سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :25

 

ٻه اکر

”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ [سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد جي ڇپايل ڪتابچي ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ لاءِ لکيل 1985ع].

معاشري ۾ فرد جي ڳالهه هجي يا قومن جي برادريءَ ۾ ڪنهن قوم جي، هيڪِلي ۽ ننڍي هستي هميشہ پيارُ چاهي ٿي، ڀروسو چاهي ٿي ۽ مانُ چاهي ٿي- ڇو ته اُن کي پنهنجو جيئڻ عزيز آهي. پر جڏهن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته اُن سان پيار نه پر ڳلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه پر شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان ڌؤنس روا رکي وڃي ٿي- ۽ اُهو سمورو وقت، اُن جي اُپت ۽ اِثاثي، وسائل ۽ ورثي ۾ ئي ڏاڍي پَکَ جي هوس ناڪ اک کُتل آهي- تڏهن اُها ’معاشري‘ کان، ’برادري‘ کان مُنهن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽ پنهنجي جيئاپي لاءِ آراڌا جتن ڪري ٿي. اهڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان هيءُ بڻجي ٿو ته اُن جي ڪابه حقي ڳالهه نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي ۽ غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏهن به نٿي مڃجي- ايتري قدر، جو اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا برادريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آهي. اُن حالت ۾ معاشري يا برادريءَ ۽ اُن ننڍيءَ هستيءَ جي وچ ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُها آراڌي انساني هستي، فرد جي يا قوم جِي، پنهنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا هڪ ’معاشرو‘، جدا هڪ ’برادري‘، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل سان اُها انفراديت ۽ اُها قوميت وري ڪڏهن مات نٿي ٿي- سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻ ميٽي ڇڏي- اهڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت يا قوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنهنجي ذات ۾ هڪُ پاڻَ- زورو ڪرشمو، هڪَ پاڻَ پورِي قدرت بڻجي جيئي ٿي، يعني فقط خود- اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل ۽ مساوي حصو قائم رهي ٿو.

سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجهه وقت، دنيا جي ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط هيٺ، اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رهڻو پيو آهي. اڄ به اُن جي ڪنهن حقي ڳالهه کي ٻُڌو نه ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ڄاڻي ٻجهي غلط ٻُڌو ٿو وڃي، ۽ هرگز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن اَنيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آهن، اُن جي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ اُنهيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، ’علاقائي‘ بي آب و گياهه پَٽنَ مان ڪڍي، ’قومي‘ سرسبز چراگاهن ڏانهن نيو وڃي ٿو؛ سگهارن ابلاغي ذريعن- پريس، ريڊئي، ٽيليويزن- کان، ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻَ ۽ ’قومي‘ ٻوليءَ کي آڍي مَکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻهن مٿان مڙهڻ جو حڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سهولتن ۽ موقعن کي- ادارائي، تنظيمي، تعليمي ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾- ’قومي‘ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، ۽ ’علاقائي‘ ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀل ته اُها پنهنجي مُنهِن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رهي؛ هٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، هڪ ساهيءَ ۾ مذهب کي قوم جو واحد اِساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻيءَ ساهيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقديس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلافِ – مذهب ۽ ملڪ- دشمن، قوم- دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني هيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رهون، پيش پئون، ۽ پنهنجي انفراديت، پنهنجي قوميت، پنهنجي انسانيت تان هٿ کڻون ۽ معاشري ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم- پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراهه بڻجون.

هِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان هيٺ، پنهنجن خيرطلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جي پختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آهي، ته اسان کي پنهنجي اِها ٻين جي سڻڀي گراهه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانهي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ هر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آهيون ۽ سچا رهنداسين.

اميد ته خيالن جي هيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽ تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي اختيار جي صاحبن جي توجهه لاءِ شايع ڪئي ويئي آهي- اِهي اسان جا عزيزَ، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان پڙهندا، ويچاريندا، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن کي، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جتن ڪندا- اِهوئي اسان لاءِ اسان جي هِن نماڻيءَ محنت جو لائق صد تحسين عوض ٿيندو.

* ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ۽ خود خدا به ته پوءِ ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو به اِنهيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا هئا ته پنهنجي ڳالهه تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃڻ.

’ٻولي‘، آوازُ- دانَهن ۽ دانهن جو جواب- ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن. بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه هِجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان. پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي، اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي .... ’سندي ذات هنجن‘ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي؟

[”سندي ذات هنجن“، 1983ع]

 

پاڪستان ۾ سائنس جو خاموش موت

1984ع جو سال پاڪستان ۾ سائنس جي بدتر حالت جو شاهد آهي. اسان جون يونيورسٽيون ڏاهپ کان وانجهيل آهن.

سائنسي تحقيق جا تقريباً سڀئي ادارا نوڪر شاهيءَ جي هٿ گهٽيل ۽ پنهنجي بي حاصلاتيءَ جي خلا ۾ بي اثر آهن. ملڪ جي نوجوان سائنسدانن جو ٻاهرين ملڪن مان موٽي اچڻ اسان لاءِ اڄ هڪ طرح مينهن جي بوند لاءِ سڪڻ برابر آهي. ملڪ ۾ باقي بچيل مختصر تعداد سائنسدانن جو مايوسيءَ ۾ ويڙهيل آهي. اسان وٽ بنيادي تحقيق بنهه ختم ٿيندي پئي وڃي. 60-1970ع واري ڏهاڪي ۾ واقع ٿيل سائنس جي ٿوري ترقي، پويان پير ڪيو، واپسيءَ ڏانهن گهلجي رهي آهي. اڄ اسان وٽ سائنس پوريءَ خاموشيءَ سان پنهنجو موت پاڻ مري رهي آهي.

منهنجي هيءَ افسوسناڪ ڪٿ ڪيترن پڙهندڙن کي عجب ۾ وجهي ۽ ٻين کي چيڙائي سگهي ٿي. پر تلخ حقيقت کان منهن موڙڻ اسان کي ان اُٺ پکيءَ وانگر بنائي ٿو، جو پنهنجي ڳچي واريءَ ۾ لڪائي، سوچيندو آهي ته اُن هر خطري کان سلامتي حاصل ڪري ورتي آهي. سائنسي مواد کان خالي ”سائنسي ڪانفرنس“ جو موجوده زور پنهنجو پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن هنن ڪانفرنسن جو مقصد پاڻ کي ۽ ٻين کي خوش ڪرڻ آهي، ته اسان وٽ سائنس زنده آهي ۽ وڌي ويجهي پيئي، ته پنهنجي خوش دليءَ لاءِ ته ائين قبول به کڻي ڪجي، پر اها ڳالهه ڪنهن پراڻي مردي تي عطر اڇلائڻ جي برابر ئي ٿيندي، جنهن جي بدبوءِ بهرحال ضرور پکڙبي.

غلط مطلب

سائنسي ترقيءَ جو نالو وٺڻ اڄ هر هنڌ بنهه ڪنهن ايماني ذڪر وانگر ورتو پيو وڃي، پر سائنس جي ان نالي ماتر تعظيم مان ڪجهه وري سري نٿو سگهي. افسوس آهي ته سائنس جي معنيٰ ئي ٽيڪنالاجي جي ورتي پيئي وڃي، جا ڳالهه غلط آهي ۽ سائنس جي هتڪ آهي. سائنس مشينريءَ يا بجليءَ جي شين يا اوزارن جو نالو نه آهي. ساڳيءَ طرح سائنس جي ترقي ڪنهن هنر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو نالو به نه آهي.

پراڻي زماني کان وٺي اڄ تائين سائنس دليل ۽ عقل جي ذريعي دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صرف سچ ئي معتبر آهي. هر سائنسي نظريي کي انهيءَ سخت چئلينج کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته مشاهدي ۾ آيل حقيقتن جي سمجهاڻي ڏيئي سگهي ته ڏئي، نه ته سندس دعوا باطل سمجهي ويندي ۽ کيس رد ڪيو ويندو.

لاڳيتي پڇا ڳاڇا ۽ تحقيق ۽ آزمائش ئي سائنس جي روح آهي- ۽ ان طرح ئي سائنس اسان کي سدائين ڪائنات جي گهري ڄاڻ ڏيئي سگهي ٿي ۽ ڏئي ٿي. ٽيڪنالاجيءَ جا نماءَ ۽ ڏيکاءَ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ محض اوزار سائنس نه آهي. سائنس انسانن جي ذهنن ۾ رهي ٿي نه ڪي مشينن ۾.

گذريل صدين ۾ مسلمانن طرفان ڪيل زبردست سائنسي ترقيءَ کان بي خبر ڪي اسلامي ملڪ ظاهر ظهور ۽ ڪي لڪ ڇپ ۾ سائنس بابت پنهنجا شڪ شبها ظاهر ڪن ٿا. تازو ڪويت ۾ ٿيل اهڙيءَ اعليٰ سطح جي هڪ ”اسلامي سائنس“ جي گڏجاڻيءَ ۾ سعودي عرب جي عيوضين ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جو ته ساٿ ڏنو، پر ساڳيءَ ريت عباسي دور جي ’معتزلن‘ جو تاريخي مٿال ڏيندي، اهو به چيو ته سائنس ڪفر ڏانهن به گهلي سگهي ٿي! ظاهر آهي ته هن قسم جي ذهنيت سان، سڄيءَ دنيا جي سموريءَ دولت جا منهن به کڻي کولجن، ته به نه سائنس جي ۽ نه ٽيڪنالاجيءَ جي ئي ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ انچ به اڳتي وڌي ٿو سگهجي.

مقصد

منهنجي ذهن مطابق سائنسي ترقيءَ جي معنيٰ هيٺين مقصدن کي زور وٺائڻ ۽ تحريڪ ۾ آڻڻ آهي:

(1) عام ماڻهن ۾ سائنسي ڄاڻ ڦهلائڻ. عام ماڻهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته مينهن ڇو ٿو پوي ۽ گجگوڙ ڪيئن ٿي ٿئي، ۽ جيوڙن جو وجود ڇا آهي، ڪار جي انجڻ ڪيئن ٿي ڪم ڪري، ڪمپيوٽر ڇا آهي، وغيره وغيره. گهٽ ڄاڻ رکندڙ ۽ وهم پرست ماڻهن جي گهڻائي سڄيءَ قوم کي هن وقت ۽ ايندڙ زبردست ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سوين ڪوهه پوئتي ڌڪي ڇڏيندي.

(2) ذهين ۽ تخليق ڪندڙ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻن ۽ ماهرن جو طبقو پيدا ڪرڻ (ٽيڪنيشن، انجنيئر، ڪمپيوٽر جا ڄاڻو وغيره وغيره). هن طبقي مان ئي اها اميد رکي سگهجي ٿي ته هو نت نيون هنرمنديون ايجاد ڪندا ۽ موجوده هلندڙ هنرمندين ۾ سڌارو آڻيندا. سائنس جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ بهترين ماهر بنجڻ لاءِ بنيادي شرط آهي. ان سلسلي ۾ صرف انهيءَ ڳالهه تي ئي نظر وجهڻ ڪافي آهي ته هڪ سٺيءَ آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ اڄ هڪ انجنيئر کي ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا نه سائنسي ڪورس پڙهڻا پون ٿا.

(3) ساڳئي وقت بنيادي سائنسدانن جهڙوڪ فزڪس ۾، ڪيمسٽريءَ ۾، مئٿميٽڪس ۽ بائلاجيءَ وغيره وغيره ۾ ڄاڻن ۽ ماهرن جو پيدا ٿيڻ پڻ ضروري آهي. بنيادي سائنس حقيقت ۾ سچوپچو کوجنائي عمل آهي. جيڪو اَڻي کان تارِي تائين ۽ ڪيميائي عمل کان توليدي جيوگهرڙي تائينءَ جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها تحقيق ۽ اها ڄاڻ ۽ اهي تجربا ۽ مشاهدا ڪنهن غريب ملڪ جي لاءِ عياشي نه آهي، جيئن اڪثر بيان ڪيو ٿو وڃي، ڄاڻ بنيادي طور تي تمام ڪمائتي شيءِ اهي، ۽ اها هڪ ڳالهه ئي بنيادي سائنس کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ۽ قربانيءَ لاءِ ڪافي سبب آهي.

دراصل بنيادي سائنس يعني خالص ڄاڻ ئي تاريخي طور تي هر دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي وڌڻ جو بنيادي سبب رهي آهي.

ٽرانزسٽر ريڊيو هڪ فزڪس جي ماهر ايجاد ڪيو ۽ اڄوڪو جديد ڪمپيوٽر هڪ رياضي دان ٺاهيو.

سچائي گهري ٿي ته پاڪستان ۾ سائنس جي پٺتي هجڻ جو نفسياتي ۽ ثقافتي حيثيتن ۾، ۽ گڏوگڏ، وڌيڪ سمجهه ۾ ايندڙ، مادي حيثيت ۾ تجزيو ڪيو وڃي.

تقليد ۽ تسليم

جيڪڏهن سائنس ماڻهن جي اتساهه جو اظهار آهي ته اِن ڳالهه کان ته شروع کان وٺي پاڪستاني ٻار جي زندگيءَ ۾ سائنسي رويي کي ننديو ٿو وڃي. اسڪول ۾ سڀ کان اول ٻار سخت ننڍ- وڏائيءَ واري ۽ حاڪماڻي سماجي ماحول جو مشاهدو ڪري ٿو. عقيدا ۽ خيال جيئن آهن، تيئن قبول ڪرڻ کي همٿايو وڃي ٿو ۽ جستجو کي سزا جي لائق ٺهرايو وڃي ٿو.

پرائمريءَ کان وٺي اعليٰ تعليم تائين شاگردن تي چپ چاپ قبول ڪرڻ جو ۽ بحث نه ڪرڻ جو شرط عائد ٿيل آهي. وقت بوقت انهن کان اڌ هضم ڪرايل ڳالهيون ۽ عقيدا اوڳارايا وڃن ٿا، ۽ بدلي ۾ کين اُن عمل ۾ ڪاميابيءَ لاءِ سٺيون مارڪون ڏنيون وڃن ٿيون.

سائنسي اڻ ڄاڻائيءَ جا مادي سبب آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ جوڳا آهن: خراب اسڪول، خراب ڪاليج، خراب استاد، خراب ڪتاب ۽ اڻ پوريون ۽ خراب سهوليتون. تعليمي ادارن جي گذاري لاءِ ايڏيءَ مسڪين حال بجيٽ مان ٻي اميد به ڪهڙي ٿي رکي سگهجي! ٽيليويزن جهڙو اثرائتو ذريعو جيڪو باقائدگيءَ سان سائنسي ڄاڻ جا پروگرام ڏيکاري ٿو، اِهو تفريحي پروگرامن ۽ واپاري اشتهارن ڏيکارڻ ۾ رڌل ٿو رهي.

تخليقي هنرمندن جي اڻاٺ جو مسئلو وڌيڪ تحقيق طلب آهي، جيڪو هنن ٿورين سٽن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هن سائنسي ڄاڻ جي قحط ۽ تخليقي هنرمندن جي اڻاٺ لاءِ هڪ حد تائين ٻين تي انحصار واريءَ ترقيءَ جي فلاسافي، ٻاهرين جي مدد تي ٻڌل رٿابندي، پرڏيهي صلاحڪارن تي آڌار ۽ درآمد جي بي مقصد ۽ کليل پاليسي، ۽ ملڪي سطح تي مسئلن جي حل ڏانهن بي توجهي جوابدار آهن.

سڪي جو ٻيو رخ به آهي حڪومت جي تحقيق ۽ ترقيءَ جا ادارا، سواءِ ڪن ٿورن جي، گهربل ناڻي ۽ اوزارن جي باوجود ملڪ جي صنعتي ضرورتن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ۽ انهيءَ لاءِ اسين پنهنجن تعليم گاهن ۾ ناڪام سائنسي اڳواڻيءَ کي به جوابدار سمجهون ٿا. اسان وٽ عام طرح سياسي سرپرستي ۽ سينارٽيءَ جا قانون ئي اهو فيصلو ڪندا رهيا آهن ته هڪ سائنسي اداري يا سائنسي رٿا جي ورڪرن جي اڳواڻي ڪير ڪري، پوءِ ڀلي ان اڳواڻ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ تنظيمي صلاحيتون نالي ماتر ئي ڇو نه هجن. سچ پچ ته تحقيق ۽ ترقيءَ جا اهي ادارا يا ڪم، انهيءَ ڏينهن کان ئي ختم ٿي ويندا آهن، جنهن ڏينهن اهي وجود ۾ ايندا آهن ۽ جڏهن سندن ڪو اڻ لائق ڊئريڪٽر مقرر ٿيندو آهي. اسان وٽ ائين نالي ماتر سائنسي ادارن ۾ تمام گهڻيءَ ۽ بي ضابطي واڌ به سائنسي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون پيدا پئي ڪيون آهن.

اسان جا بهترين سائنسدان ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ڄاڻو وچ مشرق ڏانهن هليا ويا آهن، ۽ اسين اڃا تائين به اهڙن ٻين پنهنجن ماهرن جي ٻاهر وڃڻ جي همت افزائي ڪري رهيا آهيون. ائين بنيادي ۽ خالص سائنس ۽ سائنسي تحقيق کي ته ڇڏيو، پر سوال هيءَ آهي ته ڇا اسين رڳو ٽيڪنالاجيءَ کي وڌائڻ جي باري ۾ به سنجيده آهيون؟

سائنس جي واڌاري لاءِ ترقي يافته دنيا ۾ يونيورسٽيون تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جتي بهترين ۽ اعليٰ تخليقي دماغ اچي گڏ ٿين ٿا، جيڪي نه صرف نوجوان نسل ۾ علم جي تدريس وڌائين ٿا، پر گڏوگڏ خود علم جي سرحدن ۾ پڻ واڌارو آڻيندا رهن ٿا. پاڪستاني يونيورسٽيون انهن کان مختلف آهن. انهن جا شاگرد ۽ استاد ملڪ جي ذهين ماڻهن جو بچيل ڦوڳ هجن ٿا. اهي جيڪي ٻين سڀني هنڌن تي ناڪام ٿين ٿا، ڇڪجي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اچن ٿا. هر قسم جي انگن اکرن سان اسين پنهنجي ان نوع جو علمي ڏيوالو ثابت ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن پاڪستاني يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به تازي نڪتل سائنسي گرئجوئيٽ سان ڳالهايو ته سندس بي علم ۽ بي اثر هجڻ جو ثبوت اوهان کي فوراً ملندو.

پاڪستاني يونيورسٽين جي تعداد ۾ بنهه جُوکن يتيمن جي تعداد وانگر اضافو ٿيو آهي. اهي اڌ بکايل نوان ادارا ڪڏهن به ڪنهن قسم جي لائقي حاصل نه ڪري سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي جوڙجڪ ۾ تعليمي لياقت جو ڪڏهن اونو ئي نه رکيو ويو آهي. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته پاڪستان جون پراڻيون يونيورسٽيون پڻ مري رهيون آهن. پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪابه تحقيقي پيداوار ڪانهي، ۽ سندس گهڻا فرسٽ ڪلاس گرئجوئيٽ صرف اڌ پڙهيل ئي آهن! قائداعظم يونيورسٽي، جيڪا ڪنهن وقت وڏي فخر سان بهترين سمجهي ويندي هئي، سا به تيزيءَ سان ساڳئي مثال تي عمل ڪري رهي آهي. جيڪي ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي ادارا ڇو ختم ٿيا آهن يا ڪيئن مري رهيا آهن، سي اِن ڳالهه جو جواب آفيسر شاهيءَ جي اونداهيءَ سازشي ڌٻڻ ۾ انهن ادارن جي خون جي سببن کي لهي سگهن ٿا.

هڪ طرفي انڌي علم ۽ بي روح ضبط ۽ قائدي قانون جي سختيءَ جو ڀوت پڻ اسان جي يونيورسٽين جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي.

يونيورسٽيون ٺيڪن تي نه ٿيون ڏيئي سگهجن، جن ۾ خيالي مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه جون سازشون به ڪرايون وڃن ۽ ساڳئي وقت اها اميد به اُنهن مان رکجي ته اُهي علمي ادارن طور ڪم به ڪنديون! انهن يونيورسٽين جو موجوده انتظام ڪنهن انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ، ڪنهن جيل يا ڪنهن پاڳل خاني جهڙو آهي. انهن حالتن سبب اصلي ۽ خاص ڄاڻو اهڙيءَ ٻوساٽ ۽ گُهٽ جهڙي ماحول مان ڀڄي نڪرن ٿا، ۽ باقي پٺيان علم ۽ فضيلت کان محروم نادارن ۽ اڻ پڙهيلن جو وڏو تعداد ئي رهجيو وڃي.

[انگريزيءَ کان ترجمو: م.ا.ج هفتيوار ”هدايت“، 28-6-1984ع]


 

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا

سنڌي ادبي سنگت جا دوستؤ، پياريون ڀينرون ۽ پيارا ڀائرؤ!

آءٌ سمجهان ٿو ته وقت تمام گهڻو گذري چڪو آهي، ۽ اُهو وقت اسان لاءِ سڦلو به گذريو آهي- خاص ڪري جيڪي ٻه مضمون پڙهيا ويا ۽ اسان ٻڌا، هڪڙو تاج جويي جو ۽ ٻيو غلام حسين رنگريز جو، اُهي ڪيڏيءَ نه سنجيدگيءَ سان، ذميداريءَ سان ۽ ڪيڏي نه شوق ۽ هيج سان هو پنهنجو وقت ڏيئي، اسان لاءِ لکي آيا هئا! آءٌ پنهنجي پاران ۽ اوهان جي پاران کين مبارڪباد ڏيان ٿو، ۽ تهدل سان پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪريان ٿو.

هتي هڪ مُکُ ڳالهه جيڪا مون کي ڏسڻ ۾ آئي، سا تنقيد جي باري ۾ هئي، اديبن ۽ نقادن جي باري ۾ هئي. اديب ۽ نقاد جا، فنڪار ۽ پارکوءَ جا، پاڻ ۾ جيڪي ڳانڍاپا آهن، سي تمام گهڻي زماني کان وٺي ۽ هر هنڌ قرب جا به آهن ۽ دوريءَ جا به آهن. اُهي هڪٻئي تي جَڪَ ۽ ساڙ به کائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان پنهنجون خوشيون ۽ سهمتون به ونڊيندا ۽ ورهائيندا آهن، هڪٻئي سان اختلاف به ڪن ٿا ته سندن پاڻ ۾ رابطا به قائم آهن. نقاد ۽ فنڪار جو، اديب ۽ ادب جي پارکوءَ جو اهو جيڪو دو-رخيءَ وارو تعلق آهي، سو جُڳن کان هلندو پيو اچي، بلڪ اِن سلسلي ۾ هو هڪٻين لاءِ لازم ملزوم آهن. ان ۾، پاڻ ۾ اُنهن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جي ڳالهه ڪانهي. اهو هڪڙو دستوري واسطو آهي. جيڪو تخليق جي دنيا ۾ هلندو آيو آهي ۽ هلندو رهي ٿو. اُن تي ڪاوڙ ڪرڻَ، يا ڪنهن کي طبيعت ۾ ناراض ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي.

اصل ۾، هر سوچيندڙ ۽ سرجيندڙُ ماڻهو پنهنجو نقاد پاڻ آهي، ۽ اديبَ، شاعرُ يا فنڪارُ سڀ کان پهريون نقاد پنهنجو پاڻ آهي. اِن طرح اديب جو پهريون اختلاف يا نبيرو پنهنجي پاڻ سان آهي.

اِن سلسلي جو انگريزيءَ ۾ هڪڙو قول آهي:

A good writer is he who knows what to erase and what to substitute…

يعني ”سٺو اديب يا ليکڪ اُهو آهي، جيڪو ڄاڻي ٿو ته پنهنجيءَ لکڻيءَ منجهَان ڪهڙا لفظ يا جملا ڪڍي ڇڏي ۽ ڪهڙا اُنهن جي جاءِ تي ٻيا وجهي...“ ۽ اِئين اديبُ فقط تڏهن ڪري سگهندو، جڏهن هو پنهنجو جيڪو شاهڪار پيدا ڪري ٿو، اُن کي ورائي ورائي ڏسي ۽ بهتر کان بهتر بڻائي. جيڪڏهن هو شاعر آهي ۽ هُن کي پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪو لفظ يا اصطلاح ۽ خيال نٿو وڻي ۽ اُهو هو ڇڏي ڏئي ۽ اُن جي جاءِ تي ٻيو ڪو لفظ، اصطلاح يا خيال آڻي ٿو، ته اُن ۾ کيس ڪو عار محسوس نٿو ٿئي، بلڪ سندس وڏي دلچسپي ۽ خوشي ئي اُنهيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ هوندي اهي. اِن ڪري وڏو ۽ سچو اديب گهڻي قدر صرف اُهو چوائي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي محنتڪاريءَ جي ائين پرک ۽ ڇنڊڇاڻ پاڻَ ڪري سگهي ۽ ڪندو رهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ڪاموڏ جي هڪڙي سِٽ آهي ته ”هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾!“ نوري ڄام تماچيءَ جي علامتي قصي جي هڪ وائيءَ جي اِها سِٽ بلڪ اُن جي وراڻيءَ واري اِها خاص سِٽ آهي. هيءُ اسان جو سماج گويا ’ساٽين جو سماج‘ آهي: اسين سڀ هڪ طرح سڀ ’ساٽي‘ آهيون: سماج ۾ ۽ اسان ۾ سوين خرابيون آهن. ڪوڙَ آهن، بريون ڳالهيون ۽ ڪيئي گندگيون آهن. پر اديب ۽ تخليق ڪار جيڪو آهي، سو هِتان هُتان سچا ’هيرا‘ چوندي کڻي ٿو، چونڊي چونڊي سٺيون ڳالهيون ڪڍي پنهنجون ڪري ٿو، ۽ اسان کي ڏئي ٿو. ائين ماڻهوءَ جو هيءُ جيڪو مغز آهي، انسان جو هيءُ جيڪو زهن آهي، تنهن ۾ به الاهي خيال اچن ٿا- ڪي چڱا خيال ته ڪي بُرا خيال اٿن ٿا، جذبا به ڪي ڪچا ڪي پڪا، ڪي اَدنيٰ ڪي اوچا، ڪي گدلا ۽ ميرا، ڪي نرمل نِرويا ۽ صاف ٿين ٿا.

اُنهن منجهان ’هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾‘ وانگر هو، ڏسي ڏسي، سٺا سٺا جذبا قبولي ٿو، ڪثيف جذبا ڇڏي ڏئي ٿو، ڪومل ۽ لطيف خيال ۽ امنگ اُتان هو کڻي ٿو ۽ پنهنجيءَ تخليق ۾ آڻي جڳ جي آڏو رکي ٿو. ائين هو ڪا ڳالهه پيش ڪري ٿو ته اڳواٽ ئي کيس اِن جي پَڪَ هوندي اهي ته هو جيڪا شيءِ ڏيئي رهيو آهي، سا ڏيڻَ جهڙي شيءِ آهي، ۽ جيڪڏهن اها ڏيڻ جهڙي شيءِ ناهي ته هو پاڻ ئي اُن کي رد ڪري ڇڏيندو آهي. انگريزيءَ جي اديب، ٿامس ڪارلائل کي اوهين ڄاڻندا هوندا، نه ته به اوهان هُن جو نالو ٻڌو هوندو، اوڻيهين صديءَ جي انگلينڊ جو هو تمام هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. تنهن فرينچ انقلاب تي جيڪو جڳ مشهور هزار کن صفحن جو ڪتاب لکيو آهي، ’دي فرينچ ريووليشن- اي هسٽري‘، سو ٽي دفعا هُن کي ورائي ورائي لکڻو پيو هو. اهڙيءَ طرح اڪثر ليکڪ ۽ شاعر جڏهن شاعري ڪن ٿا يا ڪو مضمون وغيره لکن ٿا ته ائين ڪونهي ته قلم کڻي جيڪا شيءِ پهرئين ڀيري لکجي ويئي، سائي منڊيءَ تي ٽڪ ٿي ويئي! ساڳيءَ طرح هي جيڪي راڳي آهن- جيئن موهن ڀڳت آهي، جنهن اڄ اسان جي آڏو ڳايو- تن کان پڇي ڏسو ته اُهي جڏهن به ڪو راڳ پيش ڪن ٿا ته سڀ کان پهرين پاڻ ئي اُن تي جهومن ٿا ۽ خوش ٿا ٿين، جيڪڏهن ڪو راڳي پنهنجي راڳ مان پاڻ خوش نه ٿو ٿئي، ته هن کي پڪ هوندي آهي ته سندس ٻڌڻ وارا به اُن مان خوش ڪونه ٿيا آهن.

ان ڪري اديبُ، لکڻهارُ، شاعرُ، مصنفُ سڀ کان پهرين پنهنجو نقاد پاڻ آهي، ۽ پوءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي تخليق کي هو پيش ڪري ٿو؛ ۽ پوءِ هُن جا ٻڌندڙ يا پڙهندڙ واهه واهه ڪن ٿا ته هو وڌيڪ خوش ٿئي ٿو، ۽ جي واهه واهه نٿا ڪن، بلڪ هن جي چڱيءَ شيءِ کي پسند نٿا ڪن، بلڪ غلط نموني ۾ پنهنجي ناپسند جو نشانو بڻائين ٿا، ته هو ناخوش به برابر ٿين ٿا، پر دلڪش يا مايوس ڪونه ٿا ٿين. اهريءَ طرح اديب ۽ نقاد جي وچ ۾ جيڪو تعلق آهي. سو هڪ ئي وقت رنج ۽ خوشيءَ جو هوندو آهي، پر اِن ۾ هُنن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانه آهي: بشرطيڪ ٻنهي جي مرادَ واريءَ مان سونَ ڪڍڻ جي ۽ پٿرن مان هيرن کي ڳولڻ ۽ سڃاڻڻ جي آهي.

مون کي اوهان سان ٻي به هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي. سا هيءَ آهي ته هِتي منهنجي محترم دوست حميد سنڌيءَ پنهنجيءَ تقرير ۾ هڪڙو لفظ ’قدرون‘ استعمال ڪيو ۽ وري وري استعمال ڪيو. آءٌ حميد سنڌي صاحب جو تمام گهڻو احترام ڪندو آهيان. هو پنهنجو پيارو دوست اهي، ۽ سٺو اديب آهي. هيءَ جيڪا آءٌ ڳالهه ڪريان ٿو، سا اسان جي ٻين اديبن سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي، جيڪي شعوري يا لاشعوري طور، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ائين لفظن جو غلط استعمال ڪن ٿا. هيءُ لفطن جو غلط استعمال اسان تي گهڻي قدر اردو بوليءَ جي بيجا اثر جو نتيجو  آهي، اِهو مسئلو اسان لاءِ پنهنجيءَ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسمن، خاص طرح ٻين ٻولين مان آيل اسمن جي جنس ۽ عدد جي صيغن جي پنهنجن قاعدن جي پيرويءَ يا عدم پيرويءَ جو مسئلو آهي.

هِن سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه اسان سڀني کي هميشہ ياد رکڻ کپي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ جملي ڏهه بنيادي آواز آهن. جيڪي اسان جي الف بي جي ٻاونجاهه اکرن مان 49 صحيح اکرن تي زبر، زير ۽ پيش ۽ ٽن علت جي اکرن (الف، واءُ ۽ بي) جي عمل سان اچارجن ٿا. مثلاً: اَ آ اَو اَي، اِ اِي، اُ اُو، او اي؛ بلڪ نُون غُني جي ملاوت سان اُهي آواز وڌي ويهه آواز به بڻجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جو اُهو خاص گڻ آهي ته اُن جي گرامر جا اَٺَ ئي ڳالهائڻ جا لفظ – اسم، ضمير، صفت، ظرف، فعل، حرف جر، حرف جملو، حرف ندا- پنهنجين پڇاڙين ۾ ساڪن نه هوندا آهن، پر اُنهن ويهن آوازن مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ ۾ آوازبا آهن: ۽ اُنهن جا اُهي آوازئي اسان جي ٻوليءَ ۾ لفظن جي اندروني تبديل، گهاڙيٽائي ڦيرو، جنهن کي صرفيائي يا صرف وارو ڦيرو يا گردان به چئجي ٿو، اُن تبديل، ۽ سندن جنس، عدد ۽ حالتن جو صحيح ڏس يا سڃاڻپ ڏيندڙَ هجن ٿا. هڪڙي مثال طور اسم جي جنس جي ڳالهه ڪبي ته سنڌيءَ ۾ جاندارن توڙي بيجان شين جي نالن، يعني اسان وٽ سڀني اسمن جون فقط ٻه جنسون، يعني جنس مذڪر ۽ جنس مونث ئي هونديون آهن، ۽ اُنهن جي سڃاڻپ لاءِ اسان وٽ (اسمن جي) پڇاڙيءَ جا خاص ست آواز (نون غني سان ست ٻيا، جملي 14) آهن. جن ۾ ٽي آواز يعني اُ، اُو ۽ او عام طرح مذڪر جي جنس ۽ چار آواز آ، اَ، اِ ۽ اِي عام طرح مونث جي جنس جو ڏس ڏين ٿا.

هاڻي اردوءَ ۾ لفظ ’قدر‘ (۽ ائين ’نسل‘، ’غزل‘، ’عقل‘، ’نظم‘ وغيره) مؤنث طور استعمال ٿئي ٿو ۽ ان جي عدد جمع جون صورتون هُنن وٽ ’قدرين‘، ’قدرون‘ آهن. اسان وٽ اهو لفظ پيش جي پڇاڙيءَ (اُ جي آواز) سان ’قَدُرُ‘ ٿو اُچارجي ۽ اِن ڪري اِهو جنس مذڪر جي صيغي جو لفظ آهي، ۽ جمع جي عدد ۾ پيش پڇاڙيءَ بدران زبر پڇاڙي (اَ) جي آواز ۾ بدلجي ’قَدُرَ‘ ٿيندو ۽ جمع جي حالتن لاءِ ٻيءَ صورت ۾ اُن جي ’قَدُرِنِ‘ ٿيندي. ائين انگريزيءَ جا ٻيا لفظ آهن. فون يا ٽيليفون، بورڊ، فائيل، بُڪُ يا نوٽبڪُ، پروپوزلُ وغيره، جي اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن اردوءَ جي پيرويءَ ۾ مؤنث طور ڳالهائجن ۽ لکجن ٿا، جا ڳالهه بلڪل غلط آهي، ۽ جمع جي عددي صورت ۾ ته خاص طرح اسان لاءِ اچارجڻ ۾ مصيبت بنجي ٿا پون، جيئن فونون، ٽيليفونون، بورڊون، فائيلون، بُڪُون، نوٽبڪون، پروپوزلون وغيره جون غلط کان سواءِ ڏکيون ۽ کِلَ جهڙيون صورتون ٿي پون ٿيون.

اسان وٽ هيءَ اردوءَ ۽ انگريزيءَ جي اسمن کي مؤنث ۾ استعمال ڪرڻ جي مصيبت (اردوءَ جي ئي پيرويءَ ۾) ايتري عام ٿي ويئي آهي، جو دل چويم ٿي ته بنهه هڪ عام قاعدي طور اوهان کي چوان ته هر اهڙي انگريزيءَ يا اردوءَ جي اسم کي جيڪو اردوءَ وارا مؤنث ۾ ڪم ٿا آڻين، پڇاڙيءَ ۾ اُو، اؤ ۽ او جا آواز (جيئن مناسب لڳن تيئن) ڏيئي، پهرينءَ پسند طور ته مذڪر ۾ ئي استعمال ڪريو ۽ جمع جي عدد لاءِ اُنهن جي اُ کي اَ ۾، او کي اَ ۾ ۽ اُو کي ساڳيو اُو رکي ڏسندا ته اُها عدد جمع مذڪر جي صورت ۾ اوهان کي ڏاڍي مناسب ۽ سنڌيءَ جي قاعدي سان به ۽ مزاج سان به ٺهڪندڙ لڳندي. جيئن قدرُ – قدرَ، نسلُ – نسلَ، غزلُ – غزلَ، عقلُ – عقلَ، نظمُ – نظمَ وغيره ۽ فونُ – فونَ، ٽيليفونُ – ٽيليفونَ، بورڊُ – بورڊَ، فائيلُ – فائيلَ – بُڪُ – بُڪَ، نوٽبڪُ – نوٽبڪَ، پروپوزلُ – پروپوزلَ وغيره وغيره.

گرامر جي هِن ڪجهه پيچدار فني ڳالهه کي هِتي ڇڏي اوهان کي هيترو ٻڌائڻو اٿم ته تازو سنڌي ادبي بورڊ وارن مرزا قليچ بيگ جو سنڌي گرامر جو ڪتاب ڇاپيو آهي، جيڪو پهرين اسان چئن ڀاڱن ۽ الڳ الڳ جلدن ۾ آندو هو (جيئن اصل ۾ اُهو هو)، پر هاڻي هنن اُن کي هڪڙي ئي جلد ۾ پڌرو ڪيو آهي (جا هڪ طرح بهتر صورت به آهي). توهين مهرباني ڪري اُهو گرامر جو ڪتاب وٺو ۽ پڙهو. جيڪي سنڌي استاد آهن، تن کي به اُهو ڪتاب وٺڻ گهرجي، گهوٽي پيئڻ گهرجي، ته جيئن اُهي پنهنجن شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي گهاڙيٽن جي پوري تعليم ڏئي سگهن.

اهڙيءَ طرح، رسالن ۽ اخبارن جي ايڊيٽرن جي ميزن تي پڻ اِن ڪتاب جون ڪاپيون موجود هجڻ کپن. ولايت ۾ ته هر پبلشر وٽ ڪونه ڪو ٻوليءَ جي صحت جو ڄاڻو ايڊيٽر هوندوئي آهي، ۽ اُتي ته پروف ريڊنگ جو به تمام گهڻو خيال رکيو ويندو آهي. آءٌ اوهان کي وري به ورجائي چوان ٿو ته اردوءَ جي تذڪير ۽ تانيث ۽ عددن جي روايتن تي ۽ اردوءَ جي گرامر جي ٻين اصولن تي هرگز نه هلو، ڀُلجي ڪري به نه هلو، ڇو ته اوهان جي ٻوليءَ جون اِهي روايتون ۽ اِهي اصول پنهنجا اهن ۽ بلڪل اُهي پڌرا، سڌا، سادا، پڪا ۽ پورا آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي مادري زبان جا وارث ۽ اُن جي بحاليءَ، بقا ۽ اصليت جا ضامن به پاڻ اوهين ئي آهيو.

شاعريءَ جي سلسلي ۾ مون کي عرض هيءُ ڪرڻو آهي ته اسان جو دوست مولانا غلام محمد گرامي اوهان کي سدا ياد رکڻ کپي، ۽ پوري احترام ۽ محبت سان ياد رکڻ کپي، سو جڏهن 1948ع جي آخر ۾ آءٌ ٺٽي کان حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ بدلي ٿي آيو هوس، ته اُتي پاڻ سنڌي ادب جو مضمون پاڙهيندا هئا. مون کين صلاح ڏني ته سنڌي ادب جي قاعدن ۽ اصولن جي باري ۾ ڪو ڪتاب لکجي، جنهن تي پوءِ پاڻ هڪڙو ڪتاب ’ادبي اهڃاڻ‘ جي نالي سان لکيائون، جنهن ڪتاب ۾ ادب بابت ٻڌائيندي، چيو اٿن ته: ”زبان انسان جي ترجمان آهي، ۽ ٻولي انسان جي ترجماني آهي. هر ڪنهن هنر ۽ فن لاءِ عالمن ڪي خاص اصول ۽ قاعدا بنايا آهن، تيئن ڳالهائڻ جا به آداب ۽ قانون آهن.“ انسان جي ترجماني لاءِ ٻوليءَ جون ٻه صورتون آهن، هڪ نثر ۽ ٻي نظم.

”اُنهن ٻن نمونن ۾ هڪ انسان پنهنجا خيال ۽ رايا ٻين لاءِ بيان ڪري ٿو، نثر جو مطلب آهي ته ٽڙيل پکڙيل موتي، ۽ نظم جي معنيٰ آهي، پُوتلَ ۽ سنواريلَ موتي.“

سو شاعر جيڪو آهي، سو پنهنجن جذبن کي، پنهنجن خيالن کي ۽ پنهنجي پوري فڪر ۽ پيغام کي تمام پُوتلَ ۽ سنواريل لفظن ۾ پوري سليقي سان يڪجا ڪري ماڻهن جي اڳيان پيش ڪري ٿو، جيڪو هُن جو فرض ٿئي ٿو ته هو ائين ڪري.

ڪالهه مون کي اياز جو سُوڌيل سنواريل تازو سنڌيڪا اڪيڊمي جو ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ مليو آهي، جيڪو سنڌيءَ جي نون شاعرن جي شاعريءَ جو انتخاب آهي. اُنهن تي پاڻ هڪ سو چاليهن صفحن جو مقدمو لکيو اٿن. انهيءَ ڪتاب ۾ هڪڙي هنڌ شاعرن جي باري ۾ لطيف جي بيت جي سٽ ڏيئي، ٻڌايو اٿن ته شاعرَ پنهنجيءَ قوم جي باري ۾، پنهنجيءَ ٻوليءَ جي باري ۾ ۽ اُنهن جي تاريخ جي باري ۾ ڪيڏو وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. اُن ڪتاب جو ٽڪرو پڙهي، پوءِ اوهان کان آءٌ موڪل وٺندس. پر اُن کان اڳ اوهان کي اِهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون پاڻ به هڪڙي هنڌ شاعرن بابت سندن اُنهيءَ اهميت ۽ درجي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته ”شاعرَ، سچا شاعرَ، تاريخ جا فرشتا سڏيا ويندا اهن- تاريخ بني نوع انسان جي ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا اِنهيءَ ڪري، جو هو انساني فڪر ۽ جذبي جي پرورش ڪن ٿا، ۽ اِن طرح سڄيءَ انساني زندگيءَ، ۽ پڻ قومي زندگيءَ، کي معنيٰ ۽ معيار بخشين ٿا، سڄي سچائي، سڄي بلندي ۽ سڄي اُجلائپ انساني تمدن ۽ قومي تهذيبن جِي، اُنهن کان ملي ٿي. ۽ هو ئي ان سڀ جا ضامن پڻ آهن.

”دنيا جي سڀني قومن وانگر، سنڌي قوم پڻ ڀاڳ واري آهي، جو هُن وٽ پنهنجا اهڙا شاعر موجود آهن- ڪلاسيڪي دور جا به ۽ جديد دور جا به ....“

’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جو مقدمو لکندي، هڪ هنڌ پهرين اياز لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ ڏني آهي:

”اڄ پڻ ڪِنجهو ڪِنجهه، واڍوڙڪي مَنهَين!“

۽ پوءِ چيو اٿس: ”اِها ڪِنجهو ڪِنجهه سنڌ ۾ اَبَدُل آبادَ کان [يعني شروع کان] آهي، واڍوڙڪا مَنَهنَ اڃا تائين چنگهي ۽ چِڪي رهيا آهن!“

وري لطيف سائينءَ جي ٻي سِٽَ لکي اَٿن:

”ويڄ ورائي ٻانهَن، چوري چاڪ نهاريا.“

۽ لکيو اٿن ته ’اها صدا صدين کان سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ کي چيري، اسان جي ڪنن ۾ اڄ به گونجي رهي آهي. شاعري اِئين اُڇانگ ڏيئي، صديون ٽپي ويندي آهي. ۽ زمان ۽ مڪان جي پابند نه رهندي آهي. ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي هڪ ئي سِٽَ ۾ منجمند ٿي وڃن ٿا ۽ شاعريءَ تي پيغمبريءَ جي مهر هڻن ٿا.

”سنڌي شعريءَ ۾ اهڙي شاعري ويجهي ماضيءَ ۾ خليفي نبي بخش جي سر ڪيڏاري ۾ به ملي ٿي، ۽ اُن سان به سنڌ پنهنجي ماضيءَ، حال، مستقبل لاءِ کرڙيءَ جي ميدان جو روپ وٺي، اسان جي سامهون اڄ به بيٺي آهي...“

سنڌيءَ جا اديب ڀائرو، اوهان مان گهڻن اِن طرح کرڙيءَ جي ميدان بابت خليفي نبي بخش جي شاعريءَ جي اها سِٽ ضرور پڙهي هوندي، ۽ اوهان شاهه جون ٻيون به اهڙيون سِٽون پڙهيون هونديون- جيڪي سِٽون سنڌ جي ماضيءَ، حال، ۽ مستقبل تائين محيط رهن ٿيون. ۽ اِهي اِئين تڏهن رهن ٿيون جڏهن شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ڇنڊي ڇاڻي صاف، اُجرو ڪري، پنهنجو اعليٰ فڪر ۽ بلند جذبو اُنهيءَ ۾ آڻي، اصل ائين، جو موتين جا داڻا پوئي، سوڌي ۽ سنواري، اسان جي اڳيان پيش ڪن ٿا، ۽ پوءِ اسين اُنهن کي ٻڌون ٿا ۽ پڙهون ٿا ۽ ڳايون ٿا ۽ پنهنجي هنئين سان هنڊايون ٿا. جيسين اسان جي سنڌي ٻولي ۽ اسان جا اهڙا سنڌي شاعر موجود آهن، تيستائين اسان کي ڪنهن به قسم جو ڪو لوڏو لهرِ ڪانهي- ۽ اسان جي سنڌي قوم سدائين جيئندي، سنڌي ٻولي سدائين جيئندي، ۽ اُنهن سان ئي اسين ۽ اوهين سڀ جيئنداسين.

عزيزو، موڪلاڻيون ڪِينهن – سنڌي سدائين گڏ.

[1993ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org