ٻوليءَ ۽ ادب جي .... حيثيت ۽ ... ڪارج تاريخي طور
عام مڃيل آهي- اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد
قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن
ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً اُنهن جون مقدس
ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني/
لاطيني ۽ عربي وغيره ۽ اُنهن کان پوءِ يا اُنهن
سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي
سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حد بندين ۽ علائقائي ٻولين
هر هنڌ اُنهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي
جاءِ ورتي ۽ اُهي لکيت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽
علمي ٻولين بڻجڻ شروع ٿيون؛ ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد
قومي جمهوري نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن قومي رياستون
وجود ۾ آيون ۽ اُنهن جون قومي ٻوليون پنهنجي سڄي
فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي
نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اُهي آهن.
قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي اِن اهميت ۽ اِن
ڪارج جي ڳالهه ڪندي. تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم
چيو آهي ته ”جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک
آهي، هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن
لاءِ ٻولي آهي- سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هُن
کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي. اُن
پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو،
ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، ۽ قبر تائين ساڻُ ٿِئي ٿو،
هو گذريل وقتُ ياد ڪري ٿو، سهيوڳي سنگَ ۽ رفاقتون
خيال ۾ آڻي ٿو، ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا
خواب لهي ٿو.“
ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها زندگي بخش روح افزائي ۽ اِها
اُنهن جي. مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب
وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا
موجود، سدا زنده ۽ تر و تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻولي
۽ اُن جو ادب ته اِنهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي
جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻن جي ارادي جدوجهد جي تاريخ جا
محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن ۽ ائين ئي، خاص طور جديد
قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اُهو سڄي جو
سڄو اڄوڪي دور جو، مخصوصن 1947ع جي تقسيم برصغير ۽
اُن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي
جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو،
اُن جو اُهو شعوري ردعمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي.
– م.ا.ج.
(”راج گهات چنڊُ“، نومبر 1987ع، جي پيش لفظ تان
کنيل)
پڌرنامو
(سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ.)
چوڻي آهي ته مينهن وسندا ته چڪون به ضرور ٿينديون،
تنهن وانگر آزاديءَ جي بارش پنهنجي مڙني رحمتن سان
اسان جي مٿان نازل ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو
وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي علم ادب
جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون، سي
اِنهيءَ سيلاب ۾ بنهه ختم ٿي لڙهي هليون وينديون،
۽ سندن سهڻيون ۽ سڳنڌ ڀريون پنکڙيون چونڊڻ چپوٽڻ
سان به ٻيهر شايد اسان جي پلئه ڪڏهن پئجي ڪين
سگهن!
پر چڪن سان گڏ، نئين زندگيءَ جو نئون پيغام به ته
مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾
سپون، بيابانن ۾ کاڻل تتل واريءَ جا دڙا ۽ بستين ۾
ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته اُنهيءَ
آبحيات مان پنهنجون اڃون لاهي، حياتيءَ جا ثمر
حاصل ڪندا آهن! ساڳيءَ ريت آزاديءَ ملڻ سان ڏٺوسين
ته چوڌاري سنڌي ادب جا سوين سيڪڙائو نون ارادن ۽
نون امنگن سان پنهنجا پنهنجا ساز ۽ سامان سينگاري
۽ صاف ڪري ميدان تي نڪري آيا. سنڌي ادب جي ويران ۽
ٻوساٽيل باغ کي ٻيهر سرسبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ
ڪيتريون ئي رس ڀريون ڪچهريون ۽ مدبرانه مجلسون
ڪٺيون ٿيون، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي باغبانيءَ ۾ دل و جان
سان جنبي ويو. ايتري قدر، جو هاڻي نه فقط اهو خوف
نه رهيو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ان جو بيش بها ادبي
خزانو ڪڏهن ڪو ناپيد ٿي ويندو، پر دلين ۾ اها اميد
پڻ اسرڻ لڳي آهي ته جيستائين سنڌي مائرون پنهنجي
معصوم مٺڙن ٻارن کي پنهنجن محبت ڀرين هنجن ۾ اسان
جي سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون
ڏينديون رهنديون، تيستائين اُها اسان جي ٻولي ۽
اسان جو ادب جيئن پوءِ تيئن زياده وڌندو ۽
ويجهندو، اڀرندو ۽ اسرندو ئي رهندو.
ساڳئي وقت، سڄاڻ هاري اُهو جو زمين آهر ۽ موسم
پٽاندر ٻج ڇٽي، جي نه ته ٻنيءَ جو ريج کيس ڪنهن به
ڪم جو ڪين ٿيندو. هاڻوڪيءَ پيڙهيءَ جا اُهي سنڌي
ادب جا خادم جن کي اِن ڏس ۾ پنهنجن فرضن جي ڄاڻ ۽
ذميدارين جو احساس آهي، تن کي گهرجي ته پنهنجي
آسپاس کي ڏسن ۽ جاچين، وقت جي تقاضا ۽ زماني جي
اشاري کي دل جي ڪنن سان ٻڌن ۽ هنئين سان هنڊائين،
سمجهن ۽ پروڙين، تان ته نه فقط سندن پنهنجو دور
کين پنهنجين اکين ۾ جايون ڏيئي دلين ۾ سڪ ۽ محبت
سان سانڍي، پر اسان جون آئنده پيڙهيون به ائين
ڀانئين ته سندن ان وقت جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا
بنياد ته سندن ابن ڏاڏن جي صحيح ۽ دورانديش فڪر ۽
عقل جو نتيجو آهن!
ادب نه رڳو واندڪائيءَ جي وندر آهي، پر ان سان گڏ
انسان جي ذهن کي اڇي اجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل
وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي، جو پڙهندڙن جي دلين ۾
جذبا ۽ امنگ اڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور
سان روشناس ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي آسپاس
جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪڌاين، اوڻاين ۽ اڍنگاين تان
پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ اُنهن بڇڙاين سان
ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا امنگ ۽ ارادا
پيدا ٿو ڪري، ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽ طريقا پڻ
روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجي زندگيءَ جي
نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن.
ههڙي قسم جو ادب ئي آهي، جو صحيح ادب چوائڻ جو
حقدار آهي. زندگيءَ جي سنوارڻ ۽ سڌارڻ وارو اهڙو
ادب پنهنجي ڪامياب ۽ مقبول عام ٿيڻ جي سند پاڻ
آهي. اُهو ادب جنهن ۾ عوام پنهنجي زندگيءَ جي جهلڪ
ڏسندو ۽ جنهن ۾ پنهنجي روزمره جي مظلوميت، جهالت ۽
ڪسمپرسيءَ کان ڇوٽڪاري جي اميد اکئين ڏسندو، تنهن
ادب کي اسان جو عوام ڇو ڪين قبول ڪندو، ۽ ڇو ڪين
پنهنجي ساهه سان سانڍيندو؟
شايد اِهوئي هڪ نُڪتو آهي، جنهن کي اڃا اسان جي
سنڌي اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي ذهن ۾ پورو ڪين ويهاريو
آهي: ٻيو ته ڪوبه سبب اسان کي ڪونه ٿو سجهي، جو
اسان جا هيترا سارا ڪهنه مشق ۽ ڪارائتا اديب،
انفرادي طرح يا پنهنجن پنهنجن جماعتن طرفان رسالن
مٿان رسالا ۽ ڪتابن مٿان ڪتاب شايع ڪرائين، تڏهن
به سندن اِهي رسالا ۽ ڪتاب رڳو پنهنجو خرچ به ڪين
لاهي سگهن ۽ جنم پائيندي ئي موت جون سِسڪيون ڀرڻ
شروع ڪريو ڏين ۽ جيئن ڄاوا هئا تيئن ئي ختم ٿيو
وڃن!
اِنهن ڳالهين کي خيال ۾ رکي، اسان جي ڪن نوجوان
دوستن، همت جو سندرو ٻڌي، ”سنڌي ادبي انجمن“ جو
بنياد رکيو آهي، جنهن جا مقصد ۽ ارادا هي آهن:
سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ، موقعي پٽاندر ۽
ميسر وسيلن ۽ ذريعن آهر، هيٺئين قسم جا ۽ ٻيا اهڙا
جوڳا اپاءُ وٺڻ:
(1) هر هڪ هفتي يا 15 – 15 ڏينهن هڪ ادبي مجلس
سڏائڻ، جنهن ۾ سنڌي اديب هڪٻئي جا لکيل مضمون،
پڙهي ۽ ٻڌي، انهن جي علمي ۽ ادبي ڇنڊڇاڻ ۽ تور تڪ
ڪن؛
(2) هڪ سنڌي ادبي ماهوار يا سه ماهي رسالو جاري
ڪرڻ؛
(3) هر سال گهٽ ۾ گهٽ 800 صفحن جي اندر چيدو ۽ وقت
جي تقاضا مطابق ڪارائتو ادبي مواد سنڌي زبان ۾
ڇپائي پڌرو ڪرڻ.
(4) عام ٻهراڙين ۾ سنڌي سگهڙن جي واتان جيڪي ادبي
جواهر ميسر ٿي سگهن، تن کي سنواري ۽ سينگاري
قلمبند ڪرڻ ۽ ڇپائڻ.
(5) سنڌي ادب جي مقبول عام ناياب ڪتابن کي وري
ڇپائي پڌرو ڪرڻ.
(6) سنڌي ادب کي محفوظ رکڻ خاطر هڪ مرڪزي ڪتبخانو
قائم ڪرڻ، ته جيئن مروج عقيدن ۽ رسم و رواج جي
باري ۾ ذهني جستجو ۽ فڪر جي آزاديءَ کي فروغ ملي ۽
سائنس، فلسفي، ادب ۽ فنون لطيف لاءِ عام ماڻهن ۾
دلچسپي جاڳي، ۽ اهڙيءَ طرح منجهن ذهني، سماجي ۽
سياسي بيداري پيدا ٿي سگهي.
ميمبري: هن انجمن جي ميمبريءَ جا فرائض ۽ حق
هيٺئينءَ ريت آهن:
(1) گهٽ ۾ گهٽ 18 ورهين جو ڪوبه سنڌي دان شخص،
ڪاروباري ڪاميٽيءَ يا مجلس عامله جي مرضيءَ ۽
منظوريءَ سان، انجمن جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. ميمبر
ٽن قسمن جا ٿيندا: (1) مربي يا محسن، (2) حياتيءَ
جا ميمبر، (3) رواجي ميمبر.
(2) 250 رپيا روڪڙا، يا 500 رپين جا ڪارائتا ڪتاب،
يا 250 رپيا ڪنهن ڪارائتي ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ
انجمن کي امداد ڏيئي، انجمن جو مربي يا محسن ٿي
سگهي ٿو.
(3) 125 رپيا روڪڙا يا 250 رپيا جا ڪارائتا ڪتاب
يا 250 رپيا ڪنهن ڪارائتي ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ
انجمن کي امداد ڏيئي، انجمن جو حياتيءَ جو ميمبر
ٿي سگهي ٿو.
(4) 10 رپيا ساليانو چندو ڀرڻ سان انجمن جو رواجي
ميمبر ٿي سگهي ٿو.
(5) مربي يا محسن کي انجمن جا سمورا ڇپايل ڪتاب
سندس حياتيءَ تائين مفت ڏنا ويندا، حياتيءَ جي
ميمبر کي انجمن جا سندس ميمبر ٿيڻ کان پوءِ جيڪي
به ڪتاب ڇپبا سي سندس حياتيءَ تائين مفت ڏنا
ويندا، ۽ رواجي ميمبر کي جيستائين هو ميمبر ٿي
رهندو، انجمن جا ڇپايل ڪتاب مفت ڏنا ويندا.
انجمن جون شاخون: سڀني شهرن ۾ ڪي به سنڌي ادب جا
خير خواه ۽ خادم، انجمن جون شاخون کولي سگهن ٿا،
بشرطيڪ هرڪا اهڙي شاخ انجمن جي مقصدن ۽ فيصلن سان
پاڻ کي ٻڌل رکندي.
انجمن جي هرڪا شاخ انجمن جي مقصد نمبر 1 ۽ نمبر 3
تي پنهنجي منهن عمل پيرا ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪ سندس
زير اهتمام پڙهيل مضمون، ۽ ٻئي جمع ڪيل ادبي مواد
تي انجمن جو پورو پورو حق رهندو.
انجمن جي هرڪا شاخ انجمن طرفان ڇپايل ڪتابن ۽ شايع
ٿيندڙ رسالن وغيره جي توسيع ۽ اشاعت لاءِ انجمن
سان هر ڪنهن قسم جو تعاون ۽ سهڪار ڪندي.
انجمن جي هر ڪنهن شاخ جا سڀئي ميمبر چندو ڏيئي
انجمن جا براه راست ميمبر پڻ ٿيندا.
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي شائقين ۽ خيرخواه دوستن
کي اسان جي هيءَ گذارش آهي ته هو اسان جي هن انجمن
کي پنهنجي انجمن ڪري سمجهن ۽ ان جون هر هنڌ شاخون
کولين ۽ ان کي پنهنجي قلم سان توڙي پنهنجي پئسي
سان سڀڪا مدد ڏين، تان ته جن ارادن ۽ جن اميدن سان
ان جو بنياد رکيو ويو آهي. اهي ارادا ۽ اهي اميدون
ڪنهن تسلي بخش حد تائين برصواب ٿي سگهن. سنڌي ٻولي
۽ سنڌي ادب، ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي عوام، جو زبان
هوندي به اڄ زبان جو محتاج آهي، ۽ جو پنهنجن مخصوص
ادبي خزانن سان مالا مال هوندي به صحيح ادب کان بي
بهره آهي، اڄ پنهنجي لائق ۽ مخلص خادمن کان فقط
اهوئي ڪجهه طلبي سگهي ٿو.
[م. ا. ج.]
اسين آهيون اوهان جا مخلص
1- محمد عثمان ڏيپلائي
2- غلام محمد گرامي
3- محمد ابراهيم جويو
4- اميد علي سرائي
5- مرزا فيض علي فيض
6- محمد بخش جوهر
7- شيخ عبدالعزيز قنڌاري
8- عبدالله شيخ
9- لعل محمد بن محمد يوسف
10- هري سيندو
11- مقبول احمد ڀٽي
12- ابن الياس سومرو
13- جان محمد جمالي
ميمبر ڪاروباري ڪميٽي، سنڌي ادبي انجمن، بيسنت
لاج، حيدرآباد سنڌ. 19- فيبروري، 1950ع
[آفتاب پرنٽنگ پريس، شاهي بازار، حيدرآباد سنڌ.]
سنڌي اديب ڇا ڪن؟
[سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جو
پڌرنامو]
مڪڙ اچن ٿا، سوڪ ٿئي ٿي، ڳڙا پون ٿا، جهڪون لڳن
ٿيون: ڄاول سلا سڙي وڃن ٿا، ڀريل سنگ کاڄي وڃن ٿا،
بيٺل فصل تباهه ٿي وڃي ٿو: پر هاري، جنهن جو گذر
فصل تي آهي، سو مند اچڻ تي زمين کي کيڙڻ ۽ اُن ۾
ٻج ڇٽڻ کان باز نٿو رهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي
اديبن جو به اهو حال آهي. اِهو سندن حال رڳو هاڻي
ڪونهي، پر شروع کان سندن حال اِهو رهيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي شروع کان اُن جي عوام ئي ٺاهيو،
بچايو ۽ وڌايو آهي. اُن جا چارڻ، لوڪ راوي ۽ سگهڙ
به اُن جي عوام جو ئي حصو هئا ۽ آهن. اُهي ئي اُن
جا ڳالهائيندڙ ۽ اُن جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ساڃهه جا
سنڀاليندڙ ۽ سانڍيندڙ رهيا آهن. عربن جي دور حڪومت
کان وٺي انگريزن کان پوءِ واري هن تازي دور تائين،
سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ اُن جي علمي ۽ ادبي اوسر ۽
اڏاوت جيڪا به ٿي آهي، اُها انهيءَ طرح فقط سندن
عوام ۽ عوام- دوست اديبن هٿان ئي ٿي آهي. انهن
تقريباً سڀني صدين جي سنڌ سرڪارين ۽ اُنهن سان
لاڳاپيل اميرن ۽ عملدارن ۽ سندن درٻاري عالمن ۽
اديبن، جيڪي سدائين عوام دشمنيءَ ڏانهن مائل رهيا،
تن کي جيڪڏهن ڪا ڳڻتي هئي فقط عربيءَ، فارسيءَ ۽
انگريزيءَ جي هئي ته اُها ڪيئن هو پاڻ سکن،
ڳالهائين ۽ پنهنجن ٻارن کي اُن ۾ ماهر بنائين ته
جيئن اُهي پاڻ آقا بنجي يا پنهنجن آقائن وٽ سرخرو
ٿي ۽ اُنهن جا ايجنٽ بنجي، عوام کي گهڻي ۾ گهڻو
ڏُهي ۽ ڪُهي سگهن. اڄُ به هِن طائفي جا ڪيترا ئي
طاقت ۽ دولت جا پُڇائو ۽ پرستار، وڏا وڏا عهدا ۽
اختيار سنڀاليو، ٻاهران ”سنڌ سنڌ“ ۽ ”سنڌي سنڌي“
ڪندي ڪونه ٿا ٿڪجن، پر پنهنجن گهرن ۾ اُهي ٻي ٻولي
پيا ڳالهائين؛ منجهائن ڪي وري پيءُ ماءُ جي زبان
سنڌي هوندي به، پنهنجن ٻارن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائين
ٿا، ۽ ٻيو نه ته اسڪولن ۾ سعيو ڪري، سنڌيءَ کي
ڇڏي، پنهنجن ٻارن کي اول کان ئي اڙدوءَ ۾ پيا
پاڙهين. اِهي ئي ماڻهو آهن، جن کي جتي به پڄي ٿو
سگهي، اُتي اُهي سنڌي ٻوليءَ، اُن جي تعليم ۽ ادب
۽ اُن جي عوام دوست اديبن، عالمن ۽ دانشورن جي
خلاف محاذ قائم ڪيو يا اُن ۾ شامل ٿيو بيٺا آهن.
پنهنجي اُن سنڌي عوام دشمنيءَ ۾ هو پاڪستان ۽
اسلام کي به وچ ۾ آڻڻ کان نٿا هٽن، ڄڻ پاڪستان به
فقط سندن آهي ۽ اسلام به فقط سندن آهي ۽ اُهي ٻيئي
سنڌي عوام جي سماجي ۽ ثقافتي فلاح ۽ بهبود سان
نقصان هيٺ اچي ويندا- حالانڪه هُنن وٽ ان محاذ
آرائيءَ جو واحد ڪارج فقط پنهنجي ۽ پنهنجي آقائن
جي پَرَماري مفاد جي بقا ۽ توسيع ئي هوندي آهي.
سنڌ جي موجود عوامي حڪومت ۾ ئي اِها اُميد ٿي سگهي
ٿي ته اُها سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب، تعليم ۽
تربيت جي آڏو صدين کان پيل رڪاوٽون دور ڪري سگهندي
۽ اُن جي ڀلائيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪي رٿائتا ۽
سلسليوار قدم کڻي سگهندي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جڏهن ٽي
سال اڳ ٻوليءَ جو بل پاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي هِن
عوامي سرڪار انهيءَ قسم جي ذميداري قانوني طور به
پاڻ تي عائد ڪئي- تڏهن ته ماڻهن جي اها منجهن اميد
يقين جي صورت ۾ بدلجي ويئي. پر ڀلو ٿئي اُن سنڌ
دشمن ۽ سنڌي بلئڪ ميلي دٻاءَ جو، جيڪو پَرَماري
حلقا انيڪ چالبازين ذريعي ۽ خاص طرح پنهنجي
پروپيگنڊائي لغڙبازيءَ وسيلي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيا ويٺا آهن، جنهنڪري سنڌ جي هيءَ عوامي سرڪار به
پنهنجي اُن تاريخي فرض پوري ڪرڻ کان ڪيٻائيندي رهي
آهي ۽ هيلتائين اُن ڏس ۾ تقريباً ڪجهه به نه ڪري
سگهي آهي.
سنڌ دشمن ۽ سنڌي عوام دشمن حلقا ۽ اُنهن جي
پروپيگنڊائي طائفي جا ماڻهو سنڌ جي تقريباً هر
ڳالهه کي اسلام دشمني ۽ پاڪستان دشمني سڏين ٿا.
خاص طرح هو سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي ادبي ۽ علمي مفاد
جي ڳالهه کي اڙدو دشمني ۽ اڙدو دشمنيءَ کي پاڪستان
دشمني سڏي، ”جيئي سنڌ“ چوڻ وارن تي ”مري پاڪستان“
چوڻ جو الزام هڻن ٿا، ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ (اصولي
طور) جو سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو تجويز ٿيو
آهي، اُن کي هو قومي يڪجهتيءَ جي منافي سمجهن ٿا.
پاڪستان هڪ نظرياتي مملڪت آهي. اُن جو نظرياتي
اساس هيءُ آهي ته قوم جو وجود وطن جي بنياد تي نه
پر مذهب جي بنياد تي قائم آهي- يعني، ڪم از ڪم ۽
خاص طرح دين اسلام جا مڃيندڙ، رنگ ۽ نسل کان علاوه
خود وطن ۽ زبان جي لحاظ کان سواءِ به، هڪ قوم آهن.
عجب آهي، جو هن نظريي جي مڃڻ جي هڪ هٽي پاڻ لاءِ
محفوظ رکندڙ، ”وطن کي ملت جو ڪفن“ سڏيندي به، پاڻ
کي هاڻي اول درجي جا ۽ اڪيلا ’محب وطن‘ سڏڻ لڳا
آهن! بهرحال، زبان ته نه اسلامي ۽ نه پاڪستاني
قوميت لاءِ- نه نظرياتي لحاظ کان ۽ نه حقائق جي
روشنيءَ ۾- ڪنهن بنيادي عنصر جو درجو رکي ٿي:
ڇاڪاڻ ته نه سڀني دنيا جي مسلمانن جي، ۽ نه وري
سڀني پاڪستاني مسلمانن جي ئي سهي، ڪا هڪڙي يا
مشترڪ زبان آهي. انهيءَ ڪري مذهب کي ڇڏي يا ثانوي
درجو ڏيئي، جيڪڏهن زبان کي پاڪستاني قوم جو
نظرياتي اساس بنايو ويو- جيئن اڙدوءَ کي پاڪستان ۾
شروع کان بنائڻ جي عملي طور چؤطرفي ڪوشش ڪئي وئي،
۽ هاڻي به ڪئي پيئي وڃي- ته جيئن اڳي پاڪستان جي
بنگله ديشي سانحي ثابت ڪيو، تئن اڳتي به اهوئي
ثابت ٿيڻو آهي ته اڙدو ۽ اڙدوءَ جي پٺيان جيڪو
پَرَماري دٻاءَ لڪل آهي، سو ئي پاڪستان جي قومي
يڪجهتيءَ کي لوڏڻ، ڪمزور ڪرڻ ۽ هاڃي رسائڻ لاءِ
ذميدار آهي. جڏهن ٻولي مسلم قوميت يا پاڪستاني
قوميت جو نظرياتي اساس هئي ئي نه ۽ نه وري آهي ئي
سهي، تڏهن اُن لاءِ خاص هڪڙيءَ اڙدو ٻوليءَ تي،
پاڪستان جي ٻين سڀني ’قومي‘ (يا چئجي ته ’عوامي‘)
ٻولين جي مقابلي ۾ ايترو زور آخر ڇو؟ دراصل اهو
غير ضروري ۽ بنيادي طرح، پاڪستان جي حالت ۾ غير
نظرياتي، زور ئي آهي، جيڪو پاڪستان جي متحده قوميت
جي آڏو ايڏي وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو
آهي. پاڪستاني پَرَ ماري حلقا انهيءَ حقيقت کان
چڱيءَ طرح واقف آهن، پر تنهن هوندي به، جو هو
انهيءَ زور تي ايترو زور ڏيئي رهيا آهن، سو رڳو
انهيءَ ڪري، جو اڙدو ٻولي کين، سندن طبقاتي ڦرلٽ ۾
مادري ٻوليءَ جي حيثيت ۾، يا تعليمي ٻوليءَ جي
حيثيت ۾، مدد ڏئي ٿي. اڃا ته عملي طرح اسان وٽ خود
سرڪاري ٻوليءَ طور انگريزي استعمال ۾ آهي؛ پر اڳتي
هلي، جڏهن اڙدو اُن جي جاءِ تي براجمان ٿيندي،
تڏهن ماڻهن ۾ جيڪي محروميت ۽ محڪوميت جا احساس
پيدا ٿيندا، اُنهن جي انتشاري اثرن کان پاڪستاني
متحده قوميت بيحد وڏي نقصان هيٺ اچي سگهي ٿي.
انهيءَ اٽل قوم دشمن صورتحال کان بچاءَ جو رستو
اهو نه آهي ته پاڪستاني قوميت لاءِ مذهب يعني
اسلام جي اساس کي ڇڏي يا گهٽائي، اُن جي جاءِ تي
لساني اساس يعني اڙدوءَ کي اُن جو اساس بنايو وڃي،
يا خود اسلامي اساس جي خيال کان به ملڪ جي هڪڙن
ماڻهن کي گهٽ اسلامي ۽ ٻين کي وڌ اسلامي سمجهيو
وڃي.
انهي ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامع ترقيءَ لاءِ
يا سرڪاري حيثيت سان اُن جي علمي تعمير ۽ ادبي
فروغ لاءِ، جيڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي قانوني فرض
ادائيءَ طور ڪي قدم کڻي، ته اُن سلسلي ۾ کيس ڪنهن
به لساني يا ’قومي‘ قسم جي بلئڪ ميلي دٻاءَ هيٺ
هيسجي وڃڻ يا هٽي، پري ٿي، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ
جي ڪا ضرورت ڪانهي. جيڪڏهن اسان جي عوامي سرڪار
لاءِ، اسان جي مخالفن وٽ پنهنجي ’عواميت‘ جي بچائڻ
يا ثابت ڪرڻ جو رڳو هيءُ رستو وڃي رهي ته اُها
ڪنهن سنڌ يا سنڌي مفاد کان بيخبر بنجي يا لاتعلق
ٿي ويهي رهي، ته ان ۾ اسين سندس بيوسيءَ کي ته
سمجهي سگهنداسين، پر پنهنجي اُن بنيادي حقي مفاد
تان هرگز دستبردار ٿي نه سگهنداسين. اُن حالت ۾
پوءِ اسين پنهنجي عوامي سرڪار جي حوصلي وڌائڻ جي
ڪوشش ڪنداسين، اُن تي عوامي جمهوري رستن سان دٻاءُ
وجهنداسين ۽ اُن کي مجبور ڪنداسين ته پنهنجي حيثيت
سڃاڻي، ۽، ڪنهن جي رنج يا راضپي جي خيال ڪئي بنان،
پنهنجو فرض ادا ڪري.
سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي اديبن جي ڪسمپرسيءَ جي اڄ
ڪهڙي حالت آهي، اُها ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. ڪنهن
وڏي کان وڏي شاعر جي شعري مجموعي، ڪنهن وڏي کان
وڏي افسانه نويس، ناول نويس، ڊراما نويس يا مضمون
نويس جي ڪنهن تخليقي محنت جي ڪتابي اشاعت جي ته
ڇا، پر هاڻي رڳو ڪنهن ادبي يا علمي رسالي ۾ وقتي
اشاعت جي به ڪا گهڻي صورت نه رهي آهي. اسان جي
اديبن ۽ عالمن جون بيشمار لکيتون هيلتائين شايع
ٿيل رسالن جي هزارها پرچن ۾ دفن آهن؛ اُنهن کي
اُتان گڏ ڪري، دائمي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ڪا واٽ
ڪانهي. اسان جي اديبن ۽ عالمن وٽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوين
ڪتاب لکيا رکيا آهن؛ اُنهن جي اشاعت جو ڪو بندوبست
ڪونهي. اسان جي گذري ويل توڙي جيئرن جاڳندن اديبن
۽ عالمن جا سوين ڇپيل ڪتاب اڄ ڪتابي مارڪيٽ ۾
موجود ڪينهن، ۽ ڪيتريءَ قيمت تي به پڙهندڙن کي ملي
نٿا سگهن؛ اُنهن جي نئين سر ڇپجڻ ۽ شايع ٿيڻ جو ڪو
اسان وٽ رستو ڪونهي. اسان جي عالمن ۽ اديبن لاءِ
اهڙي ڪا واهه ڪانهي، جو هو پنهنجي قلمي پورهئي سان
پنهنجو ڪو رواجي گذارو به ڪري سگهن. اهڙين سقيم
حالتن ۾، خاص طرح اڄوڪي غير دوستانه بلڪ مخالفانه
ماحول ۾، اسان جي ٻولي، اُن جو ادبي ۽ علمي اثاثو
۽ اُن جا شاعر، اديب ۽ عالم آخر ڪيترو وقت وڌيڪ،
ٺلهو پنهنجي هانءَ جي زور تي، جي سگهندا ۽ اڳتي
وڌي سگهندا!
ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد سندن ٻوليءَ تي
هوندو آهي- ايتري قدر جو جڏهن ڪا ٻولي پنهنجيءَ
علحده ۽ مخصوص صورت ۾ ظاهر ٿي بيهندي آهي، تڏهن
چئي سگهبو آهي ته هڪ علحده ۽ مخصوص ثقافت وجود ۾
آئي آهي. اسان جو عقيدو آهي ته انهيءَ حقيقت جي
روشنيءَ ۾ اسان جي سنڌي ثقافت به هڪ علحده ۽ مخصوص
ثقافت آهي. اُن کي قومي ثقافت چئو، صوبائي ثقافت
چئو، علائقائي ثقافت چئو يا پاڪستاني، اسلامي بلڪ
انساني ثقافت جو ئي هڪ خاص حصو يا روپ چئو- ان سان
ڪو فرق ڪونه ٿو پوي. ڇو ته اُن کان ڪو انڪار ٿو
ڪري، اُن کي مٽائڻ ٿو گهري يا اُن جي عوض ٻيءَ
ڪنهن ڳالهه کي اُڀارڻ ٿو گهري، اِن مان ئي ثابت
آهي ته اُها ڪا شيءِ آهي. اسان جو محڪم ارادو آهي
ته اُنهيءَ شيءِ کي اسين بچايون، وڌايون ۽ وڌيڪ
سُرهو ۽ سڦل بنايون، اُها اسان جي پنهنجي علحده ۽
مخصوص ثقافت آهي، جنهن جو بنياد اسان جي سنڌي
ٻوليءَ تي آهي. اسين پنهنجي اُن بنياد کي ضايع
ڪرڻ نٿا چاهيون- ڇو ته اُن جي ضايع ٿيڻ سان هزارها
سالن جي هڪ انمول ۽ بي مثل انساني حاصلات ضايع ٿي
ويندي، ۽ اُهو اسان جو، پاڪستان جو، اسلام جو،
انسان ذات جو هڪ عظيم ۽ ڪڏهن به نه پورو ٿيندڙ
نقصان ٿيندو. اُن جي مٽجڻ سان اسين به مٽجي
وينداسين. ۽ اسين مٽجڻ نٿا چاهيون.
انهيءَ عقيدي، انهيءَ خيال ۽ انهيءَ ارادي سان
اسان ”سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي (لميٽيڊ)“
ٺاهي آهي؛ ۽ ان کي ڪوآپريٽو سوسائيٽيز جي 1925ع جي
ائڪٽ 7 موجب، سيڪشن 10 هيٺ رجسٽر ڪرايو آهي. ٺلهو
سرڪار تي ڀاڙڻ بدران اسين پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرون
ٿا. اسين اَڀرا آهيون. اسين هيڪلا آهيون. اسين
خالي هٿين آهيون. پر ان جو اسان کي خيال ڪونهي.
اسين ڪنهن سان وڙهڻ نٿا گهرون. اسين ڪنهن به
ٻوليءَ يا اُن کي مليل يا اُن جي حاصل ڪيل ڪنهن
درجي جا انڪاري يا مخالف نه آهيون. اسين فقط پاڻ
اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. اڳتي وڌندڙ ادب وطن دوست ادب
آهي- اُهو وطن، جنهن ۾ رهندڙ انسان امن ۽ خير ۾
رهن ۽ خوش رهن. اڳتي وڌندڙ ادب مذهب دوست ادب آهي،
جنهن مذهب جي معنيٰ انسان شناس فڪر ۽ انسان پسند
عمل آهي. اڳتي وڌندڙ ادب، انهيءَ ڪري، سڀ کان وڌيڪ
انسان دوست ادب آهي، جيڪو انسان جي انسانيت کي
اڳتي وڌائي ٿو، ۽ ماڻهوءَ مان مرونئپو ڪڍي، اُن ۾
ماڻهپو اڀاري ٿو. اهڙي ادب کي اسين ترقي پسند ادب
سڏيون ٿا. اسان جي خيال ۾ جيڪو ادب انهيءَ معنيٰ ۾
ترقي پسند آهي، سو ئي ادب آهي، ٻيءَ حالت ۾ اُهو
ادب ادب ئي نه آهي- چاهي اُن تي عقيدتمنديءَ،
ايمان ۽ نعريبازيءَ جا ڪيترا به غلاف چڙهيل ۽ گل
جُڙيل ڇو نه هجن.
اسان جي هن اديبن جي سوسائٽيءَ جا مقصد هي آهن ته
مجموعي طور، سنڌي ادب جي سڀ پاسائين ترقي ٿئي، ۽
سنڌي اديبن جي ادبي، سماجي ۽ مالي مفادن جي حفاظت
۽ حاصلات ٿئي، ۽ خصوصي طور:
(1) سنڌي ڪتاب، اصل ۽ سنڌي ترجمن جي صورت ۾، خاص
طرح اُهي جيڪي سوسائٽيءَ جي ميمبرن جا تيار ڪيل
هجن، سي پڌرا ڪجن ۽ وڪرو ڪيا وڃن.
(2) اڳوڻن سنڌي ليکڪن جا ڪتاب، سڄا يا اختصارن جي
صورت ۾، وري ڇاپجن، پڌرا ڪجن ۽ وڪرو ڪيا وڃن؛
(3) هڪ يا وڌيڪ سنڌي ادبي ۽ تحقيقي رسالا ڪڍيا
وڃن؛
(4) سنڌي ڪتابن ۽ ٻين لکيتن جا حق ۽ واسطا، سندن
ليکڪن کان يا انهن کان جن وٽ اهي وقتي محفوظ هجن،
اشاعت لاءِ حاصل ڪيا وڃن.
(5) ليکڪن کي ڪم سپرد ڪرڻ سان يا کانئن شرطي
مقابلي وسيلي، سنڌيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون،
ڪتابن ۽ لکيتن جي تيار ڪرڻ لاءِ، رٿائون ٺاهجن ۽
انهن کي عمل ۾ آندو وڃي؛
(6) سوسائٽيءَ جي ڪتابن ۽ پڻ تجارتي ڇپائي لاءِ هڪ
ڇاپخانو قائم ڪيو وڃي؛
(7) سوسائٽيءَ جي ڪتابن ۽ پڻ ٻين ڪتابن ۽ رسالن جي
وڪري لاءِ حيدرآباد ۾ هڪڙو ڪتابن جي وڪري جو دوڪان
قائم ڪيو وڃي.
(8) حيدرآباد ۾ سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ پڻ چونڊ
انگريزي ۽ اردو ڪتابن جي لائبريري قائم ڪئي وڃي.
(9) پيرسن ۽ گهرجائو سنڌي ليکڪن جي سهائتا لاءِ
فنڊ قائم ڪيا وڃن.
(10) سنڌي ڪتابن، سنڌي رسالن ۽ سنڌي لکيتن جو
معيار وڌيڪ اوچو ٿيندو رهي، ان لاءِ سنڌي اديبن ۽
ليکڪن جي همت افزائيءَ لاءِ ساليانا انعام قائم
ڪيا وڃن ۽ ڏنا وڃن.
(11) عظيم سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جون ورسيون ملهائجن،
ادبي مذاڪرا ڪجن، سنڌي ناٽڪن ۽ ڊرامن جو بندوبست
ڪجي، سنڌي فن جون نمائشون ۽ راڳ جون محفلون ڪجن.
(12) ۽ ٻيا سڀ اهڙا ڪم ۽ ڪوششون ڪجن، جيڪي مٿين
مقصدن ۽ مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ مناسب ۽ ضروري
هجن.
اسان جا سنڌي اديب، ڀائر جيڪي سوسائٽيءَ جي انهن
مقصدن سان سهمت هجن ۽ اسان جا مٿي بيان ڪيل خيال ۽
احساس، جيڪي انهن مقصدن جو بنياد آهن، سي کين
پنهنجا احساس ۽ خيال معلوم ٿين، ته سندن فرض آهي
ته هو پنهنجي هن سوسائٽيءَ ۾ ميمبر طور شامل ٿين-
ائين ڪرڻ جي اسين کين هيءَ مخلصانه دعوت عرض رکون
ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ سوسائٽيءَ جو
ڇپيل آئين موجود آهي؛ اُن جي ڪاپي اسان کان
گهرائي، پڙهي، هن سلسلي ۾ هو پنهنجو فيصلو ڪري
سگهن ٿا.
اديبن جي ذهني ڪاوش ۽ قلمي محنت کان پوءِ ادب جي
اشاعت لاءِ پئسو گهرجي. خود اديبن کي سندن ڪم لاءِ
معقول اجورو ملڻ ضروري آهي. سوسائٽيءَ جو اشاعت
گهر اڳتي هلي پنهنجي پيرن تي بيهي، ۽ اُن مان
سوسائٽيءَ جي ميمبرن کي ڪجهه نفعو به پلئه پئجي
سگهي، اُن کان اڳ ڪافي حد تائين پئسي جي سيڙپ ٿيڻي
آهي. سنڌي ڪتابي تجارت جي موجوده صورتحال کي خيال
۾ رکندي، چئي سگهجي ٿو ته هيءَ پئسي جي سيڙپ به
حال في الحال سنڌي اديبن کي، پنهنجي پيٽ سان پٿر
ٻڌي، پاڻ ڪرڻي پوندي. اڄ سنڌي اديب اڪثر پنهنجا
ڪتاب لکي به پاڻ ٿو، ۽ ڇپائي ۽ وڪڻي به پاڻ ٿو.
اسان جي هيءَ سوسائٽي، سنڌي اديبن جي باهمي سهڪار
سان، سنڌيءَ جي ادبي ۽ علمي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽
وڪري جو مالي ۽ انتطامي بوج سنڌي اديبن ۽ عالمن جي
ڪلهن تان لاهڻ گهري ٿي، ۽ اُن لاءِ تجارتي بنيادن
تي ڀروسي جهڙا ۽ پختا عملي انتظام ڪرڻ گهري ٿي. هن
نيڪ مقصد لاءِ اسين اديب پاڻ ۾ گڏجون ۽ هڪٻئي سان
سهڪار ڪريون، ان ۾ اسان جي ڀلائي به آهي ۽ اِهو
اسان جو فرض به آهي.
- ڇو ته مڪڙ اچن ٿا، سوڪ ٿئي ٿي، ڳڙا پون ٿا،
جهڪون لڳن ٿيون: ڄاول سلا سڙي وڃن ٿا، ڀريل سنگ
کاڄي وڃن ٿا، بيٺل فصل تباهه ٿي وڃي ٿو: پر هاري،
جنهن جو گذر فصل تي آهي، سو مند اچڻ تي زمين کي
کيڙڻ ۽ اُن ۾ ٻج ڇٽڻ کان باز نٿو رهي. سنڌي ٻوليءَ
۽ ان جي اديبن جو به اهو حال آهي. اِهو سندن حال
رڳو هاڻي ڪونهي، پر شروع کان سندن حال اِهو رهيو
آهي. اسان کي هن ڀيري به پنهنجي فرض کان غافل رهڻ
نه گهرجي.
[م.ا.ج 1973]
سنڌي ادب – ان جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ
آزاديءَ جي تحريڪ پاڻ سان گڏ قوم جي تخليقي ۽
تعميري قوتن کي جاڳائيندي، اُڀاريندي ۽ تيز ڪندي
آهي. اُهي قوتون آزاديءَ جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجي ڀرپور اظهار جا موقعا حاصل ڪنديون آهن.
1947ع کان اڳ ۽ اُن کان پوءِ سنڌي ادب جي دنيا ۾
ڪافي هلچل موجود رهي آهي، ۽ اُن جا نتيجا به ڏاڍا
چڱا نڪتا، ۽ اڃا به هيءَ هلچل جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ
تيز ٿيندي وڃي ٿي. پر هيءَ سموري هلچل سنڌ پسند ۽
سنڌي عوام دوست اديبن ۽ دانشمندن پنهنجن پيرن تي
پاڻ بيهي پيدا ڪئي ۽ هيستائين هو بنهه خالي هٿن
سان اُن کي هلائيندا پئي آيا آهن. کين حڪومت توڙي
سماج جي بيٺل ۽ ورسيل طبقي طرفان هن ڳالهه ۾ ڪابه
خاص مدد يا سرپرستيءَ حاصل ٿي نه سگهي آهي، بلڪ
اُن جي ابتڙ انهيءَ طرف کان کين ڪافي ملامت جو
نشانو ۽ سختين ۽ سزائن جو شڪار ٿيڻو پيو آهي.
هيءَ هڪ پڌري ۽ بيحد ڏکوئيندڙ حقيقت آهي ته جيتري
بندش ۽ گهٽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي 1947ع کان پوءِ
سهڻي پيئي آهي، اهڙي اُن کان اڳ اُن ڪڏهن ڪانه
ڏٺي، ڪافي وڏي تعداد ۾ سنڌي اخبارون، رسالا، ڪتاب
۽ پريسون ضبط ٿيون، ۽ ضبط ٿيل ڪتابن منجهان اڄ
تائين ون يونٽ ٽٽڻ ۽ عوامي صوبائي حڪومت ٺهڻ کان
پوءِ به، هڪڙو ڪتاب به وري آزاد ٿي نه سگهيو اهي.
سياسي قيدي قيد جون سختيون سهي ۽ بنديخاني جا
ڏينهن ڪاٽي ٻاهر نڪتا، پر سنڌي ادب جا املهه ڪتاب
جيڪي ضبط ٿيا، سي اڃا تائين ئي ضبط آهن. سرڪاري
طرح ڪتابن جي ضبطيءَ کان سواءِ سماج جي طبقاتي
عمارت جي پشت پناهي ڪندڙ پراڻي فڪر سنڌي اديب ۽
دانشور جي نئين فڪر ۽ خيال جي آزاديءَ تي جيڪي
حملا ڪيا ۽ جيڪي پهرا بيهاريا، اُهي اڄ تائين جاري
آهن ۽ اهڙائي مضبوط ۽ محڪم بيٺا آهن، بلڪ جيئن
جيئن اُن بوسيده عمارت جا بنياد لُڏن ٿا، تيئن
تيئن اُن جو اُهو پُشتيبان مُدي خارج فڪر پنهنجي
پهريداريءَ کي سجاڳ ۽ تيز ڪري ٿو ۽ نئين ۽ آزاد
فڪر تي پنهنجا اشڪنجا مضبوط ڪري ٿو.
تنهنڪري پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو مسئلو سنڌي ادب جو اڄ
اهوئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ضبط ٿيل ڪتاب ادب
آزاد ٿين، ۽ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي خيال جي
اظهار جي پوري آزادي ملي. ضبط ٿيل ڪتاب ته ٿوڙي
گهڻي ڏينهن ضرور آزاد ٿيندا، پر نئين فڪر ۽ خيال
جي اظهار جي پوري آزادي ظاهر آهي ته ازخود مٿان
لهي يا ڪٿان پاڻمرادو اُڀري سنڌي اديبن ۽ دانشورن
کي ڪانه ملندي، اُن لاءِ تحقيق کين وڏي جاکوڙ ڪرڻي
پوندي ۽ منجهائن ڪيترن کي اُن لاءِ اڳتي هلي شايد
پنهنجي پنهنجي جان جي بازي به لڳائڻي پوندي.
خيال جي اظهار جي آزادي هڪ بي مثل ۽ بي بها نعمت
آهي. يورپ جي اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن سون سالن جي
قلمي جهاد سان ۽ قيد جي انڌارين ڪوٺين ۾ سڄين سڄين
ڄمارن ڪاٽڻ ۽ عيسائي علمائن ۽ مشائخن جي ٻارايل
باهين جي مچن ۾ چپ چاپ جلي رک ٿي وڃڻ سان، مس مس
اها آزادي هڪ حد تائين حاصل ڪئي. يورپ ۽ ٻيءَ
مغربيءَ دنيا جي سڄي ترقي، جيڪا پوءِ اُنهن ڪئي ۽
جيڪا اڄوڪي انسان جي سموري سک، سلامتيءَ ۽ ثقافتي
عظمت جو بنياد ۽ ضمانت آهي، سا هو خيال جي اظهار
جي اُن آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪري
سگهيا. اڄ ايشيا جا اڪثر ملڪ ۽ اولهه ايشيا جا سڀ
ملڪ (جن کي يورپ جي زبان ۾، ’وچ اوڀر‘ چيو وڃي
ٿو)، جو ايتري قدر پست ۽ ويچارا آهن، سي رڳو
انهيءَ ڪري، جو بي سرتيو، اونداهو ۽ انڌو فڪر مٿن
قابض آهي، ۽ انهن جي اڳيان اُهو ائين پيش ڪيو پيو
وڃي، ڄڻ عين عقل ۽ اصل سوجهرو ۽ نُور اُهوئي آهي!
هيءُ ’تقليد ۽ تحقيق‘، انڌي ويساهه ۽ اکين رکندڙ
عقل جو مسئلو آهي، ۽ هيءُ ئي مسئلو آهي، يعني خيال
جي اظهار جي آزاديءَ جو مسئلو، جيڪو سنڌ جي، بلڪ
پاڪستان، سڄي ايشيا، اولهه ايشيا ۽ دنيا جي ٻين
سڀني پوئتي پيل ملڪن جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو مسئلو
آهي. افسوس جو 1947ع جي آزادي اسان لاءِ پاڻ سان
گڏ انڌي ويساهه جو اُهو ديو، جيڪو ڪنهن طرح هار
کائي، بوتل ۾ بند ٿيڻ وارو ئي هو، تنهن کي ڇيڙي،
ڇتو ڪري، طبقاتي ڦرمار جو هٿيو بنائي، پاڻ سان گڏ
کڻي آئي، ۽ اسان اُن جي هيبت ۾ وٺجي وياسين. سنڌ
جي اديبن ۽ دانشورن کي پهريائين پهريائين انهيءَ
اوندهه جي ديو منجهان پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي، ۽
ويساهه ۽ عقل جي انهيءَ تصادمي مسئلي کي نبيرڻو
پوندو.
ان کان پوءِ ٻيو وڏو مسئلو سنڌي لکندڙن ۽ پڙهندڙن
جو هيءُ آهي ته سنڌيءَ کي جو سنڌ جي صوبائي ٻوليءَ
جو درجو قانوناً مليو آهي، سو عملاً پڻ اُن کي
ملي، ۽ ان لاءِ جيڪي ضروري ڪوششون ڪرڻ کپن سي ڪجن،
۽ جيڪي ضروري قدم کڻڻ گهرجن، سي کڄن. ٻوليءَ جي بل
۾ درج آهي ته ”حڪومت سنڌيءَ کي صوبائي ٻوليءَ طور
ڪم آڻڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺندي- مثلاً ٻوليءَ جي
پوري ترقيءَ لاءِ بورڊ، اڪيڊيمون وغيره قائم ڪندي،
۽ 12 سالن ۾ اُن کي ايتري پل تي پهچايو ويندو، جو
اها صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ پوريءَ ريت ڪم اچي
سگهي“. بل جي پاس ٿيڻ کي چڱو ڪجهه عرصو گذري چڪو
آهي، هاڻي اُن سلسلي ۾ جيڪو به عملي قدم کڄندو، سو
مهلائتو چئي سگهبو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سون سالن
جي تاريخ ۾ ڪم از ڪم هاڻي وقت آيو آهي، جو ان جي
جامع ۽ رٿائتيءَ ترقيءَ لاءِ ڪي اهڙا بنيادي ۽
اثرائتا قدم کنيا وڃن، جو اُهي مالي توڙي، افرادي
وسيلن جي اڻهوند يا گهٽتائي سبب ناڪام ٿيڻ نه
گهرجن. هن نئين زماني ۾ ۽ هن هيتريءَ ترقي ڪيل
دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي قومي ۽ سرڪاري طور
تسليم ڪيل ٻوليءَ ۽ اُن جي جامع ادب جي تيز ۽
بامقصد ترقيءَ لاءِ، اُن ملڪ جي حڪومت ڪو مخلصانه
۽ ڀرپور قدم نه کنيو، ته پوءِ ڪڏهن ۽ ٻئي ڪهڙي طرف
کان اُن ڏس ۾ ڪجهه ٿي سگهندو!
آزاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ، ڪيترين ناسازگار حالتن
هوندي به، سنڌي ادب واقعي چڱي ترقي ڪئي آهي-
جيتوڻيڪ اُها سڄي ترقي، جيئن مٿي عرض ڪيو ويو، ان
غير سرڪاري يا خالص نجي ذريعن ۽ انفرادي ڪوششن
وسيلي ڪئي آهي، غالباً اهوئي سبب آهي، جو سنڌي ادب
اڃا اُن موذي چڪر مان آزاد ٿي نه سگهيو آهي، جنهن
۾ ننڍين پوئتي پيل قومن جا ادب عام طرح مبتلا
هوندا آهن، اُهو چڪر هيءُ آهي: سٺو ادب ڪافي انداز
۾ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ادب جا چاهيندڙ يعني اُن جا
پڙهندڙ ڪافي ڪين آهن؛ ادب جا ڪافي چاهيندڙ ڪين
آهن، ڇاڪاڻ جو سٺو ادب ڪافي انداز ۾ ڪونهي. (سٺي
ادب مان مراد آهي گهڻ- پاسائون ادب يعني علمي،
سائنسي، فني ۽ خالص ادب آهي). جيستائين اُن چڪر کي
ڪنهن نه ڪنهن ڪڙيءَ وٽان ٽوڙيو نه ويو آهي،
تيستائين صورتحال ۾ ڪو وڏو ڦيرو اچي سگهي، تنهن جي
اميد رکڻ اجائي آهي.
ڪافي وقت کان ۽ ويندي هيلتائين، سنڌي ادب جي دنيا
۾ جيڪا چرپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص
قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام
پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءَ جو ادب چئي سگهجي
ٿو. علمي، سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص
اسان وٽ نه اڳ پيد اٿيو آهي، ۽ نه هاڻي ئي ڪو گهڻو
پيدا ٿو ٿئي، پر خالص ادب جي ذخيري ۾ پڻ، جنهن ۾
شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهن، ڪي ڳاڻ
ڳڻيا اضافا حاصل ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ
ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف
علمي، سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي
ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ مان ترجما ٿي پڌرا
ٿيڻ گهرجن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ ٻه
هزار نوان ۽ اصلوڪا ڪتاب شايع ٿيڻ کپن، جيڪي ڪن
خاص پڙهندڙن جي گروهن لاءِ مخصوص هجن، مثلاً ٻارن
لاءِ، جوانن لاءِ، زالن لاءِ، نئين يعني بالغ
پڙهيلن لاءِ، وغيره وغيره. ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڪوبه
ڪتاب، ڪنهن به موضوع تي ۽ ادب جي ڪنهن به صنف ۾،
ڪو سنڌي مصنف طبعزاد لکي، ۽ اهو علمي ۽ ادبي طور
تسليم ٿيل معيارن مطابق شايع ٿيڻ جهڙو هجي، ته اُن
کي ڪنهن به طرح ڇپجڻ ۽ شايع ٿيڻ گهرجي. ايندڙ ڏهن
سالن ۾ سنڌي صحافت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مُد تي اشاعتن
جي ماهيت ۾ ۽ مقدار ۾ اهڙو انقلاب رونما ٿيڻ
گهرجي، جو انهن جي هر اشاعت پنجاهه هزار کان گهٽ
نه هجي. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڇپائيءَ
جا وسيلا ايترا سڌرڻ کپن ۽ ايڏا وڌڻ گهرجن، جو قوم
جي پڙهڻ جون سڀ ۽ پڻ ٻوليءَ جي قسم جون دستاويزي
ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سنڌي
۾ هن ڪتابي انقلاب جي تياريءَ ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ
تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڪروڙ روپيا خرچ ٿيڻ کپن.
1947ع کان وٺي هيلتائين اردوءَ جي تصنيف ۽ اشاعت
تي مجموعي طور 30 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. سنڌي
جي سنڌي ٻوليءَ تي سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڏهن سالن ۾
ڏهه ڪروڙ رپيا، جيڪي آزاديءَ کان اڳ جي اگهن ۽
قيمتن جي ماڻ ۾ فقط هڪ ڪروڙ جي ئي برابر آهي، خرچ
ڪيا ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانه چئي سگهبي. پيسن جي
تنگيءَ جو عذر هن معاملي ۾ ڪٿي پيش ٿئي ته اهو
نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اها ملڪ کي آزاديءَ جي هوا
جياري، جاڳائي ۽ جاندار بنائي نه سگهي آهي. ان
سلسلي ۾ حڪومت طرفان جيڪڏهن مالي وسيلن جي اڻهوند
يا گهٽتائيءَ جو اعلان ٿئي ۽ اُن جي پورائيءَ لاءِ
عام سڏ ٿئي يا حڪم لاڳو ٿئي، ته سنڌ ۾ هر سنڌي
پڙهيل ۽ ملازمت ۾ بيٺل شخص هر مهيني چئن آنن کان
هڪ روپئي تائين ڪتابي نذر ادا ڪري سگهي ٿو- ٻيا نه
ته گهٽ ۾ گهٽ پگهاردار پڙهيل ملازم ته اها ڪتابي
ڀيٽا آسانيءَ سان ڏيئي سگهن ٿا، ۽ کانئن اُن جي
وصولي به سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ۽ اُن جي بدران
کين اوتريءَ قيمت جا دلپسند ڪتاب پڙهڻ ۽ پاڻ وٽ
سانڍي رکڻ لاءِ پيش ڪري سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾
اُن جي سڀ پاسائين. ادبي واڌاري لاءِ هيءُ ڏهن
سالن واري وڏي رٿا هڪدم تيار ٿيڻ کپي. سنڌي ٻوليءَ
۽ ادبُ، هڪ پوئتي پيل ننڍيءَ قوم جي ٻوليءَ ۽ ادب،
هئڻ ڪري، جنهن موذي چڪر ۾ اڄ ورتل آهين، يعني ڪتاب
ڪينهن ڇو ته پڙهندڙ ڪينهن، ۽ پڙهندڙ ڪينهن ڇو ته
ڪتاب ڪينهن- اُن کي ”ڪتاب ڪينهن“ جي ڪڙيءَ وٽان
ائين ئي ڪٽي سگهجي ٿو.
هن وقت سنڌ جي اٽڪل سٺ لک سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ
مان 85 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهن، پڙهيلن جو وڏو تعداد
ادب سان گهڻي دلچسپي نٿو رکي. سنڌ ۾ ادب- خاص ڪري
نثري ادب سان دلچسپيءَ جي روايت اڃا به ڏاڍي
ڪمزور، بلڪ نه هئڻ جي برابر آهي. ادب کي اسان مان
جيڪي پڙهيل آهن، خود انهن جو وڏو حصو به نڪمن
ماڻهن جي فضول ذهني عياشي سمجهي ٿي. جيڪي ٿورا يا
گهڻا ادب سان دلچسپي رکن ٿا. تن مان ڪيترائي ننڍپڻ
۾ سٺي سنڌي ادب موجود نه هئڻ ڪري يا حاصل نه ڪري
سگهڻ ڪري، انگريزي ۽ اڙدو ادب پڙهيا آهن ۽ پڙهندا
رهن ٿا. ان ڪري هو سنڌي ادب سان قطعي ناواقفيت،
اُن جي معيار لاءِ حقارت ۽ ان جي مزاج کان بيگانگي
اختيار ڪري چڪا آهن. پڙهيلن جو جيڪو رهيل تعداد
هنن ٻنهي وصفن ۾ نٿو اچي، تنهن مان اڪثريت برابر
انهن جي آهي، جيڪي اُسرندڙ سنڌي ادب جي سرپرستيءَ
جي خواهش ۽ پڻ صلاحيت رکن ٿا. پر اُنهن مان گهڻا
ٻهراڙيءَ جي ٽڙيل پکڙيل ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾
رهن ٿا، جتي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي پهچڻ جو
آسان بندوبست نه آهي. ٻيو ته موجوده سنڌي ادب اڪثر
اُنهن ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ڪتابن جي شائقن جي
ماحول ۽ ذهني معيار جي گهرجن مطابق نه هئڻ ڪري هنن
لاءِ بنيادي طور ڄڻ ڌاريون ۽ اوپرو آهي. سنڌي ادب
جي اڄوڪيءَ عمارت جو بنياد شهرن ۾ رهندڙ ادب نوازن
جي هڪڙي ننڍڙي ٽولي تي رکيل آهي، جيڪي گهڻي قدر
شهري رنگ ۾ رڱيل آهن، ۽ مخصوص ذهني رخ ۽ محدود
ادبي مذاق رکن ٿا. هو جو ڪجهه لکن ٿا، سو سنڌي
ڪتابن جي پڙهندڙن جي اُن وڏيءَ اڪثريت لاءِ، جيڪي
ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، ڪا خاص ڪشش ۽ جاذبيت ڪانه ٿي
رکي. اهوئي سبب آهي، جو اڄ به ”قصو چار درويش“ ۽
”داستان امير حمزو“ ۽ ٻيا اهڙا ڪتاب ته سون ڇاپن
کان پوءِ به وري وري پيا ڇپجن، پر اسان جي اڪثر
اڄوڪن چڱن چڱن اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب هڪ هڪ هزار
لاچار ٻه ٻه هزار ڪاپين جي هڪ ئي ڇاپي کان مٿي اڃا
نٿا چڙهي سگهن.
سچ پچ ته هي اسان جا عام طرح شهرن تائين محدود
رهندڙ اديب اڃا ايترو گهڻو ۽ مختلف قسمن جو معياري
ادب پيدا به ڪونه ڪري سگهيا آهن ۽ پيدا ڪري به نٿا
سگهن، ڇاڪاڻ جو هو، فني نقطي نگاهه کان به ٻوليءَ
جي نحوي صحت، ان جي اظهاري ممڪنات ۽ اُسلوبي حسن
آفرينيءَ ۾ پوريءَ طرح تربيت پاتل نه آهن. کين
جديد ادب، خاص ڪري نثري ادب، جو تمام ٿورو ۽ بنهه
ابتدائي قسم جو ذخيرو ورثي ۾ مليو آهي، سندن
مطالعو يا ته بنهه ڪونهي يا اڪثر انگريزيءَ ۽
اردوءَ جي چند ڪتابن تائين محدود آهي. سنڌي مسئلن،
سنڌي انداز بيان، سنڌي سوچ جي انداز ۽ سنڌي زبان
بابت سندن ڄاڻ گهٽ آهي. منجهانئن گهڻا اُهي آهن،
جي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي حالتن کان بيگانا آهن، جتي
سنڌين جي اڪثريت رهي ٿي ۽ جتي اُهي تصادم ۽ واقعا
ٿين ٿا، جي عظيم ادب جو خمير بنيا آهن، وڏي ڳالهه
ته اسان جا تقريباً سمورا لکندڙ شوقيه لکندڙ آهن-
منجهانئن ڪوبه پيشه ور اديب ڪونهي، جو سمورو وقت
ادب لاءِ وقف ڪري، اُن ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهي. اڃا
اسان وٽ، پيسن جي صورت ۾، ادب جي ڪائي قيمت ڪانهي،
نتيجي طور، سنڌي اديب، اديب رهي، پيٽ پالي نٿو
سگهي. ناقص فني تربيت ۽ اڻپوري مطالعي، مشاهدي ۽
تجربي، ۽ نفعي جي اُميد نه هئڻ سبب عام سنڌي اديب
جي تخليق جو معيار گهٽ رهجي ويو آهي.
خالص ادب جي چڱن لکندڙن ۾ هڪ گروهه اسان وٽ اهڙو
به آهي، جو شعوري طور ”ادب براي ادب“ جي نظريي جي
مخالفت ڪرڻ جي باوجود، لاشعوري طور، اُن جي اثر
هيٺ آهي، اُهي اديب ’جدت پسنديءَ‘ کي هڪ مڪمل خوبي
سمجهندي. هر اُهو اثر قبول ڪن ٿا، جيڪو سندن خيال
۾ ’جديد‘ آهي. سندن موضوعن جي انتخاب، انداز بيان
۽ نقطي نظر تي مغرب جا اڄوڪا زوال پذير، بي مقصد،
کوکلا ۽ قنوطي لاڙا ڇانيل آهن، جنهنڪري سندن ادب
عام سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪابه گهري جاذبيت، پنهنجائي
۽ اثر نٿو رکي. ’جديد‘ جي اها انڌي پرستش اسان وٽ
اڃا ابتدائي دور ۾ آهي، پر اڳتي هلي، اُن جا ڏاڍا
اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا! خالص ادب جي دائري ۾ هن
اڀرندڙ خطري کي بروقت سڃاڻڻ ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ
اسان جي باخبر اديبن جي پنهنجي ذميداري آهي، ۽
جيتري قدر هو ان کي پورو ڪندا اوتري قدر اُهو سندن
پنهنجي زبان ۽ اُن جي اُسرندڙ ادب تي احسان ٿيندو.
آخر ۾ آءٌ هڪ نهايت اهم ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو
سمجهان، جنهن جو اسان جي ادب جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن
سان سڌو واسطو ته ڪونهي، پر اُن ۾ ئي سندن پنهنجو
توڙي اسان جي زبان ۽ اُن جي سموري ادب، قديم توڙي
جديد، خالص ادب توڙي علمي، سائنسي ۽ فني ادب، جو
مستقبل محفوظ رهي سگهي ٿو. اُها ڳالهه آهي اسان جي
اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
پڙهڻ پڙهائڻ جي ڳالهه. نهايت افسوس جو مقام آهي ته
اسان جي تعليمي درسگاهن ۾ اسان جي ٻارن کي سندن
مادري ٻوليءَ جي تعليم اڄڪلهه بنهه ناقص، غير
ذميدارانه، سطحي ۽ سچ پچ ته رڳو نالي ماتر ملي رهي
آهي، هڪ ته سنڌي درسي ڪتاب ٻوليءَ، مضمون ۽ طباعت
جي خيال کان غير معياري، ۽ ٻيو وري اسان جا سنڌي
پاڙهيندڙ استاد بي خبر، لاپرواهه بلڪ ائين سمجهڻ
وارا ته سنڌي ته پنهنجي ٻولي آهي، تنهن جي پڙهڻ ۽
پاڙهڻ تي ڪنهن خاص يا وڏي ڌيان ۽ محنت جي ڪهڙي
ضرورت! نصاب جي ٻين ڪمن جو پيا ٿورو يا گهڻو خيال
رکندا، پر سنڌيءَ جي پڙهائيءَ تي اهو به نه! نه ان
جي اکرن جي سهڻائي تي ڌيان، نه صورتخطيءَ تي، نه
ان جي صرف نحو جو خيال نه ان جي ادبي حسن ۽ فضيلت
جو. اسان جا نوجوان ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين
وڃيو ٿا رسن، پر رڳو شاهه سائين جا ٻه چار بيت ۽
وايون به نه اٿن ياد نه وري ڏسي پڙهي ئي ٿا سگهن.
انگريزن جي دور ۾ ته مادري زبانن جي پڙهائيءَ جي
ثانوي ۽ خوامخواهي حيثيت سمجهه ۾ اچي ٿي سگهي، پر
آزاديءَ کان پوءِ هڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي
مادري زبان جي پڙهائيءَ جي اها دردشا! افسوس! دنيا
جي ٻي ڪابه آزاد، باوقار ۽ غيرتمند قوم پنهنجي
آئينده نسل جي تربيت جي سلسلي ۾ پنهنجي مادري زبان
جي تدريسي ذميداريءَ کان ايڏي بي حس، بي شعور ۽
غافل رهي نه ٿي سگهي. پنهنجي تعليمي درسگاهن ۾
مادري ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس جي معاملي ۾ اسان
کي دنيا جي آزاد سڌريل قومن جي ڪردار جو مطالعو
ڪرڻ گهرجي ۽ اُنهن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي، مادري
ٻوليءَ جي تعليم ۽ تربيت، ترقيءَ ۽ حفاظت ڏانهن
پوري ڌيان ڏيڻ سان ئي قومون، پنهنجي عزت ۽ آزادي
قائم رکي سگهنديون آهن.
سنڌي ادب، ۽ اُن جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن، جي ڀلائيءَ
۽ بهتريءَ جي سلسلي ۾ مختصر طور پنهنجون تجويزون
هي آهن:
(1) سنڌي ٻوليءَ جا سمورا ضبط ٿيل ڪتاب آزاد ٿين.
(2) لکندڙن کي خيال جي اظهار جي پوري آزادي حاصل
هجي.
(3) سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي گهڻ- پاسائين ادب جي
سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڏهن سالن جي وڏي رٿا ٺاهي وڃي
۽ اُن تي پوريءَ ذميداريءَ سان عمل ڪيو وڃي. اُن
رٿا جون هيٺيون خاص ۽ اهم ڳالهيون هئڻ کپن:
(الف) ٻه هزار چونڊ ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿي
شايع ٿين.
(ب) ٻه هزار نوان ۽ اصلوڪا ڪتاب مخصوص پڙهندڙن
گروهن لاءِ لکجن ۽ شايع ٿين.
(ج) هر طبعزاد ڪتاب، جو اشاعت لائق سمجهيو وڃي، سو
شايع ڪيو وڃي.
(د) علمي ۽ فني اصطلاحن جون لغتون ۽ ماخذي ادب جا
گهربل ڪتاب ٺاهجن ۽ شايع ڪجن.
(هه) سنڌي ٻوليءَ جي ڇپائيءَ جا وسيلا سڌرڻ ۽ وڌڻ
کپن.
(4) تجويز ڪيل ڏهه ساله وڏي رٿا جي تعميل لاءِ گهٽ
۾ گهٽ ڏهه ڪروڙ رپيا مخصوص ٿين.
(5) سنڌي پڙهيل ماڻهن، خاص طرح سرڪاري ملازم، هر
مهيني 25 پيسن کان هڪ روپيو ڪتابي نذر طور ڏين.
(6) ٻهراڙين جي معيار ۽ مذاق مطابق ادب پيدا ٿئي.
(7) ’جديد‘ جي سطحي ڪشش ۾ وٺجي، بيمار ۽ قنوطي
لاڙن کي جديد سنڌي ادب ۾ جاءِ نه ڏجي.
(8) لکندڙ پنهنجي فني صلاحيتن ۽ پنهنجي مطالعي،
مشاهدي ۽ تجربي کي وڌائين.
(9) لکندڙن کي معاوضو ملي.
(10) سنڌي ڪتابن خريدڻ لاءِ عوام ۽ خواص ۾ ڀرپور
مهم هلائي، ۽ ان کي قوميت جو هڪ انگ ظاهر ڪري،
مقبول ڪرائجي، ”سنڌي ڪتاب خريد ڪريو!“ جو نعرو
اخبارن ۾ ڇپائجي ۽ مقبول ڪرائجي، هن جدوجهد کي وڏي
پيماني تي ، پوريءَ قوت سان ۽ ڊگهي عرصي تائين
هلائجي.
(11) ٻهراڙين ۾ ڪتابن جي پهچڻ جو پورو انتظام هجي.
(12) تعليمي درسگاهن ۾ سنڌيءَ جي تعليم ۽ تدريس جو
ڪم بامقصد بنائجي ۽ اُن جو معيار بلند ڪجي.
(1973ع) |