري ٿو، جنهن ۾ قوم جي سڄيءَ رهت
سهت، ڪارڪرت ۽ جسماني ۽ ذهني وسيلن، تنظيم ۽
پورهئي جي سڄي پيداوار- مادي ۽ روحانيءَ – جو عڪس
يا نچوڙ اچي وڃي ٿو.
قومي سڀيتا جو ائين ٻهراڙيءَ جي وسيع عوامي روايت
جي بنيادن تي شهري روايت طور اُسرڻ ۽ نِسرڻ،
اجتماعجڻ ۽ عام ٿيڻ ممڪن ئي تڏهن هجي ٿو، جڏهن
ٻنهي روايتن جي اظهارجڻ جو ذريعو ساڳيو هجي. 1947ع
کان پوءِ سنڌي سڀيتا کي اظهار جي ذريعي جي اِها هم
آهنگي ميسر نه رهي، بلڪ وڏن شهرن (ڪراچي،
حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن) ۽ ’ٻهراڙين‘ جي الڳ الڳ
ٻولين هجڻ ڪري سنڌ جي انساني آباديءَ ۾ هڪ تفرقو ۽
ڏڦيڙ قائم ٿي ويو، جنهن کي اسان جي سنڌي حڪمرانن،
هارايل رانديگرن وانگر، آخري هڪ داءَ طور ائين
مُنهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جو نئينءَ شهري آباديءَ
لاءِ اسڪولن ۾ اُنهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي
قرار ڏني- پر افسوس، اختيار ۽ ارادن کان وانجهيل
اسان جا اُهي ڪم عقل ۽ ڪوتاهه بين حڪمران جيڪي
پنهنجي مدي خارج طبقاتي مفادن خاطر اڳي ئي قوم
وڃائي ۽ ملڪ تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا، پنهنجو اُهو
داءُ به هلائي ۽ پنهنجي اُها ڳالهه به قائم رکي نه
سگهيا، ۽ سڄي اسان جي قوم وائڙي ٿي ۽ توائي بڻجي
ڌَڪيل ٻيڙي وانگر وقت جي بي ترس طوفان جي حوالي ٿي
ويئي.
اُنهيءَ قومي آپدا جي وقت به اسان کي جهڙو تهڙو
وري به اسان جو بچيل سچيل ۽ اڀرندڙ وچون طبقو ڪم
آيو، ۽ اسان جي اديبن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽
قومي ڪارڪنن، چند قومي شعور رکندڙ مٿئين طبقي جي
اڳواڻن ۽ سياستڪارن کي ساڻ کڻي ۽ اُنهن سان ساڻ
بيهي، پنهنجن چند قومي ادارن ۽ تنظيمن وسيلي – جن
۾ سنڌي ادبي سنگت به هڪ باشعور تنظيم ۽ هڪ ذميدار
اداري طور ڪم ڪيو – پنهنجي قومي سڀيتا جي اُن
ڌَڪيل ٻيڙي کي هيتري تائين بچائي ورتو، ۽ اڃا به
اُن کي تاري ۽ سلامت ساحل تي وٺي آڻڻ جي ڪم ۾ اُهي
رُڌل آهن.
اڄ اسان جا شهرن ۾ آباد ٿيل ٻاهريان ڀائر، پاڪستان
۾ ٻيو ڪو وطن نه رکندڙَ، پاڻ ئي محسوس ڪري رهيا
آهن ته هنن گذريل هيترو عرصو پنهنجي سنڌ وطن جي
وسيع عوام جي ٻولي نه سکي ڪري، پاڻ کي هڪ پختي
بنياد کان محروم رکيو آهي ۽ ائين هنن خود پاڻ سان
ڪا ڀلائي نه ڪئي آهي. هو هاڻي پنهنجن ٻارن کي
اسڪولن ۾ اُنهيءَ ئي اوائلي رٿا موجب سنڌي ٻولي
چاهه سان پڙهارائڻ چاهين ٿا. اڄ اسان جو، خاص طرح
اسان جي اديبن، شاعرن ۽ استادن ۽ شاگردن جو به
اِنهيءَ ڪري فرض آهي ته اسين ساڻن سنڌيءَ ۾
ڳالهايون ۽ کين پنهنجي وطن جي ٻولي سيکاريون. جيئن
پنهنجي وطن سنڌ ۾ سندن پاڙ پختي ٿئي، ۽ هو ۽ اسين
گڏجي سنڌي قومي سڀيتا کي سڌاريون ۽ ائين اُن کي
پنهنجو قابل فخر گڏيل ورثو بنايون.
عزيزو، اوهان پنهنجي اِن عظيم ڪارج کي هٿ ۾ کنيو
آهي- سنڌي قومي سڀيتا کي آزاد ۽ مضبوط ڪرڻ جو
ڪارج، پنهنجي پورهيت عوام جي سماجي – اقتصادي
آزاديءَ جي حاصلات جو انقلابي ڪارج: اُن لاءِ
اوهان کي پنهنجن آزاد عوامي ادارن ۾ شامل ٿي ئي ڪم
ڪرڻو پوندو- ڇو ته اسين اديب جيڪي اڪثريت ۾ وچين
طبقي جا فرد آهيون پنهنجو اِهو تاريخي ڪردار ادا
ڪرڻ چاهيون ٿا ته سواءِ ڪنهن نه ڪنهن عوامي، قومي،
ادبي ۽ انقلابي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ جي اسين پنهنجو
اُهو فرض هرگز نباهي ڪين سگهنداسون.
عزيزو، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي قومي
ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ، پنهنجي نيڪدل ۽ ڏينهن رات
پنهنجي ڪم ۾ ڳهندڙ پورهيت عوام جي آزاد ۽ باوقار
جيئاپي لاءِ روحاني دولت جي تخليق ۽ سندن آڏو اُن
جي مخلصانه ۽ نيازمندانه پيشڪش اسان اديبن جو ذمو
آهي.
اسان کي هرگز اهو وسارڻ نه کپي ته اسان جي سماج ۽
اسان جي قوم کي تاريخ ۾ ڪافي گهڻو وقت ڌارين جي
تسلط هيٺ، ڳلٿي ۽ ڌونس جو نشانو بڻجي رهڻو پيو
آهي. اڄ به اُن جي حقي ڳالهه ٻڌي نٿي وڃي. اڌوري
ٻڌي ٿي وڃي، ڄاڻي ٻجهي غلط ٻڌي ٿي وڃي ۽ هرگز مڃي
نٿي وڃي. اڄ به اُن جي انيڪ جائز قومي تمنائن سان
گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آهن، اُن
جي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حقن کي ڏٺن
وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي جارحانه
۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌي
اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، ’علاقائي‘ بي آب و
گياهه پَٽن مان ڪڍي، ’قومي‘ سرسبز چراگاهن ڏانهن
نيو وڃي ٿو، سگهارن ابلاغي ذريعن – پريس، ريڊئي،
ٽيليويزن- کان، ’علاقائيءَ‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽
ڌتاري رکڻ ۽ ’قومي‘ ٻوليءَ کي آڍي مکي، وڏو ڪري،
ملڪن ۽ ماڻهن مٿان مڙهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛
مملڪتي سهولتن ۽ موقعن کي – اِدارائي، تنظيمي،
تعليمي ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ - ’قومي‘ ٻوليءَ جي
سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي
ٿو، ۽ ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو
وڃي ٿو ته ڀل ته اُها پنهنجي مُنهن مٽيءَ ۾
ليٿڙندي رهي. هٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي
آڙ وٺي، هڪ ساهيءَ ۾ مذهب کي قوم جو واحد اساس
چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽
ٻيءَ ساهي ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اساس چئي، قومي
ٻوليءَ جي تقديس جو جواز، موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽
ائين اسين جيڪي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي
مڃون ٿا تن کي خلاف – مذهب ۽ ملڪ دشمن، قوم دشمن
چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني هيٺ رکيو وڃي ٿو، ته
جيئن اسين خاموش رهون، پيش پئون ۽ پنهنجي
انفراديت، پنهنجي قوميت، پنهنجي انسانيت تان هٿ
کڻون، ۽ سماج ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم
– پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراهه بڻجون. عزيزو،
اسان کي، بهرحال، اِهو پوريءَ طرح سمجهڻ کپي ته
اسان کي پنهنجي اِها ٻين جي سڻڀي گراهه بڻجي وڃڻ
جي قسمت قبول ڪانهي، ۽ ان انڪار ۾ اسين دين،
سياست، تعليم ۽ هر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان
پوريءَ طرح سچا آهيون ۽ سچا رهنداسين.
عزيزو، اسان کي هي به ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي
تخليقي لياقتن جو اظهار ۽ ترقي اسان جي قوم جو به
اهڙو اولين فرض آهي جهڙو ٻين قومن جو - ۽ جيڪڏهن
اديبن ۽ عالمن جو ئي ڪم آهي ته قوم جي آڏو جيئڻ جو
زوردار امنگ سدا اِئين تازو ۽ اُن جو مقصد سدا
اِئين روشن رکن، ته اسين سنڌي قوم جا اديب پنهنجو
اِ هو ڪم ضرور پورو ڪنداسين. اسان کي خبر آهي ته
وطن دوست ۽ عوام پسند اديبن، عالمن ۽ شاعرن جو هر
دور ۾ ۽ هر هنڌ پنهنجو هڪ ڪردار، هڪ رتبو رهيو
آهي- اُنهن هميشه اصولن سان وفا ڪئي آهي، نظرين جي
سچائيءَ سان نباهيو آهي. هو سدائين پنهنجي زبان،
پنهنجي ادب ۽ پنهنجي تاريخ سان سچا رهيا آهن. سڄو
سندن ڪم هڪ ئي احساس سان واسيل هوندو آهي- پنهنجن
ماڻهن جي محبت سان، اُنهيءَ سچائيءَ ۽ انصاف ۾
پختي يقين سان ته ڪوڙَ ۽ ظلم جو موجود چڪرُ ختم
ٿيڻ تي آهي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسان هڪ نئين
انقلابي تبديلَ چاهي ٿو؛ اُنهيءَ پڪي ۽ سرگرم
ارادي سان ته هو پنهنجي تخليقڪاريءَ وسيلي پنهنجي
ڏتڙيل، محڪوم سماج جي اُن مقصد جي تڪميل ڪندا.
۽ اسان جي قوم کي تاريخ جنهن صورتحال سان دوچار
ڪيو آهي، اُن ۾ اسان سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾
انهيءَ اميد رکڻ جو هرڪو سبب به آهي ته هو پنهنجي
قومي مشاورت جي دل، اُن جو روح، بنجي ڪم ڪندا-
اُهو روح، جيڪو پنهنجي جنم ڀوميءَ، پنهنجن ابن
ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ ڪاڻ لافاني پيار سان سرشار
هجي، پنهنجن اُنهن ابن ڏاڏن تي فخر سان ٽمٽار هجي،
جن سندن سامهون واقعي اڳتي وڌڻ لاءِ کليل رستا ۽
اُنهن تي پنهنجي سڄاڻ پيرن جا نشان ڇڏيا آهن؛ هڪ
ئي ٻهڪندڙ خواهش سان روشن هجي ته سندن وطن جي پاڪ
ڌرتي نه فقط پنهنجي، پر بني نوع انسان جي، آدرش جي
تڪميل ڏسي سگهي- اُها سندن ’پنهنجي ڌرتي‘،
جيڪا،شاعر جي ٻولي ۾، ”جيئن ڏسان ٿو ته به چمان
ٿو، پر جيئن اُها ٿيندي ته ٽي ڀيرا جُهڪي آءٌ
چمندس“!-
جيئي سنڌ
جيئي سنڌي ٻولي
جيئي سنڌي عوام- |