(4)
مطالعا ۽ تبصرا
ماهنامو ”شاعر“، حيدرآباد 2/1956ع
افسانو ”پسي ڳاڙها گل……“
”برهانپور کي سندهي اولياء“ (اردو)
”لاٽ“ شمشير الحيدري جو پهريون شعري مجموعو
(1961ع)
سوچ کي لوڇ (شاعري)
سنڌي سماج ۾ اديب جي ذميداري: (15- جنوري 1977ع تي
سڪرنڊ ۾ سنڌ جي صف اول جي شاعر، عبدالحڪيم ”ارشد“،
جي پهرئين ڇپيل شعري مجموعي ”ڏيئا ڏات جا“ جي
مهورت جي موقعي تي پڙهيل صدارتي تقرير).
ڪيئي ڪتاب: مهراڻ ڪلچرل سينٽر، حيدرآباد ۾ 6-
جولاءِ، 1980ع تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي لکيل
”ڪيئي ڪتاب“، جلد پهرئين جي رونمائي“ جي موقعي تي
پڙهيل تقرير.
تو جنين جي تات …… ڪتاب ”اندر جنين اُڃ“ جي مهورت
جي موقعي تي 12-1-1981ع تي پڙهيل مضمون.
اديب، ادب ۽ سچ جي تلاش: حميد سنڌيءَ جي ڪتاب
”ويريون“ جي مهورتي جلسي ۾، تاريخ 10- سيپٽمبر
1981ع تي پڙهيل تقرير.
”اکيون پسي آئيون“: دين محمد اڪرم ٻورڙائي، دادو،
جي شعري مجموعي بابت
چترليکا (ناول): ڀڳوتي چرن شرما، سنڌيڪار: رشيد
ڀٽي
عروض جا اهڃاڻ: ليکڪ، عبدالقيوم ”صائب“
ڪويتا فقير هدايت علي رڏ جي شعري مجموعي ”سونهاري
جي سوڻهن“ بابت:
علم جي پروڙ
يوناني فيلسوف، هرئڪليٽس، جو مشهور قول آهي ته
”هئڻ ڪجهه به نه آهي. ٿيڻ سڀ ڪجهه آهي.“ ان طرح،
جيئن ٻي هر شيءِ تيئن انساني زندگي به، پنهنجي
سڀڪجهه هئڻ سان- ناڻي، علم، سماج ۽ سماج جي
دستورن، قانونن ۽ نظامن سان- اُها ڪجهه ئي آهي جو
ڪجهه اُها ڪري ٿي، جا ڪجهه اُها ٿئي ٿي: رڳو
’انساني‘ سڏجڻ سان اُن کي انساني (يا فوق
الانساني) پَرَ لڳي ڪونه ٿا وڃن- جيئن ’ديني‘
تبليغ ڪارَ ۽ ’معرفت‘ جا دعويدار انسان کي ’اشرف
المخلوقات‘ جي ٺلهي پَٻي ڏيئي، ۽ اُن کان ئي مٿي
’الله‘ تائين نيئي، ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦيري ڇڏيندا
آهن. پنهنجي پاڻ يا پنهنجي ڪنهن محدود گروهه ۾ ئي
گم هجڻ سان انساني زندگي بنهه حيواني يا اُن کان
ٿوريءَ ئي مٿڀريءَ ڪنهن سطح تائين پهتل شمارجي
سگهي ٿي. انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن واڌ جي هن
انساني زندگيءَ جي تهذيبي سفر جي منزل، بهرحال،
قومي اجتماعيت کان اڃان هن روشني پاتل ويهين صديءَ
جي خاتمي تائين به، اڳتي ڪانه سُري سگهي آهي. پنڊت
جواهر لال نهروءَ جي اِن سلسلي ۾ چيل هيءَ ڳالهه
اڄ به تاريخي اهميت جي حامل آهي ته ”جديد زندگيءَ
لاءِ سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.“
(Nationalism is the very condition of modern
existence)
بين الاقواميت، عالمگيريت، آفاقيت اڃان خيالن جي
سطح تائين واقعي وڏا آدرش ته آهن (۽ سچ ته رڳو اڄ
نه پر گهڻي وقت کان آهن)، پر اُنهن لاءِ انساني
زندگي پنهنجا گهربل نظام، دستورَ، ادارا اڃان قائم
ڪري نه سگهي آهي، بلڪ پوريءَ طرح سوچي به نه سگهي
آهي- جيئن معروف ۽ جائز قومي سطح تائين پنهنجي
اجتماعي چڱائيءَ
(Collective Good) لاءِ اُن جمهوريت، قانون جي بالادستي، سماجي انصاف، ۽ فلاحي يا
اشتراڪي نظام تجويز ڪيا آهن ۽ پڻ عمل ۾ آندا آهن.
– م.ا.ج.
(”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، مئي 1988ع، جي پيش
لفظ مان کنيلُ)
تبصرا
”شاعر“ حيدرآباد- 2/1956ع
ڪنهن رسالي يا مخزن تي تبصري ڪرڻ جي مراد ان ۾
ڇپيل مواد تي تبصرو ڪرڻ آهي. رسالي ۾ آيل مواد جي
چونڊ ڪيئن ڪئي ويئي آهي، ان مواد کي ترتيب ڪهڙي
ڏني ويئي آهي، ۽ مواد جي چونڊ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ
پنهنجي طرفان وڌيڪ ڇا پيش ڪيو آهي – اهي ڳالهيون
رسالي جي ايڊيٽر جي ادبي ذوق، علمي پُرمايگيءَ ۽
نظرياتي پختگيءَ متعلق ڪافي ڪجهه ٻڌائي گذرنديون
آهن. حقيقت ۾، رسالي جون اهي ئي چيزون سندس ايڊيٽر
جي شخصيت جون ترجمان ثابت ٿينديون آهن.
”سنڌ جي دوماهي ادبي رسالي، ”شاعر“ جو ٻيو پرچو
اسان جي اڳيان آهي. رسالي جي ادارت جا فرض مولانا
غلام محمد ”گرامي“ جهڙو ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر بجا
آڻي رهيو آهي. رسالي جي ادارتي نوٽ پڙهڻ سان،
ايڊيٽر جي مجموعي فڪر ۽ ذهني صورتحال جو هڪ حد
تائين صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر حب الوطنيءَ جي اهم مسئلي
کي سمجهائيندي، ان جو هڪ انوکو مفهوم پڙهندڙن کي
سيکاريو آهي: پاڻ ”وطن جي ’ڌرتي ماتا‘ واري تخيل“
کي اٿندي ئي ننديو اٿن. لفظ ’ڌرتي ماتا‘ جي اهڙي
نفرت ڀرئي استعمال مان سندن مراد اها ظاهر آهي ته
وطن جي ڪنهن به شي جِي بت وانگر بيهي پوڄا نه ڪرڻ
گهرجي. ”اسان جي پاڪ وطن“ ۾ اهڙيءَ ڪنهن چيز جي
ڪٿي ڪا پرستش ٿي رهي آهي – جنهن خلاف ان جي
پرستارن کي اها تنبيهه فرمائي ويئي آهي – ان جو
اسان کي علم ڪونهي. جيڪڏهن ”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر
جي علم ۾ اهڙي ڪا چيز هئي ته سندن فرض هو ته ان جي
وضاحت فرمائي ڇڏين ها، ته سڀئي ان مان عبرت وٺن
ها! هڪدم پوءِ ارشاد ٿو ٿئي ته ”وطن مان مقصد اهو
’فڪر حيات‘ ۽ ’نظام زندگي‘ آهي، جو عوام جو (جِي)
سماجي، فڪري، علمي ۽ معاشي تربيت ڪري رهيو آهي.
اهو فڪر حيات هڪ خاص آئڊيالاجي (آئڊيالاجي
=
فڪر حيات) مان پيدا ٿيندو آهي. لهٰذا ان
آئڊيالوجيءَ جي مرڪزي حيثيت کي ئي مڃڻ ’ساڻيهه جي
سڪ‘ ۽ حب الوطني سمجهڻ گهرجي“. پهرين ڳالهه ته فڪر
حيات، فڪر حيات (آئڊيالاجي) مان پيدا ڪين ٿيندو –
اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٻي ڳالهه ته
”فڪر حيات“ ۽ ”نظام زندگي“ ٻئي هڪ ڳالهه آهن – اها
خبر به اسان کي اڳي واقعي ڪانه هئي. ٽين ڳالهه ته
اهو ”نظام زندگي“ جيڪو ”اسان جي پاڪ وطن – اسلامي
جمهوريه پاڪستان“ ۾ ”عوام جي سماجي، فڪري، ۽ معاشي
تربيت ڪري رهيو آهي“، سو آهي نيم جاگيرداري، نيم
سرمايه داري ۽ نيم سامراجي نظام! انهيءَ نظام
زندگيءَ جي ”مرڪزي حيثيت“ ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي آهي، اها
خبر به اسان اٻوجهن کي ”شاعر“ رسالي جي شاعر
ايڊيٽر صاحب بنهه ڪين ٻڌائِي، جو ان کي ”مڃي“ ڪري
اسين به سندن ”ساڻيهه“ جي سڪ سان پنهنجي من کي کڻي
مالامال ڪريون. بهرحال جيڪڏهن فرمائش هيءَ آهي ته
جيڪو ”نظام زندگي“ اڄ عوام جي ”تربيت“ ڪري رهيو
آهي – يعني پيري فقيري، زمينداري، جاگيرداري،
سرمائيداري، وغيره – ان کي مڃي ڪري سنڌ جا عوام
پاڻ کي گرامي صاحب جي نظرن ۾ وطن دوست ثابت ڪن، ته
اهو معاملو ته گرامي ۽ سنڌ جا عوام ئي پنهنجو پاڻ
۾ نبيرين – ٻيو ڪو ان ۾ دخل ڏيڻ وارو ڪير!
”حب الوطنيءَ“ جي ڳوڙهي مسئلي کي مٿئين نموني حل
ڪرڻ کان پوءِ، ”شاعر“ جي فاضل ايڊيٽر اچي ”نالن جي
فلسفي“ کي وڪوڙيو آهي. ”مهراڻ“ (1-1956) جي گذارشي
نوٽ ۾ اسان عرض ڪيو هو ته ” ’اسلامي جمهوريہ،
پاڪستان‘ جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾ - يعني
ان جي آئين ۾ - جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا
ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون،
اُتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن – سج جي وجود
کان انڪار صرف اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي
ڪندي ’مشرف به اسلام‘ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته
بدلجندي پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا – پر ملڪن ۽ قومن جي
نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي، تنهن ڳالهه جي خبر سو
هاڻي پيئي اٿئون!“ مقصد هي هو ته سوچيو وڃي ته
”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ قائم ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“
ملڪ جي مٿان مڙهڻ ضروري هو ڇا، يا ون يونٽ قائم
ڪرڻ لاءِ ”سنڌ“ جي قديم تاريخي نالي کي ملڪ جي
دستور تان ميساري ڇڏڻ لازمي هو ڇا: جيڪڏهن دستور ۾
سنڌ جو نالو بيان ڪيو وڃي ها، ته ڇا اسان جي وطن
پاڪ جي ”اسلامي جمهوريه“ بنجڻ ۾ ڪا ڪسر رهجي وڃي
ها؟ اسان نٿا سمجهون ته ملڪ کي رڳو نالي ماتر
”اسلامي جمهوريه“ سڏڻ لاءِ، گرامي صاحب قبول ڪندو
ته سنڌ جو نالو ئي مِٽائي ڇڏڻ ضروري آهي. عربستان
۾ اسلام آيو، ته به عربستان ته عربستان ئي رهيو –
ٻين ڪهڙن اسلامي ملڪن جا وڌيڪ نالا کڻجن؟- ته باقي
سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو سندس نالو لاٿو وڃي! بس
ايتريءَ ڳالهه تان – يا مرڳو سنئين سڌي ڳالهه
سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي اٿس – گرامي صاحب بنهه بيبجي
پيو آهي. اسلام ۽ پاڪستان لاءِ جهاد جو جهنڊو ڪلهي
تي رکي، ڦشرجي، ميدان ڪري بيهي رهيو آهي. پوءِ ته،
سواءِ پنهنجي، ٻين سڀني ”اندر جي انڌن“، ”ڪارن
ڪافرن“، ”اسلام جي دشمنن“، ”دريده دهنن“، ”آهني
پردي ۾ لڪلن“، ”ڪفر ساز ۽ مولوين“، ”مسلمانن کي
’ڄٽ‘ چوندڙن“، ”ڪميونسٽن ۽ سيڪيولرسٽن“، ”رسالن ۽
اخبارن ۾ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندڙن“، ”مينڍ ۾ مارئي
ڳائيندڙن“، ”اندر جي آڳ اُجهائڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪندڙن“، ”رڍ جي کل ۾ بگهڙ وانگر لڪندڙن“، ”اٻوجهه
۽ ساده دل نوجوانن جا اوجهه ڦاڙيندڙن“- مطلب ته
دنيا جهان جي چڱن مَٺن کي، نالن تي نالا وٺي، بيهي
للڪاريو اٿس. آخر ۾ جڏهن وڃي ڪجهه ٿڌو ٿيو آهي،
تڏهن اهڙو ته هڪڙو پَتي جو فقرو ڏوراپي طور لکي
ڇڏيو اٿس، جو پڙهي، ”اسلام جي دشمنن ۽ اسلام کي نه
مڃيندڙن“ جا ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي پيا هوندا: چي،
”جيڪڏهن ڪي اسلام جا دشمن ۽ اسلام کي نه مڃيندڙ
پاڻ کي مسلمانن جي نالن ۾ لڪائڻ کي ڪو گناهه ۽
اخلاقي ڪمزوري نٿا سمجهن، ته پوءِ پاڪستان تي
”اسلاميه جمهوريه“ جو نالو ڌرڻ ڪو خاص ڏوهه نه
آهي! اين گناهي ست کہ در شهر شما نيز کنند!“ اسان
جي دعا آهي ته اسان جيڪي ”مهراڻ“ ۾ چيو هو، سو
گرامي صاحب جيڪڏهن ڪين سمجهيو، ته ان جو ڪو خاص
ڀولو ڪونهي – پر جيڪي خود پاڻ هِي لکيو اٿن، شل ان
کي ئي رڳو سمجهي سگهن!
”شاعر“ جي اداريه ۾ هڪ نوٽ ”ڪافي نوازي ۽ غزل
دشمنيءَ“ متعلق به آهي. ان نوٽ کان اڳ ”ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد سنڌ، ۽ ڪافي مشاعرو“ جي عنوان
ماتحت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي ”سنڌي ادب ۽
تهذيب جي خدمت“ لاءِ گرامي صاحب دل کولي خراج
تحسين پيش ڪيو آهي، جو هو ”ڪافين جا مشاعرا“ ڪري
رهيا آهن“؛ ۽ ”جڏهن کان حضرت ”طالب الموليٰ“ ڪافين
جا مشاعرا ڪرايا آهن، تڏهن کان سنڌ جي بزم مشاعرن
۾ ڪافيون ضرور پيش ڪيون وڃن ٿيون، ۽ ريڊيو تان به
اهڙن مشاعرن جو نشر ڪرڻ ڪافين جي مقبوليت جو روشن
دليل آهي.“ ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد سنڌيءَ ۾ ”غزل جي مشاعري“ کي
تقريباً بند ڪري ڇڏيو آهي، ۽ راڳ جي پروگرام ۾ به
عام طرح رڳيون ڪافيون پيش ڪيون وڃن ٿيون. ريڊيو
حيدرآباد جي حضور ۾ پنهنجي هن خراج تحسين پيش ڪرڻ
کان فوراً پوءِ، ”ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ“ جي
جدا عنوان هيٺ گرامي صاحب فرمائي ٿو ته ”اڄ ڪلهه
ڪافي نواز طبقي جي ”غزل دشمني“ عالم آشڪار ٿي چڪي
آهي. اڻ فتني کي پيدا ڪندڙ اهي چند ماڻهو آهن، جي
دراصل اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن آهن – جي سنڌي
”سنڌي زبان“ جي انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ
کان ڊاهڻ لاءِ تيار آهن“. “سنڌي زبان“ جي لفظن کي
گرامي صاحب پاڻ واڪ جي نشانين ۾ ڏنو آهي، جنهن مان
جملي ۾ انهن جو استعمال طنزيه پيو معلوم ٿئي.
بهرحال انهيءَ ٻاراڻيءَ ڳالهه کي ڇڏي، سوچڻو آهي
ته اهي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن چند ماڻهو“
ڪير آهن، جيڪي گرامي صاحب جي نظر ۾ ”سنڌي زبان جي
انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ کان ڊاهڻ لاءِ
تيار آهن؟“ ظاهر آهي ته گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد وارن کي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن“
شمار ڪري نٿو سگهي؛ نڪي ڪي هو ”حضرت ’طالب
الموليٰ‘ “ تي ئي اهي لقب ڌري ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته
ڪافين سان دلي چاهه سان گڏ مخدوم صاحب جن جي غزل
دوستي ۽ اردو ادب ۽ پاڪستان ڏانهن عقيدتمندي عالم
آشڪار آهي: ٻئي ڪندي، گرامي صاحب جي قلم مان ريڊيو
حيدرآباد ۽ ”حضرت طالب الموليٰ“ لاءِ سنڌي ادب ۽
تهذيب جي خذمتگذاريءَ جي سلسلي ۾ تعزيتي لفظن جون
فياضانه استعمال اڳي ئي پيش ٿي چڪو آهي. ته پوءِ
باقي اهي ڪهڙا ”چند اردو ۽ پاڪستان جا دشمن“ گرامي
صاحب جي نگاهه ۾ ککن ٿا، جن جي ”غزل دشمنيءَ“ کيس
ايترو بيچين ڪيو آهي؟ انهن غزل – دشمن شخصن ضرور
ڪٿي اهڙي قسم جو ڪو بيان شايع ڪيو هوندو، مضمون
لکيو هوندو، جنهن ادبي ميڙ ۾ ڪا تقرير ڪئي هوندي:
ممڪن آهي ته انهن چند ماڻهن جي ڪا پنهنجي اخبار يا
ڪو پنهنجو رسالو هجي، جنهن ۾ هنن ٻين ڳالهين سان
گڏ غزل کي پنهنجي ان اخبار يا رسالي مان بنهه
هڪالي ڪڍي ڇڏيو هجي! جيڪڏهن انهن ڳالهين مان ڪا به
ڳالهه نه آهي - ۽ اسان کي يقين آهي ته اهڙي قسم جي
چيز گرامي صاحب هرگز سنڌ جي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ متعلق
به پيش نٿو ڪري سگهي – ته پوءِ اسان کي گرامي صاحب
کان سوال پڇڻ جو هي حق ضرور ملي ٿو ته ”ڀاءُ اسان
جا، ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ جو مسئلو سنڌ ۾ اول
آهي ڪٿي؟ اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن ته توکي پوءِ
ڳولڻ گهرجن؛ پهريائين سنڌ ۾ ڪو غزل – دشمن ته ڳولي
هٿ ڪر!“ ائين پنهنجي ڄنگهه ۾ پاڻ چڪ هڻي، ويهي ڪتو
ڪتو ڪرڻ ڏاهپ جو ڪم ته نه آهي! سچ پچ، اسان جي
هيءَ ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو گراميءَ جهڙي اديب،
شاعر ۽ عالم شخص، ۽ اسان جن ٻين اهڙن ڀائرن لاءِ
رڳو پنهنجن ادبي ۽ علمي اختلافن نبيرڻ لاءِ به
سواءِ اسلام – دشمني، پاڪستان – دشمني، ۽ ٻين اهڙن
بغض، ڪيني ۽ فساد سان ڀريل الزامن جي، پنهنجي
بچاءَ، يا ٻئي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻيو ڪو
شائستو، سنجيدو ۽ ناشانائتو لفظ، دليل طور يا خطاب
طور استعمال ڪرڻ لاءِ، هٿ ئي ڪونه ٿو اچي!
”شاعر“ جي اداريه ۾ اڳتي هلي، گرامي صاحب اعلان
ڪرڻ فرمايو آهي ته ” ’شاعر‘ جي سرپرست عاليجناب
حضرت ”طالب الموليٰ“ فيصلو ڪيو آهي ته ”شاعر“ جي
مقاله نگار ۽ شعراء ڪرام جي همت افزائي ڪئي وڃي، ۽
انهن جي فني عظمت ۽ ادبي خدمت کي تسليم ڪندي، چڱا
معاوضا پيش ڪجن . . . . ’شاعر‘ جي ايندڙ اشاعت کان
معاوضي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي“. هيءُ هڪ
مبارڪ اعلان آهي. رسالن جي معاوضن جي معرفت موجوده
حالتن ۾ سنڌ جا اديب ۽ فنڪار ”فارغ البال ۽ ڳڻتين
کان آجا“ ٿين يا نه، پر ان سرشتي مان اخبارن ۽
رسالن جي ايڊيٽرن کي اشاعت لاءِ ’دلپسند‘ مواد ته
ضرور ملي ويندو. ”شاعر“ ۾ تازي شايع ٿيل ’ادب‘ کي
ڏسي ڪري، خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ”شاعر“
طرفان معاوضي ڏيڻ جي هن اعلان کان پوءِ، ان حد
تائين ”شاعر“ واري انهيءَ قسم جي ادب کي ضرور فروغ
ملندو. گرامي صاحب سان گڏ اسان کي به اميد آهي ته
جيئن ”’شاعر’ جي ادبين“ لاءِ مٿئين نموني
”بندوبست“ ڪيو ويو آهي، تيئَن ”’مهراڻ’ ۽ ’نئين
زندگيءَ‘ جي اديبن“ لاءِ پڻ جلد ئي بندوبست ڪيو
ويندو. اسان جي وڌيڪ دعا آهي ته شل هنن معاوضن جي
سرشتن قائم ٿيڻ کان پوءِ به، اسان جا سنڌي اديب
سنڌي ٻوليءَ جا ئي اديب رهن، ۽ شل هو رڳو ”شاعر“
جا، ”نئين زندگيءَ“ جا، ”مهراڻ“ جا، يا اهڙي ٻئي
ڪنهن محدود حلقي جا ئي مخصوص اديب ڳڻجڻ شروع نه ٿي
وڃن!
”شاعر“ جي قابل ايڊيٽر جا افڪار عاليه پرچي جي ٻين
ٻن چئن جاين تي پڻ موجود آهن. ”پراڻو ۽ نئون ادب“
جي عنوان (ص 24) هيٺ، گرامي صاحب ”اڄ ڪلهه جي اديب
۽ شاعر، زباندان ۽ صاحب تحرير“ کان شڪايت ٿو ڪري
ته هو غزل گو شاعر جي ”گل ۽ بلبل، زلف ۽ رخسار، مي
۽ ميخانه، پير مغان ۽ محتسب، رند ۽ زاهد“ کي ادب
جون ”پراڻيون روايتون سمجهي، ترڪ ڪري چڪو آهي“، ۽
انهن جي جاءِ تي ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن –
مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار – کي اها ساڳي
حيثيت“ ڏيئي، ادب جون ”نيون روايتون“ قائم ڪرڻ ٿو
چاهي، ۽ ائين ڪندي هي ”نئون نويل اهل قلم پاڻ کي
جدت پسند سمجهڻ جي خوش فهميءَ ۾ مبتلا“ ٿو رکي،
حالانڪ اها سنديس ”صحيح معنيٰ ۾ نه انقلاب پسندي
آهي ۽ نه ان کي ترقي پسندي سڏڻ جي ئي غلطي ڪرڻ
گهرجي“! هن استاد پائيءَ واري فيصلي کان پوءِ
”نئين نويل اهل قلم“ کي ٻڌايو ٿو وڃي ته ”ادب نه
پراڻو ٿيندو آهي ۽ نه نئون. اها تفريق ۽ تقسيم
ذهني زوال، ۽ روشن ضميريءَ جي نه هجڻ ڪري پيدا ٿئي
ٿي. ادب ته زنده جاودان رهي ٿو – پراڻا اسان جا
ذهن ۽ دماغ ٿين ٿا – ورنه هت ته هر شئي ”نئين“ آهي
۽ هر دم جوان آهي!“- تنهنڪري هن کي گهرجي ته گل ۽
بلبل، مي ۽ ميخانه وغيره جهڙين هر دم نين ۽ دائمي
جوان روايتن کي ئي پختيون ۽ صحيح ادبي روايتون
سمجهي ۽ نه ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن –
مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار“ جهڙين چيزن کي،
جن ۾ ڪا به جدت پسندي، ڪا به انقلاب پسندي، ۽ ڪا
به ترقي پسندي ڪانه آهي! گرامي صاحب جو هي آخرين
فرمودو به نوآموز اديب جي ٻڌڻ وٽان آهي – شايد ان
جي ٻڌڻ سان ئي شاگرد جي ڪجهه همت افزائي ٿئي!
ارشاد ٿو ٿئي ته ”اديب جي خلوص (؟) ۽ بي اثريءَ جو
اهو ڪافي ثبوت آهي، جو هو خود چاهي ٿو ته مان ڪجهه
لکان. اهو سندس ’ڪجهه لکڻ جو جذبو‘ دليل آهي سندس
ناقص هجڻ جو ۽ بي خلوص هجڻ جو.“ (!) ظاهر آهي ته
گرامي صاحب جي مرضي آهي ته جيسين ”ڪجهه لکڻ جو
جذبو“ زنده هجي، تيسين ڪجهه به نه لکجي – ڇاڪاڻ ته
”اهڙيءَ تحرير سان انقلاب جو اچڻ آهي ٻٻرن کان ٻير
گهرڻ“: اڳتي هلي، جڏهن ”وسيع مطالعي، مسلسل مشاهدي
۽ ڪافي تجربي“ بعد، اهو ”ڪجهه لکڻ جو جذبو“ اديب
جي دل ۾ مري وڃي، تڏهن ئي هو ”اديب“ بنبو، ۽ پوءِ
هو پنهنجي وساڻل دماغ ۽ وڪاڻل قلم سان واقعي
انقلاب آفرين ادب پيش ڪرڻ جو پاڻ کي اهل ثابت
ڪندو!
”سنڌي قافيا ۽ سندن حرڪات و سڪنات“ (ص 64) جي سري
هيٺ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو هڪ اهم مسئلو
ڇيڙيو ويو آهي. محترم حافظ محمد احسن ۽ مرزا اجمل
بيگ صاحب جن مسئلو پيش ڪيو آهي ته جئن ته اردو،
فارسي ۽ عربي قافين جون پڇاڙيون ساڪن ۽ سنڌي قافين
جون متحرڪ آهن، تنهنڪري سنڌي قافين جي پڇاڙين کي
به ساڪن ڪري اردو، فارسي ۽ عربي قافين سان گڏ
استعمال ڪرڻ جائز آهي يا نه؟ حافظ صاحب ۽ مرزا
صاحب ٻنهي تجويز پيش ڪئي آهي ته اِن مسئلي تي سنڌ
جا اديب ۽ شاعر جوڳو ويچار ڪن، ۽ ڪنهن متفقه فيصلي
تي اچن. گرامي صاحب ان مسئلي تي راءِ ڏني آهي ته
”اول غور ڪرڻ گهرجي ته آيا عربي، فارسي قافين سان
گڏ سنڌي قافيا استعمال ڪري سگهجن ٿا يا نه؟ اگر
اهو فيصلو ٿي وڃي ته ائين ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ .
. . . . ڇا لاءِ ته عربي فارسي قافين جون پڇاڙيون
جڏهن (؟) ته ساڪن آهن، تڏهن (تنهنڪري؟) لامحاله
سنڌي قافين جون پڇاڙيون به ساڪن ٿي وينديون.“ (!)
گرامي صاحب جي مرضي گويا هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾
جڏهن ڌارين ٻولين جا لفظ داخل ٿين، ته نه فقط اهي
لفظ پنهنجون اصلوڪيون حرڪات سڪنات پاڻ وٽ قائم
رکن، پر انهن جي پوئتان اصلوڪن سنڌي لفظن کي به
پنهنجون حرڪات سڪنات (اُچار) بدلائي ڇڏڻ گهرجن!
گرامي صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ وارو
هيءُ پنهنجو فيصلو لسانيات جي ڪهڙن اصولن کي
سامهون رکي صادر فرمايو، تنهن جي جيڪڏهن پاڻ
پهريائين وضاحت فرمائي ها، ته بهتر هو: ٻيءَ صورت
۾ جيئن مسئلو سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي راين وٺڻ
لاءِ وٽس پيش ٿيو هو، تيئن ان کي فقط انهيءَ مقصد
لاءِ ئي پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏڻ کپندو هوس.
رسالي جي صفحي 78 تي گرامي صاحب شاعر متعلق پنهنجا
خيال ظاهر ڪرڻ فرمايا آهن. شاعر کي پيغمبريءَ جي
درجي تي وڃي پهچايو اٿس – ان ۾ اسين به خوش
ٿياسين؛ پر جڏهن مزيد فرمايائين ته ”شاعر زمان ۽
مڪان کان متاثر نٿو ٿئي، پر زمان ۽ مڪان کي متاثر
ٿو ڪري“، ته اسان کي واقعي تعجب ٿيو. زمان ۽ مڪان
کان متاثر ٿئي بغير شاعر ڪيئن ٿو زمان ۽ مڪان کي
متاثر ڪري – ان معمي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي تڪليف
گرامي صاحب گوارا ڪرڻ فرمائي ها، ته پڙهندڙن جي
ڄاڻ ۾ هوند اهم اضافو ٿئي ها.
”اسان جا سنڌي رسالا“ جي عنوان ماتحت ”مهراڻ“ تي
تبصرو فرمائيندي، گرامي صاحب اسان کي مهميز ڏني
آهي ته ”مهراڻ“ کي فقط هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان
بنائڻ سنڌ جي عالمگير روابط ۽ تهذيبي تعلقات جي
خلاف آهي.“ ”مهراڻ“ ۾ جيڪي ڪجهه شايع ٿو ٿئي، تنهن
لاءِ گرامي صاحب پاڻ فرمايو آهي ته ”مهراڻ جا پورا
ٽي حصا ته اڃان به پراڻي رنگ جا آهن“- ته پوءِ
”مهراڻ“ هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان ڪيئن ٿيو، اها
ڳالهه اسان پوري سمجهي ڪين سگهياسين. ”مهراڻ“ کي
هر قسم جا اديب – ڪهنه مشق ۽ نوآموز ٻيئي – پنهنجن
هر صنف جي ادبپارن سان سينگارين ٿا. انهيءَ ڳالهه
کي ڄاڻندي به ”مهراڻ“ کي هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو
دڪان سڏڻ، فقط انهن بغض ۽ عناد سان ڀريل عناصر
سان، غير شعوري طور، هائو ۾ هائو ملائڻي آهي، جن
کي هر چڱيءَ چيز کان چڙ هوندي آهي. گرامي صاحب
”مهراڻ“ ۾ انهيءَ هڪ ”اوڻائيءَ“ کان سواءِ ٻيون
جيڪي خوبيون ڏٺيون آهن، ۽ انهن کي جنهن خلوص ۽
محبت جي جذبي سان بيان ڪيو اٿس، تنهن لاءِ اسان
سندس شڪر گذار آهيون – پاڻ جيڪي دوستانه مشورا ڏيڻ
فرمايا اٿس، تن کي اسان پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي،
۽ اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ انهن
تي آئيندي پنهنجي وت آهر ڌيان ڏينداسون.
”شاعر“ جي زير نظر پرچي ۾ جيڪي ٻين اديبن جون
چيزون شايع ٿيون آهن، انهن جي چونڊ به ڪا گهٽ عبرت
آموز نه آهي. پهريائين ”پيغام“ ”خط“ ۽ ”سلام ۽
سنيها“ جي ٽن جدا جدا عنوانن هيٺ ”شاعر“ ڏانهن سنڌ
جي اديبن ۽ پڙهندڙن جيڪي پنهنجون نيڪ تمنائون ۽
مفيد مشورا موڪليا آهن، سي پيش ڪيا ويا آهن.
”جيڪڏهن ’شاعر‘ کي صرف فنون لطيف جي خدمت لاءِ وقف
ڪيو وڃي، ته سنڌي زبان ۾ هي رسالو پنهنجي مٽ پاڻ
ٿيندو“ (ڊاڪٽر بلوچ صاحب)؛ ”هن وقت سنڌ ۽ سنڌين جي
وڏي ۾ وڏي، اهم ۽ ضروري خدمت سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب
جي خدمت آهي، ڇو ته زبان جي بقا ۾ قوم جي زندگي
مضمر آهي: جنهن قوم جو ادب ۽ تهذيب، زبان ۽ ثقافت
نه رهيا، اها قوم برباد ٿي“ (مولانا چشتي صاحب)؛
”دعا آهي ته هي رسالو شاهه ولي الله جي مقولي ”فڪ
ڪل نظام“ مطابق بوسيده نظام کي ترڪ ڪري، علم و ادب
۽ صحيح تنقيد جي چوٽ چڙهي، هر ڪنهن ڪوسي واءَ کان
محفوظ رهندو“ (محبوب علي چنا صاحب)؛ ”هڪڙي انسان
جي دل مان نڪتل آواز سموريءَ انسان ذات جو آواز
بنجي ويندو آهي . . . . ڪاش اسان جا شاعر انسان جي
دل جو آواز پيدا ڪن، پنهنجي دنيا جي انسان لاءِ ئي
هو ڳائين . . . . .“ (سراج صاحب)؛ ”اڄ ڪلهه ته
سنڌي پاڻ هڪ ٻئي کي پيا کائين: پاڻ ۾ ئي نفاق پيدا
ٿي ويو آهي، ته ٻوليءَ کي ڪير ٿو پڇي: اڄ ڪلهه
اسان جا (ڪي) سنڌي، سنڌي – سونهاريءَ کي وساري،
پراين ٻولين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن“ (پروين
صاحبه)؛ ”خداوند ڪريم اسان جي سنڌي ادب کي فروغ
ڏئي، جيئن سنڌي ڀائر ۽ ڀينر غير سنڌي ادب جا ايترو
محتاج نه رهن، جيترو هينئر آهن“ (ثميره زرين
صاحبه)؛ ”اها قوم جنهن کي پنهنجي زبان نه آهي، سا
گويا حيوان آهي – هڪ ڀٽڪندڙ مسافر آهي، جنهن جي ڪا
منزل ڪانه آهي“ (ملڪ غلام حيدر) – اهي ۽ ٻيا اهڙا
مخلصانه رايا ۽ نيڪ مشورا پڙهي ڪري، ”شاعر“ جي
محترم ايڊيٽر کي واقعي محسوس ٿيو هوندو ته اڄ سنڌ
جا اديب ۽ پڙهندڙ صحيح ۽ صالح سنڌي ادب لاءِ ڪيترو
واجهائين ٿا.
جواب ۾، گرامي صاحب جيڪو پهريون ادبپارو ”شاعر“
معرفت هنن سنڌي ادب جي مخلص شائقن کي پيش ڪيو آهي،
سو آهي رئيس ”بلبل“ صاحب جو ”واقعو ۽ مشاهدو) ته
”ملهار ڳائڻ تي مينهن وسي سگهي ٿو!“ سوا صفحي جو
مضمون، تنهن تي اڌ صفحي جو تعارفي نوٽ! ٻنهي جو
مقصد؟ هيءُ ته ”ملهار ڳائڻ سان مينهن وسي ٿو، ۽
هنڊول ڳائڻ سان هندورو لڏي ٿو، ۽ ديپڪ ڳائڻ سان
باهه لڳي ٿي“، وغيره. رئيس صاحب پنهنجي اکين ڏٺل
”خوش اتفاق جو ذڪر تصديق طور“ ڪيو آهي، ”تاڪ هن
زماني جو مثال دفتر جي سيني (؟) تي سانڍجي وڃي، ۽
ٻين لاءِ عبرت جو باعث بنجي.“ (!) ”اونهاري جا
ڏينهن هئا“، جو هي ”خوش اتفاق“ رئيس صاحب جن جي
مشاهدي ۾ آيو – رئيس صاحب جيڪڏهن اها اونهاري جي
ڏينهن هئڻ واري مختصر ڳالهه به پنهنجي ”سيني جي
دفتر“ تي سانڍي ها ۽ ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي
ٿورڙي پاڻ به ڪوشش ڪري ها، ته هوند وڏڦڙي جي لهڻ ۽
خانصاحب مبارڪ عليءَ جي ”ملهار“ ڳائڻ کي سبب ۽
نتيجي جي ڪڙيءَ ۾ هرگز ڪين ڳنڍي ها. ملهار راڳ
ملهار موسم جو راڳ آهي. موسمن جا ناچ ۽ موسمن جا
راڳ هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي. هر موسم ۾، ان موسم
جو راڳ يا ناچ زياده دل کي وڻندو آهي. صبح جو راڳ
ڀيرو، ڏينهن جي بنهه پوئين پهر جو راڳ مالڪوس، رات
جي پهرئين پهر جو راڳ درٻاري طبيعت کي نهايت پسند
ايندا آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن ٻنپهرن جو ماني کائي
’هندوري ۾ لڏندي‘ راڳ هنڊول، يا جڏهن شام ڏين ٻرڻ
مهل راڳ ديپڪ، يا جڏهن ملهار جي موسم ۾ راڳ ملهار
ٻڌبا يا ڳائبا آهن، ته دل تي انتهائي گهرا اثر
ڇڏيندا آهن – تنهن جي معنيٰ اها ڪانه ٿي ته ديپڪ
ڏيا ٿو ٻاري، هنڊول هندورا ٿو لوڏي، ۽ ملهار مينهن
ٿو وسائي! اهڙي ڪنهن قسم جي ڪا دعوا ڪرڻ ائين ئي
ٿيندو، جئن ڪو هيءَ دعوا ڪري ته راڳ ڀيرو ڳائڻ ڪري
سج ٿو اُڀري ۽ صبح ٿو ٿئي! رئيس صاحب ۽ گرامي صاحب
کي گهرجي ته ادب معرفت ماڻهن کي عقل سيکارين؛ نه،
ته پنهنجي عقل سان گڏ پڙهندڙن جي رهئي کهئي عقل تي
به مرڳوئي پٽيون ٻڌي ڦٽيون ڪن!
محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جو مضمون ”ڪافي ۽
ان جو تجزيو“ انتهائي خلوص سان لکيل هڪ ڪوشش آهي.
مخدوم صاحب جن سنڌي شعري ادب جي هڪ اهم صنف تي
پنهنجي ذاتي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ ذاتي مطالعي مان
حاصل ڪيل نتيجا نهايت سنجيدي ۽ اثرائتي نوع ۾ پيش
ڪيا آهن. ضرورت ته واقعي هيءَ آهي ته سندن مضمون
جو تفصيلي مطالعو ڪيو وڃي – جنهن کي في الحال ڪنهن
ٻئي موقعي تائين ملتوي ڪري، ايترو عرض ڪري ڇڏڻ
ڪافي ٿا سمجهون ته مخدوم صاحب جن جو جيڪڏهن سنڌي
ادب جي تاريخ سان گڏ دنيا جي هڪ ٻن ٻين ترقي يافته
ٻولين جي ادب جي تاريخن جو به مطالعو ڪيل هجي ها،
ته مضمون ۾ چند هڪ طرفيون ڳالهيون ۽ انتهائيت
ڏانهن مائل خيال جيڪي پاڻ سنڌي ڪافيءَ جي موضوع تي
ظاهر ڪيا اٿن، تن کي خود پاڻ به هوند غلط سمجهن
ها، ۽ پوءِ سندن مضمون جي في الجمله صحت ۽ افاديت
تي ڪو ايتري ٿورڙي به آڱر کڻي ڪين سگهي ها.
محترم ع . ق شيخ جي تحرير ”سنڌي شاعر“ اڳي ئي سندن
(سنه 1951ع ۾ ڇپيل) ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“ ۾ پيش لفظ
طور آيل آهي. شيخ صاحب جو هيءُ ادبپارو سنڌي
ٻوليءَ جي تنقيدي ادب جي بنياد جو هڪ پٿر آهي، ۽
اُن جي اِنهيءَ ادبي رتبي کي سنڌي ادبي دنيا جي
مسلمات مان شمار ڪيو وڃي ٿو. گرامي صاحب هن مضمون
کي ”شاعر“ ۾ نئين سر شايع ڪري، پنهنجيءَ ادب پرک
جو قابل تحسين مثال پيش ڪيو آهي، ۽ پاڻ کي سنڌيءَ
جي صحتمند ادبي دنيا ۾ بنهه بيگاني ٿي وڃڻ کان
هوشياريءَ سان بچائي ورتو آهي.
اسدالله شاهه صاحب ”اسد“ جا ”خاڪا“، ڪجهه تنقيدي
رنگ گهرن ٿا – نه ته نقش ناقص، هڪ طرفا، ۽ ڪن
حالتن ۾ ”قصيدي“ يا ”هجو“ جي هلڪي صورت وٺي ٿا وڃي
بيهن. مولائي شيدائيءَ جو مضمون ”شاعريءَ جي تاريخ
جو هڪ ورق“ درحقيقت ايراني شاعري جي تاريخ
976-1186ع) جو ورق آهي. جاگيرداري نظام جي بنياد
تي بيٺل ملوڪيت جي هن مثالي دؤر ۾ فارسي ادب صرف
شعر جي صورت ۾ وڌيو - ۽ شعر جي ارتقا جي صورت
قصيدي کان شروع ٿيندي، مثنوي، رزميه ۽ داستان
سرائيءَ کان گذرندي، هن في الجمله مدحيه شاعريءَ
جي ردعمل طور، آخر وڃي صوفيانه شاعريءَ ۽ تغزل
تائين پهتي، هن منزل تي، جيئن ئي ملوڪيت جي گرفت
ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي، تيئن ئي ادب جا تنقيدي مطالعا
شروع ٿيا، جن جي نتيجي طور شعري ادب سنئون سڌو
زندگيءَ جي حقائق جي ترجمانيءَ ڏانهن مائل ٿيو.
ڪيتري نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو اسان جا عالم ۽ محقق،
تاريخ جي ٺلهيءَ ورق گردانيءَ سان گڏوگڏ، پڙهندڙن
تي تاريخ جا هي اهم سبق ۽ نتيجا به ظاهر ڪندا هلن.
مولائي شيدائي صاحب جي هن تحقيقي مضمون سان گڏ
مٿئين قسم جي تنقيدي جائزي نه هئڻ سبب پڙهندڙن جي
دلين تي ملوڪيت جو صرف رعب تاب ئي ويهي سگهي ٿو، ۽
”آل سبڪتگين“ وغيره جي بي حساب انعام و اڪرام ۽
بيڪران عطيه بازين جا هڪ طرفا ۽ مدحيه داستان ٻڌي،
طاقت ۽ دولت جا جاهه و جلال اڳيان صرف سندن ملوڪيت
پرستيءَ جا جذبا ئي فروغ پائي سگهن ٿا. ”ترجمو ۽
اقتباس“ جي حصي ۾ ”بلئنڪ ورس (غير قافيه شاعري) .
. . .“ جي عنوان هيٺ اردوءَ جي مشهور شاعر ۽ نقاد
”فراق“ گورکپوريءَ جي ساڳئي موضوع تي لکيل هڪ مفصل
مقالي مان هڪڙو اقتباس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان
”شاعر“ جي پڙهندڙن کي شايد ئي ڪجهه پلئه پوي: ڇو
ته هڪ ته جيڪڏهن ان کي ”آزاد نظم“ جي خلاف سند طور
پيش ڪيو ويو آهي، ته اها غلط ڳالهه آهي- ”فراق“ جو
هيءُ مقالو ”آزاد نظم“ جي ادبي اهميت کي ثابت ڪرڻ
لاءِ لکيو ويو هو: ٻيو ته اقتباس تي گرامي صاحب جو
مبهم ۽ متضاد نوٽ انکي هيڪاري منجهائي بي مقصد
بنائي ٿو ڇڏي. بهتر ٿئي ها، جو ”فراق“ جو هي سڄو
مقالو جيئن جو تيئن شايع ڪيو وڃي ها – ان صورت ۾
ئي مقالي مان اُهو فائدو حاصل ٿي سگهيو ٿي، جيڪو
گرامي صاحب جو شايد مقصد هو ته سنڌي شاعرن کي حاصل
ٿئي. اداري طرفان ٻه چيزون سه حرفي لفظن جو شعر ۾
صحيح استعمال“ ۽ ”لفظن جو شعرن ۾ غلط استعمال“ هن
ڳالهه جي وڪالت ۾ پيش ڪيون وييون آهن ته عربي ۽
فارسيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ سورهن آنا سندن اصلي صحيح
اچارن سان استعمال ڪرڻ گهرجن. مٿي، اڳي ئي، ”شاعر“
جي ايڊيٽر صاحب جو، رسالي جي ساڳئي پرچي ۾ ڏنل،
فيصلو ظاهر ڪري آيا آهيون ته عربي ۽ فارسي قافين
سان سنڌي قافين کي ملائڻ لاءِ سنڌي لفظن جي اچارن
کي بگاڙڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي! جيڪڏهن اڄ دنيا جو ڪو به
اديب يا عالم پنهنجي ٻوليءَ (عربي، فارسي،
انگريزي، وغيره) متعلق اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه چوي
ته ”ٻوليءَ ۾ ڌاريا داخل ٿيل لفظ ته هوبهو سندن
اصلي اچارن سان لازمي طرح استعمال ڪريو، پوءِ ائين
ڪرڻ سان جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي اچارن کي
بگيڙڻو پئيوَ، ته ان جي پرواهه نه آهي“- نه اديب
يا عالم جي دماغ درست ڪرائڻ کان سواءِ ان ملڪ جي
ماڻهن وٽ ٻيو هوند چارو ئي ڪونه رهي!
”شاعر“ جي هن ٻئي پرچي ۾ ٻه افسانا ”آرٽ“ ۽ ڪافر“،
۽ ٻه ”هڪ ڏينهن جا واقعا – لاهور ۽ ڪراچيءَ جا“
پيش ڪيا ويا آهن. ”آرٽ“ ۾ آرٽ کي گناهه سڏيو ۽
ڏيکاريو ويو آهي. افسانه نويس، سڪندر سلطان،
سمجهيو آهي ته آرٽ معنيٰ فلم ۽ ”فلم معنيٰ
بدمعاشي، بي ايماني ۽ عورت سان آغوش درآغوش ٿيڻ“-
۽ ”شاعر“ جي دانشور ۽ فنڪار ايڊيٽر صاحب فن متعلق
هن بنهه بي مثل راءِ سان اتفاق ڪندي، افساني کي
رسالي ۾ اولين جڳهه ڏيئي ڇڏي آهي! ”ڪراچيءَ جي هڪ
ڏينهن جي واقعي“ جو گمنام اديب به آرٽ، آزاديء
نسوان ۽ ”اپوا“ (پاڪستان جي جمعيت نسوان) تي
پنهنجي ذهن جون غلاضتون اڇلائيندي اڇلائيندي، وڃي
”راز خلوتيان جي رمزن ۽ ريتين، سبوءَ جي کلڻ ۽
دردن جي بند ٿيڻ“ جي داستان سراين تائين پهتو آهي.
افسوس آهي، جو ”شاعر“ ۾ ايڏي فحش نگاريءَ کي جاءِ
ڏيڻ جائز سمجهيو ويو آهي. ”لاهور جي هڪ ڏينهن جي
واقعي“ ۾ هڪ رٽيل موضوع کي پيش ڪيو ويو آهي: ”ڪتي
جو علاج ٿئي، ۽ ماڻهن جو نه ٿئي“- هي فقرو زبان زد
عام آهي. گرامي صاحب ”هڪ ڏينهن جي واقعي“ جي عنوان
جي صحيح مفهوم کي اڃا شايد جذب ڪري ڪين سگهيو آهي.
هنن ”واقعن“ جو بيان ادبي نقطهء نگاهه کان به بي
اثر ۽ عاميانه رهجي ويو آهي. بشير صابري جي
تاثراتي تحرير ”ڪافر“ افسانو سو بنهه نه آهي، باقي
پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ نهايت پاڪيزه پيشڪش آهي.
”ڪافر“ جا هي حقيقت افروز گفتا واقعي پڙهڻ ۽ پرجهڻ
وٽان آهن: ”خدا کي اوهان جي عبادتن جي پرواه نه
آهي، الله جي بندن جي پوڄا ڪريو“؛ ”اي ملا، تو ۾ ۽
هن (شرابيءَ) ۾ ڪو فرق نه آهي – هي شراب جي نشي ۾
مدهوش ٿي بڪوات ٿو ڪري، پر تون فخر ۽ غرور،
دينداريءَ ۽ تقدس جي نشي ۾ مست آهين – تنهنجو
گناهه هن جي جرم کان وڏو آهي“؛ ”اوهان (مذهبي
ٺيڪيدار) جنهن (بدڪار عورت) کي ذليل ۽ پليد ٿا
سمجهو، اها اوهان کان هزار درجا وڌيڪ پاڪ ۽ صاف
آهي – ڇو ته هن جو ظاهر گندو، پر اوهان جو باطن
گندو آهي . . .“؛ ”هي به جواري آهي، تون (جمعي
نماز تي ويندڙ هڪ وڏو ريش دراز نمازي) به جواري
آهين – تنهنجي ظاهري پاڪيزگي ۽ چند سجده ان لاءِ
آهن ته توکي ماڻهو نيڪ سمجهن ۽ تنهنجي شهرت وڌي، ۽
تجارت ۾ واڌارو ٿئي – اها به ”جوا“ آهي: هي به
جواري آهي – هي دولت کي اڇلائي ٿو، ۽ تون ميڙين ٿو
. . . “؛ ”تون (وياج خور) دوکيباز آهين . . .
تنهنجي دولت هنن غريبن جي رت ۽ ست جي قطري قطري
مان بنجي ٿي . . . “ - ۽ پوءِ ”ڪافر“ مري ٿو وڃي،
۽ سڀني هن جي گلاب وانگر ٻهڪندڙ منهن کي ڏسي چيو
ته ”هي ’ڪافر‘ نه هو، پر فرشتو هو: سندس خاموش
زبان اڃا پئي چيو ته ”بني نوع انسان جي خدمت ئي
عبادت آهي – الله ماڻهن جي صورت ۾ لهي آيو آهي –
انهن جي عبادت ڪريو: مسجدن ۽ مندرن ۾ ڇا کي ٿا
پڪاريو ۽ پوڄيو؟“
”تماشبين“ جي تلخ و ترش تحرير ”هي بزم مشاعرا“
اسان جي غزل گو توڙي ٻين شاعرن جي اکين کولڻ لاءِ
هڪ نهايت مفيد تحرير آهي، ۽ هن ادبي شهپاري کي
”شاعر“ ۾ جڳهه ڏيئي، گرامي صاحب شعر و ادب تي
پنهنجي گهريءَ نگاه ۽ اعليٰ ادبي ذوق جو ثبوت ڏنو
آهي.
”شاعر“ جي نظم جو حصو مجموعي طرح چڱو آهي. غزلن جو
حصو البت لاٺيرو آهي– سواءِ هڪ ٻن غزلن جي ٻيا
سمورا غزل عاميانه پيا لڳن. گيتن ۽ ڪافين جو حصو
نهايت سهڻو آهي، ۽ منجهس ڪافي سٺيون چيزون موجود
آهن.
گرامي صاحب هڪ وڏي مرتبي جو شاعر ۽ اهل قلم آهي.
سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي
نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو
احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي.
ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون
ڪاوڙيون، با رسوخ ماڻهن جا رعب تاب سر تي سهڻا ئي
پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود
دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي - ۽ انهيءَ دائري
۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽
پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان
همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي
رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو.
اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ
تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اورچائيءَ ۽
محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ
۾، ”شاعر“ جي ترتيب ڪندو، ته هو انجي موجوده علمي،
ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي
ٿو.
اسان جي دلي دعا آهي ته شل گرامي صاحب اها جرات
ڪري، ۽ پنهنجي ذاتي جوهرن سان ”شاعر“ کي سينگارڻ
لاءِ آئيندي ڪو قدم کڻي – پوءِ ئي ”شاعر“ سنڌي علم
و ادب جي ڪا ذڪر جي قابل خدمت سرانجام ڏيئي
سگهندو. - م . ا . ج
[1956ع] |