سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :3

 

رحيمداد خان مولائي شيدائي

مهراڻ

ڪاري رات، ڪَچو گهڙو، نڪا سيڻهه ساڻ،

وجهي ويرم نه ڪري، پريان ڪارڻ پاڻ،

محبت کي مهراڻ، سُڪي سڀ پَٽ ٿيو.

- شاهه رحه

سنڌڙي سونهاري، جا دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو شمار ٿئي ٿي، تنهن جو سبب ”مهراڻ“ آهي. هن خوش نصيب واديءَ جي رهاڪن جو جياپو به مهراڻ جي ڪري آهي. هيءَ ندي سينڌ وانگر هن صوبي جي وچان وهي ٿي، جنهن جي شاخن تي صوبي جي آباديءَ جو مدار آهي. مهراڻ سنڌ سونهاريءَ کي ڏات ۾ مليل آهي. مهراڻ جي وجود ڪري سنڌ ايشيا کنڊ جو باغ آهي، نه ته جيڪر هي صوبو راجپوتانا جي صحرا جو حصو هجي ها، ۽ سندس حدون اراولي جبلن کان وٺي کيرٿر تائين هجن ها، سنڌ جي سڀني طبعي حالتن جو دارومدار هن نديءَ جي وهڪري تي منحصر آهي.

تعريف ۽ نالا: مسلمانن جي روايتن توڻي هندن جي ويدن ۾ هن درياهه جي تعريف ڪيل آهي. هڪ حديث آهي ته جنت مان چار درياهه نڪرن ٿا: (1) نيل، (2) فرات، (3) جيحون، (4) سيحون (سنڌو). اصلي حديث جنهن کي علامه سيوطيءَ نقل ڪيو آهي، سا هت ڏيون ٿا: ”ان النيل والفرات و جيحان وسيحان ڪل من النهار جنة“.[1] اهڙيءَ طرح هندن جي سڀ کان جهوني رگويد ۾ هن نديءَ جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي، جن مان بعض مئڪس ملز ترجمي سميت نقل ڪيون آهن، جن کي هيٺ نقل ڪريون ٿا:

”او سنڌو! تون ان ڪري برک آهين، جو تنهنجو ماڳ وواسوت آهي! ست درياهه ٽن رستن کان وهن ٿا، مگر سنڌو قوت سان سڀني کي لتاڙي ٿي[2]. (ست نديون پنجاب ۾ آهن، جن جي ڪري سنڌوءَ جي ميدان تي ”سپت سنڌو“ جو نالو پيو هو). ورونا ديوتا تولاءِ رستو تعمير ڪيو. جڏهن تون گهوڙيءَ وانگي ڊوڙين ٿي، تڏهن تون هڪڙي سيناپتي (ڪمانڊر) وانگي ٻين ندين جي ڄڻ اڳواڻي ڪري رهي آهين.

”تنهنجي دهشت، ڌوم ۽ ڪنن جي ڪڙڪاٽ جو آواز زمين کان آڪاس تائين پهچي ٿو. جيئن بادل گرجن ٿا، تون ڍڳي وانگر رنڀندي وهندي ٿي رهين. (رگويد ۾ سندن گجندڙ آواز ”سوشمام“ ڏنل آهي.)

”تنهنجي پٺيان، او سنڌو!  ٻيون نديون ڍڳيءَ جي وهڙين وانگي کير لاءِ ڊوڙن ٿيون؛ جيئن ڪو جرنيل ميدان ۾ ساڄي ۽ کاٻي جنگ جي نگراني ڪندو آهي، تيئن تون وهندڙ ندين جي اڳواڻي ڪري رهي آهين.

”او گنگا، جمنا، سرسوتي، ستودري (ستلج)، پروشني (راوي)، او مردوريڌا، وتستا (بياس)، او آرگيڪيا! منهنجي تعريف جيڪا مان ’سوشوما‘ (مهراڻ) لاءِ ڪري رهيو آهيان، اوهان کي مڃڻي پوندي.

”او سنڌو! تون ستن سهيلين سان گڏجي وهين ٿي: ساڄي پاسي کان ڪڀا (ڪابل)، گومتي (گومل) ۽ ڪرمو (ڪرم) توسان گڏجي هلن ٿيون.

”او سنڌو! تون شفاف چمڪندڙ امرت جهڙو پاڻي کڻي ميدان لتاڙين ٿي. او سنڌو! مها سيناپتي! تنهنجي رفتار جو منظر تيز رفتار گهوڙيءَ وانگي آهي.

”تنهنجو ميدان اڪيچار گهوڙن سان آهي، جيڪي تنهنجي رٿ کي هڪلين ٿا. تنهنجي ڳلي ۾ سونيون مالهائون پيل آهن، جي توکي مال غنيمت ۾ هٿ لڳيون آهن. تو وٽ يتسم (ڪپهه) آهي، تنهنجي ڪپن تي سرُها گاهه اُڀرن ٿا.

”او سنڌو! سوڀياوان! ’عروس نوبهار‘ وانگر تنهنجي پوشاڪ گلن مان جڙيل آهي: تنهنجو شباب لافاني آهي.“

سنڌو نالو ڪيئن پيو: سنڌو نالو ”مهراڻ“ تي ڪيئن پيو، ان لاءِ جدا جدا بيان آهن. ”تحفة الڪرام“ جي ليک موجب سنڌ ۽ هند، سام بن نوح عليه السلام جا پٽ هئا، جن جي نالن ڪري اقليم سنڌ تي ۽ مهراڻ تي مٿيون نالو پيو[1]؛ ڪن مورخن جي راءِ موجب سنڌو معنيٰ چنڊ- هڪڙي سلوڪ ۾ ”سوشوما“ نالو ڏنل آهي. ڪرنل جيمس ٽاڊ ”تاريخ راجستان“ ۾ هن نديءَ کي ”نيلاب“ نالو ڏنو آهي.[1]. ”منتخب تاريخ“ جو صاحب مهراڻ جو نالو ”پنجاب“ ڏيکاري ٿو، جيئن بدايوني لکي ٿو: ”ناصرالدين قباچه در پنجاب غريق بحر فنا گشت“، يعني ناصرالدين مهراڻ ۾ ٻڏي ويو.

اهڙيءَ طرح مهراڻ کي ڏن ڀريندڙ ٻين ندين جا نالا به سنسڪرت رگويد ۾ ڏنل آهن: جهڙوڪ (1) ڪڀا (ڪابل)، (2) ڪرومو (ڪرم)، (3) گومتي (گومل)، (4) وتستا (جهلم)، (5) اسڪيني يا چندر ڀاگا (چناب)، (6) پروشني يا اراوتي (راوي)، (7) ستودري (ستلج)، (8) وپسا (بياس).

يونانين وري پنهنجي ٻوليءَ ۾ مٿن جدا جدا نالا رکيا: مثلاً: انڊس (مهراڻ)، هيڊ اسپيس (جهلم)، اسينيز (چناب)، هيڊروبيٽس (راوي)، هيفاسيز (ستلج).(1)  مهراڻ جي قدامت عربي، سنسڪرت ۽ يوناني زبانن ۾ بيان ڪيل آهي. مهراڻ جي قديم شاخن مان ”هاڪڙو“، ”سرسوتي“ ۽ ”دروشادتي“ نالي ٽي نديون هيون، جن جو وجود اڳ مٽجي ويو. اُهي نديون شيوالڪ جبل مان نڪري راجپوتانا جي اُترئين حصي کي آباد ڪنديون هيون. سرسوتي ۽ دروشادتي، مهاڀارت کان اڳ، راجپوتانا جي صحرا ۾ گم ٿي ويون. هاڪڙو لکپت وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ گم ٿي ويو. تن ڏينهن ۾ ڪڇ جو سمنڊ هيٺ هو. يونانين جي ڏينهن ۾ منجهس ڍنڍن جي صورت ۾ پاڻي هو. سلطان محمود غزنويءَ جي ڏينهن ۾، سمنڊ ۾ وير چڙهڻ وقت، رڻپٽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو.(2)

سڪندر مقدوني، پنهنجي اميرالبحر نيرڪوس کي پٽالا کان جهاز ڏيئي، مهراڻ جي ڊيلٽا کي جاچڻ لاءِ روانو ڪيو هو ۽ پڻ ارستو بولس نالي هڪڙي سائنسدان کي، مهراڻ ڊيلٽا جي اڀرندي ڪپ واري حصي کي جاچڻ لاءِ موڪليو هو، جنهن ٻن هزار شهرن ۽ ڳوٺن جا ويران نشان ڏٺا. ارستو بولس جو بيان آهي، ته اهي سمورا شهر هاڪڙي جي ختم ٿي وڃڻ ڪري ئي ويران ٿي ويا هئا.(3) تنهن کان پوءِ ابن حوقل بغداديءَ جو سنڌ جو نقشو آهي، جنهن ۾ هاڪڙي جو نالو نشان ڏنل ڪونهي.(4)

هاڻوڪو وهڪرو: مهراڻ، هماليه جي ڪيلاش پربت واريءَ مانسروور ڍنڍ مان نڪري، ٻارهن هزار فوٽن جي بلنديءَ واري گلگت جي جابلو حصي کي لتاڙي ٿو، جت انسان جو گذر مشڪل آهي. ”بنجيءَ“ تائين، پهرين اُتر- الهندي ڏانهن رخ اختيار ڪري ٿو، تنهن کان پوءِ ڏکڻ- الهندي ڏانهن وهڻ لڳي ٿو. ”اٽڪ“ وٽ، سندس پيٽ پهريائين پنجاهه گز ويڪرو ٿئي ٿو، پوءِ اڳتي هڪ ميل ويڪرائي ۾ آهي. آخر پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي لتاڙي، 1800 ميل وهي، وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. دنيا ۾ سترهون نمبر وڏي ندي آهي. اٽڪ ۽ ڪالا باغ، مٿس مکيه پتڻ آهن.(1) اٽڪ، بکر ۽ سيوهڻ وٽ مکيه تاريخي قلعا هن نديءَ تي ٻڌل آهن.(1) اٽڪ، روهڙي، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽ مهراڻ تي پليون ٻڌل آهن، جن مان سکر بيراج پل دنيا جي موجود عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.

ساڄي ڪپ تي بعض نديون افغانستان جي مٿانهين پٽ کان نڪري، هندستان جي سرحد وارن جبلن کي لتاڙي، منجهس ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪابل ندي اٽڪ وٽ منجهس پوي ٿي، جنهن جون ڪونر ۽ سوات شاخون آهن.

ڪابل نديءَ کان پوءِ ٻيو نمبر ڪرم ندي آهي، جا ڪرم واديءَ کي لتاڙي، منجهس ڇوڙ ڪري ٿي. ٽوچي ان جي شاخ آهي. اڳتي هلي ديري اسماعيل خان جي ڏکڻ ۾، گومل برساتي ندي منجهس پوي ٿي. اٽڪ تائين، جابلو پيچرن مان لنگهڻ ڪري، مهراڻ، جهازرانيءَ جي قابل نه آهي. اٽڪ کان پوءِ منجهس جهاز اچي سگهن ٿا.(2) هيءَ ندي پاڻيءَ سان گڏ لکها مڻ واري پاڻ سان گڏ آڻي ٿي. ”انڊس رورڪميشن“ جنهن 1901ع کان 1930ع تائين سنڌو نديءَ تي رپورٽ پيش ڪئي، تنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هيءَ ندي هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ اڇلائي ٿي. مهراڻ وانگي، پنجاب، پنجاب جي ندين به وقت بوقت پنهنجا وهڪرا بدلايا آهن. اڳ پنجاب جون نديون اُچ وٽ مهراڻ ۾ پونديون هيون، هينئر چاليهه ميل هيٺ ڀرو، مٺڻ ڪوٽ وٽ، مهراڻ ۾ پون ٿيون. اڳ ستلج ندي پاڪپٽڻ وٽان وهندي هئي، هينئر شهر کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهڙيءَ طرح امير تيمور جي ڪاهه وقت راوي نديءَ جي هڪڙي شاخ، ملتان ۽ قلعي جي وچان وهندي هئي.(3)

سنڌ جا گهڻائي قديم شهر جيڪي اڳ سنڌو نديءَ ۾ سندس شاخن تي آباد هئا، سي وهڪرن جي ڦرڻ ڪري يا آبڪلاڻيءَ جي ڪري ويران ٿي ويا. جهڙوڪ: موئن جو دڙو، الور، ديبل، پاري نگر، برهمڻ آباد، ڀنڀور، وڳهيه ڪوٽ، لاهري بندر، اورنگا بندر، وغيره ۽ اڃا تائين آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ مهراڻ جي مستانيءَ چال ڪري سنڌ جي ڪيترن شهرن کي خطرو رهي ٿو، جنهن ڪري سال بسال سنڌ سرڪار کي بندن تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو.(4)

لائڊ براج سسٽم: اڳ سنڌ ۾ واهه ٿورا هئا. آبڪلاڻيءَ ڪري به زمينون گهڻيون آباد ڪونه ٿينديون هيون. مگر براج سسٽم ڪري هينئر سنڌ جون زمينون اڳي کان گهڻيون آباد آهن ۽ اسان جو صوبو مملڪت پاڪستان ۾ اناج جي لحاظ کان بچت وارو صوبو آهي. انگريزي راڄ جي زماني ۾ سکر وٽ 1923ع ۾ مهراڻ جي پاڻيءَ جي روڪ لاءِ، لائڊ بيراج پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1932ع ڌاري پورو ٿيو. هيءَ پل پٿرن جي ٿنڀن سان، 4725 فوٽ يعني هڪ ميل ڊيگهه ۾ آهي. بمبئي جي گورنر لارڊ لائڊ جي نالي تي مٿس لائڊ براج نالو پيو. پُل کي 66 فولادي در ڏنل آهن، جي بجليءَ سان کڄن ٿا. پل جي ساڄي ڪپ تي ٽي وڏا واهه نڪرن ٿا: (1) کيرٿر ڪئنال (2) رائيس ڪئنال (3) دادو ڪئنال کاٻي ڪپ تي چار وڏا واهه نڪرن ٿا: (1) اڀرندي ناري کي پيچ ڏيندڙ واهه. (2) اتر- اوڀر خيرپور واهه، (3) روهڙي ڪئنال، (4) اولهه خيرپور کي پيچ ڏيندڙ واهه. انهن سڀني واهن کي در ڏنل آهن، جي بجليءَ ذريعي کڄن ۽ بند ٿين ٿا، ۽ پنهنجين شاخن سميت 6400 ميلن تائين وهن ٿا. اٽڪل 55 لک ايڪڙ زمين وچولي، لاڙ ۽ ڪجهه سري ۾ آباد ٿئي ٿي. سکر جي عظيم الشان لائڊ براج تي 25 ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. اهو قرض هند سرڪار کي پنجهتر ورهين اندر وصول ڪرڻو هو. مگر ٻيءَ عالمگير جنگ تائين، هن صوبي جي زرعي اُپت ۾ ايترو اضافو ٿيو، جو سمورو قرض لهي ويو.

ڪوٽڙي بيراج: سنڌ جي لاڙ واري حصي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ، سنڌ سرڪار ڪوٽڙيءَ وٽ بيراج تعمير ڪرائي رهي آهي، جنهن جو ڪم آڪٽوبر 1948ع کان شروع آهي.(1) تخميني طور، 27 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي ۽ هي صوبو ايشيا کنڊ جو باغ بنجي ويندو.(1)

گڊو براج: مٿين ٻن براجن کان پوءِ به 54 لک 50 هزار ايڪڙ زمين هن صوبي ۾ غيرآباد رهندي، جنهن کي آباد ڪرائڻ لاءِ سري ۾ گڊو براج جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تي تيرهن ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. گڊو براج پوڻ کان پوءِ، يقين آهي ته هي صوبو غير معمولي طرح سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو. تخمينو آهي ته هن بيراج ڪري 20 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي.(2)

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

[مهراڻ: سيارو، 1955ع]


[1] مٿين حديث جلال الدين سيوطيءَ ”در منثور“ ۾ ڏني آهي، جنهن کي رحلته (سفرنامه) ابن بطوطه ۾ نقل ڪيو آهي. ڏسو امام جلال الدين سيوطيءَ جو تفسير در منثور، ج 1، مصر. عجائب الاسفار، ج 1، ص 25، مترجم: مولانا عطاء الرحمان، رحماني پريس، دهلي.

[2] ووسوات معنيٰ سج جو گهر، يعني زمين يا قربانگاهه، جت ’آريا‘ گهوڙن جي قرباني سوريه (سج) ديوتا لاءِ ڪندا هئا.

[1] مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفة الڪرام، ج 3، مهاڳ، مطبع ناصري بمبئي.

[1] J. Tod: Annals & Antiquities of Rajisthan, vol. 1, Calcutta, 1894. جيمس ٽاڊ جو بيان غلط آهي. نيلاب هڪڙو پتڻ آهي، جو پشاور کان 35 ڪوهه هيٺ ڀرو کاٻي ڪپ تي آهي. هتي مهراڻ جو پاڻي نيرو آهي.

H. Gupta Dr. Studies in Latter Moghal History of Punjab, (1707-1793) p. 8, Lahore, 1944.

(1) The Cambrige History of India, vol 1, Map No: 4, p.374. Cambridge, 1992.

(2)  M. R. Haig: The Indus Delta Country, Ran of Kuchh, London, 1894.

(3) مغربين مان اسڪائيلاڪس پهريون يوناني جهازران هو، جنهن دارا اعظم جي حڪم سان (486-522 ق.م) سنڌو نديءَ جي وهڪري کي معلوم ڪيو هو. کانئس پوءِ ارستو بولس مهراڻ جي اڀرندي ڪپ جو معائنو ڪيو هو. ڏسو The Cambridge History of India, vol 1, pp393-403, ch. xvI

(4)  هاڪڙي جي ويراني ڪري سنڌ جو اڀرندو حصو، جتي هينئر واريءَ جا دڙا آهن، جنهن کي ٿرپارڪر سڏجي ٿو، سو ويران ٿي ويو. البت ڪن ڍنڍن جا نشان اڄ به موجود آهن. اڪبر اعظم جي زماني تائين سمنڊ بدين وٽ هو. مسٽر پيٿاوالا سنڌوندي جي ڦيرن گهيرن جا جدا جدا نقشا ڏيکاريا آهن، جن مان مهراڻ جي وهڪري ۽ سندس ڦرڻ جو پتو پئجي سگهي ٿو. اڄ کان اڳ اٽڪل پنج دفعا مهراڻ پنهنجو وهڪرو بدلايو آهي. پويون دفعو 1758ع ڌاري، نصرپور کان منهن موڙي، موجود وهڪرو قائم ڪيائين. وڌيڪ مفصل بيان لاءِ ڏسو: Majer Raverty: The Mehran of Sindh, Calcutta, 1892

(1) ڪالا باغ جو پتڻ، صوبي سرحد کي ملتان سان ڳنڍي ٿو، ڪالا باغ کان پوءِ ديرو اسماعيل خان مکيه پتڻ آهي، جو دره گومل جي سامهون آهي. هن رستي کان محمود غزنوي (1001ع کان 1027ع) تائين) ٻارهن دفعا هندستان تي ڪاهون ڪيون هيون. ديرو غازي خان به مکيه تاريخي پتڻ آهي، امير تيمور پشين ۽ ٿل چوٽيالي کان ايندي ديري غازي خان وٽان هندستان تي ڪاهه ڪئي هئي. وڌيڪ ڏسو:  Sir T. H. Holdich: The gates of India. London, 1910

(1) اڳ هندستان جون حدون اٽڪ تائين هيون، تنهن ڪري اڪبر اعظم 1853ع ۾ هت قلعو تعمير ڪرايو هو. اڳ اٽڪ جي پتڻ کي ”شاهه گذر سڏيندا هئا.

(2) H. R. gupta: Latter Moghal History of Punjab. P.8. D.H. Cola: Imperial Military geography, ch xz. the gates of India, pp.265-270, London, 1922.

(3) ابن حوقل بغداديءَ جو نقشو، جو ائوڌ جي نوابن جي ڪتبخاني مان ايليٽ کي هٿ لڳو، ميجر ريورٽي جي مهراڻ ۾ ڏنل آهي.

(4) 19 ۽ 20 صديءَ ۾ آبڪلاڻيءَ ڪري سنڌ جا گهڻا ئي ڳوٺ ويران ٿي ويا. سن 1863ع ۾، مهرو ماڙيءَ وٽان درياهه جي ليٽ ڪري گهڻائي ڳوٺ ويران ٿي ويا، 1874ع ڌاري، ليٽ جو پاڻي جيڪب آباد ڇانوڻيءَ تائين پهتو هو. 1879ع ۾ ڪشمور بند ٻيهر تعمير ڪرايو ويو. ڪشمور بند کان اڳ، ليٽ جو پاڻي جيڪب آٻاد کي لتاڙي، لاڙڪاڻي ضلعي تائين پهچندو هو. 1895ع ۾ ڪوٽڙيءَ وٽ درياهه 17 فوٽ چڙهيو هو، جنهن ڪري ڪلري ۽ بگهاڙ ڦاٽن جا بند ڀڄي پيا ۽ خريف جي فصل کي نقصان پهتو هو. 1914ع ۾ آبڪلاڻيءَ ڪري، ڪوٽڙي ۽ گهوڙاٻاريءَ کي نقصان پهتو. لائڊ براج کان پوءِ به آبڪلاڻيءَ جو سلسلو هلندو اچي ٿو، سترهن سالن اندر چارگهمرا، يعني 1929ع، 1930ع، 1942ع ۽ 1948ع ۾، صوبي جي چانورن جي پوک کي نقصان پهتو ۽ سرڪار کي بندن تي خرچ ڪرڻو پيو. ڏسو:

Dawn, March, 28, 1949/ Karachi/ The Sukkur Barrage- p.3

(1) 1848ع ۾، انگريز سرڪار مهراڻ جي ماپ وٺڻ لاءِ بکر ۾، 1898ع ۾، دين ٻيلي ۾ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ انتظام رکيو. اهڙي انتظام کان پوءِ اٽڪ، ديري غازي خان، بکر ۽ ڪوٽڙي تائين پاڻيءَ جي چاڙهه جو پتو پوي ٿو.

 J.W. Sinth: gazetteer of the Province of Sindh- B”- vol. III- Sukkur District، Bom 1919.

(1) Economic Survey of the Middle East, Pakistan, p. 69 Karachi

(2) Sindh in Picture, August, 1952. Karachi. p. Agriculture

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org