جي. ايم. مهڪري
ٽئگور جي نظم ”جتي
ذهن
خوف کان آجو آهي“ پڙهڻ تي سنڌي نوجوان جا ويچار
ڪڏهن او ڪڏهن؟
منهنجو ذهن به خوف کان آجو ٿيندو؟
مان، سنڌ جو ڄائو به، پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري هلندس
منهنجي ڄاڻ به ڪوڙن کان ۽ دوکن کان آجي ٿيندي
منهنجي سمجهه جي نرمل ڌارا مُئل عادت جي ٺوٺ
واريءَ کي لوڙهي ويندي
منهنجا ٻولَ سچ جي تار اُونهاين مان اوڀڙ کائي
ٻاهر ايندا
منهنجون ٻانهون به ڪمال جي چوٽين ڏانهن وڌنديون-
ڪڏهن او ڪڏهن،
پنهنجيءَ ڌرتي کي پنهنجو چئي، آءٌ به هِن پنهنجيءَ
ڌرتيءَ تي هلندس؟
اُنهيءَ سوکيم سُرهائيءَ جي بندر تي، او آزادي!
ڪڏهن او ڪڏهن
منهنجو ٻيڙو به لنگر هڻندو-
تيز ترندو ايندو…
انقلاب جي کنڀن تي …
انقلاب جي هوائن تي …
وڏيءَ ڪنهن اُٿندڙ لهر جي چوٽيءَ تي؟؟؟
جي. ايم. مهڪري
سنڌي ٻار جو سوال
ڇا؟
منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟
منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟
منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟
ڏاڏا بابا چيو ٿي، ”ڪڏهن سنڌ ڳائيندي هئي!
جڏهن مور اُن جا نچندا هئا!!“
ڏاڏيءَ امان ٿي چيو، ”تڏهن اسان جي چپن تي مُرڪ
هئي.“
چاچِي سانئڻ چوي ٿي، ”اسان جي ڳل خوشيءَ ۾ ٻهڪندا
هئا.“
چاچا سائين چوي ٿو، ”اسان جون اکيون چمڪنديون
هيون، تارن جيئن،
جڏهن يڪتاري جي راڳ تي اسان جا پير نچندا هئا،
جڏهن سنڌي چنڊُ آسمان ۾ گهمندو هو.“
هاڻي مان ٿو پڇان، ”ڇا، منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟“
منهنجو بابا سائين ڪو جواب نٿو ڏئي،
منهنجي امي سانئڻ ڪنڌ پنهنجو جهڪائي ٿي ڇڏي،
ٻيا منهنجا وڏا هڪ ٻين جي مُنهن ۾ ڏسن ٿا،
۽ پڇن ٿا، ”ڇا، سنڌ اسان جي سنڌ آهي؟“
مان نٿو سمجهان هُنن جو ڇا مطلب آهي!
مان ته ٻارُ آهيان،
اوهين ته ڄاڻو ٿا-
مان رڳو پڇان ٿو، ”اسان جي سنڌ اسان جي سنڌ ناهي
ڇا؟“
هو رڳو جواب ٿا ڏين، ”اُها ڳوڙهن جي ڌرتي آهي.“
مان نٿو ڄاڻان، هنن جو مطلب ڇا آهي.
”مور هليا ويا آهن،“ هو چون ٿا،
پر به، مور ڇا آهن؟
”ڇا، سنڌ ۾ ڪڏهن مور به هئا؟“ مان ٿو پڇان.
”هائو، جڏهن سنڌ، سنڌ هئي، تڏهن مور هئا،“ هو چون
ٿا.
مان ته ٻارُ آهيان-
نٿو ڄاڻان هُنن جو مطلب ڇا آهي!
پر، منهنجي سنڌ وري ڳائيندي؟
سنڌ منهنجي وري ڳائيندي؟
ڪڏهن، او ڪڏهن؟
آءٌ ٻُڌُ ناهيان
آءٌ ٻُڌُ ناهيان،
هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان.
بيمارُ، جهُورُ پوڙهو ۽ مُئل ڪو ماڻهو ڏسي،
منهنجو مَنُ ڪونه ٿو اُٻڙڪي.
آءٌ بي – پِتو، بي – حِسو ڄائو آهيان.
ڪهل ۽ پيار کان بنهه خالي دل سان،
۽ بي روح ۽ بي شعور ذهن سان.
راهه تي حادثي جي شڪار ٿيلن کي ڦٿڪندي ڏسي،
سڌو وڃي يارن سان گُتي ۾ شراب ٿو پيان.
پري کان اَناٿ آشرم وٽان پيءُ جو موت جي تار تي
منهنجي اک
مان ڳوڙهو ڪونه ٿو ڳڙي.
آءٌ ٻُڌُ ناهيان،
هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان.
منهنجو سُکيو گهر ويهَه ماڙ تي مٿي،
غريبن جي شمشان ڀوميءَ لڳ آهي.
جتان باهه جا شعلا اُٿن ٿا،
۽ سُتل جهُڳين کي ڳهي ٿا ڇڏين،
هِن ديهه – ڌاري دنيا ۾،
وڌ ۾ وڌ سُک جي سَڌَ جو هڪ ئي خيالُ،
مون تي ڇانيو ٿو رهي.
منهنجا هٻڇي هَٿَ پنهنجن ئي ساٿين جي
وڌيڪ ڀريل هٿن جي حَسَدَ ۾ پوسرن ٿا.
۽ اڳتي وڌي زياده پيسو ۽ طاقت ميڙِن ٿا.
سڄو منهنجو ذوق هيءُ اهي ته،
ماڻهن ۾ ڪامياب ۽ وڏو ماڻهو سڏجان.
آءٌ ٻُڌُ ناهيان،
هائو، آءٌ ٻُڌُ ناهيان.
ڇاڪاڻ ته آءٌ اڄ جو ماڻهو آهيان،
موقعي لاءِ جيئندڙُ،
جنهن کي ورثي ۾ مائٽن کان،
نيڪي، ماڻهپو ۽ پيار نه مليو آهي.
ڇو ته اڄ جي ماڻهوءَ لاءِ انسان جي نسلي ذخيري مان
شايد،
اُهي ٻج – ڪڻا کُٽي ويا آهن!
اڄ جو ماڻهو پاڻ لاءِ جيئي ٿو، پاڻ لاءِ مري ٿو.
سو پنهنجيءَ دنيا ۾ رهندي،
ڪڏهن ڪڏهن ڪو آواز ٻڌان ٿو،
جيڪو چوي ٿو،
”شين جي هِن دنيا ۾“
هن لوهه ۽ ڪانڪريٽ جي انساني جهنگل ۾،
ٻُڌُ جي نيڪي ڪيڏانهن ويئي؟“
۽ پنهنجي جيوت جي هيڪلائپَ
هانءُ ڦاڙِي مون کان سوال ٿي ڪري،
”ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! ٻڌاءِ!
تون ٻُڌ ڇو ناهين؟“
- نِڌِي ورما
(روزانه ”سنڌ پاڪ“ تاريخ 22 جون 1997ع)
(6)
ٻه انٽرويو
منهن مقابل: سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن ڪتاب چوٿون، سال
1978ع
انٽرويو: روزانه ”سنڌ پاڪ“ حيدرآباد، سنڌ، آچر
15- جون 1997ع.
پال بارن،
(Paul Baran)
پنهنجي مضمون ”دانشور ۽ سِرَسيتائي“
(The Writer and Commitment) ۾، چوي ٿو: ”دانشور جي دلي لڳاءُ يا هُن جي سرَسيتائي، لازمي
طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي… پر
اِنهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هُن جي بنيادي ذميداريءَ
جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت
وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اِهو ناهي
ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اِهو به آهي
ته ’موجود حالت‘ ۾ سچ ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت
اُهو ٻڌايو پيو وڃي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اُهو نه
پيو ٻڌايو وڃي … ائين سماجي، ۽، خاص طور، رياستي
يا حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ’سچ ڇا ۾ آهي‘- اِن
ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ اُن جو اظهار
اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت،
بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ اِنهيءَ طرح اِن قسم جي سچ
جو پيڇو ۽ اُن جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ’موجود
صورتحال‘ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف،
اُن شيءِ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، اُن شيءِ جي
سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سڄيءَ اُن شيءِ جي الڳ الڳ
حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ
لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ- اِنهيءَ علمي ڪوشش ۽
فڪري عمل تي پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تَڏَ
۽ تابَ، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽
ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون … انهيءَ ڪري سچ
ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو
شرط آهي. ٻيو اُن جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽
عقل تي مُبني تحقيق (- سچ جي ڳولاءِ) جيڏانهن به
نِئي اُن کي اوڏانهن نيڻ لاءِ تيار رهڻُ، ’هر
موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ- بي قياس اِنهيءَ
معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل
اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه
ڪڏهن هٽندي.‘ اِنهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ
سماجي نقاد آهي – هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي
[شين جي، ڳالهين جِي] سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽
اِئين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني [پيار جي، اُنسياتِي]،
۽ وڌيڪ عقلائتي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾
جيڪي رنڊڪون آهن اُنهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگار
ٿيڻ … اِنهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ اُنهن جي
ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ’ موجود حالت‘ کي
محفوظ ۾ مامُونُ رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو
هڪُ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي،
۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هُن کي خيالي جنت ۾
رهندڙ يا ’درويش قسم جو ماڻهو، ۽ بُري کان بُرو ته
هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن … اهڙين حالتن ۾
دانشور جي ڪردار ۽ سِرسيتائيءَ جي ڳالهه جي وضاحت
ڪرڻُ ۽ اُن تي وري وري زور ڏيڻُ هڪ تمام وڏي ۽
نهايت اهم فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته
اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ
۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حوالي اِها
ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي يا اُنسيت عقلَ، ۽
اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابوديءَ کان
بچائي – جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا
اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورثا آهن.“ –
م.ا.ج.
(”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ”سيپٽمبر 1981ع جي پيش لفظ
تان کنيلُ)
مُنهن مُقابل
[ذيشان: سائين! بهتر سمجهان ٿو ته اوهان جي اجازت
سان پهرين پنهنجي ساٿين جو مختصر تعارف ڪرايان.
* منهنجي ڀرسان ويٺل ڀيڻ جو نالو صنم نوراني آهي.
پاڻ مقامي انگلش ميڊيم اسڪول ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي
آهي. پڙهڻ، راندين ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ سندس مشغلو
آهي. پاڻ ماهوار ”نئون نياپو“ ۽ هفتيوار ”ڪچهري“
جي اعزازي ايڊيٽر محترم مسعود نورانيءَ جي نياڻي
آهي.
* هن ساٿيءَ جو نالو جمشيد آهي، پاڻ هالا جي معروف
زميندار حاجي عبدلاقادر ميمڻ جو ننڍو فرزند آهي.
ڏهين ڪلاس جو سرگرم شاگرد، سٺو ڪرڪيٽر ۽ مڃيلُ
تقرير ڪندڙُ هئڻ ڪري کوڙ انعام حاصل ڪري چڪو آهي.
* اسان جي هن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ دوست جو نالو
عاشق حسين اوڍاڻو آهي. سندس والد محترم محمد ٻڍل
اوڍاڻو ڪوٽڙيءَ ۾ ريزڪي دوڪان هلائيندو آهي. سنڌ
جي عاشق قومي هيرن تي لکڻ ۽ خوب لکڻ جو ارادو رکي
ٿو.
* اسان جو هيءُ پيارو ۽ ذهين دوست، رياض احمد،
اوهان جي اڳوڻي شاگرد سائين ڪمال الدين ميمڻ
(اي-ڊي-اي- او، ٺٽو) جو لائق فرزند آهي. تازو
مئٽرڪ ۾ اي گريڊ حاصل ڪيو اٿس. مختلف علمي ۽ ادبي
مقابلن ۾ ڪافي انعام حاصل ڪري، پنهنجي اسڪول جو
نالو روشن ڪري چڪو آهي.
* هو جيڪو پريان ويٺو آهي، اسان جي اِن ساٿيءَ جو
نالو چيتن سُوٽهڙ آهي. ٿر جي پسمانده ٻيواٽو نالي
وستيءَ سان تعلق رکي ٿو. سندس محترم پيءُ پورهيت
ڪلاس سان واسطو رکندڙ مارُو آهي. تازو مئٽرڪ سائنس
۾ اي گريڊ پوزيشن حاصل ڪئي اٿس. پنهنجي اسڪول جو
مڃيل اسڪائوٽ، ڊبيٽر ۽ آرٽسٽ پڻ آهي.
* اسان جي هن جوڙ ۾ ويٺل ٻن پتڪڙن ساٿين معظم علي
جويو ۽ نويد ميمڻ سان اوهين پاڻمرادو متعارف ٿيل
آهيو. هڪ اوهان جو پوٽو ۽ ٻيو ڏوهٽو آهي. ٻئي
چوٿين پرائمريءَ ۾ پڙهن ٿا.
* سائين آخر ۾ آءٌ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندس. منهنجو
نالو ذيشان پرويز ميمڻ آهي. والد صاحب ڊاڪٽر آهي.
مئٽرڪ ۾ زير تعليم آهيان. نصابي توڙي هم نصابي
سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي، پنهنجي اسڪول جي
نمائندگي ڪندو رهندو آهيان. ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“
جا ڪتاب پڌرا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ساٿي اسرار شام جي
سرواڻيءَ ۾، ٻارن جي ادب جي اوسر ۾ ڀاڱي ڀائيوار
ٿيڻ لاءِ، پڪي ارادي سان ميدان ۾ لٿو آهيان.
سائين! هاڻ اسان جا ساٿي توهان جي ننڍپڻ جي حوالي
سان، توهان سان باضابطي انٽرويو ڪندا.]
صنم نوراني: سائين! سڀ کان پهريائين مهرباني ڪري
پنهنجي ابتدائي تعليم جي باري ۾ ٻڌائيندا ته،
ڪهڙين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪري، علمي ادبي دنيا ۾
هيڏو وڏو مرتبو حاصل ڪَيو؟
محمد ابراهيم جويو: امان! ٻن سالن جي عمر جو هئس
ته 1914ع – 1918ع واريءَ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي
نتيجي ۾ وڏي بيماري پيئي، جنهن ۾ بابا سائين فوت
ٿي ويو. بابو سائين هاري هو. غريب هئاسين، مون تي
ڏاڏا سائينءَ شفقت جو هٿ رکيو، ۽ ڏاڏيءَ سانئڻ ڳوٺ
جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريو.
انگريزي پڙهڻ جو وارو آيو ته محترم سائين جي. ايم.
سيد جي مهربانيءَ هيٺ پهرين سندن شهر سن ۾ ۽ پوءِ
سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيس. اُن وقت بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ٿيندا هئا. محنت ڪري پڙهيس،
ته دادو ضلعي ۾ مئٽرڪ ٻئي نمبر تي پاس ڪيم، ائين
ويهه روپيا ماهوار اسڪالر شپ، مٿي ڪاليج ۾ پڙهڻ
لاءِ، حاصل ڪيم.
صنم: اوهان جي ننڍپڻ ۾ مذهب سان وابستگي ڪيتريءَ
حد تائين رهي؟
م. ا. جويو: ننڍي هوندي نماز پڙهندو هئس. ان وقت
نمائشي مذهب نه هوندو هو، جيئن اڄڪلهه آهي.
پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين نماز باقاعدي پڙهيم.
ڪاليج لائيف ۾ اچڻ کان پوءِ به نماز کان چڙ نه
هوندي هيم ۽ نه هاڻي اٿم.
صنم: موجوده سائنسي دؤر ۾ ٻاراڻي سنڌي ادب جي
اهميت اوهان جي نظر ۾ ڪيتري آهي؟
م. ا. جويو: ٻاراڻو ادب تمام اهم آهي. اسڪول ۾
اوهين جيڪي پڙهو ٿا، اُهو به ٻاراڻو ادب آهي. ادب
رڳو شعر، ناٽڪ ۽ ڪهاڻين وغيره جو نالو نه آهي،
اُنهن کي ”خالص ادب“ چئبو آهي. علمي لحاظ کان
تاريخ، جاگرافي ۽ سائنس وغيره به ادب آهي. ان کي
اوهين ”سائنسي ادب“ چئي سگهو ٿا. ٻارن لاءِ ائين
هر طرح جي ادب جي ضرورت آهي، جا اوهان جي وڏن کي
پوري ڪرڻ کپي.
صنم: وڏا اديب ٻاراڻو ادب تخليق نٿا ڪن، تنهنڪري
اهڙن اديبن کي ٻارن جو ڏوهاري ڪوٺڻ درست ٿيندو يا
نه؟
م.ا. جويو: هر اديب کي مختلف صنفن تي لکڻ جو
پنهنجو پنهنجو ذوق آهي. ڪو ڪنهن صنف ۾ نٿو لکي ته
ان کي ڏوهاري چوڻ صحيح نه ٿيندو. ها، کين ٻاراڻي
ادب لکڻ تي آماده ڪري سگهجي ٿو. اِن خيال کان وڏو
فرض حڪومت جو آهي ته ٻاراڻو ادب لکائي شايع ڪرائي.
صنم: مشهور فرانسيسي ليکڪ ”روسو“ جو ٻارن بابت
لکيل ڪتاب ”اِيمل آر ايڊيوڪيشن“ اوهان، ورهاڱي کان
اڳ، ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري ”ايملي“ جي نالي سان ترجمو
ڪري ڇپايو هو؟
م. ا. جويو: اُن وقت آءٌ سنڌي استادن جي ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهائيندو هوس. اُتي روسو جا
تعليمي ۽ تدريسي اصول به پڙهائڻا پوندا هئا.
تنهنڪري مون پنهنجي ليکي فيصلو ڪيو ته دنيا جي
تعليمي ماهرن تي هڪ هڪ ڪتاب تيار ڪندس. پهرين مون
”ايمل“ جو اِهو خلاصو (تلخيص يا تت) لکيو، ان کي
اسي صفحن ۾ آندم، ته جيئن استادن لاءِ وڌيڪ تعليمي
فلسفي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. ٻيو ته
روسو جا خيال مون کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا مفيد
محسوس ٿيا پئي! ۽ خاص طرح ٻارن جي مائٽن لاءِ به
اُهي مون کي تمام فائدي جا ۽ ڪمائتا ڏسڻ ۾ آيا.
مثال طور ڪتاب ۾ آهي ته ٻارن سان محبت ۽ پيار سان
پيش اچجي. جسماني سزا ڏيڻ ته ٺهيو کين دڙڪو به نه
ڏجي. ٻار پنهنجي خوشيءَ سان ۽ شوق سان ائين پڙهن
جيئن راند پيا ڪن. پوءِ هيءُ ڪتاب بي- اي جي سنڌي
ڪورس تي به ڪيئي سال رهيو. ۽ مون کي معلوم آهي ته
اُن جو سنڌ جي ادب ۽ فڪر تي عام طرح به گهڻو اثر
ٿيو.
جمشيد ميمڻ: سائين! اوهين ههڙي لاڀائتي ڪتاب کي
ٻيهر ڇو نٿا ڇپايو؟
م. ا. جويو: ايمليءَ جا چار ڇاپا اڳ ڇپجي چڪا آهن.
هاڻ اُن جي پنجين ڇاپي آڻڻ جو به خيال اٿم. ساڳيءَ
طرح يونان جي مڃيل پهرئين تعليمي ماهر ۽ فيلسوف،
پلو ٽارچ، جو ڪتاب ”تعليم“ به مون ترجمو ڪري چار
ڀيرا ڇپايو هو. هيءُ دنيا جو اهو سڄاڻ تعليمي ماهر
هو، جنهن پهريون ڀيرو دنيا ۾ تعليم جا ”رهنما
اصول“ متعارف ڪرايا. هن قصا ۽ ڪهاڻيون به لکيون.
پلوٽارچ حضرت عيسيٰ کان ٻه ٽي سؤ سال اڳ جو هو.
سندس ٻئي ادبي ۽ تاريخي مواد جي آڌار تي انگريزيءَ
جي وڏي اديب ۽ شاعر شيڪسپيئر بهترين ڊراما پڻ
لکيا.
جمشيد: اوهان هيستائين ٻارڙن لاءِ ڪهڙا ۽ ڪيترا
ڪتاب لکيا؟
م. ا. جويو: سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هئس ته
1959ع ڌاري ڪوشش ڪري ماهوار رسالو ”گل ڦل“ جاري
ڪرايم. اُن جي پهرئين پرچي جو مهاڳ به مون لکيو.
اتي وڌ ۾ وڌ ٻاراڻي ادب کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪيم.
سنڌيءَ ۾ ٻارن جا اڳ شايع ٿيل پراڻا اڻ لڀ ڪتاب ۽
مرزا قليچ بيگ جا جيڪي به ٻارڙن لاءِ ڪتاب لکيل
هئا، سي ڪيئي ڀيرا شايع ڪرايم. جرمن ليکڪ گِرِم
جون مشهور ٻاراڻيون ڪهاڻيون اُتان سنڌيءَ ۾ پڌريون
ٿيون. پنهنجي سنڌ جون سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، خاص طور
ٻارن جون، اُتي گڏ ٿيون ۽ ڇاپيون ويون.
سنڌيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”گل ڦل“ جيڪو
ٻاراڻو ادب پيدا ڪيو آهي، اوهو اسان جو وڏو ڀاڳ
آهي. مون پاڻ ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ جي نالي سان ڪتاب
لکيو. ان ۾ چار آکاڻيون ٻارن لاءِ لکيم. ٻيا
ٽيهارو کن ٻارن لاءِ درسي ڪتاب پڻ منهنجا لکيل
آهن.
جمشيد: مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اوهان جا خود
ٻارڙن لاءِ لکيل يا لکرايل ڪتاب ٻارڙن جي هٿن
تائين پهتا يا نه؟
م. ا. جويو: مون جن لاءِ لکيو، انهن تائين اهي
ڪتاب ضرور پهتا. ڇو ته ڪوبه ليکڪ ڪتاب لکي پاڻ وٽ
رکي ڪونه ڇڏيندو آهي.
ازانسواءِ ڪيترن شاعرن کي به منٿون ڪري ٻارن لاءِ
شعر جا ڪتاب لکرايم. انهن مان ٻه ته ”سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگت“ پاران پڻ شايع به ڪرايم.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ پير پائڻ شرط ”گلن جي ٽوڪري“
ڇپايم ۽ ٻيو هڪ منهنجو ننڍي هوندي جو پڙهيل ڪتاب،
ڪوشش ڪرڻ سان به، ”گلدستو“، هٿ نه اچڻ ڪري ٻيهر
ڇپجڻ کان رهجي ويو.
جمشيد: سائين! اڄڪلهه سنڌ جي سطح تي ڪافي ٻاراڻيون
تنظيمون ڪم ڪن پيون، انهن جي گڏيل ڪارڪردگيءَ جي
ٻاري ۾ اوهان ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟
م. ا. جويو: ٻارن جون تنظيمون ٺهڻ چڱو ڪم آهي. پر
آءٌ ان ۾ نقصان به ڏسان ٿو. هئڻ ته ائين گهرجي ته
پاڻ وڻائڻ، پڏائڻ ۽ نمائش ڪرائڻ بدران، ٻارن کي
پنهنجو سمورو ڌيان پڙهڻ ڏانهن ڏيڻ گهرجي. هنن جون
سموريون سرگرميون اسڪول جي دائري اندر هئڻ گهرجن.
رانديون ڪن، ناٽڪ رچائين، ڊبيٽون ڪن ته سٺو،
پڪنڪون ملهائڻ لاءِ مريءَ ويا لاهور وڃي غريب
والدين جا پئسا ضايع ڪرڻ بجاءِ استادن جي
رهنمائيءَ ۾ ٿر گهمن، لاڙ وڃن؛ سنڌوءَ جي ڪناري جو
سير ڪن؛ سنڌ جا ٻيلا ڍنڍون ۽ سمنڊ گهمن، پنهنجي
ديس جو مشاهدو ڪن. پنهنجي سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو پکي
پکڻ، چرند پرند، گل ٻوٽا ۽ جيت جناور ڏسن وائسن ۽
انهن سان دوستي ڪن.
ڏسو نه! ٻارن جي گهڻين تنظيمن طرفان گهڻا ساليانا
جلسا ٿين ٿا، جن ۾ هو شهرت جي بکين ماڻهن، سياسي
ليڊرن ۽ سرڪاري ڪامورن کي گهرائين ٿا. جنهنڪري
سڀني تنظيمن ۾ صحتمند چٽا ڀيٽيءَ جو رجحان پيدا
ٿيڻ بجاءِ منجهن حسد ۽ ضد پيدا ٿين ٿا ۽ خود
غرضيون ۽ لالچون وڌن ٿيون. اهڙي لاڙي پيدا ٿيڻ ڪري
ٻارن جي سگهه ورهائجي وڃي ٿي، جيڪا مستقبل لاءِ
هاڃيڪار آهي. اهڙي عمل ڪري ٻار، علم ۽ ادب کان
ڪٽجي، رقابت ۽ عداوت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا!
عاشق حسين: سائين! اوهان جي تجربي جي روشنيءَ ۾
ٻاراڻو ادب ٻارن جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ والدين،
اديب ۽ استاد ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟
م. ا. جويو: استاد ۽ والدين کي ٻاراڻو ادب خريد
ڪري ٻارن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ کپي. هو ٻاراڻي
ادب کي چَٽي نه سمجهن، پر ٻارن جي ذهني تربيت جو
هڪ وسيلو سمجهن. خاص طرح استادن کي تعليم ڏانهن
پنهنجي رويي کي بدلائڻ گهرجي.
عاشق: اوهان ننڍپڻ غربت ۾ گذاريو، سنڌ جي مثالي
درسگاهه ”سنڌ مدرسي“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. دوران
تعليم اوهان هندو سيٺين جي ٻارن (شاگردن) کي اوچا
ويس وڳا پائيندي ڏسي، ڇا محسوس ڪندا هئا؟
م. ا. جويو: بابا! اُن وقت هندن مسلمانن ۾ ڪوبه
فرق نه هوندو هو. هندو سيٺين جا ٻار اوچا ڪپڙا
پائيندا هئا ته شاهوڪار مسلمانن جا ٻار به اوچا
ڪپڙا پهريندا هئا. منهنجي دل ۾ ڪڏهن به مهانگي يا
اوچي ڪپڙي پاتل ٻار کي ڏسي حسد نه ٿيندو هو ۽ نه
هَوَس ئي ٿيندي هئي. ان جو سبب شايد اهو به هوندو
هو ته پڙهڻ ۾ گهڻو هوشيار هوندو هئس ۽ منهنجو من
اُن ۾ خوش رهندو هو.
اسان جا هندو توڙي مسلمان استاد ڪڏهن ڀلجي به اهو
اشارو يا فرق نه ڪندا هئا ته ڪو ٻار غريب آهي يا
شاهوڪار، ڪو هندو آهي يا مسلمان. البت ننڍپڻ کان
ئي مسلمان زميندارن ۽ پيرن کي مان ڌڪاريندو هئس،
ڇو ته اسان غريبن جون بي عزتيون ۽ اسان تي زور ظلم
۽ زيادتيون اُهي ئي ڪندا هئا، اسين اُنهن جا ئي
ڏکويل ۽ آزاريل هئاسين.
عاشق: توهان ننڍپڻ کان وٺي هن عمر تائين، ڪيترا
ڪتاب مطالعي هيٺ آندا آهن؟
م. ا. جويو: پورو تعداد معلوم نه آهي. اندازي طور
سمجهان ٿو ته هزار پندرهن سؤ کن ڪتابن جو اڀياس
ڪيو هوندم. هونئن اڌو گابرو ته ڪيئي ڪتاب پڙهيا
هوندم.
بمبئيءَ ۾ پنهنجي هڪڙي استاد کان پڇيو هوم ته
”سائين پڙهان گهڻو ئي ٿو پر ياد رهيم ئي نٿو!“
سائين، جنهن جو نالو پروفيسر ڪار هو، مدراسي هو،
ڏاڍو مزيدار جواب ڏنو هو. چيائين ”گهڻو پڙهجي، ان
مان سڀ وسري وڃي، باقي جو ماڻهوءَ وٽ بچي، تعليم
ماڻهو جي اصل ۾ اهائي آهي!“
عاشق: اڄ جي نئين نسل مان اوهين ڪهڙيون اميدون رکو
ٿا؟
م. ا. جويو: پڙهي لکي ڏاهپ جا صاحب ٿين. ڌرتيءَ جي
مسئلن کان واقف ٿي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪن،
انسان ذات جو خير گهرن، سڀني ساهوارن سان پيار ڪن
۽ سڄيءَ ڪائنات جا پاڻ کي ”ذرڙا“ سمجهن.
رياض احمد: سائين! ننڍپڻ ۾ ابتدائي تعليم دوران
اوهان سان گڏ جيڪي شاگرد پڙهيا، انهن مان ضرور ڪي
اهڙا به ٿي گذريا، جن اڳتي هلي نالو ڪڍايو هجي؟
م. ا. جويو: ڪيئي هوندا، هر ڪو پنهنجي ننڍي وڏي
دائري ۾ وَسَ ڪري ٿو. همڪلاسين ۽ ذاتي دوستن ۾
حڪيم محمد احسن ڪراچيءَ جو ميئر ٿيو، هڪ ڊيسڪ تي
ويهندا هئاسين. مرحوم دين محمد لاکائي به ٻه سال
کن مون سان گڏ هاسٽل ۾ رهيو، جيڪو اڳتي هلي ڪامياب
وڪيل ثابت ٿيو، جيڪو هن اوهان جي ساٿياڻيءَ ۽ اسان
جي ننڍڙي امڙ صنم نورانيءَ جو نانو هو. ٺٽي جو
غلام عباس ميمڻ، پاڪستان پوسٽ کاتي جو وڏو عملدار
ٿيو. بختيار پور جو جان محمد قريشي نامور ڊاڪٽر
بڻيو وغيره وغيره.
رياض: سائين! اهو عجيب اتفاق چئبو ته اوهان سنڌ
مدرسي ۾ شاگرد جي حيثيت سان تعليم پرائي، ته وري
ساڳئي مدرسي ۾ استاد طور ٻارڙن کي به پڙهايو. هاڻ
ڀلائي ڪري چند پنهنجن اهڙن شاگردن جا نالا به
ٻڌايو، جيڪي اڳتي هلي وڏيون شخصيتون ٿي اُڀريا؟
م. ا. جويو: رسول بخش پليجو، غلام مصطفيٰ خان
جتوئي، ڊاڪٽر آفتاب قريشي، جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ،
سرجن علي محمد انصاري، غلام علي ميمڻ وڪيل، شمشير
الحيدري، ع. غ. ميمڻ ۽ ابن حيات پنهور وغيره
وغيره.
رياض: سائين! اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته هر دؤر ۾
مثالي شاگردن جا استاد به نامور ٿي گذريا آهن،
اوهان به پنهنجي دؤر جا بلاشبه نالي وارا استاد ٿي
رهيا. مثالي شخصيتون پيدا ڪَيوَ. پوءِ هڪڙو سبب
آهي، جو خدمتن جي اعتراف طور بجاءِ تمغن ۽ اعزازن
ڏيڻ جي، تڏهوڪي سنڌ جي وزير تعليم پير الاهي بخش
اوهان جي مورڳو نوڪري ئي ختم ڪري ڇڏي؟
م. ا. جويو: مون 1947ع جي اوائل ۾، انگريزيءَ ۾ هڪ
ڪتاب. ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو- سرمائيدارن کان،
زميندارن کان ۽ انهن جي فرقيوارانه ذهنيتن کان“
لکيو ۽ شايع ڪرايو هو، ان وقت مسلم ليگ جو زور هو.
سنڌ جي مسلمانن ۽ سنڌي قوم جيڪا تاريخي طور
آزاديءَ جي حقدار هئي، ان کي غلاميءَ جي نوڙ ۾ ٻڌو
پئي ٿي ويو ۽ سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ ڏڦيڙ وڌا پئي
ويا.
”سنڌ مدرسي بورڊ“ جو چيئرمن پير الاهي بخش سنڌ جو
وزير تعليم هو.
بس! حق جي ڳالهه ڪرڻ تي بي روزگار ٿيس ته: ”سنڌ کي
پاڪستان ۾ آڻڻو اٿو ته برابريءَ جي شرط تي ائين
ڪيو.“
انهن حالتن ۾ منهنجو وڏو پٽ منور علي جويو ڄائو.
سورنهن مهينن جو ٿيو ته سندس والده بيماريءَ ۾ فوت
ٿي ويئي. اهڙيءَ اوکي ويل ۾ ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو
چيئرمن، حاجي موليڏنو عباسي، جيڪو وڏو قومپرست ۽
بهادر ماڻهو هو، هلي مون وٽ آيو، ۽ پنهنجي ميونسپل
هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب جي انڊيا وڃڻ ڪري،
ٻه سؤ رپيا ماهوار پگهار تي مون کي نوڪريءَ ۾
رکيائين.
رياض: جيئن ته نوڪرين ۾ بدليون سدليون به ٿينديون
رهنديون آهن. اهڙين تبديلين دوران، اوهان جي اولاد
جي تعليم ۽ تربيت تي ڪهڙا اثر پيا؟
م. ا. جويو: ڏور رهڻ ڪري وڏو پٽ منور عليءَ جي
تعليم تي خاص اثر پيو. باقي ٻين ٻارن جي تعليم ۾
ناغو نه ٿيو. ڪوبه ڪڏهن ڪنهن امتحان ۾ ناپاس نه
ٿيو. مون منور جي ڪري ئي ٻي شادي ڪئي. جنهن به ٻار
جي ماءُ گذاري وڃي ٿي، ان کي ڪيترو به پيار ڏجي پر
ماءُ کان وڇڙيل ٻار جي طبيعت گهڻي ويڳاڻي ٿيندي
آهي. اهڙيءَ حالت ۾ منور جي پڙهائيءَ تي به اثر
پيو. نيٺ هڻي ڌُڻي ان به مئٽرڪ ۽ بي- اي پاس ڪئي ۽
پريس لائن ۾ داخل ٿيو. اڳتي هلي ايڏو ماهر ٿيو، جو
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي به پريس ماهر آهن، انهن مان هڪ
هيءُ شمار ٿئي ٿو. ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ جا
سمورا ڪتاب مشهور ڪاليجن جا مئگزين ۽ روزانه
”عبرت“ اخبار جي ڇپائي، سانده 23 سال منور جي
نگرانيءَ هيٺ ٿيندي رهي. ان کان سواءِ ماهوار
رسالي ”نئون نياپو“، هفتيوار اخبار ”ڪچهري“ ۽
”هلچل“ جو ايڊيٽر ۽ ”عبرت“ اخبار ۾ هفتيوار شايع
ٿيندڙ شاگردن جي صفحي جو انچارج پڻ رهي چڪو آهي.
منهنجا ٻيا ٽيئي پٽ مظفر علي، محبوب علي ۽ منصور
علي ڪاميابيءَ سان پڙهيا، پهريان ٻه اڄ انجنيئر
آهن ۽ ٽيون ڊاڪٽر ٿيڻ وارو آهي. منهنجون ٻه ڌيئرون
نيلوفر ۽ نرگس به انٽر تائين پڙهيون ۽ عزت ڀري خوش
زندگي گذارين ٿيون.
چيتن سوٽهڙ: سائين! جيئن ته اوهين تعليم کاتي ۾
استاد کان وٺي آفيسر جي عهدي تائين فائز رهيا.
مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اوهان پنهنجي دؤر ۾
تدريسي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪهڙا تڪڙا ۽ عملي
اپاءَ ورتا؟
م. ا. جويو: ٽريننگ ڪاليج ۾ مون جيڪو وقت گذاريو،
اُن دوران تدريسي واڌاري لاءِ ڪتاب لکيم ۽ محنت ۽
ذوق سان استادن کي پڙهايم. جڏهن انسپيڪٽر آف
اسڪولس ٿيس ته عملي طور استادن جي ويجهو آيس ۽
روبرو ڪچهرين ۾ سرڪيولرن ذريعي سمجهاڻيون جاري
ڪندو هئس، ۽ انهن جي ڪم تي نظر رکندو هوس، ۽ عقل ۽
انصاف جي بنياد تي انتظامي مسئلن جا ترت ۽ از خود
فيصلا ڪندو هوس.
ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليم ۽ بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ٽيڪسٽ
بڪ بورڊ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر ٿيس ته به هر
حالت ۾ پنهنجو فرض وسيع قلب، روشن ذهن، بي غرضي ۽
بي خوفائيءَ سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
چيتن: اڄڪلهه ٻارڙن ۾ ڪاپي (نقل) ڪرڻ جو لاڙو
وڌندو پيو وڃي. بحيثيت هڪ استاد جي ان جو ڪارڻ
اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟
م. ا. جويو: منهنجي خيال ۾ ان جا سڌا ۽ پهريان
ذميوار اسڪولن جا هيڊ ماستر صاحب ۽ استاد آهن.
اُهي انتظام ڏانهن پورو ڌيان نٿا ڏين ۽ هرگز هرگز
پورو نٿا پڙهائين.
چيتن: اوهين موجوده تعليمي نظام کان ڪيتري قدر
مطمئن آهيو؟
م. ا. جويو: بلڪل مطمئن نه آهيان!
ڪيترا اسڪول آهن، جتان جون حالتون چوڻ کان بدتر
آهن. تمام ڪي ٿورا اهڙا اسڪول آهن جتي استاد ايمان
جي سلامتيءَ سان ٻارڙن کي پڙهائين ٿا. اڄ جي هن
نظام تعليم ۽ اُن جي ڪارڪردگيءَ ۾ انقلابي تبديلين
جي ضرورت آهي.
چيتن: جيئن ته منهنجو واسطو ٿر سان آهي، ۽ ٿر ۾ هن
وقت ڏيل ڏڪائيندڙ ڏڪار آهي، وڏن سان گڏ کير پياڪ
ٻارڙا به اجل جو شڪار ٿين پيا، اهڙين حالتن ۾ اسان
جي سنڌي اديبن کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
م. ا. جويو: سنڌي اديب باشعور آهن. ان ڪري مٿن
وڌيڪ فرض عائد ٿو ٿئي ته قلم ذريعي پنهنجي ملڪ ۽
ماڻهن جو ۽ سڄيءَ دنيا جو ڌيان ٿر جي حالتن ڏانهن
ڇڪائين. وڌيڪ عملي طرح به انهن جي سهائتا ۾ حصو
وٺي سگهن ٿا.
نويد ميمڻ: لالا بابا! اوهان جي ذاتي لائبريريءَ ۾
ڪتابن جو تعداد ڪيترو آهي؟
م. ا. جويو: اٽڪل 3 هزار ڪتاب ٿيندا. جنهن ۾ ڏيڍ
هزار کن سنڌيءَ ۾، هزار کن انگريزي ۾ ۽ باقي اردو،
عربي ۽ فارسي زبانن ۾ آهن.
نويد: اوهان جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن مان
توهان جو وڻندڙ ڪتاب ڪهڙو آهي؟
م.ا. جويو: ڪتاب ته سڀ سٺا آهن. پر ڪتاب ”علم
تدريس مظلومن لاءِ“ ۽ ٻيو ڪتاب، اوهان ٻارڙن جي
خيال کان ”ٻارڙن جو مسيح“ وڌيڪ پسند اٿم.
نويد: ننڍپڻ ۾ اوهان جي آئيڊيل شخصيت ڪهڙي هئي؟
م. ا. جويو: منهنجو پهريون مانوارو استاد سائين
ٽيڪن مل.
معظم علي جويو: ڏاڏا بابا! بابا ٻڌائيندو آهي ته
کيس اوهان ۽ اوهان جي دوست ”ايملي“ جي نالي سان
سڏيندا هئا، ٻڌايو ته بابا کي انهيءَ نالي سان ڇو
سڏيندا هئا؟
م. ا. جويو: ٽريننگ ڪاليج واري زماني ۾ منور چئن
سالن کن جو هو ۽ سدائين ساڻ رهندو هوم. مطلب ته
اسڪول، گهر ۽ شهر ۾ گڏ ئي گڏ هوندو هو، اُنهن
ڏينهن ۾ مون ”ايملي عرف تعليم“ ڪتاب لکيو.
”ايملي“ جي پوش
(Cover)
تي گلن ۾ بيٺل ٻار جي شڪل ڏنل هئي. ڪتاب جي ارپنا
منور جي ماءُ جي نالي تي ڪيل هئي. دوستن سمجهيو ته
اها منور جي تصوير آهي. تنهنڪري سمورن دوستن منور
کي ”ايملي“ جي نالي سان سڏڻ شروع ڪري ڏنو.
معظم: توهين پنهنجي ٻارن کي گهمائڻ وٺي ويندا هئا؟
م. ا. جويو: هائو! موقعي ملڻ تي اسڪولن ۾، شهر ۾ ۽
ٻاهر ڳوٺن ۾ گهمائڻ وٺي ويندو هئس. سڀ کان گهڻا
شهر مون سان گڏ اوهان جو چاچا مظفر گهميو.
معظم: اوهان سنڌي قوم جي ٻارن لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي؟
م. ا. جويو: مون دل سان دعائون گهريون آهن ته
پڙهن، لکن، صحتمند رهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ
گهڻو ڪم ڪن.
استاد، اديب ۽ والد طور هزارين سنڌي ٻارڙن ۽ جوانن
کي به انهيءَ آس سان پڙهايو پئي اٿم ته اڳتي هلي
سنڌ ڌرتيءَ جو نالو ڪڍن.
ذيشان: سائين! اسان کي اُهو ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي آهي
ته اوهان ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جا ڇپايل ڪتاب
مطالعي هيٺ آندا آهن. مهرباني ڪري انهن متعلق ٻه
اکر راءِ جا ڏيندا ته رهنمائي ٿيندي؟
م. ا. جويو: ڪتاب تمام گهڻا وڻيا اٿم. ڪتابن جو
سهيڙيندڙ اسان جو نوجوان دوست اسرار شام شابسون
لهڻي. کوڙ محبت ڪئي اٿس. ڪوبه ڪتاب ڪڍڻ چوڻ ۾ سولو
ڪم آهي، پر ان کي تيار ڪري منظرعام تي آڻڻ بيحد
اوکو عمل آهي. اسرار کي ڏاکڙا سهي به باقاعدگيءَ
سان ٻارڙن لاءِ ڪتاب ڪڍڻُ گهرجن. هن سٺا ڪتاب ڪڍيا
آهن. اميد ته اڃا وڌيڪ سٺا ڪتاب لکندو ۽ لکائيندو
۽ ڇپائي اسان کي باقاعدي ڏيندو رهندو.
ذيشان: سنڌ جي ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام؟
م. ا. جويو: پنهنجي فرض کي سڃاڻن. محنت ڪري پڙهن.
عظمت ماڻي سجاڳيءَ سان سوچين ته سنڌ اسان جو ديس
اسان کان ڇا ٿو طلبي؟
(نوٽ: هيءُ پئنل انٽرويو 22-8-1987ع تي سائين محمد
ابراهيم جويو جي گهر واقع صحافي ڪالوني، سامهون
سينٽرل جيل حيدرآباد، ۾ ٽاڪ منجهند جو ورتو ويو.
انٽرويو طويل هئڻ ڪري ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ جي هن
پرچي جا ڪجهه صفحا وڌايا ويا آهن. – سهيڙيندڙ)
[”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“
ڪتاب چوٿون، سال 1987ع]
انٽرويو
منهنجو نالو: محمد ابراهيم محمد خان جويو.
منهنجي سڃاڻپ: منهنجو ڪم، منهنجو سڀاءُ.
ڄمار: ٻياسي ورهيه.
برج/ستارو: ”برجن ۽ ستارن“ ۾ منهنجو ويساهه ڪونهي.
ڌنڌو: ڄاڻڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ.
عهدو: سيکڙاٽ
منهنجي ڪاميابي: جيئن پوءِ تيئن وڌندڙَ.
منهنجي ناڪامي: ڪڏهن نه، ڪابه نه. سوچ ۽ سمجهه
ڀرئي ارادي ۽ وس ڀر ڪوشش سان نتيجي، ڀلي يا بري،
کي هڪ تجربو ئي پئي سمجهيو اٿم.
شادي: ٻه شاديون ڪيم.
ٻار: چار پٽ، ٻه نياڻيون.
پسند اٿم، اهي ماڻهو: جيڪي سوچ ۽ سمجهه تي ڀاڙيندڙ
هجن، عقل کي پنهنجي راهه جي روشني سمجهن، يعني
عاقل، عقلمند ۽ معقول ماڻهو پسند اٿم.
نفرت: نفرت ڪنهن سان ڪانه اٿم، البت عقل کان ڪم نه
وٺندڙ ماڻهو منهنجي ناپسند جا ماڻهو آهن.
خواهش اٿم ته: سنڌ ۽ سنڌي قوم کي آزاد ڏسان.
شغل
(Hobbies):
ڪتاب پڙهڻ ۽ راڳ ٻڌڻ، ۽ ماڻهن کي رانديون ڪندي
ڏسڻ.
زندگيءَ جو نه وسرندڙ واقعو: ڪو هڪڙو واقعو نه پر
انيڪ اهڙا واقعا آهن، جيڪي مون لاءِ نه وسرندڙ
واقعا آهن. انهن مان هڪڙو واقعو آهي: بمبئيءَ ۾
ڪامريڊ ايم. اين. راءِ سان منهنجو ملڻ.
افسوس اٿم ته: 1947ع، آگسٽ جي مهيني ۾ سنڌ ۽ سنڌي
قوم کي آزادي نه ملي.
مستقبل لاءِ پروگرام: ڪو خاص نئون پروگرام ڪونه
اٿم. زندگيءَ جو پروگرام لاڳيتو ۽ جاري آهي.
واندڪائي ۾ ياد ايندا اٿم: مائٽ، دوست ۽ ساٿي،
جيڪي گذاري ويا آهن ۽ جيڪي حال حيات آهن.
وڻندڙ شعر: راڳ جي صورت ۾ شاعري ڏاڍي وڻندي اٿم.
هونئن به وڻندڙ شعر هر روز نئين کان نوان ٻڌبا
رهبا آهن ۽ پڙهبا رهبا آهن. هڪڙا وسرندا آهن ته
ٻيا ياد. اڄ ڪلهه شاهه جي وائيءَ جا ٽي شعر آهن.
جيڪي ڏينهن ٿيا آهن ته دل تان لهن ئي نٿا. اهي
اوهان جي پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڏيان ٿو.
اچي سار لهيج، ساجن! سور تنهنجي آءٌ ماري!
ڀري ڊڀن هٿڙا، دارون دوست ڪريج! ساجن، سور تنهنجي
آءٌ ماري!
سور تنهنجي جي مران، تان مون ڏوهه نه ڏيج! ساجن،
سور تنهنجي آءٌ ماري!
سُر يمن ڪلياڻ، 2 جي وائي آهي، پر منهنجي خيال ۾
مومل راڻي جي سُر سان هجڻ کپي.
منهنجو پتو: گهر نمبر 41- اي، صحافي ڪالوني،
حيدرآباد سنڌ.
[روزانه ”سنڌ پاڪ“، حيدرآباد سنڌ، آچر 15 جون
1997ع] |