سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ادب - ٻولي- تعليم

باب: -

صفحو :10

 

 

”بشير“ مورياڻي

– ڀائو، خوش هجو شال! حيدرآباد مان گرامي صاحب ”شاعر“ ڪڍيو آهي– ڏٺم. ان ۾ جناب عزيز الله ”مجروح“ جو هڪ ”پابند“ نظم شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن ”آزاد نظم“ کي گهڻي قدر ننديو آهي، ۽ ان جي اهميت کان ئي انڪار ڪيو اٿس– بلڪ آزاد نظم لکندڙن کي ”غير ادبي گاريون“ به ڏنيون اٿس؛ ۽ اهي گاريون وري پنهنجي امام خليل بن احمد جي قائم ڪيل ”پابند شاعريءَ“ ۾ ڏنيون اٿس. قدامت پسند هر نئين شيءِ جي اول اول مخالفت ڪندا آهن، ۽ پوءِ ان کي قبول به ڪندا آهن، ۽ اختيار به.

سنڌي آزاد نظم جي عمر مشڪل سان ڏهه سال کن ٿيندي. 1947ع ۾ شيخ ”راز“ آزاد نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. هن کانپوءِ، شايد سنڌ ۾ ڪنهن ڪوشش ڪئي نٿي ڏسجي. ٿورن وقفن کانپوءِ، البت شيخ ”اياز“ ڪجهه نه ڪجهه ان نموني جو شعر لکندو رهيو. ”مهراڻ“ جي نئين دور آزاد نظم کي وري جياريو.*

”آزاد نظم“ جي جيڪي ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن، انهن يا ته انگريزي شاعريءَ جو مطالعو نه ڪيو آهي، جو خبر پوين ته ڪيتريون نه سٺيون شيون، ان صنف ۾ لکيون ويون آهن. اڙدو ٻوليءَ ۾ پڻ اڪثر شاعرن شاندار ڪاميابيءَ سان ”آزاد نظم“ لکيو آهي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ اهڙيءَ ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ ممڪن نٿا سمجهن؛ ۽ تنهنڪري ئي مخالفت ڪري، انهيءَ نئين صنف کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. منهنجو خيال آهي ته ”آزاد نظم“ ۾ جيڪڏهن توانائي آهي، زنده رهڻ جي صلاحيت آهي ته ان کي ڪوئي به ختم نه ڪري سگهندو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن نون شاعرن ڏٺو ته ان جي وسيلي، هو پنهنجي خيالن جو اظهار چڱيءَ طرح نٿا ڪري سگهن ته سنڌي آزاد نظم شايد ختم ٿي وڃي. ان هوندي به ”آزاد نظم“ جي اهميت ڪا ختم ٿيڻ جي آهي؟

سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ڪامياب ڪوششون ان ڏس ۾ ٿيل آهن: سڀ کان پهرين، ڪامياب آزاد نظم شيخ ”راز“ جو ”غريبي ۽ اميري“ آهي. هن ٻيا به ڪيترا ڪامياب آزاد نظم لکيا آهن، جيڪي هن جي شعر جي ڪتاب ”سارنگ“ ۾ ڇپيا آهن، ۽ ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“ وغيره رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. تنهن کانسواءِ ”اياز“، ”شمشيرالحيدري“، ”برده“ سنڌي ۽ ٻين دوستن پڻ نهايت چڱيون چيزون پئي لکيون آهن. مون پاڻ ”آزاد نظم“ طرف ڌيان پئي ڏنو آهي.

”آزاد نظم“ جي معنى اها ناهي ته وزن، بحر ۽ شعر جي اصولن کان ”آزاد“– بلڪ فارسي بحرن جي مقرر ٿيل رڪنن کي گهٽائڻ وڌائڻ سان، آزاد نظم جڙي ٿو. آزاد نظم جي اهميت هڪ مثال ڏيئي ظاهر ڪندس: اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ”پابند نظم“ ۾ وڌاءُ هوندو آهي– يعني ڪن هنڌن تي ڪي غير ضروري ڳالهيون به اچي وينديون آهن، جن جو موضوع سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي. ايئن ڇو؟ – ڇاڪاڻ ته خيال ايترو مختصر هوندو آهي، جيڪو جيڪر چئن رڪنن ۾ اچڻ بدران ٻن رڪنن ۾ اچي ته سٺو ٿئي. پر ڇاڪاڻ ته بحر ۽ وزن جي پابندي آهي چئن رڪنن ۾ شعر چوڻ جي، تنهنڪري انهيءَ جذبي يا خيال کي ڇڪي تاڻي، لفظن کي وڌائي ۽ دهرائي، انهيءَ پابنديءَ جي پورائي ڪئي ويندي آهي. ان جي ابتڙ وري ڪنهن شعر ۾، خيال ۽ جذبي جو ڦهلاءُ مقرر رڪنن کان وڌي ويندو آهي، ۽ شاعر مختصر طور ۽ ڪَٽ سَٽ ڪرڻ بعد، انهيءَ خيال يا جذبي کي مقرر رڪنن تي بيهاري، نظم تيار ڪندو آهي؛ انهيءَ ڪري شعر ڦڪو، ٻُسو ۽ اثر کان خالي ٿي پوندو آهي.

”آزاد نظم“ ۾ خيال ۽ جذبي جي ڦهلاءَ، ۽ رڪنن گهٽائڻ وڌائڻ جي سهولت هجڻ سببان، تاثر وڌيڪ هوندو آهي. آزاد نظم ۾ جيڪڏهن قافين جو ٿورو خيال رکيو وڃي (آءٌ رکندو آهيان) ته ان جو اثر ۽ اهميت اڃا به وڌي سگهي ٿي.

– اوهان جو............

[مهراڻ: 2-1956]

 

مينڌري ع . سعادتي

- جناب اعلى، ”مهراڻ“ جي نئين سال جي ٻي موج به ڏٺيم: نيون لهرون انهن ۾ نئون خيال، نيون ڇوليون اُنهن ۾ نئون جوش، نوان ڪـُن ڪڙڪا انهن ۾ نئون امنگ ڏسي، ساعت کن لاءِ بيخود ٿي ويس. ڀانيم پئي، ”مهراڻ“ ته عمر خيام جي رباعي آهي- نهايت وڻندڙ، مٺڙي ۽ پياري پياري!

مان بڙڇي مان گهاءُ، مان ئي وار وجود تي؛

مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو.

اسان جو ۽ سنڌيءَ جو ساڳيو معاملو آهي، پاڻ ئي سنڌيءَ کي ختم ڪري، پاڻ ئي سندس مزار جا مجاور ٿي ماتم ڪريون ٿا. معلوم ناهي آخر اسان جي واءِ ويلا جو رد عمل ڇا ٿيندو؟ هن دفعي ”مهراڻ“ واقعي مهراڻ جون سـِڪون ٿي لاٿيون. شيخ اياز جي وائي نهايت رقت انگيز آهي. هري ”دلگير“ جو ”آهه ڪٿي پهتو انسان“ گيت نويسيءَ ۾ نئون موڙ آهي- ڇو ته عام طرح گيت ۾ ساده و معصوم فطرت جا امنگ ۽ پيار پڇتاو جون ڳالهيون هونديون آهن، پر هن ڀيري نئون رنگ ڍنگ ڏسي حيران رهجي ويس. گوورڌن جي ”رات راڻي“ نهيات وڻندڙ ۽ سهڻي آهي. بشير مورياڻيءَ جو ”وچ اوڀر“ واديء نيل جي فرزندن جي للڪار آهي؛ ”وچ اوڀر“ ۾ پيغمبرن جو مقدس پيار گونججي رهيو آهي، ان ۾ خليل جبران جي شاعريءَ جو روح چرندو پرندو محسوس ڪري رهي آهيان، عالمي مستن جا روح مقبرن اندر پريشان پريشان ڊوڙي رهيا آهن؛ شايد نيل کي نئين قرباني گهرجي- نئينءَ ڪنوار جي، جنهن جو ڳانو ۽ ميندي رت سان رڱيل هجي. ”سڀڪا مومل سڀڪو راڻو“ ”اياز“ جي شخصي معيار جي خلاف آهي، تعجب آهي ته اياز اهڙي سٽ ڪهڙيءَ ڪيفيت هيٺ لکي! جناب گرامي صاحب جي ”عورت“ نهايت سطحي آهي، موجوده وقت جي تقاضائن موجب اهو موضوع نهايت پراڻو ۽ بيڪار ٿي چڪو آهي. هونئن به گراميءَ جي شعر ۾ هو سيلاب نه رهيو آهي، ان ۾ فقط موٽي ويندڙ ڇوليءَ جي ڇـَرَ ٿي نظر اچي؛ گذريل جذبات جو تصور ڪيستائين ساٿ ڏيندو؟ ڇو ته شاعري به ڪاليءَ وانگر نت نئين خون تي راضي ٿيندي آهي.

”مڪلي نامه“ ته صفا ڪڪ ڪري وڌو، ڇو ته صفا فارسيءَ ۾ هو؛ اسان پارين کي سنڌي به مشڪل سان اچي، سو فارسي ڪٿان ايندي؟ اها معياري ۽ ادبي رسالن جي پيروي ناهي، فقط اوهان جند ڇڏائڻ جو بهانو بڻايو آهي. طويل ۽ خشڪ مضمون ڀل هجن، پر ايترو ته احساس ڪريو، جو سنڌيءَ ۾ هجن. ”مڪلي نامه“ فقط محدود طبقي لاءِ مخصوص دلچسپي ۽ فائدو رکي ٿو. اوهان کي هڪ عام معيار رکڻ کپي، جن کي فارسي نٿي اچي سي ”مڪلي نامه“ کي ڇا ڪندا؟ ضرور هلڪيءَ ٿڪاوٽ سان ئي پنا اٿلائيندا اٿلائيندا اڳتي هلندا ويندا. نتيجو اهو نڪرندو ته نه هڙ حاصل ٿيندو نه مزو. سنڌي ادب ۾ ٻيا اڃان ڪي ئي موضوع رهيا پيا آهن، جن جي اسان کي سخت ضرورت آهي. متان ائين سمجهو ته اهو منهنجو ڏوراپو ۽ ميار آهي يا البيلائي ۽ الغرضائي، البت اها عام سنڌي تعليم يافته طبقي جي پسنديدگيءَ جي پارت ضرور آهي. ڇو ته ادب انهن لاءِ ئي تخليق ڪيو وڃي ٿو، اهي ئي ان کي هنڊائيندا ۽ سانڍيندا. تنهنڪري ڀلي زياده تحقيقي مقالا شايع ڪريو. فقط ٻه لفظ ايترا چونديس ته سنڌيءَ ۾ مضمون هجن، پرواهه ناهي کڻي طويل هجن.

اوهان تنقيدي ادب لاءِ فرمايو آهي. درحقيقت جيستائين تنقيد نه هوندي، ته صحتمند ادب تخليق نه ٿيندو. سنڌي ادب ۾ اهڙو خاص تنقيدي ادب تي ڪتاب ڪونه ٿو ملي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ويهي تحقيقات ڪجي. لاچار جن کي فارسي ۽ عربي اچي ٿي، سي ان مان فائدو وٺن ٿا؛ جن کي انگريزي اچي ٿي، سي ان جي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ ويهي مقالو تيار ڪن ٿا. پر اسان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ جن کي نه اچي فارسي، نه فرنگيءَ جي زبان! مون به تنقيد جي ڏسَ ۾ ڪجهه روانو ڪيو آهي، خبر ناهي ان جو ڇا ٿيو؟ اوهان تنقيد جا اصول مقرر ڪيا آهن، سي صحيح آهن. مان پنهنجي مضمون متعلق ايترو ضرور چونديس، ته نه آهي تنقيد نه تبصرو، وچان ڪجهه ٻي شي آهي. منهنجي تنقيدي مضمون جو عنوان آهي ”شيخ اياز ۽ سندس ادب“. مضمون جا ٻه بنيادي حصا آهن: (1) ”شيخ اياز“، جنهن ۾ سندس ذات بابت ۽ زندگيءَ بابت احوال آهي، ۽ (2) ”سندس ادب“- ان ۾ فقط سندس ادب متعلق لکيو ويو آهي. اهو مضمون مون وليم سمرسيٽ ماهم جي ڪتاب ”ڏهه ناول ۽ انهن جا مصنف“ (انگريزي) جي نوع تي لکيو هو. انهيءَ ۾ مصنف جي زندگي به آهي ۽ سندس ادب تي تنقيد پڻ. سو، متان ذاتيات جي غلط فهميءَ ۾ اچي ڪجهه ٻيو فيصلو ڪريو. ان ڪتاب جي پڙهڻ بعد اوهان کي منهنجي مضمون جي نوعيت جي خبر پوندي. پڪ اٿم ته مضمون ۾ ڪا به فنڪارانه جدت يا تنقيدي عنصر ڪونهي، ته به اميد اٿم ته محنت اجائي نه ويندي.

1956ع واري پهرئين پرچي ۾ مسٽر جمال الدين صاحب ۽ اوهان جو مختصر افساني متعلق بحث پڙهيم. هن دفعي شيخ ”راز“ ۽ شيخ ”حفيظ“ به ميدان ۾ آيا آهن. اسان کي اهڙن بحثن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته ان ڪري ڪي ئي ڪمزوريون ظاهر ٿي پون ٿيون، جي بعد ۾ درست ڪرڻ گهرجن. اوهان وٽ مختصر افساني جو ٻن اصولن تي بنياد آهي، پر منهنجي خيال موجب ان ۾ ٽي اصول آهن: (1) ڪردار (2) ماحول ۽ (3) عمل. افسانو لنبائيءَ موجب ايڏو هئڻ گهرجي، جنهن کي ڏهن منٽن کان هڪ ڪلاڪ تائين وقت ۾ پڙهي سگهجي. افساني جا 3 حصا آهن: (1) شروعات، (2) وچ، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪلائيميڪس“ چئبو آهي، ۽ (3) پڇاڙي. افساني جي پڇاڙيءَ ۾ سندس شروعات جو سڀاويڪ، اصلي ۽ فطرتي نتيجو هئڻ گهرجي. افساني جي واقعن جي هڪ امڪاني نوعيت هئڻ گهرجي، جا نه فقط مضمون ۽ وشيءَ کي وڌائي، پر اصلي مقصد کي اڀارڻ ۾ مدد به ڪري. افسانو هميشه سلسليوار، ملندڙ ۽ موافق، ڳنڍيل ۽ ٺهڪندڙ هجي؛ ان سان گڏوگڏ دل وٺندڙ، متاثر ڪرڻ جهڙو ۽ مڃائڻ جهڙو پڻ هجي. افساني جو مکيه ڪردار ”سماجي پرچاءُ ڪندڙ“ يعني افساني جي محرڪ سماجي مسئلي کي ”سلجهائيندڙ ۽ حل ڪندڙ“ هجي. افساني ۾ اهڙو اشارو هجي، جو مسئلي جي اصليت ۽ ان جي پيش ڪيل حل کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جو وسيلو بڻجي وڃي. جيئن ته افسانوي ڪردار انسان آهي، ان کي ”پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ“ ڏانهن اشارو ڏيڻ يا ان متعلق پڙهندڙن کي اشارو ڏيڻ افساني نگار جو فرض آهي- ڇو ته پوءِ ئي افساني مان انسانيت جي اصلي مقام جو نشان پتو ظاهر ٿيندو- افساني جي افاديت اهائي آهي. ”پاڻ سڃاڻ“ جي اشاري بعد ئي، ڪردار يا پڙهندڙ ناسازگار ماحول سان وڙهڻ ۽ بغاوت ڪرڻ لڳندو. افساني ۾ اخلاقي نماءُ ڪرڻ يا افسانوي ڪردار جي بـُرن فعلن کي اُڀارڻ- اُن لاءِ ته افسانوي ڪردار سٺن اخلاقن جي روشنيءَ ۾ پنهنجون اوڻايون ۽ عيب ڏسي- ان کي چئبو آهي اخلاق جو پڙهو ڏيارڻ يا اخلاق جو ڍنڍورو گهمائڻ. ڪردار پنهنجي زماني ۽ ماحول جي ريتين رسمن جو ترجمان هجي. آخر ۾، ڪامياب افسانو اهو آهي، جنهن ۾ بي جان قاعدن ۽ بيٺل سرشتن سان گڏوگڏ سماج جي انڌن عقيدن ۽ خيالن تي سخت نڪته چيني ۽ پختي راءِ زني ڪري. اهي آهن هڪ ڪامياب افساني لاءِ منهنجا خيال، جيڪي مون پنهنجي مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيا آهن. جناب عالي، هن دفعي جيڪي تصويرون ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيون آهن، سي واقعي شاندار آهن. مهرباني ڪري اڃا به زياده تاريخي عمارتن جا فوٽا ڏيو.

ڪوئي پکي هوا ۾ ٻولي رهيو آهي- گهڻو ڪري چانڊوڪين ۾ لات لوندو آهي. هتي چڪور ته نه ٿيندا آهن. هي ڀلا ڪير آهي؟ چنڊ تي فقط چڪور جو ته حق نه آهي! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي مان منجهي پوندي آهيان ته چڪور جي محبت چنڊ سان آهي يا چانڊوڪيءَ سان؟ چڱو، اجازت گهران ٿي . . .

 

دين محمد لاشاري

”مهراڻ“ جا مٺڙا ۽ محترم ايڊيٽر! گهڻن ڏينهن کان شوق دامنگير هو ته اوهان کي ”مهراڻ“ جي اجراءَ تي مبارڪون پيش ڪريان، ليڪن رڳيون رکيون مبارڪون به موڪلڻ روح ڪونه ٿي ٿيو- ۽ اُن سان گڏ ڪجهه لکڻ جي فرصت به ڪانه ٿي ملي. اڄ وري جڏهن ”مهراڻ“ جو نئون (ڇهون) پرچو پهتو اٿم، تڏهن امنگ وري جاڳي اُٿيا آهن، ۽ دل گهري ٿي ته مبارڪن موڪلڻ سان گڏوگڏ اوهان سان ڪي ٻه ٽي ڳالهيون به ڪري ڇڏيان، . . . . . حقيقت ۾ ”مهراڻ“ جي ادبي دنيا ۾ اجراءَ جو علم مون کي بنهه تڏهن پيو، جڏهن گذريل سال جي سلسلي جي آخري ۽ چوٿين پرچي جي شايع ٿي وڃڻ جو ذڪر اخبارن ۾ پڙهيم. اُهو پرچو گهرايم؛ پڙهيم؛ نوان درد ۽ ستل سور جاڳيا؛ هرڻي اڳيئي نچڻي، رهندو پيس گهنڊڻي- تنهن ته ڪلور ڪري ڇڏيا؛ طبيعت گهڻي جذباتي ۽ رقيق- مهراڻ جي مواد ته دل جا پڪل چاڪ چڪائي ڇڏيا. دل نه رهي، گذريل ٽن پرچن جي موڪلڻ لاءِ ادبي بورڊ بڪ اسٽال کي عريضو موڪليم. قرب ڪري ٽي ئي پرچا موڪليا ويا. پوءِ جيستائين اُنهن سڀني پرچن کي پڙهي پورو نه ڪيم؛ تيستائين والله رات جو ننڊ ڪرڻ حرام ٿي چڪيم. اڄ ”مهراڻ“ جا ڇهه ئي پرچا اڳيان ٽيبل تي پکيڙي رکيا اٿم. سڀني کي هر هر پيو ٿو پڙهان- هر ڀيري ”مهراڻ“ جو هر جملو ۽ خيال نئون پيو لڳي. ”مهراڻ“ ڇا آهي؟ سنڌي علم ادب ۾ ”مهراڻ“ جي مقام ۽ قدر و قيمت جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي ۽ ڪير ڪري اُن جو جواب ڪم از ڪم مون کي ته اصل ڪونه ٿو اچي. ”مهراڻ“ جي اهميت بابت ڪنهن حد تائين محترم رسول بخش پليجي جي هن راءِ جي تائيد به ڪندس ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سالن جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پـُر بهار دور جو آغاز ڪيو آهي. هاڻي ”مهراڻ“ جنهن نئين بهار جو آغاز ڪيو آهي، تنهن کي شباب تي پهچائڻ، ۽ ”مهراڻ“ جي محبتين لاءِ ان بهار جا سرها سرها گل ۽ مٺڙا مٺڙا پڪل ميوا موجود ڪري ڏيڻ ۽ اُن سان گڏ ”مهراڻ“ جي مٺڙي ۽ خوش ذائقه پاڻيءَ سان سندس سڪايلن جي سڪل لبن کي سائو ڪري، اُنهن جي اندر جي آگ اجهائڻ به ”مهراڻ“ جي ملاحن جو ئي ڪم آهي- خدا ڪري ته ”مهراڻ“ جي هن نئين بهار جي ڪڍ ستت ئي ڪا نڀاڳي خزان نه اچي، جو اسان جي هن ننڍڙي ۽ ڪچڙي گلشن جي ننڍڙن ننڍڙن ۽ معصوم گلڙن کي، جي اسان جي آئينده اُميدن ۽ خواهشن جا ضامن آهن، ڪچيءَ ۾ ئي ختم نه ڪري ڇڏي!

منهنجي خيال ۾ ”مهراڻ“ هڪ اهڙي انوکي پيشڪش آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ بنيادي انقلاب آندو آهي ۽ اُن بنيادي انقلاب جا پرتوا ۽ ڪرڻا ضرور اسان جي زندگيءَ تي پئي، ان جي نقش نگار کي اڀاري، ان کي زياده دلڪش ۽ حسين بنجڻ ۾ مدد ڪندا.  ادب جو زندگيءَ سان گهرو واسطو آهي- کڻي ائين چئجي ته ادب زندگيءَ جي سرگذشت آهي، جنهن منجهان معاشري جي هر فرد جي شڪل و صورت ۽ اُن جا خد و خال نهايت صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ صحتمند ۽ اصلاحي ادب زندگيءَ جي سڀني سماجي مرضن لاءِ گهڻيءَ حد تائين هڪ ڪامياب ترياق جو ڪم ڏئي ٿو، ۽ هيءَ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ”مهراڻ“ اهڙين مڙني خوبين جو حامل آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي آئينده ترقيءَ، ۽ ان معرفت هڪ باوقار سنڌي سماج جي تعمير جون ڀرپور آسون ۽ اُميدون آهن- دعا آهي ته شل ”مهراڻ“ جي ”ملاحن“ کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ مٿن ڪا نظر بد نه پوي، جو اسان جون اُهي نازڪ اُميدون ۽ آسيسون اتي ئي ڪومائجي نه وڃن.

ادا، ”مهراڻ“ ۾ مختصر افساني جي فني لوازمات تي هڪ نهايت دلچسپ بحث ڇڙي چڪو آهي. منهنجي دل به سـُرڪي ٿي ته جيڪر اُن بحث ۾ مان به حصو وٺان. شيخ حفيظ واقعي سچ چيو آهي ته ”مسٽر جمال ابڙي هن موضوع تي بحث ڇيڙي سانيتڪي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ قسم جو ڦوڙ اڇلايو آهي“: شايد اهو ڦوڙ اڃا به هن پاڻيءَ کي وڌيڪ ڇوليون ڏياري. مسٽر جمال جي دعويٰ آهي، ته مختصر افساني جا ٻه پهلو ٿي سگهن ٿا: هڪ ماحول، ٻيو ڪردار. سندس خيال موجب ماحول سٺو هجي يا خراب، اُن جي ڪا خاص پرواه ڪانهي؛ باقي افساني ۾ ڪردار ڪنهن به قيمت تي بلند رهي- هو نه ماحول جو شڪار ٿئي ۽ نه وري حيوانيت مٿس ڪو غلبو ڪري. سندس خيال موجب افساني ۾ جيڪڏهن ڪردار ڪنهن ٻيءَ طاقت اڳيان مجبور ٿيو يا ڪنڌ جهڪايائين، ته پوءِ اُهو افسانو ڪامياب افسانو نه چئبو. اُن جي برعڪس شيخ ”راز“ جو چوڻ آهي ته اِهي ٻئي مٿيان پهلو مختصر افساني جا بنيادي پهلو ته نه آهن، باقي ضمني پهلو ضرور آهن. سندس راءِ مطابق مختصر افساني جو بنيادي پهلو آهي اُهو نقطه نظر، جنهن کي سامهون رکي افسانو لکيو ويو هجي. هي آهن سنڌيءَ جي ٻن مايه ناز اديبن جا ٻه علحدا نظريا. علم ادب ۽ اُن جي فني پهلوئن تي هن قسم جا بحث نهايت ئي نيڪ فال آهن. اسرندڙ ادب جي سلسلي ۾ هن قسم جا بحث وڏي هٿي ڏيندا. حقيقت ۾ صحيح ادبي مذاق جو روح اسان ۾ پيدا ئي هاڻي ٿو ٿئي. مسٽر جمال جي چوڻ موجب واقعي ”هيءُ هڪ اختلافي مسئلو آهي“؛ ڇو ته زندگيءَ بابت هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي تجربي آهر پنهنجو ئي علحده نظريو آهي؛ تنهنڪري هن موضوع تي بحث ڪرڻ وقت مختلف قسمن جي نظرين جو پيدا ٿيڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي.

ڀائو جمال ابڙي افساني لکڻ جي ”اسباب“ کي نظرانداز ڇو ڪيو آهي، سا ڳالهه ته سمجهه ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن فقط هيءُ هڪ سوال ئي پڇيو وڃي ته ”اسان افسانا ڇو ٿا لکون؟“- ته مان سمجهان ٿو ته جيڪر نهايت اطمينان جوڳو جواب ملي وڃي. ادب، جيئن مون شروع ۾ ئي عرض ڪيو آهي يا جيئن جديد دور جا اڪثر اديب به تسليم ڪن ٿا، زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪرڻ جو هڪ ذريعو يا وسيلو آهي. هاڻي ”اسان افسانو ڇو ٿا لکون؟“ جو جواب نهايت صاف ۽ پڌري پٽ پيو آهي، ته افساني لکڻ وقت اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جا تلخ تجربا اڳيان هوندا آهن- ۽ پوءِ زندگيءَ جون اِهي تلخيون ئي ته آهن، جيڪي اسان کي مجبور ڪن ٿيون ته اسان مختصر افساني ذريعي، پنهنجي دکندڙ دل جا دونهان ٻاهر ڪڍون. هيءُ هڪ فطري اصول آهي، ته انسان کي جڏهن ڪو صدمو پهچي ٿو، ته پوءِ هو پنهنجن نماڻن نيڻن ذريعي ٻه ٽي گرم لڙڪ هاري، پنهنجي دل تي پيل بوجي کي هلڪو ڪريو ڇڏي؛ پر جي قسمت سانگي ڪو ”پشو پاشا“ وانگر خود دار ۽ سورهيه-دل نڪري پيو ۽ لڙڪ هارڻ پنهنجي خودداريءَ جي خلاف سمجهيائين، ته به اُن درد ۽ صدمي جو ذاتي طور اظهار ڪم از ڪم ڪنهن ”نازؤ“ جهڙي محرم راز ۽ غمگسار سان ته ڪرڻو ئي پوندس. بس اِهو ئي آهي افساني لکڻ جو بنيادي سبب.

جڏهن افسانو لکجي ئي ٿو ڪنهن خاص نقطه نظر جي پيش ڪرڻ لاءِ يا پنهنجن جذباتن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، ته پوءِ اِهو ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو ڪردار ماحول جو شڪار نه ٿين؟ ڪردار ته پيدائش ئي ماحول جي آهن- پوءِ جهڙو هوندو ماحول، اهڙا ئي پيدا ٿيندا ڪردار؛ جهڙي هوندي زمين، اهڙي ٿيندي پوک . . . . . .

ڪردار ماحول جا محتاج آهن، تنهن جي شاهدي ته خود محترم ابڙي جو هيرو ”پشو“ پاڻ به بيٺو ڏئي- جج جي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ ته ”ناحق آهي توسان، ڦاٿل آهين تون“، يا وڪيل مٿان مڪون الاري، کيس چوڻ ته ”چريو آهين تون، هيڻو آهين تون، ظلم آهي توسان“- اهي الفاظ پشوءَ جي اڻ گهڙئي ۽ ”غير مهذب“ سڀاءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿا. اِهو رڳو هـِن ڪري آهي، جو هن هڪ اهڙي خطي ۾ پرورش پاتي آهي، جنهن جي اڻ گهڙئي ماحول هن کي به ”اڻ گهڙيو ڪاٺ“ بڻائي ڇڏيو آهي. ”پشوءَ“ جا هن قسم جا جملا ۽ الفاظ ڪو سندس خودداري ڪونه ٿا ڏيکارين، ليڪن جنهن ”جاهل“ ۽ ”اڻ سڌريل“ ماحول ۾ هو رهيو ۽ پليو آهي، تنهن هن کي ”مجبور“ ڪري هن نموني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ سيکاريو آهي . . . . . ڀلا ادا، اِها تمنا ڪير نٿو رکي ته اسان وٽ شال پشوءَ جهڙا هزارين خوددار ۽ سورهيه پيدا ٿين! . . . . پر هو ته ”بلو دادا“ ۽ ”شيدوءَ“ کان به وڌيڪ ماحول جو شڪار ٿيو آهي! ”بلو دادا“ ته ڪنهن حد تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو- پوءِ سندس حصول مقصد جي طريقي کي ڇو نه داداگيري ئي سمجهيو وڃي: اهڙيءَ طرح ”شيدو“ ته هونئن به ڌاڙيل آهي ۽ هـُن ڪافي ڌاڙا هڻي پنهنجا انتقام چڪايا ۽ پنهنجي تتل دل ٺاري- خواري ته منڍ ۾ ئي کنئي اٿس: ليڪن ويچارو ”پشو“ معصوم جو معصوم ئي رهجي ويو- هو نه پاڻ ڪامياب ٿيو، نه سندس تحريڪ: مٿس ڪيس هلائي، کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي- سندس ڦاسي سچ پچ عمل ۾ اچي ٿي الائي نه، اِها ڳالهه ته صاف ئي ڪانهي، پر هُن جي سزا جي اعلان کان پوءِ، سندس ساٿي گوڙ گهمسان ڪري جنن وانگر هوا ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا- پوءِ جو سندن پتو ئي ڪونه ٿو لڳي ته ”پشو“ ڪاڏي ويو، سندس ساٿي ڪاڏي ويا ۽ سندس تحريڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه، رڳو مايوسي ۽ دلشڪستگي!

برادرم جمال جا هي جذبات ته ”مان ڀانيان ٿو ته انسان کي رحم جوڳو ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي توهين آهي، انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو ويچارو ۽ ڪين جهڙو نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي“- نهايت قابل قدر آهن. هن نوجوان اديب جي دل ۾ انسانيت لاءِ جنهن گهريءَ همدرديءَ جو احساس آهي، تنهن جي تعريف نه ڪرڻ ڪور چشمي ٿيندي. اسان جي دعا آهي ته شل سنڌ جو ٻچو ٻچو ”جمال“ بڻجي پوي. ادا سائين، ڪهڙي نڀاڳي جي دل ائين نه گهرندي ته ”انسانيت“ تي ”حيوانيت“ جو غلبو نه رهي؟ ڪهڙو چنڊو هيءَ خواهش نه ڪندو ته حيوانيت جا قلعا اُڏائي انسانيت کي قيد مان آزاد ڪجي ۽ اُن کي جرڪائجي؟ ڪير نه گهرندو ته انسانيت جي اندر مان حيوانيت کي تڙي، هڪالي، اُن جي بجاءِ اُن کي مِٺ محبت، قرب ۽ مزي سان ڀري ڇڏجي؟ اِنهن تمنائن ۽ آرزوئن رکڻ ۾ جمال ابڙو اڪيلو نه آهي، پر ساڻس اُهي سڀ افراد شامل آهن، جيڪي ”انسانيت“ جو قدر سڃاڻن ۽ ڄاڻن ٿا، پر مصيبت هيءَ آهي ته اُن پراڻي ۽ جهوني مرض جو علاج ڪجي ڪيئن؟ علاج ڪرڻ لاءِ هڪ ”پشو“ ته ٺهيو، هزارين ٻيا ”پشو“ به ميدان عمل ۾ اچي سگهن ٿا، فقط مرض جو بنياد ڪنهن کان لڀي. هتي ”پشو“ ته فقط جذباتي زور تي هڪلجي اچي ٿو. اسان کي هن قسم جا مصنوعي ۽ جذباتي ”پشو“ نه گهرجن. اسان کي سنجيده ۽ اصل ”پشو“ گهرجن، جيڪي موجوده سماج جي هن فرسوده ۽ باطل نظام کي، جيڪو ورهين کان وٺي اسان مٿان پنهنجي پراگنده ماحول کي حاوي رکندو آيو آهي، جيڪو بيوس ۽ مجبور انسانن کي پنهنجي ظالم هٿن سان ڪُهائيندو ۽ مارائيندو آيو آهي، تنهن جي بنيادن ۾ هٿ وجهي تيستائين ان کي لوڏين جيستائين سندس غريبن جي خون سان ڳاڙهي ٿيل ماڙي ڦهڪو ڪري پٽ تي نه ڪري آهي. اسان کي پنهنجي سماج جي تعمير نئين سر ڪرڻي پوندي. اڳوڻي سموري نظام جي ڪوڙن بتن کي پاش پاش ڪرڻو پوندو. هڪ بنيادي ۽ ذهني انقلاب آڻڻو پوندو. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ماحول مٿان قبضو حاصل ڪري سگهندا. تڏهن ئي انسانيت آويءَ مان نڪري جرڪڻ لڳندي. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ٻليءَ واري ميڪ ميڪ ڇڏي شير واريون گجگوڙيون ڪندا. نه ته هونئن ته ڀائو، هر روز پنهنجين هنن گنهگار اکين سان ويٺا ڏسون، ته انسانن ويچارن کي مفلسي زوران زور گهٽا ڏيئي ماري ڇڏي ٿي؛ انسان ويچارو اڃا ته ”مجبور“ ۽ ”ڪين جهڙو“ آهي؛ ”انسانيت“ اڃا ته نسوري ناحق ۾ آهي، ڏٺي وائٺي سڪرات ۾ آهي، هوءَ ته ويچاري اڃا ته واقعي ويچاري ۽ ڪمزور آهي، اڃا ته رت جا ڳوڙها وهائي پيئي روئي؛ ”حيوانيت“ اڃا ته ڏند شيڪيندي ۽ کلندي رهي ٿي. اهو سڀ ته اسان جي رومزه جو مشاهدو آهي انهن تلخ حقيقتن کان انڪار اڄ ڪهڙو خوش فهم انسان ڪري ٿو سگهي؟

دادا، هيءَ ڳالهه به ٻڌي ڇڏ ته حيوانيت ”سيٺ“، ”وڏيري“ ڌڱاڻي ”خان“، ۽ ”رئيس“ گامڻ خان جي بنهه زر خريد ٻانهي آهي- اُنهن جي ئي در جي پاليل ڪُتي آهي- کين فقط بڇ ڪرڻ جي دير آهي: پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ”انسانيت“ جي پڙيءَ کي اُها ڇتي ڪتي ڦاڙي چيري، ليڙون ليڙون ڪري پنهنجن مالڪن اڳيان هيچ ڪري ٿي ڏيکاري! پوءِ ڏس ته ڪيئن نه اُهي ”انسانيت“ جي هن بيوس ۽ مجبور ”ذلت“ تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿا ڏين! ماحول اِنهن انسان دشمنن ۽ انسان نُما ديون جو غلام آهي. هو اُنهن جي اشارن تي ڇير وجهي نچندو آهي. هو اُنهن جي حڪم ته ڇتو ٿي محبوس ”انسانيت“ تي حملا ڪندو آهي، اُن کي چيري ڦاڙي پنهنجي ناڪام فتح تي بيهي پنهنجن مالڪن اڳيان ڏند شيڪيندو آهي ۽ شينگريو آهي. پوءِ ڀلا اڃان به اِنهن معتبرن ۽ وڏ-پيٽن کي اسين کَر (Vilains) نه سمجهون؟ ۽ اڃان به ”انسانيت“ ويچاريءَ تي رحم ۽ قياس نه ڪريون، ته ڇا ڪريون؟ بهرحال جيستائين اسان جو موجوده معاشرتي نظام پنهنجي ساڳيءَ شڪل ۾ موجود آهي ۽ جيستائين اُن نظام ۾ بنيادي ۽ انقلابي تبديلي نه آئي آهي، تيستائين ڪردار تي ماحول جو مقدم رهڻ هڪ ازلي امر آهي- ۽ ان صورتحال کي هڪ پشو ته ٺهيو، پر هزارين ٻيا پشو به بدلائي نه ٿا سگهن. وري جيستائين ماحول ڪردارن تي مقدم آهي، ”انسانيت“ جو ”حيوانيت“ جي قيد ۾ رهڻ به هڪ لازمي امر آهي. جيستائين ائين ٿئي، تيستائين جيڪڏهن اسان ”بلو دادا“، ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”انڌير ننگري“ جي اصطلاحن ۾ پنهنجن مجبورين کي دنيا اڳيان پيش ڪيو- اُنهن کي جيڪڏهن پنهنجي حالت زار کان واقف ڪرڻ لاءِ ان طريقي سان متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ظالمن جا پردا جيڪڏهن اِن نموني سان فاش ڪرڻ جي اسان ڪوشش ڪئي، ته ان ۾ آخر عيب ڪهڙو؟ اِن ۾ ته نه بزدلي آهي ۽ نه احساس ڪمتري. اهو ته هڪ طريقو آهي ظالمن کي خوار خراب ڪرڻ جو۽ مجبور ”انسانيت“ لاءِ همدرديءَ جي احساس جاڳائڻ جو. بيوس مظلوم کي ته آخر بيوس مظلوم ئي ڪري پيش ڪبو. پشو مظلوم هوندي به جارحانه ڪارروائي ڪرڻ گهري ٿو ۽ سندس اِن جارحانه عمل سبب اُها خودداري ۽ بلند حوصلگي جيڪا فطرتي طرح هُن جي ذات ۾ معلوم پيئي ٿئي، تنهن کان نهايت قابليت سان ڪم ورتو ويو آهي ته جيئن پشوءَ کي هڪ بيوس ۽ مظلوم جي ڪردار، ڏيکارڻ کان پاڻ بچائي سگهجي. پر حقيقت ته لڪي ڪين سگهندي: پشو ويچارو هڪ مظلوم آهي ۽ ڏٺو وائٺو مظلوم. جيڪڏهن هو مظلوم نه هجي ها، ته پوءِ سڄيءَ دنيا خلاف سندس صف آرائي بيهڻ جو مقصد ڇا؟ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جو مقصد ڇا؟ ڀلا هڪ همه گير ۽ انقلابي تحريڪ اُٿاري باقاعده فوج ڪٺي ڪرڻ جو مقصد ڇا؟ حقيقت ۾ اِهي سڀ مقصد فقط هڪ اُصول خاطر هئا، ۽ ان حصول جي منزل هئي انصاف- ڇا جو انصاف؟ انصاف اُن ظلم جو، جيڪو سماج، پشو ۽ پشوءَ جهڙن ٻين مظلومن تي ڪيو هو. اوهان ئي هاڻي منصف ٿيو ته پشو غريب مظلوم آهي يا نه؟

پشو پنهنجي انصاف حاصل ڪرڻ خاطر جيڪو طريقو اختيار ڪري ٿو، سوغير قدرتي ۽ غير معمولي آهي، جنهن ڪري سماج هُن ۽ سندس ساٿين سان همدردي ڪرڻ بجاءِ انهن کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي مظلوم سمجهڻ بدران ظالم ۽ باغي سمجهي ٿو. پشوءَ جو ڪردار پاڻ سان ٿيل ظلم جي نه تلافي ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري پنهنجي خودداريءَ ۽ بي باڪيءَ جو ڪو ڪامياب جوهر ڏيکاري ٿو سگهي: مظلومن جي قوم ۾ جنهن ٿوري گهڻي جذبي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، سو جذبو به هاڻي هڪ معمولي خوش فهمي ۽ ٻاراڻي دلاسي کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪانه ٿو رکي. پر جڏهن محترم جمال جون اُميدون برثواب ٿينديون، سندس خواب شرمندهء تعبير ٿيندو ۽ ڪردار ماحول تي قبضو ڪندا ۽ ”حيوانيت“ کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي. انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي“، تڏهن نه ’بلو دادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ لکڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه وري پشوءَ جي ڪردار پيدا ڪرڻ جي- پوءِ افسانن جي ’افسانوي‘ دنيا ئي ختم ٿي ويئي.

ادا! اوهان جي سمع خراشي تي ڪافي ڪئي اٿم، ليڪن باقي هڪڙي ٿورڙي ڳالهه ڪري بس ٿو ڪريان- سا هيءَ، ته اوهان جي هن نئين پرچي ۾ اسان جي دوست ’برده سنڌي‘ جو سرائڪيءَ ۾ لکيل افسانو ”انڌير نگري“ مون کي ڏاڍو پسند آيو. مان اڄ ڏينهن تائين جيڪي به افسانا پڙهيا آهن، تن سڀني کان هي افسانو شايد بهترين افسانو هجي. هن افساني جي خاص خوبي اها آهي ته جيتوڻيڪ اهو مختصر ۾ مختصر افسانو آهي، پر تنهن هوندي به هن جي پڙهڻ سان جيڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو، سو طول طويل ۽ ڊگهن افسانن ۾ پيدا ٿيندو نه ڏٺو اٿم. قابل اديب ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سندس طرز تحرير ۾ بلا جي طنز آهي، پر پڙهندي چپن تي مرڪ سان گڏ اندر ۾ چڪ ۽ چير پيا پون، ۽ اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. پنهنجي افساني جو عنوان ”انڌير نگري“ چونڊي اسان جي قابل اديب پنهنجي حسن انتخاب جو بهترين ثبوت پيش ڪيو آهي. ان کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو به موزون عنوان ملڻ محال بلڪ ناممڪن هو. غريب حجم هڪ مزور ۽ ڪاسبي ماڻهو آهي- سندس چوري ٿي وڃي ٿي، پر ان هوندي به هو پوليس ۾ فرياد ڪرڻ هرگز نٿو گهري؛ هُن کي خبر آهي ته پوليس ڪيئن نه جُهرلُو گهمائي ڀاڳين کي چور ۽ چورن کي ڀاڳيا بنائي ڇڏيندي آهي. پوليس جي اهڙين ڪرامتن جي ته هُن غريب کي اڳ ۾ ئي خبر آهي؛ پر ڇا ڪري، رئيس گامڻ خان جو چيو ڪيئن نه مڃي- رئيس جو ٿيو ۽ ڳوٺ جو بي تاج بادشاهه- پوءِ غريب حجم جي مجبوري ۽ بيوسي ڪهڙن نه سهڻن لفظن ۾ ظاهر ڪئي ويئي آهي- ”ٿيوي حجم، تي رئيسان دا آکڻ نه مَنّي!“ دانهن ڏيڻ کان پوءِ اُهو ئي نتيجو نڪري ٿو، جنهن جو غريب حجم کي نه رڳو کٽڪو، پر يقين هو. ڀلا اِن کان وڌيڪ ٻي انڌير نگري ڪهڙي چئبي، جو چوري به اُن غريب جي ٿئي، ته وري ڏاڙهي به اُن جي پٽجي! لک شابسون ته رئيس گلڻ خان کي ڏجن- چي، ”سائين حجم ڪون ايوين نه ڏيک، سکيا سهنجا هيئي؛ ڀيڻسان ڪلهه فجر ڪنون پيڇي سر کا ڳيا ها؛ آکي ’تون صوبيدار صاحب ڪني رليج ڄُل‘- ميڏا ڪجهه نه وڃي، سائين! تون ڄاڻ تيڏي مرضي!“ سچ پچ جيستائين اهڙا رذيل ۽ ذليل رئيس ۽ وڏيرا اسان جي سماج مٿان قابض رهندا، تيستائين اسان جو سماج سڌري، سو ناممڪن. ڀلا اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو بگهڙ رڍن جي واهر ڪن. هر ڪنهن ملڪ ۾ پوليس قانون جهڙيءَ پاڪ شي جي حفاظت لاءِ مخصوص هوندي آهي، پر هتي اسان جي ملڪ ۾ قانون جي حفاظت ڪندڙ سورمن جا اجهو اِهي حال آهن: ”اهن حرامي ڪون ’ساري رات سمهڻ‘ دي ڏوه وچ

چالان ڪر،“ ’هٿ جي هڻڻ‘ سنڌيءَ ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي، ۽ ان چوڻيءَ کي سنڌ جي صوبيدار صاحب جي مٿئين حڪم ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان نباهيو ويو آهي. ”چور ڇٽو وڃي، ڀاڳيو ٻَـڌو وڃي“- اهو اسان جي پوليس جي ڏائي هٿ جو هڪ معمولي کيل آهي. پوليس جو هڪ معمولي منشي يا سپاهي به صوبيدار صاحبن کان ڪو گهٽ ڪونهي- هتي سندن عياريءَ جي حد ٿي وڃي ٿي: ”صوبيدار ته ڪَوَڙيسي، پر هُڻ ايوين ڪر- اِها پڳ اَئون جُتي لاهه رک اِٿان- تون ڀڄ وڃ اِٿون. جهٽ ڪر، متان ڪو ڏيک نه گهنئي. ڪِيا ياد ڪريسين حرامي، هووَئي ٿورا!“ واه جو احسان ڪيائينس! شايد غريب حجم پوليس واري جي انهيءَ احسان کي مرندي گهڙيءَ تائين نه وساري، پر اسان جي محترم لکندڙ جنهن خوبيءَ سان سماج جي هنن دستوري سياهه ڪارين ۽ ان جي ههڙين روزمره جي بدمعاشين تان پردو کنيو آهي، سو قابل تعريف آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن سماج اندر ٿيندڙ خرابين ۽ ظلمن جي اهڙيءَ طرح جانچ پڙتال ڪرڻ شروع ڪئي، ته پوءِ اهي ڏينهن پري ڪونهن، جڏهن اِهي سنڌ جا ’صوبيدار بهادر‘ ۽ ’رئيس گامڻ خان‘ جن وڃي ڳاٽن ڀر ڪرندا.

 

محمد دائود بلوچ

- ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ جي ٻئي سال جو ٻيو پرچو هٿن ۾ آهي، ڇا پڙهي ڇا پڙهان- بيت پڙهان يا غزل، گيت پڙهان يا ڪافيون، نظم پڙهان يا نيون طرزون، افسانا پڙهان يا مضمون....!

ادا، ”مهراڻ“ هٿن ۾ کڻڻ سان منجهي پوندو آهيان: ڄڻ اجهاڳ سمنڊ ۾ وڃي پوندو آهيان. ”مهراڻ“ جي تعريف ڪهڙن لفظن سان ڪريان! شل ”مهراڻ“ هميشه موجن ۾ هجي ۽ اسين هميشه منجهس تڙڳندا رهون. ”مهراڻ“ مان جيڪڏهين ڪو موتين بدران صرف پٿريون ئي ڪڍندو ته اها ان جي ڀل آهي. ها، جيڪڏهن گهڻن موتين ۾ ڪا هڪڙي اڌ پٿري نڪتي، ته ان ۾ موتين جو قدر ڪو گهٽ ته ڪين ٿيو! اول، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان- خبر نه آهي ته توهان مون سان شامل آهيو يا نه! ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا گهڻا شاعر اڳتي قدم نٿا وڌائين. ڪي اَنڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جي ستل دلين کي، ننڊ وارين اکين کي، ڪجهه سجاڳ ڪرڻ لاءِ همتائي رهيا آهن. ٻيا دوست ته وري ”زلفن جي دام“ ۾؛ ”شرابخانن“ ۾ گرفتار آهن، جتان خبر ناهي ته ڪڏهين نڪرندا، يا اصل نڪرندا ئي ڪون! افسوس اٿم جو ”تنوير“ ۽ ”اياز“ به هن دفعي اهڙا گيت نه چيا آهن، جي ستل دلين کي سجاڳ ڪن، قوم ۾ قوميت آڻين- شايد اهي ٻئي ”باغي“ به وڃي زلفن جي ور وڪڙن ۾ ڦاٿا آهن- نه ته اڳئين پرچي ۾ ”تنوير“ جو ”موهن جو دڙو“ ۽ ”ديپڪ“، ”اياز“ جو ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ....“ جنهن ۾ سنڌڙيءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

”جيئون تنهنجي جند سان، مرون توسان ماءُ،

ڳوڙها ڳاڙ مَ ”سنڌڙي“، وري ورندو واءُ،

ڄرڪن پيون جندڙيون، تن آهي تاءُ،

لونءَ لونءَ منجهه لڳاءُ، سڀ کي آ ساڻيهه جو“-

ڪهڙا نه دل ڏاريندڙ هئا!

        ادل، هينئر شاعرن کي عرض آهي ته عوام کي ميخانن ۽ زلفن جي ور وڪڙن ۾ گرفتار نه ڪن، بلڪ عوام کي اڳتي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪن- جنهن جي هينئر عوام کي ضرورت آهي: اُهي گيت ڳائين، جي عوام جي ترجماني ڪن ۽ عوام کي نئين زندگي بخشين. توهان ڏسندا ته مان هڪڙو نه آهيان، جو ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿيان ٿو، مگر منهنجي خيال ۾ توهان وٽ جيڪي به خط پهچندا هوندا، انهن سڀني ۾ اهو ذڪر ضرور هوندو. مگر خبر ناهي، ڇو توهان اڃا انهيءَ طرف ڌيان نٿا ڏيو! شايد توهان خود زلف جي زنجيرن مان اڃا نه نڪتا آهيو!

        گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”ڪاري“ افسانو نه آهي بلڪ هڪ حقيقت سمجهڻ گهرجي. وڏيرا – شاهي جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ڪيتريون نه مکڙيون مرجهائجي ويون آهن! انهن مان ”پٺاڻي“ به هڪ آهي. ڪيئن نه وڏيرو پنهنجي ڪيل ڪمن تي ”ڏندڙا ٽيڙي“ چوي ٿو ته ”مون ته خسيس چرچو ڪيو آهي“. هن جي خسيس چرچي ڪري ڪيئن نه هڪ انسان جي حياتي ختم ٿي- ڪيئن هڪ مکڙي مرجهائجي ويئي! ادا حفيظ جو ”۽ مکڙي مرجهائجي ويئي“ ڪهڙو نه دل ڏاريندڙ آهي- ”اي هل! هڪڙو قبرستان جو . . . . آهي ڪو هڪڙو قبرستان جو . . . . پون . . . . پون . . . . پپئون . . . . . پون“- سماج جي ههڙي ڀيانڪ تصوير! سراج الحق جو، ”ديوتا ۽ انسان“ لاجواب آهي. جيڪڏهين اسان جا ٻيا دوست ان طرح ديوتائن جا پول پڌرا ڪن، ته پوءِ انسان ۽ ديوتائن ۾ فرق باقي نه رهندو، ۽ انسان ۽ ديوتائن جو درجو ترت ئي چڙهي لهي اچي هڪ جهڙو ٿيندو. حقيقت آهي ته ”ديوتائن“ جي محلن جي پيڙهه غريبن جي جهوپڙين تي ئي اڏيل آهي: پوءِ جيستائين غريب سجاڳ نه ٿيا آهن، تيستائين ديوتا سندن ئي ڪماين تي پيا مچندا ۽ متارا ٿيندا؛ جڏهين عوام ۾ سجاڳي اچي ٿي ۽ عوام بيدار ٿئي ٿو، تڏهن ديوتا دانهون ڪندا هيٺ اچي ڪرن ٿا. ”پنهور“ جو ”زن طلاق“ وڏيرا شاهي ظلمن جي پڌري تصوير آهي. اميد آهي ته عوام کي اڄ نه سڀان ضرور سمجهه ايندي- پوءِ هو وڏيرن جي وڏيرپ کي ضرور سندس اصلي صورت ۾ سڃاڻي ويندا.

آخر ڳالهه، ته ”مڪلي نامه“، جو پارسي ۾ آهي، ان مان هڪ اکر به سمجهه ۾ نه آيو، اهو جيڪڏهين ترجمو ڪري پيش ڪيو وڃي ها، ته وڌيڪ چڱو هو . . . . . . . . . . .

[مهراڻ: 3-1956ع]


 

نور محمد پليجو

جهرڪن جو شهر

”مهراڻ“ جي گذريل سال (1956) واري پهرئين پرچي ۾ محترم خواجه عبدالحسين جو مضمون ”جهرڪن جو شهر“ جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي. قابل لکندڙ پنهنجي انهيءَ مضمون ۾ ٻڌل ڳالهين تي زياده زور ڏنو آهي. جهرڪن جو شهر مخدوم نوح عليہ رحمة جي زماني کان گهڻو اڳ جو ٻڌل آهي: ٺٽي، سونڊا ۽ جُوڻا (تعلقو ٺٽو) شهرن جي وقت جو ٻڌل آهي. اهو چوڻ ته مخدوم صاحب جي خليفن جي دعا سان ”جهرڪا ڀٽي“ وڌيا ويجهيا، ۽ شاهپور مان لڏي جنهن نئين پڊ تي اچي ويٺا، تنهن کي ”جهرڪا“ ڪري سڏيائون، سا هڪ ڏند ڪٿا آهي ۽ ان کي ڪابه تاريخي اهميت ڪانهي. جهرڪن ۾، وچ- شهر ۾ هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي اندر مون هڪ ڪتبو ڏٺو هو. هاڻي اهو آهي يا نه، مگر ان تي سال ”1030هه“ لکيل هو. شايد شاهجهان پنهنجي ملتان جي گورنريءَ واري وقت ۾ اها مسجد ٺهرائي هئي. مخدوم صاحب جا خليفا ۽ سندس  اولاد مان پير صاحب اڄ به جهرڪن ۾ رهن ٿا. مضمون نگار جي راءِ ۾ جهرڪن جي ڳوٺ تي ”جهرڪا“ قوم جي ڪري نالو پيو آهي. ان جي ابتڙ، لاڙ ۾ هيءُ پڻ دستور آهي ته ڪنهن ڳوٺ جا عام ماڻهو ان ڳوٺ جي نالي سان سڏبا آهن. مثلاً، (1) ”سونڊن جو شهر“ جهرڪن جي لڳ آهي، اتي ڪي ملا، ڪي جاکرا، ڪي قاضي، ڪي گندرا سڏجن، باقي ”سونڊائي“  سڏجن؛ پڇبن ته چوندا، ”’سُونڊائي‘ آهيون“ سونڊا ب قديم شهر آهي، شاهجهان جي ٺهرايل مسجد منجهس آهي. (2) ”هيلايا“ ٿورو اڳتي آهن- ماڻهن کان پڇبو ته ”ڪير آهيو؟“ چوندا ته ”’هيلايا‘ آهيون“. (3) جهمپير جي ڀر ۾ ”کڏاين جو شهر“ آهي. اتي جي ماڻهن کان پڇبو ته چوندا ته ”ذات جا ’کڏائي‘ آهيون“. (4) هتي اسان جي ڳوٺ ”ٻَنو“ ۾ ڪي ماڻهو ڪجهه وقت ٿيو ته ننگر ٺٽي کان لڏي آيل آهن، سي سڏجن ئي ”نانگور“؛ پڇبن ته ”ڪير آهيو؟“ ته چوندا ته ”’نانگرو‘ آهيون“، منهنجي خيال ۾ جهرڪ ’قوم‘ تي نالو جهرڪ ’ڳوٺ‘ تان پيو آهي، نه جهرڪ قوم تان جهرڪ ڳوٺ تي. جهرڪن تي اهو نالو ڪيئن پيو سو تحقيق طلب آهي، اميد ته ڪنهن وقت ڪوشش ڪري پيش ڪندس.

مضمون نگار صاحب، ميان ولي محمد ڊکڻ کان 1942ع جي ڳالهه نقل ڪئي آهي. آءٌ ميان ولي محمد کي سڃاڻان، هو صاحب هاڻي ڪراچي نئون آباد ۾ پٽس محمد عثمان وٽ رهي ٿو. ميان ولي محمد 1888ع ۾ ڄائو آهي. هو صاحب ڪو ايڏيءَ عمر جو نه آهي، جو 1842ع  واريون ڳالهيون ياد هجنس. باقي مون حسين ميمڻ جي واتان، جو هڪ سؤ ورهين جي عمر ۾ 1936ع ۾ گذاري ويو، اها حقيقت هيئن ٻڌي آهي ته ميرن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وقت، اٽڪل سال 1842ع ڌاري، آغا حسين علي شاهه ايران مان لوڌجي اچي پنهنجي مريدن وٽ جهرڪن ۾ رهيو، جتي پنهنجي رهڻ لاءِ ڪچي گپ جي جاءِ جوڙايائين، جا اڄ تائين موجود آهي. خواجه قوم وارا ان کي ”آغا جو محلات“ سڏين ٿا، ۽ خود پرنس علي به ٻه سال کن ٿيندا ته اهو سندن اباڻو گهر ڏسي ويو هو. مريدن کي شڪ پيو ته حسين علي شاهه جو انگريزن سان ساز باز آهي، ڇاڪاڻ ته انگريز وٽس ايندا ويندا هئا. ”جهرڪ“ ان وقت وڏو بندر هو، انگريزن جي جهازن جي اتان ا وڃ ٿيندي هئي ۽ جهازن جي لاءِ راشن وغيره جهرڪن مان کڻندا هئا. ان وقت ”ويسو، خواجو به جهرڪن ۾ رهندو هو. هو وڏو واپاري هو، ۽ اسماعيلي خواجو هجڻ ڪري آغا حسين علي شاهه جو وڏو مريد ۽ معتقد هو. ميرن پنهنجي طرفان ڪوٽڙيءَ جي نومڙين مَلڪن کي حڪم ڏنو ته وڃي آغا حسين علي شاهه ۽ سندس مريدن کي مات ڪن. مَلڪَ، نُومڙين جو لشڪر وٺي، جهرڪن تي ڪاهي آيا. آغا حسين علي شاهه کي اڳواٽ پتو پئجي ويو. سو گهوڙي تي چڙهي ڪڇ جي رستي بمبئي ڏانهن ڀڄي ويو. پويان نومڙين جي لشڪر، خواجن کي ڳولي ڳولي ماريو. سيٺ ويسو ڀڄي وڃي  سندس باغ ۾ لڪو، جو شهر جي هيٺان درياءَ جي ڪپ تي آهي جبل جا ماڻهو پيرن کڻڻ جا قابل آهن، سو نومڙيا به سيٺ ويسي جو پير کڻي باغ طرف ويا. سيٺ جو ٻڌو ته نومڙيا پويان پير کنيو پيا اچن، سو باغ مان نڪري ڪمند جي پالوندرن جي ڍير جي وچ ۾ وڃي لڪو. نومڙين به پير کڻي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري، آر ڏيئي، انهيءَ ڪمند جي چُوٿن جي ڍير ۾ پير وڃايو. پوءِ بيهي سيٺ کي سڏ ڪيائون ته ”ٻاهر نڪر ته توکي جيئدان ڏينداسون. تون فقط اسان کي خزاني جون چاٻيون ڏي.“ سيٺ ڍڳ مان ورندي ڏني ته ”مون وٽ خزانو ڪونهي!“ تنهن تي هنن اُتر ڏنو ته ”نٿو نڪرين، ۽ چاٻيون به نٿو ڏين، ته هاڻ ٿا ڍڳ کي باهه ڏيون.“ آخر جواب ڪونه ملين، ۽ هو ان ڍڳ کي سيٺ سميت باهه ڏيئي ساڙي هليا ويا.

مضمون نگار، ميان بچو مير بحر جي زباني، سوڍي صاحب جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. مون کي ته ”سوڍي صاحب“ جي نالي وارو، گورو آفيسر ڪونه سجهي. وڌيڪ ذڪر ٿو ڪري ته ٽُڪريءَ تي سوڍي صاحب جو بنگلو ۽ باغيچا هئا، ۽ پڻ عيسائي مشن سڪول هو، جتي پادري گورن جي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. ائين پڻ لکيو اٿس ته سوڍي صاحب جو بنگلو سلامت آهي. منهنجي خيال ۾ هن سڄي ڳالهه کي غلط نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. حقيقت هيئن آهي ته سڀني ڊپٽي ڪليڪٽرن جي رهڻ لاءِ هڪڙو بنگلو ٽَڪريءَ تي ٺهيل هو، جو ڊپٽي ڪليڪٽرن جي هيڊ ڪوارٽر جهرڪن مان کڄڻ جي ڪري ۽ حڪومت جي بي توجهيءَ جي ڪري زبون ٿي ويو، باقي جيڪو موجوده بنگلو آفيسر ڪم آڻين ٿا. سو پوءِ جو ٺهيل آهي. ۽ اُهو سوڍي صاحب جو ٺهرايل بنگلو ٿي نٿو سگهي. مشن سڪول هتي ڪڏهن هوئي ڪونه، نڪي ڪي انگريز ئي جهرڪن ۾ رهندا هئا، جن جا ٻار اسڪول ۾ پڙهندا هجن، باقي، مِشن بنگلو سو هو، جتي مون پاڻ ڏٺو هو ته ڪراچيءَ جا ڪارا ڪرستان يا ڪي پادري هوا بدلائڻ لاءِ انهيءَ بنگلي ۾ اچي رهندا هئا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهو بنگلو زبون حالت ۾ آهي. ان جا گارڊر اُڏامي وڃي ڀر وارين جاين جي ڇتين جي زينت بنيا آهن.

مضمون نگار صاحب ڄاڻايو آهي ته محالڪاريءَ جي آفيس اسپتال جي اتر طرف هئي- اهو صحيح نه آهي. اسپتال جي اتر واري دڙي تي راءِ بهادر ديوان شيوا رام ڏيونمل، ڪراچي لوڪل بورڊ جي اڳئين پريزيڊنٽ جي وڏن جي جاءِ هوندي هئي. اهو پَٽ اڃا تائين راءِ بهادر وارن جي ملڪيت آهي. مرحوم سردار بهادر مير حسن بخش کان مون اهو پَٽُ خريد ڪرڻ چاهيو ٿي، جنهن صاحب مون سان مٿيون ذڪر ڪيو هو. ڳجهو نه رهي ته جهرڪ شهر جاگير اندر آهي، جنهن جا مالڪ ٽنڊي محمد خان جا مير صاحب آهن. حقيقت ۾ محالڪاريءَ جي آفيس، موجوده ٻيلي کاتي جي رينجر واري آفيس به هئي. اڃا تائين خزاني جي ڪوٺي انهيءَ حالت ۾ موجود آهي.

کاٽ کپري واري ذڪر ۾ سڄي ڳالهه ڏند ڪٿا تي بيهاريل آهي. کپري کاهوڙي کي ڪٿي درويش ته ڪٿي ”کپرو کاٽيڙو“ سڏيو ويو آهي. ڄاڻايو ويو آهي ته هن پنهنجي ڪرامتي هٿيار ’کني‘ سان راڄا مجيراءِ جي ڪوٽ کي ست کاٽ هنيا هئا؛ ۽ ٻُڌل ڳالهه جي بناء تي راجا جي ڌيءَ سان کپري جي عشق جو بيان ڪيو يو آهي. کپري چور جي قبر برابر ڏسيل جاءِ تي چوڻ ۾ اچي ٿي. هندو ان کي ڪالي ماتا جي قبر چوندا آهن. قبر ته برابر آهي، - کپري جي آهي يا ڪالي ماتا جي، يا اندر ڪجهه به ناهي، سا خبر الله کي! هينري ڪزنس پنهنجيءَ مشهور تصنيف ”ائنٽي ڪوئيٽيز آف سنڌ“ جي صفحي 107 تي مُجيراء جي ڪوٽ جي باري ۾ هيئن ٿو لکي ته ”هن ٽڪريءَ جي کوٽائي اڳيئي مسٽر ڪول ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي 1852ع ۾ ڪرائي هئي، ۽ انهيءَ کوٽائيءَ جي آڌار تي سنڌ جي ڪمشنر، 1983ع ۾، رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واري برانچ کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته بُتَ ۾ زيورات واريون شيون اهڙيون آهن، جهڙيون عام طرح ٻُڌ جي مندرن ۽ غارن مان ملن ٿيون. ٻُڌ جو هڪ پتلو به مليو آهي، جنهن جي سسِي مسلمانن ڀڃي ڇڏي آهي- غالباً انهن ئي سڄي عمارت ڊاٺي ٿي ڏسجي. انهيءَ زيورات تي مهرون لڳل ڏسڻ ۾ ٿيون اچن. اهي زيور گهڻن ئي قسمن جا آهن. انهيءَ ٽَڪريءَ کي هن وقت ”ڪافر ڪوٽ“ چيو وڃي ٿو. کوٽائيءَ ۾ مسٽر ڪول کي 85 چورس فوٽن جون ڪوٺيون ڏسڻ ۾ آيون، ۽ انهن ڪوٺين جون سرون کوهه جي سرن جهڙيون هيون.“

کوٽائي وارن زيورن تي ماڻهن جا بت اُڪريل هئا. مسٽر ڪول، ڪوٽ جي اندر هڪ جاءِ کي اونهون کوٽايو هو؛ ۽ مسٽر ڪزنس وري انهيءَ ساڳيءَ جاءِ کي اڃا به وڌيڪ اونهون کوٽايو ته کيس ڪا خاص شي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مسٽر ڪزنس کي کوٽائيءَ ۾ 2/1-18x12/10x2/1-2 انچن جون سرون ڏسڻ ۾ آيون.

جيڪڏهن قابل مصنف اڃا وڌيڪ ڪوشش ڪري ها، ته کيس جهرڪن جي شهر توڙي پسگردائيءَ بابت وڌيڪ معتبر احوال هٿ اچي سگهن ها.

- نور محمد پليجو                     [مهراڻ: 1-2 1957ع]


*  * ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي ۾ ڪي شيون غلطيءَ کان ’آزاد نظم‘ جي عنوان هيٺ شايع ٿي ويون هيون– ”مهراڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ وقت ادارو ان ڳالهه ڏانهن توجهه نه ڏيئي سگهيو؛ ان ڪري هاڻ انهيءَ غلطيءَ جو هن ذريعي اعتراف ڪري ٿو، ته جيئن ”آزاد نظم“ جي عنوان متعلق هن خط جي روشنيءَ ۾ ڪا غلط فهمي باقي نه رهندي– ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org