”اکيون پَسي آئيون“
دين محمد اڪرم ٻورڙائي، دادو.
اسان جي سليم طبع ۽ سٻاجهي دوست، ميان دين محمد
’اڪرم‘ ٻورڙائيءَ جي ڪلام جو هيءُ مجموعو آهي، جو
’اکيون پسي آئيون‘ جي نالي سان پيش ٿي رهيو آهي.
حمد ۽ نعت جي الاتوهار سان هيءُ مجموعو پنجن ڀاڱن
تي مشتمل آهي، جيئن ته غزل (جملي 36)، نظم (42)،
رباعيات (82)، قطعات (48) ۽ آخر ۾ ابيات (25).
سندن بيت ”سوني ڌرتي سنڌ جي“ عنوان هيٺ سرسامونڊي،
سر رامڪلي، سر سهڻي، سر سارنگ، سر سورٺ ۽ سر
گهاتوءَ جي ضمن ۾ رچيل آهن. قطعات ۾ حمديه ۽ نعتيه
قطعن کان پوءِ پاڻ تقوا. نيڪي، عزت، عمل، حيا،
بيداري، امانت، عقلمندي، ليڊر، غريب، حق، اناالحق،
محنت ڪش، آرياڻي، نوري نماڻي، بڊي جهڙا سانوڻ،
ڌاريا ۽ ڌُريا، عرش برين، الله منهنجو رهبر،
وغيره، جي عنوانن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندن
رباعيات جي بندش نون (9) جدا جدا بحرن ۾ ٿيل آهي،
جا شعري فن ۾ سندن استادانه استعداد جي ساک ڀري
ٿي. مجموعي ۾ نظمن جا موضوع به سندن فڪر رسا ۽
حسنِ انتخاب جي شاهدي ڏين ٿا، مثلاً: زماني جي
هوا، حصول زندگي، وطن سلامت، قيامت جو منظر، وقت
جي تقاضا، ديد تابائي، نگاهه مرد مؤمن، قوت
سڪندري، وصف ايماني، پنهنجي هستي، دل دريا، ادب ۽
علم جون ڳالهيون، اباڻن جا پکڙا، بهار بي خزان،
وغيره، جن سڀني بابت باذوق پڙهندڙن تي ”اکيون پسي
آئيون“ جي سبيل جا ذاتي ۽ مستند، شاعر جا القائي ۽
وجداني مشاهدات ۽ قلبي واردات هن مجموعي ۾ مرحمت
ٿيل آهن.
حضرت ”اڪرم“ ٻورڙائي سنڌي ادب جي هڪ محڪم شعري
روايت ۽ درايت جو پختو ۽ بزرگ شاعر آهي. سندن هن
بي بدل ڪاوش ۽ املهه پيشڪش تي اسان جي شعري عالمَ
جي ٽن والاقدر بزرگن – محترمي قبله حضرت الحاج
حافظ محمد احسن چنه صاحب، دوست مڪرم جناب احمد خان
”آصف“ صاحب، ۽ شعري علم و فن جي شهسوار، عزيزي
ميان عبدالقيوم ”صائب“- جا تقريظي نوٽ به شروع ۾
درج آهن.
هر ادبي ۽ فني شهپاري جي وٿ جي ڪٿ بالآخر اصحاب
حسن و دانش جي نقد و نظر تي موقوف هجي ٿي. انهيءَ
اميد ۽ اعتماد سان ته دلي اخلاص ۽ محبت جي هن
پيشڪش جو محل و منصب به ائين بقدر اصل مقرر فرمايو
ويندو، هيءُ مجموعو بنام ’اکيون پسي آئيون‘ سنڌي
ادب ۽ شعر جي نقطه نواز ڄاڻن ۽ پارکن آڏو حاضر آهي
–
گر قبول افتد زهي عز و شرف.
[1983ع]
چترليکا (ناول)
ڀڳوتي چرن شرما، سنڌيڪار: رشيد ڀٽي
اخلاقيات خالص هڪ سماجي علم آهي. اُن جو بنياد
انساني آزاديءَ تي ۽ اُن جو واسطو انساني زندگيءَ
سان آهي. اخلاقيات جي واسطي ۽ بنياد بابت ٻيو ڪو
ماورائي تصور فقط افادياتي اهميت جو، ۽ انهيءَ ڪري
تاريخي نوع جو، ۽ انهيءَ ڪري مائل بتبديل ئي ٿي
سگهي ٿو. اخلاقيات جي سڄي ارتقائي حقيقت اُن جي
اِن واسطي جي وسيع ۽ ارفع ٿيڻ جو مظهر رهي آهي.
ڪيتري قدر ڪنهن وقت انساني ارادو جبر کان آزاد ۽
پنهنجي اوسر ۽ تربيت ۾ پاڻ- وَهيڻو آهي، ڪيتري قدر
اُن جو وسيع کان وسيع تر عمل انساني زندگيءَ جي
امن ۽ عافيت جو سبب بڻجي ٿو – اخلاقيات جي سڄي
تشڪيل ۽ تربيت جو رخ توڙي رستو اِهو رهيو آهي ۽
ائين رهڻو آهي.
مذهبَ انساني تهذيب جي هن بنهه بنيادي ڳالهه يا
مسئلي، يعني اخلاقيات متعلق، پنهنجي فڪر ۽ عمل کي
رڳو مالداريءَ ۽ جنسيت (’زر، زمين ۽ زن‘) تائين
محدود پئي رکيو آهي - ۽ پنهنجي لاتعداد سالن جي
طويل تاريخ ۾ اُن جو حل يا رستو فقط ۽ فقط انهيءَ
زر، زمين، زن‘ جي ذاتي ملڪيت جي سرشتي ۽ اُن بابت
’منع ۽ اجازت‘ جي نظام هيٺ پئي ڳوليو آهي ۽ نافذ
ڪيو آهي، جنهن جي سَنَدَ ۽ پُشتي ارضي ۽ سماوي
’فرمانن‘ ۽ اُنهن جي تعميل لاءِ ’جزا ۽ سزا‘ جي
لوڀ ۽ ڊڄ جي رٿابندين تي ئي موقوف پئي رهي آهي.
انسان جي آزاد ارادي يا مرضيءَ جي عمل جو اِن ۾
گهڻو يا خاص ڪو دخل تسليم نه پئي ڪيو ويو آهي. اِن
ئي سلسلي ۾ تَرڪُ ۽ نفس ڪُشِي، تياڳُ ۽ تپسيا به
انساني ارادي يا مرضيءَ تي جبر جا ۽ آخر ۾ اُن جي
آڏو مُڪتي ۽ نجات جا پُرڪشش ۽ ڪافي ڪجهه سهل ۽
ڏيکاءَ وارا طريقائي پئي رهيا آهن.
پاپ ۽ پُڃَ، گناهه ۽ ثواب جي هِن تخصيص ۽ ضبط و
نظم کان، بهرحال، انساني عقل ڪڏهن به پوريءَ طرح
مطمئن نه پئي ٿيو آهي، ۽ اُن بابت سدائين ان جي
آڏو وڏا وڏا سوال پئي اُٿيا آهن، ۽ وقت جي قبوليل
۽ چالو اهڙن سڄن مانڊاڻن کي اُن وري وري ۽ يڪسر
پئي عدوليو ۽ رد ڪيو آهي، ۽ ظاهريت کان باغي بڻجي
۽ ’دَستور‘ جا ليڪا ڊاهي، وڏي واتِ، اِئين پئي
دانهيو ۽ پڪاريو آهي ته،
”اُهي ’لَنڊيون‘ لک لهن، جي ڏين ڏيهاڻي ڏَيهه کي،
سي ’سَتيوُن‘ ڪوهه ڪجن، جِي پنهنجو رکن پاڻ سين!“
هندي ٻوليءَ جو هيءُ عظيم ناول ’چترليکا‘ به
اهڙيءَ ئي هڪ دانهن، اهڙيءَ ئي هڪ پڪارَ تي ٻڌل
ناول آهي، جنهن جا ترجما دنيا جي ڪافي وڏين ٻولين
۾ ٿي چڪا آهن. اسان جي روشن ضمير ۽ سڄاڻ دوست،
محترم رشيد ڀٽيءَ، ڏاڍيءَ محنت ۽ پوري سليقي سان
اُن جو هيءُ سنڌي ترجمو ڪيو آهي. مون کي پڪ آهي ته
سنڌي ادب ۾ هِن ناول جو اضافو وڏو هڪ قدم شماربو ۽
اسان جي ادب دوست ساٿين لاءِ اُن جو مطالعو بيحد
دلچسپ ۽ مفيد ٿابت ٿيندو.
[1983ع]
”عروض جا اهڃاڻ“
ليکڪ ”صائب“
ارسطوءَ شاعريءَ (شاعريءَ جي فن) کي ’نقاليءَ جو
هڪ طريقو يا ڍنگ‘
("a mode of imitation")
سڏيو آهي- نقالي ’فطرت‘ جي، جنهن ۾ هُن ’زندگيءَ‘
کي به شامل ڪيو آهي.*
۽ ائين هُن ٻين لطيف فَنَن (رقص، موسيقيءَ ۽
مصوريءَ) کي به فطرت جي نقاليءَ جا ڍنگ سڏبو آهي.
شاعريءَ کي هو فطرت جي، ’لفظن‘ ۾ نقالي سڏي ٿو. ۽
ائين موسيقي ’سُرن يا آوازن‘ ۾، رقصُ بت جي چنچلتا
۾ ۽ مصوري رنگن يا ٻين ٺوس مادَن ۾ فطرت جي نقالي
سڏجي ٿي.
ڪُل فطرت يا اُن جي اڪثر جزن ۾ ٽن خصوصيتن جي
بهرحال موجودگي تسليم ٿيل آهي: رَسُ
(harmony)
يعني جزن جي موافق ترتيب، تار يا تالَ
(rhythm)
جنهن جو واسطو وقت جي اڪاين سان آهي، ۽ لَئي
(melody)
يعني سُريلائپ يا ترنم، لطيف فنن مان موسيقي ئي هڪ
فن آهي، جنهن ۾ فطرت جون اِئي ٽيئي خصوصيتون موجود
هجن ٿيون. (۽ ان ڪري موسيقيءَ کي ’ڪامل فن‘ چئجي
ٿو). مصوريءَ (چترڪاريءَ، مجسمه سازيءَ ۽ عمارت
سازيءَ) ۾ رسُ يعني جُزائين موافق ترتيب ته هوندي
آهي، پر ڇاڪاڻ ته اُن ۾ يڪجائيت ۽ سُڪون آهي،
تنهنڪري اُن ۾ تالَ توڙي لئي جي گنجائش ڪانه ٿي
ٿئي. رقصَ ۽ شاعريءَ ۾ رفتار ۽ رواني هئڻ سبب رسُ
سان گڏ خاص طرح تالَ اُنهن جي نمايان خصوصيت هجي
ٿي.
تالَ جو بنياد باضابطه وَرجاءِ تي هجڻ سبب، اُها
هر هنڌ، پڻ موسيقيءَ توڙي رقص ۽ شاعريءَ ۾، هڪ ئي
اصول هيٺ ڪم ڪري ٿي ۽ سڃاڻجي ٿي- يعني وقت جي
اڪاين جي ڳاڻيٽي (ماپي) يا ڳاڻيٽن (ماپن) ۾، پر
اُن جو نالو ۽ نظام يا سرشتو هر ٻوليءَ ۽ اُن جي
بنياد تي بيٺل هر سَڀيتا يا تهذيب ۾ جدا جدا ٿئي
ٿو، ۽ ڪافي پيچيدو هجي ٿو – جنهن جي سمجهڻ، سکڻ ۽
استعماليءَ کان سواءِ متعلقه سڀيتا جي متعلقه فن-
موسيقي، رقص يا شاعريءَ – جي نه تخليق ٿي سگهي ٿي
۽ نه اُنهن تخليقيل نمونن جِي ڪا شمار ۾ اچڻ جهڙي
ادائگي ئي ٿي سگهي ٿي.
اِن طرح اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي فن شاعريءَ جي
’تالَ‘ جي نظام جو نالو ’ڇند وديا‘ يا اُن جي
مُوجد مهارشيءَ مهاتما پنگل جي نالي پٺيان ’بنگل
گيان‘ آهي. اسان جي شعر جو سڄو ڪلاسڪي ذخيرو ۽
ڪافي حد تائين اسان جو جديد شعر – ڏوهيڙن، دوهن،
بيتن، وائين، ڪافين، گيتن وغيره ۾ - اُن ’ڇند
وديا‘ تي ٻڌل ۽ بيٺل آهي.
علم عروض، جنهن جي سڃاڻپ اسان جي محترم دوست
عبدالقيوم ’صائب‘ پنهنجي قابل قدر ۽ وڏيءَ محنت ۽
سجاڳ سوچ سان لکيل ڪتاب ”عروض جا اهڃاڻ“ ۾ ڏني
آهي. اُن جو سڌو ۽ اصلي واسطو، جيئن پاڻ به ڪتاب
جي ابتدائي مضمونن ۾ ڄاڻايو اٿن، عربي ٻوليءَ ۽
عرب تهذيب جي فن شاعريءَ سان آهي – جيتوڻيڪ اُهو
پوءِ فارسيءَ ۽ اردوءَ ۾ ۽، هڪ خاص دائري اندر،
سنڌيءَ ۾ پڻ، خاص طور عربيءَ يا فارسيءَ کان ئي ان
۾ ڌارئين قصيدي، مثنويءَ، غزل، رباعي ۽ نظم جي
صنفن لاءِ، قبوليو ويو آهي. ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ
جا اُهي محترم شاعر جيڪي شعر جي اُنهن صنفن ۾ طبع
آزمائيءَ جو ذوق رکن ٿا، اُنهن لاءِ هِن ڪتاب جو
مطالعو ۽ اُن تي ممڪن العمل عبورُ حاصل ڪرڻُ ازحد
ضروري آهي.
ذاتي طور، منهنجي لاءِ خاص خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ
آهي ته عربي اصناف شعر و سخن جي ميدان ۾ اسان جا
محبوب ۽ معزز سنڌي شاعر حضرات پنهنجي شعري ڪاوشن
جي پرک پروڙ ۽ صحت لاءِ سَنَدَ طور هيلتائين، جو
علم عروض تي لکيل ڌارين ٻولين جي ڪتابن ڏانهن رجوع
ٿيڻ لاءِ مجبور هوندا هئا، سي هاڻي اهڙي ضرورت
محسوس ڪانه ڪندا، ۽ اُن لاءِ اسان جي عزيز ۽ محترم
دوست، صاحبِ علم و فن ۽ قادر الڪلام شاعر جناب
”صائب“ صاحب جو لکيل هيءُ ڪتاب ”عروض جا اُهڃاڻ“
هر طرح هُنن لاءِ ڪافي ۽ تسلي بخش ثابت ٿيندو.
[22-6-1987ع]
ڪويتا
اسان وٽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جا لفظ ”ڪَوِتا“،
”ڪَوِيتا“، ”ڪَوِي“ آهن، پر اُهي اسين گهڻو ڪم
ڪونه ٿا آڻيون. ”ساميءَ“ اِهو لفظ ڪم آندو آهي:
ويدَ، پُرانَ، قرانُ، ڪَو، سڀني ۾ هڪُ سُوتُ،
سمجهي ڏس سامي چئي، لائي مَنُ مضبوط…
”ڪَوِتا“، ”ڪَوِي“ وغيره ”ڪَوِ“ اصل مان نڪتل آهن،
جنهن جي معنيٰ آهي ”کوٽڻ“، ”کوجڻ“، ”جانچڻ“ وغيره.
اسان وٽ لفظَ ”شعر“، .شاعري“، ”شاعرُ“ به آهن،
جيڪي ڌارينءَ ٻوليءَ جا آهن، پر اُهي اسين عام ڪم
ٿا آڻيون. اُنهن جي اصلَ، ”شعر“، جي معنيٰ به لڳ
ڀڳ اُهائي آهي، يعني ”ڄاڻڻ“، ”سمجهڻ“ وغيره.
اسان وٽ ٻيو به هڪ لفظ آهي، جيڪو اسين پنهنجي ”لوڪ
شاعريءَ“ جي رچيندڙڻ لاءِ ڪم ٿا آڻيون- يعني
”سُگهڙ“، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ”لوڪ شاعريءَ“
کي ”جهنگلي طرح جو شعر“ سڏيو آهي، يعني جهنگ جو
شعر، اُهو شعر جيڪو عام جهنگ جهر ۾ اڻ پڙهيل ۽
ٿورو ڪجهه پڙهيلَ به ٻڌَن ٿا ۽ ٻُڌائين ۽ ڳائين
ٿا. ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ ”رهنماي شاعريءَ“ ۾
سنڌيءَ جي سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف جي واين
لاءِ چيو آهي ته انهن مان ڪيئي بحر ۽ وزن تي
پوريون ٻڌل نه آهن، جنهن مان سندن مطلب شايد اهو
ئي هو ته اُنهيءَ ڪري اُهي ”شعر“ جي دفعي ۾ نٿيون
آڻي سگهجن. شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي ته شاهه
سائينءَ کي هڪ هنڌ ”سگهڙ“ ئي سڏيو آهي. انهيءَ ڪري
لفظ ”سگهڙ“ کي سمجهڻ اسان لاءِ لازم ٿئي ٿو.
هيءُ لفظ ”سُـ“ اڳياڙيءَ ۽ ”گهَڙَڻُ“ مصدر مان
”گهَڙُ“ يا گهڙيندڙُ“ اسم فاعلَ جو مرڪب آهي.
”سُـ“ اڳياڙيءَ جون ٽي معنائون اسان وٽ عام ٿيون
ٿيون، جن ٽنهي جو ”سُگهڙ“ لفظ ۾ موجود هجڻ اٽل
آهي: سُـ معنيٰ ”سهڻو“، ”سٺو“، ۽ ”سچو“: پهرينءَ
معنيٰ ۾ فن جي وصفن جو بيان، ٻيءَ ۾ خيال يا مطلب
جي مفيد يا ڪارائتي هجڻَ ۽ ٽيءَ معنيٰ ۾ ان جي سچي
يا صحيح هجڻ جو مفهوم موجود آهي. اِن خيال کان
”سگهڙ“ جو مطلب ٿيو سهڻا ٻولَ، سٺا يا مفيد ٻولَ ۽
سچا ٻول گهڙيندڙُ. ائين ”سگهڙ“ جي معنيٰ نه رڳو
ٻول پر ڪي به سهڻا، سٺا ۽ سچا فنپارا جوڙيندڙ يا
تخليق ڪندڙُ ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ لحاظ کان اسين جڏهن پنهنجن لوڪ شاعريءَ جي
رچيندڙن کي ”سگهڙ“ سڏيون ٿا، ته ان مان اسين انهن
جي اوتريءَ ئي بلڪ پاڻ وڌيڪ عظمت جو حق ادا ڪيون
ٿا جيترو اسين کين ”شاعر“ سڏي هوند ادا ڪري سگهون
يا ادا ڪرڻ چاهيون.
زير نظر سنڌي لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب اسان جي محترم
بزرگ فقير هدايت عليءَ جي ”سُگهَڙَتِ“ جو مجموعو
آهي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي فن جون تقريباً سڀئي صنفون
اسان کي ڏنيون اٿن، مثلاً بيت، ڪافيون، مداحون،
مولود، سينگار، مناقب، ڏور، ڳجهارتون، هنر وغيره.
پاڻ پنهنجي دور جي سنڌي سگهڙن جي صنف اول جا سرمور
هئا، ۽ پنهنجي هن املهه ڏات جي صورت ۾ اسان جي
ادبي تاريخ ۾ سدا حيات رهندا.
اسان کي فقير صاحب جي لائق فرزند حسين بخش، جيڪو
پاڻ به اڀرندڙُ سگهڙ آهي، ۽ پڻ سگهڙن جي مثالي
قدردان ۽ دلي خدمتگار ٻيڙي فقير مرحوم جي پٽ ميان
گل محمد، جيڪو به پنهنجي لائق پيءُ جي نقش قدم تي
هلندي سنڌي ٻوليءَ جي سگهڙن جو اڄ اهڙو ئي خادم
آهي، تن ٻنهي پنهنجن عزيز نوجوان دوستن جو شڪر
گذار رهڻ گهرجي، جن جي همت ۽ ڪوشش سان، سنڌي لوڪ
ادب جو هيءُ بي بها تحفو، هنئين سان مانڍڻ جهڙو،
اسان جي هٿن تائين پهچي سگهيو آهي. شال فقير هدايت
علي مرحوم جي روح کي خداوند تعاليٰ جي جوار رحمت ۾
جاءِ نصيب هجي، ۽ سندس هي ٻئي فدائي سدا شاد ۽
آباد هجن، ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجن نيڪ ارادن ۾
ڪاميابيون ماڻين – آمين.
م.ا.ج، حيدرآباد سنڌ، جولاءِ، 20، 1993ع
علم جي پروڙ
عزيز ڀينرو، عزيز ڀائرؤ،
حيدرآباد پبلڪ اسڪول جا پيارا شاگردؤ ۽ معزز
استادؤ، منهنجا محب دوست پرنسپال جمال!
۽ اسڪول جي عملي جا ٻيا مهربان دوستؤ!
هن محفل جا قابل صد احترام مهمان، سنڌ جا امر
عوامي شاعر، ابراهيم منشي صاحب!
آءٌ اوهان سڀني کي سلام ڪريان ٿو، ۽ اوهان جا
دليان ٿورا مڃان ٿو، جو مون کي هن پنهنجيءَ مبارڪ
محفل ۾ هيءَ صدارت جي عزت ڏني اَٿَوَ!
سنڌ جي سڄاڻ ۽ اڳواڻ شاعر محترم عزيز ابراهيم
منشيءَ سان هيءَ شام ملهائي، سندن هيءَ عزت افزائي
ڪري، اوهان پنهنجي عزت افزائي ڪئي آهي، ۽ پڻ هڪڙو
وڏو مثال قائم ڪيو آهي – ٻين پاڻ جهڙن تعليمي ۽
تدريسي ادارن لاءِ ته اُهي اِن ڏس ۾ اوهان جي
پيروي ڪن.
شاعرَ، اديبَ ۽ عالمَ هڪ پاسي ۽ معلمَ ۽ استادَ
ٻئي پاسي: پر پيشي جي لحاظ کان هي ٻَئي هڪُ آهن،
ٻنهي جو مقصدُ علم جو پاڙهڻ ۽ سيکارڻ ۽ سمجهائڻ
آهي.
پر هڪ طرح شاعرُ، اديبُ ۽ عالمُ استادن جو به
استادُ ٿئي ٿو، ڇو ته هو ئي پاڙهڻ جو نصابُ،
ماڻهن لاءِ، قوم لاءِ، تيارُ ٿو ڪري، ۽ انهيءَ
حساب سان ئي اُهي معلمَ ۽ استادَ جيڪي پاڻ شاعَر،
اديبَ يا عالمَ هجن ٿا – علمَ، ادبَ يا شعرَ سان
دلي شغفُ ۽ شوق هجين ٿو – سي وڌيڪ سُٺا ۽ ڪامياب
استادَ ۽ معلمَ ثابت ٿا ٿين.
اِن سلسلي ۾ هيءَ به سمجهڻ جي ڳالهه آهي ته علمُ،
شعرُ ۽ ادبُ جدا جدا فقط نالا آهن – پر اصل ۾ ٽيئي
هڪ ڳالهه آهن، هڪ شيءِ آهن؛ ٽنهي کي گڏي ڄاڻ،
سڃاڻپ يا معرفت ٿو چئجي، جا سچ پچ ته پنهنجيءَ
جاءِ تي تمام هڪ وڏي ڳالهه آهي.
يورپ جي ماڻهن، 1700ع کان 1900ع تائين، فقط ٻه سؤ
کَن سالَ علمَ کي علمُ ڪري سڃاتو، ته دنيا جا هو
اڳواڻ بڻجي ويا، جيئن هو اڄ به آهن.
ياد رکڻ کپي ته جيئن علم وڌي ٿو، تيئن علم جي
پروڙَ به وڌندي رهي ٿي. ڪنهن وقت علم کي رڳو
پنهنجي ذات لاءِ پڙهبو هو، پوءِ علم کي پنهنجي
جياپي لاءِ، معاش لاءِ، پڙهيو ويو، ۽ اڄ علمُ عملَ
لاءِ، يعني گڏيل ڀلائيءَ لاءِ، ٿو پڙهجي، ۽ اِها
علم جي وڌندڙ پروڙ اسان کي شاعرَ، اديبَ ۽ عالمَ
ڏين ٿا.
اِن ڪري اسين به جيڪڏهن اڄ علمُ پنهنجي ذات جي
پذيرائيءَ لاءِ نه، رڳو پنهنجي جياپي لاءِ نه، پر
گڏيل ڪم لاءِ، قومي منفعت يا ڀلائيءَ جي عمل لاءِ
پڙهڻ شروع ڪيون ته يورپ ٻن سؤ سالن ۾ پر اسين وڌ ۾
وڌ پنجاهه سالن ۾ ته پڪ ئي پڪ دنيا جي سڌريل قومن
جي صف ۾ هوند بيهڻ جي لائق بڻجي وڃون.
پر اُن لاءِ اسان کي پنهنجن شاعرن، اديبن ۽ عالمن
سان گڏجي يا پاڻ مان هر هڪ کي خود شاعرُ، اديبُ يا
عالمُ بڻجي، پنهنجي تعليمي ۽ تدريسي ادارن ۾ وڏي
شاعر سان اوهان اڄ هيءَ شام ملهائي ۽ هن جي قدر
شناسي ڪري، سچ ته وڏو هڪ مثال قائم ڪيو آهي. ٻين
پاڻ جهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پيرويءَ لاءِ، ۽ ائين
اوهان گويا پنهنجو شانُ سڃاتو آهي، پنهنجو قدر ڪيو
آهي، پنهنجي عزت وڌائي آهي.
منهنجي طبيعت ڪجهه ناساز آهي، دل جو عارضو اٿم.
گهڻو ڳالهائي به نٿو سگهان. انهيءَ ڪري اوهان کان
معافي گهرندي، اوهان جو وري به هيءُ احسان مڃان
ٿو، جو اوهان مون کي هن سڳوريءَ شامَ جي صدارت جو
شرف ڏنو. مهربانيون، اوهان جون لک مهربانيون، خدا
حافظ.
[22-9-1994ع]
|