سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :18

 

”ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين!“

[شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان 31- مارچ 1985ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۽ سيمينار ۾ ”شاهه ۽ نوجوان“ جي مهلائتي موضوع تي پڙهيل صدارتي تقرير.]

شاهه عبداللطيف ڀٽائي – سنڌ جو  ساههُ، سنڌ جو روح، عالمي، شاعرُ: سنڌي ٻوليءَ کي سندن فڪرَ ۽ فنَ جي اظهارَ جي ذريعي جو شرف نصيب ٿيو. سنڌي قوم قدرت جي اِن سعادت بخشيءَ تي به اوترو ئي فخر ڪري ٿي ۽ سندس احسانَ مڃي ٿي جيترو پنهنجي وطن پاڪَ، سرزمين سنڌ، جي مرحمت ٿيڻ تي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪارَ،

دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!

هِن دعائيه آيت ۾ حضرت شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ لفظَ ’عالم‘، جي واحد جي صيغي ۾ آندو آهي، ته به اُن عالمَ، بمعنيٰ ’دنيا‘ ۾ سنڌ کي هڪُ مستقل وطن سڏيو اٿن، ۽ جيڪڏهن جمع جي صيغي ۾ ڪم آندو اٿن، ته به ڌرتيءَ تي جيئن ٻيا ارضياتي انساني عالمَ، جيئن تُرڪيءَ جو عالمُ، افغانستان جو عالمُ، چين جو عالمُ، دکن، جيسلمير، ڪڇ، ڪاٺياواڙ وغيره جا عالم يا دنيائون، تيئن پنهنجي وطن سنڌ کي به هڪ قائم بالذات، مستقل عالمُ يا دنيا چيو اٿن-

موٽي مانڊاڻن جِي، واري ڪيائين وارَ،

وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀَت چؤڌارَ،

ڪي اُٿيون اِستنبول تي، ڪن مڃيا مغرب پارَ،

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندَ سارَ،

ڪي رَمي وييون رومَ تي، ڪي ڪابلِ ڪي قنڌارَ،

ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنارَ،

ڪنِ جُنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بُڪارَ،

ڪنهين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪِنهين ڍَٽ مٿي ڍارَ،

ڪِنهين اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهارَ،

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست مٺا دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين!

حضرت شاهه سائينءَ جن پنهنجي رسالي ۾ (”رسالو“ يعني ”پيغام“) سارنگ جو هيءُ سُرود تخليق ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي قدرتي نعمتن ۽ تهذيبي فضيلتن کي روشن ڪيو آهي.

 

مُند ٿِي منڊل وڄيا، ڪِي اوهيرن اوڪَ،

ڇاڇر ٿي ڇَنن ۾، مِنيهُون چرن موڪَ،

سَرهيون ٿيون سنگهاريون، پويو پائين طوقَ،

ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪَ،

لَٿا مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا.

-

موٽي مانڊاڻن جِي، ڀَري ڪيائين ڀَيڄَ،

وڄون وسڻ آئيون، سارنگُ چڙهيو سيڄَ،

نُوريون تَنهن نوازيون، ڏيئي ڏوڻا ڏيڄ،

ٻجَ کڻي پَٽِ هليا، هاري منجهان هيڄَ،

راضي منجهان ريڄَ، عالم سڀ آباد ٿيو.

-

موٽي مانڊاڻن جِي، جُڙي ڪيائين جوڙَ،

وڄون وسڻ آئيون، ٻَهه ٻَهه ڪري ٻوڙَ،

اَنن جا عالم ۾ کَون اندر کوڙَ،

سارنگَ لاٿي سوڙَ، ساندهه سُهائو ٿيو.

-

موٽي مانڊاڻن جا، ڀَري ڪيائون ڀَرَ،

وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪَرَ،

مينهون پاڻمراديون، ٿڌا چرن ٿَرَ،

ساري اچيو سامهيون، ڏِين سَنجهي کير سڄرَ،

ساڻ وانڍَين وَرَ، پَريون پَرچڻ جون ڪيون.

-

حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،

وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مِينهن ٽِمن،

جن مَهنگي لئه ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،

پنجن منجهان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيهه مان شَل موذي سڀ مرن،

وري وڏيءَ وَسَ جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،

سيّد چوي سڀن، آهه توهَه تَنهن جي آسرو.

شاهه سائينءَ هِن سُرود ۾، جنهن کي آءٌ وطن لاءِ سندن قصيدو سمجهان ٿو، سنڌ کي سنڌ سڏيو، سنڌڙي سڏيو ۽ جوءِ، ڀُون، ساڻيهه، ڏيهه، وطن ۽ مُلڪ سڏيو. ۽ اِن ۾ پاڻ سنڌي قوم کي، خاص طرح اُن جي عوام کي، وڏي پيار ۽ ڏاڍي پاٻوهه سان، پنهنجا سانگي، سيڻَ، سنگهارَ، ولهارَ ۽ لوڪَ سڏيو اٿن، ۽ اُنهن لاءِ ورائي ورائي پنهنجي سِڪ ۽ سَنيهه جو اظهار ڪيو اٿن ۽ دعائون گهريون اٿن-

- وطن وسائيج، ته سنگهارن سُک ٿئي!

- آءٌ آسائتي آهيان، مانَ ڀڄائي ڀُون!

- سٻاجهي ستارَ، لاٿا ڏُرت ڏيهه تان.

- کنوي خراسان، سُکِ وسايَئون سنڌڙي.

- قادر، ڪر ڪرم، ته وطن ۾ وس ٿئي!

- سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار!

پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ، اهڙي پنهنجي ڀلاري وطن ۽ اهڙن پنهنجن سٻاجهن لوڪن لاءِ اسان جي دلي حب ۽ دوستيءَ جي اظهار ۾ شڪ ڪندي، بلڪ اُن لاءِ اسان کي ننديندي، ۽ اسان تي ڪيئي الزام هڻندي، ڪن اسان جي ڪرم فرمائن پنهنجي برتر وفادارين ۽ ايماندارين جون دعوائون ڪيون، ۽ اسان کي اسان جو ”شاهه“ سيکارڻ چاهيو ۽ چيو ته شاهه جو سرود سارنگ سنڌ جو قصيدو نه، سنڌي ماڻهن جي سک، سڪار ۽ سلامتيءَ جي خواب جو اظهار نه پر سنڌ ۾ اسلام جي آمد جو علامتي اظهار هو- ڄڻ اهي ٻه ڳالهيون پاڻ ۾ ڌريائين ناموافق يا متضاد هيون! ڄڻ دين اسلام جي اختيار ڪرڻ سان عربستان، ترڪي، مصر، ايران يا ٻيا ملڪ، ملڪ نه رهيا هئا ۽ اتان جون عرب، ترڪ، مصري، ايراني ۽ ٻيون مسلمان قومون، قومون نه رهيون هيون، ۽ اُهي پنهنجي پنهنجي وطن کي ۽ پنهنجن پنهنجن لوڪن کي پيار ڪرڻ ۽ انهن جي دفاع ڪرڻ جي حق کان محروم ٿي ويون هيون، يا انهن جي ڪنهن شاعر يا ان جي خاص ۽ عام پڙهندڙن کي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ ۽ قومي اتحاد ۽ خوشحاليءَ جي چاهنا رکڻ ۽ خواب لهڻ جو ضرور ئي نه رهيو هو! ۽ جي هنن اهڙا خواب لڌا ٿي، ته اُهي ٻاهريان، جيڪي اسلام جو نالو کڻي وٽن آيا هئا يا ائين مٿن حاڪم بڻيا هئا، تن کي حق هو ته هنن تي اسلام دشمنيءَ ۽ غداريءَ جا لقب لائين ۽ پاڻ کان گهٽ درجي جو آدم سمجهن، جن جي ملڪ يا زمين ۾ ته سندن دلچسپي هجي، پر جن جي ماڻهن ۾ سندن ڪا دلچسپي نه هجي!

حضرت شاهه عبداللطيف سنڌ جو شاعر هو، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر هو، جنهن جو پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان ازلي سنٻنڌ هو ۽ اُنهن لاءِ هن جي من ۾ آئيندي جو هڪ خواب موجود هو- آزاديءَ جو خواب، طويل ۽ لاڳيتيءَ غلاميءَ جي تاريڪ رات کان پوءِ آزاديءَ جي روشن صبح جي طلوع ٿيڻ جو خواب، جنهن جي حقيقت ۾ بدلجڻ جا آثار سندس آڏو نروار به ٿي رهيا هئا. مغل اقتدار پوريءَ طور للڪارجي رهيو هو. پاڻ يارنهن ورهين جو سمجهدار معصوم ٻار ئي هو، جو 1700ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙو، جنگ آزاديءَ ۾ وڙهندي، قرآن جي ضمانت تي ٺڳجي، ڳالهين لاءِ اورنگزيب جي پٽ معزالدين وٽ ويو، جنهن وعده شڪني ڪري کيس گرفتار ڪيو ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سَنڌَ کان سَنڌَ الڳ ڪرائي، شهيد ڪيو. ڪلهوڙن جي جهنڊي هيٺ، آزاديءَ جي جنگ پوءِ جاري رهي ۽ ميان دين محمد جو ڀائٽيو ميان يار محمد اُتر سنڌ مان مغلن جا پير اُکوڙيندو اڳتي وڌندو رهيو، تان جو مغل مجبور ٿي، پهريائين سبي ۽ ڍاڍر پوءِ بکر ۽ سيوهڻ جي علائقن تان دستبردار ٿيا، ۽ ائين 1711ع ۾، جڏهن شاهه جي عمر 22 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، سڄي اتر سنڌ مغلن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، ۽ پاڻ، مارئي جي ٻوليءَ ۾، سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي حتمي جواز طور فرمايائون-

 

کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور جهنگل ۾ جهُوپي،

جو اَباڻن اَڏيو، ڳڻن سان ڳُوپي،

وينديس ويڙهيچن ڏي، لوهه ڀڃي لُوپي،

چڀڙ آءٌ چُوپي، سڪ لاهينديس سومرا!

-

کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، وَرُ ويهڻُ وسڪاري،

منهنجو تُور تَلِن ۾، اُت چيها ٿو چاري،

مري رهنديس ماڙئين، ساهيڙيون ساري،

ڍائي ڍٽ ڌاري، آهم اُٺين مينهڙين.

-

ننگا آهيون نکتا، اسين مارو لوڪ،

ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍَڪ ڍاٽيئڙن جي.

شاههَ غلاميءَ مان آزاد پنهنجي ديسَ جو اِئين هڪ نبار آدرشُ ۽ دنيا ۾ پنهنجي آزاد ديسواسين جي انساني حيثيت ۽ قدر جو هڪ پرخلوص ۽ معصوم تصور آڏو رکيو ٿي. هو هڪ بيحد ملوڪ فرد هو، سدا پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن سان جُڙيل، انهن جي هر دک ۽ هر خوشيءَ سان واڳيل- بيحد هڪ حساس، مُتلاشي ۽ باغي روح، فطري ۽ سماجي فضا ۾ گهيريلَ انساني زندگيءَ جي اهميت ۽ اُن جي منزل جي ڄاڻ چاهيندڙُ – اهميتَ ڀلاين ڀريلَ، پر اَڪٿُ؛ منزل پري کان پري، پر سدا اکين آڏو؛ ته جيئن انفرادي ۽ قومي زندگيءَ جي اُن اعليٰ اهميت ۽ منزل ڏانهن وڌڻ ۾ جو ڪجهه ٿئي سو ڪجي-

منزل ڏور مَ مٽ، ڇڏ نه سير لڪن جو،

لُئن جي واٽ مَ لَٽ، لُئن ري حرفُ هئڻ کي.

’آزاد ديس جا آزاد ديس واسي‘ – شاهه جو سڄو روحاني جولان ۽ ان جو عروج اِهو هو: شاهه جي دؤر جي سنڌ جن تاريخي حقائق سان مُنهن مقابل هئي، اُنهن جي تقاضا شاهه جي اعليٰ انساني روح لاءِ اِها هئي، ۽ اُن کي ساڳيءَ طرح جو نِبارُ ۽ معصوم خيالي تصور، سادن، سهڻن، اَمَٽ لفظن ۾، پاڻ هيئن ڏنائون-

 

نڪا جهَل نه پَلَ، نڪو رائُر ڏيهه ۾،

آڻيو وجهن آهُرين، روڙيو رتا گُلَ،

مارو، پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مَرَڪڻو.

تحقيق، شاهه جي دؤر ۾، سنڌ پنهنجي قومي وجود جي شعور کان نوازجي رهي هئي ۽ پنهنجي ذات جي تسليميءَ ۽ قومي اظهار لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هئي. سنڌ تي وحشي منگولن- ارغونن ۽ تَرخانن، ۽ مغلن – جي ڌارئين راڄ (جيڪي به بيشڪ مسلمان ئي هئا) ۽ سندن اَنڌي ظلم جي تقريباً سوا ٻن صدين (1520ع کان 1736ع تائين) جو ڊگهو سياهه ڪال ختم ٿي رهيو هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رتوڇاڻ بند ٿيڻ جي قريب اچي بيٺي هئي، ۽ سنڌ پنهنجي آزاديءَ ۽ اتحاد جي منزل تي ۽ سندس رهواسي پنهنجي خودمختياريءَ ۽ آزاد راڄ جي دروازي تائين پهچي رهيا هئا.

۽ شاهه جو رسالو سنڌ جي اُن آزاديءَ جي تلاش ۽ قومي تشخص ۽ خود اظهاريت جي اُڌمي جو ترجمان آهي. شاهه جو اِهو هڪ سڏ هو سنڌ جي ماڻهن کي، هڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڻ کي دريافت ڪرڻَ ۽ سڃاڻڻَ جو، ۽ پاڻُ مَڃائڻ جو. اِنهيءَ ڪري شاهه جو رسالو هِڪُ مذهبي يا حڪيمانه پستڪ کان وڌيڪ هڪُ قومي صحيفو آهي. اُن جي تشڪيل ۽ ترتيب سنڌ جي قومي زندگيءَ مان اُسريل هڪ روايت مثال آهي، جنهن جون پاڙون اُن زندگيءَ جي ٻن افضل ترين تاريخي دؤرن ۾ کُتل آهن – سومرن ۽ سمن جي ٻن دؤرن ۾، جيڪي (نائين صدي عيسويءَ جي وچ کان وٺي سورهين صديءَ جي شروع تائين) تقريباً ستن صدين تي پکڙيل هئا، ۽ سنڌ جي سماجي – تهذيبي سڃاڻپ جا عظيم ترتيبي دؤر شمار ٿين ٿا.

شاهه جي شعر جي ادبي افضليت ۽ صوفيانه اُڏام بيانَ ۽ ڪاٿي کان مٿي آهن، ۽ اُن جي فني خصوصيت ۽ سجلائت به پنهنجي مثل پاڻ آهن. پر سڀ کان وڌيڪ، اُهو سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ اخلاقي قوت جو هڪ سرچشمو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهو اُنهن جي ٻوليءَ جي وسعت ۽ پختگيءَ جو حدَ نشانُ آهي- ٻولي، جيڪا سندن جُڳن جي زندگيءَ ۽ انساني جوهر جي پوري سفر جو هڪ مڪمل داستان آهي.

گذريل سال، سنڌالاجيءَ جي ”پير حسام الدين شاهه راشدي“ آڊيٽوريم، حيدرآباد ۾، پير صاحب مرحوم جي زندگيءَ ۽ ڪم بابت هڪ مضمونُ پڙهندي، مون چيو هو ته ”ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما“ هيون. ڪنهن ٻوليءَ جو سِرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو، سِرجڻ- ڪن تهذيبي، سماجي ۽ معاشي ادارن جي سرجڻ – ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو، وجود ۾ اچڻ؛ پوءِ جڏهن اُهو وقت آيو ٿي، جو خود خدا، يا ڪنهن خدائي آوازَ، ماڻهن سان ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو، ته عين اُن گهڙيءَ کان پوءِ اُهي پاڻ لاءِ ٻئي درجي جا ماڻهو ٿي رهڻ يا قومن ۾ هڪ گهٽ – برابر قوم ٿي رهڻُ هرگز قبولي نٿي سگهيا. پولنڊُ ۽ آئرلنڊُ جديد عالمي تاريخ جا اِن قسم جا ٻه سڀ کان وڌ قابل غور مثال آهن، ۽ ڪو ويجهي دؤر جو اهڙو مثال به گهرجي ته اُهو به بلڪل تازو، اسان جي بنهه وچ ۾ ۽ اکين آڏو، بنگله ديش جي صورت ۾، عمل ۾ اچي چڪو آهي.

اهڙيءَ طرح شاهَه اسان کي هڪ اَجهو ڏنو ۽ هڪَ پِراڻ – شڪتي ڏني، هڪ پناهگاهه ۽ پڻ آبحيات مهيا ڪيو، جيڪي تمام وڏن اَوَسَرَ جي وقتن تي ڪري پيل ماڻهن کي ڪم ايندا آهن ۽ نيم مرده قومن کي جيئاري پيرن ڀَر ڪندا آهن – اَجهو يا پناهگاهه ٻوليءَ جو، ۽ پراڻ – شڪتي، ساهه کڻڻ جي قوت، شاهه جو خود پيغام. اچو ته اَجهي جي اوٽ وٺون، ۽ پيغام سان واڳجي، اُن تي عمل ڪريون: ٻولي سهاري ۽ اتحاد جي ڳنڍ، ۽ قومن جي وچ ۾ برابريءَ جو باعزت درجو – قومي تشخص ۽ امن پسنديءَ جي عمل جي راهَه – سڀني جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سڀني جي وچ ۾ نيت ۽ نياءُ، عدل ۽ انصاف.

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

۽ پڻ چيائون:

جان تون ساقي آهئين، تان وٽي وچ مَ وجهه،

جُود تنهنجو جکرا، آهي ثاني سج،

نينهَن پيالو نج، کاس ڏج کُهيَن کي.

جيڪڏهن اسين هاڻي به پنهنجي شاهه جي هِن الاهي پيغام جو قدر ڪريون ۽ اُن تي هلون – يعني امنَ، انصاف ۽ مشترڪ ڀلائيءَ خاطر ”قومن جي وچ ۾ برابري“، ۽ هر قسم جي ”روڪ ۽ قبضي جو خاتمو“، اِنهيءَ لاءِ ته سڀني جي لاءِ ”محبت ۽ رزق جي وٽيءَ“ جي آزاد ۽ هڪ اکيائي، بلڪ کاس کُهيَن تائين پهچڻ جِي، گردش جاري رهي-، ته اڄ به اسين بچي سگهون ٿا ۽ نجات پائي سگهون ٿا- مري وڃڻ کانپوءِ نه، پر مرندي مرندي به – اسين معنيٰ، ته نه فقط اسين سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ ٻيا، پر دنيا جا سڀ ماڻهو ۽ قومون، جيڪي سامراجيت جي موتمار خطري هيٺ آيل آهن – سامراجيت ديسي ۽ وديشي-، ۽ پڻ سڄو بني نوع انسانُ، جيڪو، انگريزي هفتيوار رسالي ”ميامي هيرالڊ“ جي ڪالم نويس، جيني وينگارٽن، جي لفظن ۾، اَڄ ”سڀ کان وڏيءَ هولناڪ ٽيڪنالاجيءَ“، يعني ٿرمو- نيوڪلئر ٽيڪنالاجيءَ، جي قاتل خطري جي عين کُليل مُنهن ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. شاهه جو رسالو (وري به چئجي ٿو ته ”رسالو“ معنيٰ ”پيغام“) تحقيق، مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان کي ”تابوت جي پيتيءَ جي اندر خاص بيرم“ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو، ۽ اسين جيڪي اُن تابوت جي پيتيءَ ۾ اندر بند آهيون، جيڪڏهن اڳي ئي موتُ اسان تي غالب پئجي نه چڪو آهي، ته اسان کي هيءُ بيرم تابوت جي ڍڪڻ کي کولڻ لائقُ بنائي سگهي ٿو، ۽ اسين ڪفن ڦاڙي موت جي اُن تابوت مان ٻاهر اچي سگهون ٿا. ۽ اِهو، يعني شاهه جو رسالو، تابوت جي پيتيءَ ۾، وري به مذڪور ڪالم نويس جي لفظن ۾، اسان لاءِ ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکي“ به آهي، ته جيسين اسين بيرم کي دٻائي ۽ ڪفن کي ڦاڙي ۽ ٻاهر اچي، آزاد هوا تائين رسون، ۽ موقعي جو فائدو وٺون، ۽ پنهنجي جيئري رهڻ جو حق ماڻي سگهون، تيسين اندر تابوت جي بند پيتيءَ ۾ ٻوساٽجي مري نه وڃون.

اِنهيءَ ڪري، اچو ته گهٽ ۾ گهٽ اسين پاڻ پنهنجي لاءِ هميشہ اِهو ياد رکون ته سنڌي، اسان جي مادري زبان، اُها ٻولي جنهن ۾ شاهه جو اِلاهي آواز اسان ٻُڌو آهي، اسان لاءِ اُهو ”بيرم“ آهي، ۽ شاهه جو اسان کي هڪ قوم طور خود – چڪاسيءَ ۽ خود شناسيءَ جو پيغامُ ۽ صلاحَ اسان لاءِ اُها ”ساهه کڻڻ جي ڳڙکي“ آهي. اچو ته پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي فدائيت جي بنياد تي اسين متحد ٿيون، ۽، اتحاد ۾ پنهنجي قوت دريافت ڪري، قومن جي وچ ۾ برابريءَ جي درجي لاءِ جدوجهد ڪريون- ڌرتيءَ تي اُن جَنَتي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا هر قسم جي روڪ ۽ قبضي کان آجي هجي، ۽ جنهن ۾ سڀني لاءِ محبت ۽ رزقُ، منصفانه ۽ گهرج ساروُ، برابريءَ جي مانَ ۽ مَريادا سان موجود ۽ مهيا هجي. اسين پنهنجي شاهه جي حضور ۾، خراج عقيدت طور، فقط اِهو ئي گهٽ ۾ گهٽ سوچ ۽ عمل جو نذرانو آهي، جو حاضر ڪري سگهون ٿا.

پاڻ اسان کي چيو اٿن ته-

ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي!

اچو ته پنهنجي هاديءَ ۽ پنهنجي محسن جو اِهو پيغام اَڄ سَرلين ڪَنين ٻُڌون ۽ هنئين سان لايون،  ۽ ڏُور ستارن تي نظر رکي، پنهنجي مقصد جي امل نعمت ماڻڻ لاءِ، عمل ۽ قربانيءَ جي راهه تي، پنهنجي قافلي سان گڏجي ۽ قطار جي اڳتي وڌون-

ڇِڄُ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪئين،

مَڇُڻُ ٿِئين پُئان، وڳَ واٽَ ئي نه لهين!

شال اسان کان اِها ڳالهه نه وسري ته  شاهُه – سنڌ جو ساهُه، اُن جو روحُ، عالمي شاعرُ، پر وري به اسان جو پنهنجو شاعرُ – پنهنجي سڄي فڪر ۽ سڄي اُتساهه سان، دنيا ۾ اسان جي حال ۽ اسان جي آئيندي جي پوري خير ۽ برڪتَ ۽ سڄيءَ نيڪيءَ جو طالب آهي، ۽ اسان کان ئي خواهشمند آهي ته اسين پاڻ اُن لاءِ عملاً ڇا ٿا ڪريون. هو سچ پچ پنهنجي رسالي جي هر سُرود جي هر داستان ۾ اسان کان فردن فردن ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم ۽ سڄي اسان جي معاشري کان اِهوئي سوال ڪري ٿو. هاڻي، اِهو اسان جو معاملو آهي ته اِن ڳالهه جو اسان وٽ ڇا جواب آهي-.

وندر جي وڃن، سي مَرُ ٻڌن سندرا،

ٻيون ڪوهه ٻڌَن، ڇوڙي جي ڇڏينديون!

-

وِهِين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،

هارِي هيڪاندِي، ڪنهن پَر ٿيندِينءَ هوت سين؟

-

وهين ۽ ويلا ڪرين، اِيءُ نه اُڪنڊ آهه،

سي لاڳاپا لاهه، اوريان اُڀارين جي.

جيئي شاهه!

جيئي شاهه جي سنڌ!

جيئي شاهه جو سنڌي عوام!

 

”ڏکوين اهڃاڻَ، مٿي سَڳَر پنڌڙا“

عزيزو، مون حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ فن بابت هن مذاڪري لاءِ پنهنجي مضمون جو عنوانُ حضرت شاهه عبداللطيف جي هڪ لافاني سِٽ کي بڻايو آهي:

”ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سَڳَر پنڌڙا“

اُهي جيڪي ڏکويل آهن ۽ محروم آهن، اُهي پنهنجي ويل وَٿُ کي ورائڻ لاءِ، پنهنجي عظيم آدرش کي ڳولڻ لاءِ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ، سدائين پنهنجي راهَه عمل تي هلندا رهن ٿا ۽ وڌندا رهن ٿا – اِهائي اُنهن جي سڃاڻپ آهي.

عزيزو، هر سماجي فڪري نظامُ، پنهنجي ايامَ عملَ جي گذرڻ کان پوءِ، پنهنجو روحِ وڃائي، رڳو ڪريا ڪرم، خالي رسم رواج، جو ڍانڍو بڻيو، اُن جيان پِٽبو رهندو آهي. لفظ اُن جا پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا آهن، بلڪ اصل جي جاءِ تي انهن جو مقصد بلڪل ئي ٻيو پيو هلندو آهي: اکرائين صورت ۽ آوازي غوغاءُ اُهوئي، پر اُن مان ڪجهه ورڻ سرڻ، سو بلڪل نه: انفرادي يا، وڌ ۾ وڌ، گروهي مفاد جو موهه ايترو، جو سچ ۽ ڪوڙ جو الڪو يا ساڃاهه ختم، ۽ اُن جي جاءِ تي ماڻهو رڳو منافقت کي ئي پنهنجي حاجت روائيءَ جو رستو سمجهي ويهندا آهن: نفسُ انساني، سڄي جو سڄو، ”آءٌ ۽ اسان“ جي حَوَس جو شڪارُ، ۽ ”ايمانَ ۽ ڪفرَ“ ٻنهي سان صداقت جو رويو ناپيد؛ ڳالهيون ۽ دعوائون وڏيون ۽ گهڻيون پر سچائي ۽ وفاداري ڪنهن هڪ سان به نه. اهڙن وقتن ۾، هڪ ڀيرو وري سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ هر هنڌ خود احتسابيءَ ۽ خودشناسيءَ جون تحريڪون پئي اُڀريون آهن. هِتي اسان جي پنهنجيءَ دنيا ۾، هندستان ۽ پاڪستان جي دنيا ۾، ۽ اُن جي آسپاس به، اسان جي ”ڌرمي“ ۽ ”مذهبي“ فڪري نظامن جي زوالجڻ، اُنهن جي اصل روح جي ختم ٿي وڃڻ تي اُنهن جي نئين سِر جيارڻ (اِحيا، پُونرَ جنم Revival، جون جيڪي اِن طرح جون تحريڪون اُٿيون، تن کي اسين ”ويدانت“ يعني ويدن جي انت جون، ”ڄاڻ“ جي نِڌانَ يا اصل جون ۽ ”تصوف“ يعني صاف (نبارُ، نجُ) سچ جون، معرفت جون، حقيقت جون، عين ”حق“ جون، تحريڪون سڏيون ٿا. سچ لاءِ اِن طرح جي بنيادي انساني امنگ، ارادي ۽ عمل جي دعوا اٿندي آهي، ته اُن جو سَٿُ، سَٿَ جو هر فردُ، اُن دعوا جي بار يا ذمي جي علامت طور ڪا پڳ ڪو ڇَٽُ (ڪنڊن جو ئي، ۽ اڪثر ڪنڊن جو) يا ڪا گودڙي، ڪو دَلقُ ضرور ڍڪيندو آهي، ۽ پوءِ ميدان ۾ لهندو آهي، ۽ اُن لاءِ هنن کي خواري به خواريءَ جهڙي سَهڻي ۽ جاکوڙ به جاکوڙ جهڙي ڪرڻي پوندي آهي. اُن ئي صورتحال ڏانهن اِشاريندي، حضرت شاهه عبداللطيف فرمايو هو:

”جي ڪُلاهُه  رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿيءُ،

وِهه وٽي هٿ ڪري، پر پيالو پيءُ،

هَنڌُ تِنين جو هيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.“

هِي پنهنجي ”حال“ جي سچ جا، اُن جي سچيءَ حقيقت، اصل يا نِڌان جا، کاهوڙي، هيڪل هيڪل ۽ سڄي پنهنجي سَٿَ سان، پنهنجي آسپاس جي سڄي ڪوڙَ، کِريب ۽ اَڀمان کي رد ڪن ٿا، ۽ اُن جي سڀني اَڀمانن، کِريبن ۽ ڪُوڙن کي سڃاڻن ٿا ۽ پڌرو ڪري بيهارين ٿا، اُن پردي کول کان وڌ ٻي ڪا اهم ڳالهه اُنهن لاءِ هوندي ئي ڪانهي:

اِن پَرِ نه ايمانُ، جِئن ڪلمي گوُ ڪوٺائيين،

دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

مُنهن ۾ مسلمانُ، اندر آذر آهيين!

(شاهه)

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو مَ جڳاءِ،

تلڪ تِنين کي لاءِ، سچا جي شِرڪ سين!

(شاهه)

خوش بُود آزاد ز بند ڪفر و ايمان زيستن،

حيف ڪافر مُردن و آواخ مسلمان زيستن.

(غالب)

مي فروشم مسلماني را،

خوش بجان ڪفر را خريدارم،

مِي دهم آتش بمسجد و ديرها،

سَجا و سَجَاد را زنم به آتش؛

زاهد بُپُرسد ڪ آن بيدين ڪيست؟

صد بار بُگويم – مَنَم، مَنَم، مَنَم!

(سچل)

حق جانِ جهان ست و جهان همچو بدن،

اِملاڪ لطايف و حواس اين تَن،

افلاڪ و عنَاصر و مواليد، اعضا-

توحيد همين ست، دگرها همه فن.

(عمر خيام)

هزارن جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ستگروءَ،

خلق وسي خالق ۾، خالَقُ منجهه خلقَ.

(سامي)

ساگر کَون نياري، ڪانهي موج ساگر جي،

سمجهي ڪو ”سامي“ چئي، اُتم اَڌڪارِي،

جنهن کي عين عشق جي، چڙهي خماري،

پَرڇِنَ پِنڊَ سارِي، سَٽي سماڻو سَمَ ۾.

(سامي)

سنتنِ، سا پُرسن، هوڪو ڏنو حق جو،

ٻُڌو تَنهن ٻانڀڻ چئي، محبت جنهن جي مَن،

ٻيا سڀ ڏيئي ٻنِ، دَرُ وَرائين دوست جو.

(سامي)

عجب موجي ڪِ بگذشت از سر ما،

غرق گر ديد ”ما و مَنن“ بَيَڪجا.

(سچل)

قربُ ڪِبرياءُ، ماءُ ملاقي نه ٿئي!

پورو اِي پرياءُ، صوفيءَ جي صلح ۾.

(شاهه)

عزيزو، ماڻهو جڏهن چؤپائي مان ڦِري، ٻه پيرو ٿيو، ۽ اُٿي بيٺو، زمين تان اکيون کڻي مٿي ڏٺائين ۽ پري نهاريائين، هُن جي ڄاڻ وڌي ۽ سمجهه پختي ٿي، ۽ ڪَس ڪَسَر سهي، ٻين پاڻ جهڙن ماڻهن سان هو گڏجي صلح سانت سان جيئڻ جو ڍنگ سکيو، ۽ ان جيئڻ کي وڻندڙ، سولو ۽ لاڀدائڪ ڏٺائين ۽ سمجهيائين، تڏهن اُن جيئڻ کي هُن پنهنجو ماڻهوءَ پڻو (ماڻهوئپ، ماڻهپو) سڏيو ۽ پنهنجي ”نيڪيءَ“ يا ”چڱائيءَ“ جو نالو ڏنو، ۽ اُن چڱائيءَ يا نيڪيءَ جا پوءِ هن ماپا ۽ ماڻ، نِيَمَ ۽ آدرش، سلسلا ۽ نظام ٺاهيا ۽ مقرر ڪيا، ۽ پاڻ تي ۽ ٻين تي انهن کي لاڳو ڪرڻ جا هو وڏا وڏا ويچار ۽ جَتَن ڪرڻ لڳو. ائين هُن مرُن وانگر، جانورن وانگر، پنهنجي پهرئين جيئڻ کي مِرونءَ – پڻو (مرونئپ، مرونئپو) سڏيو ۽ پنهنجي ”بديءَ“ يا ”بڇڙائيءَ“ جو نالو ڏنو، ۽ اڳتي اُن کان بچڻ جا، اُن کي روڪڻ جا، بلڪه ختم ڪرڻ جا، هو وڏا وڏا ويچار ۽ جتن ڪرڻ لڳو. چڱائيءَ ۽ بڇڙائيءَ، نيڪيءَ ۽ بديءَ، خير ۽ شرَ، سچ ۽ ڪوڙ، انصاف ۽ ظلم، محبت ۽ نفرت، امن ۽ جنگ وغيره جو اخلاقياتي دوراهو، اِئين ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي خصوصجڻ سان، انسان ۽ انسانيت جي شناخت سان ئي، ماڻهوءَ جي ردَ ۽ قبولَ جي وڌندڙ صلاحيت جي ڪسوٽي بڻجي، ڪافي اوائل کان هن جي سامهون موجود رهيو آهي. اِهائي هُن جي زندگيءَ جي طويل ۽ مشڪل راهه آهي، جنهن تي هن کي پاڻ ئي هلڻو آهي، ۽ اِهائي هُن جي تاريخ آهي- هُن جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اڻکٽندڙ سفر، سڀ هن جا علمَ ۽ سڄي هن جي علمي کوج ۽ ڄاڻ هُن جي اِن طويل سفر جي حقيقت جي گواهي ڏين ٿا.

ماڻهوءَ جي مذهبي روايت پڻ تاريخ سان هُن جي اِنهيءَ رفاقت، وقت سان لڳاتار هُن جي اِئين اڳتي وڌڻ ۽ مٿي اُڀرڻ جي حقيقت جي گواهي آهي. مقدس بائيبل جي پهرئين ڪتاب ”پيدائش“ ۾ آيل آهي ته ڇهين ڏينهن خدا فرمايو ته هاڻي، ”اسين ماڻهوءَ کي پنهنجي صورت تي، پنهنجي شبيهه جهڙو ٺاهيو ٿا.... ۽ پوءِ خدا ماڻهوءَ کي اِئين پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو، خدا جي شبيهه جهڙو هُن کي پيدا ڪيو“ (26:1-27). پر ماڻهوءَ کي اِئين پيدا ڪري ۽ اُن کي ڏسڻ کان پوءِ خدا اِئين ڪونه چيو ته ”اُهو سُٺو هو، چڱو هو“، جيئن اڳين پنجن ڏينهن تي زمين ۽ آسمان ۽ ٻين شين ۽ جانورن کي پيدا ڪندي ۽ اُنهن کي ڏسندي، اُتي ئي چيائين ته ”اُهي سُٺا هئا، چڱا هئا!“ اِن سلسلي ۾ بائيبل ۾ اڳتي هيئن چيل آهي: ”۽ خدا موسيٰ کي چيو، اسرائيل جي سڄيءَ جماعت کي چئو ته اوهين مقدس بڻبا، ڇاڪاڻ ته آءٌ اوهان جو مالڪ، اوهان جو خدا، مقدس آهيان“ (احبار 1:19 -2)، ۽ اُن لاءِ سڄي بائيبل ۾ جڳهه جڳهه تي ماڻهوءَ کي ڏسيل آهي- جيئن قرآن مجيد ۾، دنيا جي سڀني مذهبي صحيفن ۾ به ڏسيل آهي- ته ماڻهن کي ڇا ڪرڻ کپي ته جيئن هو خدا جي تقدس جون، يعني خدا جي چڱائيءَ يا نيڪيءَ جون مکيه صفتون- انصاف، محبت ۽ امن جون- حاصل ڪن ۽ اُنهن تي عمل ڪن. بائيبل جي 33 ڪتاب ”ميڪاه“ ۾ آيل آهي: ”خداوند اوهان کي، اي ماڻهوؤ، ڏيکاريو آهي ته چڱائي ڇا آهي؛ خدا اوهان کان اِهوئي ٿو گهري ته اوهين انصاف ڪريو ۽ محبت کي هٿن ۾ مضبوط جهليو، ۽ ائين پنهنجي خدا سان گڏ امن سان هلو“ (8:6).

اِئين ئي پيغمبر اسلام اسان کي اها خبر ڏني: ”ان للهَ خَلَقَ آدمَ عليٰ صورتہ- بيشڪ آدم کي الله تعاليٰ پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو.“ قرآن حڪيم جو به فرمودو آهي: ”فطرت اللهُ التي فَطر الناس عليها- اِهي سڀ خدا جون صفتون آهن، جي انسان جي صفتن جو روپ وٺي ظاهر ٿين ٿيون.“ اسان جي سچل سائينءَ به، پاڻ کي ”سارو سچ“ چوندي، اسان کي اِهائي صلاح ڏني آهي:

”اوهي ڪم ڪريجي، جس وچ الله آپ بڻيجي.“ بلڪ تهان ئي وڌيڪ هڪ جرئتمنديءَ جو قدم اڳتي وڌائيندي، چيائين: ”دين ڪفر اسلام ۾ عاشق ڪڏهن نه اڙيجي.“

بهرحال، ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي تاريخ کي ماڻهوءَ کان مٿانهينءَ ڪنهن هستيءَ جي ڏسيل راهه سڏجي يا ماڻهوءَ جو پنهنجو تجربو ۽ حاصلات چئجي، ٻنهي صورتن ۾، ذهني توڙي عملي طور، ماڻهو اُن سفر ۾ پنهنجي بهتر کان بهتر جيئڻ لاءِ، وڌ ۾ وڌ انصافَ، محبتَ ۽ امن جو متلاشي ۽ معمار رهيو آهي.

پر اِها به حقيقت آهي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي جو اِهو خدا کان مخصوصيل يا پنهنجي تجربي سان پنهنجا ويلُ تقدس، نيڪي يا چڱائي، اُن جا اِهي تفصيلي مظهر- محبت، انصاف، امن، وغيره- ڪي موتي يا هيرا ڪونه هئا جيڪي ڪٿي سمنڊ جي تري ۾ يا زمين اندر ڪنهن کاڻ ۾ پيل هجن، ۽ اُنهن کي اُتان رڳو ميڙي يا کڻي اچڻو هو؛ نه ئي اُهي ڪي وڻن جا ميوا هئا يا فصلن جا اناج، يا ٻيا ڪي ٺوس سامان هئا، جيڪي ڪٿي اپائڻا هئا ۽ اُتان پوءِ ڀريون ٻڌي کڻي هِت يا هُت رکڻا هئا، ۽ پوءِ اُنهن جي گهٽ يا وڌ هجڻ تي ماڻهوءَ جي ماڻهپي جي تورَ ماپَ ٿيڻي هئي! نه، اِئين ڪونه هو. ماڻهوءَ جو ماڻهپو ته ماڻهوءَ جي هلت چلت ۽ هُن جي ڪردار مان، ٻين ماڻهن سان- پيءُ ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن، مٽن مائٽن، دوستن ۽ واقفڪارن، پاڙي وارن، ڳوٺ وارن، ديس واسين ۽ دنيا جي ٻين ڄاتل اڻڄاتل ماڻهن سان- هن جي لاڳاپن ۽ هن جي راهه رسم ۽ روش مان صورت وٺي ٿو ۽ ظاهر ٿئي ٿو.

ماڻهن ۾ ماڻهپي جي تربيت لاءِ، مذهبي ۽ غير مذهبي نوع جون ڪيئي ڪوششون عمل ۾ اينديون ۽ تاريخ جو حصو بڻبيون رهيون آهن. وقت گذرڻ سان ۽ بدليل حالتن ۾، هر اهڙيءَ ڪوشش کي پنهنجي دستوري ظاهر جي مقابلي ۾ اصلي ”باطن“ جي اصلاحي چئلينج سان دوچار ٿيڻو پيو آهي- مثلاً آريائي ڪرمَ ڪانڊَ جي ويدڪ برهمنيت کي گيان ڪَنڊَ جي اُپنيشد ۽ ويدانتڪ تحريڪ سان، مسيحيت جي پاپائي نظام کي ليوٿري ۽ ڪال ويني احتجاج ۽ اصلاح سان، اسلامي فقيهن ۽ اهاليانِ شريعت جي ”ظاهر“ کي تصوف جي باطن سان جنهن کي ”معرفت حق“ چيو ويو.

هر ”ظاهر“ جا لَکَڻ ساڳيا هجن ٿا ۽ اِئين هر ”باطن“ جون صفتون به ساڳيون ٿين ٿيون- توڻي جو ڪنهن ظاهر يا ڪنهن باطن جو کڻي ڪهڙي به پنهنجي اصل سان لاڳاپو هجي. ”ظاهر“ جيئن اُن جي نالي مان ڏسي ٿو سگهجي، ڏيکاءَ، وڏائيءَ، چالاڪيءَ، ڌڪارَ ۽ زور جو آڌاري هوندو آهي، ۽ قائم نظام جي بي انصافيءَ، غير برابريءَ ۽ ڪوڙ جو ساٿاري ۽ پنهنجي اصل کي اُن جي حمايت ۾ ڪم آڻيندڙ هجي ٿو. ٻئي پاسي ”باطن“ سُور سهندڙ ۽ محبت ڪندڙ دل وارو، ڳنڀيرُ، نماڻو ۽ سچ سان صداقت رکندڙُ، ۽ پنهنجي اصل جي محرڪ جذبي جي ترجمان هئڻ سبب، سدائين ”ظاهر“ ۽ اُن جي ساٿي اقتدار جي مقابل اڏول بيٺل نظر ايندو آهي: ۽ اُهو هميشه ڏکويلَ ۽ محروميلَ وقت جي فرياد جو حاملُ، اُن جي آواز جو پڙاڏو، بلڪ خود اُهو آوازئي هوندو آهي. اِن طرح سماج ۾ جو ڪجهه به تخليقي عمل- علمَ، ادبَ ۽ فن جي صورت ۾، ۽ تاريخ ۾ جيڪي ڪي اصلاحي ۽ انقلابي تحريڪون اُٿن ٿيون اُهي سڀ، بلڪ ماڻهوءَ جو سڄو ماڻهپو، ماڻهوءَ جو هيءُ انفرادي توڙي اجتماعي باطن ئي ڄڻي ٿو- هيءُ اُن جو ضميرُ، اُهو هڪ ”خدا“ جو منجهس ويٺل آهي جيڪو کانئس ”اناالحق“ چَوَرائي ٿو.

اسان وٽ هتي، برصغير ۾ به، جيئن سڄيءَ دنيا ۾ هر هنڌ، ظاهر ۽ باطن جو هيءُ جهيڙو، انساني عمل ۽ روش جو هيءُ ٽَڪُر- سچ سان منافقت ۽ سچ سان صداقت جو مقابلو- ڪافي ڪن صدين کان هلندو پئي آيو آهي، ۽ سڄيون هي ڪيئي صديون ڌرتيءَ ڀلاريءَ جي هِن اسان جي بدنصيب خِطي پنهنجون سموريون انساني صلاحيتون فقط ۽ فقط اِنهيءَ هڪ تضاد جي چڪر ۾ شايع پئي ڪيون آهن، ۽ هندو ۽ مسلمان ٻيئي خلقون- هڪ پاسي ايڪو اَينڪال، تَتَ تومَ اَسِي ۽ اوم شانتي شانتي چوڻ واري خلق، ۽ ٻئي پاسي امن ۽ سلامتيءَ جي دين واري ۽ ”پنهنجي“ خدا کي رب اللعالمين ۽ اُن جي رسُول کي رحمت اللعالمين چوڻ واري خلق، پنهنجي پنهنجي ”ظاهر“ جي گهمنڊ ۾ ورتل، ٻَه پاڻَ ۾ توڙي هڪَ هڪَ اندروني طور، وڙهي وڙهي ڍانگها پئي ٿيون آهن، ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا بڻيون، دنيا جي بي ترس ۽ اُليءَ ورتل زوراور قومن آڏو ماس جي ٽڪرن جيئن پيون اڇلجن ۽ وري وري انهن جو سڻڀو گرانهه بڻجن.

پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”بقول زرتشت“ ۾ فِريڊرڪ نٽشي ”نجات“ جي عنوان هيٺ پنهنجي هڪ مضمون ۾، پنهنجيءَ دنيا کي، جاهَه ۽ جوفَ جي پٺيان اِئين الله ۽ مذهب جي نالي ۾ وڙهندڙ ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيندڙ ماڻهن کي ۽ قومن کي ڏسندي، چيو آهي:

”سچ پڇو، اي منهنجا دوستؤ، ته آءٌ اوهان ماڻهن ۾ هلان ٿو ته اِئين لڳيم ٿو ته آءٌ اوهان جي ٽُڪرن ۽ الڳ الڳ عضون جي وچ ۾ هلي رهيو آهيان!

”هيءُ منهنجي اکين لاءِ هولناڪ نظارو آهي، جو آءٌ ائين ماڻهوءَ کي ڀڳل ٽٽل ۽ ڇِڙِوِڇُڙ ڏسان ٿو، جهڙيءَ طرح ڪنهن ميدان جنگ يا ڪوس گهر ۾.

”۽ جڏهن منهنجي اک حال کان هَٽي، ماضيءَ طرف وڃي ٿي، ته به اُهوئي ساڳيو نظارو اُها ڏسي ٿي: رڳو ٽُڪرا ٽُڪرا، ڌار ڌار عضوا، ۽ ڀيانڪ حادثا- پر ماڻهو نه، انسان نَه!

”ڌرتيءَ جي مٿان حالُ ۽ ماضي- هاءِ! منهنجا دوستؤ، مون لاءِ منهنجي سهڻ کان مٿي هڪ پيڙا آهي؛ ۽ جيڪڏهن آءٌ ڪجهه ڌُور- ڏسندڙُ نه هجان ها اُن شيءِ جو، جا ضروري اچڻ واري آهي، ته مون کي هوند جيئڻ ئي ڪونه اچي ها.

”آءٌ هڪ ڏور – ڏسندڙُ، مقصد رکندڙُ، هڪ تخليقڪارُ، جو خود مستقبلُ آهيان ۽ مستقبل جي هڪ پُل به - ۽ افسوس هن پُل تي پاڻ به هڪ پِنگلو: آءٌ جو ڪجهه آهيان دوستؤ، بس اِهو آهيان.

”۽ اوهين به پاڻ ۾ اڪثر پڇندا آهيو: اسان لاءِ هيءُ ڪير آهي؟ اسان وٽ هو ڇا سڏبو؟ ۽ مون وانگر ئي اوهين جوابن لاءِ پاڻ کان سوال ٿا پڇو-

ڇا هو شاعر آهي؟ يا هڪ خالص ماڻهو؟ ڪو بَندَ ٽوڙيندڙ؟ هڪ نيڪ ماڻهو؟ يا ڪو بڇڙو ماڻهو؟

”آءٌ به اوهان جي وچ ۾ مستقبل جي ٽُڪرن طور هلان ٿو: اُهو مستقبل جيڪو منهنجي تصور ۾ آهي.

”۽ منهنجي جذبي جو سڄو اُڀارُ منهنجي فڪر جو سڄو پرواز اِهو آهي ته اُنهن سڀني ٽُڪرن کي، رازن کي ۽ ڀيانڪ حادثن کي ميڙي گڏ ڪري ۽ جوڙي، هڪ ايڪي ۾ آڻي ڇڏيان.“

۽ اِهوئي ڪم هو- ”ماڻهن کي ايڪي ۾ آڻن جو ڪم“ جو اسان جي جوڳين ۽ سنياسين، سنتن ۽ درويشن، ويدانتين ۽ صوفي سڳورن پئي ڪيو آهي. اِهوئي ڪم اسان جي شاهه سائينءَ ۽ سامي صاحب ڪيو، ۽ اِهوئي ڪم هو، جو اسان جي سچل سرمست ڪيو، جنهن جي فڪر ۽ فن تي اڄ اسين هتي سوچي رهيا آهيون، ۽ اسان سڀني کي به اڃا اِهو ڪم ڪرڻو آهي- جيترو ٿي سگهي اوترو، جيستائين ٿي سگهي تيستائين!

۽ انهيءَ ئي ڪري مون هِن پنهنجي مختصر مضمون کي شاهه سائينءَ جي هڪ لافاني سٽ جو نالو ڏنو:

”ڏکوين اُهڃاڻَ، مٿي سڳر پنڌڙا!“

(سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ سڏايل ٽن ڏينهن- 26، 27 ۽ 28 نومبر 1989ع- جي بين الاقوامي سچل سيمينار ۾ پڙهيل مضمون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org