سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :9

230 .   زبان مان  زخم به مرهم به

زخم[1] پهچي زبان مان ٿو اگرچه ،

مرهم ان جو وري به آهي زبان[2]؛

جي ڏندن سان ڪري ڪتو ٿو ڦٽ،

ته ڇٽائي زبان سان آسان.

 

231 .   اکر ۽ معنيٰ

اک نه حرفن تي منحصر معنيٰ ،

ڀُل نه ٻاهر تي، ڪر اندر تي نظر؛

آهي شرع ۽ بشر ٻنهي ۾ خير[3]،

گرچه منڍ ۽ پڇاڙي تن جي شر[4]؛

بايزيد[5] آهي نيڪ ٻانهن مان،

گرچه آهي يزيد[6] بد اختر !

ٿيو بدخشان جي شروع ۾ بد،

نيڪ ان جو نتيجو ٿيو گوهر[7]؛

تب[8] ٿيو تبريز جي مهڙ جو حرف،

تندرستيءَ جو آهي پر سو گهر[9]؛

گور[10] آهي خراب، خر ٿيو حرام،

گورخر[11] آهي ٿيو حلال مگر.

 

232 .   ڏک ۽ سک

نِت طرَبَ[12] سان مقابل آهي ڪرَبَ[13]،

گنج جا نت مُحافظ[14] آهن مار[15]؛

هڪ خوشيءَ جي پٺيان هزارين غم،

هڪڙي گل سان رهن هزارين  خار؛

آهي ڍاري جي هڪ طرف هڪ[16] ٻه ،

ٻئي طرف آهن اُن جي ڇه ۽ چار.

 

233 .   دنيا کي کاءُ پي

جي پُڄئي وس ته کاءُ پي دنيا،

ڪر نه ڳڻتي ته آهي او ءَ نا پاڪ ؛

نانگ کائي ته ماري اُن جو زهر،

نانگ کائڻ مگر آهي تر ياڪ[17].

 

234 .   خط جا قسم

ٻڌ سڀئي خّط يا لکڻ جا طرز،

ثُلت ۽ نسخ آهي خّط غبار؛

پوءَ ريحان رقاعي نستعليق،

طغرا پيچي شڪسته ۽ گلزار.

 

235 .   حالت تي نظر رک

جيڪو ڪهتر[18] چڙهي ٿئي مهتر[19]،

تنهن کي اڳ وانگي تون نه ڪهتر ڄاڻ؛

جو سلو ٿو وڌي درخت ٿئي،

سو سلو ڪين، پر صنوبر[20] ڄاڻ.

236 .   ماڻهو ماڻهوءَ ۾ فرق

ماڻهو ماڻهوءَ ۾ فرق آهي گهڻو،

گرچه آدم ٿيا سڀئي منجهه ذات ؛

خاص ۽ عام، اوليا ۽ ڊيڍ،

ٿا رکن فرق، جهڙو ڏينهن ۽ رات؛

ٻئي جبل ٿيا پهڻ جا جيتوڻيڪ،

فرق ڏاڍو رکن ٿا منا[21] ۽ منات[22]؛

گرچه هٿ جيون ٿيون پنجئي آڱريون؛

قدر قد تن جو ٿي نرالي[23] بات.

 

237 .   آءُ اڳي به هوس، اڳتي به هوندس

(1) چئي ٿو خاقاني آهيا آءُ نه هلال، [24]

چمڪندڙ سج جان دائما هوندس ؛

هوس سوُ سال هن کان اڳ آءُ،

پوءِ به سوُ سال اڳتي ٻيا هوندس.

(2) اِن طرح چئي ٿو مولوي رومي،

هوس سبزي جان[25]، بارها هوندس؛

نوَ سوء قالب[26] ڏٺا مون ۽ پنجاهه،

جيئن اڳي هوس، تيئن اڃا هوندس .

(3) شمس تبريزي ٿو چوي هڪ هنڌ،

ابتدا[27] هوس انتها[28] هوندس ؛

هڪ دفعو ڄائو گاهه ۽ ماڻهو،

ڄائو هِت آءٌ گهڻا دفعا هوندس.

(4) چئي ٿو پڻ زنده پيل احمد ڄام،

قطرو قلزم[29] کان آءٌ جدا هوندس؛

هوس جسمن ۾ سئو هزار ورهه ،

ورهه ٻيا ڀي اڃا گهڻا هوندس .

(5) قول منصور جو بھ آهي هيئن،

ڪيئن فنا ٿيان جو آءٌ بقا هوندس؛

بحر وحدت جو آءٌ ڦڙو آهيان ،

اڳ بجا هوس پوءِ بجا هوندس .

(6) ۽ سنائي حڪيم پڻ چئي ٿو ،

سڀ کان اڳ هئس، چوء  تھ ڇا هوندس ؛

آءٌ ازل کان اڳي هئس جيئرو ،

تا آبد[30] ڇو نھ آءٌ بپا[31] هوندس .

(7) چيو حضرت[32] محمّدي آءٌ نور،

اصال کان هوس ۽ سدا هوندس؛

حاضر آدم کان اڳ هئس حق ۾،

واصل آخر بھ باخدا هوندس .

 

238 .محشر جو دفتر

کلندو دفتر جڏهن ڪ محشر جو،

ڪاروباريءَ[33] جي پوندي ڪَلَ مون کي ؛

ڪلڪ[34] رحمت جي هوندي هن کي هٿ،

فرد ڏوهن جو منجهه بغل مون کي .

 

239 .ماڻهوءَ کي ڇا ٿو شڪار ڪري

جانور کي وجهي ٿو بند ۾ دام،

وجهي ماڻهوءَ کي دام[35] ۾ پڻ دام[36]؛

ڪري هن کي شڪار ٿي ڦاهي،

ڪري هن کي شڪار ٿو اڪرام[37].

 

240 . مخلوقات ۾ فرق

نھ بدڪ ٿئي ڪڏهن درياءَ ۾ غرق،

نھ سمندر[38] کي ساڙي باهه ۽ برق[39]؛

جن انسان ٻئي آهن مخلوق ،

آهي دوزخ بهشت جو پر فرق ؛

ڪافر ۽ اوليا ٿيا ٻئي ماڻهو ،

پر تفاوت منجهن ٿيو غرب[40] ۽ شرق[41].

 

241 .نرم طبعي ۽ خوش خلقي

ٻُڌو طاهر[42] وحيد جو گفتو،

آهي همت ۽ عقل جو نُڪتو ؛

آهي وڻندڙ جهان ۾ جيڪي ،

نرم طبعي آهي ۽ خوش خلقي ؛

نيڪ خوئي ڀلائي آهي عجب ،

طبع نرم آهي نت خوشيءَ جو سبب؛

نرمي ۽ سختي ٻئي ڪريون ثابت،

ڏيئي سهڻا مثال تن جا هت؛

ماني سخت آهي، چٻجي چٿجي ٿي ،

نرم پاڻي وڃي نڙيءَ مان وهي ؛

وڍجي گهڙجي قلم ٿو چاقوءَ سان،

مو قلم[43] نرم ٿيو، ڇٽو تنهن کان؛

ميڻ نرم آهي ۽ پوي پگهري ،

سڀڪا صورت تڏهن سگهي ٿي وٺي ؛

 ڳائجي[44] ٿي هوا بھ نرمي لاءِ ،

ٿي انهيءَ جي تڏهن اکين ۾ جاءِ ؛

جيسين موتي ڦڙو هو پاڻيءَ جو ،

تيسين نرميءَ کان او امان ۾ هو ؛

ٿيو جڏهن سخت، نڪتو، جڏهن سِپ مان،

تڏهن سوراخ ڪيائون ان جي وچان ؛

شيشو کوري ۾ جيستئين هو نرم،

پهڻ سان ان جي هئي محبت گرم ؛

سخت آخر جڏهن ٿئي ٿو وڃي ،

ٿو سگهي پهڻ لوهه اُن کي ڀڄي ؛

ڦوڪ سان اڳ خوشيءَ کان ڦوليو[45] ٿي،

پوءِ ڦوڪي سان ٿئي غبار[46] ان کي ؛

پشم نرم ۽ سنهي ٿئي ٿي رسو،

اڻ سگهو اڳ، ٿئي ٿو پوءِ سگهو؛

مون زمانو ڏٺو آهي ٽُلڪي،

نيڪي سڀ کان اتم ٿي خوش خُلقي ؛

نھ فلڪ ٿو ڪري ڪنهين سان جنگ،

خُلق سڀ تي ڪري ٿو دنيا تنگ .

 

242 . شراب جي عينڪ

واهه ڪهڙي شراب جي عينڪ،

جڳ ۾ بڇڙو به ٿي ڏيکاري چڱو؛

آهي بيشڪ عجيب او مخلوق،

ڪڏهن آهي سوار[47] ڪڏهن گهوڙو.

 

243 . عشق جو اوج

يارو بدنامي آهي منهنجو نام،

ننگ ناموس سڀ کي منهنجو سلام[48]؛

آءُ ٿو ميخاني ۾ نماز پڙهان،

ناهي سجدو جنهين ۾ ۽ نه قيام[49]؛

برق[50] وحدت جي آهي منهنجي بُراق[51]؛

۽ خدائيءَ جو تنهن کي ڏيان آءُ لغام؛

سَير منهنجو مَلَڪ فَلَڪ ۾ آهه،

عرش ڪرسي تي آهي منهنجو مقام؛

حال ۾ بو علي قلندر[52] جيئن،

ڪڏهن خواجه[53] آهيان ۽ ڪڏهن غلام.

 

244 .  عشق ۽ عقل

عشق کي هيڪلائي آهي پسند،

عقل اصلي د ُ و ئيءَ ۾ آهي بند ؛

عشق حد کان ڪري هميشه گذر،

عقل نڪري نه چانٺ کان ٻاهر؛

عشق ديوانو جڏهن اچي اندر ،

عقل فرزانو[54] تڏهن ڀڄي ٻاهر؛

عشق اٽڪائي[55] جيڪو مرد ٿئي،

عقل ويڙهائي[56] جيڪو، سرد[57] ٿئي؛

عشق سڄ جان جهان ۾ چمڪي،

عقل گهر ۾ ٿو شمع جان ٽمڪي؛

عشق کان هوش ۽ حواس ٿئي محو[58]،

عقل سيکاري علم منطق نحو؛

عشق سيني کي ٿو ڪري نت چاڪ،

عقل پرهيز ۾ رهي ٿو پاڪ.

 

         245 .ٻارن لاءِ سي حرفي

الف اوّل ڪلام بسم الله ،

بي بلند احترام[59] بسم الله ؛

تي سان تعظيم مان پڙهڻ هردم،

ثي ثواب آهي عام بسم الله ؛

جيم جنّت ۾ جاءِ ڏئي ان کي ،

جي حمايت تمام بسم الله ؛

خي خدا خير سان ڪري اَن تي ،

دال دوزخ حرام بسم الله ؛

ذال جو ذڪر ذوق ساڻ ڪريو ،

ري رهي اُن جو نام بسم الله ؛

زي ملي زاهدن کي عقبيٰ[60] ۾،

سين سهڻو انعام بسم الله ؛

شين شاڪر ٿي شوق ساڻ پڙهو ،

صاد ائين صبح و شام بسم الله ؛

ضاد ضايع ڪريو نھ پنهنجي عمر ،

طئي ڇڏيو طمع خام بسم الله ؛

ظئي ظفر ياب[61] شل ڪري اُن کي،

عين عالي مقام بسم الله ؛

غين غيرت ڏئيو َ دنيا۾،

في فضل منجهه قيام[62] بسم الله ؛

قاف قادر پياري حشر ۾ شل،

ڪاف ڪوثر جو جام بسم الله ؛

لام لاحول[63] ڪن ، پڙهي ڪلمو ،

ميم مومن مدام بسم الله ؛

نون نيڪن جان  نفس ناقص سان،

واو وڙهجو وريام[64] بسم الله ؛

هي سان هردم پڙهو صلوات اوهين ،

يي سان يارو سلام بسم الله .

 

246 .  منهنجو خدا مون سان آهي

1.      جنهن جو عالم ۾ هر جڳهه اُهڃاڻ،

 

تنهن جو آهي اصل وجود وٿاڻ[65]؛

جت سُجهي ڪو نه منهنجو ڄاڻ سڃاڻ،
اُت پرين مون کي ٿو پسائي پاڻ؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


2.      آهي منهنجي سدا خدا تي نظر،
رات هوئي، ڏينهن هوئي ڪ شام سحر،
نه انڌاري نه سوجهري ۾ خطر،
ڪونهي ڪنهن پر ڏکن کان مون کي ڏر[66]،
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


3.      هجي چانڊوڪي يا اُنداهي رات،
واءُ گهوگهٽ ڪري، پوي برسات؛
هوئي نه نزديڪ گرچه آدم ذات،
مونجهه ۾ منهجي دل ٿئي نا مات؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


4.      جڏهن بادل[67] گجي ۽ وڄ ڪڙڪي،
ساهه سڀ جو سُڪي، بدن ڀڙڪي،
آدمي ٿڙڪي، جانور ڦڙڪي،
پر نه سيني ۾ منهنجي دل ڌڙڪي[68]،
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


5.      رات جو جڏهن سمهي سڄو سنسار،
پري پهري تڏهن ٿو چور چڪار؛
۽ گهٽين ۾ گهمي ٿو چوڪيدار،
خوف ڪو ڪونه مون کي ٿئي زنهار[69]؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


6.      هر طرف ڪن گدڙ بگهڙ دانهون،
نانگ ڦوڪا ڏئي وٺن راهون؛
ڀوء کان ماڻهن جون سڀ وڃن واهون،
آءُ خوشيءَ کان هڻان ٻئي ٻانهون[70]؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


7.      جڏهن ڪري آسمان مان تارو،
يا پڇڙ تاري جو اچي وارو،
فڪر ۾ پئي تڏهن ٿو جڳ سارو،
پر نه مون کي ٿئي ڪو مونجهارو؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


8.      چنڊ گرهڻ کان ڪنِ کي ٿئي وسواس،
سج گرهه کان به ٿئي گهڻن کي اُداس؛
غم وهم ۽ ڳري تنهين[71] جو ماس،
مون کي هرگز ٿئي نه دل ۾ هراس[72]،
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.


9.      هوئي بيابان ۾ گذر منهنجو،
يا سمونڊي هجي سفر منهنجو؛
ٿئي پري مون کان گرچه گهر منهنجو،
نه ڏڪي خوف کان جگر منهنجو؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ،
 

10.    هوئي مسڻ راهه ۾ يا قبرستان،
يا ڦٽل ڪوٽ يا شهر ويران؛
اچي چرڪو[73] چٻن جو جت هر آن[74]،
ات نه منهنجو هنيون ٿئي حيران؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.
 

11.     ٿين ٻوڏيون جڏهن چڙهي دريا،
سڀ ڀڄن ٿا ٻڌي ڪُنن[75] ڪڙڪا؛
پار ٻيڙي لنگهي جتي نا ڪا،
ات منکي ناهي ڊپ نڪا پروا؛
ڇو ته منهنجو خدا آهي مون ساڻ.
 

247 .  ڏسڻ جو چڱو وقت

مست کي منجهه خمار گهرجي ڏسڻ،

گل کي پڻ منجهه بهار گهرجي ڏسڻ؛

مون کي ڏس شعر ۾، ڏسڻ جي گهرين ،

بادشهه کي سوار گهرجي ڏسڻ.

 

248 .  پڇا ڪرڻ جي نامناسب جاءِ

سڌ هنر جي تون بي هنر کان نه پڇ،

حال عيسيٰ سندو تون خر کان نه پڇ؛

ڪيئن پڇين عقل کان تون عشق جي ڳالهه،

تون خبر يار[76] بي خبر کان نه پڇ.

 

249 .  آخر فنا

 سوء ورهه ڪو جِئي ته ڇا حاصل،

پوري هڪ ڏينهن زندگاني[77] آهه ؛

ملڪ الموت لاءِ هڪجهڙي،

پيري ۽ طفلي[78] ۽ جواني آهه ؛

نه رهيو آهي هت نه رهندو ڪو ،

سچ هي دنيا سرائي فاني آهه.

 

 

250 .  حياتي بي بقا

هي جهان آهه هَن جهان کان ڌار،

وچ ۾ ٿي هڪ پساهه جي ديوار؛

عمر جو جڏهّن پساهه ٿيو بنياد،

تڏهّن حياتي ٿي ڄڻ سڄي برباد[1].

 

251 .  عشق جو مذهب

واهه عجيب آهي عشق جو مذهب،

نوع[2] سڀ ڪم جو اُت نيارو آهه ؛

مولوي ٿا سڏين جنهن کي بهشت،

عشق جي باغ جو سو ٻارو آهه؛

ٿا چون جو درخت طُوبيٰ جو ،

عشق جي در جو سو ٻهارو آهه ،

۽ چون ٿا جنهن کي ٿا مُلا دوزخ،

عشق جي باهه جو بخارو  آهه ؛

ڪفر اسلام ، دين ۽ دنيا،

ڪو نه اهڙو منجهس اهڙو خسارو[3] آهه .

 

251 .  اتفاق ۽ نفاق

اتفاق آهي جيسين لاهيو[4] گمان،

ته ڪڏهن رسندو ڪو اوهان کي زبان ؛

ڳالهه منهنجيءَ جو امتحان وٺو،

جي انهيءَ ۾ اوهان کي هوئي شڪ ڪو؛

ٻڌو ڪاٺين جي مٺ گڏو ناهي،

ڪنهن کي ان جي ڀڃڻ جي سگهه ناهي؛

پر جي کولي ڪندوُء سا هڪ هڪ ڌار،

سڀ ڀڄي پونديون شيشي جان هڪ وار.

 

252 .  ڇا ڪريو ڇا نه ڪريو

نه چئو جي ڏنگو هلي ڪوئي،

نه ٻڌو جي بُرُو چوي ڪوئي،

جي ڀلي ڪوئي، تنهن کي ڏيو ائين  ڏس،

بخشو آئين جي خطا ڪري ڪوئي.


 

 

(18) بحر سريع (مطوي مسدس )

مفتعلن مفتعلن فاعلن

 

253 .  سچائي

جنهن کي سچائيءَ سان سروڪار[5] ٿئي؛

تنهنجو خدا پاڻ مددگار ٿئي؛

آهي سچائيءَ جي ڪمائي عجب،

رک تون سچائي ته ڏيئي سوڀ رب.

 

254 .  خلق

جنهن ۾ هجي خُلق چڱو ڏنهن[6] سڀن،

آدمي سو آهي منجهان آدمين؛

مرد م گل وانگي هجي خُوءِ خوش،

روءِ چڱيءَ ساڻ هجي پوءِ خوش.


 

 

(19) بحر مسرخ (مطوي )

مفعلن فاعلن مفتعلن فاعلن

 

255 .  سڄو ۽ اڌ مڙس زا ل

مڙس سڄو آهي سو، جو نه چوي پر ڪري[7]،

جيڪو چوي ۽ ڪري، آهي اُ هو  مڙس اڌ ؛

جو نه ڪري[8] پر چوي[9]، مرد نه ٿيو زال ٿي ،

جو نه چوي ناڪري، زال ٿي اڌ، تنهن[10] کي ٻڌ[11].


[1]   لفظي معنيٰ هوا تي- اصطلاحي معنيٰ ضايع

[2]   رستو، طرز

[3]   کٽراڳ

[4]   اهڙو شڪ نه ڪجو

[5]   واهپو

[6]   سڀني ڏانهن

[7]   منهن

[8]   ڪري ڏيکاري

[9]   پاڻ نه ڪري

[10]   رڳو وات سان چوي ٻين کي

[11]   ٻڌڻ جي لائق

[1]   گهٽ وڌ ڳالهائڻ وغيره سان

[2]    دڙ دلاسي ڏيڻ سان

[3]   ٻئي چڱيون شيون آهن

[4]   معنيٰ خراب

[5]   مشهور اولياءُ

[6]   ڪافر

[7]   بدخشان ۾ لعل ۽ ٻيا جواهر پيدا ٿيندا آهن

[8]   يعني تپ

[9]   تبريز جي آب هوا مشهور آهي

[10]   قبر

[11]   مشهور جانور جهنگلي گڏه

[12]   خوشي

[13]   ڏک

[14]   نگهبان

[15]   نانگ

[16]   نشان

[17]   زهر جو علاج

[18]   خسيس ماڻهو

[19]   وڏي درجي وارو- معتبر

[20]   وڏو درخت

[21]   جبل مڪي جي ويجهو

[22]   پهڻ جا بُت - سومنات

[23]   علحدي

[24]   نئون چنڊ

[25]   هن کان پوءِ گهڻا ڀيرا

[26]   جسم

[27]   خلقت کان اڳي

[28]   دنيا جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به

[29]   بحر- يعني خدا

[30]   هميشه

[31]   قائم

[32]   حضرت جن صلعم

[33]   لکندڙ ملائڪ خدا جي ڪم ڪار جي انصاف جي

[34]   قلم

[35]   ڦاسي

[36]   پيسو

[37]   احسان - مهرباني

[38]   باهه ۾ رهندڙ جانور

[39]   وڄ

[40]   الهندو

[41]   اڀرندو

[42]   مشهور شاعر

[43]   وارن جو قلم جو نقاش ڪم آڻيندا آهن

[44]   مشهور آهي.

[45]   شيشي جون شيون ڦُڪڻ سان ٺاهيندا آهن

[46]   شيشي يا آرسي جي مٿان لڙاٽ اچي ويندو آهي

[47]  جڏهن زياده ٿو ڪري ۽ هوش عقل تي غالب آهي.

[48]  بس ترڪ ڪرڻ

[49]  اهڙي قسم جي نماز جنهن ۾ نه سجدو آهي نه بيهڻ

[50]  وڄ

[51]  جنهن تي حضرت جن چڙهي آسمان تي معراج ڪيو

[52]  مشهور اولياءُ جنهن جو مٿيون ڪلام آهي

[53]   ڌڻي - رئيس

[54]   ڏاهو

[55]   لڳائي

[56]   ڪم آڻي

[57]   ساڻو - نڪمو

[58]   گم

[59]   عزت

[60]   آخرت

[61]   فتحياب

[62]   قيامت

[63]   شيطان کي دفع ڪرڻ جو قول

[64]   بهادر

[65]   منزل-مڪان

[66]   ڊپ

[67]   ڪڪر

[68]   ڌڪ ڌڪ ڪري

[69]   هرگز

[70]   ڪڇون ٺوڪڻ

[71]   تني جو

[72]   خوف

[73]   ٻولي - آواز

[74]   هر گهڙي

[75]   ڪُنن جا

[76]   اي يار

[77]   حياتي

[78]   ٻاراڻي وهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org